The New Testament of our Lord and Saviour Jesus Christ

متي 1

عيسيٰ مسيح جو شجرو

1ھي عيسيٰ مسيح جو شجرو آھي، جيڪو دائود ۽ ابراھيم جو اولاد آھي. 2ابراھيم مان اسحاق پيدا ٿيو، اسحاق مان يعقوب پيدا ٿيو ۽ يعقوب مان يھوداہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا. 3يھوداہ کي سندس زال تمر مان فارص ۽ زرح پيدا ٿيا، فارص مان حصرون پيدا ٿيو ۽ حصرون مان راما پيدا ٿيو. 4راما مان عميناداب پيدا ٿيو، عميناداب مان نحشون پيدا ٿيو ۽ نحشون مان سلمون پيدا ٿيو. 5سلمون کي سندس زال راحب مان بوعز پيدا ٿيو، بوعز کي سندس زال رُوت مان عوبيد پيدا ٿيو ۽ عوبيد مان يشي پيدا ٿيو. 6يشيءَ مان دائود بادشاھہ پيدا ٿيو. دائود کي سليمان انھيءَ زال مان پيدا ٿيو جيڪا پھريائين اورياہ جي زال ھئي. 7سليمان مان رحبعام پيدا ٿيو، رحبعام مان ابياہ پيدا ٿيو ۽ ابياہ مان آسا پيدا ٿيو. 8آسا مان يھوشافاط پيدا ٿيو، يھوشافاط مان يورام پيدا ٿيو ۽ يورام مان عُزياہ پيدا ٿيو. 9عُزياہ مان يوتام پيدا ٿيو، يوتام مان آحز پيدا ٿيو ۽ آحز مان حزقياہ پيدا ٿيو. 10حزقياہ مان منسي پيدا ٿيو، منسي مان آمون پيدا ٿيو ۽ آمون مان يوشياہ پيدا ٿيو. 11 جن ڏينھن ۾ بني اسرائيل جا ماڻھو گرفتار ٿي بابل ڏانھن ويا ھئا، تن ڏينھن ۾ يوشياہ مان يڪنياہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا. 12انھن ماڻھن جي بابل ڏانھن گرفتار ٿي وڃڻ کان پوءِ يڪنياہ مان شئلتي⁠ايل پيدا ٿيو ۽ شئلتي⁠ايل مان زربابل پيدا ٿيو. 13زربابل مان ابيئود پيدا ٿيو، ابيئود مان الياقيم پيدا ٿيو ۽ الياقيم مان عازور پيدا ٿيو. 14عازور مان صدوق پيدا ٿيو، صدوق مان اخيم پيدا ٿيو ۽ اخيم مان اليئود پيدا ٿيو. 15اليئود مان اليعزر پيدا ٿيو، اليعزر مان متان پيدا ٿيو ۽ متان مان يعقوب پيدا ٿيو. 16يعقوب مان يوسف پيدا ٿيو جيڪو مريم جو مڙس ھو ۽ انھيءَ مريم جي پيٽان عيسيٰ پيدا ٿيو جيڪو مسيح سڏيو وڃي ٿو. 17اھڙيءَ طرح ابراھيم کان وٺي دائود تائين ڪل چوڏھن پيڙھيون ٿيون، دائود کان وٺي بابل ڏانھن گرفتار ٿي وڃڻ تائين بہ چوڏھن پيڙھيون ٿيون ۽ بابل ڏانھن گرفتار ٿي وڃڻ کان وٺي مسيح تائين وري بہ چوڏھن پيڙھيون ٿيون.

عيسيٰ مسيح جو ڄمڻ

18 عيسيٰ مسيح جي پيدائش ھن ريت ٿي جو جڏھن سندس ماءُ مريم جو مڱڻو يوسف سان ٿيل ھو پر اڃا سندن شادي ڪانہ ٿي ھئي تہ مريم کي معلوم ٿيو تہ کيس پاڪ روح جي قدرت سان پيٽ ٿيو آھي. 19ھن جو مڱيندو ھڪ نيڪ ماڻھو ھو، تنھنڪري ھن خيال ڪيو تہ ”ڇو نہ مريم کي چپ چاپ ۾ ڇڏي ڏيان ۽ خلق ۾ خوار نہ ڪريانس.“ 20پر جڏھن ھو انھن ڳالھين بابت ڳڻتيون ڪري رھيو ھو تہ ھن کي خواب ۾ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو جنھن چيس تہ ”اي دائود جا اولاد يوسف! تون پنھنجي مڱينديءَ مريم سان شادي ڪرڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح جي قدرت سان کيس پيٽ ٿيو آھي. 21 ھن کي پٽ ڄمندو ۽ ان جو نالو عيسيٰ رکجانءِ، ڇالاءِ⁠جو ھو پنھنجيءَ قوم کي سندن گناھن کان ڇوٽڪارو ڏيندو.“ 22اھڙيءَ طرح اھي سڀ ڳالھيون جيڪي خداوند پنھنجي نبيءَ جي معرفت فرمايون ھيون سي پوريون ٿيون تہ 23 ”ڏسو، ھڪڙي ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، ۽ کيس پٽ ڄمندو جنھن کي عمانوايل سڏيندا،“ جنھن جي معنيٰ آھي ”خدا اسان سان.“ 24سو جڏھن يوسف ننڊ مان جاڳي اٿيو، تڏھن جيئن خداوند جي ملائڪ چيو ھوس تيئن ئي ڪيائين ۽ مريم سان ئي شادي ڪيائين. 25 پر جيستائين مريم پٽ نہ ڄڻيو تيستائين يوسف کيس ھٿ بہ نہ لاتو ۽ ٻار جو نالو عيسيٰ رکيائين.

متي 2

اوڀر جا نجومي

1يھوديہ جي بادشاھہ ھيروديس جي ڏينھن ۾ عيسيٰ يھوديہ جي بيت⁠لحم شھر ۾ پيدا ٿيو. ان کان پوءِ ستت ئي ڪي نجومي اڀرندي کان يروشلم ۾ آيا، 2۽ اچي پڇيائون تہ ”اھو ٻار ڪٿي آھي جيڪو يھودين جو بادشاھہ ٿيڻ لاءِ ڄائو آھي؟ اسان ھن جو تارو اوڀر ۾ ڏٺو آھي ۽ اسين ھن کي سجدو ڪرڻ لاءِ آيا آھيون.“ 3ھيروديس بادشاھہ جڏھن ھي ٻڌو تہ ھو ۽ يروشلم جا سڀيئي ماڻھو ڏاڍا پريشان ٿيا. 4ھن سڀني سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن کي گھرايو ۽ کانئن پڇيو تہ ”مسيح ڪٿي پيدا ٿيندو؟“ 5انھن وراڻيو تہ ”يھوديہ جي بيت⁠لحم ۾، ڇالاءِ⁠جو نبيءَ جي معرفت ھيئن لکيو ويو آھي تہ 6 ’اي بيت⁠لحم! يھوديہ جي ملڪ ۾، تون ڪنھن بہ طرح يھوديہ جي شھزادن مان، ڪنھن کان بہ ننڍو نہ آھين. ڇالاءِ⁠جو تو منجھان ھڪ حاڪم نڪرندو، جو منھنجي قوم بني اسرائيل جي رھبري ڪندو.‘“ 7تنھن تي ھيروديس انھن نجومين کي اڪيلائيءَ ۾ گھرائي پڇيو تہ ”تارو ٺيڪ ڪھڙي وقت نظر آيو ھو؟“ 8پوءِ ھن انھن کي ھي حڪم ڏيئي بيت⁠لحم ڏانھن موڪليو تہ ”وڃي چڱيءَ طرح سان ٻار جي ڳولا ڪريو ۽ جڏھن اوھين انھيءَ کي لھو تہ اچي مون کي ٻڌائجو تہ جيئن آءٌ بہ اچي کيس سجدو ڪريان.“ 9‏-10بادشاھہ جي حڪم موجب اھي روانا ٿيا ۽ رستي ۾ جڏھن اھو تارو ڏٺائون جيڪو اوڀر ۾ ڏٺو ھئائون، تڏھن اھي خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نہ پيا ماپن. اھو تارو سندن اڳيان ھلندو رھيو، تان جو اچي ان جاءِ جي مٿان بيٺو جتي ٻارڙو ھو. 11ھو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻارڙي کي سندس ماءُ مريم سميت ڏٺائون ۽ ان کي گوڏا کوڙي سجدو ڪيائون. پوءِ انھن پنھنجون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ ھيون. 12خدا انھن کي خواب ۾ چتاءُ ڏنو تہ ”متان وري ھيروديس وٽ ويا آھيو.“ تنھنڪري اُھي ٻيو رستو وٺي پنھنجي ملڪ ڏانھن موٽي ويا.

مصر ۾ وڃي رھڻ

13جڏھن اُھي ھليا ويا تہ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ يوسف کي خواب ۾ نظر آيو، جنھن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي مصر ڏانھن ڀڄي وڃ ۽ جيستائين آءٌ نہ چوانءِ تيستائين اُتي ئي رھجانءِ، ڇوتہ ھيروديس ٻار جي ڳولا ڪري کيس مارائڻ گھري ٿو.“ 14تنھن تي ھو اُٿيو، ٻار ۽ سندس ماءُ کي ساڻ ڪري راتورات مصر ڏانھن ھليو ويو. 15 ھيروديس جي مرڻ تائين ھو اُتي ئي رھيا، انھيءَ لاءِ تہ خداوند نبيءَ جي معرفت جيڪي چوايو ھو سو پورو ٿئي تہ ”مون پنھنجي فرزند کي مصر مان گھرايو آھي.“

ٻارن ۾ ڪوس

16جڏھن ھيروديس ڏٺو تہ نجومين ساڻس ٺڳي ڪئي آھي، تڏھن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. ھن حڪم ڏنو تہ ”بيت⁠لحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ جيڪي⁠بہ ٻن سالن کان ننڍا يا ٻن سالن جا ٻار ھجن تن سڀني کي ماري ڇڏيو،“ ڇوتہ ھن کي اھو وقت ياد ھو جڏھن نجومين کيس تاري جي ظاھر ٿيڻ بابت ٻڌايو ھو. 17اھڙيءَ طرح جيڪو يرمياہ نبيءَ چيو ھو سو سچو ثابت ٿيو تہ 18 ”راما ۾ ھڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ڏاڍي روئڻ ۽ پٽڻ جو آواز. راخل پنھنجن ٻارن لاءِ روئي ٿي، اھا روئي ٿي ۽ کيس آرام نہ ٿو اچي، ڇاڪاڻ⁠تہ اُھي سڀ مري ويا آھن.“

مصر مان واپسي

19ھيروديس جي مرڻ کان پوءِ مصر ۾ يوسف کي خواب ۾ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو، 20جنھن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي موٽي اسرائيل جي ملڪ وڃ، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪي ٻار کي مارائڻ جي ڪوشش ڪن پيا سي مري ويا آھن.“ 21تنھن تي يوسف اٿيو، ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي موٽي اسرائيل جي ملڪ ۾ آيو. 22جڏھن ھن کي خبر پيئي تہ ارڪيلائوس پنھنجي پيءُ ھيروديس جي گاديءَ تي يھوديہ جو بادشاھہ ٿيو آھي تہ ھو اوڏانھن وڃڻ کان ڊڄڻ لڳو. پر ھن کي خواب ۾ وڌيڪ ھدايتون مليون ۽ ھو گليل جي علائقي ۾ آيو، 23 ۽ اتي ناصرت شھر ۾ رھيو. اھو ان ڪري ٿيو تہ نبين جيڪي چيو ھو سو پورو ٿئي تہ ”ھو ناصري سڏيو ويندو.“

متي 3

يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي تبليغ

1انھن ڏينھن ۾ يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو يھوديہ جي رڻ⁠پٽ ۾ تبليغ ڪندو پئي آيو تہ 2 ”توبھہ ڪريو جو آسمان واري بادشاھت ويجھي آئي آھي.“ 3 يحيٰ اھو ئي ھو جنھن لاءِ يسعياہ نبي چيو ھو تہ ”رڻ⁠پٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ ’خداوند لاءِ رستو تيار ڪريو، ھن لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.‘“ 4 يحيٰ کي ملس جا ڪپڙا پھريل ھوندا ھئا، کيس چيلھہ ۾ چمڙي جو پٽو ٻڌل ھوندو ھو ۽ سندس خوراڪ ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي ھئي. 5ماڻھو ھن وٽ يروشلم کان، سڄي يھوديہ کان ۽ اردن درياءَ جي چوطرف وارن علائقن کان پئي آيا. 6انھن پنھنجا گناھہ پئي باسيا ۽ ھن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني. 7 يحيٰ جڏھن ڏٺو تہ ڪيئي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رھيا آھن، تڏھن انھن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوھان کي ڪنھن ٻڌايو آھي تہ اوھين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟ 8اھڙا ڪم ڪريو جن مان خبر پوي تہ اوھان سچ⁠پچ پنھنجن گناھن تي پڇتايو آھي. 9 ائين نہ سمجھو تہ اوھين ابراھيم جو اولاد آھيو. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا ھنن پٿرن مان بہ ابراھيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو. 10 ھاڻي تہ وڻن جي پاڙن تي ڪھاڙو تيار رکيو ويو آھي ۽ جيڪو وڻ سٺو ميوو نہ ڏيندو تہ ان کي وڍي باھہ ۾ اڇلائبو. 11آءٌ اوھان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوھان گناھن کان توبھہ ڪئي آھي، پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو اھو اوھان کي پاڪ روح ۽ باھہ سان بپتسما ڏيندو. ھو مون کان وڌيڪ قدرت وارو آھي، آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آھيان. 12ھن جي ھٿ ۾ پنھنجو ڇڄ آھي ۽ ھو پنھنجي ڳاھہ جي پِڙ کي چڱيءَ طرح صاف ڪندو. ھو پنھنجي ڪڻڪ پنھنجن ڀانڊن ۾ انبار ڪندو پر بُھہ کي اھڙي باھہ ۾ ساڙيندو جيڪا ڪڏھن بہ نہ ٿي وسامي.“

عيسيٰ جي بپتسما

13پوءِ عيسيٰ گليل کان اردن درياءَ تي يحيٰ وٽ آيو تہ کانئس بپتسما وٺي. 14پر يحيٰ کيس منع ڪرڻ لڳو ۽ چيائينس تہ ”مون کي تہ پاڻ تو کان بپتسما وٺڻ گھرجي ۽ تون وري مون وٽ آيو آھين؟“ 15تنھن تي عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”في⁠الحال تہ منھنجي مڃ، ڇالاءِ⁠جو اھڙيءَ طرح اسين خدا جا سڀ فرض پورا ڪنداسين.“ پوءِ يحيٰ کيس بپتسما ڏيڻ قبول ڪئي. 16سو عيسيٰ جيئن ئي بپتسما وٺي پاڻيءَ مان ٻاھر آيو تہ ھن لاءِ آسمان کُلي پيو ۽ خدا جو روح ھڪ ڪبوتر وانگر ھيٺ لھندو ۽ پاڻ تي ويھندو ڏٺائين. 17 پوءِ آسمان مان ھڪ آواز آيو تہ ”ھي منھنجو پيارو فرزند آھي ۽ آءٌ ھن مان ڏاڍو خوش آھيان.“

متي 4

عيسيٰ جي آزمائش

1 پوءِ پاڪ روح عيسيٰ کي بيابان ۾ وٺي آيو تہ جيئن شيطان کيس آزمائي. 2جيئن تہ عيسيٰ چاليھہ ڏينھن ۽ چاليھہ راتيون روزي ۾ گذاريو ھو، تنھنڪري کيس ڏاڍي بک لڳي ھئي. 3سو شيطان ھن وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏھن تون خدا جو فرزند آھين تہ ھنن پٿرن کي حڪم ڪر تہ مانيون ٿي پون.“ 4 تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’ماڻھو رڳو مانيءَ تي جيئرو نہ ٿو رھي، پر ھر انھيءَ لفظ تي جيڪو خدا چوي ٿو.‘“ 5پوءِ شيطان عيسيٰ کي پاڪ شھر يروشلم ۾ وٺي ويو. ھن کي ھيڪل جي تمام مٿاھين ڪنگريءَ تي بيھاري 6 چيائينس تہ ”جيڪڏھن تون خدا جو فرزند آھين تہ ھتان پاڻ کي ھيٺ اڇلاءِ ڇاڪاڻ⁠تہ لکيل آھي تہ ’خدا پنھنجن ملائڪن کي تو لاءِ حڪم ڪندو، اھي تو کي پنھنجن ھٿن تي جھليندا، تہ جيئن تنھنجو پير بہ پٿر تي نہ لڳي.‘“ 7 تنھن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اھو بہ لکيل آھي تہ ’تون خداوند پنھنجي خدا کي نہ آزماءِ.‘“ 8وري شيطان عيسيٰ کي ھڪڙي اتانھين جبل تي وٺي ويو ۽ دنيا جون سڀيئي بادشاھتون ۽ سندن شان وَ شوڪت ڏيکاريائينس، 9۽ چيائينس تہ ”آءٌ تو کي ھي سڀ شيون ڏيندس، جيڪڏھن تون ھيٺ نِوڙي مون کي سجدو ڪندين.“ 10 تنھن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ’خداوند پنھنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انھيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“ 11پوءِ شيطان ھن کي ڇڏي ھليو ويو ۽ ملائڪ آيا ۽ اچي عيسيٰ جي خدمت ڪيائون.

عيسيٰ جو گليل ۾ پنھنجو ڪم شروع ڪرڻ

12 جڏھن عيسيٰ ٻڌو تہ يحيٰ کي جيل ۾ وڌو ويو آھي تڏھن ھو گليل ڏانھن روانو ٿي ويو. 13 ھو ناصرت ۾ نہ رھيو پر وڃي ڪفرناحوم ۾ رھيو، جيڪو گليل ڍنڍ تي زبولون ۽ نفتاليءَ جي حدن اندر آھي. 14اھو انھيءَ ڪري ٿيو تہ جيئن يسعياہ نبيءَ جو چوڻ سچو ثابت ٿئي تہ 15 ”زبولون جو علائقو ۽ نفتاليءَ جو علائقو جيڪو اردن جي پريان ڍنڍ واري پاسي، غير قومن وارو گليل آھي، 16اتي جا ماڻھو جيڪي اونداھيءَ ۾ ويٺل ھئا، تن ھڪڙي وڏي روشني ڏٺي. ھائو، اھي جيڪي موت جي اونداھي ملڪ ۾ ويٺا ھئا، تن تي روشني ظاھر ٿي.“ 17 سو انھيءَ وقت کان وٺي عيسيٰ پنھنجي پيغام جي تبليغ ڪرڻ لڳو تہ ”پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪريو، ڇاڪاڻ⁠تہ آسمان واري بادشاھت ويجھي آئي آھي.“

چئن مھاڻن کي سڏڻ

18جيئن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪناري تان لنگھيو پئي تہ ھن ٻہ ڀائر ڏٺا، ھڪڙو شمعون جنھن کي پطرس سڏين ٿا ۽ ٻيو سندس ڀاءُ اندرياس. ھنن ڍنڍ ۾ ڄار پئي وڌو ڇالاءِ⁠جو ھو مھاڻا ھئا. 19عيسيٰ انھن کي سڏي چيو تہ ”اچو ۽ منھنجي پٺيان ھلو تہ آءٌ اوھان کي ماڻھو ڦاسائڻ سيکاريان.“ 20ھنن ھڪدم پنھنجا ڄار ڦٽا ڪيا ۽ سندس پٺيان ھلڻ لڳا. 21ھو اتان اڳڀرو ٿيو تہ ھن ٻہ ٻيا ڀائر يعقوب ۽ يوحنا ڏٺا، جيڪي زبديءَ جا پٽ ھئا. اھي پنھنجي پتا زبديءَ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ڄارن جي مرمت ڪري رھيا ھئا. عيسيٰ انھن کي سڏيو، 22تہ اھي بہ ھڪدم ٻيڙي ۽ پنھنجي پيءُ کي ڇڏي عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ لڳا.

عوام جي خدمت ڪرڻ

23 عيسيٰ سڄي گليل ۾ گھمندو رھيو ۽ اتي جي عبادت⁠خانن ۾ تعليم ڏيندو، بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ماڻھن کي ڇٽائيندو رھيو. 24سڄي شام ملڪ ۾ ھن جي ھاڪ پئجي ويئي. تنھنڪري ڪيترائي ماڻھو ھن وٽ بيمار وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون ھيون، جھڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگ وارا. انھن سڀني کي عيسيٰ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو. 25سو وڏا وڏا ميڙ سندس پويان پئي ھليا جيڪي گليل، دڪاپلس، يروشلم، يھوديہ ۽ اردن جي پرينءَ ڀر کان آيل ھئا.

متي 5

ٽڪر تي وعظ

1جڏھن عيسيٰ ميڙ ڏٺا تہ ھو ٽڪر تي چڙھي ويو ۽ شاگرد سندس چوڌاري مڙي آيا. 2ھو انھن کي ويھي تعليم ڏيڻ لڳو ۽ چيائين تہ

سچي خوشي

3”سڀاڳا آھن اھي جيڪي دل جا نماڻا آھن، ڇالاءِ⁠جو اھي آسمان واري بادشاھت جون برڪتون ماڻين ٿا. 4 سڀاڳا آھن اھي جيڪي ڏکويل آھن، ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي تسلي ڏيندو. 5 سڀاڳا آھن اھي جيڪي تابعدار آھن، ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي زمين جو وارث ڪندو. 6 سڀاڳا آھن اھي جيڪي سچائيءَ جا بکايل ۽ اڃايل آھن، ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي چڱيءَ طرح ڍءُ ڪرائيندو. 7سڀاڳا آھن اھي جيڪي ٻين تي رحم ڪن ٿا، ڇالاءِ⁠جو خدا انھن تي رحم ڪندو. 8 سڀاڳا آھن اھي جيڪي دل جا صاف آھن، ڇالاءِ⁠جو اھي خدا کي ڏسندا. 9سڀاڳا آھن اھي جيڪي ماڻھن ۾ صلح ڪرائين ٿا، ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي پنھنجو ٻار سڏيندو. 10 سڀاڳا آھن اھي جيڪي سچائيءَ جي ڪري ستايا وڃن ٿا، ڇالاءِ⁠جو اھي آسمان واري بادشاھت جون برڪتون ماڻين ٿا. 11 سڀاڳا آھيو اوھين، جو ماڻھو منھنجي ڪري اوھان جي بي⁠عزتي ڪن، اوھان کي ستائين ۽ اوھان تي ھر قسم جون تھمتون ھڻن، 12 ڇوتہ اھڙيءَ طرح ئي نبين کي بہ ستايو ويو ھو. خوش ٿيو ۽ ڏاڍا سرھا ٿيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان کي بھشت ۾ وڏو اجر ملندو.“

لوڻ ۽ روشني

13”اوھين انسان ذات لاءِ لوڻ مثل آھيو. پر جيڪڏھن لوڻ پنھنجو سواد ڇڏي ڏئي تہ ان کي وري سوادي بنائڻ لاءِ ڪوبہ طريقو نہ آھي. اھو بيڪار ٿي پوندو، تنھنڪري ڦٽو ڪيو ويندو ۽ ماڻھن جي پيرن ھيٺان لتاڙيو ويندو. 14 اوھين سڄي جھان لاءِ روشنيءَ مثل آھيو. جيڪو شھر ٽڪر تي اڏيل آھي اھو لڪي نہ سگھندو. 15 ڪوبہ ماڻھو ڏيئو ٻاري ڍڪڻ ھيٺان نہ ٿو رکي پر ھو ان کي ڏياٽيءَ تي ٿو رکي جتان گھر جي ھر ھڪ ڀاتيءَ کي روشني پھچي ٿي. 16 ساڳيءَ طرح اوھان جي روشني بہ ماڻھن اڳيان ائين چمڪي جو اھي اوھان جا چڱا ڪم ڏسي اوھان جو پيءُ، جيڪو آسمان ۾ آھي، تنھن جي واکاڻ ڪن.“

شريعت بابت تعليم

17”اوھين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ توريت ۽ نبين جي صحيفن کي منسوخ ڪرڻ لاءِ آيو آھيان. آءٌ انھن کي منسوخ ڪرڻ لاءِ نہ پر مڪمل ڪرڻ لاءِ آيو آھيان. 18 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين آسمان ۽ زمين باقي آھن تيستائين شريعت جو ھڪڙو اکر يا ان جو ڪو نقطو بہ منسوخ نہ ٿيندو، تان جو سڀني ڳالھين جي پڄاڻي ٿئي. 19تنھنڪري جيڪو ڪنھن ننڍڙي حڪم جي بہ ڀڃڪڙي ڪندو ۽ ٻين ماڻھن کي بہ ائين ڪرڻ سيکاريندو، سو آسمان واري بادشاھت ۾ سڀني کان ننڍو سڏبو. پر جيڪو انھن تي عمل ڪندو ۽ ٻين کي بہ ائين ئي ڪرڻ سيکاريندو تہ اھو آسمان واري بادشاھت ۾ وڏو سڏبو. 20ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيستائين اوھان جي نيڪي شريعت جي عالمن ۽ فريسين جي نيڪيءَ کان وڌيڪ نہ ٿيندي، تيستائين اوھين ڪنھن بہ طرح آسمان واري بادشاھت ۾ داخل ٿي نہ سگھندا.“

ڪاوڙ بابت تعليم

21 ”اوھان ٻڌو آھي تہ اڳئين زماني جي ماڻھن کي چيو ويو ھو تہ ’خون نہ ڪريو‘ ۽ ’جيڪو خون ڪندو تہ ان کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.‘ 22پر ھاڻي آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان ڪاوڙيل رھي ٿو سو بہ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. جيڪو ڪنھن ٻئي کي ’اي چريا!‘ ڪري سڏي ٿو، سو وڏيءَ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ جيڪو ڪنھن کي چوندو تہ ’اي ڀوڪ!‘ سو جھنم جي باھہ ۾ پوڻ جوڳو ٿيندو. 23تنھنڪري جيڪڏھن تون پنھنجو نذرانو قربان⁠گاھہ تي آڻي چاڙھين ۽ اتي ياد پويئي تہ تنھنجي ڀاءُ ڀيڻ جو تو ڏانھن ڪو رنج آھي، 24تہ پنھنجو نذرانو اتي قربان⁠گاھہ جي اڳيان ڇڏي پھريائين وڃي پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ کي پرچاءِ، پوءِ اچي پنھنجو نذرانو چاڙھہ. 25جيڪڏھن ڪو ماڻھو تو تي ڪيس ڪري ۽ تو کي ڪورٽ ۾ وٺي وڃي تہ واٽ تي ئي ان سان ٺاھہ ڪري ڇڏ، متان اھو فريادي تو کي جج جي حوالي ڪري ۽ جج تو کي سپاھيءَ جي حوالي ڪري ۽ تون جيل ۾ وڌو وڃين. 26آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين تون ڏنڊ جي پائي پائي نہ ڏيندين تيستائين ڪنھن بہ طرح اتان نڪري نہ سگھندين.“

زنا بابت تعليم

27 ”اوھان ٻڌو آھي تہ اھو چيو ويو ھو تہ ’زنا نہ ڪر.‘ 28پر ھاڻي آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو ماڻھو ڪنھن عورت ڏانھن بري نگاھہ سان ٿو ڏسي سو پنھنجيءَ دل ۾ ان عورت سان زنا ڪري چڪو. 29 جيڪڏھن تنھنجي ساڄي اک تو کي گمراھہ ڪري تہ اھا ڪڍي اڇلائي ڇڏ، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي لاءِ اھو بھتر آھي تہ تنھنجي عضون مان ڀلي ھڪڙو ھليو وڃي پر تنھنجو سڄو بدن جھنم ۾ نہ پوي. 30 جيڪڏھن تنھنجو ساڄو ھٿ تو کي گمراھہ ڪري تہ ان کي وڍي اڇلائي ڇڏ، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي لاءِ اھو بھتر آھي تہ تنھنجي عضون مان ڀلي ھڪڙو ھليو وڃي پر تنھنجو سڄو بدن جھنم ۾ نہ پوي.“

طلاق بابت تعليم

31 ”اھو بہ چيو ويو ھو تہ ’جيڪوبہ پنھنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪڍي ڇڏي، سو انھيءَ کي طلاق⁠نامو بہ لکي ڏئي.‘ 32 پر ھاڻي آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪوبہ پنھنجي زال کي زنا جي ڏوھہ کان سواءِ ڪنھن ٻئي سبب جي ڪري طلاق ٿو ڏئي، سو ڄڻ تہ ھن کي زناڪار ٿو بڻائي ۽ جيڪو انھيءَ طلاق ڏنل عورت سان پرڻبو سو بہ زناڪار ٿيندو.“

قسمن کڻڻ بابت تعليم

33 ”ٻيو اوھان اھو بہ ٻڌو آھي تہ اڳئين زماني ۾ ماڻھن کي چيو ويو ھو تہ ’پنھنجا قسم نہ ڀڃو، پر خداوند جي آڏو پنھنجا قسم پورا ڪريو.‘ 34 پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ قسم اصل کڻو ئي نہ. اوھين نڪي آسمان جو قسم کڻو، ڇالاءِ⁠جو اھو خدا جو تخت آھي 35 ۽ نڪي زمين جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھا خدا جي پيرن جي صندلي آھي. اوھين نڪي يروشلم جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھو وڏي بادشاھہ جو شھر آھي 36۽ نڪي وري پنھنجي سر جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين ھڪ وار بہ ڪارو يا اڇو ڪري نہ ٿا سگھو. 37پر رڳو ’ھا‘ يا ’نہ‘ چئو، ان کان وڌيڪ چوڻ شيطاني آھي.“

بدلي وٺڻ بابت تعليم

38 ”اوھان ٻڌو آھي تہ اھو چيو ويو ھو تہ ’اک جي بدلي اک ۽ ڏند جي بدلي ڏند.‘ 39پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوھان سان بڇڙائي ڪري ان کان بدلو نہ وٺو. پر جيڪڏھن ڪو اوھان کي ڳل تي چماٽ ھڻي تہ ان کي ٻيو ڳل بہ ڦيرائي ڏيو. 40جيڪڏھن ڪو ماڻھو تنھنجو پھراڻ وٺڻ لاءِ تو تي ڪورٽ ۾ ڪيس ڪرڻ گھري تہ ان کي پنھنجو ڪوٽ بہ ڏيئي ڇڏ. 41جيڪو تو کي بيگر ۾ ھڪ ڪلوميٽر وٺي وڃي، تنھن سان تون ٻہ ڪلوميٽر وڃ. 42جيڪو تو کان ڪا شيءِ گھري تہ اھا کيس ڏي ۽ جيڪو تو کان اڌارو وٺي تنھن کي انڪار نہ ڪر.“

دشمنن سان پيار

43 ”اوھان ٻڌو آھي تہ اھو چيو ويو ھو تہ ’پنھنجن دوستن سان پيار ڪر ۽ پنھنجن دشمنن کان نفرت ڪر.‘ 44پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ پنھنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ جيڪي اوھان کي ستائين تن لاءِ دعا گھرو، 45تہ جيئن اوھان جو پيءُ، جيڪو آسمان ۾ آھي تنھن جا اوھين ٻار ٿيو. ڇالاءِ⁠جو ھو نيڪن ۽ بڇڙن تي پنھنجو سج ھڪجھڙو اُڀاري ٿو ۽ سچارن ۽ ڪوڙن ٻنھي تي ھڪجھڙو مينھن وسائي ٿو. 46جيڪڏھن اوھين رڳو انھن سان پيار ڪريو ٿا جيڪي اوھان سان پيار ڪن ٿا تہ اوھان کي ڪھڙو اجر ملندو؟ محصول اڳاڙيندڙ بہ تہ ائين ئي ڪن ٿا. 47وري جيڪڏھن اوھين رڳو پنھنجن دوستن کي سلام ڪريو ٿا تہ اوھان ڪا خاص ڳالھہ تہ ڪانہ ڪئي، ڇوتہ غير قومن وارا بہ ائين ئي ڪن ٿا. 48 سو اوھين بہ ائين ئي ڪامل ٿيو جيئن اوھان جو آسمان وارو پيءُ ڪامل آھي.“

متي 6

خيرات بابت تعليم

1 ”خبردار ٿجو، متان چڱا ڪم ماڻھن جي ڏيکاءَ لاءِ ڪريو. جيڪڏھن اوھين ائين ڪندا تہ اوھان کي پنھنجي آسمان واري پيءُ وٽان ڪوبہ اجر نہ ملندو. 2تنھنڪري جڏھن اوھين ڪنھن کي خيرات ڏيو تہ ان جو ڏيکاءُ نہ ڪريو، جيئن رياڪار عبادت⁠خانن ۽ بازارن ۾ ڪندا آھن. اھي ھي ڪم انھيءَ ڪري ڪندا آھن تہ جيئن ماڻھو انھن جي ساراھہ ڪن. پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ انھن کي پنھنجو اجر ملي چڪو آھي. 3جڏھن اوھين خيرات ڏيو تہ اوھان جي کاٻي ھٿ کي اھا خبر نہ پوي تہ ساڄو ھٿ ڇا ٿو ڪري، 4تہ جيئن اوھان جو خيرات ڏيڻ ڳجھو رھي ۽ اوھان جو پيءُ جو اوھان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوھان کي ان جو اجر ڏئي.“

دعا بابت تعليم

5 ”جڏھن اوھين دعا گھرو تڏھن رياڪارن وانگر نہ ٿيو. اھي عبادت⁠خانن ۽ رستن جي چونڪن تي بيھي دعا گھرندا آھن تہ جيئن ھر ھڪ انھن کي ڏسي. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ انھن کي پنھنجو اجر ملي چڪو. 6پر جڏھن اوھين دعا گھرو تہ پنھنجي ڪمري جا دروازا بند ڪري پنھنجي پيءُ کان دعا گھرو، جيڪو ڳُجھہ ۾ آھي. اوھان جو پيءُ جيڪو اوھان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوھان کي ان جو اجر ڏيندو. 7اوھين پنھنجي دعا ۾ اجايا گھڻا لفظ ڪم نہ آڻيو، جيئن غير قومن وارا ڪندا آھن، ڇوتہ ھو سمجھن ٿا تہ انھن جون ڊگھيون دعائون گھرڻ ڪري خدا سندن ٻڌندو. 8سو انھن وانگر نہ ٿيو، ڇالاءِ⁠جو اوھان جو پيءُ اوھان جي گھرڻ کان اڳ ۾ ئي ڄاڻي ٿو تہ اوھان کي ڇا گھرجي. 9تہ پوءِ ھن ريت دعا گھرو تہ ’اي اسان جا بابا! تون جو آسمان ۾ آھين، شل تنھنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي، 10۽ تنھنجي بادشاھت اچي. تنھنجي مرضي جيئن آسمان ۾ پوري ٿئي ٿي، تيئن زمين تي بہ ٿئي. 11اسان جي ڏھاڙيءَ جي ماني اڄ اسان کي ڏي. 12اسان جا ڏوھہ اسان کي ائين معاف ڪر، جيئن اسين بہ پنھنجن ڏوھارين کي معاف ٿا ڪريون. 13اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ، پر اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘ 14 ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اوھين ماڻھن کي پنھنجا ڏوھہ بخشيندا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ بہ اوھان کي پنھنجا ڏوھہ بخشي ڇڏيندو. 15پر جيڪڏھن اوھين ماڻھن جا ڏوھہ نہ بخشيندا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ بہ اوھان جا ڏوھہ ڪين بخشيندو.“

روزن بابت تعليم

16”جڏھن اوھين روزا رکو تہ رياڪارن وانگر منھن لٿل نہ ٿيو، ڇالاءِ⁠جو اھي منھن لٿل جو ڏيکاءُ انھيءَ لاءِ ٿا ڪن تہ جيئن ماڻھو ڏسن تہ ھنن روزو رکيو آھي. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ انھن کي پنھنجو اجر ملي چڪو آھي. 17پر جڏھن اوھين روزا رکو تہ پنھنجي منھن کي ڌوئو ۽ مٿي کي تيل مکي ڦڻي ڏيو، 18تہ جيئن ماڻھو نہ، بلڪ اوھان جو پيءُ جو ڳُجھہ ۾ آھي سو اوھان کي روزيدار سمجھي. ان طرح اوھان جو پيءُ جيڪو اوھان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوھان کي اجر ڏيندو.“

بھشتي خزانو

19 ”اوھين پنھنجي لاءِ خزانو ھن دنيا ۾ گڏ نہ ڪريو، جتي ڪينئان ۽ ڪٽ ان کي تباھہ ڪن ٿا ۽ چور کاٽ ھڻي چوري ڪن ٿا. 20پر پنھنجو خزانو بھشت ۾ گڏ ڪريو، جتي نہ ڪينئان ۽ نہ ڪٽ کيس تباھہ ڪري سگھي ٿي ۽ نہ وري چور کاٽ ھڻي چورائي سگھن ٿا. 21ڇالاءِ⁠جو جتي اوھان جو خزانو ھوندو تہ اوھان جي دل بہ اتي ئي ھوندي.“

بدن جي روشني

22”اکيون بدن لاءِ ڏيئو آھن. سو جيڪڏھن اوھان جون اکيون ٺيڪ آھن تہ اوھان جو سڄو بدن روشن ھوندو. 23پر جيڪڏھن اوھان جون اکيون خراب آھن تہ اوھان جو سڄو بدن اوندھہ ۾ غرق ھوندو. سو جيڪا روشني اوھان ۾ آھي سا جيڪڏھن اوندھہ ھجي تہ اھا ڪيڏي نہ وڏي اونداھي ٿي پوندي.“

خدا ۽ ملڪيت

24”ڪوبہ ماڻھو ٻن مالڪن جو نوڪر ٿي نہ ٿو سگھي. ھو ھڪڙي کان نفرت تہ ٻئي سان محبت ڪندو يا ھڪڙي سان وفا تہ ٻئي سان دغا ڪندو، سو اوھين خدا ۽ دولت ٻنھي جي گڏ خدمت ڪري نہ ٿا سگھو. 25تنھنڪري آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ پنھنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ڇا کائينداسين يا ڇا پيئنداسين ۽ نہ پنھنجي جسم لاءِ تہ ڇا پھرينداسين؟ ڇا جان کاڌي کان ۽ جسم ڪپڙن کان وڌيڪ نہ آھي؟ 26پکين تي غور ڪريو جيڪي نہ پوکين نہ لڻين ۽ نہ ان ڀانڊن ۾ انبار ڪن، تہ بہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ انھن کي کارائي ٿو. ڇا توھين انھن کان وڌيڪ درجو نہ ٿا رکو؟ 27ڇا اوھان مان ڪو ڳڻتين سان ھڪڙو منٽ بہ حياتيءَ جو وڌائي سگھندو؟ 28اوھين ڪپڙن لاءِ ڇو ٿا ڳڻتي ڪريو؟ غور ڪريو تہ سوسن گل جا ٻوٽا ڪيئن ٿا اڀرن. اھي نڪي پورھيو ڪن ۽ نہ ڪتين. 29 پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ سليمان کي باوجود ايڏي شان وَ شوڪت جي انھن جھڙو ھڪ بہ ويس پھريل نہ ھو. 30جيڪڏھن جھنگلي گاھہ جيڪو اڄ آھي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنھن کي بہ خدا ائين پھرائي ٿو، تہ پوءِ اھو اوھان کي بھتر نہ پھرائيندو ڇا؟ اوھان جو ايمان ڪيڏو نہ ڪمزور آھي! 31سو اوھين ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين؟‘ يا ’ڇا پيئنداسين؟‘ يا ’ڇا پھرينداسين؟‘ 32غير قومون ئي تہ انھن شين جون ڳولائو ھونديون آھن. اوھان جو آسمان وارو پيءُ ڄاڻي ٿو تہ اوھان کي ھي سڀ شيون گھرجن. 33پر اوھين پھريائين آسمان واري بادشاھت ۽ سندس سچائيءَ کي پنھنجي حياتيءَ ۾ ڳوليو تہ ھي سڀ شيون بہ اوھان کي ملنديون. 34سو اوھين سڀاڻي جي ڳڻتي نہ ڪريو، ڇالاءِ⁠جو سڀاڻو پنھنجي لاءِ پاڻ ئي ڳڻتي ڪندو. اڄ جي لاءِ اڄ جو ڏک ئي ڪافي آھي.“

متي 7

ٻين کي ڏوھي ٺھرائڻ

1”ٻين کي ڏوھي نہ ٺھرايو تہ اوھان کي بہ ڏوھي نہ ٺھرايو وڃي. 2 ڇالاءِ⁠جو جيئن اوھين ٻين کي ڏوھي ٺھرائيندا، تيئن اھي بہ اوھان کي ڏوھي ٺھرائيندا ۽ جيئن ٻين کي اوھين ماپي ڏيندا، تيئن ساڳئي ماپي سان اوھان کي بہ ماپجي ملندو. 3اوھين ڪنھن ٻئي جي اک جو ڪک ڇو ٿا ڏسو ۽ پنھنجي اک ۾ جو شھتير پيل اٿوَ ان جو خيال ڇو نہ ٿا ڪريو؟ 4اوھين ڪيئن ڪنھن کي چئي سگھو ٿا تہ ’ادا، مون کي پنھنجي اک مان ڪک ڪڍڻ ڏي،‘ جڏھن تہ اوھان جي اک ۾ شھتير پيل آھي؟ 5اي رياڪارو! اوھين پھريائين پنھنجي اک مان شھتير ڪڍو تہ پوءِ اوھين پنھنجي ڀاءُ جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ڪڍي سگھندا. 6پاڪ شيون ڪتن ڏانھن نہ اڇلايو ۽ موتي سوئرن اڳيان ڦٽا نہ ڪريو. اھي تہ رڳو انھن کي لتاڙي ڇڏيندا ۽ ڦري اوھان کي ڏاڙھيندا.“

گھرو، ڳوليو ۽ کڙڪايو

7”گھرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ ۽ در کڙڪايو تہ کليوَ. 8ڇالاءِ⁠جو جيڪو گھرندو آھي تنھن کي ملندو آھي، جيڪو ڳوليندو آھي، تنھن کان لڀندو آھي ۽ جيڪو در کڙڪائيندو آھي تنھن لاءِ کلندو آھي. 9ڇا اوھان ۾ ڪو اھڙو پيءُ آھي جنھن کان سندس ٻار ماني گھري تہ ھو پٿر ڏئيس؟ 10يا سندس ٻار مڇي گھري تہ نانگ ڏئيس؟ 11جيڪڏھن اوھين باوجود بڇڙي ھئڻ جي پنھنجن ٻارن کي سٺيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ ڪيتريون نہ وڌيڪ سٺيون شيون انھن کي ڏيندو جيڪي کانئس گھرندا! 12 جھڙيءَ طرح اوھين چاھيو ٿا تہ ماڻھو اوھان سان سلوڪ ڪن تھڙيءَ طرح اوھين بہ ٻين سان اھڙو ئي سلوڪ ڪريو. اھو ئي موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي تعليم جو نچوڙ آھي.“

سوڙھو دروازو

13”اوھين سوڙھي دروازي مان اندر داخل ٿيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪو دروازو ۽ رستو برباديءَ ڏانھن وڃي ٿو سو ويڪرو ۽ ڪشادو آھي ۽ ان مان اندر گھڙڻ وارا گھڻا ئي آھن. 14پر اھو دروازو سوڙھو آھي ۽ اھو رستو تنگ آھي جيڪو زندگيءَ ڏانھن وڃي ٿو ۽ جن کان اھو لڀي ٿو سي پڻ ٿورا آھن.“

جھڙو وڻ تھڙو ميوو

15”انھن نبي سڏائيندڙن کان ھوشيار ٿجو، جيڪي حقيقي نبي نہ آھن، ڇالاءِ⁠جو اھي اوھان وٽ رڍن جي روپ ۾ اچن ٿا پر اندر ۾ اھي وحشي بگھڙ آھن. 16اوھين انھن کي سندن عملن مان سڃاڻي وٺندا. ڇالاءِ⁠جو ٻٻرن مان ٻير نہ ملندا آھن ۽ نڪي اڪن مان انب. 17اھڙيءَ طرح سٺو وڻ ميوو بہ سٺو ڏئي ٿو ۽ خراب وڻ ميوو بہ خراب ڏئي ٿو. 18سٺو وڻ خراب ميوو ڏيئي نہ ٿو سگھي ۽ نڪي خراب وڻ سٺو ميوو ڏيئي سگھي ٿو. 19 جيڪو وڻ سٺو ميوو نہ ٿو ڏئي سو وڍي باھہ ۾ وجھبو آھي. 20 تنھنڪري اوھين انھن نبي سڏائيندڙن کي سندن عملن مان سڃاڻي سگھندا.“

آءٌ اوھان کي اصل نہ ٿو سڃاڻان

21”جيڪي مون کي ’اي خداوند! اي خداوند!‘ ڪري سڏين ٿا، تن مان سڀڪو آسمان واري بادشاھت ۾ داخل ٿي نہ سگھندو. پر رڳو اھي داخل ٿيندا جيڪي منھنجي آسمان واري پيءُ جي مرضيءَ موجب ھلن ٿا. 22قيامت جي ڏينھن گھڻا ئي چوندا تہ ’اي خداوند! اي خداوند! اسان تنھنجي نالي تي اڳڪٿيون نہ ڪيون ڇا؟ اسان تنھنجي نالي تي ڀوت نہ ڪڍيا ڇا؟ اسان تنھنجي نالي تي ڪيترائي معجزا نہ ڪيا ڇا؟‘ 23 پر آءٌ کين صاف جواب ڏيئي چوندس تہ ’آءٌ اوھان کي اصل نہ ٿو سڃاڻان. اي بدڪارو! مون وٽان ھليا وڃو.‘“

ٻن گھرن جي اڏاوت

24”تنھنڪري جيڪوبہ منھنجو ھي ڪلام ٻڌي ان تي عمل ڪري ٿو سو اھڙي سياڻي ماڻھوءَ مثل آھي جنھن پنھنجو گھر ٽڪر تي اڏايو. 25جيتوڻيڪ مينھن ان تي لاٽان ڪيون، درياءَ ٻوڙيس ۽ طوفان سخت سٽون ڏنس پر اھو نہ ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اھو ٽڪر تي اڏيل ھو. 26پر جيڪوبہ ماڻھو منھنجو ھي ڪلام ٻڌي ان تي عمل نہ ٿو ڪري، سو اھڙي اياڻي مثل آھي جنھن پنھنجو گھر واريءَ تي اڏايو. 27ان گھر تي مينھن لاٽان ڪيون، درياءَ ٻوڙيس ۽ طوفان سخت سٽون ڏنس تہ گھر ڪري پيو ۽ تباھہ ٿي ويو.“

عيسيٰ جي اختياري

28 جڏھن عيسيٰ ھي ڳالھيون چئي چڪو تڏھن ميڙ ھن جي تعليم تي حيران ٿي ويا، 29ڇالاءِ⁠جو ھن شريعت جي عالمن وانگر نہ ٿي سيکاريو، پر ائين پئي سيکاريائين جيئن ڪو اختياريءَ وارو سيکاري.

متي 8

ڪوڙھہ جھڙي مرض واري کي شفا ڏيڻ

1جڏھن عيسيٰ ٽڪر تان ھيٺ لٿو تہ وڏا ميڙ ھن جي پٺيان ھلڻ لڳا. 2ايتري ۾ ھڪڙو ڪوڙھہ جھڙي مرض وارو عيسيٰ وٽ آيو، جنھن کيس سجدو ڪري چيو تہ ”اي سائين! جيڪڏھن اوھين چاھيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“ 3تنھن تي عيسيٰ پنھنجو ھٿ ڊگھيريو ۽ کيس لائيندي چيائين تہ ”آءٌ چاھيان ٿو تہ تون ڇٽي پاڪ صاف ٿيءُ.“ تڏھن ھڪدم ھن جو ڪوڙھہ جھڙو مرض لھي ويو. 4 پوءِ عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”ٻڌ، متان ڪنھن کي اھا ڳالھہ ٻڌائين. پر سڌو وڃي ڪاھن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب پنھنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني ڪر، تہ جيئن ھر ڪنھن لاءِ شاھدي ٿئي تہ تون ھاڻي ڇٽي پاڪ صاف ٿيو آھين.“

فوجي صوبيدار جي نوڪر کي شفا ڏيڻ

5جڏھن عيسيٰ ڪفرناحوم ۾ داخل ٿيو تہ وٽس ھڪ فوجي صوبيدار آيو ۽ منٿ ڪري چيائينس تہ 6”سائين! منھنجو نوڪر اڌرنگي جي بيماريءَ ۾ گھر ۾ پيو آھي ۽ ڏاڍا عذاب پيو سھي.“ 7تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”آءٌ گھر ھلي ھن کي چڱو ڀلو ڪندس.“ 8تڏھن فوجي صوبيدار عرض ڪيو تہ ”سائين! آءٌ انھيءَ لائق نہ آھيان جو اوھين منھنجي جھوپڙيءَ ۾ اچو. رڳو حڪم ڪريو تہ منھنجو نوڪر خوش ٿي پوندو. 9آءٌ ٻين جو زيردست آھيان ۽ منھنجي ھيٺان بہ سپاھي آھن. جيڪڏھن ڪنھن کي چوان ’وڃ،‘ تہ ھو ويندو ۽ ڪنھن کي چوان ’اچ،‘ تہ ھو ايندو ۽ جي نوڪر کي چوان تہ ’ھي ڪم ڪر،‘ تہ ھو ڪندو.“ 10عيسيٰ اھو ٻڌي ھن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي سندس پٺيان آيا پئي تن کي چوڻ لڳو تہ ”آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ مون کي ھن جھڙو ايمان بني اسرائيل ۾ ڪنھن ۾ بہ نظر نہ آيو. 11 آءٌ اوھان کي ٻڌايان تہ ڪيترائي اڀرندي ۽ الھندي کان ايندا ۽ آسمان واري بادشاھت ۾ ابراھيم، اسحاق ۽ يعقوب سان اچي دسترخوان تي گڏ ويھندا. 12 پر جيڪي بادشاھت جا وارث آھن تن کي ٻاھر اونداھيءَ ۾ اڇلايو ويندو، جتي ھو رڙيون ڪندا ۽ ڏند ڪرٽيندا.“ 13پوءِ عيسيٰ فوجي صوبيدار کي چيو تہ ”گھر وڃ، جيئن تون يقين ڪرين ٿو تيئن ئي تو لاءِ ڪيو ويندو.“ تڏھن انھيءَ گھڙيءَ ئي صوبيدار جو نوڪر چڱو ڀلو ٿي پيو.

گھڻن ماڻھن کي شفا ڏيڻ

14عيسيٰ جڏھن پطرس جي گھر ويو تہ اتي ڏٺائين تہ ھن جي سس بخار ۾ بستري تي بيمار پئي ھئي. 15عيسيٰ کيس ھٿ لاتو تہ سندس بخار ويندو رھيو. ھوءَ اٿي ويٺي ۽ سندس خدمت چاڪري ڪرڻ لڳي. 16جڏھن سانجھي ٿي تہ ماڻھو عيسيٰ وٽ ڪيترن ئي ڀوتن ورتلن کي وٺي آيا. ھن ھڪڙي لفظ سان انھن ڀوتن کي ڪڍي ڇڏيو ۽ سڀني بيمارن کي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين. 17 ھن اھو ڪم ڪري يسعياہ نبيءَ جي ان قول کي سچو ثابت ڪري ڏيکاريو تہ ”ھن پاڻ اسان جون بيماريون ورتيون ۽ اسان جا مرض پنھنجي سر تي کنيا.“

عيسيٰ جا پوئلڳ ڪير؟

18عيسيٰ ڏٺو تہ ميڙ کيس ويڙھي ويو آھي، سو ھن پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”ڍنڍ جي ھن ڀر ھلو.“ 19ھڪ شريعت جو عالم عيسيٰ وٽ آيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”اي استاد! جيڏانھن اوھين ويندا اوڏانھن آءٌ بہ اوھان جي پٺيان ھلندس.“ 20عيسيٰ کيس جواب ڏنو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آھن، پر ابن⁠آدم کي اھا جاءِ بہ ڪانھي جتي مٿو لڪائي آرام ڪري.“ 21ھڪڙو ٻيو ماڻھو، جيڪو سندس شاگرد ھو، تنھن چيس تہ ”سائين! مون کي تيستائين موڪل ڏيو، جيستائين آءٌ پنھنجي پتا کي دفنائي اچان.“ 22تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”منھنجي پويان اچ ۽ ڇڏ تہ ڀلي مُڙدا وڃي مُڙدن کي دفنائين.“

عيسيٰ جو طوفان کي بند ڪرڻ

23جڏھن عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ويٺو تہ سندس شاگرد بہ ساڻس گڏ ھليا. 24اوچتو ئي ڍنڍ ۾ اھڙو زبردست طوفان آيو جو سندن ٻيڙي ڇولين ۾ ٻڏڻ لڳي، ان وقت يسوع اگھور ننڊ ۾ ھو. 25تڏھن شاگرد وٽس آيا ۽ جاڳائي چيائونس تہ ”اي سائين! اسان کي بچايو جو اسين ھاڻي تہ ٻڏڻ تي آھيون.“ 26تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”اوھين ايترا ڊنل ڇو آھيو؟ ڇا اوھان جو ايمان ايترو ئي آھي؟“ ھو اٿيو ۽ ھوا ۽ ڇولين کي ڇينڀيائين تہ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي. 27اھي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ھي ڪھڙي قسم جو ماڻھو آھي جو ھوا ۽ پاڻيءَ کي بہ حڪم ٿو ڪري تہ اھي بہ مڃينس ٿا.“

ڀوتن ورتل ٻن ماڻھن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ

28پوءِ عيسيٰ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر گراسينين جي علائقي ۾ آيو تہ اتي ٻہ ڄڻا قبرستان مان نڪري اچي ساڻس مليا. اھي ٻئي اھڙي قسم جي ڀوتن سان ورتل ھئا جو ڪوبہ ماڻھو انھيءَ رستي سان لنگھي نہ سگھندو ھو. 29عيسيٰ کي ڏسڻ سان ھو رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي ابن خدا! تنھنجو اسان سان ڪھڙو واسطو آھي؟ ڇا تون وقت کان اڳي اسان کي عذاب ڏيڻ آيو آھين؟“ 30ويجھو ئي سوئرن جو ھڪ وڏو ڌڻ چري رھيو ھو. 31ڀوتن عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ ”جيڪڏھن اوھين اسان کي ڪڍو ٿا تہ اسان کي موڪل ڏيو تہ سوئرن جي ڌڻ ۾ وڃون.“ 32تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ڀلي وڃو.“ تڏھن اھي نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا ۽ سوئرن جو اھو سڄو ڌڻ لاھيءَ تان ھيٺ ڌوڪيندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو. 33ڌڻ چارڻ وارا اھو ڏسي شھر ڏانھن ڀڳا ۽ ڀوتن ورتل ماڻھن جو سمورو احوال ڪري ٻڌايائون. 34تنھن تي سڄو شھر عيسيٰ سان ملڻ لاءِ ٻاھر نڪري آيو. جڏھن ھن کي ڏٺائون تہ منٿ ڪري چوڻ لڳس تہ ”سائين! مھرباني ڪري اسان جي علائقي مان ھليا وڃو.“

متي 9

اڌرنگي ماڻھوءَ کي شفا ڏيڻ

1عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ڍنڍ پار ڪري پنھنجي ڳوٺ ڪفرناحوم موٽي آيو. 2ڪن ماڻھن وٽس ھڪ اڌرنگي جي بيماريءَ وارو ماڻھو کٽولي تي کڻي آندو. عيسيٰ ڏٺو تہ ھنن جو ڪيڏو نہ ايمان آھي! سو اڌرنگي واري کي چيائين تہ ”پٽ، دلجاءِ ڪر، تنھنجا گناھہ بخشجي ويا.“ 3تنھن تي ڪي شريعت جا عالم سوچڻ لڳا تہ ”ھي ماڻھو تہ ڪفر ٿو بڪي.“ 4عيسيٰ سمجھي ويو تہ ھو ڇا سوچي رھيا آھن، سو کين چيائين تہ ”اوھين اھڙيون خراب ڳالھيون ڇو ٿا سوچيو؟ 5ڇا اھو سولو آھي جو ھن ماڻھوءَ کي چئجي تہ ’تنھنجا گناھہ بخشجي ويا،‘ يا کيس چئجي تہ ’اٿ ۽ گھم ڦر‘؟ 6پر آءٌ اوھان تي ثابت ڪندس تہ ابن⁠آدم کي دنيا ۾ ماڻھن جي گناھہ بخشڻ جي اختياري مليل آھي.“ سو اڌرنگي واري ماڻھوءَ کي چيائين تہ ”اٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھر ھليو وڃ.“ 7اھو ماڻھو اٿيو ۽ گھر ڏانھن روانو ٿيو. 8جڏھن ماڻھن ھي ڏٺو تہ عجب ۾ پئجي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا تہ انسان کي ھن ڪيڏي نہ طاقت ڏني آھي!

متيءَ کي سڏڻ

9عيسيٰ اتان روانو ٿيو ۽ رستي سان ھلندي ھن متيءَ نالي ھڪ شخص کي پنھنجي محصولي اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ ھن کي سڏي چيو تہ ”منھنجي پٺيان ھل.“ تنھن تي متي اٿيو ۽ سندس پٺيان ھلڻ لڳو. 10 پوءِ جڏھن عيسيٰ پنھنجي شاگردن سان گڏ متيءَ جي گھر ۾ دسترخوان تي ويٺي کاڌو، تڏھن ڪيئي محصول اڳاڙيندڙ ۽ گنھگار آيا، جيڪي عيسيٰ ۽ سندس شاگردن سان گڏ کائڻ ويٺا. 11فريسين جڏھن اھا ڳالھہ ڏٺي تہ انھن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”اوھان جو استاد محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي؟“ 12عيسيٰ ھي ٻڌي ورتو، سو چيائين تہ ”طبيب جي گھرج تندرستن کي نہ، بلڪ بيمارن کي ھوندي آھي. 13 وڃو ۽ وڃي سمجھو تہ ھن لکت جي معنيٰ ڇا آھي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ گھرجي پر رحم کپي،‘ ڇالاءِ⁠جو آءٌ نيڪن کي نہ پر گنھگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آھيان.“

روزن بابت سوال

14پوءِ عيسيٰ وٽ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جا شاگرد آيا ۽ چيائونس تہ ”اسين ۽ فريسي تہ اڪثر روزا رکون ٿا، پر اوھان جا شاگرد روزا ڇو نہ ٿا رکن؟“ 15تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان گڏ آھي تيستائين ھو ڪي غمگين رھندا ڇا؟ پر ڪو وقت ايندو جڏھن گھوٽ انھن کان جدا ڪيو ويندو تہ ان وقت ھو بہ روزا رکندا. 16ڪوبہ ماڻھو پراڻي پھراڻ کي نئين ڪپڙي جي چتي نہ ٿو ھڻي. ائين ڪندو تہ نئين چتي پھراڻ کي ڦاڙي اڃا بہ وڏو انگھہ ڪري وجھندي. 17نہ وري ڪوبہ تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ ٿو ڀري، جيڪڏھن ائين ڪندو تہ ساندارا ڦاٽي پوندا، مئي ھارجي ويندي ۽ ساندارا بہ زيان ٿيندا. تنھنڪري تازي مئي نون ساندارن ۾ وجھبي آھي تہ جيئن ٻيئي سلامت رھن.“

يھودي اڳواڻ جي ڌيءَ کي جيئرو ڪرڻ ۽ ھڪ عورت کي شفا ڏيڻ

18جڏھن عيسيٰ انھن کي ھي چئي رھيو ھو تڏھن يھودين جي مقامي عبادت⁠خاني جو ھڪڙو اڳواڻ وٽس آيو ۽ سجدو ڪري چيائين تہ ”ھينئر ئي منھنجي ڌيءَ مُئي آھي، پر اوھين ھلي ھٿ لائيندوس تہ ھوءَ جيئري ٿي پوندي.“ 19تڏھن عيسيٰ اٿيو ۽ شاگردن سميت ھن سان گڏجي ھليو. 20واٽ تي ڪا عورت ھئي جنھن کي ٻارھن سالن کان رت پيو ايندو ھو. ھوءَ عيسيٰ جي پٺيان آئي ۽ اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي ھٿ لاتائين. 21ھن دل ۾ چيو تہ ”جيڪڏھن رڳو ڪپڙن کي بہ ھٿ لڳو تہ چڱي ڀلي ٿي پونديس.“ 22عيسيٰ ڦري انھيءَ عورت کي ڏٺو ۽ چيائين تہ ”دلجاءِ ڪر ڌيءَ، تنھنجي ايمان تو کي ڇٽايو آھي.“ انھيءَ ئي وقت اھا عورت چڱي ڀلي ٿي پيئي. 23پوءِ عيسيٰ اڳواڻ جي گھر پھتو ۽ ڏٺائين تہ جنازي تي ماتمي ساز پيا وڄن ۽ ماڻھن جو گوڙ لڳو پيو آھي. 24تنھن تي ھن چيو تہ ”سڀ ھليا وڃو، ڇوڪري مئي ڪانہ آھي پر ھوءَ ننڊ پيئي آھي.“ 25سڀيئي ان تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. ماڻھن جي ٻاھر نڪرڻ شرط عيسيٰ ڪمري ۾ ويو ۽ ڇوڪريءَ جي ھٿ کان ورتائين تہ ھوءَ اُٿي ويٺي. 26ھن واقعي جي خبر انھيءَ علائقي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙجي ويئي.

ٻن انڌن کي سڄو ڪرڻ

27جڏھن عيسيٰ ان جاءِ تان اڳتي وڌيو تہ ٻہ انڌا ماڻھو سندس پٺيان آيا ۽ رڙ ڪري چيائونس تہ ”اي ابن دائود! اسان تي ڪو رحم ڪريو.“ 28پوءِ عيسيٰ ھڪ گھر ۾ آيو تہ اھي انڌا بہ وٽس آيا ۽ ھن پڇين تہ ”ڇا اوھان کي يقين آھي تہ ھي ڪم آءٌ ڪري سگھان ٿو؟“ تنھن تي انھن جواب ڏنو تہ ”ھائو سائين.“ 29عيسيٰ انھن جي اکين کي ھٿ لاتو ۽ چيائين تہ ”ائين ئي ٿئي جيئن توھان جو ايمان آھي.“ 30تڏھن انھن جي ديد موٽي آئي. پوءِ کين سختيءَ سان تاڪيد ڪيائين تہ ”متان اھا ڳالھہ ڪنھن کي ٻڌايو.“ 31پر انھن وڃي علائقي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ عيسيٰ جون ڳالھيون پکيڙي ڇڏيون.

ھڪ گونگي کي شفا ڏيڻ

32جيئن ئي اھي ٻيئي ٻاھر نڪرن پيا تہ ڪي ماڻھو ھڪ اھڙو شخص عيسيٰ وٽ وٺي آيا جيڪو ڳالھائي نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ⁠تہ ان ۾ ھڪ ڀوت ھو. 33جڏھن ڀوت کي ڪڍيو ويو تہ ماڻھوءَ ڳالھائڻ شروع ڪيو، تڏھن خلق عجب ۾ پئجي ويئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”بني اسرائيل ۾ اسان اڳي ائين ٿيندي ڪونہ ڏٺو آھي.“ 34 پر فريسي چوڻ لڳا تہ ”ھو ڀوتن جي سردار جي مدد سان ماڻھن مان ڀوت ڪڍي ٿو.“

عيسيٰ جو ماڻھن تي رحم ڪرڻ

35 پوءِ عيسيٰ چوطرف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ گھمندو رھيو. اُتي ھو سندن عبادت⁠خانن ۾ ماڻھن کي تعليم ڏيندو، بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ ھر قسم جي مرضن ۽ بيمارين کان شفا ڏيندو رھيو. 36 ھن جڏھن ميڙ ڏٺا تہ سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو ائين ڏکويل ۽ بي⁠سھارا ھئا جيئن رڍون ريڍار کان سواءِ ھجن. 37 تنھنڪري پنھنجن شاگردن کي چيائين تہ ”فصل تہ ڏاڍو ڀلو ٿيو آھي پر ان کي لڻندڙ ٿورا آھن. 38تنھنڪري فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو تہ لاباري لاءِ ماڻھو ڏياري موڪلي.“

متي 10

ٻارھن رسول

1عيسيٰ پنھنجي ٻارھن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي گڏ ڪيو ۽ کين اختياري ڏنائين تہ ڀوتن کي ڪڍين ۽ ھر قسم جي بيماريءَ ۽ مرض کان شفا ڏين. 2انھن ٻارھن رسولن جا نالا ھي آھن: پھريون شمعون جنھن کي پطرس ڪري سڏيندا آھن ۽ سندس ڀاءُ اندرياس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا، جيڪي زبديءَ جا پٽ ھئا، 3فلپس ۽ برٿلمئي، توما ۽ متي محصول اڳاڙيندڙ، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ ٿدئي، 4شمعون قوم⁠پرست ۽ يھوداہ اسڪريوتي جنھن بعد ۾ دغا ڪري عيسيٰ کي پڪڙايو.

ٻارھن رسولن کي موڪلڻ

5انھن ٻارھن رسولن کي عيسيٰ ھيٺين ھدايتن سان روانو ڪيو تہ ”ڪنھن بہ غير قوم جي علائقي ڏانھن يا سامرين جي شھرن ۾ نہ وڃجو، 6پر بني اسرائيل جي گھراڻي جون جيڪي رڍون گمراھہ ٿي ويون آھن تن وٽ وڃجو. 7 جتان جتان لنگھو تہ اھو اعلان ڪندا وڃجو تہ ’آسمان واري بادشاھت ويجھي آئي آھي.‘ 8بيمارن کي شفا ڏجو ۽ مئلن کي جيارجو، ڪوڙھہ جھڙي مرض وارن کي پاڪ صاف ڪجو ۽ ماڻھن مان ڀوت ڪڍجو. اوھان کي مفت ۾ مليو آھي تنھنڪري اوھين بہ مفت ۾ ڏجو. 9کيسي ۾ پاڻ سان سون، چانديءَ يا ٽامي جو ڪوبہ سڪو نہ کڻجو، 10 سفر ۾ پاڻ سان نہ ٻاچڪو کڻجو، نڪي ٻہ ٻہ پھراڻ يا بوٽ ۽ نہ وري لٺ کڻجو، ڇالاءِ⁠جو مزور کي جيڪي گھربو سو کيس ملندو. 11جڏھن اوھين ڪنھن شھر يا ڳوٺ ۾ وڃو تہ جاچ ڪجو تہ اھڙو ڪو آھي جو اوھان جو آڌرڀاءُ ڪري، پوءِ اوھين وٽس ايستائين ٽڪجو جيستائين اُن شھر مان روانا نہ ٿيو. 12جڏھن ڪنھن گھر ۾ وڃو تہ سلام ڪجو. 13جيڪڏھن گھر جي مالڪن سلام وراڻيو تہ اوھان جو سلام مٿن رھندو، پر جيڪڏھن نہ ورائيندا تہ اوھان جو سلام اوھان ڏانھن موٽي ايندو. 14 جيڪڏھن ڪو گھر يا شھر اوھان جو آڌرڀاءُ نہ ڪري يا اوھان جي ڳالھہ نہ ٻڌي، تہ پوءِ اھا جاءِ ڇڏجو ۽ پنھنجي پيرن جي مٽي اُتي ڇنڊي ڇڏجو. 15 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ آخرت جي ڏينھن اھو شھر سدوم ۽ عموراہ جي شھرن کان وڌيڪ ڀوڳيندو.“

اچڻ واري مصيبت

16 ”ڏسو، آءٌ اوھان کي ڄڻ تہ رڍن وانگر بگھڙن منجھہ موڪليان ٿو، تنھنڪري اوھين نانگن وانگر چالاڪ ۽ ڪبوترن وانگر بي⁠ضرر ٿجو. 17 پر انھن ماڻھن کان ھوشيار ٿجو، ڇالاءِ⁠جو اھي اوھان کي گرفتار ڪري ڪورٽن جي حوالي ڪندا ۽ پنھنجن عبادت⁠خانن ۾ اوھان کي چھبڪ ھڻندا. 18اوھان کي منھنجي ڪري حاڪمن ۽ بادشاھن اڳيان پيش ڪيو ويندو، ڇوتہ اوھين انھن غير قومن کي خوشخبري ٻڌائيندا. 19پر جڏھن ھو اوھان کي گرفتار ڪرائين تڏھن اھا ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوھان کي ڪھڙو جواب ڏيڻو آھي. جيڪي اوھان کي چوڻو ھوندو سو انھيءَ مھل پاڻھي اوھان کي ٻڌايو ويندو، 20ڇالاءِ⁠جو جيڪي لفظ اوھين ڳالھائيندا سي اوھان جا نہ ھوندا پر اوھان جي پيءُ جو روح اوھان جي وسيلي ڳالھائيندو. 21ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو، پيءُ پنھنجي ٻار کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو ۽ ٻار پنھنجي ماءُ⁠پيءُ کان ڦري ويندا ۽ ھنن کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندا. 22 منھنجي نالي جي ڪري سڀڪو اوھان کي ڌڪاريندو، پر اوھان مان جيڪو توڙ تائين نڀائيندو سو ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪندو. 23جڏھن اُھي اوھان کي ڪنھن شھر ۾ ستائين تہ اوھين ھڪدم ٻئي شھر ڏانھن ھليا وڃجو. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اوھين سڄي اسرائيل جي شھرن ۾ پنھنجو ڪم ختم ئي نہ ڪندا تہ ابن⁠آدم اچي پھچندو. 24 ڪوبہ شاگرد پنھنجي استاد کان مٿي نہ آھي ۽ نہ وري ڪو غلام پنھنجي مالڪ کان. 25 شاگرد لاءِ اھو سٺو آھي تہ ھو پنھنجي استاد سان ھر حال ۾ شامل رھي ۽ غلام لاءِ تہ پنھنجي مالڪ سان. جيڪڏھن گھر جي مالڪ کي ئي بعل⁠زبول ڪري سڏيو وڃي تہ سندس گھر جي ڀاتين کي تہ ان کان بہ وڌيڪ بدتر ڪري سڏيندا.“

ڊڄو، پر ڪنھن کان؟

26 ”تنھنڪري انھن کان نہ ڊڄو. ڇالاءِ⁠جو اھڙي ڪابہ شيءِ ڍڪيل نہ آھي جا پڌري نہ ٿيندي ۽ اھڙي ڪابہ لڪل نہ آھي جا ظاھر نہ ٿيندي. 27جو ھينئر آءٌ اوھان کي اونداھيءَ ۾ ٻڌايان ٿو سو اوھين روز روشن ۾ ٻڌائجو. جيڪو اوھين سس⁠پس ۾ ٻڌو ٿا اھو وڏي واڪي ڪوٺن تان پڪارجو. 28انھن کان نہ ڊڄو، جيڪي رڳو جسم کي مارين ٿا پر روح کي نہ ٿا ماري سگھن. تنھنڪري خدا کان ڊڄو، جيڪو ٻنھي يعني جسم ۽ روح کي ماري جھنم ۾ وجھي سگھي ٿو. 29اوھين ھڪ ننڍڙي سڪي ۾ ٻہ جھرڪيون تہ خريد ڪري سگھو ٿا، پر انھن مان ھڪڙي بہ اوھان جي پيءُ جي مرضيءَ کان سواءِ زمين تي نہ ٿي ڪري. 30اوھان جي مٿي جا تہ وار بہ ڳڻيل آھن. 31سو اوھان کي ڊڄڻ نہ گھرجي، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جي قيمت ڪيترين ئي جھرڪين کان وڌيڪ آھي.“

مسيح کي قبولڻ ۽ نہ قبولڻ جو نتيجو

32”جيڪو مون کي ماڻھن جي اڳيان پڌري پٽ قبوليندو، تنھن کي آءٌ بہ پنھنجي آسمان واري پيءُ جي اڳيان قبول ڪندس. 33 پر جيڪو ماڻھن جي اڳيان مون کي قبول نہ ڪندو، تنھن کي آءٌ بہ پنھنجي آسمان واري پيءُ جي اڳيان قبول نہ ڪندس.“

صلح نہ، پر جنگ

34”ائين نہ سمجھو تہ آءٌ دنيا ۾ صلح ڪرائڻ آيو آھيان. منھنجي ڪري صلح نہ پر تلوار ھلندي. 35 ڇالاءِ⁠جو منھنجي اچڻ ڪري پٽ پيءُ جي خلاف ٿيندو، ڌيءَ ماءُ جي خلاف ۽ نُنھن سس جي خلاف ٿيندي، 36۽ ماڻھوءَ جا دشمن خود سندس گھر جا ڀاتي ٿيندا. 37جيڪو مون کان وڌيڪ پنھنجي پيءُ يا ماءُ سان پيار ڪري ٿو، سو منھنجي لائق نہ آھي ۽ جيڪو پنھنجي ڌيءَ يا پٽ کي مون کان وڌيڪ پيار ڪري ٿو سو بہ منھنجي لائق نہ آھي. 38 جيڪو پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان نہ ٿو ھلي، سو منھنجي لائق نہ آھي. 39 جيڪو پنھنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو، سو اُھا وڃائيندو ۽ جيڪو منھنجي لاءِ پنھنجي جان وڃائيندو سو اُھا حاصل ڪندو.“

اجر

40 ”جيڪو اوھان کي قبول ٿو ڪري سو ڄڻ مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو ڄڻ ان کي قبول ڪري ٿو جنھن مون کي موڪليو آھي. 41جيڪو نبيءَ کي خدا جو نبي سمجھي قبول ٿو ڪري، تنھن کي نبيءَ جيترو اجر ملندو ۽ جيڪو نيڪ کي نيڪ سمجھي قبول ٿو ڪري، تنھن کي نيڪ جيترو اجر ملندو. 42آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪوبہ ھنن ننڍڙن مان ڪنھن بہ ھڪ کي منھنجو شاگرد سمجھي ھڪ پيالو ٿڌي پاڻيءَ جو پياريندو تہ ان کي ان جو اجر ضرور ملندو.“

متي 11

يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جا قاصد

1جڏھن عيسيٰ پنھنجن ٻارھن شاگردن کي ھدايتون ڏيئي چڪو تہ ھو اتان روانو ٿي ويو، تہ جيئن ويجھن شھرن ۾ وڃي تعليم ڏئي ۽ تبليغ ڪري. 2جڏھن يحيٰ جيل ۾ مسيح جي ڪمن بابت ٻڌو تہ ھن پنھنجا ڪي شاگرد عيسيٰ ڏانھن موڪليا. 3ھنن اچي عيسيٰ کان پڇيو تہ ”جيڪو اچڻ وارو آھي، سو اوھين ئي آھيو يا اسين ڪنھن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“ 4تنھن تي عيسيٰ جواب ڏنن تہ ”جيڪي ڪجھہ اوھين ٻڌو ۽ ڏسو ٿا سو يحيٰ کي وڃي ٻڌايو تہ 5 انڌا ڏسن ٿا، منڊا گھمن ٿا، ڪوڙھہ جھڙي مرض وارا پاڪ صاف ٿين ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مُڙدا جيئرا ٿين ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي. 6سڀاڳو آھي اُھو جنھن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آھي.“ 7جڏھن اُھي ھليا ويا تہ عيسيٰ ميڙ کي يحيٰ بابت چوڻ لڳو تہ ”اوھين رڻ⁠پٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا ھئا؟ ڇا ڀلا واءُ سان لڏندڙ ڪاني کي؟ 8پر آخر ڇا ڏسڻ ويا ھئا؟ ڇا ڀلا سٺن ڪپڙن واري ماڻھوءَ کي؟ ڏسو، جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا سي بادشاھن جي محلن ۾ ھوندا آھن. 9پر ڀلا ڇا ڏسڻ ويا ھئا؟ ڇا ھڪ نبيءَ کي؟ ھا، تہ ٻڌو آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ نبيءَ کان بہ وڏي کي. 10 يحيٰ اھو آھي جنھن بابت خدائي ڪتاب ۾ لکيل آھي تہ ’آءٌ پنھنجي پيغمبر کي تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو تہ ھو تنھنجو رستو تو لاءِ تيار ڪري.‘ 11آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪي⁠بہ ماءُ جي پيٽان نڪتا آھن، تن ۾ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري کان ڪوبہ وڏو نہ آھي. تنھن ھوندي بہ آسمان واري بادشاھت ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آھي سو يحيٰ کان وڏو آھي. 12 يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري کان وٺي ھن وقت تائين آسمان واري بادشاھت تي ڏاڍائي پئي ٿي آھي ۽ ڏاڍا ماڻھو ان کي ڏاڍائيءَ سان ڦٻائين ٿا. 13ڇالاءِ⁠جو سڀني نبين ۽ توريت اھا ڳالھہ يحيٰ جي وقت تائين اڳڪٿي ڪري ٻڌائي آھي. 14 جيڪڏھن اوھين اعتبار ڪريو تہ الياس نبي، جيڪو اچڻ وارو ھو سو ھي يحيٰ اٿوَ. 15جنھن کي بہ ڪن آھن سو ٻڌي ڇڏي.“ 16ھن وڌيڪ چيو تہ ”ھن زماني جي ماڻھن کي آءٌ ڪنھن سان ڀيٽيان؟ اھي تہ انھن ٻارن وانگر آھن جيڪي بازارن ۾ ويھي ھڪٻئي کي سڏ ڪري چون ٿا تہ 17’اسان اوھان لاءِ شرناءِ وڄائي پر اوھين نچيا ئي ڪين، اسان سوڳ ڪيو پر اوھين رنا ئي ڪين.‘ 18يحيٰ نہ کائيندو نہ پيئندو آيو آھي، تنھنڪري ماڻھو چون ٿا تہ ھن ۾ ڀوت آھي. 19ابن⁠آدم تہ کائيندو پيئندو آيو آھي، تنھنڪري ھر ڪو پيو چوي تہ ’ڏسو، ھو پيٽو ۽ شرابي آھي، محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن جو دوست آھي.‘ خدا جي سياڻپ تہ سندس ڪمن مان ئي سچي ثابت ٿئي ٿي.“

بي⁠يقين شھر

20پوءِ عيسيٰ انھن شھرن کي نندڻ لڳو جن ۾ ھن معجزا ڪيا ھئا، ڇاڪاڻ⁠تہ ماڻھن پنھنجن گناھن کان توبھہ نہ ڪئي ھئي. 21 ”مصيبت آھي تو تي اي شھر خرازين! ۽ مصيبت آھي تو تي اي شھر بيت⁠صيدا! ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا اوھان ۾ ڪيا ويا آھن سي جيڪڏھن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ھا تہ ڪڏھن جو اتان جا ماڻھو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ رک وجھي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪن ھا. 22آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آخرت جي ڏينھن اوھين صور ۽ صيدا کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا. 23 اي ڪفرناحوم! ڇا تون ڀانئين ٿو تہ تون عرش تي کڄي ويندين؟ بلڪل نہ، پر اٽلندو تون پاتال ۾ ڦٽو ڪيو ويندين. ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا تو ۾ ڪيا ويا آھن سي جيڪڏھن سدوم شھر ۾ ڪيا وڃن ھا تہ اھو جيڪر اڄ ڏينھن تائين قائم ھجي ھا. 24 تہ پوءِ آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ آخرت جي ڏينھن تون سدوم شھر کان وڌيڪ ڀوڳيندين.“

روحاني راحت

25تنھن وقت عيسيٰ چيو تہ ”اي بابا! زمين ۽ آسمان جا مالڪ، آءٌ تنھنجا احسان مڃان ٿو جو تو ھي ڳالھيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آھن ۽ سادن کي ظاھر ڪري ڏيکاريون اٿيئي. 26ھا بابا، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي رضا ۽ خوشيءَ سان ائين ٿيو آھي.“ 27 پوءِ مسيح چيو تہ ”منھنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آھن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي ۽ نڪي پٽ کانسواءِ پيءُ کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اھي جن تي پٽ ظاھر ڪري. 28اوھين سڀ جيڪي ڳرا بار کڻي ٿڪجي پيا آھيو سي مون وٽ اچو، آءٌ اوھان کي آرام ڏيندس. 29 منھنجي پاڃاري پنھنجي ڳچيءَ ۾ وجھو ۽ مون کان سکو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ دل جو نرم ۽ نماڻو آھيان. اوھان جي روح کي آرام ملندو، 30ڇالاءِ⁠جو منھنجي پاڃاري سولي آھي ۽ منھنجو بار ھلڪو آھي.“

متي 12

سبت جي ڏينھن بابت سوال

1 ان کان پوءِ ستت ئي سبت جي ڏينھن عيسيٰ اَنَ وارين ٻنين مان پئي لنگھيو تہ ھن جي شاگردن کي بک لڳي ۽ ھو اَن جا سنگ پٽي کائڻ لڳا. 2جڏھن فريسين ھي ڏٺو تہ عيسيٰ کي چيائون تہ ”ڏسو، اوھان جا شاگرد اھو ڪم ڪن ٿا جيڪو سبت جي ڏينھن جائز نہ آھي.“ 3 تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”اوھان اھو ڪين پڙھيو آھي ڇا تہ جڏھن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي ھئي تہ ھن ڇا ڪيو ھو؟ 4 ھو خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو ۽ پوءِ ھن ۽ سندس ساٿين نذر جون اھي مانيون کاڌيون جيڪي رڳو ڪاھنن کي کائڻ جائز ھيون، پر کين نہ. 5 ڇا اوھان توريت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ ھيڪل ۾ توڙي جو ڪاھن سبت جي ڏينھن جي پرھيز نہ ٿا رکن تہ بہ ڏوھدار نہ ٿا ليکجن؟ 6پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو بہ آھي جيڪو ھيڪل کان بہ وڏو آھي. 7 اھو لکيل آھي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ گھرجي پر رحم کپي.‘ جيڪڏھن اوھين ھن جي صحيح معنيٰ سمجھو ھا تہ بي⁠ڏوھين کي ڏوھي نہ سمجھو ھا. 8ابن⁠آدم تہ سبت جو بہ مالڪ آھي.“

سڪل ھٿ وارو ماڻھو

9عيسيٰ اتان روانو ٿي انھن يھودين جي عبادت⁠خاني ۾ ھليو ويو. 10اُتي ھڪڙو سڪل ھٿ وارو ماڻھو ھو. جڏھن تہ اُتي ڪي اھڙا فريسي بہ ھئا جيڪي چاھين پيا تہ عيسيٰ ڪو غلط ڪم ڪري تہ مٿس تھمت ھڻن. تنھنڪري انھن پڇيس تہ ”ڇا سبت جي ڏينھن شفا ڏيڻ جائز آھي؟“ 11 تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جيڪڏھن اوھان مان ڪنھن جي رڍ سبت جي ڏينھن کڏ ۾ ڪري پوي، تہ ڇا اوھين ان کي جھلي ٻاھر نہ ڪڍندا؟ 12پر ماڻھو تہ رڍ کان بہ وڌيڪ قيمتي آھي، تنھنڪري سبت جي ڏينھن تي چڱو ڪم ڪرڻ جائز آھي.“ 13پوءِ ھن انھيءَ ماڻھوءَ کي چيو تہ ”پنھنجو ھٿ ڊگھو ڪر.“ ھن ھٿ ڊگھيريو تہ سندس ھٿ ٺيڪ ٿي ويو ۽ بلڪل ٻئي ھٿ جھڙو ٿي پيس. 14فريسي ھليا ويا ۽ پاڻ ۾ سازشون سٽڻ لڳا تہ ڪيئن عيسيٰ کي ختم ڪجي.

خدا جو چونڊيل ٻانھو

15جڏھن عيسيٰ کي اھا خبر پيئي تہ ھو اتان روانو ٿي ويو. ڪيئي ماڻھو سندس پٺيان ھليا، انھن ۾ جيڪي بيمار ھئا تن سڀني کي شفا ڏنائين، 16۽ کين تاڪيد ڪري چيائين تہ ”مون بابت ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائجو.“ 17اھڙيءَ طرح خدا يسعياہ نبيءَ جي معرفت جيڪي چوايو ھو سو پورو ٿيو تہ 18 ”ڏسو، ھي منھنجو ٻانھو آھي، جنھن کي مون چونڊيو آھي. ھي منھنجو پيارو آھي، ۽ آءٌ ھن مان ڏاڍو خوش آھيان. آءٌ ھن تي پنھنجو روح نازل ڪندس، ۽ ھي غير قومن ۾ منھنجي انصاف جو اعلان ڪندو. 19ھي نہ جھيڙو ۽ نہ ھُل ڪندو، ۽ نہ وري گھٽين ۾ ھن جو وڏو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. 20ڦٿل ڪانو بہ ھي ڪين ڀڃندو، ۽ نہ وري ٽمڪندڙ وٽ کي وسائيندو. ھي ائين ڪندو ويندو، جيستائين انصاف جي فتح نہ ڪرائي، 21۽ ھن ۾ سڀني قومن جون اميدون ھونديون.“

عيسيٰ ۽ بعل⁠زبول

22پوءِ ڪن ماڻھن عيسيٰ وٽ ھڪ ماڻھو آندو جيڪو انڌو ھو ۽ ڳالھائي بہ نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن ۾ ڀوت ھو. عيسيٰ ان کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ھو ڳالھائڻ ۽ ڏسڻ لڳو. 23ساري خلق حيران ٿي ويئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”ڇا ھي دائود جو پٽ آھي؟“ 24 جڏھن فريسين کي اھا خبر پيئي تہ چوڻ لڳا تہ ”ھو ڀوتن جي سردار بعل⁠زبول جي مدد سان ڀوت ڪڍي ٿو.“ 25عيسيٰ انھن جي نيتن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنھن بہ بادشاھت ۾ ڦيٽھڙو پوي ٿو سا برباد ٿيندي ۽ جنھن بہ شھر يا گھر ۾ ڏڦيڙ پوي ٿو سو بہ ھلي نہ سگھندو. 26پوءِ جيڪڏھن شيطان، شيطان کي ڪڍندو تہ منجھس ڦيٽھڙو پوندو ۽ پوءِ سندس بادشاھت ڪيئن جٽاءُ ڪندي؟ 27جيڪڏھن آءٌ بعل⁠زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان، تہ پوءِ اوھان جا ماڻھو ڪنھن جي تہ مدد سان انھن کي ڪڍن؟ پوءِ تہ اھي ئي اوھان کي ڪوڙو ڪندا. 28پر جيڪڏھن آءٌ خدا جي روح جي مدد سان ڀوتن کي ڪڍان ٿو، تہ پوءِ ڄاڻو تہ خدا جي بادشاھت اچي پھتي آھي. 29ڪوبہ ماڻھو ڪنھن طاقتور ماڻھوءَ جي گھر ۾ گھڙي سندس ملڪيت تيستائين ڦُري نہ سگھندو، جيستائين ھو پھريائين اُن طاقتور ماڻھوءَ کي ٻڌي سوگھو نہ ڪندو. تنھن کان پوءِ ئي ھو سندس گھر ڦُري سگھندو. 30 جيڪو مون سان نہ آھي سو منھنجي خلاف آھي ۽ جيڪو مون سان شامل ٿي ڪٺو نہ ٿو ڪري، سو حقيقت ۾ ڇڙوڇڙ ڪيو ڇڏي. 31تنھنڪري آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھر ھڪ گناھہ ۽ ڪفر ماڻھن کي بخش ٿي سگھندو، پر پاڪ روح جي خلاف بڪيل ڪفر نہ بخشيو ويندو. 32 جيڪڏھن ڪو ابن⁠آدم جي خلاف ڪجھہ ڳالھائيندو تہ اھو کيس بخش ٿي سگھندو، پر جيڪڏھن ڪو پاڪ روح جي خلاف ڪجھہ ڳالھائيندو تہ اھو کيس نڪي ھن جھان ۾ ۽ نہ وري ايندڙ جھان ۾ بخشيو ويندو.“

جھڙو وڻ تھڙو ميوو

33 ”جيڪڏھن وڻ سٺو آھي تہ ميوو بہ سٺو ڏيندو ۽ جيڪڏھن وڻ خراب آھي تہ ميوو بہ خراب ڏيندو، ڇالاءِ⁠جو وڻ کي سندس ميوي مان سڃاڻبو آھي. 34 اي نانگ جا ٻچؤ! اوھين ڪيئن چڱيون ڳالھيون چئي سگھو ٿا، جڏھن تہ اوھين پاڻ بڇڙا آھيو. ڇالاءِ⁠جو دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جو اندر ٻاھر ڪڍي سو ئي. 35ھڪ نيڪ ماڻھو پنھنجي دل جي چڱي خزاني مان چڱيون ڳالھيون ٿو ڪڍي ۽ بڇڙو ماڻھو پنھنجي دل جي بڇڙي خزاني مان بڇڙيون ڳالھيون ڪڍي ٿو. 36آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آخرت جي ڏينھن ھر ھڪ کي پنھنجي بيڪار ڳالھايل لفظن جو حساب ڏيڻو پوندو. 37ڇالاءِ⁠جو اوھان جا لفظ ئي اوھان کي ڏوھي يا بي⁠ڏوھي ٺھرائيندا.“

معجزي جي طلب

38 پوءِ ڪن شريعت جي عالمن ۽ فريسين ھن کي چيو تہ ”اي استاد! اسان کي ڪو معجزو ڏيکار.“ 39 تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”ھن زماني جا ماڻھو ڪيڏا نہ بڇڙا ۽ بي⁠ايمان آھن جو مون کان معجزو ٿا گھرن. پر انھن کي يونس نبيءَ جي معجزي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو ويندو. 40 ڇالاءِ⁠جو جيئن يونس ٽي ڏينھن ۽ ٽي راتيون مڇيءَ جي پيٽ ۾ پيو ھو، تيئن ابن⁠آدم بہ زمين جي پيٽ ۾ ٽي ڏينھن ۽ ٽي راتيون رھندو. 41 نينواہ جا ماڻھو آخرت جي ڏينھن اُٿي بيھندا ۽ ھن زماني جي ماڻھن کي ڏوھاري ٺھرائيندا، ڇالاءِ⁠جو انھن تہ يونس جي تبليغ تي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪئي ھئي، پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو آھي جو يونس کان بہ وڏو آھي. 42 آخرت جي ڏينھن ڏکڻ جي راڻي اٿي بيھندي ۽ ھن زماني جي ماڻھن کي ڏوھاري ٺھرائيندي، ڇالاءِ⁠جو ھوءَ سليمان جي سياڻپ ٻڌڻ لاءِ وڏي پنڌ تان آئي ھئي، پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو آھي جو سليمان کان بہ وڏو آھي.“

ڀوتن جو موٽڻ

43”جڏھن ڪو ڀوت ماڻھوءَ مان نڪري وڃي ٿو تڏھن اھو ويران ھنڌن ۾ ڪا جاءِ لھڻ لاءِ رلي ٿو، جتي ھو آرام ڪري سگھي. پر کيس آرام نہ ٿو ملي. 44پوءِ ھو چوي ٿو تہ ’آءٌ انھيءَ گھر ۾ موٽي ويندس جتان نڪتو ھوس.‘ موٽي اچڻ تي ھو ڏسي ٿو تہ گھر خالي، صاف ۽ سينگاريل آھي. 45پوءِ ھو وڃي ست ٻيا پاڻ کان بہ وڌيڪ بڇڙا ڀوت وٺي اچي ٿو ۽ اُھي اُن ماڻھوءَ ۾ داخل ٿي اُتي رھن ٿا ۽ اُن جي حالت اڳي کان بہ وڌيڪ خراب ٿي پوي ٿي. سو ھن بڇڙي زماني جي ماڻھن سان بہ ساڳي حالت ٿيندي.“

عيسيٰ جي ماءُ ۽ ڀائر

46عيسيٰ ميڙ سان اڃا ڳالھائي ئي رھيو ھو تہ سندس ماءُ ۽ ڀائر ٻاھر اچي پھتا ۽ ساڻس ڳالھائڻ ٿي چاھيائون. 47تنھن تي ماڻھن مان ھڪڙي عيسيٰ کي چيو تہ ”ٻڌو، اوھان جي ماءُ ۽ ڀائر ٻاھر بيٺا آھن ۽ اوھان سان ڳالھائڻ گھرن ٿا.“ 48عيسيٰ چيو تہ ”منھنجي ماءُ ڪير آھي؟ منھنجا ڀائر ڪير آھن؟“ 49پوءِ پنھنجن شاگردن ڏانھن اشارو ڪري چيائين تہ ”ڏسو، ھي منھنجي ماءُ ۽ منھنجا ڀائر آھن. 50ڇالاءِ⁠جو جيڪوبہ منھنجي آسمان واري پيءُ جي مرضيءَ تي ھلندو، سو ئي منھنجو ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماءُ آھي.“

متي 13

ٻج ڇٽڻ واري جو مثال

1انھيءَ ساڳئي ڏينھن عيسيٰ گھر مان نڪري ڍنڍ جي ڪناري تي وڃي تعليم ڏيڻ لاءِ ويھي رھيو. 2 سندس چوڌاري ايترا ماڻھو اچي مڙيا جو پاڻ وڃي ھڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ويٺو ۽ ساري خلق ڪناري تي بيٺي رھي. 3ھو انھن کي ڪيتريون ئي ڳالھيون مثالن سان ٻڌائڻ لڳو. ھن چيو تہ ”ھڪ ھاري ٻج ڇٽڻ ويو. 4ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا ۽ پکي اچي انھن کي چُڳي ويا. 5ڪي داڻا ٽڪرائتي زمين تي ڪريا. اُتي گھڻي مٽي ڪانہ ھئي، سو سلا جلدي اڀريا، پر پوري مٽي نہ ھئڻ ڪري، 6جڏھن سج اڀريو تہ لھسجي ويا. ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي پاڙ نہ ھئي تنھنڪري سڪي ويا. 7ڪي داڻا ڪانڊيرن ۾ ڪريا. ڪانڊيرا مٿي اڀريا تہ انھن کي اُسرڻ نہ ڏنائون. 8پر ڪي داڻا ڀليءَ زمين تي ڪريا ۽ ڦر جھليائون، ڪن ۾ ⁠سؤ داڻا ٿيا، ڪن ۾ سٺ تہ ڪن ۾ ٽيھہ داڻا بہ ڦر ھو.“ 9عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي ڇڏي.“

مثالن جو مقصد

10پوءِ شاگرد عيسيٰ وٽ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”اوھان اُنھن سان مثالن ۾ ڇو پئي ڳالھايو؟“ 11عيسيٰ وراڻيو تہ ”انھيءَ ڪري جو اوھان کي تہ آسمان واري بادشاھت جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آھي پر انھن کي نہ، 12 ڇالاءِ⁠جو جنھن وٽ ڪجھہ آھي، تنھن کي وڌيڪ ڏنو ويندو تہ وٽس تمام گھڻو ٿي پوندو. پر جنھن وٽ ڪجھہ بہ ڪونھي، تنھن کان اھو بہ کسيو ويندو جيڪو ھن وٽ آھي. 13آءٌ انھن سان مثالن ۾ انھيءَ ڪري ڳالھايان ٿو ⁠جو اھي ڏسندي بہ نہ ٿا ڏسن ۽ ٻڌندي بہ نہ ٿا ٻڌن، نڪي ڪا کين سمجھہ ٿي پوي. 14 اھڙيءَ طرح خدا يسعياہ نبيءَ جي معرفت جيڪي چوايو ھو سو سچو ثابت ٿيو تہ ’اوھين ٻڌندا تہ سھي پر سمجھندا ڪين، اوھين نھاريندا تہ سھي پر ڏسندا ڪين. 15ڇالاءِ⁠جو ھن قوم جي عقل کي تالو لڳايو ويو آھي، اُھي ڪنن کان ٻوڙا ٿي پيا آھن، ۽ انھن پنھنجون اکيون پوري ڇڏيون آھن. انھيءَ لاءِ تہ متان اُھي پنھنجين اکين سان ڏسن، پنھنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پوءِ پنھنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبھہ⁠تائب ٿين، ۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘ 16 پر سڀاڳا آھيو اوھين جو اوھان جون اکيون ڏسن ٿيون ۽ اوھان جا ڪن ٻڌن ٿا. 17آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ڪيترن نبين ۽ نيڪن جي اھا خواھش ھئي تہ جيڪي اوھين ڏسو ٿا سو ھو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوھين ٻڌو ٿا سو ھو بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“

ٻج ڇٽڻ واري جي مثال جي سمجھاڻي

18”ڌيان سان ٻڌو ۽ ٻج ڇٽڻ واري جي مثال جو مطلب سمجھو. 19اُھي جيڪي بادشاھت جو ڪلام ٻڌن ٿا پر سمجھن نہ ٿا، سي انھيءَ رستي مثل آھن جتي داڻا ڪريا. شيطان اچي انھن جي دل مان اُھي پوکيل داڻا ڪڍي ٿو وٺي. 20ٽڪرائتي زمين جتي داڻا ڪريا تنھن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام ٻڌي جلدي خوشيءَ سان قبول ڪن ٿا. 21پر اھو ڪلام انھن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو ھڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. تنھنڪري جڏھن ڪلام جي ڪري ڪا مصيبت يا تڪليف اچين ٿي تہ اھي جلدي ڦري وڃن ٿا. 22ڪانڊيرا جن ۾ داڻا ڪريا تن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام تہ ٻڌن ٿا پر ھن دنيا جو فڪر ۽ دولت جو فريب ڪلام کي گھُٽي ڇڏين ٿو ۽ انھن ۾ ڦر نہ ٿو پچي. 23سٺي زمين جتي داڻا ڪريا تنھن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام ٻڌن ٿا، اُن کي سمجھن ٿا ۽ ڦر جھلين ٿا، پوءِ ڪن ۾ ⁠سؤ داڻا، ڪن ۾ سٺ تہ ڪن ۾ ٽيھہ.“

ڪانڊيرن جو مثال

24عيسيٰ انھن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان واري بادشاھت اھڙي ماڻھوءَ جي مثل آھي جنھن پنھنجي ٻنيءَ ۾ سٺو ٻج پوکيو. 25پر ھڪڙيءَ رات جڏھن سڀ ماڻھو ستا پيا ھئا تہ ھن جو ھڪ دشمن اچي ڪڻڪ ۾ ڪانڊيرن جو ٻج ڇٽي ھليو ويو. 26جڏھن سلا اُڀريا ۽ سنگ نڪرڻ شروع ٿيا تہ ڪانڊيرا بہ ظاھر ٿي پيا. 27ان ماڻھوءَ جا نوڪر آيا ۽ چيائونس تہ ’سائين! اوھان تہ ٻنيءَ ۾ سٺو ٻج پوکيو ھو پر ھي ڪانڊيرا ڪٿان آيا؟‘ 28تنھن تي ھن جواب ڏنو تہ ’اھو ڪنھن دشمن جو ڪم آھي.‘ پوءِ انھن کانئس پڇيو تہ ’اسين وڃي ڪانڊيرن کي پٽيون ڇا؟‘ 29ھن ورندي ڏنن تہ ’نہ، ڇالاءِ⁠جو جڏھن اوھين ڪانڊيرا پٽيندا تہ متان ڪانڊيرن سان گڏ ڪڻڪ بہ پٽجي اچي. 30ڇڏيو تہ ڀلي ڪڻڪ ۽ ڪانڊيرا گڏ وڌن، تان جو لاباري جو وقت ٿئي. پوءِ آءٌ لاباري ڪندڙن کي چوندس تہ پھريائين ڪانڊيرا پٽي گڏ ڪري باھہ ۾ ساڙين ۽ پوءِ ڪڻڪ گڏ ڪري ڀانڊن ۾ رکن.‘“

سرنھن جي داڻي ۽ خميري جا مثال

31عيسيٰ انھن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان واري بادشاھت سرنھن جي داڻي مثل آھي، جيڪو کڻي ماڻھو پنھنجي ٻنيءَ ۾ پوکي ٿو. 32جيتوڻيڪ ھو سڀني ٻجن کان ننڍو آھي پر جڏھن اُڀري ٿو تہ سڀني ٻوٽن کان وڏو ٿي وڃي ٿو. اھو وڌي وڻ ٿئي ٿو ۽ پکي اچي ان جي ٽارين ۾ واھيرو ڪن ٿا.“ 33عيسيٰ انھن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان واري بادشاھت خميري مثل آھي، جيڪو ڪنھن عورت کڻي اٽي جي پاٽ ۾ ملايو تہ سڄو اٽو ڦونڊجي پيو ۽ پاٽ ڀرجي ويئي.“

عيسيٰ جو مثال ڪم آڻڻ

34عيسيٰ ميڙن کي ھي سڀ ڳالھيون مثالن سان ٻڌائيندو ھو ۽ مثالن کان سواءِ انھن سان ڪلام نہ ڪندو ھو، 35 انھيءَ لاءِ تہ جيئن نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو ويو ھو سو سچو ثابت ٿئي تہ ”آءٌ مثالن ۾ ڳالھائيندس ۽ اُھي ڳالھيون چوندس، جيڪي دنيا جي شروعات کان وٺي ڳجھيون رکيون ويون آھن.“

ڪانڊيرن جي مثال جي سمجھاڻي

36پ وءِ عيسيٰ ميڙ کي ڇڏي گھر ھليو ويو. سندس شاگرد وٽس آيا ۽ چيائونس تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ ٻنيءَ ۾ ڪانڊيرا ڦٽڻ جي مثال جي معنيٰ ڇا آھي؟“ 37تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جنھن سٺو ٻج پوکيو اھو ابن⁠آدم آھي، 38۽ ٻني ھيءَ دنيا آھي. سٺو ٻج اھي ماڻھو آھن جيڪي بادشاھت سان واسطو رکن ٿا ۽ ڪانڊيرا اھي ماڻھو آھن جيڪي شيطان سان واسطو رکن ٿا. 39دشمن جنھن ڪانڊيرا پوکيا سو شيطان آھي. لابارو آھي آخرت جو ڏينھن ۽ لاباري وارا آھن ملائڪ. 40تنھنڪري جيئن ڪانڊيرا گڏ ڪري باھہ ۾ ساڙيا ويندا آھن تيئن آخرت جي ڏينھن بہ ٿيندو. 41ابن⁠آدم پنھنجن ملائڪن کي موڪليندو ۽ اھي سندس بادشاھت مان انھن سڀني کي گڏ ڪندا جيڪي ٻين کي گمراھہ ٿا ڪن ۽ بڇڙائي ڪن ٿا. 42اُھي انھن کي باھہ جي کُوري ۾ اڇلائيندا، جتي ھو رڙيون ڪندا ۽ ڏند ڪرٽيندا. 43پوءِ سچار پنھنجي پيءُ جي بادشاھت ۾ سج وانگر چمڪندا. جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي ڇڏي.“

لڪل خزاني ۽ موتيءَ جا مثال

44”آسمان واري بادشاھت ٻنيءَ ۾ لڪل خزاني مثل آھي. جڏھن ڪو ماڻھو اھو لھي ٿو تہ ھو وري ان کي ڍڪي ڇڏي ٿو. پر ھو ايترو تہ خوش ٿو ٿئي جو پنھنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي وڃي اُھا ٻني خريد ڪري ٿو. 45آسمان واري بادشاھت موتين جي ھڪڙي سوداگر مثل پڻ آھي، جيڪو عمدا موتي ڳولي ٿو. 46جڏھن ھو ڪو تمام عمدو موتي لھي ٿو تہ پنھنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي وڃي اھو موتي خريد ڪري ٿو.“

ڄار جو مثال

47”آسمان واري بادشاھت ھڪڙي ڄار مثل بہ آھي، جيڪو ھڪ ڍنڍ ۾ اڇلايو وڃي ٿو ۽ جنھن ۾ ھر قسم جي مڇي ڦاسي ٿي. 48جڏھن اھو ڄار ڀرجي وڃي ٿو تہ مھاڻا ان کي ڇڪي ٻاھر ڪڍي آڻين ٿا ۽ ڪنڌيءَ تي ويھي ان مان مڇيون ڪڍين ٿا. جيڪا مڇي چڱي آھي سا کاريءَ ۾ وجھن ٿا ۽ ڪني مڇيءَ کي اڇلائي ڇڏين ٿا. 49ساڳيءَ طرح آخرت جي ڏينھن بہ ٿيندو. ملائڪ وڃي نيڪن کان بڇڙن کي ڌار ڪندا، 50۽ کين باھہ جي کُوري ۾ اڇلائيندا جتي اُھي رڙيون ڪندا ۽ ڏند ڪرٽيندا.“

نيون ۽ پراڻيون شيون

51پوءِ عيسيٰ انھن کان پڇيو تہ ”ڇا اوھان ھي سڀ ڳالھيون سمجھيون؟“ ھنن وراڻيو تہ ”ھائو.“ 52تنھن تي ھن چين تہ ”جيڪوبہ شريعت جو عالم آسمان واري بادشاھت جو شاگرد ٿئي ٿو تہ اھو اُن گھر جي مالڪ وانگر آھي جيڪو پنھنجي گھر مان نيون ۽ پراڻيون شيون ڪڍي ٿو اچي.“

عيسيٰ کي ناصرت وارن جو نہ قبولڻ

53جڏھن عيسيٰ ھي مثال ٻڌائي چڪو تہ اتان روانو ٿيو 54۽ موٽي پنھنجي شھر ناصرت ۾ آيو، جتي سندن عبادت⁠خاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو. جن بہ ھن کي ٻڌو تن عجب ۾ پئجي پڇيو تہ ”ھن ايڏي سياڻپ ۽ معجزن ڪرڻ جي اھڙي طاقت ڪٿان حاصل ڪئي آھي؟ 55ڇا ھي ڊکڻ جو پٽ نہ آھي؟ ڇا ھن جي ماءُ جو نالو مريم نہ آھي؟ ۽ يعقوب، يوسف، شمعون ۽ يھوداہ ھن جا ڀائر نہ آھن ڇا؟ 56ڇا ھن جون ڀينرون ھتي نہ ٿيون رھن؟ ھن ھي سڀ ڪجھہ ڪٿان حاصل ڪيو؟“ 57 تنھنڪري انھن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ھر نبي پنھنجي وطن ۽ پنھنجي خاندان کان سواءِ جتي ڪٿي مان پائيندو آھي.“ 58ھن اُتي گھڻا معجزا نہ ڪيا، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي يقين ئي ڪونہ ھو.

متي 14

يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جو موت

1انھن ڏينھن ۾ گليل جي حاڪم ھيروديس جڏھن عيسيٰ جي ھاڪ ٻڌي، 2تڏھن پنھنجن نوڪرن کي چيائين تہ ”ھي يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو ئي آھي. جيئن تہ ھو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آھي، تنھنڪري ھو اھي معجزا ٿو ڪري.“ 3 ھيروديس پنھنجي ڀاءُ فلپس جي زال ھيرودياس جي چوڻ تي يحيٰ جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو ھو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو ھئائين. 4 ڇالاءِ⁠جو يحيٰ ھيروديس کي چيو ھو تہ ”اوھان لاءِ اھو جائز نہ آھي جو اوھين پنھنجي ڀاڄائي ھيرودياس سان شادي ڪريو.“ 5سو ھيروديس يحيٰ کي مارائڻ پئي چاھيو پر عوام کان ڊنو ٿي، ڇالاءِ⁠جو ھنن يحيٰ کي نبي ٿي سمجھيو. 6جڏھن ھيروديس جي جنم جو ڏينھن آيو تڏھن ھيرودياس جي ڌيءَ ماڻھن جي وچ ۾ بيھي ناچ ڪيو. ھيروديس ايترو تہ خوش ٿيو 7جو ھن قسم کڻي ساڻس واعدو ڪيو تہ ”جيڪو گھرندينءَ سو آءٌ ڏيندوسانءِ.“ 8تنھن تي ھن ائين ئي چيو جيئن ماڻس سيکاريو ھوس تہ ”مون کي يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي سسي ٿالھہ ۾ ھتي گھرائي ڏيو.“ 9اھو ٻڌي بادشاھہ کي ڏاڍو ڏک ٿيو پر جيئن تہ ھن مھمانن جي اڳيان قسم کڻي واعدو ڪيو ھو، تنھنڪري حڪم جاري ڪيائين تہ جيئن انھيءَ ڇوڪريءَ جي مرضي پوري ٿئي. 10سو ماڻھو موڪلي جيل ۾ يحيٰ جي سسي لھرايائين. 11سسي ٿالھہ ۾ وجھي آڻي ڇوڪريءَ جي اڳيان رکيائون، جنھن اُھا پنھنجي ماءُ کي ڏيئي ڇڏي. 12يحيٰ جي شاگردن اچي لاش ورتو ۽ اُن کي دفن ڪيائون. پوءِ عيسيٰ کي اچي ٻڌايائون.

پنجن ھزارن کي کارائڻ

13جڏھن عيسيٰ کي اھا خبر پيئي تہ اڪيلو ئي ھڪ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي نويڪلي جڳھہ ڏانھن روانو ٿي ويو. جڏھن ماڻھن اھا ڳالھہ ٻڌي تہ پنھنجا شھر ڇڏي پيرين پيادا ھن جي پٺيان ھليا. 14جڏھن عيسيٰ ٻيڙيءَ مان لٿو تہ ھن ھڪ وڏو ميڙ ڏٺو. سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، سو اچي انھن جي بيمارن کي شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪيائين. 15جڏھن شام ٿي تہ سندس شاگرد وٽس آيا ۽ چيائونس تہ ”اڳي ئي دير ٿي ويئي آھي ۽ ھتي اسين سڃي ھنڌ ۾ آھيون. سو ماڻھن کي موڪل ڏيو تہ ڀل ڪنھن ڳوٺ ۾ وڃي پنھنجي لاءِ ڪجھہ وٺي کائين.“ 16تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”انھن کي وڃڻ جي ضرورت ڪانھي. اوھين ئي انھن کي کائڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“ 17انھن چيو تہ ”اسان وٽ ڪل پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون آھن.“ 18عيسيٰ چيو تہ ”اھي مون وٽ کڻي اچو.“ 19ھن ماڻھن کي بہ چيو تہ ”گاھہ تي ويھي رھو.“ پوءِ ھن پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي آسمان ڏانھن نھاريو ۽ انھن ۾ برڪت گھريائين ۽ مانيون ڀڃي شاگردن کي ڏنائين، جيڪي اھي ماڻھن کي ڏيندا ويا. 20سڀني کائي ڍءُ ڪيو. پوءِ جيڪي ٽڪر ڳڀا بچيا تن مان شاگردن ٻارھن کاريون ڀري کنيون. 21جن ماڻھن کاڌو تن جو تعداد عورتن ۽ ٻارن کان سواءِ اٽڪل پنج ھزار کن ھو.

پاڻيءَ تي پنڌ ڪرڻ

22تڏھن عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري زور ڀريو تہ ”اوھين ڍنڍ جي ھُن ڀر وڃو.“ پوءِ ماڻھن کي بہ موڪل ڏيئي ڇڏيائين. 23ماڻھن جي موڪلائڻ کان پوءِ پاڻ ٽڪر تي دعا گھرڻ ويو. شام تائين ھو اتي اڪيلو ئي رھيو. 24انھيءَ مھل تائين ٻيڙي گھڻو پنڌ پري نڪري ويئي ھئي ۽ ڇولين جي لوڏن ۾ اچي ويئي ھئي، ڇالاءِ⁠جو واءُ ان جي سامھون ھو. 25رات جي پوئين پھر ۾ عيسيٰ پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو انھن وٽ آيو. 26جڏھن شاگردن کيس پاڻيءَ تي پنڌ ڪندي ڏٺو تہ دھلجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ھي ڪو جن آھي.“ سو ھو وٺي ڊپ ۾ رڙيون ڪرڻ لڳا. 27تنھن تي عيسيٰ ھڪدم کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آھيان، دلجاءِ ڪريو.“ 28پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! جيڪڏھن تون آھين تہ مون کي حڪم ڏي تہ آءٌ پاڻيءَ تي ھلي تو وٽ اچان.“ 29تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”ڀلي اچ.“ سو پطرس ٻيڙيءَ مان لٿو ۽ پاڻيءَ تي گھمندو عيسيٰ ڏانھن وڃڻ لڳو. 30پر جڏھن ھن طوفان ڏٺو تہ ڊڄي ويو ۽ ٻڏڻ لڳو. ڊپ مان وٺي رڙيون ڪيائين تہ ”خداوند! بچاءِ، بچاءِ.“ 31تڏھن عيسيٰ ھڪدم ھٿ ڊگھيري جھلي ورتس ۽ چيائينس تہ ”تو شڪ ڇو ڪيو؟ تنھنجو ايمان ڪيترو نہ ڪمزور آھي.“ 32پوءِ جڏھن ھو ٻئي ٻيڙيءَ ۾ چڙھيا تہ واءُ بند ٿي ويو. 33تنھن تي جيڪي⁠بہ ٻيڙيءَ ۾ ھئا تن اچي کيس سجدو ڪري چيو تہ ”بيشڪ تون خدا جو فرزند آھين.“

گنيسرت جي بيمارن کي شفا ڏيڻ

34اھي ڍنڍ پار ڪري گنيسرت جي علائقي ۾ آيا. 35اتان جي ماڻھن عيسيٰ کي سڃاڻي ورتو. تنھنڪري ھنن علائقي جي ڪنڊڪڙڇ مان بيمار ماڻھو گھرائي عيسيٰ وٽ آندا. 36پوءِ ھنن منٿ ڪيس تہ ”رڳو پنھنجي دامن کي ھٿ لائڻ ڏيو.“ تڏھن جن بہ ھٿ لاتس سي چڱا ڀلا ٿي ويا.

متي 15

وڏن جون ريتون ۽ رسمون

1تنھن کان پوءِ يروشلم مان ڪي فريسي ۽ شريعت جا عالم عيسيٰ وٽ آيا ۽ چيائونس تہ 2”تنھنجا شاگرد وڏن جي ريتن رسمن کي ڇو ٿا ڀڃن؟ ڇالاءِ⁠جو ھو ماني کائڻ وقت سندن رسم موجب ھٿ ڪونہ ٿا ڌوئن.“ 3عيسيٰ جواب ڏنن تہ ”اوھين بہ پنھنجي ريتن رسمن جي ڪري خدا جو حڪم ڇو ٿا ڀڃو؟ 4 ڇالاءِ⁠جو خدا فرمايو آھي تہ ’پنھنجي پيءُ ۽ ماءُ جي عزت ڪريو‘ ۽ ’جيڪوبہ پنھنجي پيءُ يا ماءُ جي گلا ڪري تہ ان کي اڦٽ ماريو وڃي.‘ 5پر اوھين ماڻھن کي سيکاريو ٿا تہ جيڪڏھن ڪنھن وٽ ڪا اھڙي شيءِ آھي جنھن سان ھو پنھنجي پيءُ يا ماءُ جي گھرج پوري ڪري سگھيو ٿي، پر ھو چوي ٿو تہ ’اھا خدا جي نذر ٿي چڪي آھي،‘ 6تہ پوءِ ڀلي پنھنجي پيءُ جي عزت نہ ڪري. اھڙيءَ طرح اوھين پنھنجي ريتن رسمن جي ڪري خدا جي ڪلام کي رد ڪريو ٿا. 7اي رياڪارو! بيشڪ خدا يسعياہ نبيءَ جي معرفت اوھان بابت ڪيتري قدر نہ صحيح چيو آھي تہ 8 ’ھيءَ قوم پنھنجن چپن سان تہ مون کي عزت ڏئي ٿي، پر ھنن جي دل مون کي نہ ٿي گھري. 9ھو منھنجي عبادت اجائي ٿا ڪن، ڇالاءِ⁠جو ھو ماڻھن جا حڪم ائين ٿا سيکارين ڄڻ تہ اُھي منھنجا حڪم آھن.‘“

انسان کي پليت ڪرڻ واريون شيون

10پوءِ عيسيٰ سڄي خلق کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻڌو ۽ سمجھو 11تہ جيڪابہ شيءِ وات مان اندر ٿي وڃي سا ماڻھوءَ کي پليت نہ ٿي ڪري. پر جيڪا شيءِ وات مان نڪري ٿي سا ئي ماڻھوءَ کي پليت ڪري ٿي.“ 12تڏھن شاگردن اچي چيس تہ ”اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ اوھان جي ھن ڳالھہ جي ڪري فريسين کي سخت مٺيان لڳي آھي؟“ 13تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪو سلو منھنجي آسمان واري پيءُ نہ پوکيو آھي سو ضرور پٽيو ويندو. 14 انھن بابت ڳڻتي نہ ڪريو ڇاڪاڻ⁠تہ ھو انڌا اڳواڻ آھن. جيڪڏھن انڌو انڌي جي اڳواڻي ڪندو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.“ 15تنھن تي پطرس پڇيو تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ انھيءَ مثال جي معنيٰ ڇا آھي.“ 16عيسيٰ چيو تہ ”اوھين بہ اڃا تائين بي⁠سمجھہ آھيو ڇا؟ 17ايتري بہ خبر نہ ٿي پئيوَ تہ جيڪي وات اندر وڃي ٿو سو پيٽ ۾ وڃي ٿو ۽ اتان نيٺ ٻاھر نڪري وڃي ٿو. 18 پر جيڪي شيون وات مان نڪرن ٿيون سي دل مان ٿيون اچن ۽ اھي ئي شيون انسان کي پليت ڪن ٿيون، 19ڇالاءِ⁠جو انسان جي دل مان بڇڙا خيال نڪرن ٿا، جيڪي خون، زناڪاري، حرامڪاري، چوري، ڪوڙي شاھدي ۽ گلا ڪرائين ٿا. 20اھي ئي تہ شيون آھن جيڪي انسان کي پليت ڪن ٿيون. پر اڻ⁠ڌوتل ھٿن سان کائڻ ماڻھوءَ کي پليت نہ ٿو ڪري.“

ھڪ عورت جو ايمان

21پوءِ عيسيٰ اتان روانو ٿي صور ۽ صيدا شھرن جي علائقي ڏانھن ويو. 22اتان جي ھڪ ڪنعاني عورت ھن وٽ آئي ۽ رڙ ڪري چيائينس تہ ”اي سائين! اي ابن دائود! مون تي رحم ڪريو. منھنجي ڌيءَ کي ڀوت آھي، جيڪو کيس ڏاڍو ھلاک ٿو ڪري.“ 23پر عيسيٰ ان عورت کي ڪو جواب نہ ڏنو. سندس شاگردن وٽس اچي منٿ ڪري چيس تہ ”ھن کي روانو ڪريو جو ھوءَ اسان جي پٺيان رڙيون ڪندي اچي ٿي.“ 24تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”آءٌ رڳو بني اسرائيل جي گھراڻي جي گمراھہ ٿيل رڍن لاءِ موڪليو ويو آھيان.“ 25پر ھوءَ اچي عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيئي ۽ چيائينس تہ ”اي سائين! منھنجي مدد ڪريو.“ 26عيسيٰ چيس تہ ”اھو واجب نہ آھي جو ٻارن جي ماني کڻي ڪتن کي اڇلائي ڏجي.“ 27پر عورت جواب ڏنو تہ ”اھو تہ برابر آھي پر ڪتا بہ تہ مالڪن جي دسترخوان جا ڪريل ٽڪر کائيندا آھن.“ 28تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”اي عورت! تون تہ وڏي ايمان واري آھين. جيڪو تون گھرين ٿي اھو تو لاءِ ڪيو ويندو.“ انھيءَ وقت ئي ان عورت جي ڌيءَ چڱي ڀلي ٿي پيئي.

گھڻن ماڻھن کي شفا ڏيڻ

29عيسيٰ اتان روانو ٿي گليل ڍنڍ جي ڪناري سان ھلڻ لڳو. پوءِ ھو ھڪڙي ٽڪر تي چڙھي ويو ۽ اُتي ويھي رھيو. 30ماڻھن جا وڏا ميڙ وٽس آيا جن پاڻ سان منڊا، انڌا، ٽُنڊا، گونگا ۽ ٻيا ڪيترا ئي بيمار آندا. انھن کي عيسيٰ جي پيرن وٽ ويھاريائون ۽ ھن کين شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو. 31جڏھن انھن ڏٺو تہ گونگا ڳالھائين ٿا، ٽُنڊا سڄا ٿي پيا آھن، منڊا گھمن ٿا ۽ انڌا ڏسن ٿا تڏھن ھو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا.

چار ھزار ماڻھن کي کارائڻ

32عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”مون کي ھنن ماڻھن لاءِ ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھي ٽن ڏينھن کان وٺي مون سان گڏ آھن ۽ ھاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونھي جو کائين. آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ اھي بکيا ھليا وڃن، ڇو⁠تہ متان ھي رستي تي ساڻا ٿي پون.“ 33تنھن تي شاگردن چيس تہ ”ھتي سڃ ۾ اسين ھيڏي ساري خلق کي کارائڻ لاءِ ايتري ماني ڪٿان آڻينداسين؟“ 34عيسيٰ پڇين تہ ”اوھان وٽ ڪيتريون مانيون آھن؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ست مانيون ۽ ٿوريون ڪُرڙيون.“ 35تنھن تي عيسيٰ ماڻھن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويھو.“ 36پوءِ ھن ست ئي مانيون ۽ مڇيون ھٿن تي کڻي انھن ۾ برڪت گھري ۽ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪندو شاگردن کي ڏيندو ويو ۽ شاگرد خلق کي ڏيندا ويا. 37انھن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، تڏھن بہ ٽڪر ڳڀا ايترا تہ بچيا جو شاگردن ست کاريون ڀري کنيون. 38جن ماڻھن کاڌو تن جو تعداد عورتن ۽ ٻارن کان سواءِ چار ھزار ھو. 39پوءِ عيسيٰ ماڻھن کي روانو ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي مگدن جي علائقي ڏانھن ھليو ويو.

متي 16

عيسيٰ کان معجزي جي طلب

1 عيسيٰ وٽ ڪي فريسي ۽ صدوقي آيا. کيس آزمائڻ لاءِ چيائون تہ ”اسان کي آسمان مان ڪو معجزو ڏيکار.“ 2پر عيسيٰ انھن کي ورندي ڏني تہ ”جڏھن سج لھڻ مھل آسمان ڳاڙھو ٿو ٿئي تہ اوھين چئو ٿا تہ ’ڏاڍي صاف موسم ٿيندي،‘ 3۽ جڏھن صبح جو آسمان ڳاڙھو ۽ جھڙالو ٿو ٿئي تہ چئو ٿا تہ ’اڄ مينھن پوندو.‘ اوھان کي آسمان جي نشانين جي تہ خبر پوي ٿي پر زماني جي نشانين جي خبر نہ ٿي پئيوَ. 4 ھن زماني جا ماڻھو ڪيترا نہ بڇڙا ۽ بي⁠ايمان آھن جو مون کان معجزو ٿا گھرن. پر انھن کي يونس جي معجزي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو ويندو.“ پوءِ ھو انھن کي ڇڏي روانو ٿي ويو.

فريسين ۽ صدوقين جو خميرو

5شاگرد ڍنڍ جي ھُن ڀر ويا، پر کين ماني کڻڻ وسري ويئي. 6 پوءِ عيسيٰ چين تہ ”ڏسو، فريسين ۽ صدوقين جي خميري کان ھوشيار ٿجو.“ 7ھو پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”ھن اسان کي اھو انھيءَ ڪري چيو جو اسين ماني ڪونہ کڻي آيا آھيون.“ 8عيسيٰ سندن ڳالھہ سمجھي ويو، سو چيائين تہ ”اوھان جو ايمان ڪيترو نہ ڪمزور آھي. ڇو ٿا پاڻ ۾ سوال جواب ڪريو تہ ’اسان وٽ ماني ڪونھي؟‘ 9 اڃا تائين اوھين نہ ٿا سمجھو؟ ڇا اوھان کي ياد نہ آھي تہ اوھان پنجن مانين جا ڳڀا پنج ھزار ماڻھن ۾ ورھايا ھئا؟ ۽ اوھان ڪيتريون کاريون بچيل ڳڀن جون ڀري کنيون ھيون؟ 10 ۽ نہ وري ست مانيون چار ھزار ماڻھن ۾ ورھائڻ ياد اٿوَ تہ ان وقت اوھان ڪيتريون کاريون ڀري کنيون ھيون؟ 11مون اوھان کي ماني بابت نہ چيو، پر اوھين ڇو نہ ٿا سمجھو؟ پاڻ کي فريسين ۽ صدوقين جي خميري کان ھوشيار ڪجو.“ 12پوءِ شاگردن سمجھيو تہ ھو مانيءَ ۾ ڪم ايندڙ خميري کان خبردار نہ پيو ڪري پر فريسين ۽ صدوقين جي تعليم کان ھوشيار رھڻ لاءِ پيو چوي.

پطرس جو عيسيٰ بابت اظھار

13جڏھن عيسيٰ قيصريہ فلپيءَ جي علائقي ۾ آيو تہ پنھنجن شاگردن کان پڇيائين تہ ”ماڻھو ابن⁠آدم بابت ڇا ٿا چون تہ ھو ڪير آھي؟“ 14 انھن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوھين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آھيو، ڪي چون ٿا تہ الياس نبي آھيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ يرمياہ يا ٻين نبين مان ڪوبہ ھڪ آھيو.“ 15عيسيٰ پڇين تہ ”اوھين ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آھيان؟“ 16 تنھن تي شمعون پطرس وراڻيو تہ ”تون مسيح، زندہ خدا جو فرزند آھين.“ 17عيسيٰ چيس تہ ”اي يوحنا جا پٽ شمعون! تون سڀاڳو آھين، ڇاڪاڻ⁠تہ ھيءَ حقيقت تو کي ڪنھن انسان کان نہ پر منھنجي آسمان واري پيءُ کان ملي آھي. 18آءٌ بہ تو کي چوان ٿو تہ تون ٽڪر آھين ۽ ان ٽڪر تي آءٌ پنھنجي ڪليسيا اڏيندس جيڪا موت جي طاقت تي غالب پوندي. 19 آءٌ تو کي آسمان واري بادشاھت جون ڪنجيون ڏيندس ۽ جنھن ڳالھہ جي تون زمين تي منع ڪندين تہ بھشت ۾ بہ منع ڪئي ويندي ۽ جنھن ڳالھہ جي تون زمين تي اجازت ڏيندين تہ بھشت ۾ بہ ان جي اجازت ڏني ويندي.“ 20پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي تاڪيد ڪيو تہ ”ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائجو تہ آءٌ مسيح آھيان.“

عيسيٰ جو پنھنجي ڏک ۽ موت بابت ٻڌائڻ

21انھيءَ وقت کان پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي کليو کلايو چئي ڇڏيو تہ ”آءٌ يروشلم ضرور ويندس ۽ اتي بزرگن، سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جون گھڻيون سختيون سھندس. مون کي ماريو ويندو ۽ ٽئين ڏينھن تي وري جيئرو ٿي اٿندس.“ 22پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ سختيءَ سان چوڻ لڳس تہ ”اي خداوند! خدا خير ڪري، شل تو سان ائين نہ ٿئي.“ 23عيسيٰ ڦري پطرس کي چيو تہ ”اي شيطان! منھنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. منھنجي راھہ ۾ تون رڪاوٽ آھين، ڇالاءِ⁠جو تون خدا وانگر نہ پر ماڻھن وانگر ٿو سوچين.“ 24 پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”جيڪڏھن ڪو منھنجي پٺيان ھلڻ گھري تہ ھو پنھنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان ھلي. 25 ڇالاءِ⁠جو جيڪو چاھي ٿو تہ ’آءٌ پنھنجي جان بچايان،‘ سو اھا وڃائيندو، پر جيڪو منھنجي لاءِ پنھنجي جان ڏيندو تنھن کي اھا ملندي. 26ڀلا ماڻھوءَ کي انھيءَ مان ڪھڙو فائدو جو سڄي دنيا تہ ھٿ ڪري پر پنھنجي جان وڃائي ڇڏي؟ ماڻھو ڪجھہ بہ ڏيئي پنھنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي. 27 انھيءَ ڪري جو ابن⁠آدم پنھنجي پيءُ جي جلوي ۾ ملائڪن سان گڏ ايندو ۽ ھر ھڪ ماڻھوءَ کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو. 28آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪي ھتي بيٺا آھن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين ھو ابن⁠آدم کي سندس بادشاھت ۾ ايندو نہ ڏسندا.“

متي 17

عيسيٰ جو نوراني صورت ۾ ظاھر ٿيڻ

1 ڇھن ڏينھن کان پوءِ عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کي اڪيلائيءَ ۾ ھڪڙي مٿاھين جبل تي وٺي ويو. 2جيئن ئي ھنن عيسيٰ ڏانھن نھاريو تہ سندس صورت بدلجي پيئي ۽ ھن جو منھن سج وانگر چمڪڻ لڳو. سندس پوشاڪ نوراني ٿي ويئي. 3پوءِ انھن موسيٰ ۽ الياس نبيءَ کي ڏٺو جيڪي عيسيٰ سان ڳالھيون ڪري رھيا ھئا. 4تنھن تي پطرس عيسيٰ کي چيو تہ ”اي خداوند! اھا اسان جي خوش⁠نصيبي آھي جو اسين ھتي آھيون. جيڪڏھن اوھان جي مرضي ھجي تہ آءٌ ھتي ٽي تنبو کڻي کوڙيان، ھڪ اوھان لاءِ، ھڪ موسيٰ لاءِ ۽ ھڪ الياس لاءِ.“ 5 اڃا ھو ڳالھائي ئي پيو تہ ھڪ تمام اڇي ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي ۽ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”ھي منھنجو پيارو فرزند آھي ۽ ھن مان آءٌ گھڻو خوش آھيان. اوھين ھن جي ڌيان سان ٻڌو.“ 6جڏھن شاگردن ھي آواز ٻڌو تہ اُھي ايترا تہ ڊڄي ويا جو پاڻ کي منھن ڀر زمين تي ڪيرائي ڇڏيائون. 7عيسيٰ انھن وٽ اچي کين ھٿ لائي چيو تہ ”اٿو ۽ ڊڄو نہ.“ 8پوءِ انھن اکيون کڻي نھاريو تہ عيسيٰ کان سواءِ اتي ٻيو ڪوبہ ڪونہ ھو. 9جيئن ھو جبل تان ھيٺ لٿا پئي تہ عيسيٰ انھن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ اھو تيستائين ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائجو، جيستائين ابن⁠آدم موت کان پوءِ وري جيئرو نہ ٿئي.“ 10 پوءِ شاگردن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”شريعت جا عالم ڇو ٿا چون تہ پھريائين الياس نبيءَ جو اچڻ ضروري آھي؟“ 11ھن وراڻيو تہ ”برابر، الياس پھريائين ايندو ۽ ھر ھڪ شيءِ تيار ڪندو. 12 پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ الياس اچي چڪو ۽ ماڻھن ھن کي نہ سڃاتو، بلڪ ساڻس جيئن وڻين تيئن ئي سلوڪ ڪيائون. ساڳيءَ طرح ابن⁠آدم سان بہ اُھي ائين ئي سلوڪ ڪندا.“ 13پوءِ شاگردن سمجھيو تہ ھو ساڻن يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري بابت ڳالھائي رھيو ھو.

مرگھيءَ واري ڇوڪري مان ڀوت ڪڍڻ

14جڏھن اُھي خلق ڏانھن موٽيا تہ ھڪڙو ماڻھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ سندس اڳيان گوڏا کوڙي 15چيائين تہ ”سائين! منھنجي پٽ تي رحم ڪريو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن کي مرگھيءَ جو اھڙو خوفناڪ مرض آھي جو اڪثر ڪري باھہ يا پاڻيءَ ۾ وڃيو ڪري. 16آءٌ کيس اوھان جي شاگردن وٽ وٺي آيو ھوس، پر اُھي کيس ڇٽائي نہ سگھيا.“ 17تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اي بي⁠يقين ۽ گمراھہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوھان وٽ ھوندس؟ ۽ ڪيستائين اوھان جي سھندس؟ ڇوڪري کي مون وٽ وٺي اچ.“ 18عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو تہ ھو نڪري ويو ۽ انھيءَ گھڙيءَ ڇوڪرو چڱو ڀلو ٿي پيو. 19پوءِ شاگرد عيسيٰ وٽ نويڪلائيءَ ۾ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”اسين ھن ڀوت کي ڇو نہ ڪڍي سگھياسون؟“ 20‏-21 عيسيٰ وراڻيو تہ ”اوھين اھو ڀوت انھيءَ ڪري نہ ڪڍي سگھيا جو اوھان ۾ ايترو ايمان ڪونہ ھو. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان ۾ سرنھن جي داڻي جيترو بہ ايمان ھوندو تہ اوھين ھن جبل کي چئي سگھو ٿا تہ ’ھتان ھلي ھُتي وڃ‘ تہ ھو ويندو. اوھان لاءِ ڪابہ شيءِ اڻ⁠ٿيڻي نہ آھي.“

ٻيو دفعو پنھنجي موت بابت ٻڌائڻ

22جڏھن سڀيئي شاگرد گليل ۾ اچي گڏ ٿيا تہ عيسيٰ انھن کي ٻڌايو تہ ”ابن⁠آدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو. 23اھي کيس ماري ڇڏيندا پر ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“ تنھن تي شاگرد ڏاڍا غمگين ٿيا.

ھيڪل جي محصول جي ادائگي

24 جڏھن عيسيٰ ۽ سندس شاگرد ڪفرناحوم ۾ اچي پھتا تہ ھيڪل جا محصول اڳاڙيندڙ پطرس وٽ آيا ۽ پڇيائونس تہ ”ڇا تنھنجو استاد ھيڪل جو محصول ڏيندو آھي؟“ 25تنھن تي پطرس وراڻيو تہ ”ھائو.“ جڏھن پطرس گھر ۾ اندر گھڙيو تہ ھن جي ڳالھائڻ کان اڳ ۾ عيسيٰ پڇيس تہ ”شمعون! تنھنجي ڪھڙي راءِ آھي؟ دنيا جي بادشاھن کي محصول ۽ ڍلون ڪير ڏيندا آھن؟ ڇا ملڪ جا رھاڪو ڏيندا آھن يا ڌاريا؟“ 26تنھن تي پطرس جواب ڏنو تہ ”ڌاريا.“ عيسيٰ چيو تہ ”چڱو، پوءِ ان جو مطلب تہ ملڪ جا رھاڪو محصول ڏيڻ کان آجا آھن. 27پر اسين ھنن ماڻھن کي ناراض ڪرڻ نہ ٿا چاھيون. تنھنڪري تون وڃي ڍنڍ ۾ ڪُنڍي وجھہ. جيڪا پھرين مڇي ڦاسي ان جي وات ۾ چانديءَ جو ھڪ وڏو سڪو ڏسندين. اھو کڻي وڃي منھنجي ۽ پنھنجي پاران ھنن کي ھيڪل جو محصول ڏي.“

متي 18

وڏو ڪير؟

1 انھيءَ مھل شاگرد عيسيٰ وٽ آيا ۽ پڇيائونس تہ ”آسمان واري بادشاھت ۾ سڀ کان وڏو ڪير آھي؟“ 2تنھن تي عيسيٰ ھڪ ٻار کي سڏي انھن جي سامھون بيھاري 3 چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين اوھين بدلجي ٻارن وانگر نہ ٿيندا، تيستائين آسمان واري بادشاھت ۾ ڪڏھن بہ داخل ٿي نہ سگھندا. 4آسمان واري بادشاھت ۾ سڀ کان وڏو اُھو آھي جيڪو پاڻ کي ھن ٻار وانگر نماڻو ۽ نھٺو ٿو ڪري، 5۽ جيڪوبہ اھڙن ٻارن کي منھنجي ڪري قبول ٿو ڪري تنھن ڄڻ مون کي قبول ڪيو.“

گمراھہ ڪرڻ واري لاءِ سزا

6عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”ھي ننڍڙا جن جو مون تي ايمان آھي، تن مان ڪنھن بہ ھڪ کي جيڪڏھن ڪو گمراھہ ڪندو، تنھن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو تہ کيس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو پُڙ وجھي سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙيو وڃي. 7ھن دنيا کي حيف آھي، جنھن جون شيون ماڻھن کي گمراھہ ٿيون ڪن. گمراھي تہ ضرور ٿيندي پر مصيبت آھي اُن ماڻھوءَ لاءِ جنھن جي وسيلي گمراھي ٿئي ٿي. 8 جيڪڏھن تنھنجو ھٿ يا پير تو کي گمراھہ ڪري تہ اھو ڪپي پري اڇلائي ڇڏ، ڇالاءِ⁠جو ٻنھي ھٿن يا پيرن سان دائمي باھہ ۾ پوڻ کان اھو بھتر آھي تہ تون ٽُنڊو يا منڊو جنت ۾ داخل ٿئين. 9 جيڪڏھن تنھنجي اک تو کي گمراھہ ڪري تہ اُھا ڪڍي پري اڇلائي ڇڏ، ڇالاءِ⁠جو ٻن اکين سان جھنم جي باھہ ۾ پوڻ کان اھو بھتر آھي تہ تون ڪاڻو ئي جنت ۾ داخل ٿئين.“

وڃايل رڍ جو مثال

10‏-11 ”ڏسو، متان ھنن ننڍڙن مان ڪنھن بہ ھڪ کي خسيس ڪري سمجھو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آسمان ۾ ھنن جا ملائڪ ھر وقت منھنجي آسمان واري پيءُ جي حضور ۾ حاضر رھن ٿا. 12ڪيئن ٿا ڀانئيو؟ جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ کي ⁠سؤ رڍون ھجن ۽ انھن مان ھڪ وڃائجي وڃينس تہ ڇا ھو نوانوي رڍن کي ٽڪر تي چرندو ڇڏي اُن ھڪ وڃايل رڍ کي ڳولڻ لاءِ نہ ويندو؟ 13جڏھن ھو اھا رڍ لھي ٿو تہ آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ اُھي نوانوي جيڪي گم نہ ٿيون آھن تن کان وڌيڪ ھو انھيءَ ھڪ لاءِ خوشي ڪندو. 14ساڳيءَ طرح اوھان جو آسمان وارو پيءُ نہ ٿو چاھي تہ ھنن ننڍڙن مان ڪو ھڪڙو بہ گمراھہ ٿي وڃي.“

ڏوھہ ڪندڙ ڀاءُ کي ھدايت

15 ”جيڪڏھن اوھان جي ڪليسيا جو ڪو ماڻھو اوھان جو ڏوھہ ٿو ڪري تہ ھن کي اھو ڏوھہ اڪيلائيءَ ۾ ياد ڏياريو. جيڪڏھن ھن اوھان جي ڌيان سان ٻڌي تہ ڄڻ اوھان ھڪ ھم⁠ايمان کي موٽائي آندو، 16 پر جيڪڏھن ھو اوھان جي ڌيان سان نہ ٻڌي تہ پوءِ جيئن لکيل آھي تہ ’ھڪڙو يا ٻہ شخص پاڻ سان وٺي وڃو تہ جيئن سڄو ڏوھہ ٻن يا ٽن شاھدن جي سامھون مٿس ثابت ٿئي.‘ 17جيڪڏھن ھو انھن کي انڪار ڪري تہ ڪليسيا کي ٻڌايو ۽ جيڪڏھن ڪليسيا کي بہ نہ مڃي تہ پوءِ ھن کي غير قوم ۽ محصول اڳاڙيندڙن مان ڪري سمجھو.“

حلال ۽ حرام

18 ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جنھن ڳالھہ جي اوھين ھن زمين تي منع ڪندا تنھن جي بھشت ۾ بہ منع ڪئي ويندي ۽ جنھن ڳالھہ جي اوھين ھن زمين تي اجازت ڏيندا تنھن جي بھشت ۾ بہ اجازت ڏني ويندي. 19آءٌ اوھان کي اھو بہ ٻڌايان ٿو تہ جڏھن اوھان مان ڪي ⁠بہ ٻہ گڏجي ھن زمين تي ڪنھن شيءِ لاءِ دعا گھرن ٿا تہ منھنجو آسمان وارو پيءُ اوھان لاءِ اھو ڪم ڪندو. 20ڇالاءِ⁠جو جتي بہ ٻہ يا ٽي منھنجي نالي تي اچي گڏ ٿين ٿا تہ آءٌ بہ اُتي انھن سان شامل آھيان.“

بڇڙي نوڪر جو مثال

21 پوءِ پطرس عيسيٰ وٽ اچي پڇيو تہ ”خداوند، جيڪڏھن منھنجو ڪو ڀاءُ ڀيڻ منھنجو ڏوھہ ڪندو رھي تہ آءٌ کيس ڪيترا دفعا بخشي ڇڏيان؟ ڇا ست دفعا بخشي ڇڏيانس؟“ 22 عيسيٰ وراڻيو تہ ”ست دفعا تہ آءٌ ڪونہ ٿو چوان، پر ستھتر دفعا. 23ڇاڪاڻ⁠تہ آسمان واري بادشاھت ھڪ بادشاھہ وانگر آھي، جنھن پنھنجن نوڪرن کان حساب ڪتاب وٺڻ جو فيصلو ڪيو. 24جڏھن حساب ڪتاب ڪرڻ لڳو تہ وٽس ھڪ اھڙو ماڻھو آندو ويو جنھن ڏانھن ھن جا ڪروڙين چانديءَ جا سڪا قرض ھئا. 25پر ان نوڪر وٽ ايترو پيسو ڪونہ ھو جو کڻي قرض لاھي، تنھنڪري سندس مالڪ حڪم ڏنو تہ ’ھن کي، سندس زال ۽ ٻارن کي ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس آھي تنھن کي بہ وڪڻي قرض جي ادائگي ڪئي وڃي.‘ 26نوڪر پنھنجي مالڪ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ عرض ڪيائينس تہ ’مون کي مھلت ڏيو. آءٌ اوھان جو سمورو قرض ادا ڪندس.‘ 27مالڪ کي ھن تي رحم اچي ويو سو کيس آزاد ڪري سندس سمورو قرض بخشي ڇڏيائين. 28اھو نوڪر ٻاھر نڪتو تہ پنھنجو ھڪ ساٿي نوڪر مليس جنھن ڏانھن ھن جا ھڪ ⁠سؤ چانديءَ جا سڪا قرض ھئا. تنھن کي جھلي ڳچيءَ کان وٺي چيائينس تہ ’مون کي منھنجو قرض ڏي.‘ 29ھن جي ساٿيءَ پيرن تي ڪري کيس ليلائي چيو تہ ’مون کي مھلت ڏي، آءٌ تو کي قرض واپس ڪندس.‘ 30پر ھن سندس ھڪ بہ نہ ٻڌي ۽ جيل ۾ وجھرايائينس جيستائين ھو قرض ادا نہ ڪري. 31جڏھن ان جي ساٿي نوڪرن ھي ڏٺو تہ کين ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ اچي سارو احوال پنھنجي مالڪ کي ٻڌايائون. 32تنھن تي مالڪ ان نوڪر کي گھرائي چيو تہ ’اي بڇڙا نوڪر! مون تو کي پنھنجو سمورو قرض بخشي ڇڏيو، ڇاڪاڻ⁠تہ تو مون کي منٿون ڪيون ھيون. 33ڇا تو کي بہ اھڙيءَ طرح پنھنجي ساٿي نوڪر تي رحم ڪرڻ نہ کپندو ھو جيئن مون تو تي ڪيو؟‘ 34سو مالڪ اچي ڏاڍو ڏمريو ۽ انھيءَ نوڪر کي جلادن جي حوالي ڪري ڇڏيائين، جيستائين ھو سمورو قرض واپس نہ ڪري. 35اھڙيءَ⁠ طرح منھنجو آسمان وارو پيءُ بہ اوھان سان ڪندو، جيڪڏھن اوھين پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ کي سچيءَ دل سان نہ بخشيندءُ.“

متي 19

طلاق بابت تعليم

1جڏھن عيسيٰ اھي ھدايتون ڏيئي چڪو تہ ھو گليل مان روانو ٿي، اردن درياءَ جي ٻيءَ ڀر يھوديہ جي علائقي ۾ آيو. 2ھن جي پٺيان ماڻھن جا وڏا ميڙ آيا پئي ۽ ھن اُتي ئي کين شفا ڏيئي چڱو ڀلو ٿي ڪيو. 3ڪي فريسي وٽس آيا ۽ کيس آزمائڻ لاءِ پڇيائون تہ ”ڇا ڪنھن ماڻھوءَ جو پنھنجي زال کي ڪنھن بہ سبب طلاق ڏيڻ جائز آھي يا نہ؟“ 4 تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”ڇا اوھان لکت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ خالق انھن کي شروعات کان وٺي نر ۽ مادي ڪري پيدا ڪيو؟ 5 ۽ چيائين تہ ’انھيءَ ڪري مرد پنھنجي ماءُ⁠پيءُ کي ڇڏي پنھنجيءَ زال سان گڏجي رھندو ۽ ھو ٻئي گڏجي ھڪ ٿي ويندا.‘ 6پوءِ اھي ٻہ نہ پر ھڪ آھن. سو جن کي خدا ملايو آھي تن کي ماڻھو جدا نہ ڪري.“ 7 تڏھن انھن فريسين کانئس پڇيو تہ ”پوءِ موسيٰ ڇو حڪم ڪيو تہ مرد پنھنجي زال کي طلاق نامو ڏيئي کيس ڪڍي سگھي ٿو؟“ 8عيسيٰ وراڻيو تہ ”موسيٰ اوھان جي سخت⁠دليءَ ڪري اوھان کي اجازت ڏني تہ اوھين زال کي طلاق ڏيئي سگھو ٿا، پر شروعات ۾ ائين نہ ھو. 9 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجي زال کي زناڪاريءَ جي سبب کان سواءِ طلاق ڏئي ٿو ۽ ڪنھن ٻيءَ عورت سان شادي ٿو ڪري، تہ ڄڻ زنا ڪيائين.“ 10تنھن تي سندس شاگردن کيس چيو تہ ”جيڪڏھن زال مڙس جو اھو حال آھي تہ پوءِ پرڻجڻ ئي چڱو نہ آھي.“ 11عيسيٰ وراڻيو تہ ”سڀ ماڻھو اھا ڳالھہ قبول ڪري نہ سگھندا، رڳو اھي ئي قبول ڪندا جن کي خدا کان اھڙي طاقت مليل ھوندي. 12ڇالاءِ⁠جو ڪي سبب آھن جو ماڻھو شادي نہ ٿا ڪن. جيئن تہ ڪي ڄمندي ئي کدڙا آھن، ڪن کي ماڻھن کدڙو ڪيو آھي ۽ ڪي آسمان واري بادشاھت جي لاءِ کدڙا ٿيا آھن. جيڪو اھا ڳالھہ قبول ڪري سگھي سو ڀلي قبول ڪري.“

ننڍڙن ٻارن سان پيار

13ڪي ماڻھو عيسيٰ وٽ پنھنجا ننڍڙا ٻار کڻي آيا تہ جيئن عيسيٰ پنھنجا ھٿ انھن تي رکي کين دعا ڪري، پر شاگردن انھن ماڻھن کي ڇينڀيو. 14عيسيٰ چيو تہ ”ٻارن کي ڇڏيو تہ مون وٽ اچن، انھن کي نہ جھليو ڇاڪاڻ⁠تہ آسمان واري بادشاھت اھڙن جي ئي آھي.“ 15عيسيٰ انھن تي پنھنجا ھٿ رکيا. پوءِ ھو اتان روانو ٿي ويو.

شاھوڪار ۽ خدا جي بادشاھت

16ھڪ دفعي ھڪ ماڻھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ پڇيائينس تہ ”اي استاد! آءٌ ڪھڙو چڱو ڪم ڪريان جو دائمي زندگي ملي؟“ 17عيسيٰ وراڻيو تہ ”تون مون کان چڱي ڪم بابت ڇو ٿو پڇين؟ چڱو تہ رڳو خدا ئي آھي. جيڪڏھن تون دائمي زندگي حاصل ڪرڻ گھرين ٿو تہ ان جي حڪمن تي عمل ڪر.“ 18 ھن پڇيو تہ ”ڪھڙا حڪم؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”خون نہ ڪر، زنا نہ ڪر، چوري نہ ڪر، ڪوڙي شاھدي نہ ڏي، 19 پنھنجي ماءُ⁠پيءُ جي عزت ڪر ۽ پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.“ 20تنھن تي جوان مرد جواب ڏنو تہ ”مون انھن سڀني تي عمل ڪيو آھي. باقي ٻيا ڪھڙا رھيل آھن؟“ 21عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”جيڪڏھن تون ڪامل ٿيڻ گھرين ٿو تہ وڃي پنھنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُھي پيسا غريبن ۾ خيرات ڪر تہ بھشت ۾ تو کي خزانو ملندو ۽ پوءِ اچي منھنجو پوئلڳ ٿيءُ.“ 22جڏھن جوان مرد اھا ڳالھہ ٻڌي تہ غمگين ٿي ھليو ويو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو ھڪ وڏو شاھوڪار ماڻھو ھو. 23پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي ٻڌايو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ شاھوڪار ماڻھو آسمان واري بادشاھت ۾ ڏاڍي مشڪلات سان داخل ٿيندو. 24آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ اُٺ جو سُئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آھي، پر شاھوڪار ماڻھوءَ جو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ اولو آھي.“ 25جڏھن شاگردن اھو ٻڌو تہ ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ چيائون تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“ 26عيسيٰ انھن ڏانھن چتائي ڏٺو ۽ چيو تہ ”اھا ڳالھہ ماڻھن کان تہ ٿي نہ ٿي سگھي، پر خدا سڀ ڪجھہ ڪري سگھي ٿو.“ 27تنھن تي پطرس چيو تہ ”ڏسو، اسين سڀ ڪجھہ ڇڏي اوھان جي پٺيان لڳا آھيون، اسان کي ڇا ملندو؟“ 28 عيسيٰ کين چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اڳئين جھان ۾ جڏھن ابن⁠آدم پنھنجي جلوي سان تخت تي ويھندو، تہ اوھين منھنجا ٻارھن پوئلڳ بہ ٻارھن تختن تي ويھندا ۽ بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن جا فيصلا ڪندا. 29جيڪوبہ منھنجي ڪري گھر، ڀائر، ڀينرون، پيءُ، ماءُ، ٻار يا ٻنيون ڇڏيندو تہ ان کي اُھي سوء⁠ڻا ٿي ملندا ۽ دائمي زندگي بہ ملندس. 30 پر ڪيترائي جيڪي ھاڻي اڳيان آھن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي ھاڻي پويان آھن سي اڳيان ٿيندا.“

متي 20

انگورن جي باغ جا مزور

1”آسمان واري بادشاھت ڪنھن گھر جي مالڪ مثل آھي، جيڪو صبح جو سوير انھيءَ لاءِ ٻاھر نڪتو تہ پنھنجي انگورن جي باغ ۾ ڪي مزور بيھاري. 2ھنن سان روز جي مزوري ھڪ چانديءَ جو سڪو ٻول ڪري کين پنھنجي انگورن جي باغ ۾ موڪليائين. 3پھر کن گذرڻ کان پوءِ ھو بازار ويو ۽ ڏٺائين تہ اُتي ٻيا مزور بہ واندا بيٺا آھن. 4انھن کي چيائين تہ ’اوھين بہ انگورن جي باغ ۾ وڃي ڪم ڪريو ۽ جيڪو حق ھوندو سو آءٌ اوھان کي ڏيندس،‘ 5تڏھن اھي بہ ويا. پوءِ ٻہ پھر گذريا تہ ھو وري ويو ۽ ساڳيءَ طرح مزور ڪيائين. ٽي پھر گذريا تہ وري بہ ويو ۽ ساڳيءَ طرح مزور موڪليائين. 6ھو وري چوٿين پھر بازار ويو ۽ وري بہ ائين ئي ماڻھن کي واندو بيٺل ڏٺائين ۽ کانئن پڇيائين تہ ’اوھين ھتي سڄو ڏينھن ڇو واندا بيٺا آھيو؟‘ 7انھن وراڻيو تہ ’ڇالاءِ⁠جو اسان کي پورھئي تي ڪنھن بہ ڪين بيھاريو آھي.‘ تنھن تي ھن چين تہ ’چڱو اوھين بہ وڃي منھنجي انگورن جي باغ ۾ ڪم ڪريو.‘ 8 جڏھن سانجھي ٿي تہ مالڪ پنھنجي منشيءَ کي چيو تہ ’مزورن کي سڏي کين مزوري ڏي. پھريائين انھن کي ڏيڻ شروع ڪر جيڪي پڇاڙيءَ ۾ ڪم تي بيٺا ھئا ۽ پڇاڙيءَ ۾ انھن کي ڏي جيڪي پھريائين ڪم تي بيٺل ھئا.‘ 9جيڪي ماڻھو چوٿين پھر ڪم تي بيٺا ھئا تن مان ھر ڪنھن کي ھڪ چانديءَ جو سڪو مليو. 10تنھنڪري جيڪي ماڻھو پھريائين اچي ڪم تي بيٺا ھئا انھن سمجھيو تہ ’شايد اسان کي گھڻو ملندو،‘ پر انھن مان بہ ھر ھڪ کي ھڪ چانديءَ جو سڪو مليو. 11انھن پيسا تہ کنيا پر مالڪ جي خلاف ڪرڪڻ لڳا تہ 12’اسان، جن سڄو ڏينھن پورھيو ڪيو ۽ سج جي گرمي سَٺي تن کي بہ تو اوتري ئي مزوري ڏني آھي جيتري رڳو ھڪڙي پھر کان بہ گھٽ ڪم ڪندڙن کي ڏني اٿيئي.‘ 13تنھن تي ھُن انھن مان ھڪڙي کي وراڻيو تہ ’ميان! مون تو سان ناحق ڪين ڪيو آھي. ڇا تو مون سان ھڪ چانديءَ جو سڪو مزوري ڪين ٻولي ھئي؟ 14جيڪي تنھنجو حق آھي سو وٺي ھليو وڃ. اھا منھنجي مرضي آھي تہ ھن پوئين کي بہ تو جيترو ڏيان. 15ڇا مون کي اھو حق نہ آھي جو پنھنجي پيسي کي جيئن وڻي تيئن خرچ ڪريان؟ آءٌ سخي آھيان تنھن ڪري تو کي حسد ٿو ٿئي ڇا؟‘ 16 ساڳيءَ طرح جيڪي پويان آھن سي اڳيان ٿيندا ۽ جيڪي اڳيان آھن سي پويان ٿيندا.“

ٽيون دفعو پنھنجي موت بابت ٻڌائڻ

17جڏھن عيسيٰ يروشلم ڏانھن وڃي رھيو ھو تہ رستي ۾ ھن پنھنجن ٻارھن شاگردن کي ھڪ پاسي نويڪلائيءَ ۾ وٺي وڃي چيو تہ 18”ٻڌو، اسين يروشلم ڏانھن ھلي رھيا آھيون جتي ابن⁠آدم سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي مٿس موت جي فتويٰ جاري ڪندا. 19پوءِ اُھي کيس غير قومن جي حوالي ڪندا، جيڪي مٿس چٿرون ڪندا، چھبڪ ھڻندس ۽ صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻندس ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“

ھڪ ماءُ جو عرض

20پوءِ زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا جي ماءُ پنھنجي ٻنھي پٽن سميت عيسيٰ وٽ آئي ۽ پيرين پئي کيس ھڪ عرض ڪرڻ لڳي. 21عيسيٰ کانئس پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“ تنھن تي ھُن چيس تہ ”واعدو ڪريو تہ جڏھن اوھان جي بادشاھت اچي تہ منھنجو ھڪڙو پٽ اوھان جي ساڄي ۽ ٻيو کاٻي پاسي ويھي.“ 22عيسيٰ انھن کي وراڻيو تہ ”اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڇا گھري رھيا آھيو. ڇا اوھين اھو پيالو پي سگھندا جيڪو آءٌ پيئڻ وارو آھيان؟“ انھن وراڻيو تہ ”ھائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“ 23تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”بيشڪ اوھين منھنجو پيالو پيئندا. پر پنھنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ويھارڻ منھنجي اختيار ۾ نہ آھي. اھي جايون انھن جون آھن جن جي لاءِ منھنجي پيءُ تيار ڪيون آھن.“ 24جڏھن ٻين ڏھن شاگردن اھا ڳالھہ ٻڌي تہ اھي ٻنھي ڀائرن تي اچي ڪاوڙيا. 25 پر عيسيٰ انھن کي سڏي چيو تہ ”اوھان کي خبر آھي تہ قومن جا سردار ماڻھن تي حڪم ٿا ھلائين ۽ انھن سردارن مٿان وري اميرن کي اختيار آھي. 26 پر اوھان ۾ ائين نہ ٿيندو. اوھان ۾ جيڪو وڏو ٿيڻ چاھي تہ اھو اوھان جو نوڪر ٿئي، 27۽ جيڪو اوھان مان اڳيان ٿيڻ گھُري تہ اھو اوھان جو غلام ٿئي. 28ساڳيءَ طرح ابن⁠آدم بہ انھيءَ لاءِ نہ آيو آھي تہ ٻيا سندس خدمت ڪن، پر انھيءَ لاءِ تہ پاڻ ٻين جي خدمت ڪري ۽ پنھنجي جان گھڻن جي ڇوٽڪاري جي لاءِ قربان ڪري ڇڏي.“

ٻن انڌن کي سڄو ڪرڻ

29جيئن اھي يريحو شھر مان نڪري رھيا ھئا تہ ھڪ وڏو ميڙ عيسيٰ جي پويان آيو. 30ٻہ انڌا جيڪي رستي جي ڀر ۾ ويٺا ھئا تن جڏھن ٻڌو تہ عيسيٰ لنگھي رھيو آھي تڏھن رڙ ڪري چيائون تہ ”اي سائين، ابن دائود! اسان تي رحم ڪريو.“ 31خلق انھن کي ڇڙٻُون ڏنيون تہ ”ماٺ ڪريو.“ پر اھي اڃا بہ وڌيڪ رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي سائين، ابن دائود! اسان تي رحم ڪريو.“ 32تنھن تي عيسيٰ بيھي رھيو ۽ انھن کي سڏي کانئن پڇيائين تہ ”اوھين ڇا ٿا چاھيو ۽ آءٌ اوھان جي لاءِ ڇا ڪريان؟“ 33انھن وراڻيو تہ ”سائين! اسان جي اکين کي کوليو.“ 34عيسيٰ کي انھن تي رحم اچي ويو، سو سندن اکين تي ھٿ لاتائين تہ اھي ھڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳا. پوءِ اھي بہ سندس پٺيان ھلڻ لڳا.

متي 21

يروشلم ۾ شان سان داخل ٿيڻ

1جڏھن اھي يروشلم جي ويجھو ٿيا تہ زيتون جي ٽڪر تي بيت⁠فگاہ ڳوٺ ۾ آيا. اتان عيسيٰ ٻن شاگردن کي اڳواٽ موڪليو. 2انھن کي ھدايتون ڏنائين تہ ”اڳئين ڳوٺ ۾ وڃو. اُتي اوھين ڏسندا تہ ھڪ گڏھِہ پنھنجي کودڙي سميت ٻڌل ھوندي. انھن کي ڇوڙي مون وٽ ڪاھي اچو. 3جيڪڏھن ڪو ماڻھو اوھان کي ڪجھہ چوي تہ کيس چئجو تہ ’سائينءَ کي انھن جي ضرورت آھي.‘ پوءِ ھو ھڪدم اوھان کي اھي ڪاھڻ ڏيندو.“ 4اھو انھيءَ ڪري ٿيو تہ جيڪو نبيءَ چيو ھو سو سچو ثابت ٿئي تہ 5 ”صيئون جي شھر کي چئو تہ ’ڏس، تنھنجو بادشاھہ تو وٽ اچي پيو، نماڻو ۽ گڏھہ تي سوار، بلڪ گڏھہ جي ٻچڙي يعني کودڙي تي.‘“ 6تڏھن شاگرد روانا ٿي ويا ۽ ائين ئي ڪيائون جيئن عيسيٰ کين چيو ھو. 7اُھي گڏھِہ ۽ سندس کودڙي کي ڪاھي آيا، مٿن پنھنجا ڪپڙا وڌائون ۽ عيسيٰ سوار ٿي ويٺو. 8ھڪ تمام وڏي ميڙ مان ڪن پنھنجا ڪپڙا کڻي رستي تي وڇايا ۽ ٻين وري وڻن جون ٽاريون آڻي رستي تي پکيڙي ڇڏيون. 9 جيڪي ميڙ اڳيان ۽ پٺيان پئي آيا تن وڏي آواز سان چيو پئي تہ ”دائود جي پٽ جي واکاڻ ھجي! سڳورو آھي اھو جيڪو خداوند جي نالي سان ٿو اچي! عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ ھجي!“ 10جڏھن عيسيٰ يروشلم ۾ داخل ٿيو تہ سڄو شھر عجب ۾ پئجي ويو. ماڻھن پڇيو تہ ”ھي ڪير آھي؟“ 11ميڙ مان جواب آيو تہ ”ھي گليل جي شھر ناصرت وارو نبي عيسيٰ آھي.“

عيسيٰ جو ھيڪل ۾ وڃڻ

12عيسيٰ ھيڪل ۾ ويو ۽ اُتي جيڪي واپار ۽ ڏيتي⁠ليتيءَ ۾ رُڌل ھئا، تن کي ڌڪي ڪڍڻ لڳو ۽ صرافن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين. 13 انھن کي چيائين تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’منھنجو گھر عبادت جو گھر سڏبو،‘ پر اوھان ان کي ڌاڙيلن جي پاٿاري بڻائي آھي.“ 14ڪيئي انڌا ۽ منڊا عيسيٰ وٽ ھيڪل ۾ آيا ۽ ھن انھن سڀني کي شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو. 15جڏھن سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن اھي عجب جھڙا ڪم ڏٺا جيڪي ھن پئي ڪيا ۽ ٻارن کي ”دائود جو پٽ مبارڪ، مبارڪ “چوندي ٻڌائون تہ اُھي اچي ڪاوڙيا. 16 تنھنڪري انھن عيسيٰ کي اچي چيو تہ ”ڇا تون اھو ٻڌين ٿو جيڪو ھو چون پيا؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھائو. ڇا اوھان لکت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ ’تو ٻارن ۽ کير پياڪن کان پنھنجي واکاڻ ڪرائي آھي.‘“ 17پوءِ عيسيٰ انھن کي ڇڏي شھر مان نڪري بيت⁠عنياہ ڏانھن ويو جتي ھو رات ٽڪيو.

انجير جي وڻ کي پاراتو

18ٻئي ڏينھن صبح جو سوير جڏھن عيسيٰ شھر ڏانھن موٽيو پئي تہ کيس اچي بک لڳي. 19ھن رستي جي ڀر ۾ ھڪ انجير جو وڻ ڏٺو سو وڌي اُن وڻ ڏانھن ويو. ڏٺائين تہ وڻ ۾ رڳو پن ئي پن ھئا. تنھن تي ھن وڻ کي چيو تہ ”تون وري ڪڏھن بہ ميوو نہ جھليندين.“ تڏھن اھو وڻ ھڪدم سڪي ويو. 20ھي ڏسي شاگرد حيران ٿي ويا ۽ پڇيائون تہ ”انجير جو وڻ ايترو جلد ڪيئن سڪي ويو؟“ 21 عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھين يقين رکو ٿا ۽ ڪوبہ شڪ نہ ٿا آڻيو، تہ اوھين بہ ائين ئي ڪري سگھندا جيئن مون ھن انجير جي وڻ سان ڪيو. نہ رڳو ايترو پر جيڪڏھن اوھين ھن جبل کي بہ چوندا تہ ’پنھنجي جاءِ تان ھٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪِرُ،‘ تہ اھو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو. 22جيڪڏھن اوھين ايمان آڻيندا تہ جيڪي ⁠بہ دعا ۾ گھرندا سو اوھان کي ملي ويندو.“

عيسيٰ جي اختياريءَ بابت سوال

23عيسيٰ ھيڪل ۾ موٽي آيو ۽ جيئن تعليم پئي ڏنائين تہ سردار ڪاھن ۽ يھودين جا بزرگ وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”تون ڪھڙي اختياريءَ سان ھي ڪم ٿو ڪرين؟ اھو ڪير آھي جنھن تو کي اھا اختياري ڏني آھي؟“ 24عيسيٰ وراڻين تہ ”آءٌ بہ اوھان کان ھڪڙو سوال ٿو پڇان ۽ جيڪڏھن اوھان مون کي جواب ڏنو تہ آءٌ بہ ٻڌائيندس تہ ڪھڙي اختياريءَ سان ھي ڪم ٿو ڪريان. 25ٻڌايو تہ يحيٰ جي بپتسما ڪنھن جي طرفان ھئي، خدا جي طرفان ھئي يا ماڻھن جي طرفان؟“ تنھن تي اھي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”جيڪڏھن ’خدا جي طرفان‘ ٿا چئون تہ ھو اسان کي چوندو تہ ’پوءِ اوھان ھن تي ايمان ڇو نہ آندو؟‘ 26پر جي چئون ٿا ’ماڻھن جي طرفان‘ تہ اسان کي ماڻھن کان خوف ٿو ٿئي ڇاڪاڻ⁠تہ اھي يحيٰ کي نبي ڪري پيا مڃين.“ 27تنھنڪري انھن عيسيٰ کي جواب ڏنو تہ ”اسان کي خبر نہ آھي.“ تنھن تي ھن انھن کي چيو تہ ”آءٌ بہ نہ ٻڌائيندس تہ ڪھڙي اختياريءَ سان ھي ڪم پيو ڪريان.“

ٻن پٽن جو مثال

28”اوھين ھن ڳالھہ بابت ڇا ٿا سمجھو؟ ڪنھن ماڻھوءَ کي ٻہ پٽ ھئا. ھو پھريائين وڏي پٽ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ’پٽ! اڄ وڃي تون انگورن جي باغ ۾ ڪم ڪر.‘ 29پھريائين تہ ھن جواب ڏنو تہ ’آءٌ ڪين ويندس،‘ پر پوءِ پاڻھي پڇتائي انگورن جي باغ ڏانھن ھليو ويو. 30پوءِ پيءُ وري ٻئي پٽ وٽ ويو ۽ کيس ساڳيو ئي ڪم چيائين. ھن جواب ۾ چيو تہ ’ھائو سائين!‘ پر ويو ڪين. 31ھاڻي اوھين ٻڌايو تہ ھنن ٻنھي مان ڪنھن پنھنجي پيءُ جي مرضي پوري ڪئي؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”وڏي.“ تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ اوھان کان اڳي اھي ڪسبياڻيون ۽ محصول اڳاڙيندڙ خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيندا. 32 ڇالاءِ⁠جو يحيٰ تہ اوھان کي سچائيءَ جو رستو ڏيکارڻ لاءِ آيو ھو ۽ اوھان ھن کي قبول نہ ڪيو. پر محصول اڳاڙيندڙن ۽ ڪسبياڻين ھن کي قبول ڪيو. اوھان جيتوڻيڪ کيس ڏٺو پر نہ اوھان توبھہ ڪئي ۽ نہ مٿس ايمان آندو.“

انگورن جي باغ جي باغائين جو مثال

33 عيسيٰ چيو تہ ”ھڪڙو ٻيو مثال ٻڌو تہ ھڪڙي زميندار انگورن جو باغ لڳايو. ان جي چوڌاري لوڙھو ڏنائين، رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ ھڪ حوض ٺھرايائين ۽ پھري لاءِ ٺُلھہ بہ ٺھرايائين. پوءِ باغ باغائين کي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڪنھن ٻئي ملڪ ڏانھن ھليو ويو. 34جڏھن ميوي لھڻ جو وقت ٿيو تہ ھن پنھنجا نوڪر باغائين ڏانھن موڪليا تہ سندس ڀاڱي جو ميوو وٺي اچن. 35باغائين سندس نوڪرن کي پڪڙي ھڪڙي کي مار ڏني، ٻئي کي ماري ڇڏيو ۽ ٽئين کي سنگسار ڪري ڇڏيائون. 36وري ھُن اڳي کان بہ وڌيڪ نوڪر موڪليا ۽ تن سان بہ انھن ساڳي ڪار ڪئي. 37آخر ۾ ھن پنھنجو پٽ موڪليو، ڇالاءِ⁠جو ھن جو خيال ھو تہ ھو اُن جي ضرور عزت ڪندا. 38پر جڏھن باغائين ھن جي پٽ کي ڏٺو تڏھن انھن پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’ھيءُ مالڪ جو وارث آھي. اچو تہ ھن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ ملڪيت ئي اسان جي ٿي پوندي.‘ 39پوءِ انھن ھن کي پڪڙيو ۽ انگورن جي باغ مان ٻاھر ڪڍي ماري ڇڏيائونس.“ 40عيسيٰ پڇيو تہ ”ھاڻي جڏھن باغ جو مالڪ ايندو تڏھن ھو انھن باغائين کي ڇا ڪندو؟“ 41انھن وراڻيو تہ ”ھو ضرور انھن بڇڙن ماڻھن کي ماري ڇڏيندو ۽ انگورن جو باغ ڪن ٻين باغائين کي ٺيڪي تي ڏيندو، جيڪي کيس سندس ڀاڱو ميوي لھڻ وقت ڏيندا.“ 42 عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ڇا اوھان لکت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ ’جنھن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو. اھو خداوند جي طرفان ڪيو ويو، اھا اسان لاءِ ڪھڙي نہ عجيب ڳالھہ آھي!‘“ 43عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”تنھنڪري آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ خدا جي بادشاھت اوھان کان کسي ويندي ۽ انھيءَ قوم کي ڏني ويندي جيڪا پورو پورو ميوو اُپائيندي. 44جيڪوبہ اُن پٿر تي ڪرندو، سو ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پوندو ۽ جنھن تي اھو ڪرندو، تنھن کي چُور چُور ڪري ڇڏيندو.“ 45سردار ڪاھنن ۽ فريسين جڏھن عيسيٰ جا مثال ٻڌا تہ سمجھيائون تہ ھو انھن بابت ٿو ڳالھائي، 46تنھنڪري انھن ڪوشش ڪئي تہ ھن کي گرفتار ڪرائين. پر کين ماڻھن جو ڊپ پئي ٿيو، ڇالاءِ⁠جو انھن عيسيٰ کي نبي پئي سمجھيو.

متي 22

شاديءَ جي دعوت جو مثال

1عيسيٰ وري ماڻھن سان مثالن ۾ ڳالھائڻ لڳو. 2ھن چيو تہ ”آسمان واري بادشاھت ھڪڙي اھڙي بادشاھہ مثل آھي، جنھن پنھنجي پٽ جي شاديءَ جي دعوت ڪئي. 3ھن دعوتين ڏانھن پنھنجا نوڪر موڪليا تہ ھو دعوت تي اچن، پر اھي اچڻ نہ پيا گھرن. 4تنھن تي ھن ٻيا نوڪر موڪليا تہ جن کي دعوت مليل آھي، تن کي چون تہ ’ھاڻي ماني تيار آھي، منھنجا ڍڳا ۽ متارا وھڙا ذبح ٿي چڪا آھن ۽ ھر شيءِ تيار آھي، سو دعوت کائڻ لاءِ ھليا اچو.‘ 5پر دعوتين ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو ۽ پنھنجن ڪمن سان ھليا ويا، ڪو پنھنجي ٻنيءَ تي ھليو ويو، ڪو پنھنجي واپار تي ھليو ويو، 6ڪن وري سندس نوڪرن کي پڪڙي، انھن کي مار ڏني ۽ قتل ڪري ڇڏيائون. 7تنھن تي بادشاھہ اچي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ پنھنجا سپاھي موڪليائين تہ انھن قاتلن کي مارين ۽ سندن شھر ساڙي ڇڏين. 8پوءِ ھن پنھنجن نوڪرن کي سڏي چيو تہ ’شاديءَ جي ماني تيار آھي پر جن کي دعوت ڏني ويئي ھئي سي ان جا لائق نہ ھئا. 9تنھن ڪري ھاڻي اوھين وڏن رستن جي چونڪن تي وڃو ۽ جيترا بہ ماڻھو ڏسو تن سڀني کي شاديءَ جي دعوت ڏيو.‘ 10تنھن تي اھي نوڪر رستن تي ويا ۽ جيڪي ⁠بہ چڱا مَٺا ماڻھو منھن پين تن سڀني کي آڻي گڏ ڪيائون. شاديءَ جي دعوت واري جاءِ ماڻھن سان ڀرجي ويئي. 11جڏھن بادشاھہ شاديءَ جي مھمانن کي ڏسڻ لاءِ اندر آيو تہ اُتي ھُن ھڪڙو اھڙو ماڻھو ڏٺو جنھن کي شاديءَ جا ڪپڙا پيل ڪين ھئا. 12تنھن تي انھيءَ کان پڇيائين تہ ’ميان، تون شاديءَ جي ڪپڙن کان سواءِ ھتي ڪيئن آيو آھين؟‘ پر ھن ڪڇيو ئي ڪين. 13 تڏھن بادشاھہ نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’ھن جا ھٿ پير ٻڌي ٻاھر اونداھيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيوس، جتي ھو رڙيون ڪري ۽ ڏند ڪرٽي.‘“ 14مسيح آخر ۾ چيو تہ ”ڇالاءِ⁠جو دعوتي تہ گھڻا ھوندا آھن پر چونڊيل ٿورا ھوندا آھن.“

محصول ڏيڻ بابت سوال

15فريسين وڃي پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ”ڪھڙيءَ طرح عيسيٰ کي ڳالھائڻ ۾ ڦاسايون.“ 16پوءِ انھن پنھنجا شاگرد ۽ ھيروديس جي پارٽيءَ جا ڪي ماڻھو عيسيٰ ڏانھن موڪليا، جن اچي چيو تہ ”استاد! اسان کي خبر آھي تہ اوھين سچا آھيو ۽ سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. اوھين ڪنھن جي بہ پرواھہ ڪانہ ٿا ڪريو ۽ ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي ظاھري ڏيک⁠ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو. 17پوءِ اسان کي ٻڌايو تہ اوھين ڇا ٿا سمجھو؟ قيصر کي محصول ڏيڻ اسان لاءِ جائز آھي يا نہ؟“ 18عيسيٰ انھن جي بڇڙي نيت کي ڄاڻي ورتو، تنھنڪري چيائين تہ ”اي رياڪارو! اوھين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟ 19مون کي ھڪڙو سڪو ڏيکاريو جنھن سان محصول ڏيندا آھيو.“ اھي وٽس ھڪڙو چانديءَ جو سڪو کڻي آيا. 20تنھن تي عيسيٰ پڇين تہ ”ھيءَ ڪنھن جي مُھر ۽ اکر آھن؟“ 21انھن جواب ڏنو تہ ”قيصر جا.“ تڏھن عيسيٰ کين چيو تہ ”چڱو، جيڪو قيصر جو آھي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪو خدا جو آھي سو خدا کي ڏيو.“ 22جڏھن انھن ھي ٻڌو تہ عجب ۾ پئجي ويا ۽ ھن کي ڇڏي اتان ھليا ويا.

مرڻ کان پوءِ جيئري ٿيڻ بابت سوال

23 انھيءَ ساڳئي ڏينھن تي ڪي صدوقي جن جو عقيدو آھي تہ موت کان پوءِ ماڻھو وري جيئرا نہ ٿيندا، سي عيسيٰ وٽ آيا 24 ۽ چيائونس تہ ”استاد! موسيٰ چيو آھي تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو ري⁠اولاد مري وڃي تہ ھن جو ڀاءُ اھا رن⁠زال پرڻجي تہ جيئن سندس ڀاءُ لاءِ اولاد ٿئي. 25اسان ۾ ھڪڙا ست ڀائر ھئا. پھرين ڀاءُ شادي ڪئي پر ري⁠اولاد مري ويو، تنھنڪري ھن جي زال ٻيو ڀاءُ پرڻيو. 26اھڙيءَ طرح اھا عورت ٻئي سان، ٽئين سان ۽ آخرڪار ستن ئي ڀائرن سان پرڻي. 27انھن سڀني کان پوءِ اھا عورت بہ مري ويئي. 28ھاڻي ٻڌايو تہ قيامت جي ڏينھن اھا عورت انھن ستن مان ڪنھن جي زال ٿيندي؟ ڇوتہ سڀ ئي ھن سان پرڻيا ھئا.“ 29عيسيٰ انھن کي جواب ڏنو تہ ”اوھين ڪيترا نہ ڀليل آھيو جو نہ اوھين پاڪ لکتون ٿا ڄاڻو ۽ نڪي خدا جي قدرت. 30ڇالاءِ⁠جو جڏھن مري ويل جيئرا ٿيندا تہ نہ اھي پرڻبا ۽ نڪي پرڻائبا، پر جيئن بھشت ۾ ملائڪ آھن تيئن اھي ھوندا. 31مري ويلن جي جيئري ٿيڻ بابت جيڪو خدا اوھان کي فرمايو آھي، سو اوھان ڪين پڙھيو آھي ڇا؟ 32 ھو چوي ٿو تہ ’آءٌ ابراھيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا آھيان.‘ ان جو مطلب آھي تہ ھو مئلن جو خدا نہ پر جيئرن جو خدا آھي.“ 33جڏھن ماڻھن ھي ٻڌو تہ اھي ھن جي تعليم تي عجب ۾ پئجي ويا.

سڀني کان وڏو حڪم

34جڏھن فريسين ھي ٻڌو تہ عيسيٰ صدوقين کي لاجواب ڪري ڇڏيو آھي تڏھن اھي اچي پاڻ ۾ گڏ ٿيا. 35انھن مان ھڪڙي شريعت جي عالم عيسيٰ کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪندي 36کانئس پڇيو تہ ”استاد! شريعت ۾ وڏو حڪم ڪھڙو آھي؟“ 37 تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”’تون خداوند پنھنجي خدا کي پنھنجي ساريءَ دل، پنھنجي سڄي جان ۽ پنھنجي سڄيءَ سمجھہ سان پيار ڪر.‘ 38اھو ئي سڀني کان وڏو ۽ پھريون حڪم آھي. 39 ٻيو حڪم بہ انھيءَ جھڙو آھي تہ ’تون پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.‘ 40سڄو توريت ۽ نبين جا صحيفا بہ ھنن ٻن حڪمن تي مدار رکن ٿا.“

مسيح بابت سوال

41جڏھن فريسي اچي گڏ ٿيا تہ عيسيٰ انھن کان پڇيو تہ 42”اوھين مسيح بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟ ھو ڪنھن جي اولاد مان آھي؟“ انھن وراڻيو تہ ”ھو دائود جو اولاد آھي.“ 43تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”پوءِ ڪيئن دائود پاڪ روح جي ھدايت سان ھن کي ’خداوند‘ ٿو سڏي؟ ڇاڪاڻ⁠تہ دائود پاڻ چيو آھي تہ 44 ’خداوند منھنجي خداوند کي چيو تہ ”تون منھنجي ساڄي پاسي ويھہ، جيستائين آءٌ تنھنجي دشمنن کي تنھنجي پيرن ھيٺان نہ ڪريان.“‘ 45جيڪڏھن دائود مسيح کي ’خداوند‘ ڪري سڏي ٿو، تہ پوءِ اھو سندس اولاد ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟“ 46ھن جي جواب ۾ ڪو ئي ھڪڙو لفظ بہ چئي نہ سگھيو، نڪي وري انھيءَ ڏينھن کان وٺي ڪنھن کي بہ کانئس وڌيڪ سوال پڇڻ جي ھمت ٿي.

متي 23

فريسين ۽ شريعت جي عالمن خلاف چتاءُ

1پوءِ عيسيٰ ميڙ ۽ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ 2”شريعت جي عالمن ۽ فريسين کي موسيٰ جي شريعت جو اختيار مليل آھي. 3تنھنڪري اوھان کي انھن جو ھر ھڪ چيو مڃڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ گھرجي. پر انھن جي ڪمن تي عمل نہ ڪجو، ڇالاءِ⁠جو جيئن اھي چون ٿا تيئن ڪونہ ٿا ڪن. 4ھو ڳرا بار ٻڌي ماڻھن جي ڪلھن تي تہ رکن ٿا پر پاڻ انھن بارن کي ھٿ بہ نہ ٿا لائين. 5 ھو پنھنجا سڀ ڪم ماڻھن کي ڏيکارڻ لاءِ ٿا ڪن. انھيءَ ڪري ھو پنھنجون تسبيحون وڏيون ٿا ڪن ۽ وڏا جبا پائين ٿا. 6ھو مجلسن ۾ مٿاھيون جايون ٿا والارين ۽ عبادت⁠خانن ۾ خاص جاين تي ويھڻ پسند ڪن ٿا. 7ھو چاھين ٿا تہ ماڻھو کين بازارن ۾ سلامي ٿين ۽ کين ’سائين‘ يا ’استاد‘ ڪري سڏين. 8اوھان کي ’سائين‘ يا ’استاد‘ سڏائڻ نہ کپي، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين سڀيئي ھڪٻئي جا ڀائر آھيو ۽ اوھان جو رڳو ھڪ استاد آھي. 9اوھان کي ھن دنيا ۾ ڪنھن کي بہ پنھنجو پيءُ سڏڻ نہ کپي، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جو ھڪڙو ئي پيءُ آھي جو آسمان ۾ آھي. 10نہ وري اوھان کي اڳواڻ سڏائڻ کپي، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جو ھڪڙو ئي اڳواڻ آھي يعني مسيح. 11 اوھان ۾ جيڪو سڀني کان وڏو آھي تنھن کي اوھان جو خدمتگار ٿيڻ کپي. 12 جيڪو بہ پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“

عيسيٰ جو رياڪاريءَ کي نندڻ

13‏-14”ڪيتري نہ مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين آسمان واري بادشاھت جو دروازو ماڻھن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوھين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نڪي جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا. 15مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين ڪنھن ھڪڙي ماڻھوءَ کي پنھنجي دين تي آڻڻ لاءِ خشڪي ۽ سمنڊ تہ لتاڙي ٿا وڃو، پر جڏھن ھو اوھان جي دين تي ٿو اچي تہ پوءِ ھن کي پاڻ کان بہ ٻيڻو جھنمي ٿا بڻايو. 16مصيبت آھي اوھان لاءِ اي انڌا اڳواڻو! اوھين چئو ٿا تہ ’جيڪڏھن ڪو ھيڪل جو قسم ٿو کڻي تہ اھو ان جو پابند نہ آھي، پر جيڪڏھن ڪو ھيڪل ۾ پيل سون جو قسم ٿو کڻي تہ اھو ان جو پابند آھي.‘ 17اي انڌا بيوقوفو! ڪھڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، سون يا ھيڪل جنھن سون کي پاڪ ڪيو؟ 18اوھين ائين بہ چئو ٿا تہ ’جيڪڏھن ڪو قربان⁠گاھہ جو قسم ٿو کڻي تہ اھو ان جو پابند نہ آھي، پر جيڪڏھن ڪو قربان⁠گاھہ تي ڏنل نذر جو قسم ٿو کڻي تہ اھو ان جو پابند آھي.‘ 19اوھين ڪيترا نہ انڌا آھيو. ڪھڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، نذر يا قربان⁠گاھہ، جيڪو نذر کي پاڪ ٿو ڪري؟ 20تنھنڪري جيڪڏھن ڪوبہ ماڻھو قربان⁠گاھہ جو قسم کڻي ٿو تہ ھو نہ رڳو ان جو قسم ٿو کڻي پر انھن سڀني شين جو بہ قسم کڻي ٿو جيڪي اُن تي پيل آھن. 21جيڪڏھن ڪوبہ ھيڪل جو قسم ٿو کڻي تہ ھو نہ رڳو ان جو پر خدا جو بہ قسم ٿو کڻي جيڪو اُن ۾ رھي ٿو. 22 جيڪڏھن ڪوبہ آسمان جو قسم ٿو کڻي تہ ھو خدا جي تخت جو قسم تہ کڻي ٿو پر اُن جو بہ جيڪو اُن تي ويٺل آھي. 23 مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين خدا جي راھہ ۾ ڦودني، وڏفن ۽ زيري جي فصل جو ڏھون حصو تہ ڏيو ٿا، پر جيڪي شريعت جون انھيءَ کان بہ وڌيڪ ضروري ڳالھيون آھن يعني انصاف، رحم ۽ ايمانداري، تن کي ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي ھو جو ھي بہ ڪريو ھا ۽ انھن کي بہ نہ ڇڏيو ھا. 24اي انڌا اڳواڻو! اوھين پاڻيءَ ۾ پيل مک تہ ڪڍو ٿا پر اُٺ کي ڳڙڪائي ٿا وڃو. 25مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين پنھنجي وٽيءَ ۽ ٿالھيءَ جو ٻاھريون پاسو تہ ڌوئي صاف ٿا ڪريو پر ان جو اندر ھٻڇ ۽ خودغرضيءَ سان ڀريل آھي. 26اي انڌا فريسيو! وٽيءَ جو پھريائين اندريون پاسو ڌوئي صاف ڪريو تہ پوءِ انھيءَ جو ٻاھريون پاسو بہ صاف ٿي ويندو. 27 مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين اڇين قبرن وانگر آھيو جيڪي ٻاھران تہ سھڻيون نظر ٿيون اچن، پر انھن جو اندر مُڙدن جي ھڏن ۽ ھر طرح جي گندگيءَ سان ڀريل آھي. 28بلڪل ساڳيءَ طرح اوھين بہ ماڻھن کي ٻاھران تہ نيڪ نظر ٿا اچو، پر اوھان جو اندر رياڪاريءَ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريل آھي.“

رياڪاريءَ جي سزا

29”مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين نبين جا قبا ٿا ٺاھيو ۽ نيڪن جون تربتون ٿا سينگاريو، 30۽ اوھين چئو ٿا تہ ’جيڪڏھن اسين ابن ڏاڏن جي ڏينھن ۾ ھجون ھا تہ جيڪر نبين کي قتل ڪرڻ ۾ انھن سان شريڪ نہ ٿيون ھا.‘ 31حقيقت ۾ اوھين پاڻ اھو قبول ٿا ڪريو تہ ’اسين نبين جي قاتلن جو اولاد آھيون.‘ 32تہ پوءِ وڃو ۽ جيڪو اوھان جي ابن ڏاڏن شروع ڪيو ھو تنھن کي وڃي پورو ڪريو. 33 اي نانگو ۽ نانگن جا ٻچؤ! اوھين جھنم جي سزا کان ڪيئن بچي سگھندا؟ 34تنھنڪري آءٌ اوھان ڏانھن نبي، سياڻا ماڻھو ۽ شريعت جا معلم موڪليندس. اوھين انھن مان ڪن کي ماري وجھندا، ڪن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻندا ۽ ڪن کي پنھنجن عبادت⁠خانن ۾ چھبڪ ھڻندا ۽ شھر بہ شھر سندن پيڇو ڪري کين ستائيندا. 35 انھيءَ ڪري سڀني نيڪن جو خون جيڪو زمين تي وھايو ويو ھو، سو توھان جي ڳچيءَ ۾ پوندو يعني تہ نيڪ ھابيل کان وٺي برڪياہ جي پٽ زڪريا جي خون تائين، جنھن کي اوھان مقدس جاءِ ۽ قربان⁠گاھہ جي وچ ۾ ماريو ھو. 36آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ انھن سڀني جو خون ھن زماني جي ماڻھن جي ڳچيءَ ۾ پوندو.“

عيسيٰ جو يروشلم سان پيار

37”اي يروشلم! اي يروشلم! تون جو نبين جو قاتل آھين ۽ جيڪي پيغمبر تو ڏانھن موڪليا ٿا وڃن تن کي سنگسار ٿو ڪرين، مون تنھنجي ٻچن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنھنجن چوزن کي پنھنجي کنڀن ھيٺان گڏ ڪندي آھي، پر تو نہ چاھيو. 38 ھاڻي ڏس، تنھنجو ھيڪل ويران ڪيو ويندو. 39 آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ تون ھن کان پوءِ مون کي ايستائين نہ ڏسندين جيستائين ائين نہ چوندين تہ ’سڳورو آھي اھو جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي.‘“

متي 24

ھيڪل جي برباديءَ بابت ٻڌائڻ

1عيسيٰ ھيڪل مان نڪتو پئي تہ سندس شاگرد وٽس آيا تہ جيئن کيس ھيڪل جون عمارتون ڏيکارين. 2ھن چيو تہ ”برابر، ھي سڀ شيون چڱيءَ طرح ڏسو، پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪي اوھين ڏسو ٿا تن جو اھو پٿر پٿر تي نہ رھندو جو ڊاٺو نہ ويندو.“

تڪليفون ۽ تباھيون

3عيسيٰ جڏھن زيتون جي ٽڪر تي ويٺو ھو تڏھن سندس شاگرد نويڪلائيءَ ۾ وٽس آيا. انھن پڇيس تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اھي ڳالھيون ڪڏھن ٿينديون ۽ اوھان جي بادشاھت اچڻ جي ۽ ھن دنيا جي پڄاڻيءَ جي ڪھڙي نشاني ٿيندي؟“ 4عيسيٰ وراڻيو تہ ”خبردار ٿجو، متان ڪو اوھان کي ٺڳي نہ وڃي، 5ڇوتہ ڪيترائي منھنجي نالي سان ايندا ۽ پاڻ کي مسيح سڏائي ڪيترن ئي ماڻھن کي ٺڳيندا . 6اوھين جنگين جون ڳالھيون ۽ جنگين جا افواھہ ٻڌندا پر گھٻرائجو نہ، ڇالاءِ⁠جو پھريائين اھي ڳالھيون ضرور ٿينديون، پر اڃا اھا پڄاڻي نہ آھي. 7قوم، قوم سان وڙھندي ۽ بادشاھت، بادشاھت تي چڙھائي ڪندي. ڪيترن ئي ھنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا. 8پر اھي سڀ ڳالھيون تہ مصيبتن جي شروعات ھونديون. 9 پوءِ اوھان کي عذاب ڏيڻ ۽ مارائڻ لاءِ ٻين جي حوالي ڪيو ويندو. منھنجي نالي جي ڪري سڀني قومن جا ماڻھو اوھان کان نفرت ڪندا. 10ان وقت گھڻا ئي گمراھہ ٿيندا، ھڪٻئي کي پڪڙائيندا ۽ ھڪٻئي کان نفرت ڪندا. 11ڪيترا ئي نبي سڏائيندڙ ايندا ۽ گھڻن کي ٺڳيندا. 12بڇڙائي وڌي ويندي، تنھنڪري گھڻن ئي جو پيار ٿڌو ٿي ويندو. 13 پر اوھان مان جيڪو توڙ تائين نڀائيندو، اھو ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪندو. 14بادشاھت جي ھن خوشخبريءَ جي منادي سڄي دنيا ۾ ڪئي ويندي، تہ جيئن سڀني قومن لاءِ شاھدي ٿئي. تنھن کان پوءِ ھن دنيا جي پڄاڻي ٿيندي.“

دھشتناڪ وقت

15 ”جڏھن اوھين خوفناڪ ۽ نفرت جھڙي شيءِ کي مقدس جاءِ ۾ بيٺل ڏسو، جنھن بابت دانيال نبي ٻڌائي ويو آھي، (جيڪو انھيءَ بابت پڙھي سو ضرور ان تي غور ڪري.) 16تڏھن جيڪي يھوديہ ۾ ھجن سي جبلن ڏانھن ڀڄي وڃن. 17 جيڪو ماڻھو ڪوٺي جي ڇت تي ھجي سو پاڻ سان ڪا شيءِ کڻي نڪرڻ لاءِ لھي پنھنجي گھر ۾ وڃي وقت نہ وڃائي، 18۽ جيڪو ماڻھو ٻنيءَ ۾ ھجي سو بہ گھر ڏانھن ڪپڙا کڻڻ لاءِ نہ موٽي. 19انھن ڏينھن ۾ جيڪي عورتون پيٽ سان ھونديون يا جن کي ننڍڙا ٻار ٿڻن تي ھوندا تن لاءِ ڪيڏي نہ مصيبت ٿيندي. 20خدا کان دعا گھرو تہ شل اوھان جو ڀڄڻ سياري ۾ يا سبت جي ڏينھن نہ ٿئي. 21 ڇالاءِ⁠جو ان وقت وڏي مصيبت ايندي، اھڙي مصيبت جيڪا دنيا جي شروعات کان وٺي اڄ ڏينھن تائين نڪا آئي آھي ۽ نہ وري ڪڏھن ايندي. 22سو جيڪڏھن انھن ڏينھن جو مدو گھٽايو نہ وڃي ھا تہ جيڪر ڪوبہ بچي نہ سگھي ھا، پر خدا جي چونڊيلن خاطر انھن ڏينھن جو مدو گھٽايو ويندو. 23پوءِ جيڪڏھن ڪو اوھان کي چوي تہ ’اِجھو، مسيح ھيڏانھن آھي،‘ يا ’مسيح ھوڏانھن آھي،‘ تہ ان تي يقين نہ ڪجو، 24ڇالاءِ⁠جو اھڙا ڪوڙا ماڻھو ظاھر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اھي وڏيون نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جھڙا ڪم ڪندا، انھيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏھن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراھہ ڪن. 25ڏسو، مون اڳ ۾ ئي اوھان کي اھو ٻڌائي ڇڏيو آھي. 26 يا جيڪڏھن ھو اوھان کي چون تہ ’ڏسو، ھو رڻ⁠پٽ ۾ آھي‘ تہ متان ٻاھر نڪتا آھيو يا وري ھو چون تہ ’اِجھو، ھو اندرين ڪمري ۾ لڪل آھي‘ تہ يقين نہ ڪجو. 27ڇالاءِ⁠جو ابن⁠آدم جي بادشاھت جو اچڻ ان کنوڻ وانگر ٿيندو، جيڪا سڄي آسمان ۾ اوڀر کان اولھہ تائين چمڪندي آھي. 28 جتي ڍونڍ ھوندو تہ ڳجھون بہ اتي ئي اچي مڙنديون.“

ابن⁠آدم جو اچڻ

29 ”انھن مصيبتن جي ڏينھن کان پوءِ جلد ئي سج ڪاراٽجي ويندو، چنڊ پنھنجي روشني نہ ڏيندو، تارا آسمان مان ڪرندا ۽ آسماني طاقتون لُڏي وينديون. 30 پوءِ ابن⁠آدم جي نشاني آسمان ۾ ظاھر ٿيندي. تنھن تي دنيا جون سڀيئي قومون روئنديون رڙنديون ۽ ابن⁠آدم کي آسمان جي ڪڪرن تي قدرت ۽ وڏي جلوي سان ايندي ڏسنديون. 31تڏھن ناد جي وڏي آواز سان وڄندي ئي ھو ملائڪن کي ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن ڏانھن موڪليندو، تہ جيئن اھي دنيا جي ھڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين خدا جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪن.“

انجير جي وڻ مان سبق

32”انجير جي وڻ مان اوھين سبق پرايو. جڏھن ھن جون ٽاريون سايون ۽ نرم ٿين ٿيون ۽ انھن ۾ پن اچڻ شروع ٿين ٿا، تڏھن اوھين سمجھو ٿا تہ اونھارو آيو ڪي آيو. 33ساڳيءَ طرح جڏھن اوھين ھي سڀ ڳالھيون ٿيندي ڏسو تڏھن ڄاڻجو تہ اھو وقت اچي ويو آھي، بلڪ ائين سمجھو تہ در تي اچي بيٺو آھي. 34آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين اِھي سڀيئي ڳالھيون پوريون نہ ٿينديون، تيستائين ھيءَ پيڙھي پوري نہ ٿيندي. 35زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منھنجو ڪلام ھرگز نہ ٽرندو.“

سجاڳ رھو

36”ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ اھو ڏينھن ۽ اھو وقت ڪڏھن ايندو، نہ آسمان ۾ ملائڪ ٿا ڄاڻن ۽ نہ وري فرزند ئي ڄاڻي ٿو، رڳو پيءُ کي ئي انھيءَ جي خبر آھي. 37 جيئن نوح جي ڏينھن ۾ ٿيو، تيئن ابن⁠آدم جي بادشاھت جو اچڻ ٿيندو. 38ڇالاءِ⁠جو انھن ڏينھن ۾ ٻوڏ کان اڳ ۾ ماڻھو کائيندا پيئندا رھيا، شاديون ڪندا ۽ ڪرائيندا رھيا، تان جو اھو ڏينھن ٿيو جو نوح ٻيڙي ۾ گھڙيو. 39 جيستائين طوفان آيو ۽ انھن سڀني ماڻھن کي لوڙھي نہ ڇڏيائين، تيستائين انھن کي ڪابہ خبر ڪانہ ھئي. ابن⁠آدم جي بادشاھت جو اچڻ بہ اھڙيءَ طرح ئي ٿيندو. 40انھيءَ وقت ٻنيءَ ۾ ٻہ ماڻھو ھوندا تہ ھڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو. 41جيڪڏھن ٻہ عورتون گڏ ويٺيون جنڊ پيھنديون ھونديون تہ ھڪڙي کنئين ويندي ۽ ٻيءَ کي ڇڏيو ويندو. 42تنھن ڪري اوھين سجاڳ رھجو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڪھڙي ڏينھن اوھان جو خداوند ايندو. 43 انھيءَ لاءِ ھي سمجھو تہ جيڪڏھن ڪنھن گھر جي مالڪ کي خبر ھجي ھا تہ چور رات جو ڪھڙي وقت ايندو، تہ جيڪر ھو سجاڳ رھي ھا ۽ پنھنجي گھر کي کاٽ ھڻڻ نہ ڏئي ھا. 44انھيءَ ڪري اوھان کي ھر وقت تيار رھڻ گھرجي، ڇاڪاڻ⁠تہ ابن⁠آدم اھڙي وقت ايندو جنھن جو اوھان کي گمان بہ نہ ھوندو.“

ايماندار ۽ بي⁠ايمان نوڪر

45”پوءِ مون کي ٻڌايو تہ ايماندار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آھي، جنھن کي سندس مالڪ پنھنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو ھجي تہ انھن کي کاڌو پاڻي پوري وقت تي ڏئي؟ 46سڀاڳو آھي اھو نوڪر جنھن کي سندس مالڪ اچڻ مھل ائين ڪندو ڏسي. 47آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ھو کيس سڄيءَ ملڪيت جو مختيار ڪندو. 48پر جيڪڏھن اھو نوڪر بڇڙو ھجي ۽ دل ۾ خيال ڪري تہ منھنجي مالڪ جي اچڻ ۾ دير آھي، 49۽ اچي پنھنجي ساٿي نوڪرن کي مارڻ لڳي ۽ شرابين سان کائڻ پيئڻ لڳي، 50تہ انھيءَ نوڪر جو مالڪ بہ انھيءَ ئي ڏينھن اچي سھڙندو جنھن جو ھن کي خواب خيال بہ نہ ھوندو ۽ اھڙي وقت ايندو جنھن جي ھن کي ڪل ئي نہ ھوندي. 51پوءِ تہ سندس مالڪ اچي خوب چھبڪن سان مار ڏيئي رياڪارن جي ٽولي ۾ شامل ڪري ڪڍي ڇڏيندس، جتي ھو رڙيون ڪندو ۽ پنھنجا ڏند ڪرٽيندو.“

متي 25

ڏھن ڪنوارين ڇوڪرين جو مثال

1 ”انھيءَ ڏينھن آسمان واري بادشاھت ڏھن ڪنوارين ڇوڪرين وانگر ھوندي، جيڪي پنھنجون ڏياٽيون کڻي گھوٽ کي وٺڻ لاءِ ٻاھر ويون. 2انھن مان پنج اياڻيون ھيون ۽ پنج سياڻيون. 3اياڻين جڏھن پنھنجون ڏياٽيون کنيون تہ پاڻ سان تيل ڪونہ کنيائون، 4پر سياڻين پنھنجن ڏياٽين کڻڻ وقت پاڻ سان گڏ پيالن ۾ تيل بہ کنيو. 5گھوٽ کي اچڻ ۾ دير ٿي ويئي تنھنڪري ڇوڪرين کي ننڊ اچڻ لڳي ۽ اھي سمھي پيون. 6پوءِ اڌ رات جو جڏھن ھُل ٿيو تہ ’اِجھو، گھوٽ اچي ويو. ٻاھر اچو ۽ کيس گڏجو.‘ 7تڏھن اُھي ڇوڪريون اُٿيون ۽ پنھنجون ڏياٽيون ٺيڪ ڪرڻ لڳيون. 8تڏھن اياڻين ڇوڪرين سياڻين کي چيو تہ ’ڪجھہ تيل اسان کي بہ ڏيو، ڇوتہ اسان جون ڏياٽيون وسامن ٿيون.‘ 9پر سياڻين ڇوڪرين وراڻيو تہ ’اسان وٽ ايترو تيل ڪونہ آھي جو اسان ۽ اوھان لاءِ پورو پئجي سگھي. چڱو ائين ٿيندو جو اوھين وڃي دڪان تان پنھنجي لاءِ تيل وٺي اچو.‘ 10تنھنڪري اياڻيون ڇوڪريون تيل وٺڻ لاءِ ويون پئي تہ ايتري ۾ گھوٽ بہ اچي پھتو. پنج ڇوڪريون جيڪي تيار ھيون سي گھوٽ سان شاديءَ جي محفل ۾ ويون ۽ دروازو بند ٿي ويو. 11 تنھن کان پوءِ ٻيون ڇوڪريون بہ پھتيون ۽ چوڻ لڳيون تہ ’اي سائين! اي سائين! اسان لاءِ در کوليو.‘ 12پر گھوٽ وراڻيو تہ ’آءٌ سچ ٿو چوان تہ آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان.‘ 13تنھنڪري اوھين بہ سجاڳ رھجو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين انھيءَ ڏينھن يا وقت کي نہ ٿا ڄاڻو.“

ٽن نوڪرن جو مثال

14”يا وري آسمان واري بادشاھت انھيءَ ماڻھوءَ مثل آھي، جيڪو ٻئي ملڪ ڏانھن سير ڪرڻ لاءِ ويو پئي ۽ پنھنجن نوڪرن کي سڏي پنھنجو مال ملڪيت انھن جي حوالي ڪيائين. 15ھن ھر ھڪ کي سندس لياقت موجب ملڪيت ڏني. ھڪ کي پنج ھزار چانديءَ جا سڪا ڏنائين، ٻئي کي ٻہ ھزار ۽ ٽئين کي ھڪ ھزار ڏيئي پاڻ مسافريءَ تي ويو ھليو. 16جنھن کي پنج ھزار چانديءَ جا سڪا مليا، تنھن وڃي ھڪدم انھن سان واپار ھلايو ۽ ٻيا پنج ھزار ڪمايائين. 17اھڙيءَ طرح جنھن کي ٻہ ھزار چانديءَ جا سڪا مليا، تنھن بہ ٻہ ھزار ٻيا ڪمايا. 18پر جنھن کي ھڪ ھزار چانديءَ جا سڪا مليا، تنھن زمين ۾ کڏ کوٽي پنھنجي مالڪ جا پيسا پوري ڇڏيا. 19گھڻي وقت گذرڻ کان پوءِ انھن نوڪرن جو مالڪ موٽي آيو ۽ انھن کان حساب وٺڻ لڳو. 20جنھن نوڪر کي پنج ھزار چانديءَ جا سڪا مليا ھئا، اھو ٻيا بہ پنج ھزار کڻي آيو ۽ چيائين تہ ’سائين! اوھان مون کي پنج ھزار چانديءَ جا سڪا ڏنا ھئا. اِجھو، مون انھن مان ٻيا بہ پنج ھزار ڪمايا آھن.‘ 21تنھن تي ھن جي مالڪ چيو تہ ’شاباس، نيڪ ۽ ايماندار نوڪر! تون ٿوري ۾ ايماندار رھيو آھين، تنھنڪري آءٌ گھڻو ڪجھہ تنھنجي حوالي ڪندس. اچ ۽ اچي منھنجي خوشين ۾ شريڪ ٿيءُ.‘ 22پوءِ اھو نوڪر آيو جنھن کي ٻہ ھزار چانديءَ جا سڪا مليا ھئا ۽ اچڻ سان چيائين تہ ’سائين! اوھان مون کي ٻہ ھزار چانديءَ جا سڪا ڏنا ھئا. اِجھو، مون انھن مان ٻيا بہ ٻہ ھزار ڪمايا آھن.‘ 23تنھن تي سندس مالڪ چيس تہ ’شاباس، نيڪ ۽ ايماندار نوڪر! تون ٿوري ۾ ايماندار رھيو آھين، تنھنڪري آءٌ گھڻو ڪجھہ تنھنجي حوالي ڪندس. اچ ۽ اچي منھنجي خوشين ۾ شريڪ ٿيءُ.‘ 24پوءِ اھو نوڪر اندر آيو جنھن کي ھڪ ھزار چانديءَ جا سڪا مليا ھئا ۽ اچي چيائين تہ ’سائين! مون کي خبر ھئي تہ اوھين سخت ماڻھو آھيو، ڇالاءِ⁠جو اوھين اھو لڻندا آھيو جيڪو پوکيندا ئي نہ آھيو ۽ اھو گڏ ڪندا آھيو جيڪو ڇٽيندا ئي نہ آھيو. 25تنھنڪري مون کي ڊپ ٿيو، سو مون وڃي اوھان جا ڏنل ھڪ ھزار چانديءَ جا سڪا زمين ۾ پوري ڇڏيا. اِجھو، ھي اوھان جا پيسا.‘ 26تنھن تي سندس مالڪ چيو تہ ’اي بڇڙا ۽ سست نوڪر! جڏھن تو کي اھا بہ خبر ھئي تہ آءٌ اھو لڻندو آھيان جيڪو پوکيندو ئي نہ آھيان ۽ اھو گڏ ڪندو آھيان جيڪو ڇٽيندو ئي نہ آھيان 27تہ پوءِ تو کي گھربو ھو تہ منھنجا پيسا سيڙائين ھا ۽ جڏھن آءٌ موٽي اچان ھا تہ پيسا منافعي سميت اچي وٺان ھا.‘ 28پوءِ حڪم ڏنائين تہ ’ھن کان اھو ھڪ ھزار بہ کسي ڏھن ھزارن واري نوڪر کي ڏيو. 29 ڇالاءِ⁠جو جنھن ڪجھہ ڪمايو آھي تنھن کي وڌيڪ ڏنو ويندو، تہ جيئن وٽس گھڻو ٿي پوي. پر جنھن ڪجھہ بہ نہ ڪمايو آھي، تنھن کان اھو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آھي. 30 اوھين ھن بيڪار نوڪر کي ڌڪا ڏيئي ٻاھر اونداھيءَ ۾ اڇلايو، جتي ھو رڙيون ڪري ۽ پنھنجا ڏند ڪرٽي.‘“

آخري فيصلو

31 ”جڏھن ابن⁠آدم پنھنجي جلوي سان ايندو ۽ سڀ ملائڪ ساڻس گڏ ھوندا، تڏھن ھو پنھنجي جلال واري تخت تي ويھندو 32۽ سڀني قومن جا ماڻھو سندس اڳيان حاضر ڪيا ويندا. پوءِ ھو انھن کي ٻن ٽولن ۾ ورھائيندو، جيئن ريڍار پنھنجي ڌڻ مان رڍن کي ٻڪرين کان ڌار ڪندو آھي. 33ھو رڍن کي پنھنجي ساڄي پاسي بيھاريندو ۽ ٻڪرين کي کاٻي پاسي. 34پوءِ بادشاھہ پنھ نجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوھين، جيڪي منھنجي پيءُ جي طرفان سڀاڳا آھيو، اچو ۽ بادشاھي وٺو، جيڪا اوھان جي لاءِ دنيا جي خلقڻ کان وٺي تيار ڪئي ويئي آھي. 35ڇالاءِ⁠جو جڏھن آءٌ بکايل ھوس تہ اوھان مون کي کارايو، آءٌ اڃايل ھوس تہ اوھان مون کي پياريو، آءٌ پرديسي ھوس تہ اوھان مون کي پنھنجي گھر ۾ ٽڪايو. 36آءٌ اگھاڙو ھوس تہ اوھان مون کي ڪپڙا ڍڪايا، آءٌ بيمار ھوس تہ اوھان منھنجي تيمارداري ڪئي، آءٌ قيد ۾ ھوس تہ اوھان منھنجي ملاقات ڪئي.‘ 37تنھن تي نيڪ کيس چوندا تہ ’اي خداوند! ڪڏھن اسان تو کي بکايل ڏسي کارايو يا اُڃايل ڏسي پياريو؟ 38ڪڏھن اسان تو کي پرديسي ڏسي پنھنجي گھر ۾ ٽڪايو يا اگھاڙو ڏسي ڪپڙا ڍڪايا؟ 39ڪڏھن اسان تو کي بيمار يا قيد ۾ ڏسي تنھنجي ملاقات ڪئي؟‘ 40بادشاھہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان منھنجي ڪنھن گھٽ کان گھٽ ڀاءُ ڀيڻ سان بہ اھڙو ڪم ڪيو، تہ اھو ڄڻ اوھان مون سان ئي ڪيو.‘ 41پوءِ ھو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’مون وٽان ھليا وڃو، اوھان تي خدا جو قھر آھي. وڃي دائمي باھہ ۾ پئو، جيڪا شيطان ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آھي. 42ڇالاءِ⁠جو جڏھن آءٌ بکايل ھوس تہ اوھان مون کي نہ کارايو، آءٌ اڃايل ھوس تہ اوھان مون کي نہ پياريو. 43جڏھن آءٌ پرديسي ھوس تہ اوھان مون کي پنھنجي گھر ۾ نہ ٽڪايو، آءٌ اگھاڙو ھوس تہ اوھان مون کي ڪپڙا نہ ڍڪايا، آءٌ بيمار ۽ قيد ۾ ھوس تہ اوھان منھنجي تيمارداري نہ ڪئي.‘ 44پوءِ اھي بہ کيس چوندا تہ ’اي خداوند! ڪڏھن اسان تو کي بکايل، اڃايل، پرديسي، اگھاڙو، بيمار يا قيد ۾ ڏٺو جو اسان تنھنجي مدد نہ ڪئي؟‘ 45تنھن تي بادشاھہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان ڪنھن بہ گھٽ کان گھٽ ماڻھوءَ کي مدد کان انڪار ڪيو تہ ڄڻ اوھان منھنجي مدد کان انڪار ڪيو. 46 پوءِ اوھان کي دائمي سزا ملندي ۽ نيڪن کي دائمي زندگي.‘“

متي 26

عيسيٰ خلاف سازش

1جڏھن عيسيٰ ھي سڀ ڳالھيون ٻڌائي چڪو تہ ھن پنھنجن شاگردن کي چيو تہ 2 ”اوھان کي خبر آھي تہ ٻن ڏينھن کان پوءِ عيد فصح ايندي ۽ ابن⁠آدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻندا.“ 3ھوڏانھن سردار ڪاھن ۽ يھودين جا بزرگ قائفا نالي وڏي سردار ڪاھن جي گھر ۾ اچي گڏ ٿيا. 4ھنن عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائڻ لاءِ پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي، 5پر چيائون تہ ”عيد جي ڏينھن نہ ڪريون متان ماڻھن ۾ وڳوڙ نہ پئجي وڃي.“

عيسيٰ جي بيت⁠عنياہ ۾ مھمانداري

6جڏھن عيسيٰ بيت⁠عنياہ ۾ ڪوڙھہ جھڙي مرض واري شمعون جي گھر ۾ ھو تہ 7 ھڪ عورت وٽس آئي جنھن کي ھڪ سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ تمام قيمتي عطر ھو. جڏھن عيسيٰ ماني کائي رھيو ھو تہ ان عورت اچي ھن جي مٿان عطر ھاريو. 8شاگرد ھي ڏسي ڪاوڙيا ۽ چيائون تہ ”ھي زيان ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ 9ھي عطر وڏيءَ رقم ۾ وڪامجي سگھيو ٿي ۽ اُھي پيسا غريبن کي ڏجن ھا.“ 10عيسيٰ سندن اھا ڳالھہ ٻڌي چيو تہ ”اوھين ھن عورت کي ڇو ٿا ستايو؟ ھن منھنجي لاءِ تمام سٺو ڪم ڪيو آھي. 11 غريب تہ اوھان وٽ ھميشہ آھن پر آءٌ اوھان سان ھميشہ نہ ھوندس. 12جڏھن ھن منھنجي جسم تي عطر ھاريو تہ ھن مون کي دفن لاءِ تيار ڪيو. 13آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ سڄيءَ دنيا ۾ جتي بہ خوشخبريءَ جي تبليغ ڪئي ويندي، اُتي ھن عورت جي يادگيريءَ ۾ سندس ڪيل ھن ڪم جو ذڪر بہ ڪيو ويندو.“

يھوداہ جي عيسيٰ خلاف سازش

14پوءِ ٻارھن شاگردن مان ھڪڙو جنھن کي يھوداہ اسڪريوتي چوندا ھئا سو سردار ڪاھنن وٽ آيو، 15 ۽ کين چيائين تہ ”جيڪڏھن آءٌ عيسيٰ کي اوھان جي حوالي ڪريان تہ پوءِ اوھين مون کي ڇا ڏيندا؟“ تنھن تي انھن کيس ٽيھہ چانديءَ جا سڪا ڳڻي ڏنا. 16ان کان پوءِ يھوداہ اھڙي موقعي جي تاڙ ۾ ھو تہ جيئن عيسيٰ کي سندن حوالي ڪري.

شاگردن سان گڏ عيد فصح کائڻ

17بي⁠خميري مانيءَ جي عيد جي پھرين ڏينھن تي شاگردن اچي عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي تہ اسين اوھان جي عيد فصح کائڻ جي تياري ڪٿي ڪريون؟“ 18عيسيٰ ھنن کي چيو تہ ”شھر ۾ فلاڻي ماڻھوءَ وٽ وڃو ۽ منھنجي لاءِ کيس ٻڌايو تہ ’استاد چوي ٿو تہ سندس وقت اچي ويجھو ٿيو آھي. ھو پنھنجن شاگردن سميت عيد فصح اوھان جي گھر ۾ ملھائيندو.‘“ 19شاگردن ائين ئي ڪيو جيئن عيسيٰ کين ٻڌايو ھو ۽ عيد فصح تيار ڪيائون. 20جڏھن شام ٿي تہ عيسيٰ پنھنجن ٻارھن شاگردن سميت دسترخوان تي اچي ويٺو. 21ماني کائيندي عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان مان ھڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“ 22شاگرد ويچارا ڏاڍا غمگين ٿيا ۽ ھڪٻئي پٺيان عيسيٰ کان پڇڻ لڳا تہ ”خداوند، اھو آءٌ تہ نہ آھيان؟“ 23 تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اُھو جنھن پنھنجو گرھہ مون سان گڏ ٿالھيءَ مان ٻوڙيو سو ئي مون کي پڪڙائيندو. 24ابن⁠آدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن صحيفي ۾ لکيل آھي. پر حيف آھي اُن تي جيڪو ابن⁠آدم کي پڪڙائيندو. ان ماڻھوءَ لاءِ اھو بھتر ھو تہ ھو دنيا ۾ اصل ڄمي ئي نہ ھا.“ 25دغاباز يھوداہ ڳالھايو ۽ پڇيائين تہ ”اي سائين! اھو آءٌ تہ نہ آھيان؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”ائين تہ تون پاڻ ٿو چوين.“ 26جڏھن ھو کائين پيا تہ عيسيٰ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، ھي منھنجو بدن آھي.“ 27پوءِ ھن پيالو کڻي شڪر ڪري انھن کي ڏيندي چيو تہ ”اوھين سڀيئي ھن مان پيئو، 28 اھو منھنجو رت آھي، جيڪو گھڻن ئي جي گناھن جي معافيءَ لاءِ وھائجي ٿو ۽ جنھن سان خدا جو عھد ٻڌجي ٿو. 29آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آءٌ تيستائين مئي وري نہ پيئندس، جيستائين پنھنجي پيءُ جي بادشاھت ۾ اوھان سان گڏ نئين مئي نہ پيئان.“ 30پوءِ انھن زبور پڙھيو ۽ زيتون جي ٽڪر ڏانھن ھليا ويا.

پطرس جي انڪار ڪرڻ بابت اڳڪٿي

31 پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اڄ رات اوھين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، ڇاڪاڻ⁠تہ لکيل آھي تہ ’خدا ريڍار کي ماريندو ۽ رڍون ٽڙي پکڙجي وينديون.‘ 32 تنھن ھوندي بہ آءٌ پنھنجي جيئري ٿيڻ کان پوءِ اوھان کان اڳي ئي گليل ڏانھن ويندس.“ 33تنھن تي پطرس ڳالھايو ۽ عيسيٰ کي چيائين تہ ”توڙي جو ٻيا سڀ اوھان کي ڇڏي وڃن، پر آءٌ اوھان کي ڪڏھن بہ نہ ڇڏي ويندس.“ 34عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اڄ رات ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا منھنجو انڪار ڪندين.“ 35پطرس وراڻيو تہ ”آءٌ ائين ڪڏھن بہ نہ چوندس تہ آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان، توڙي جو مون کي اوھان سان گڏ مرڻو پوي.“ ٻين سڀني شاگردن بہ اھڙيءَ طرح اقرار ڪيو.

گٿسيمني ۾ دعا گھرڻ

36پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن سان گڏجي گٿسيمني نالي باغ ۾ آيو. اتي پھچي ھن کين چيو تہ ”اوھين ھتي ويھي رھو تہ آءٌ ھُتي وڃي دعا گھران.“ 37ھن پطرس ۽ زبديءَ جي ٻن پٽن کي پاڻ سان کنيو ۽ ڏاڍو غمگين ۽ پريشان ٿيڻ لڳو. 38ھن انھن کي ٻڌايو تہ ”مون کي ايترو تہ ڏک آھي جو منھنجي دل ٽٽڻ تي آھي. اوھين ھتي ترسو ۽ مون سان گڏ جاڳندا رھو.“ 39عيسيٰ ٿورو پرڀرو ويو ۽ پاڻ کي منھن ڀر ڪيرائي دعا گھرڻ لڳو تہ ”اي منھنجا بابا! جيڪڏھن ٿي سگھي تہ ھي پيالو مون تان ٽاريو وڃي، تنھن ھوندي بہ منھنجي نہ پر تنھنجي مرضي پوري ٿئي.“ 40پوءِ ھو شاگردن وٽ موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ ھو سمھيا پيا آھن. تنھن تي ھن پطرس کي چيو تہ ”ڇا اوھين ھڪڙو ڪلاڪ بہ مون سان گڏ جاڳي نہ پيا سگھو؟ 41جاڳندا رھو ۽ دعا گھرو تہ شل اوھين ڪنھن آزمائش ۾ نہ پئو. سچ پڇو تہ روح تہ گھري ٿو پر بدن ڪمزور آھي.“ 42عيسيٰ وري ٻيو دفعو پري ويو ۽ دعا گھريائين تہ ”اي منھنجا بابا! جيڪڏھن ھي پيالو منھنجي پيئڻ کان سواءِ ٽري نہ ٿو سگھي تہ پوءِ ڀلي تنھنجي مرضي پوري ٿئي.“ 43پوءِ ھو موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ ھو وري ستا پيا آھن، ڇوتہ اھي اکيون بہ نہ پيا پٽي سگھن. 44وري بہ عيسيٰ انھن کي ڇڏي ويو ۽ ٽيون دفعو بہ دعا گھُري اھي ساڳيا لفظ چيائين. 45پوءِ ھو شاگردن وٽ موٽي آيو ۽ چيائين تہ ”ڇا اوھين اڃا تائين ننڊون ۽ آرام پيا ڪريو؟ اِجھو، اھا گھڙي اچي پھتي آھي ۽ ھاڻي ابن⁠آدم گنھگارن جي حوالي ڪيو ويندو. 46اٿو، ھلو ۽ ڏسو، جيڪو مون کي پڪڙائي رھيو آھي سو ويجھو اچي پھتو آھي.“

عيسيٰ جو جھلجڻ

47اڃا ھن ڳالھايو ئي پئي تہ ٻارھن شاگردن مان يھوداہ نالي شاگرد آيو ۽ ھن سان گڏ ھڪڙي وڏي ٽولي تلوارن ۽ لٺين سان ھئي، جنھن کي سردار ڪاھنن ۽ يھودين جي بزرگن موڪليو ھو. 48دغاباز انھن کي اھا نشاني سمجھائي ھئي تہ ’جنھن ماڻھوءَ کي آءٌ چميان تہ اھو عيسيٰ ھوندو ۽ کيس پڪڙجو.‘ 49ھو پھچڻ شرط سڌو عيسيٰ وٽ آيو ۽ چيائين تہ ”اي سائين! سلام.“ پوءِ کيس چمي ڏنائين. 50تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”ميان، جنھن ڪم لاءِ آيو آھين سو جلدي ڪر.“ پوءِ ھنن اچي عيسيٰ کي ٻڌو ۽ قابو ڪيائونس. 51تنھن تي عيسيٰ جي ساٿين مان ھڪڙي سٽ ڏيئي تلوار ڪڍي وڏي سردار ڪاھن جي نوڪر کي ھنئي ۽ سندس ڪن ڪپي وڌائين. 52تڏھن عيسيٰ انھيءَ کي چيو تہ ”پنھنجي تلوار مياڻ ۾ وجھہ، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪي⁠بہ تلوار ڪڍن ٿا سي تلوار سان ئي ماريا وڃن ٿا. 53تو کي خبر نہ آھي ڇا تہ آءٌ پنھنجي پيءُ کي عرض ڪري ٿو سگھان تہ ھو ھينئر ئي منھنجي مدد لاءِ ٻارھن لشڪرن کان بہ مٿي ملائڪ موڪلي ڏئي؟ 54پر انھيءَ صورت ۾ پاڪ لکت ڪيئن پوري ٿيندي جا لکيل آھي تہ ھيئن ضرور ٿيندو؟“ 55 پوءِ عيسيٰ ماڻھن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل ھوس جو اوھين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ لاءِ آيا آھيو؟ ھيڪل ۾ ويھي آءٌ روزانو تعليم ڏيندو ھوس، پر اتي تہ اوھان مون کي ڪڏھن بہ نہ پڪڙيو. 56پر اھو سڀ ڪجھہ انھيءَ لاءِ ٿيو آھي تہ جيئن نبي جيڪو صحيفي ۾ لکي ويا آھن، سو سچو ثابت ٿئي.“ پوءِ سڀيئي شاگرد عيسيٰ کي ڇڏي ڀڄي ويا.

عيسيٰ ڪائونسل جي اڳيان

57جن عيسيٰ کي پڪڙيو ھو سي کيس وڏي سردار ڪاھن قائفا جي گھر وٺي آيا جتي شريعت جا عالم ۽ بزرگ اچي گڏ ٿيا ھئا. 58پطرس ٿورو پٺيان پئي آيو، سو بہ وڏي سردار ڪاھن جي گھر جي اڱڻ ۾ آيو ۽ اندر گھڙي پھريدارن سان گڏ ويھي رھيو، انھيءَ لاءِ تہ جيئن ھو ڏسي تہ آخر ٿئي ڇا ٿو. 59سردار ڪاھنن ۽ سڄي ڪائونسل ڪوشش ڪئي تہ عيسيٰ جي خلاف ڪا ڪوڙي شاھدي ملي تہ جيئن کيس موت جي سزا ڏيارين. 60پر انھن کي ڪابہ شاھدي ملي نہ سگھي، جيتوڻيڪ ڪيترائي ڪوڙا شاھد آيا. نيٺ ھڪڙا ٻہ شخص آيا 61 ۽ چوڻ لڳا تہ ”اسان ھن ماڻھوءَ کي چوندي ٻڌو آھي تہ ’آءٌ خدا جو ھيڪل ڊاھي سگھان ٿو ۽ ٽن ڏينھن کان پوءِ وري ان کي ٺاھي بہ سگھان ٿو.‘“ 62وڏو سردار ڪاھن اُٿي بيٺو ۽ عيسيٰ کي چيائين تہ ”ڇا تو کي ھنن جي الزامن جي جواب ۾ ڪجھہ چوڻو آھي؟“ 63پر عيسيٰ ماٺ ۾ رھيو. وري ھن چيس تہ ”زندہ خدا جي نالي تي ھاڻي آءٌ تو کي قسم ٿو ڏيان تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ ڇا تون مسيح، خدا جو فرزند آھين؟“ 64 عيسيٰ ھن کي وراڻيو تہ ”اھو تہ تو پاڻ چيو آھي، بلڪ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھن کان پوءِ اوھين ابن⁠آدم کي خدا تعاليٰ جي ساڄي پاسي تي ويٺل ۽ آسماني ڪڪرن ۾ ايندي ڏسندا.“ 65 انھيءَ تي وڏي سردار ڪاھن پنھنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”ھن ڪفر بڪيو آھي. اسان کي وڌيڪ شاھدي نہ کپي. ھاڻي اوھان ھن جا ڪفر وارا لفظ ٻڌا آھن. 66اوھان جو ڇا خيال آھي؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ھي ڏوھي آھي ۽ ھن کي مارڻ کپي.“ 67 پوءِ اھي ھن جي منھن تي ٿڪون ھڻڻ لڳا ۽ کيس ٺونشا ھنيائون. ڪن کيس چماٽون ھنيون 68۽ چيائون تہ ”اي مسيح! نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنھن تو کي ڌڪ ھنيو؟“

پطرس جو عيسيٰ بابت انڪار ڪرڻ

69پطرس ٻاھر اڱڻ ۾ ويٺو ھو تہ ھڪ نوڪرياڻيءَ اچي چيس تہ ”تون بہ عيسيٰ گليليءَ سان گڏ ھئين.“ 70پر ھن انھن سڀني جي روبرو انڪار ڪندي چيو تہ ”آءٌ نہ ٿو سمجھان تہ تون ڇا ٿي چوين پئي.“ 71پوءِ ھو ٻاھر ڏيڍيءَ ۾ ويو، جتي ٻي نوڪرياڻيءَ ھن کي ڏٺو ۽ اُتي بيٺل ماڻھن کي چيائين تہ ”ھي ماڻھو عيسيٰ ناصريءَ سان گڏ ھو.“ 72پطرس وري بہ انڪار ڪيو ۽ قسم کڻي چيائين تہ ”آءٌ ان ماڻھوءَ کي نہ ٿو سڃاڻان.“ 73ٿوري وقت کان پوءِ جيڪي اتي بيٺا ھئا تن بہ اچي پطرس کي چيو تہ ”تون ضرور انھن مان ھڪڙو آھين، ڇالاءِ⁠جو جھڙي نموني تون ڳالھائين ٿو سو ٻڌائي ٿو تہ تون انھن مان آھين.“ 74تنھن تي پطرس لعنت وجھندي چيو تہ ”خدا جو مون تي غضب پوي جيڪڏھن آءٌ سچ نہ ٿو ڳالھايان، ڇوتہ آءٌ ان ماڻھوءَ کي نہ ٿو سڃاڻان.“ انھيءَ دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني 75۽ پطرس کي عيسيٰ جو چيو ياد اچي ويو تہ ”جيسين ڪڪڙ ٻانگ ڏئي تنھن کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا منھنجو انڪار ڪندين.“ تڏھن پطرس ٻاھر نڪري ويو ۽ زاروزار روئڻ لڳو.

متي 27

عيسيٰ پلاطس جي اڳيان

1صبح جو سوير ئي سڀيئي سردار ڪاھن ۽ يھودين جا بزرگ پاڻ ۾ مليا ۽ عيسيٰ کي مارائڻ جا منصوبا جوڙڻ لڳا. 2سو ھن کي ٻڌي وٺي ويا ۽ وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيائونس.

يھوداہ جو موت

3جڏھن دغاباز يھوداہ ڏٺو تہ عيسيٰ کي سزاوار ٺھرايو ويو آھي تڏھن ھن ڏاڍو پڇتايو ۽ اھي ٽيھہ چانديءَ جا سڪا سردار ڪاھنن ۽ بزرگن وٽ موٽائي کڻي ويو. 4ھن کين چيو تہ ”مون اھو گناھہ ڪيو آھي جو ھڪ بي⁠گناھہ کي پڪڙايو اٿم.“ پر انھن وراڻيس تہ ”اسان جو ان سان ڪھڙو واسطو؟ اھو تہ تنھنجو ئي ڪم آھي سو تون ئي ڄاڻ.“ 5يھوداہ اھي پيسا ھيڪل ۾ ڦٽا ڪري ھليو ويو ۽ وڃي پاڻ کي ڦاھو ڏنائين. 6پوءِ سردار ڪاھنن اھي سڪا کڻي چيو تہ ”ھي پيسا خون جي بھا آھي، تنھنڪري انھن پيسن کي ھيڪل جي خزاني ۾ وجھڻ جائز نہ آھي.“ 7سو ھنن پاڻ ۾ صلاح ڪري انھن پيسن سان ڪنڀر وارو ميدان خريد ڪيو، انھيءَ لاءِ تہ اتي پرديسين واسطي قبرستان ٺاھين. 8اھو ئي سبب آھي جو اڄ ڏينھن تائين اھا زمين ”رت جو ميدان“ سڏبي آھي. 9 اھڙيءَ طرح يرمياہ نبيءَ جو چوڻ سچو ثابت ٿيو تہ ”انھن اھي ٽيھہ سڪا کنيا، جيڪي بني اسرائيل سندس مُلھہ طور ڏيڻ لاءِ قبول ڪيا ھئا. 10پوءِ انھن اھي پيسا ڪنڀر جي ميدان لاءِ ڏنا، جيئن خداوند مون کي حڪم ڏنو ھو.“

پلاطس جو عيسيٰ کان سوال پڇڻ

11عيسيٰ گورنر جي اڳيان پيش ڪيو ويو، جنھن کانئس سوال پڇيو تہ ”ڇا تون يھودين جو بادشاھہ آھين؟“ عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”اھو تہ اوھين پاڻ ٿا چئو.“ 12جڏھن سردار ڪاھن ۽ چڱا مڙس مٿس تھمتون ھڻڻ لڳا تہ انھن جي جواب ۾ يسوع ڪجھہ بہ نہ چيو. 13تنھنڪري پلاطس ھن کي چيو تہ ”ڇا تون ھي سڀ ڳالھيون ٻڌين ٿو جيڪي ھي تو تي مڙھين ٿا؟“ 14پر عيسيٰ جواب ۾ ھڪ لفظ بہ نہ ڪڇيو. تنھن تي گورنر ڏاڍو حيران ٿيڻ لڳو.

عيسيٰ لاءِ موت جي فتويٰ

15گورنر جو اھو دستور ھوندو ھو تہ عيد فصح جي موقعي تي ھو ھڪڙي قيديءَ کي آزاد ڪندو ھو، جنھن جي لاءِ رعيت چوندي ھيس. 16انھن ڏينھن ۾ ھڪ مشھور ماڻھو قيد ٿيل ھو، جنھن جو نالو برابا ھو. 17پوءِ جڏھن ماڻھو اچي گڏ ٿيا تہ پلاطس انھن کان پڇيو تہ ”ٻڌايو تہ اوھان جي خاطر آءٌ ڪنھن کي آزاد ڪريان، برابا کي يا عيسيٰ کي، جيڪو مسيح ٿو سڏجي؟“ 18ڇاڪاڻ⁠تہ ھن ڄاتو پئي تہ ھنن حسد کان عيسيٰ کي قيد ڪري وٽس آندو آھي. 19اڃا ھو انصاف جي ڪرسيءَ تي ويٺو ئي ھو تہ سندس زال چوائي موڪليس تہ ”ھن نيڪ ماڻھوءَ کي ڪجھہ بہ نہ چئجانءِ، ڇالاءِ⁠جو اڄ خواب ۾ مون ھن جي ڪري ڏاڍو ڏک ڏٺو آھي.“ 20پر سردار ڪاھنن ۽ بزرگن خلق کي سمجھائي ڇڏيو ھو تہ ھو پلاطس کي چون تہ برابا کي آزاد ڪري ۽ عيسيٰ کي موت جي سزا ڏئي. 21گورنر انھن کان پڇيو تہ ”ھنن ٻنھي مان اوھان جي خاطر ڪنھن کي آزاد ڪريان؟“ انھن وراڻيو تہ ”برابا کي!“ 22تنھن تي پلاطس انھن کان پڇيو تہ ”پوءِ عيسيٰ کي ڇا ڪريان جيڪو مسيح ٿو سڏجي؟“ انھن سڀني چيو تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻو.“ 23تنھن تي پلاطس پڇين تہ ”ڇو، ھن ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آھي؟“ پر ھنن وٺي ڏاڍيون رڙيون ڪيون تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻو.“ 24 تنھنڪري جڏھن پلاطس ڏٺو تہ ڪو چارو ئي نہ آھي ۽ اٽلندو فساد ٿو ٿئي، تڏھن ڪجھہ پاڻي کڻي ماڻھن جي اڳيان پنھنجا ھٿ ڌوتائين ۽ چيائين تہ ”آءٌ ھن ماڻھوءَ جي خون کان آجو آھيان. اھا اوھان جي ذميواري آھي.“ 25سڀني ماڻھن جواب ۾ چيو تہ ”ڀلي تہ ھن جي خون جي سزا اسان کي ۽ اسان جي ٻارن کي ملي.“ 26پوءِ پلاطس برابا کي انھن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو. پر عيسيٰ کي ھن چھبڪ ھڻائي ماڻھن جي حوالي ڪيو تہ وڃي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻنس.

سپاھين جو عيسيٰ تي چٿرون ڪرڻ

27پوءِ سپاھي عيسيٰ کي گورنر جي محلات ۾ وٺي آيا ۽ سمورا سپاھي ھن جي چوڌاري ڦري آيا. 28انھن عيسيٰ جا ڪپڙا لھرايا ۽ ھڪڙو قرمزي جبو ڍڪايائونس. 29تنھن کان پوءِ انھن ھڪڙو ڪنڊن جو تاج ٺاھي ھن جي مٿي تي رکيو ۽ ھڪ لٺ سندس ھٿ ۾ ڏنائون ۽ پاڻ سڀيئي ھن جي اڳيان گوڏا کوڙي چٿرون ڪرڻ لڳا. اھي چون پيا تہ ”سلام، اي يھودين جا بادشاھہ!“ 30پوءِ انھن ھن کي ٿڪون ھنيون ۽ اھا ئي لٺ کڻي کيس مٿي تي ڌڪ ھڻڻ لڳا. 31جڏھن اھي چٿرون ڪري چڪا تہ اھو قرمزي جبو لھرائي وري کيس ساڳيا ڪپڙا پھرايائونس. پوءِ ھو کيس ٻاھر وٺي آيا تہ جيئن صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻنس.

صليب تي عيسيٰ کي ڪوڪا ھڻڻ

32جڏھن ھو وڃن پيا تہ انھن کي ڪرين شھر جو ھڪڙو ماڻھو مليو جنھن جو نالو شمعون ھو. انھيءَ تي ھنن زور رکيو تہ ھو عيسيٰ جو صليب کڻي ھلي. 33پوءِ ھو گلگٿا نالي ھڪڙي جاءِ تي پھتا، جنھن جي معنيٰ آھي ”کوپريءَ جي جاءِ“. 34 انھن عيسيٰ کي ڪوڙاڻ گڏيل مئي پيئڻ لاءِ ڏني. پر جڏھن ھن اھو چکيو تڏھن پيئڻ کان انڪار ڪيائين. 35 سپاھين کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھنيا ۽ سندس ڪپڙا پاڻ ۾ ورھائڻ لاءِ پُکا وڌائون. 36ان کان پوءِ اُھي اُتي ويھي رھيا ۽ ھن تي پھرو ڏيڻ لڳا. 37انھن ھن جي مٿان اھو الزام لکي ھنيو تہ ”ھي يھودين جو بادشاھہ عيسيٰ آھي.“ 38پوءِ عيسيٰ سان گڏ ٻن ڌاڙيلن کي بہ صليب تي چاڙھيائون، ھڪ سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي. 39 جيڪي ماڻھو اتان لنگھن پيا سي پنھنجا ڪنڌ ڌوڻي ٺٺوليون ڪري عيسيٰ کي چون پيا تہ 40 ”تون تہ ٽن ڏينھن ۾ ھيڪل پيو ڊاھين ۽ ٺاھين، ھاڻي پاڻ کي تہ بچاءِ. جيڪڏھن تون خدا جو فرزند آھين تہ صليب تان ھيٺ لھي تہ ڏيکار.“ 41ساڳيءَ طرح سردار ڪاھن، شريعت جا عالم ۽ بزرگ ھن تي چٿرون ڪري چوڻ لڳا تہ 42”ھي تہ ٻين کي پيو ڇڏائي پر ھاڻي پاڻ کي نہ ٿو بچائي سگھي. ڇا ھي بني اسرائيل جو بادشاھہ آھي؟ ھاڻي صليب تان لھي اچي تہ ڏسون ۽ ان تي ايمان آڻيون. 43 ھو خدا تي ڀروسو ٿو رکي ۽ چوي ٿو تہ ’آءٌ خدا جو فرزند آھيان‘ تہ پوءِ ھاڻي ڏسون تہ خدا ھن کي ڪيئن ٿو بچائي.“ 44جيڪي ڌاڙيل ھن سان گڏ صليب تي چاڙھيا ويا اھي بہ ساڳيءَ طرح کيس طعنا ھڻن پيا.

عيسيٰ جو موت

45منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اوندھہ ڇانئجي ويئي، جيڪا ٽپھريءَ تائين ھلي. 46 ٽپھريءَ مھل عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”ايلي! ايلي! لما سبخٿني؟“ يعني ”اي منھنجا خدا! اي منھنجا خدا! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آھي؟“ 47جيڪي ماڻھو اُتي بيٺا ھئا تن مان ڪن ھن جا اھي لفظ ٻڌا ۽ چيائون تہ ”ھي الياس نبيءَ کي سڏي رھيو آھي.“ 48 انھن مان ھڪڙو ماڻھو جلدي ڀڳو ۽ فوم جھڙي ھڪ شيءِ کڻي ڪؤڙي مئي سان ڀري ڪاني جي چوٽيءَ تي ٻڌي عيسيٰ کي پيئڻ لاءِ ڏنائين. 49پر ٻين چيو تہ ”ترسو، ڏسون تہ الياس ھن کي بچائڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ.“ 50عيسيٰ وري وڏي رڙ ڪئي ۽ دم ڏنائين. 51 انھيءَ دم ھيڪل جو پردو چوٽيءَ کان وٺي تري تائين ٻن حصن ۾ چيرجي ويو. ڌرتي ڌڏي ويئي ۽ ڏونگر ڏري پيا. 52قبرون ڦاٽي پيون ۽ ڪيترائي نيڪ ماڻھو جيڪي مري ويا ھئا سي جيئرا ٿي اٿيا. 53اھي عيسيٰ جي ٻيھر جيئري ٿيڻ کان پوءِ قبرن مان ٻاھر نڪري اچي پاڪ شھر يروشلم ۾ داخل ٿيا ۽ گھڻن ئي ماڻھن کين ڏٺو. 54فوجي صوبيدار ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ عيسيٰ تي پھرو ڏيئي رھيا ھئا، تن جڏھن زلزلو ۽ ٻيو ڪجھہ ٿيندي ڏٺو تہ ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”سچ⁠پچ ھيءُ ماڻھو خدا جو فرزند ھو.“ 55 اُتي ڪيتريون عورتون بہ ھيون، جيڪي پري کان ڏسي رھيون ھيون. اُھي عيسيٰ جي خدمت ڪرڻ لاءِ ساڻس گڏجي گليل کان آيون ھيون. 56انھن ۾ مريم مگدليني، يعقوب ۽ يوسف جي ماءُ مريم ۽ زبديءَ جي پٽن جي ماءُ ھئي.

عيسيٰ جو ڪفن دفن

57جڏھن شام ٿي تہ ارمٿيا جو رھاڪو ھڪ شاھوڪار ماڻھو اتي اچي پھتو. ھن جو نالو يوسف ھو ۽ ھو بہ عيسيٰ جو شاگرد ٿيو ھو. 58ھو پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ عيسيٰ جي لاش وٺڻ لاءِ عرض ڪيائين. پلاطس حڪم ڏنو تہ ”عيسيٰ جو لاش کيس ڏنو وڃي.“ 59پوءِ يوسف لاش ورتو ۽ انھيءَ کي ھڪڙي اُچي صاف ڪفن ۾ ويڙھي، 60اُن قبر ۾ رکيائين جيڪا ھن ٽڪر تي پنھنجي لاءِ تازو کوٽائي ھئي. پوءِ ھڪڙو وڏو پٿر ريڙھي قبر جي منھن تي ڏنائين ۽ پاڻ ھليو ويو. 61مريم مگدليني ۽ اھا ٻي مريم اچي قبر جي سامھون ويھي رھيون.

قبر تي پھرو

62تياريءَ جي ڏينھن کان پوءِ ٻئي ڏينھن تي سردار ڪاھن ۽ فريسي گڏجي پلاطس وٽ ويا 63 ۽ چيائونس تہ ”سائين! اسان کي ياد آھي تہ ھو ٺڳ جڏھن اڃا جيئرو ھو تہ چوندو ھو تہ ’آءٌ ٽن ڏينھن کان پوءِ وري جيئرو ٿي اٿندس.‘ 64تنھنڪري اوھين حڪم جاري ڪريو تہ ٽن ڏينھن تائين قبر تي پھرو ڏنو وڃي، متان ھن جا شاگرد سندس ميت چورائي وڃن ۽ وڃي ماڻھن کي چون تہ ھو مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿيو آھي. سو متان ھيءَ پوئين ٺڳي پھرين کان بہ وڌيڪ خراب نہ ثابت ٿئي.“ 65تنھن تي پلاطس انھن کي چيو تہ ”پوءِ پھريدار وٺي وڃو ۽ ايتري سخت چوڪسي ڪريو جيتري ڪري سگھو.“ 66پوءِ ھو پھريدارن کي ساڻ ڪري قبر تي ويا ۽ پٿر تي مُھر ھڻي قبر تي پھرو ڏنائون.

متي 28

عيسيٰ جو وري جيئرو ٿيڻ

1سبت جي ڏينھن کان پوءِ جڏھن آچر جي صبح جي پرھہ ڦٽڻ لڳي تہ مريم مگدليني ۽ ٻي مريم قبر ڏسڻ ويون. 2ايتري ۾ ڏاڍو زوردار زلزلو آيو ۽ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ آسمان مان ھيٺ لٿو ۽ قبر جي منھن واري پٿر کي پاسي تي ريڙھي مٿس چڙھي ويٺو. 3ھن جي صورت وڄ جھڙي ھئي ۽ سندس پوشاڪ نوراني ھئي. 4پھريدار کانئس اھڙا تہ ڊنا جو مُڙدن وانگر پئجي رھيا. 5انھيءَ ملائڪ عورتن کي چيو تہ ”اوھين نہ ڊڄو. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوھين عيسيٰ کي ڳولي رھيون آھيو، جيڪو صليب تي چاڙھيو ويو ھو. 6ھو ھتي ڪونھي، ڇالاءِ⁠جو جيئن ھن چيو ھو تيئن ئي ھو جيئرو ٿي اٿيو آھي. ھيڏانھن اچو ۽ اھا جاءِ ڏسو جتي ھو پيل ھو. 7ھاڻي جلدي وڃو ۽ وڃي ھن جي شاگردن کي ٻڌايو تہ ’ھو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ اوھان کان اڳي ئي گليل ڏانھن وڃي رھيو آھي، اُتي اوھين کيس ڏسندا.‘ جيڪي مون اوھان کي ٻڌايو آھي سو وساري نہ ڇڏجو.“ 8سو اھي ڊپ ۽ گھڻي خوشيءَ وچان جلدي قبر مان نڪتيون ۽ عيسيٰ جي شاگردن کي ٻڌائڻ لاءِ ڀڄنديون ويون. 9اوچتو ئي عيسيٰ انھن کي مليو ۽ چيائين تہ ”سلام.“ تڏھن اھي وٽس آيون ۽ پيرن تي ڪري کيس سجدو ڪيائون. 10عيسيٰ کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، وڃو ۽ منھنجي ڀائرن کي چئو تہ ھو گليل ڏانھن ھلن، اُتي ھو مون کي ڏسندا.“

پھريدارن جو اطلاع ڏيڻ

11جڏھن عورتون پنھنجو رستو وٺي ويون پئي تہ ڪي پھريدار جن قبر تي پھرو پئي ڏنو، سي موٽي شھر ڏانھن آيا ۽ جيڪي ڪجھہ ٿيو ھو سو سڀ اچي سردار ڪاھنن کي ٻڌايائون. 12سردار ڪاھنن چڱن مڙسن سان ملي صلاح ڪئي ۽ سپاھين کي جھجھا پيسا رشوت ڏنائون، تہ جيئن 13اھي چون تہ ”جڏھن رات جو اسين سمھيا پيا ھئاسين تڏھن عيسيٰ جا شاگرد آيا ۽ سندس ميت چورائي کڻي ويا.“ 14ھنن سپاھين کي دلجاءِ ڏيندي چيو تہ ”جيڪڏھن اھا ڳالھہ گورنر جي ڪن تي پئجي ويئي تہ بہ اسين پاڻھي ھن کي سمجھائينداسين، سو اوھان کي ڪنھن بہ ڳالھہ جو خوف ڪرڻ نہ گھرجي.“ 15پھريدارن پيسا ورتا ۽ جيئن کين چيو ويو ھو تيئن ئي ڪيائون. ان ئي ڏينھن کان وٺي اھا ڳالھہ يھودين ۾ ھُلي ويئي آھي ۽ اڃا تائين مشھور آھي.

شاگردن کي ڏيکاري ڏيڻ

16 يارھن ئي شاگرد گليل ۾ انھيءَ جبل ڏانھن ويا جتي عيسيٰ وڃڻ لاءِ چيو ھون. 17جڏھن انھن کيس ڏٺو تہ ھن کي سجدو ڪرڻ لڳا، جيتوڻيڪ ڪن کي شڪ بہ ھو. 18عيسيٰ ويجھو اچي انھن سان ڳالھائيندي چيو تہ ”مون کي زمين ۽ آسمان جون سڀيئي اختياريون مليل آھن. 19 تنھن ڪري اوھين سڀني قومن وٽ وڃو ۽ انھن کي منھنجا شاگرد ڪريو. انھن کي پيءُ، فرزند ۽ پاڪ روح جي نالي تي بپتسما ڏيو، 20۽ کين تعليم ڏيو تہ انھن سڀني ڳالھين تي عمل ڪن جن جو مون اوھان کي حڪم ڏنو آھي. يقين ڪريو تہ آءٌ دنيا جي پڄاڻيءَ تائين ھميشہ اوھان سان ھوندس.“

مرقس 1

يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي منادي

1عيسيٰ مسيح ابن خدا جي خوشخبري ھن ريت شروع ٿئي ٿي: 2 يسعياہ نبيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آھي تہ ”خدا چيو تہ ’ڏس، آءٌ پنھنجو پيغمبر تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو، تہ ھو تنھنجي لاءِ رستو تيار ڪري.‘“ 3 انھيءَ ئي شخص جو ذڪر ٿيل آھي تہ ”رڻ⁠پٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ ’خداوند لاءِ رستو تيار ڪريو، ھن جي لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.‘“ 4تنھنڪري ئي تہ يحيٰ رڻ⁠پٽ ۾ ظاھر ٿيو ھو. ھو ماڻھن کي بپتسما ڏئي پيو ۽ تبليغ ڪري پيو تہ ”پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو تہ خدا اوھان جا گناھہ بخشي ڇڏي.“ 5يروشلم شھر بلڪ يھوداہ علائقي جا تمام گھڻا ماڻھو نڪري يوحنا وٽ آيا. انھن پنھنجا گناھہ باسيا ۽ يحيٰ کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ڏني. 6 يحيٰ کي اُٺ جي وارن جا ڪپڙا پيل ھوندا ھئا ۽ چيلھہ تي چم جو پٽو ٻڌل ھوندو ھوس. ھو ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي کائيندو ھو. 7يحيٰ ماڻھن ۾ منادي ڪندو ھو تہ ”منھنجي پٺيان ھڪ اھڙو ٿو اچي جو مون کان بہ وڌيڪ قدرت وارو آھي. آءٌ انھيءَ لائق بہ نہ آھيان جو نِوڙي سندس جتيءَ جون ڪھيون کوليان. 8آءٌ اوھان کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيان ٿو پر اھو اوھان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏيندو.“

عيسيٰ جو بپتسما وٺڻ ۽ سندس آزمائش

9انھن ڏينھن ۾ عيسيٰ گليل جي شھر ناصرت کان يحيٰ وٽ آيو ۽ يحيٰ کيس اردن درياءَ ۾ بپتسما ڏني. 10جيئن ئي عيسيٰ پاڻيءَ مان ٻاھر نڪتو تہ کيس آسمان کليل نظر آيو ۽ پاڪ روح کي ڪبوتر وانگر پاڻ تي لھندو ڏٺائين. 11 تڏھن آسمان مان ھڪ آواز آيو تہ ”تون منھنجو پيارو فرزند آھين ۽ آءٌ تو مان ڏاڍو خوش آھيان.“ 12پوءِ جلد ئي پاڪ روح عيسيٰ کي بيابان ۾ وٺي ويو، 13جتي شيطان کيس چاليھن ڏينھن تائين آزمائيندو رھيو. عيسيٰ جھنگلي جانورن سان گڏ ھو پر ملائڪن سندس سنڀال پئي ڪئي.

چئن مھاڻن کي سڏڻ

14يحيٰ جي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ عيسيٰ گليل ۾ آيو ۽ خدا جي خوشخبريءَ جي منادي ڪرڻ لڳو تہ 15 ”وقت اچي ڀريو آھي ۽ خدا جي بادشاھت ويجھي آئي آھي، سو توبھہ ڪريو ۽ خدا جي خوشخبريءَ تي ايمان آڻيو.“ 16جيئن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪناري سان وڃي رھيو ھو تہ کيس ٻہ مھاڻا، شمعون ۽ سندس ڀاءُ اندرياس نظر آيا جن ڍنڍ ۾ ڄار پئي وڌا. 17تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اچو ۽ منھنجي پٺيان ھلو تہ آءٌ اوھان کي ماڻھو ڦاسائڻ سيکاريان.“ 18سو ھو ھڪدم ڄار ڦٽا ڪري سندس پٺيان ھلڻ لڳا. 19ٿورو اڳڀرو ھليو تہ ھن زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا کي ٻيڙيءَ ۾ ڄارن جي مرمت ڪندي ڏٺو. 20عيسيٰ انھن کي سڏيو تہ ھنن پنھنجي پيءُ کي ٻيڙيءَ ۾ مزورن سان ڇڏي ڏنو ۽ عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ لڳا.

ڀوت ورتل ماڻھو

21پوءِ ھو ڪفرناحوم شھر ۾ آيا ۽ عيسيٰ سبت جي ڏينھن تي عبادت⁠خاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو. 22 ماڻھو ھن جي تعليم تي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو انھن کي شريعت جي عالمن وانگر نہ پر اختياريءَ سان تعليم ڏئي رھيو ھو. 23ايتري ۾ ڀوت ورتل ھڪڙو ماڻھو عبادت⁠خاني ۾ آيو ۽ رڙ ڪري چيائين تہ 24”اي عيسيٰ ناصري! تنھنجو اسان سان ڪھڙو واسطو آھي؟ تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آھين ڇا؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آھين، تون خدا جي ھڪ ئي پاڪ ھستي آھين.“ 25پر عيسيٰ ھن کي ڇينڀي چيو تہ ”ماٺ ڪر، ھن مان نڪري وڃ.“ 26ڀوت ماڻھوءَ کي خوب جھنجھوڙيو ۽ وڏي واڪي رڙ ڪري ھن مان نڪري ويو. 27تنھن تي سڀ ماڻھو ايترو تہ حيران ٿي ويا جو ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھي آھي ڇا؟ ھيءَ تہ نئين تعليم آھي. ھو ڀوتن تي بہ اختياريءَ سان حڪم ھلائي ٿو ۽ اھي کيس مڃين ٿا.“ 28جلد ئي ھن جي ھاڪ سڄي گليل جي علائقي ۾ جتي ڪٿي پئجي ويئي.

گھڻن ماڻھن کي شفا ڏيڻ

29ان کان پوءِ ھو عبادت⁠خاني مان نڪري يعقوب ۽ يوحنا سميت شمعون ۽ اندرياس جي گھر آيا. 30شمعون جي سس بخار سبب بستري ۾ پيئي ھئي. سو جيئن عيسيٰ اتي پھتو تہ کيس ان بابت ٻڌايائون. 31عيسيٰ ان وٽ ويو ۽ ھن کي ھٿ کان وٺي اٿاري وھاريو تہ جلد ئي کيس بخار ڇڏي ويو ۽ ھوءَ انھن جي خدمت ڪرڻ لڳي. 32جڏھن سانجھي ٿي ۽ سج لھي ويو تہ ماڻھن عيسيٰ وٽ ڪيترا ئي بيمار ۽ ڀوتن ورتل ماڻھو آندا. 33سڄو شھر دروازي تي اچي مڙيو. 34عيسيٰ ڪيترن ئي مرضن جي بيمارن کي شفا ڏني ۽ ڪيترن مان ڀوت ڪڍيائين. ھن ڀوتن کي ڳالھائڻ جي اجازت ئي نہ ڏني، ڇالاءِ⁠جو اھي عيسيٰ کي سڃاڻن پيا تہ ھو ڪير آھي.

عيسيٰ جو گليل ۾ تبليغ ڪرڻ

35صبح جو سوير بلڪل انڌاري ۾ ئي عيسيٰ اٿي ٻاھر نڪري ويو ۽ ھڪڙي نويڪليءَ جاءِ تي وڃي دعا گھريائين. 36شمعون ۽ سندس ساٿي عيسيٰ کي ڳوليندا رھيا 37۽ جڏھن ھن کي ڏٺائون تہ کيس چيائون تہ ”ھر ڪو اوھان کي ڳولي رھيو آھي.“ 38پر عيسيٰ کين چيو تہ ”ھلو تہ ڪن ٻين ڀر وارن شھرن ۾ ھلون، جيئن اتي بہ آءٌ تبليغ ڪريان، ڇوتہ انھيءَ ئي سبب ڪري آءٌ آيو آھيان.“ 39 پوءِ ھو سڄي گليل جي عبادت⁠خانن ۾ وڃي تبليغ ڪرڻ لڳو ۽ ماڻھن مان ڀوت ڪڍڻ لڳو.

ڪوڙھہ جھڙي مرض واري کي شفا ڏيڻ

40ڪوڙھہ جھڙي مرض وارو ھڪڙو ماڻھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ گوڏن ڀر ويھي کيس نيزاري ڪري چيائين تہ ”جيڪڏھن اوھين چاھيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“ 41عيسيٰ کي ھن تي ڪھل آئي، سو پنھنجو ھٿ ڊگھيري کيس لاتائين ۽ چيائينس تہ ”آءٌ چاھيان ٿو تہ تون پاڪ صاف ٿيءُ.“ 42تڏھن ھڪدم ھن کان ڪوڙھہ جھڙو مرض لھي ويو ۽ ھو ڇٽي پاڪ صاف ٿي پيو. 43عيسيٰ سختيءَ سان تاڪيد ڪري روانو ڪيس تہ 44 ”متان ڪنھن کي ٻڌايو اٿيئي، پر سڌو وڃي ڪاھنن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب قرباني ڪج تہ جيئن انھن آڏو ثابتي ٿئي تہ تون ڇٽي ويو آھين.“ 45پر ھن وڃي جتي ڪٿي اھا خبر ٻڌائي، سو ڳالھہ ايتري تہ ھُلي ويئي جو عيسيٰ پوءِ ڪنھن بہ شھر ۾ کُليءَ طرح داخل ٿي نہ سگھيو، پر ٻاھر ويران جاين ۾ رھيو جتي ماڻھو سڀني ھنڌن کان پئي آيا.

مرقس 2

اڌرنگي ماڻھوءَ کي شفا ڏيڻ

1ڪن ڏينھن کان پوءِ عيسيٰ ڪفرناحوم ۾ وري موٽي آيو ۽ اھا خبر پکڙجي ويئي تہ ھو گھر ۾ آھي. 2سو ايترا تہ ماڻھو اچي مڙيا جو دروازي تي بہ بيھڻ جي جاءِ ڪانہ ھئي. عيسيٰ انھن کي خدا جو ڪلام پئي ٻڌايو، 3تہ ڪي ماڻھو ھڪ اڌرنگيءَ شخص کي چئن ماڻھن کان کڻائي وٽس آيا. 4جيئن تہ سخت ڀيڙ جي ڪري ھو اندر اچي نہ سگھيا، سو جنھن جاءِ ۾ عيسيٰ ويٺل ھو، تنھن جي ڇت کي ڦاڙ ڪيائون. جڏھن ڦاڙ ويڪرو ٿيو تہ ھنن کٽولو، جنھن تي اڌرنگي پيل ھو سو ھيٺ لاٿو. 5عيسيٰ انھن جو ايڏو ايمان ڏسي انھيءَ اڌرنگي شخص کي چيو تہ ”پٽ، تنھنجا گناھہ بخشجي ويا.“ 6پر اتي ڪي شريعت جا عالم ويٺا ھئا، سي پنھنجين دلين ۾ دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ 7”ھي ماڻھو ائين ڇو ٿو چوي؟ ھي تہ ڪفر ٿو بڪي، ڇالاءِ⁠جو خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناھہ بخشي نہ ٿو سگھي.“ 8عيسيٰ ھڪدم انھن جي دلين جي دليلن کي ڄاڻي ورتو، سو کين چيائين تہ ”ڇو اوھين پنھنجين دلين ۾ اھڙا دليل ڊوڙايو ٿا؟ 9ڇا اھو سولو آھي تہ ھن اڌرنگي ماڻھوءَ کي چئجي تہ ’تنھنجا گناھہ بخشجي ويا‘ يا اھو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر؟‘ 10پر آءٌ اوھان تي ثابت ڪندس تہ ابن⁠آدم کي دنيا ۾ ماڻھن جي گناھہ بخشڻ جي اختياري مليل آھي.“ سو عيسيٰ اڌرنگيءَ شخص کي چيو تہ 11”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھر ھليو وڃ.“ 12سڀني ماڻھن جي ڏسندي ئي ھو اُٿي بيٺو، پنھنجو کٽولو کنيائين ۽ تڪڙو تڪڙو ھليو ويو. ھو سڀيئي ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”اسان ڪڏھن بہ اھڙي ڳالھہ نہ ڏٺي آھي!“

لاويءَ کي سڏڻ

13عيسيٰ وري ڍنڍ جي ڪناري سان پئي ويو تہ ھن وٽ ھڪ ميڙ اچي گڏ ٿيو ۽ ھن انھن کي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. 14واٽ ويندي ھن حلفيءَ جي پٽ لاويءَ کي محصولي اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“ تنھن تي لاوي اٿيو ۽ ھن جي پٺيان ھلڻ لڳو. 15تنھن کان پوءِ عيسيٰ لاويءَ جي گھر پنھنجن شاگردن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو ھو تہ ساڻس ڪيئي محصول اڳاڙيندڙ ۽ گنھگار بہ گڏ ويٺا ھئا، ڇالاءِ⁠جو اھڙا گھڻا ئي ھئا جيڪي عيسيٰ جي پٺيان ايندا ھئا. 16ڪن شريعت جي عالم فريسين جڏھن ڏٺو تہ عيسيٰ محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ٿو کائي، تڏھن انھن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”ھو محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي؟“ 17عيسيٰ ھي ٻڌي ورتو ۽ چيائين تہ ”چڱن ڀلن کي نہ بلڪ بيمارن کي حڪيم جي گھرج ھوندي آھي. آءٌ نيڪن کي نہ پر گنھگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آھيان.“

روزن بابت سوال

18ھڪڙي دفعي جڏھن يحيٰ جا شاگرد ۽ فريسي روزي سان ھئا تہ ڪي ماڻھو عيسيٰ وٽ آيا ۽ اچي پڇيائونس تہ ”يحيٰ جا شاگرد ۽ فريسي تہ روزا رکن ٿا پر اوھان جا شاگرد ڇو نہ ٿا روزا رکن؟“ 19عيسيٰ انھن کي جواب ڏنو تہ ”ڇا گھوٽ جا ڄاڃي روزا رکي سگھن ٿا جڏھن تہ گھوٽ بہ انھن سان ھجي؟ 20پر ڪو وقت ايندو جڏھن گھوٽ انھن کان جدا ڪيو ويندو تہ پوءِ ان وقت ھو بہ روزا رکندا. 21ڪوبہ ماڻھو پراڻي پھراڻ کي نئين چتي نہ ٿو ھڻي، پر جيڪڏھن ائين ڪندو تہ نئين چتي پراڻي ڪپڙي کي ڦاڙي اڃا بہ وڏو انگھہ ڪري وجھندي. 22ڪوبہ تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ نہ ٿو ڀري، جيڪڏھن ائين ڪندو تہ مئي ساندارن کي ڦاڙي وجھندي. سو مئي ۽ ساندارا ٻئي زيان ٿي ويندا. تازي مئي نون ساندارن ۾ ڀربي آھي.“

سبت جي ڏينھن بابت سوال

23 ھڪڙي سبت جي ڏينھن عيسيٰ اَنَ جي ٻنين مان لنگھي رھيو ھو. جيئن تہ شاگرد ساڻس گڏ ھلن پيا سو اھي اَنَ جا سنگ پٽي کائڻ لڳا. 24تنھن تي فريسين عيسيٰ کي چيو تہ ”ڏسو، اوھان جا شاگرد اھو ڪم ڇو ٿا ڪن جيڪو سبت جي ڏينھن تي جائز نہ آھي؟“ 25 عيسيٰ چين تہ ”ڇا اوھان اھو نہ پڙھيو آھي تہ جڏھن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي ھئي ۽ کين کائڻ لاءِ ڪجھہ گھربو ھو، تڏھن دائود ڇا ڪيو ھو؟ 26 ھو سردار ڪاھن ابياتر جي ڏينھن ۾ خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو. اتي ھن نذر جون مانيون پاڻ بہ کاڌيون ۽ پنھنجن ساٿين کي بہ ڏنيون، جيتوڻيڪ اُھي مانيون ڪاھنن کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي بہ کائڻ جائز نہ ھيون.“ 27عيسيٰ انھن کي وڌيڪ چيو تہ ”سبت ماڻھن لاءِ ٺھيو آھي، نہ ماڻھو سبت جي لاءِ. 28ابن⁠آدم تہ سبت جو بہ مالڪ آھي.“

مرقس 3

سڪل ھٿ وارو ماڻھو

1ان کان پوءِ عيسيٰ عبادت⁠خاني ۾ موٽي ويو، جتي ھڪڙو سڪل ھٿ وارو ماڻھو ويٺل ڏٺائين. 2ڪي ماڻھو انھيءَ تاڙ ۾ ھئا تہ عيسيٰ ھن کي سبت جي ڏينھن شفا ڏئي تہ ھو مٿس تھمت ھڻن. 3عيسيٰ سڪل ھٿ واري ماڻھوءَ کي چيو تہ ”وچ ۾ ٿي بيھہ.“ 4پوءِ ماڻھن کان پڇيائين تہ ”سبت جي ڏينھن نيڪي ڪرڻ جائز آھي يا بدي، حياتي بچائڻ جائز آھي يا مارڻ؟“ پر ھو ڪجھہ بہ ڪڇي نہ سگھيا. 5عيسيٰ انھن ڏانھن چوڌاري ڪاوڙ ۾ ڏٺو، پر ساڳي وقت کيس انھن جي ھٺ ۽ ھوڏ تي ارمان بہ پئي ٿيو. پوءِ انھيءَ ماڻھوءَ کي چيائين تہ ”ھٿ ڊگھو ڪر.“ ھن ھٿ ڊگھيريو تہ سندس ھٿ ٺيڪ ٿي ويو. 6تنھن تي فريسي جلدي ٻاھر نڪري ويا ۽ ھيروديس جي پارٽيءَ جي ميمبرن سان عيسيٰ جي خلاف سازشون سٽڻ لڳا تہ ڪيئن کيس ختم ڪجي.

ڍنڍ تي ميڙ

7عيسيٰ پنھنجن شاگردن سان گڏجي گليل ڍنڍ جي پاسي نڪري ويو تہ ماڻھن جو وڏو ميڙ سندس پٺيان آيو. گليل، يھوديہ، 8يروشلم، ادوم ۽ اردن درياء جي اڀرندي پاسي کان، صور ۽ صيدا جي آس⁠پاس کان بہ ماڻھن جا وڏا ميڙ وٽس آيا، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن ٻڌو ھو تہ ھو عجيب وَ غريب ڪم ٿو ڪري. 9 جيئن تہ ماڻھن جو گھڻو ڳاھٽ ھو تنھنڪري عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”ھڪڙي ٻيڙي تيار ڪريو، متان ماڻھو مون کي ڳاھي نہ ڇڏين.“ 10جيئن تہ ھن گھڻن ماڻھن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو ھو، تنھنڪري جن کي بہ بيماري ھئي سي کيس ھٿ لائڻ لاءِ ڏاڍا آتا ھئا. 11ڀوتن ورتل ماڻھو جڏھن عيسيٰ کي ڏسندا ھئا تہ پٽ تي ڪري رڙيون ڪري چوندا ھئا تہ ”تون خدا جو فرزند آھين.“ 12پر عيسيٰ انھن کي سختيءَ سان ڇينڀي تاڪيد ڪندو ھو تہ ”مون کي ظاھر نہ ڪريو.“

ٻارھن رسولن کي چونڊڻ

13عيسيٰ ھڪڙي جابلو علائقي ۾ ويو ۽ انھن ماڻھن کي گھرايائين جن کي ھو چاھي پيو ۽ اھي وٽس آيا. 14پوءِ ٻارھن ڄڻا چونڊيائين جن کي رسول ڪري بہ ڪوٺيائين. انھن کي چيائين تہ ”مون اوھان کي انھيءَ ڪري چونڊيو آھي تہ اوھين مون سان گڏ رھو. آءٌ اوھان کي ٻاھر بہ تبليغ ڪرڻ لاءِ موڪليندس، 15۽ اوھان کي ماڻھن مان ڀوتن ڪڍڻ جي اختياري بہ ڏيندس.“ 16عيسيٰ جيڪي ٻارھن ڄڻا چونڊيا اُھي ھي ھئا: شمعون، جنھن کي ”پطرس“ نالو بہ ڏنائين، 17زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا، جن کي بونرگس يعني ”گجگوڙ جا پٽ“ ڪري سڏيائين، 18اندرياس، فلپس، برٿلمئي، متي، توما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، ٿدئي، شمعون قوم⁠پرست، 19۽ يھوداہ اسڪريوتي، جنھن پوءِ دغا ڪري پڪڙايو ھوس.

عيسيٰ ۽ بعل⁠زبول

(متي ۲۲‏:۱۲‎–۳۲، لوقا ۱۴‏:۱۱‎–۲۳) 20پوءِ عيسيٰ گھر آيو. اتي وري بہ ايتري تہ خلق اچي مڙي جو عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي ماني کائڻ جي واندڪائي بہ نہ ملي. 21جڏھن سندس مائٽن اھو ٻڌو تڏھن ھو کيس ھٿ ڪرڻ لاءِ نڪتا، ڇاڪاڻ⁠تہ ماڻھو سمجھن پيا تہ ”عيسيٰ ديوانو آھي.“ 22 ڪي شريعت جا عالم جيڪي يروشلم کان آيا ھئا، تن پئي چيو تہ ”عيسيٰ ۾ بعل⁠زبول آھي ۽ انھيءَ ڀوتن جي سردار جي مدد سان ئي ھو ڀوتن کي ماڻھن مان ڪڍي ٿو.“ 23تنھن تي عيسيٰ ماڻھن کي پاڻ وٽ گھرائي ڪي مثال ٻڌايا تہ ”شيطان، ڪيئن شيطان کي ڪڍندو؟ 24جيڪڏھن ڪنھن بادشاھت ۾ ڦيٽھڙو پوندو تہ اُھا جٽاءُ ڪري نہ سگھندي 25۽ جيڪڏھن ڪنھن گھر ۾ ڏڦيڙ پوندو تہ اھو گھر بہ ھلي نہ سگھندو. 26سو جيڪڏھن شيطان پاڻ پنھنجي خلاف ٿي بيھندو ۽ ڏڦيڙ وجھندو تہ بيھي نہ سگھندو ۽ تباھہ ٿي ويندو. 27ڪوبہ ماڻھو ايستائين طاقتور شخص جي گھر ۾ گھڙي سندس ملڪيت ڦُري نہ سگھندو، جيستائين پھريائين اُن طاقتور شخص کي نہ ٻَڌندو ۽ تنھن کان پوءِ ئي ھن جو گھر ڦريندو. 28آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ماڻھن جيڪي ⁠بہ گناھہ ڪيا ھوندا ۽ ڪفر جون ڳالھيون بڪيون ھوندائون، سي سڀ کين بخش ٿي سگھن ٿيون، 29 پر پاڪ روح جي خلاف جيڪو بہ ڪفر بڪندو، تنھن کي ڪڏھن بہ بخش نہ ڪيو ويندو، اٽلندو اھو ابدي گناھہ جو ڏوھاري ٿيندو.“ 30عيسيٰ اھو انھيءَ ڪري چيو جو ڪن چيو پئي تہ ”ھن ۾ ڀوت آھي.“

عيسيٰ جي ماءُ ۽ ڀائر

31ايتري ۾ عيسيٰ جي ماءُ ۽ ڀائر اچي پھتا ۽ ٻاھر بيھي عيسيٰ کي پاڻ وٽ گھرائڻ لاءِ ماڻھو موڪليائون. 32جيڪي ميڙ عيسيٰ جي چوگرد ويٺا ھئا تن کيس ٻڌايو تہ ”ڏسو، اوھان جي ماءُ ۽ ڀائر ٻاھر بيٺا اوھان کي سڏين ٿا.“ 33ھن پڇيو تہ ”منھنجي ماءُ ۽ ڀائر ڪير آھن؟“ 34پوءِ جيڪي اتي سندس چوڌاري ويٺا ھئا تن ڏانھن نظر ڦيرائي چوڻ لڳو تہ ”اِجھا، ھيءَ آھي منھنجي ماءُ ۽ اِجھي، ھي آھن منھنجا ڀائر، 35ڇالاءِ⁠جو جيڪوبہ خدا جي مرضيءَ موجب ھلندو سو منھنجو ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماءُ آھي.“

مرقس 4

ٻج ڇٽڻ واري جو مثال

1 عيسيٰ وري ڍنڍ جي ڪناري تي تعليم ڏيڻ لڳو. سندس چوڌاري ايترا تہ ماڻھو اچي مڙيا جو ھو پاڻ ڍنڍ ۾ ھڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ويٺو ۽ ٻي ساري خلق ڪناري تي بيٺي رھي. 2عيسيٰ انھن کي ڪيترين ئي ڳالھين سيکارڻ لاءِ مثال پئي ڏنا ۽ تعليم ڏيندي چيائين تہ 3”ٻڌو، ھڪڙو ھاري ٻج ڇٽڻ ويو. 4ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا ۽ پکي اچي انھن کي چُڳي ويا. 5ڪي داڻا ٽڪرائتي زمين تي ڪريا، جتي گھڻي مٽي نہ ھئي سو سلا جلدي اڀريا، پر پوري مٽي نہ ھئڻ ڪري 6جڏھن سج اڀريو تہ لھسجي ويا. جيئن ⁠تہ انھن کي پاڙ نہ ھئي تنھنڪري اھي سڪي ويا. 7ڪي داڻا ڪانڊيرن ۾ ڪريا. ڪانڊيرا مٿي اڀريا تہ انھن کي اُسرڻ نہ ڏنائون ۽ انھن ڪوبہ ڦر نہ ڏنو. 8ڪي داڻا ڀليءَ زمين تي ڪريا. اھي انگوريا، اڀريا ۽ ڦر جھليائون، ڪن ۾ ٽيھہ داڻا، ڪن ۾ سٺ داڻا تہ ڪن ۾ ⁠سؤ داڻا بہ ڦر ھو.“ 9عيسيٰ چيو تہ ”جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي ڇڏي.“

مثالن جو مطلب

10عيسيٰ جڏھن نويڪلو ٿيو تہ سندس پوئلڳن ۽ ٻارھن شاگردن گڏجي مثالن بابت سوال ڪيس. 11ھن انھن کي چيو تہ ”اوھان کي خدا جي بادشاھت جي ڳُجھہ جي سمجھہ ڏني ويئي آھي. پر جيڪي منھنجا پوئلڳ نہ آھن تن کي سڀ ڳالھيون مثالن سان ٻڌائجن ٿيون، 12 تہ جيئن: ’اھي نھاريندي نھاريندي بہ نہ ڏسن، ٻڌندي ٻڌندي بہ نہ سمجھن، تہ متان انھن جون دليون خدا جي طرف ڦري پون ۽ ھو کين بخشي ڇڏي.‘“

ٻج ڇٽڻ واري جي مثال جي سمجھاڻي

13پوءِ عيسيٰ انھن کان پڇيو تہ ”ڇا اوھين ھي مثال نہ ٿا سمجھو؟ تہ پوءِ اوھين ٻين مثالن جو مطلب ڪيئن سمجھندا؟ 14ٻج ڇٽيندڙ خدا جو ڪلام پوکي ٿو. 15ڪنھن وقت ڪلام رستي تي ڪري ٿو، يعني اھي ماڻھو جيڪي ڪلام ٻڌن ٿا. پر جيئن ئي اھي ٻڌن ٿا تہ شيطان جلدي اچي انھن جي دلين مان ڇٽيل ٻج ڪڍي وٺي ٿو. 16ٻيا ماڻھو ان ٽڪر مثل آھن جتي ٻج ڪريو، يعني اھي ڪلام ٻڌن ٿا ۽ جلدي خوشيءَ سان قبول ڪن ٿا، 17پر اھو انھن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو ھڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. سو جڏھن ڪلام جي ڪري مٿن ڪا مصيبت يا تڪليف اچي ٿي تہ اھي جلدي ڦري وڃن ٿا. 18ٻيا ماڻھو انھن ڪانڊيرن مثل آھن جن ۾ ٻج ڪريو، يعني اھي ڪلام تہ ٻڌن ٿا، 19پر دنيا جو فڪر، دولت جو فريب ۽ ٻين شين جون خواھشون سندن دل ۾ گھڙي ڪري ڪلام کي گھُٽيو ڇڏين ۽ انھن ۾ ڦر نہ ٿو پچي. 20ٻيا ماڻھو ان ڀلي زمين مثل آھن جتي ٻج ڪريو، يعني اھي ڪلام ٻڌن ٿا ۽ قبول ڪن ٿا. پوءِ اھي ٽيھوڻو، سٺوڻو ۽ سوء⁠ڻو ڦر جھلين ٿا.“

ڏيئو ڍڪڻ ھيٺان رکڻ

21 عيسيٰ وڌيڪ چين تہ ”ڇا اوھين ڏيئو ٻاري ڍڪڻ يا کٽوليءَ جي ھيٺان آڻي رکندا آھيو؟ نہ، پر اھو ڏياٽيءَ تي آڻي رکندا آھيو. 22 مطلب تہ اھڙي ڪابہ شيءِ لڪل نہ آھي جيڪا ظاھر نہ ٿئي ۽ اھڙي ڪابہ ڍڪيل نہ آھي جا پڌري نہ ٿئي. 23جيڪڏھن اوھان کي ڪن آھن تہ ٻڌي ڇڏيو.“ 24 عيسيٰ اھو بہ چين تہ ”جيڪي ڪجھہ ٻڌو ٿا تنھن تي ڌيان ڏيو، ڇالاءِ⁠جو جنھن ماپي سان اوھين ماپي ڏيندا تنھن ئي ماپي سان اوھان کي بہ ماپجي ملندو، بلڪ ان کان بہ وڌيڪ ملندو. 25 ڇالاءِ⁠جو جنھن وٽ آھي تنھن کي وڌيڪ ڏنو ويندو ۽ جنھن وٽ ڪجھہ بہ نہ آھي تنھن کان اھو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آھي.“

ٻج پوکڻ جو مثال

26عيسيٰ ٻڌايو تہ ”خدا جي بادشاھت ان ماڻھوءَ مثل آھي، جيڪو پنھنجي ٻنيءَ ۾ ٻج ڇٽي ٿو. 27ھو رات جو سمھي ٿو ۽ ڏينھن جو جاڳي ٿو ۽ ٻج اھڙيءَ طرح ڦٽي ھلي ٿو جو ھن کي ان جي خبر ئي نہ ٿي پوي. 28زمين پاڻھي ئي فصل ڏئي ٿي، پھريائين سلو، پوءِ سنگ ۽ ان کان پوءِ سنگ ۾ داڻا ٿين ٿا. 29 پر جڏھن فصل پچي تيار ٿئي ٿو تڏھن ھو ھڪدم انھيءَ ۾ ڏاٽو وجھي ٿو، ڇالاءِ⁠جو لاباري جو وقت اچي ويو آھي.“

سرنھن جي داڻي جو مثال

30عيسيٰ چيو تہ ”اسين خدا جي بادشاھت کي ڇا سان ڀيٽيون ۽ ان کي سمجھائڻ لاءِ اسين ڪھڙو مثال ڏيون؟ 31اھا سرنھن جي داڻي مثل آھي، جيڪو پوکڻ وقت سڀني کان ننڍو آھي، 32پر پوکڻ کان پوءِ اڀري سڀني ٻوٽن کان وڌي وڃي ٿو ۽ ايڏيون تہ وڏيون ٽاريون ٿو جھلي جو پکي سندس ٽارين ۾ واھيرو ڪن ٿا.“ 33جيتري کين سمجھڻ جي سگھہ ھئي، عيسيٰ اوترا مثال ڏيئي انھن کي خدا جو ڪلام ٻڌايو. 34ھو مثالن کان سواءِ انھن سان نہ ڳالھائيندو ھو، پر جڏھن شاگردن سان اڪيلائپ ۾ ھوندو ھو تہ کين سڀني ڳالھين جو مطلب سمجھائيندو ھو.

طوفان کي بند ڪرڻ

35انھيءَ ساڳئي ڏينھن شام جو عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”ھلو تہ ڍنڍ جي ھُن ڀر ھلون.“ 36تنھن تي ھنن خلق کي اتي ئي ڇڏيو ۽ جنھن ٻيڙيءَ ۾ عيسيٰ اڳي ئي ويٺل ھو، تنھن ۾ چڙھي ساڻس گڏ روانا ٿيا. ٻيون ٻيڙيون بہ انھيءَ ٻيڙيءَ سان گڏ ھيون. 37اوچتو ئي ھڪڙو وڏو طوفان آيو ۽ ڇولين ٻيڙيءَ تي اھڙو تہ سٽڪو لائي ڏنو جو ٻيڙي پاڻيءَ سان ڀرجي ٻڏڻ لڳي. 38عيسيٰ ٻيڙيءَ جي پاڇيل تي وھاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ستو پيو ھو تہ شاگردن اچي کيس جاڳايو ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسين مرڻ تي آھيون ۽ اوھان کي ڪو خيال ئي نہ ٿو ٿئي؟“ 39تنھن تي عيسيٰ اُٿيو ۽ واءُ کي ڇينڀيائين ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي حڪم ڪيائين تہ ”ماٺيون ٿيو.“ تڏھن طوفان بيھجي ويو ۽ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي. 40پوءِ عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوھين ڇو ٿا ڊڄو؟ ڇا اوھان کي اڃا تائين مون تي ايمان نہ آھي؟“ 41پر اھي ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھي ڪير آھي جو ھوا ۽ پاڻي بہ ھن جو حڪم مڃين ٿا؟“

مرقس 5

ڀوت ورتل ماڻھوءَ کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ

1ھو ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر گراسينين جي علائقي ۾ اچي پھتا. 2اڃا عيسيٰ ٻيڙيءَ تان لٿو ئي مس تہ ھڪڙو ڀوت ورتل ماڻھو غارن واري قبرستان مان نڪري اچي ساڻس مليو. 3ھو قبرن ۾ رھندو ھو ۽ ھاڻي کيس زنجيرن سان بہ ڪو ٻڌي نہ ٿي سگھيو. 4ڇالاءِ⁠جو ھن کي ڪيترا ئي دفعا لوھہ جي ڪڙين ۽ زنجيرن ۾ ٻڌو ويو ھو، پر ھن انھن زنجيرن کي ٽوڙي ۽ ڪڙين کي ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ھو ۽ ڪوبہ مٿس قابو پئجي نہ ٿي سگھيو. 5ھو رات ڏينھن قبرن ۽ ٽڪرن ۾ رڙندو وتندو ھو ۽ پاڻ کي رتوڇاڻ ڪندو ھو. 6ھن عيسيٰ کي پري کان ڏسي ورتو، سو ڀڄي اچي سندس پيرن تي ڪري پيو، 7۽ وڏي واڪي رڙ ڪري چيائين تہ ”اي عيسيٰ، خدا تعاليٰ جا فرزند! تنھنجو مون سان ڪھڙو واسطو آھي؟ آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ خدا جي واسطي مون کي عذاب نہ ڏي.“ 8ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ کيس چئي رھيو ھو تہ ”اي ڀوت! ھن ماڻھوءَ مان ٻاھر نڪري اچ.“ 9عيسيٰ پڇيس تہ ”تنھنجو نالو ڇا آھي؟“ ماڻھوءَ جواب ڏنو تہ ”منھنجو نالو لشڪر آھي، ڇالاءِ⁠جو اسين گھڻا آھيون،“ 10پوءِ ھن ليلائيندي چيس تہ ”اسان کي ھن علائقي مان تڙي نہ ڪڍ.“ 11اتي ٽڪر جي پاسي ۾ ھڪ وڏو سوئرن جو ڌڻ چري رھيو ھو. 12عيسيٰ کي ڀوتن منٿ ڪئي تہ ”مھرباني ڪري اسان کي موڪل ڏيو تہ سوئرن ۾ گھڙي وڃون.“ 13عيسيٰ انھن کي موڪل ڏني ۽ ڀوت ماڻھوءَ مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا. تڏھن ٻہ ھزار سوئرن جو اھو سڄو ڌڻ ٽڪر جي چوٽيءَ تان ھيٺ ڌوڪيندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو. 14جيڪي ماڻھو سوئرن جو ڌڻ چاري رھيا ھئا، سي ڀڄي ويا ۽ وڃي شھر ۽ ٻھراڙيءَ ۾ اھا خبر ٻڌايائون. ماڻھو ھن واقعي کي ڏسڻ لاءِ نڪري آيا. 15ھو عيسيٰ وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ جنھن ماڻھوءَ ۾ ڀوتن جو لشڪر ھو سو اتي ويٺو آھي ۽ ڪپڙا پيل اٿس ۽ پوري ھوش ۾ آھي. تڏھن سڀيئي ڊڄي ويا. 16جن اھو رنگ اکين سان ڏٺو ھو تن کين ڀوتن ۽ سوئرن بابت سڄي ڳالھہ ڪري ٻڌائي. 17تنھن تي انھن عيسيٰ کي منٿ ڪري چيو تہ ”مھرباني ڪري اسان جي علائقي مان ھليا وڃو.“ 18جڏھن عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙھيو پئي تہ جنھن ماڻھوءَ ۾ اڳ ڀوت ھئا تنھن اچي منٿ ڪيس تہ ”مون کي بہ پاڻ سان وٺي ھلو.“ 19پر عيسيٰ کيس اجازت نہ ڏني ۽ اٽلندو چيائينس تہ ”گھر مائٽن ڏانھن موٽي وڃ ۽ وڃي انھن کي ٻڌاءِ تہ خداوند تو لاءِ ڇا ڪيو ۽ ڪيتري قدر ھو تو تي مھربان رھيو.“ 20تنھن تي اھو ماڻھو ھليو ويو ۽ وڃي دڪاپلس جي شھرن ۾ خبرون ڪيائين تہ عيسيٰ ھن لاءِ ڇا ڪيو آھي. سو جن بہ اھو ٻڌو تہ حيران ٿي ويا.

يائرس جي ڌيءَ کي جيئرو ڪرڻ ۽ ھڪ عورت کي شفا ڏيڻ

21عيسيٰ جڏھن ٻيڙيءَ ۾ چڙھي وري ٻيءَ ڀر موٽيو تہ ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي ماڻھن جو وڏو ميڙ ڦري آيس. 22يھودين جي مقامي عبادت⁠خاني جو يائرس نالي ھڪڙو اڳواڻ عيسيٰ کي ڏسي سندس پيرن تي ڪري پيو. 23کيس ڏاڍيون آزيون نيزاريون ڪري چوڻ لڳو تہ ”منھنجي ننڍي ڌيءَ مرڻ تي آھي، مھرباني ڪري ھلي ھٿ گھمايوس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.“ 24تنھن تي عيسيٰ ان سان گڏجي ھليو تہ ھڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان ھلڻ لڳو ۽ ماڻھو عيسيٰ تي ڳاھٽ پئي ٿيا. 25اتي ھڪڙي عورت ھئي، جنھن کي ٻارھن ورھين کان رت پيو ايندو ھو. 26ھن ڪيترن ئي طبيبن کي پاڻ ڏيکاريو ھو ۽ جيڪابہ پنھنجي ميڙي چونڊي ھيس سا سڀ خرچ ڪري ڇڏي ھئائين ۽ کيس ذري جو بہ فائدو ڪونہ پيو ھو، پر اٽلندو وڌيڪ عليل ٿيندي پئي ويئي. 27جڏھن انھيءَ عورت عيسيٰ بابت ڳالھيون ٻڌيون تہ ميڙ سان گڏجي سندس پٺيان آئي ۽ عيسيٰ جي ڪپڙن کي ھٿ لاتائين، 28ڇالاءِ⁠جو ھوءَ دل ۾ چوي پيئي تہ ”جيڪڏھن مون رڳو سندس ڪپڙن کي بہ ھٿ لاتو تہ آءٌ چاق ٿي وينديس.“ 29پوءِ جلد ئي سندس رت وھڻ بند ٿي ويو ۽ ھوءَ پاڻ کي تندرست سمجھڻ لڳي. 30ايتري ۾ عيسيٰ محسوس ڪيو تہ ”مون مان قدرت نڪتي آھي.“ سو ميڙ ڏانھن ڦري چيائين تہ ”منھنجي دامن کي ڪنھن ھٿ لاتو آھي؟“ 31تنھن تي سندس شاگردن وراڻيس تہ ”سائين! ماڻھو اوھان تي پيا ڳاھٽ ٿين ۽ اوھين چئو ٿا تہ ’ڪنھن مون کي ھٿ لاتو آھي.‘“ 32پر ھو جاچيندو رھيو تہ اھو ڪم ڪنھن ڪيو. 33ھاڻي ان عورت کي خبر پئي تہ ساڻس ڇا ٿيو آھي، سا ڊڄندي ۽ ڏڪندي اچي عيسيٰ جي پيرين پيئي ۽ سڄي ڳالھہ ڪري ٻڌايائينس. 34تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”ڌيءَ! تنھنجي ايمان تو کي ڇٽايو آھي، سو خوش ٿيءُ جو ھاڻي آزار کان ڇٽينءَ.“ 35عيسيٰ اڃا ڳالھائي رھيو ھو تہ اوڏيءَ مھل يائرس جي گھران ماڻھو آيا، جن اچي يائرس کي ٻڌايو تہ ”تنھنجي ڌيءَ مري ويئي، ھاڻي استاد کي وڌيڪ تڪليف نہ ڏي.“ 36عيسيٰ انھيءَ ڳالھہ تي ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو، بلڪ يھودين جي عبادت⁠خاني جي انھيءَ اڳواڻ کي چيائين تہ ”گھٻراءِ نہ، رڳو ويساھہ رک.“ 37عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي بہ ھلڻ جي اجازت نہ ڏني. 38اھي عبادت⁠گاھہ جي اڳواڻ جي گھر آيا ۽ عيسيٰ ڏٺو تہ گھر ۾ ماتم لڳو پيو آھي، ماڻھو ڏاڍيان روئن ۽ پٽين ٿا پيا. 39جڏھن عيسيٰ اندر گھڙيو تڏھن انھن کي چيائين تہ ”اوھين ھُل ڇو ٿا ڪريو ۽ ڇو ٿا روئو؟ ڇوڪري مئي تہ ڪانھي پر ستي پيئي آھي.“ 40تنھن تي اھي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. تنھنڪري ھن سڀني کي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو. رڳو پنھنجن ساٿين ۽ ڇوڪريءَ جي ماءُ⁠پيءُ کي ساڻ ڪري اندر ويو جتي اھا ڇوڪري پيئي ھئي. 41ھن ڇوڪريءَ جي ھٿ کان وٺي چيو تہ”تليٿا قُومي،“ جنھن جي معنيٰ آھي تہ ”اي ننڍڙي نينگري! اُٿ.“ 42تنھن تي ڇوڪري ھڪدم اُٿي کڙي ٿي ۽ جيئن تہ ھوءَ ٻارھن ورھين جي ھئي سو گھمڻ ڦرڻ لڳي. ھو ڏاڍا حيران ٿي ويا. 43پوءِ عيسيٰ انھن کي سخت تاڪيد ڪيو تہ ”اھا ڳالھہ ڪنھن سان بہ نہ ڪجو.“ کين چيائين تہ ”ڇوڪريءَ کي کائڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“

مرقس 6

عيسيٰ کي ناصرت وارن جو نہ قبولڻ

1عيسيٰ اتان روانو ٿي موٽي پنھنجي شھر ۾ آيو ۽ سندس شاگرد بہ ھن جي پٺيان آيا. 2جڏھن سبت جو ڏينھن آيو تہ ھو عبادت⁠خاني ۾ تعليم ڏيڻ لڳو. گھڻا ماڻھو ھن کي ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ھن اھي ڳالھيون ڪٿان سکيون آھن؟ اھا ڪھڙي دانائي آھي جا کيس ملي آھي؟ ھو اھڙا معجزا ڪيئن ٿو ڪري سگھي؟ 3ڇا ھي اھو ڊکڻ نہ آھي جو مريم جو پٽ ۽ يعقوب، يوسيس، يھوداہ ۽ شمعون جو ڀاءُ آھي؟ ڇا ھن جون ڀينرون ھتي نہ ٿيون رھن؟“ تنھنڪري ھنن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو. 4 عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ھر نبي پنھنجي وطن، مائٽن ۽ خاندان کان سواءِ جتي ڪٿي مان پائيندو آھي.“ 5عيسيٰ اتي ڪن ٿورن بيمار ماڻھن جي مٿان ھٿ رکي شفا بخشڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو ڪري نہ سگھيو. 6انھن جي ايمان جي گھٽتائيءَ تي عيسيٰ کي ڏاڍو عجب لڳو.

عيسيٰ جو ٻارھن شاگردن کي موڪلڻ

پوءِ عيسيٰ چوطرف سڀني ڳوٺن ۾ ويو ۽ ماڻھن کي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين. 7ھن پنھنجن ٻارھن ئي شاگردن کي پاڻ وٽ سڏايو ۽ کين ٻن ٻن جي ٽولي ۾ روانو ڪيائين. انھن کي اختياري ڏنائين تہ ماڻھن مان ڀوت ڪڍين، 8 ۽ کين تاڪيد ڪري چيائين تہ ”اوھين پاڻ سان نڪا ماني، نڪو ٻاچڪو، نڪي ھڙ ۾ پيسو يا ٻيو ڪجھہ کڻجو پر سفر ۾ رڳو لٺ کڻجو. 9رڳو چاکڙيون پائجو ۽ ٻيو ڪوبہ فالتو پھراڻ پاڻ سان نہ کڻجو.“ 10عيسيٰ کين اھو بہ چيو تہ ”جتي بہ وڃو تہ جنھن گھر ۾ اوھين داخل ٿيو تنھن ۾ ايستائين ٽڪي پئجو، جيستائين ان شھر مان روانا نہ ٿيو. 11 جيڪڏھن ڪنھن اھڙي ھنڌ وڃو جتان جا ماڻھو اوھان کي قبول نہ ڪن، تہ پوءِ اتان رواني ٿيڻ وقت پنھنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو تہ جيئن مٿن شاھدي ٿئي.“ 12پوءِ اھي روانا ٿي ويا ۽ ماڻھن ۾ وڃي تبليغ ڪيائون تہ ”پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪريو.“ 13 ھنن ڪيترن ئي ماڻھن مان ڀوت ڪڍيا ۽ گھڻن ئي بيمارن کي زيتون جو تيل مکي چڱو ڀلو ڪيائون.

يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جو موت

14 گليل جي بادشاھہ ھيروديس بہ ھي سڀ ڪجھہ ٻڌو پئي، ڇاڪاڻ⁠تہ عيسيٰ جي عزت ۽ وقار جي ھاڪ ھرھنڌ پکڙجي ويئي ھئي. ڪي چون پيا تہ ”يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو وري جيئرو ٿيو آھي. تنھنڪري ھو اھڙا معجزا ڪري رھيو آھي.“ 15ٻيا وري چون پيا تہ ”ھو الياس نبي آھي.“ ڪي چون پيا تہ ”ھو اڳين نبين جھڙو ھڪ نبي آھي.“ 16جڏھن ھيروديس ھي ٻڌو تہ چيائين تہ ”پوءِ ھي يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو آھي. مون تہ ھن جي سسي لھرائي ڇڏي ھئي، پر ھو وري جيئرو ٿيو آھي.“ 17 ھيروديس پاڻ ئي يحيٰ جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو ھو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو ھئائين. ھن اھو ڪم ھيرودياس جي چوڻ تي ڪيو ھو، جنھن سان ھن شادي ڪئي ھئي، جيتوڻيڪ اھا سندس ڀاءُ فلپس جي زال ھئي. 18يحيٰ ھيروديس کي چيو ھو تہ ”اوھان لاءِ اھو جائز نہ آھي جو اوھين پنھنجي ڀاءُ جي زال سان شادي ڪريو.“ 19تنھنڪري ھيرودياس يحيٰ کان نفرت ڪندي ھئي ۽ يحيٰ کي مارائڻ گھري پيئي. پر ھوءَ ائين ڪري نہ ٿي سگھي، 20ڇاڪاڻ⁠تہ ھيروديس يحيٰ کان ڊڄندو ھو جو ھن ڄاتو پئي تہ يحيٰ ھڪ سچار ۽ پاڪ ماڻھو آھي. سو ھيروديس کيس بچائيندو رھيو. ھيروديس يحيٰ جون ڳالھيون خوشيءَ سان ٻڌندو ھو، جيتوڻيڪ ٻڌڻ وقت ھي ڳالھيون کيس پريشان ڪنديون ھيون. 21نيٺ ھيرودياس کي وجھہ ملي ويو. ھيروديس پنھنجي جنم جي ڏينھن جي خوشيءَ ۾ اميرن، وڏن جنگي سالارن ۽ گليل جي مکيہ ماڻھن جي دعوت ڪئي ھئي. 22ھيرودياس جي ڌيءَ پاڻ اندر اچي ناچ ڪري ھيروديس ۽ سندس مھمانن کي خوش ڪيو. بادشاھہ انھيءَ نينگريءَ کي چيو تہ ”جيڪي گھرڻو اٿيئي سو گھُر تہ ڏيانءِ.“ 23ھن قسم کڻي واعدو ڪيس تہ ”جيڪڏھن بادشاھت جو اڌ گھرندينءَ تہ بہ ڏيندوسانءِ.“ 24تنھن تي ھوءَ ٻاھر نڪري ويئي ۽ وڃي پنھنجي ماءُ کان پڇيائين تہ ”آءٌ ڇا گھران؟“ ھن چيس تہ ”يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي سسي.“ 25تنھن تي نينگري جلد ئي موٽي آئي ۽ اچي بادشاھہ کي چيائين تہ ”مون کي ھاڻي جو ھاڻي يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي سسي ٿالھہ ۾ آڻي ڏيو.“ 26ھن ڳالھہ ھيروديس بادشاھہ کي ڏاڍو مايوس ڪيو. پر ھو کيس انڪار بہ ڪري نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن مھمانن جي روبرو قسم کڻي واعدو ڪيو ھو. 27تنھنڪري بادشاھہ چوبدار کي موڪليو تہ ”جلدي يحيٰ جي سسي لاھي کڻي اچ.“ چوبدار روانو ٿيو ۽ جيل ۾ وڃي يحيٰ جي سسي لاٿائين. 28پوءِ ھن اھا سسي ھڪ ٿالھہ ۾ رکي نينگريءَ کي ڏني، جنھن اھا کڻي پنھنجي ماءُ کي ڏني. 29جڏھن يحيٰ جي شاگردن ھي ٻڌو تہ ھنن اچي لاش ورتو ۽ ان کي قبر ۾ دفن ڪيائون.

پنج ھزار ماڻھن کي کارائڻ

30رسول عيسيٰ وٽ واپس اچي گڏ ٿيا ۽ جيڪي ڪم ڪيا ھئائون ۽ ماڻھن کي جيڪا تعليم ڏني ھئائون، تنھن جو کيس سربستو احوال ڪري ٻڌايائون. 31ان وقت ايترا تہ ماڻھو اچن وڃن پيا جو عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي ماني کائڻ جو وقت بہ نہ ٿي مليو. تنھن تي ھن انھن کي چيو تہ ”ھلو تہ ھتان ڪنھن نويڪليءَ جاءِ تي ھلون، جتي ھلي اوھين ٿورو وقت آرام ڪريو.“ 32سو ھو ھڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ڪنھن نويڪليءَ جاءِ ڏانھن روانا ٿي ويا. 33تنھن ھوندي بہ ڪيترن ئي ماڻھن کين ويندو ڏسي سڃاڻي ورتو. سو اھي سڀيئي پيرين پيادا شھرن مان نڪري پيا ۽ ھنن کان بہ اڳي انھيءَ جاءِ تي وڃي پھتا. 34 جڏھن عيسيٰ ٻيڙيءَ مان لھي آيو ۽ ماڻھن جو وڏو ميڙ ڏٺائين تڏھن سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، ڇالاءِ⁠جو ھو نڌڻڪين رڍن وانگر ھئا. تنھنڪري ھو کين گھڻيون ئي ڳالھيون سيکارڻ لڳو. 35جڏھن سج گھڻو لڙي ويو، تڏھن شاگرد گڏجي عيسيٰ وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اڳي ئي دير ٿي ويئي آھي ۽ اسين ھتي سڃ ۾ آھيون. 36سو ھنن ماڻھن کي موڪل ڏيو تہ اوسي⁠پاسي جي ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ وڃي ڪجھہ وٺي کائين.“ 37پر عيسيٰ چين تہ ”اوھين ئي ھنن کي ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏيو.“ تڏھن شاگردن پڇيس تہ ”ڇا اوھان جي مرضي آھي تہ اسين وڃي ٻن سَوَن چانديءَ جي سڪن جي ماني وٺي اچون ۽ ھنن کي کارايون؟“ 38تنھن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”وڃي ڏسو تہ اوھان وٽ ڪيتريون مانيون آھن؟“ انھن وڃي ڏٺو ۽ اچي کيس ٻڌايائون تہ ”اسان وٽ پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون آھن.“ 39پوءِ عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”ھنن ماڻھن کي قطار ۾ ھيٺ سائي گاھہ تي وھاريو.“ 40تنھن تي اھي ماڻھو ⁠سؤ ⁠سؤ ۽ پنجاھہ پنجاھہ جون ٽوليون ٺاھي ويٺا. 41تڏھن عيسيٰ اھي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي ھٿن ۾ جھلي آسمان ڏانھن نھاريو ۽ انھن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ مانين جا ٽڪرا ڀڃندو شاگردن کي ڏيندو ويو تہ اھي ماڻھن ۾ ورھائين. ھن ٻہ مڇيون بہ انھن سڀني ۾ ورھايون. 42ھر ھڪ ماڻھوءَ کائي ڍءُ ڪيو. 43پوءِ شاگردن باقي بچيل مانيءَ ۽ مڇيءَ جون ٻارھن کاريون ڀري کنيون. 44جن ماني کاڌي تن جو تعداد پنج ھزار مرد ھو.

پاڻيءَ تي پنڌ ڪرڻ

45پوءِ عيسيٰ شاگردن کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري زور ڀريو تہ ”اوھين ڍنڍ جي ھُن ڀر بيت⁠صيدا شھر ڏانھن وڃو.“ ھن ماڻھن جي ميڙ کي بہ موڪل ڏيئي ڇڏي. 46شاگردن کان موڪلائي پاڻ ٽڪر تي دعا گھرڻ ويو. 47شام جو ٻيڙي ڍنڍ جي وچ ۾ پھتي جڏھن تہ عيسيٰ اڪيلو سڪيءَ تي ھو. 48ھن ڏٺو تہ واءُ سامھون گھلڻ ڪري شاگردن کي ٻيڙيءَ جي ونجھہ ھلائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، تنھنڪري ھو رات جي پوئين پھر پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو اچي انھن وٽان لنگھيو. 49‏-50پر شاگردن جڏھن کيس پاڻيءَ تي پنڌ ڪندي ڏٺو تڏھن سمجھيائون تہ ڪو جن آھي، سو ھو دھلجي ويا ۽ وٺي رڙيون ڪيائون. ھُن ھڪدم ساڻن ڳالھايو تہ ”دلجاءِ ڪريو، آءٌ آھيان. ڊڄو نہ.“ 51پوءِ عيسيٰ انھن سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ويٺو تہ واءُ بيھجي ويو. شاگرد ڏاڍا حيران ٿي ويا. 52اھي مانين واري ڳالھہ نہ سمجھي سگھيا ھئا، ڇالاءِ⁠جو اھا ھنن جي دماغ ۾ ئي نہ ويٺي ھئي.

گنيسرت جي بيمارن کي شفا ڏيڻ

53اھي ڍنڍ پار ڪري اچي گنيسرت جي علائقي ۾ پھتا ۽ ٻيڙيءَ جا پڳھہ ٻڌي ڇڏيائون. 54جيئن ئي ٻيڙيءَ تان لٿا تہ ماڻھن عيسيٰ کي سڃاڻي ورتو. 55پوءِ اھي ماڻھو سڄي علائقي ۾ پکڙجي ويا ۽ جتي لاءِ بہ ٻڌائون تہ عيسيٰ آيو آھي اتي پنھنجا بيمار ماڻھو کٽولن تي کڻي پئي آندائون. 56عيسيٰ ڳوٺن، شھرن ۽ واھڻن ۾ جتي بہ ويو پئي تہ ماڻھن پنھنجا بيمار بازارن ۾ آڻي ٿي رکيا ۽ کيس منٿ ٿي ڪيائون تہ ”مھرباني ڪري بيمار کي رڳو پنھنجي دامن تي ھٿ لائڻ ڏيو.“ پوءِ جن بہ ھٿ لاتس پئي سي سڀ چڱا ڀلا ٿي پئي ويا.

مرقس 7

وڏن جون ريتون رسمون

1فريسي ۽ ڪي شريعت جا عالم، جيڪي يروشلم کان آيا ھئا سي سڀ عيسيٰ سان اچي مليا. 2انھن ڏٺو تہ عيسيٰ جا ڪي شاگرد پليت ھٿن يعني اڻ⁠ڌوتل ھٿن سان ماني کائين ٿا پيا. 3جڏھن تہ فريسي ۽ سڀ يھودي پنھنجن وڏن جي رسم موجب، جيستائين پنھنجا ھٿ پنھنجي خاص نموني سان نہ ڌوئن تيستائين نہ کائيندا آھن، 4۽ جڏھن بازار کان اچن تڏھن جيسين نہ وھنجن تيسين ڪين کائيندا آھن. انھن وٽ ٻيون بہ گھڻيون ريتون رسمون آھن جھڙوڪ: پيالن، لوٽن، پتل جي ٿانون ۽ بسترن کي ڌوئڻ. 5سو فريسين ۽ شريعت جي عالمن عيسيٰ کان اچي پڇيو تہ ”اوھان جا شاگرد وڏن جي ريتن رسمن موجب ڇو نہ ٿا ھلن ۽ پليت ھٿن سان ڇو ٿا ماني کائين؟“ 6 تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”اوھان رياڪارن جي بابت يسعياہ ڪھڙي نہ پيشنگوئي ڪري ويو آھي تہ ’ھيءَ قوم پنھنجن چپن سان تہ مون کي عزت ڏئي ٿي، پر ھنن جي دل مون کي نہ ٿي گھُري. 7ھو منھنجي عبادت اجائي ٿا ڪن، ڇالاءِ⁠جو ھو ماڻھن جا حڪم ائين ٿا سيکارين ڄڻ تہ اھي خدا جا حڪم آھن.‘“ 8عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اوھين خدا جو حڪم ڇڏي انساني ريتن رسمن ۾ ڦاسي پيا آھيو. 9اوھين پنھنجن ريتن رسمن کي پوري ڪرڻ خاطر خدا جي حڪمن کي ڪيئن نہ پٺيءَ پويان اڇلائي ٿا ڇڏيو. 10 جيئن تہ موسيٰ فرمايو آھي تہ ’پنھنجي ماءُ ۽ پنھنجي پيءُ جي عزت ڪريو.‘ ۽ ’جيڪو پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ جي گلا ڪري تنھن کي اڦٽ ماريو وڃي.‘ 11پر اوھين ماڻھن کي سيکاريو ٿا تہ ’جيڪڏھن ڪنھن وٽ ڪا شيءِ آھي جنھن سان ھو پنھنجي ماءُ⁠پيءُ جي گھرج پوري ڪري سگھيو ٿي، پر ھن اھا قربان، يعني خدا جي نذر ڪري ڇڏي آھي، 12تہ پوءِ ھو ماءُ⁠پيءُ جي گھرج پوري ڪرڻ کان ڇٽي وڃي ٿو.‘ 13اھڙيءَ طرح اوھين پنھنجين ريتن رسمن سان خدا جو ڪلام رد ٿا ڪريو. اھڙي نموني ٻيون بہ ڪيتريون ئي ڳالھيون آھن جيڪي اوھين ڪريو ٿا.“

انسان کي پليت ڪرڻ واريون شيون

14عيسيٰ سڄي خلق کي وري پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”اوھين سڀ منھنجي ڳالھہ ٻڌو ۽ سمجھو. 15‏-16ڪابہ شيءِ ٻاھران ماڻھوءَ ۾ گھڙي کيس پليت ڪري نہ ٿي سگھي، پر جيڪي شيون ماڻھوءَ جي اندر مان ٻاھر نڪرن ٿيون سي کيس پليت ٿيون ڪن.“ 17جڏھن عيسيٰ ميڙ کي ڇڏي گھر پھتو تہ سندس شاگردن انھيءَ مثال بابت پڇيس. 18تنھن تي عيسيٰ ھنن کي چيو تہ ”اوھين بہ ڪيترا نہ بي⁠سمجھہ آھيو، جو ايتري بہ خبر نہ ٿي پئيوَ تہ جيڪي ٻاھران انسان ۾ داخل ٿئي ٿو سو کيس پليت نہ ٿو ڪري، 19ڇالاءِ⁠جو اھو انسان جي دل ۾ نہ ٿو وڃي پر انسان جي پيٽ ۾ ٿو وڃي ۽ اتان آخرڪار ٻاھر نڪريو وڃي.“ ائين چئي عيسيٰ کائڻ جي سڀني شين کي حلال سڏيو. 20عيسيٰ چيو تہ ”جيڪي انسان جي دل مان ٻاھر ٿو نڪري سو ئي کيس پليت ٿو ڪري، 21ڇالاءِ⁠جو انسان جي دل مان بڇڙا خيال ٿا نڪرن، جھڙوڪ: حرامڪاري، چوري، خون، 22زناڪاري، لالچ، بڇڙائي، ٺڳي، ڇڙواڳي، ڪينو، گلاخوري، مغروري ۽ بيوقوفي. 23اھي سڀ خرابيون اندر مان ٿيون نڪرن ۽ ماڻھوءَ کي پليت ڪن ٿيون.“

ھڪ عورت جو ايمان

24پوءِ عيسيٰ اتان اُٿي صور شھر جي علائقن ڏانھن روانو ٿيو ۽ ھڪڙي گھر ۾ گھڙي ويو. ھن جي مرضي ھئي تہ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي سندس اچڻ جي خبر نہ پوي، پر ھو لڪي نہ سگھيو. 25ھڪڙي عورت جنھن جي ننڍڙي ڌيءَ کي ڀوت ھو، تنھن کي جڏھن خبر پيئي تہ اھا ھڪدم عيسيٰ وٽ آئي ۽ اچي پيرين پيس. 26اھا عورت يونانڻ ھئي ۽ سورفينڪيءَ جي قوم مان ھئي. ھن عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ ”منھنجي ڌيءَ مان ھلي ڀوت ڪڍو.“ 27پر عيسيٰ چيس تہ ”پھريائين ٻارن کي ڍءُ ڪرڻ ڏي، ڇالاءِ⁠جو اھو واجب نہ آھي جو ٻارن جي ماني کڻي ڪتن کي اڇلائي ڏجي.“ 28تنھن تي عورت چيس تہ ”سائين! برابر، پر ڪتا بہ تہ دسترخوان وٽان ٻارن جي اوبر ڪيل مانيءَ جا ٽڪر کائيندا آھن.“ 29عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”برابر، تنھنجي انھيءَ جواب جي ڪري تنھنجي نياڻيءَ مان ڀوت نڪري ويو. سو تون ڀلي گھر وڃ.“ 30ھوءَ گھر ويئي ۽ ڏٺائين تہ سندس ڌيءَ ھنڌ تي پيل آھي ۽ ڀوت بلڪل ڇڏي ويو ھوس.

ٻوڙي ۽ ٻاتي ماڻھوءَ کي شفا ڏيڻ

31ھاڻي عيسيٰ صور جي حدن مان نڪري صيدا مان لنگھي، دڪاپلس جي حدن جو وچ وٺي گليل جي ڍنڍ تي آيو. 32ماڻھو وٽس ھڪڙي اھڙي شخص کي وٺي آيا جيڪو ٻوڙو ھو ۽ ڳالھائڻ ۾ بہ اٽڪ ھيس. سو منٿ ڪيائونس تہ ”ھن کي پنھنجو ھٿ لايو.“ 33عيسيٰ اُن کي گوڙ کان پاسيرو وٺي ويو ۽ پنھنجون آڱريون ھن جي ڪنن ۾ وڌائين ۽ پنھنجي زبان جي لٻ ڪڍي ھن جي زبان کي لاتائين. 34پوءِ عيسيٰ آسمان ڏانھن نھاري ٿڌو ساھہ ڀريو ۽ ھن کي چيائين تہ ”افتح.“ يعني ”کلي پئُہ.“ 35تڏھن ھڪدم سندس ڪن کلي پيا ۽ ھن جي زبان جي تند ڇڄي پيئي ۽ ھو چِٽو ڳالھائڻ لڳو. 36پوءِ عيسيٰ انھن ماڻھن کي تاڪيد ڪري چيو تہ ”اھا ڳالھہ ڪنھن سان بہ نہ ڪجو.“ پر جيترو ھن وڌيڪ تاڪيد ڪيو ھون، اوترو ئي وڌيڪ ھنن وڃي اھا ڳالھہ ماڻھن ۾ پڌري ڪئي. 37سو جن بہ پئي ٻڌو، تن کي ڏاڍو عجب پئي لڳو ۽ چوڻ لڳا تہ ”ڪھڙي نہ سھڻي نموني سان ھو ھر ھڪ ڪم ڪري ٿو، بلڪ ھو تہ ٻوڙن کي ٻڌڻ جي ۽ گونگن کي ڳالھائڻ جي بہ طاقت ٿو ڏئي.“

مرقس 8

چار ھزار ماڻھن کي کارائڻ

1انھن ڏينھن ۾ وري ماڻھن جو ٻيو وڏو ميڙ اچي گڏ ٿيو. انھن جي کائڻ لاءِ ڪجھہ بہ ڪونہ ھو. تنھن تي عيسيٰ شاگردن کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ چيائين تہ 2”مون کي ھنن ماڻھن لاءِ ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھي ٽن ڏينھن کان وٺي مون سان گڏ آھن ۽ ھاڻي کين ڪجھہ بہ ڪونھي جو کڻي کائين. 3ھاڻي جيڪڏھن آءٌ انھن کي پنھنجن گھرن ڏانھن بکئي پيٽ ٿو موڪليان تہ اھي رستي تي ساڻا ٿي پوندا، ڇالاءِ⁠جو انھن مان ڪيترا ئي پري کان آيل آھن.“ 4شاگردن وراڻيس تہ ”ھتي سڃ ۾ ايتري ماني ڪٿان اچي جو ھنن ماڻھن جو پيٽ ڀرجي؟“ 5عيسيٰ شاگردن کان پڇيو تہ ”اوھان وٽ ڪيتريون مانيون آھن؟“ انھن وراڻيو تہ ”ست.“ 6ھن ماڻھن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويھو.“ پوءِ ھن ستن مانين کي کڻي خدا کان انھن ۾ برڪت گھُري ۽ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪندو شاگردن کي ڏيندو ويو تہ انھن جي اڳيان رکندا وڃن ۽ انھن ائين ئي ڪيو. 7اُنھن وٽ ٿوريون ڪُرڙيون بہ ھيون، تن تي بہ برڪت گھُري شاگردن کي ڏنائين ۽ چيائين تہ ”اھي بہ کڻي ماڻھن جي اڳيان رکو.“ 8اُنھن تہ کائي ڍءُ ڪيو پر ٽڪر ڳڀا ايترا تہ بچيا جو شاگردن ست کاريون ڀري کنيون. 9اھي اٽڪل چار ھزار کن ماڻھو ھئا. پوءِ عيسيٰ انھن کي موڪل ڏني 10۽ پاڻ پنھنجن شاگردن سميت ٻيڙيءَ ۾ چڙھي دلمنوٿا جي علائقي ۾ ويو.

فريسين جو معجزو طلبڻ

11 فريسي عيسيٰ وٽ آيا ۽ اچي ساڻس بحث ڪرڻ لڳا ۽ کيس آزمائڻ لاءِ چيائون تہ ”آسمان مان ڪو معجزو ڏيکار.“ 12 تنھن تي ھن ٿڌو ساھہ کڻي چيو تہ ”ھن زماني جا ماڻھو معجزو ڇو ٿا گھرن؟ آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ ھن زماني جي ماڻھن کي ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو ويندو.“ 13پوءِ ھو انھن کي ڇڏي موٽي وڃي ٻيڙيءَ ۾ چڙھيو ۽ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر ھليو ويو.

فريسين ۽ ھيروديس بادشاھہ جو خميرو

14شاگردن کي مانيون کڻڻ وسري ويون ۽ ٻيڙيءَ ۾ ھڪڙي مانيءَ کان سواءِ انھن وٽ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونہ ھو. 15 عيسيٰ چين تہ ”ڏسو، خبردار ٿجو، متان فريسين ۽ ھيروديس جي خميري ۾ ڦاسجي پئو.“ 16تنھنڪري ھو پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”ھن اسان کي اھو انھيءَ ڪري چيو جو اسان وٽ ماني ڪونھي.“ 17عيسيٰ سندن ڳالھہ سمجھي ويو ۽ چيائين تہ ”ڇو ٿا پاڻ ۾ بحث ڪريو تہ اسان وٽ ماني ڪونھي؟ ڇا اوھين اڃا تائين نہ ٿا ڄاڻو ۽ سمجھو؟ ڇا اوھان جا دماغ ايترا چٽ آھن؟ 18 ڇا اوھين اکين ھوندي بہ ڏسي نہ ٿا سگھو؟ ڇا اوھين ڪنن ھوندي بہ ٻڌي نہ ٿا سگھو؟ ڇا اوھان کي ياد نہ آھي؟ 19جڏھن مون پنج مانيون پنج ھزار ماڻھن کي ڀڃي ڏنيون تہ ان وقت اوھان ڪيتريون کاريون اوبر جي بچيل ٽڪرن جون ڀري کنيون ھيون؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ٻارھن کاريون.“ 20عيسيٰ وري پڇين تہ ”جڏھن مون ست مانيون چار ھزار ماڻھن ۾ ورھائي پوريون ڪيون ھيون تہ اوھان ان وقت اوبر جي ٽڪرن جون ڪيتريون کاريون ڀري کنيون ھيون؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ست کاريون.“ 21عيسيٰ چين تہ ”پوءِ اڃا بہ اوھين نہ ٿا سمجھو.“

بيت⁠صيدا ۾ انڌي کي شفا ڏيڻ

22پوءِ ھو بيت⁠صيدا ۾ آيا، جتي ڪي ماڻھو ھڪ انڌي کي عيسيٰ وٽ وٺي آيا ۽ منٿون ڪيائونس تہ ”ھن کي ھٿ لايو.“ 23عيسيٰ انھيءَ انڌي ماڻھوءَ کي ھٿ کان وٺي ڳوٺ کان ٻاھر وٺي ويو. اتي ھن انڌي ماڻھوءَ جي اکين تي لٻ لائي پنھنجا ھٿ سندس اکين تي رکيا ۽ پڇيائينس تہ ”ڇا تون ڪا شيءِ ڏسي سگھين ٿو؟“ 24انڌي ماڻھوءَ مٿي نھاري چيو تہ ”مون کي ماڻھو گھمندي نظر اچن ٿا. پر اھي وڻن وانگر لڳن ٿا.“ 25تنھن تي عيسيٰ وري پنھنجا ھٿ ھن جي اکين تي رکيا تہ ھو غور سان ڏسڻ لڳو ۽ سندس نظر بحال ٿي ويئي. ھو ڏورانھيون شيون بہ چٽيون ڏسڻ لڳو. 26پوءِ عيسيٰ کيس حڪم ڏنو تہ ”سڌو گھر وڃ ۽ ڳوٺ ۾ ڪنھن سان بہ اھا ڳالھہ نہ ڪجانءِ.“

پطرس جو عيسيٰ بابت اظھار

27پوءِ عيسيٰ ۽ سندس شاگرد قيصريہ فلپي شھر جي ويجھن ڳوٺن ڏانھن ويا. رستي تي ھن کانئن پڇيو تہ ”ماڻھو منھنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آھيان؟“ 28 انھن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوھين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آھيو، ڪي چون ٿا تہ اوھين الياس نبي آھيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ اوھين نبين مان ڪوبہ ھڪ آھيو.“ 29 عيسيٰ پڇين تہ ”اوھين منھنجي لاءِ ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آھيان؟“ تنھن تي پطرس جواب ڏنس تہ ”اوھين مسيح آھيو.“ 30پوءِ عيسيٰ کين تاڪيد ڪري چيو تہ ”اھو ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائجو.“

عيسيٰ جو پنھنجي ڏک ۽ موت بابت ٻڌائڻ

31عيسيٰ شاگردن کي تعليم ڏيندي چيو تہ ”ابن⁠آدم لاءِ ضروري آھي تہ ھو گھڻيون سختيون سھي. بزرگ، سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم کيس رد ڪندا ۽ ماريندا. پوءِ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“ 32عيسيٰ ھي ڳالھيون کولي کولي چيون. تنھن تي پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ چيائينس تہ ”اھڙيون ڳالھيون نہ ڪريو.“ 33عيسيٰ ڦري شاگردن ڏانھن منھن ڪري پطرس کي جھڻڪيو تہ ”اي شيطان! منھنجي اکين اڳيان ٽري وڃ، ڇالاءِ⁠جو تون خدا وانگر نہ پر ماڻھن وانگر سوچين ٿو.“ 34 پوءِ عيسيٰ ميڙ کي شاگردن سميت ويجھو اچڻ لاءِ سڏيو ۽ چيو تہ ”جيڪڏھن ڪو منھنجي پٺيان ھلڻ گھُري ٿو، تہ اھو پنھنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان ھلي. 35 ڇالاءِ⁠جو جيڪو گھُري تہ پنھنجي جان بچائي سو اھا وڃائيندو، پر جيڪو منھنجي واسطي ۽ منھنجي خوشخبريءَ جي واسطي پنھنجي جان وڃائيندو سو اھا بچائيندو. 36ڀلا ماڻھوءَ کي انھيءَ مان ڪھڙو فائدو جو ھو سڄي دنيا تہ ھٿ ڪري پر پنھنجي جان وڃائي ڇڏي؟ 37ماڻھو ڪجھہ بہ ڏيئي پنھنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي. 38جيڪڏھن ڪو ھن بي⁠ايمان ۽ بڇڙي زماني ۾ مون کان ۽ منھنجي ڪلام کان شرمائيندو تہ ابن⁠آدم بہ ان کان شرمائيندو، جڏھن ھو پنھنجي پيءُ جي جلوي ۾ پاڪ ملائڪن سان گڏ ايندو.“

مرقس 9

1عيسيٰ کين چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ھتي ڪي اھڙا شخص بہ بيٺل آھن جيڪي جيستائين خدا جي بادشاھت کي قدرت سان ايندي نہ ڏسندا، تيستائين ھرگز موت جو ذائقو نہ چکندا.“

عيسيٰ جو نوراني صورت ۾ بدلجي پوڻ

2 ڇھن ڏينھن کان پوءِ عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ يوحنا کي ھڪ مٿاھين جبل تي نويڪلائيءَ ۾ وٺي ويو. تڏھن انھن جي ڏسندي ڏسندي عيسيٰ جي صورت بدلجي پيئي. 3سندس پوشاڪ اھڙي سفيد تجليدار ٿي پيئي جو جيڪر دنيا جو ڪوبہ ڌوٻي پوشاڪ کي اھڙو سفيد ڪري نہ سگھي. 4پوءِ انھن موسيٰ ۽ الياس نبيءَ کي ڏٺو، جيڪي عيسيٰ سان ڳالھيون ڪري رھيا ھئا. 5تنھن تي پطرس عيسيٰ کي چيو تہ ”سائين! اھا اسان جي خوش⁠نصيبي آھي جو اسين ھتي آھيون. اسين ھتي ٽي تنبو ٿا کڻي کوڙيون ھڪ اوھان لاءِ، ھڪ موسيٰ لاءِ ۽ ھڪ الياس لاءِ.“ 6پطرس کي خبر نہ پئي پوي تہ ھو ڇا پيو چوي، ڇوتہ ھو ۽ ٻيا شاگرد ڏاڍا ڊڄي ويا ھئا. 7 ايتري ۾ ھڪڙي ڪڪر اچي ھنن جي مٿان ڇانوَ ڪئي ۽ انھيءَ ڪڪر مان ھڪ آواز آيو تہ ”ھي منھنجو ھڪڙو ئي پيارو فرزند آھي. سو ھن جي ڌيان سان ٻڌو.“ 8ھنن جلدي ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو، پر کين عيسيٰ کان سواءِ اتي ٻيو ڪوبہ نظر نہ آيو. 9پوءِ جڏھن ھو جبل تان ھيٺ پئي لٿا تہ عيسيٰ کين تاڪيد ڪيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ، سو تيستائين ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائجو جيستائين ابن⁠آدم موت کان پوءِ وري جيئرو نہ ٿئي.“ 10انھن عيسيٰ جو حڪم تہ مڃيو پر پاڻ ۾ ھن معاملي تي بحث ڪرڻ لڳا تہ ”موت کان پوءِ جيئرو ٿيڻ جو مطلب ڇا آھي؟“ 11 شاگردن کانئس پڇيو تہ ”شريعت جا عالم ڇو ٿا چون تہ پھريائين الياس نبيءَ جو اچڻ ضروري آھي؟“ 12تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”برابر، اھو پھريائين ايندو ۽ ھر ھڪ شيءِ تيار ڪندو. پر صحيفي ۾ ائين بہ لکيل آھي تہ ابن⁠آدم گھڻيون سختيون سھندو ۽ ڌڪاريو ويندو؟ 13آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ الياس اچي چڪو، پر ماڻھن کي جيئن وڻيو تيئن ئي ساڻس سلوڪ ڪيائون، جيئن ھن بابت صحيفي ۾ لکيل آھي.“

ھڪڙي ڇوڪري مان ڀوت ڪڍڻ

14جڏھن اھي موٽي اچي ٻين شاگردن سان مليا تہ ڏٺائون تہ انھن جي چوڌاري ماڻھن جو ھڪ وڏو ميڙ آھي ۽ شريعت جا ڪي عالم شاگردن سان بحث ڪري رھيا آھن. 15عيسيٰ کي ڏسڻ شرط اھي سڀ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ خوشيءَ وچان ڊوڙي وڃي سندس استقبال ڪيائون. 16عيسيٰ انھيءَ ميڙ کان پڇيو تہ ”اوھين منھنجي شاگردن سان ڪھڙيءَ ڳالھہ تي بحث ڪري رھيا ھئا؟“ 17تنھن تي ميڙ مان ھڪڙي ماڻھوءَ وراڻيو تہ ”اي استاد! مون پنھنجو پٽ اوھان وٽ آندو ھو، ڇالاءِ⁠جو منجھس ھڪ ڀوت آھي ۽ ڳالھائي بہ نہ ٿو سگھي. 18جڏھن بہ ڀوت وٺيس ٿو تہ کيس پٽ تي ڪيرائي ٿو ۽ وات مان گڦ ڪڍيس ٿو، ان وقت ڏند ڪرٽي ٿو ۽ بدن بہ سيٽجي سيخ ٿي وڃينس ٿو. مون اوھان جي شاگردن کي چيو تہ ’ھن مان اھو ڀوت ڪڍو.‘ پر اھي ڪڍي نہ سگھيا.“ 19عيسيٰ چيو تہ ”اي بي⁠يقين قوم! آءٌ اوھان سان ڪيستائين ھوندس ۽ ڪيستائين آءٌ اوھان جا ڏک سھندس؟ ھاڻي ڇوڪري کي مون وٽ وٺي اچو.“ 20انھن ڇوڪري کي وٽس آندو. جڏھن ڀوت عيسيٰ کي ڏٺو، تڏھن ھن ڇوڪري کي ڏاڍو جھنجھوڙيو ۽ ڇوڪرو پٽ تي ڪري ليٿڙڻ لڳو ۽ وات مان گڦ پئي وھيس. 21عيسيٰ پڻس کان پڇيو تہ ”ڪيترن ڏينھن کان ھن جو ھي حال آھي؟“ ھُن جواب ڏنو تہ ”ننڍي ھوندي کان ئي وٺي. 22ڀوت ڇوڪري کي مارڻ جي ڪوشش بہ پئي ڪئي آھي، ڇوتہ ڪيترا ئي دفعا کيس باھہ ۽ پاڻيءَ ۾ اڇلايو اٿس. ھاڻي اسان تي ڪو رحم ڪريو ۽ اسان جي مدد ڪريو جيڪڏھن اوھين ڪري سگھو ٿا.“ 23عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”اوھان جي لفظن ’جيڪڏھن ڪجھہ ڪري سگھو ٿا‘ جو مطلب ڇا آھي؟ جيڪوبہ ايمان آڻي ٿو تنھن لاءِ سڀ ڪجھہ ٿي سگھي ٿو.“ 24تنھن تي ڇوڪري جي پيءُ ھڪدم واڪو ڪري چيو تہ ”آءٌ ايمان آڻيان ٿو، پر جيڪڏھن منھنجو ايمان ڪامل نہ آھي تہ مدد ڪريو.“ 25عيسيٰ ڏٺو تہ ميڙ ڀيڙ ڪندو ٿو اچي، سو ڀوت کي حڪم ڏنائين تہ ”اي ٻوڙا ۽ گونگا ڀوت! آءٌ تو کي حڪم ٿو ڏيان تہ ڇوڪري مان ھڪدم نڪري وڃ ۽ وري ڪڏھن بہ موٽي نہ اچجانءِ.“ 26تنھن تي ڀوت رڙيون ڪري ڇوڪري کي ڏاڍو جھنجھوڙيو ۽ منجھانئس نڪري ويو. تڏھن ڇوڪرو مُڙدي جھڙو ٿي پيو ۽ گھڻن تہ ائين پئي سمجھيو تہ ھو مري ويو. 27پر عيسيٰ کيس ھٿ کان وٺي اُٿاريو تہ ھو اُٿي بيٺو. 28جڏھن عيسيٰ گھر پھتو تہ سندس شاگردن اڪيلائيءَ ۾ پڇيس تہ ”اسين ھن ڀوت کي ڇو ڪين ڪڍي سگھياسين؟“ 29عيسيٰ وراڻيو تہ ”اھڙي قسم جي ڀوت کي دعا کان سواءِ ٻي ڪنھن بہ نموني ڪڍي نہ سگھبو آھي.“

ٻيو دفعو پنھنجي موت بابت ٻڌائڻ

30ھو اتان اٿي ھليا ۽ سڄي گليل منجھان گذري ويا. عيسيٰ جي مرضي نہ ھئي تہ سندس اچڻ جي ڪنھن کي بہ خبر پوي، 31ڇالاءِ⁠جو ھن پنھنجي شاگردن کي تعليم ڏني پئي تہ ”ابن⁠آدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس ماريندا ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“ 32پر اھي مسيح جي انھيءَ ڳالھہ جو مطلب سمجھي نہ سگھيا ۽ کانئس پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.

وڏو ڪير؟

33اھي ڪفرناحوم ۾ آيا. پوءِ جڏھن عيسيٰ پنھنجي شاگردن سان گڏ ھڪڙي گھر ۾ ويٺو ھو تڏھن کانئن پڇيائين تہ ”رستي تي اوھان ڪھڙي ڳالھہ تي بحث پئي ڪيو؟“ 34 پر ھنن ڪڇيو ئي ڪين، ڇالاءِ⁠جو رستي تي ھنن پاڻ ۾ ھن ڳالھہ تي بحث پئي ڪيو تہ سڀ کان وڏو ڪير آھي. 35 تڏھن عيسيٰ ويھي رھيو ۽ ٻارھن ئي شاگردن کي سڏي چيائين تہ ”جيڪڏھن ڪو اڳيان ٿيڻ گھُري، تہ ھو سڀني کان پويان ٿئي ۽ سڀني جو خدمتگار ٿئي.“ 36ھن انھن جي اڳيان ھڪڙو ٻار کڻي بيھاريو ۽ کيس ڀاڪر پائي شاگردن کي چيائين تہ 37 ”جيڪو منھنجي ڪري ھنن ٻارن مان ڪنھن بہ ھڪڙي کي قبول ٿو ڪري، تنھن ڄڻ مون کي قبول ڪيو ۽ جنھن مون کي قبول ڪيو، تنھن نہ رڳو مون کي پر ان کي بہ قبول ڪيو جنھن مون کي موڪليو آھي.“

مخالف ۽ طرفدار ڪير؟

38يوحنا عيسيٰ کي چيو تہ ”اي استاد! اسان ھڪ اھڙو ماڻھو ڏٺو، جيڪو اوھان جي نالي تي ڀوت ڪڍي رھيو ھو. سو اسان ھن کي منع ڪئي، ڇالاءِ⁠جو ھو اسان جي ٽولي مان نہ ھو.“ 39تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”ھن کي منع نہ ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اھڙو ڪوبہ ماڻھو ڪونھي جيڪو منھنجي نالي تي معجزو ڪري ۽ پوءِ سگھو ئي منھنجي گلا ڪري سگھي. 40 جيڪو بہ اسان جي خلاف نہ آھي سو اسان سان آھي. 41 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو اوھان کي پاڻيءَ جو پيالو انھيءَ لاءِ ٿو پياري تہ اوھين مسيح جا آھيو، تنھن کي پنھنجو اجر ضرور ملندو.“

گمراھہ ڪرڻ واري جي سزا

42”ھي ننڍڙا ٻار جن جو مون تي ايمان آھي، تن مان ڪنھن ھڪ کي بہ جيڪڏھن ڪو گمراھہ ڪندو، تنھن لاءِ چڱو تہ ائين ٿيندو تہ پنھنجي ڳچيءَ ۾ جنڊ جو پُڙ وجھي سمنڊ ۾ ٽپو ڏيئي ٻڏي مري. 43‏-44 جيڪڏھن تنھنجو ھٿ تو کي گمراھہ ڪري، تہ پنھنجو اھو ھٿ ڪپي ڇڏ، ڇوتہ ٻنھي ھٿن سان جھنم جي ھميشہ ٻرندڙ باھہ ۾ پوڻ کان اھو بھتر آھي تہ ٽُنڊي ھٿ سان جنت ۾ داخل ٿئين. 45‏-46جيڪڏھن تنھنجو پير تو کي گمراھہ ڪري تہ اھو پير ڪپي ڇڏ، ڇوتہ جھنم ۾ ٻنھي پيرن سان داخل ٿيڻ کان اھو بھتر آھي تہ جنت ۾ منڊو وڃين. 47 جيڪڏھن تنھنجي اک تو کي گمراھہ ڪري تہ اھا اک ڪڍي ڇڏ، ڇوتہ ٻن اکين سان جھنم ۾ وڃڻ کان اھو بھتر آھي تہ تون ڪاڻو ئي خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿئين. 48 ڇالاءِ⁠جو جھنمين کي ڪينئان ھميشہ کائيندا رھن ٿا ۽ اتي باھہ ھميشہ ٻرندي رھي ٿي. 49سڀڪو باھہ سان پاڪ صاف ٿي ويندو جيئن لوڻ سان ڪا شيءِ سلوڻي ٿي ويندي آھي. 50 لوڻ چڱو تہ آھي، پر جيڪڏھن انھيءَ مان سواد ئي نڪري وڃي تہ پوءِ ان کي ڇا سان وري سلوڻو ڪري سگھبو؟ سو پاڻ ۾ لوڻ رکو ۽ ھڪٻئي سان صلح ۾ رھو.“

مرقس 10

طلاق بابت تعليم

1عيسيٰ اتان اٿي اردن درياءَ جي ٻيءَ ڀر يھوديہ جي حدن ۾ آيو. وري بہ ماڻھن جا ميڙ ھن وٽ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ پنھنجي دستور موجب ھو انھن کي تعليم ڏيڻ لڳو. 2ڪي فريسي وٽس آيا ۽ کيس آزمائڻ خاطر سوال پڇيائون تہ ”ٻڌاءِ تہ ڪنھن ماڻھوءَ کي پنھنجي زال کي طلاق ڏيڻ جائز آھي يا نہ؟“ 3عيسيٰ جواب ۾ پڇين تہ ”موسيٰ اوھان کي ڪھڙو حڪم ڏنو آھي؟“ 4 انھن چيو تہ ”موسيٰ تہ اجازت ڏني آھي تہ طلاق⁠نامو لکي ڪڍي سگھونس ٿا.“ 5عيسيٰ چيو تہ ”موسيٰ اوھان کي ھي حڪم انھيءَ لاءِ ڏنو، ڇالاءِ⁠جو ھن کي اوھان جي سخت⁠دليءَ جي خبر ھئي. 6 پر دنيا جي خلقت کان وٺي خدا ھنن کي نر ۽ مادي ڪري پيدا ڪيو آھي. 7 ’تنھنڪري مرد پنھنجي ماءُ⁠پيءُ کي ڇڏي پنھنجيءَ زال سان گڏجي رھندو، 8۽ ٻہ جسم گڏجي ھڪ ٿي ويندا.‘ پوءِ اھي ٻہ نہ، پر ھڪ آھن. 9سو جن کي خدا ملايو آھي تن کي ماڻھو جدا نہ ڪري.“ 10پوءِ جڏھن ھو گھر موٽي آيا تہ شاگردن عيسيٰ کان ان بابت پڇيو. 11 عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”جيڪو ماڻھو پنھنجي زال کي طلاق ڏيئي ٻي زال پرڻجي ٿو، تنھن ڄڻ زنا ڪئي، 12۽ اھڙيءَ طرح جيڪڏھن ڪا زال پنھنجي مڙس کان طلاق وٺي ڪنھن ٻئي سان پرڻجي ٿي، تنھن زال بہ ڄڻ زنا ڪئي.“

ننڍڙن ٻارن سان پيار

13ڪن ماڻھن ننڍڙا ٻار عيسيٰ وٽ آندا تہ ھو انھن تي ھٿ رکي، پر شاگردن انھن کي ڇينڀيو. 14جڏھن عيسيٰ اھو ڏٺو تہ ڪاوڙجي پيو ۽ پنھنجن شاگردن کي چيائين تہ ”ٻارن کي مون وٽ اچڻ ڏيو ۽ انھن کي نہ جھليو، ڇالاءِ⁠جو خدا جي بادشاھت اھڙن جي ئي آھي. 15 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو خدا جي بادشاھت کي ھڪ ننڍي ٻار وانگر قبول نہ ڪندو، تيستائين اھو ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“ 16پوءِ ٻارن کي ھنج ۾ کڻي انھن جي مٿان ھٿ رکيائين ۽ کين دعا ڪيائين.

شاھوڪار ۽ خدا جي بادشاھت

17عيسيٰ جڏھن رستي سان ويو پئي تہ ھڪڙو ماڻھو ڀڄندو وٽس آيو ۽ سندس آڏو گوڏا کوڙي پڇيائينس تہ ”اي نيڪ استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪريان؟“ 18عيسيٰ چيس تہ ”تون مون کي نيڪ ڇو ٿو سڏين؟ اڪيلي خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نيڪ نہ آھي. 19 تو کي تہ حڪمن جي خبر آھي تہ خون نہ ڪر، زنا نہ ڪر، چوري نہ ڪر، ڪوڙي شاھدي نہ ڏي، ٺڳي نہ ڪر ۽ پنھنجي ماءُ⁠پيءُ جي عزت ڪر.“ 20تنھن تي انھيءَ ماڻھوءَ جواب ڏنو تہ ”استاد! انھن حڪمن تي تہ آءٌ ننڍي ھوندي کان ئي وٺي عمل ڪندو ٿو رھان.“ 21عيسيٰ ھن کي چتائي ڏٺو ۽ ساڻس پيار ڪيو ۽ چيائين تہ ”تو ۾ اڃا ھڪڙي شيءِ جي گھٽتائي آھي. وڃ ۽ وڃي پنھنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اھي پيسا غريبن ۾ خيرات ڪر تہ بھشت ۾ تو کي خزانو ملندو. پوءِ اچ ۽ منھنجو پوئلڳ ٿيءُ.“ 22اھو ماڻھو ھن ڳالھہ تي ڏاڍو ڪومائجي ويو ۽ ڏک ۾ ھليو ويو، ڇالاءِ⁠جو ھو وڏو شاھوڪار ماڻھو ھو. 23عيسيٰ چوڌاري نھاريندي پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”شاھوڪار ماڻھو ڪھڙي نہ مشڪلات سان خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيندا.“ 24ھنن لفظن تي شاگرد حيران ٿي ويا. سو عيسيٰ ھنن کي وري چيو تہ ”اي منھنجا ٻارؤ! خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. 25اُٺ جو سئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آھي، پر شاھوڪار ماڻھوءَ جو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ اولو آھي.“ 26تنھن تي شاگرد ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“ 27عيسيٰ انھن ڏانھن چتائي ڏٺو ۽ چيائين تہ ”اھا ڳالھہ ماڻھن کان ٿي نہ ٿي سگھي، پر خدا ڪري سگھي ٿو، ڇالاءِ⁠جو خدا ھر شيءِ تي قادر آھي.“ 28پوءِ پطرس چيو تہ ”ڏسو، اسان تہ سڀ ڪجھہ ڇڏي اوھان جي پٺيان لڳا آھيون.“ 29تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”برابر، پر آءٌ اوھان کي ھيءَ ڳالھہ ٻڌايان ٿو تہ جيڪو بہ منھنجي ۽ منھنجي خوشخبريءَ جي ڪري پنھنجو گھر، ڀائر، ڀينرون، ماءُ، پيءُ، ٻار يا ٻنيون ڇڏيندو، 30تہ ان کي ھن دنيا ۾ گھڻو ڪجھہ ملندو، جيئن تہ سوء⁠ڻا گھر، ڀائر، ڀينرون، مائرون، ٻار ۽ ٻنيون. پر اھي ڏکن سان ملنديون ۽ آخرت ۾ کيس دائمي زندگي بہ ملندي. 31 پر ڪيترا ئي جيڪي ھاڻي اڳيان آھن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترا ئي جيڪي ھاڻي پويان آھن سي اڳيان ٿيندا.“

ٽيون دفعو پنھنجي موت بابت ٻڌائڻ

32عيسيٰ ۽ سندس شاگرد يروشلم ڏانھن رستو وٺيو پئي ويا ۽ ھو شاگردن جي اڳيان ھلي رھيو ھو. سندس شاگرد ڏاڍا پريشان ھئا ۽ جيڪي ماڻھو سندن پٺيان پئي آيا سي وري ڊنل ھئا. سو ھڪ دفعو وري عيسيٰ ٻارھن ئي شاگردن کي ھڪ پاسي وٺي ويو ۽ جيڪي ڳالھيون ساڻس ٿيڻيون ھيون سي سڀ کين ٻڌائڻ لڳو. 33عيسيٰ چين تہ ”ھاڻي اسين يروشلم ڏانھن ھلي رھيا آھيون، جتي ابن⁠آدم سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جي حوالي ڪيو ويندو. اھي مٿس موت جي فتويٰ جاري ڪندا ۽ کيس غير قومن جي حوالي ڪندا. 34اھي مٿس چٿرون ڪندا، کيس ٿڪون ۽ چھبڪ ھڻندا ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيندا ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“

يعقوب ۽ يوحنا جو عرض

35پوءِ زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا عيسيٰ وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسين چاھيون ٿا تہ اوھين اسان جي لاءِ ڪجھہ ڪريو.“ 36عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين مون کان پنھنجي لاءِ ڇا ٿا ڪرائڻ گھرو؟“ 37انھن چيو تہ ”اسين چاھيون ٿا تہ جڏھن اوھين پنھنجي بادشاھت جي جلوي سان تخت تي ويھو تڏھن اوھين اسان کي اجازت ڏيو تہ ھڪڙو اوھان جي ساڄي ۽ ٻيو اوھان جي کاٻي پاسي ويھي.“ 38 عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوھين ڇا گھُري رھيا آھيو. ڇا اوھين اُھو پيالو پي سگھندا جيڪو مون کي پيئڻو آھي؟ ڇا اوھين اھڙي بپتسما وٺي سگھندا جھڙي نموني مون کي وٺڻي آھي؟“ 39انھن چيو تہ ”ھائو ائين ڪري سگھون ٿا.“ تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”بيشڪ اوھين بہ اھو پيالو پيئندا جيڪو مون کي پيئڻو آھي ۽ اوھين بہ اھا بپتسما وٺندا جيڪا مون کي وٺڻي آھي. 40پر منھنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ويھارڻ، اھو منھنجي اختيار ۾ نہ آھي، بلڪ انھن جڳھن تي انھن کي ئي ويھاريو ويندو جن جي لاءِ اھي تيار ڪيون ويون آھن.“ 41جڏھن ٻين ڏھن شاگردن اھا ڳالھہ ٻڌي تہ اھي يعقوب ۽ يوحنا تي ڪاوڙيا. 42 عيسيٰ انھن سڀني کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ چيو تہ ”اوھان کي خبر آھي تہ جيڪي قومن جا سردار ٿا سڏائين ۽ ماڻھن تي حڪم ٿا ھلائين، تن مٿان وري سندن اميرن کي اختيار حاصل آھي. 43 پر اوھان ۾ ائين نہ آھي. اوھان ۾ جيڪو وڏو ٿيڻ چاھي تہ اھو اوھان جو خدمتگار ٿئي، 44۽ جيڪو اوھان ۾ اڳيان ٿيڻ گھُري تہ اھو سڀني جو غلام ٿئي. 45ڇالاءِ⁠جو ابن⁠آدم بہ انھيءَ لاءِ نہ آيو آھي تہ ٻيا سندس خدمت ڪن، پر پاڻ ٻين جي خدمت ڪري ۽ گھڻن جي ڇوٽڪاري جي لاءِ پنھنجي جان قربان ڪري ڇڏي.“

انڌي بارتمئي کي سڄو ڪرڻ

46پوءِ اھي يريحو شھر ۾ آيا. عيسيٰ جڏھن يريحو شھر مان پنھنجي شاگردن ۽ ماڻھن جي ھڪ وڏي ميڙ سان لنگھي رھيو ھو تہ رستي تي ھڪ انڌو فقير پني رھيو ھو، جنھن جو نالو بارتمئي ھو، جيڪو تمائيءَ جو پٽ ھو. 47جڏھن ھن ٻڌو تہ عيسيٰ ناصري لنگھي آھيو آھي تڏھن رڙ ڪري چيائينس تہ ”اي عيسيٰ ابن دائود! مون تي رحم ڪريو.“ 48ڪيترن ئي ھن کي ڇڙٻ ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر.“ پر ھن تيئن وٺي ڏاڍيون رڙيون ڪري چيو تہ ”اي ابن دائود! مون تي رحم ڪريو.“ 49تنھن تي عيسيٰ بيھي رھيو ۽ چيائين تہ ”ھن کي سڏيو.“ سو انھن انڌي ماڻھوءَ کي سڏيو ۽ چيائونس تہ ”تسلي ڪر ۽ اُٿي ھل جو ھو تو کي سڏي ٿو پيو.“ 50تڏھن ھو پنھنجو ڪپڙو اتي ڦٽو ڪري ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ عيسيٰ وٽ آيو. 51عيسيٰ پڇيس تہ ”تون ڇا ٿو چاھين تہ آءٌ تنھنجي لاءِ ڇا ڪريان؟“ انڌي وراڻيو تہ ”اي سائين! آءٌ چاھيان ٿو تہ مون کي وري ديد ملي.“ 52عيسيٰ چيس تہ ”وڃ، تنھنجي ايمان تو کي سڄو ڪيو آھي.“ تڏھن ھو ھڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ عيسيٰ جي پٺيان رستو وٺي ھليو.

مرقس 11

يروشلم ۾ شان سان داخل ٿيڻ

1جڏھن ھو يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر تي بيت⁠فگاہ ۽ بيت⁠عنياہ ڳوٺن وٽ آيا، تڏھن عيسيٰ پنھنجن شاگردن مان ٻن کي موڪليو، 2۽ چيائين تہ ”سامھون واري ڳوٺ ۾ وڃو ۽ جيئن ان ڳوٺ ۾ ويندءُ تہ اُتي ھڪ کودڙو ٻڌل ڏسندءُ، جنھن تي اڃا ڪنھن بہ سواري نہ ڪئي ھوندي. انھيءَ کي ڇوڙي ھيڏانھن ڪاھي اچو، 3۽ جيڪوبہ توھان کان پڇي تہ ’ڇو ٿا ڇوڙيو؟‘ تہ چئجوس تہ ’سائينءَ کي انھيءَ جي ضرورت آھي ۽ ھو جلد ئي واپس ڏياري موڪليندو.‘“ 4سو ھو روانا ٿي ويا ۽ کودڙي کي گھٽيءَ ۾ ھڪڙي دروازي جي ٻاھران ٻڌل ڏٺائون ۽ جيئن ئي ڇوڙيائون پئي 5تہ جيڪي اُتي بيٺا ھئا تن مان ڪن انھن کي چيو تہ ”ھي ڇا ٿا ڪريو ۽ کودڙي کي ڇو ٿا ڇوڙيو؟“ 6تنھن تي انھن ائين ئي جواب ڏنو جيئن عيسيٰ کين ٻڌايو ھو. تڏھن انھن موڪل ڏنن. 7اُھي کودڙي کي عيسيٰ وٽ ڪاھي آيا ۽ انھيءَ تي پنھنجا ڪپڙا وڌائون، پوءِ عيسيٰ ان تي چڙھي ويٺو. 8ڪيترن ئي ماڻھن پنھنجا پھراڻ رستي تي وڇائي ڇڏيا ۽ ڪن وري ٻنين مان وڻن جون ٽاريون پٽي آڻي پکيڙي ڇڏيون. 9 جيڪي ماڻھو عيسيٰ جي اڳيان ۽ پٺيان پئي ھليا تن وڏي واڪي پئي چيو تہ ”خدا جي واکاڻ ھجي، سڳورو آھي اھو جيڪو خداوند جي نالي سان ٿو اچي. 10سڳوري آھي اسان جي ابي دائود جي ايندڙ بادشاھت. عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ ھجي.“ 11عيسيٰ يروشلم ۾ داخل ٿي ھيڪل ۾ ويو، جتي چوڌاري نظر ڦيرائي ھر ھڪ شيءِ کي ڏٺائين. پر جيئن تہ ڏينھن ڪافي لڙي چڪو ھو، تنھنڪري ھو پنھنجن ٻارھن شاگردن سان بيت⁠عنياہ ڏانھن ھليو ويو.

انجير جي وڻ کي پاراتو

12ٻئي ڏينھن تي جڏھن ھو بيت⁠عنياہ کان موٽي رھيا ھئا تہ عيسيٰ کي بک لڳي. 13ھن پري کان ھڪ انجير جو وڻ ڏٺو، جيڪو پنن سان ڍڪيل ھو. انھيءَ ڪري ھو اُن وڻ ۾ انجير ڳولڻ ويو تہ شايد ڪجھہ ملي سگھي. پر ھو اچي ڏسي تہ وڻ ۾ رڳو پن ئي پن آھن، ڇاڪاڻ⁠تہ انجيرن جي مند نہ ھئي. 14تنھن تي عيسيٰ انجير جي وڻ کي چيو تہ ”اڄ کان پوءِ وري ڪڏھن بہ ڪو تو مان انجير نہ لھندو.“ سندس شاگردن اھو ٻڌي ورتو.

عيسيٰ جو ھيڪل ۾ وڃڻ

15جڏھن اُھي يروشلم ۾ پھتا تہ عيسيٰ ھيڪل ۾ ويو ۽ اُتي جيڪي واپار ۽ ڏيتي⁠ليتيءَ ۾ رُڌل ھئا، تن کي اتان ڌڪي ڪڍڻ لڳو ۽ صرافن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين، 16۽ ڪنھن کي بہ ھيڪل مان سامان کڻي وڃڻ نہ ڏنائين. 17 پوءِ عيسيٰ ماڻھن کي تعليم ڏني تہ ”ڇا اھو لکيل نہ آھي تہ ’منھنجو گھر سڀني قومن لاءِ عبادت جو گھر سڏبو.‘ پر اوھان ان کي ڌاڙيلن جي پاٿاري بڻايو آھي.“ 18سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جڏھن اھو ٻڌو تڏھن ھو موقعي جي تاڙ ۾ رھڻ لڳا تہ ڪنھن بہ طرح عيسيٰ کي ماري ڇڏين. اھي عيسيٰ کان ڊڄن بہ پيا ڇاڪاڻ⁠تہ سڄي خلق ھن جي تعليم تي حيران ھئي. 19جڏھن شام ٿي تہ عيسيٰ ۽ سندس شاگرد شھر مان نڪري ھليا ويا.

انجير جي وڻ مان سبق

20ٻئي ڏينھن صبح جو سوير جيئن ھو رستو وٺيو پئي ويا تہ انھن اُھو انجير جو وڻ ڏٺو، جيڪو چوٽيءَ کان وٺي پاڙ تائين سڪي ويو ھو. 21تنھن تي پطرس کي اُھا ڳالھہ ياد پئي ۽ عيسيٰ کي چيائين تہ ”اي سائين! جنھن انجير جي وڻ کي توھان پاراتو ڏنو ھو، سو سڪي ويو آھي.“ 22عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”خدا تي ايمان آڻيو. 23 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن ڪنھن جي دل ۾ شڪ نہ آھي ۽ يقين اٿس تہ ’جيئن آءٌ چوان ٿو ائين ٿيندو،‘ تہ پوءِ جيڪڏھن ھو ھن جبل کي بہ چوندو تہ ’پنھنجي جاءِ تان ھٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪر‘ تہ اھو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو. 24تنھنڪري آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جڏھن اوھين دعا گھرو ٿا ۽ جنھن شيءِ لاءِ گھرو ٿا، تہ يقين ڪريو تہ اھا اوھان کي ملي ويئي آھي ۽ اوھان کي اُھو ئي ملندو جيڪو اوھين دعا ۾ گھرندا. 25‏-26 جڏھن بہ اوھين دعا گھرڻ لاءِ بيھو، تڏھن جيڪڏھن اوھان جو ڪنھن تي رنج آھي تہ اُن کي معاف ڪري ڇڏيو تہ اوھان جو پيءُ جيڪو آسمان ۾ آھي سو بہ اوھان جا ڏوھہ اوھان کي بخشي ڇڏي.“

عيسيٰ جي اختياريءَ بابت سوال

27ھو وري يروشلم ۾ موٽي آيا. جيئن عيسيٰ ھيڪل ۾ گھميو پئي تہ سردار ڪاھن، شريعت جا عالم ۽ بزرگ وٽس آيا، 28۽ پڇيائونس تہ ”تون ڪھڙي اختياريءَ سان ھي ڪم ڪرين ٿو؟ تو کي ھن ڪم جي اختياري ڪنھن ڏني آھي؟“ 29تنھن تي عيسيٰ انھن کي جواب ڏنو تہ ”آءٌ بہ اوھان کان ھڪ سوال ٿو پڇان ۽ جيڪڏھن اوھان مون کي جواب ڏنو تہ آءٌ بہ اوھان کي ٻڌائيندس تہ ڪھڙي اختياريءَ سان آءٌ ھي ڪم ڪريان ٿو. 30مون کي ٻڌايو تہ يحيٰ جي بپتسما ڪنھن جي طرفان ھئي، خدا جي طرفان يا ماڻھن جي طرفان؟“ 31تنھن تي اُھي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”ڇا چئون؟“ ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اھي جواب ۾ ”خدا جي طرفان“ چون پيا تہ عيسيٰ چوين ھا ”تہ پوءِ اوھان يحيٰ تي ڇو ڪين ايمان آندو؟“ 32پر جيڪڏھن ”ماڻھن جي طرفان“ چون پيا تہ ماڻھن کان کين ڊپ ٿي ٿيو، ڇوتہ ماڻھو يحيٰ کي سچو نبي ڪري مڃين پيا. 33تنھنڪري انھن عيسيٰ کي جواب ڏنو تہ ”اسان کي خبر نہ آھي.“ تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”آءٌ بہ نہ ٻڌائيندس تہ ڪھڙي اختياريءَ سان آءٌ ھي ڪم ڪريان ٿو.“

مرقس 12

انگورن جي باغ جي باغائين جو مثال

1 پوءِ عيسيٰ انھن سان مثالن ۾ ڳالھائڻ لڳو ۽ چيائين تہ ”ڪنھن ماڻھوءَ انگورن جو ھڪ باغ لڳايو. انھيءَ جي چوڌاري لوڙھو ڏنائين. رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ ھڪ حوض ٺھرايائين ۽ پھري لاءِ ھڪڙو ٺُلھہ بہ ٺھرايائين. پوءِ اھو باغ باغائين ک ي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڪنھن ٻئي ملڪ ڏانھن ھليو ويو. 2جڏھن انگورن لھڻ جي مند آئي تہ باغائين ڏانھن ھڪڙو نوڪر موڪليائين تہ انگورن جو ڀاڱو وٺي اچي. 3باغائين انھيءَ نوڪر کي مار ڏيئي خالي ھٿين روانو ڪري ڇڏيو. 4تنھن تي ھن انھن ڏانھن وري ٻيو نوڪر موڪليو. باغائين ان نوڪر جو بہ مٿو ڦاڙي وڌو ۽ جٺيون ڪري موڪلي ڇڏيائونس. 5مالڪ وري ٽيون نوڪر موڪليو تہ انھن ھن کي ماري وڌو، پوءِ ھن ٻين ڪيترن ئي کي موڪليو، جن مان ڪن کي مار ڏنائون تہ ڪن کي اڦٽ ماري وڌائون. 6باقي وڃي سڪيلڌو پٽ بچيو ھوس. تنھن کي سڀني کان پوءِ باغائين ڏانھن موڪليائين، جو پڪ ھيس تہ ھو انھيءَ جي عزت ڪندا. 7پر انھن باغائين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’ھي مالڪ جو وارث آھي، اچو تہ ھن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ ملڪيت ئي اسان جي ٿي پوندي.‘ 8پوءِ انھن ھن کي پڪڙي ماري وڌو ۽ سندس لاش کي باغ جي ٻاھران اڇلائي ڇڏيائون.“ 9تنھن تي عيسيٰ پڇين تہ ”پوءِ انگورن جي باغ جو مالڪ ڇا ڪندو؟ ھو پاڻ ايندو ۽ اچي ھنن کي ناس ڪندو ۽ انگورن جو باغ ٻين باغائين جي حوالي ڪندو. 10 ڇا اوھان پاڪ لکت ۾ نہ پڙھيو آھي؟ ’جنھن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو. 11اھو خدا جي طرفان ڪيو ويو، ۽ اھا اسان لاءِ ڪھڙي نہ عجب جھڙي ڳالھہ آھي.‘“ 12يھودين جي اڳواڻن عيسيٰ کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي ڄاڻن پيا تہ ھي مثال عيسيٰ انھن جي خلاف ٻڌايو ھو. پر انھن کي ماڻھن کان ڊپ بہ ٿيو پئي، تنھنڪري ھو کيس ڇڏي ھليا ويا.

محصول ڏيڻ بابت سوال

13ڪي فريسي ۽ ڪي ھيروديس جي پارٽيءَ جا ماڻھو عيسيٰ ڏانھن موڪليا ويا تہ کيس ڳالھائڻ ۾ ڦاسائين. 14اُھي ھن وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسان کي خبر آھي تہ اوھين سچا آھيو ۽ ڪنھن جي پرواھہ ڪانہ ٿا ڪريو ۽ ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي ظاھري ڏيک⁠ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو، پر سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. اسان کي ٻڌايو تہ قيصر کي محصول ڏيڻ اسان لاءِ جائز آھي يا نہ؟ اسين اُن کي محصول ڏيون يا نہ؟“ 15عيسيٰ انھن جي چالاڪيءَ کي سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ ”اوھين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟“ پوءِ چيائين تہ ”ھڪڙو چانديءَ جو سڪو کڻي اچو تہ آءٌ اُن کي ڏسان.“ 16اھي چانديءَ جو سڪو وٽس کڻي آيا، تڏھن عيسيٰ پڇين تہ ”ھيءَ ڪنھن جي مُھر ۽ اکر آھن؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”قيصر جا.“ 17تڏھن عيسيٰ کين چيو تہ ”چڱو، جيڪي قيصر جو آھي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪي خدا جو آھي سو خدا کي ڏيو.“ اھو ٻڌي انھن کي عيسيٰ تي ڏاڍو عجب لڳو.

مرڻ کان پوءِ جيئري ٿيڻ بابت سوال

18 پوءِ ڪي صدوقي جن جو عقيدو آھي تہ موت کان پوءِ ماڻھو وري جيئرا نہ ٿيندا سي عيسيٰ وٽ آيا، 19 ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسان جي لاءِ موسيٰ فرمايو آھي تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو زال ڇڏي ري⁠اولاد مري وڃي تہ ھن جو ڀاءُ اُھا رن⁠زال پرڻجي، تہ جيئن سندس ڀاءُ لاءِ اولاد ٿئي. 20ڪي ست ڀائر ھئا، پھرين شادي ڪئي ۽ ري⁠اولاد مري ويو. 21تڏھن ٻئي ان جي رن⁠زال سان شادي ڪئي ۽ اھو بہ ري⁠اولاد مري ويو ۽ ٽئين بہ ساڳيءَ طرح اُن سان شادي ڪئي. 22اھڙيءَ طرح ست ئي ري⁠اولاد مري ويا ۽ آخرڪار اُھا عورت بہ مري ويئي. 23ھاڻي ٻڌايو تہ جڏھن قيامت ٿيندي ۽ سڀيئي جيئرا ٿي اٿندا تہ اُھا عورت ڪنھن جي زال ٿيندي، ڇالاءِ⁠جو ستن ئي ھن سان شادي ڪئي ھئي؟“ 24عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين ڪيترا نہ ڀليل آھيو، جو نہ اوھين پاڪ لکتون ٿا ڄاڻو ۽ نڪي خدا جي قدرت. 25ڇالاءِ⁠جو جڏھن مري ويل جيئرا ٿيندا تڏھن اُھي نہ پرڻبا ۽ نڪي پرڻائبا، بلڪ جيئن آسمان ۾ ملائڪ آھن تيئن اھي بہ ھوندا. 26 مري ويلن جي جيئري ٿي اٿڻ بابت اوھان موسيٰ جي صحيفي ۾ ٻرندڙ ٻوڙي واري بيان ۾ ڪين پڙھيو آھي ڇا تہ ڪيئن خدا موسيٰ سان ڳالھايو ۽ چيائينس تہ ’آءٌ ابراھيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا آھيان‘؟ 27ان جو مطلب آھي تہ ھو مئلن جو خدا نہ پر جيئرن جو خدا آھي. پر اوھين سخت ڀليل آھيو.“

سڀني کان وڏو حڪم

28 شريعت جو ھڪڙو عالم آيو ۽ ھنن کي بحث ڪندو ڏسي ڄاڻي ورتائين تہ عيسيٰ صدوقين کي سٺو جواب ڏنو آھي. تڏھن عيسيٰ کان پڇيائين تہ ”سڀني حڪمن کان وڏو حڪم ڪھڙو آھي؟“ 29 تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”پھريون وڏو حڪم ھي آھي تہ ’اي بني اسرائيل! ٻڌ، خداوند اسان جو خدا ھڪڙو ئي خداوند آھي. 30تون خداوند پنھنجي خدا کي پنھنجي سڄيءَ دل، پنھنجي سڄي جان، پنھنجي سمجھہ ۽ پنھنجي سڄيءَ طاقت سان پيار ڪر.‘ 31 ٻيو حڪم ھي آھي تہ ’تون پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.‘ انھن ٻن حڪمن کان وڌيڪ ٻيو ڪوبہ حڪم ڪونھي.“ 32 تنھن تي شريعت جي عالم عيسيٰ کي چيو تہ ”استاد! واھہ جي ڳالھہ ڪئي اٿوَ، بيشڪ خدا ھڪڙو ئي آھي ۽ انھيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونھي. 33 سو ضروري آھي تہ انسان انھيءَ کي ئي ساريءَ دل، سڄي سمجھہ ۽ سڄيءَ طاقت سان پيار ڪري ۽ پنھنجي پاڙيسريءَ سان بہ پاڻ جھڙو پيار ڪري. اھو جانورن جي قرباني ڪرڻ يا قربان⁠گاھہ تي خدا جي خدمت ۾ ٻيون شيون نذر ڪرڻ کان بہ وڌيڪ سٺو آھي.“ 34عيسيٰ ڏٺو تہ ھن سياڻپ جو جواب ڏنو آھي. تنھنڪري کيس چيائين تہ ”تون خدا جي بادشاھت کان پري نہ آھين.“ انھيءَ کان پوءِ ڪنھن کي بہ ھمت نہ ٿي تہ عيسيٰ کان وڌيڪ ڪي سوال پڇي سگھي.

مسيح بابت سوال

35پوءِ جڏھن عيسيٰ ھيڪل ۾ تعليم پئي ڏني تہ ھن ھڪ سوال ڪيو تہ ”شريعت جا عالم ڪيئن ٿا چون تہ ’مسيح دائود جو اولاد آھي؟‘ 36 دائود تہ پاڻ پاڪ روح جي ھدايت تي چيو ھو تہ ’خداوند منھنجي خداوند کي چيو تہ ”تون منھنجي ساڄي پاسي ويھہ، جيستائين آءٌ تنھنجي دشمنن کي تنھنجي پيرن ھيٺان نہ ڪريان.“‘ 37جيڪڏھن دائود پاڻ ھن کي ’خداوند‘ ڪري ٿو سڏي، تہ ڪيئن مسيح ھن جو اولاد ٿي سگھي ٿو؟“ سڄيءَ خلق عيسيٰ جون ڳالھيون خوشيءَ سان پئي ٻڌيون.

شريعت جي عالمن خلاف چتاءُ

38جڏھن ھن انھن کي تعليم پئي ڏني تہ چيائين تہ ”شريعت جي عالمن کان ھوشيار ٿجو، جيڪي ڊگھا جبا پائي گھمڻ پسند ڪن ٿا. اُھي چاھين ٿا تہ بازار ۾ ماڻھو کين سلامي ٿين. 39ھو عبادت⁠خانن ۾ خاص جايون ۽ مجلسن ۾ مٿاھيون جايون ٿا والارين. 40اھي رنن⁠زالن جا گھر ڦُري ٿا ڇڏين ۽ ماڻھن جي ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون نمازون پڙھن ٿا. انھن کي تہ ٻين کان بہ وڌيڪ سزا ملندي.“

رن⁠زال جو چندو ڏيڻ

41پوءِ عيسيٰ ھيڪل ۾ چندي واري پيتيءَ جي ڀرسان ويھي رھيو ۽ جاچڻ لڳو تہ ڪيئن ماڻھو اُن پيتيءَ ۾ پيسا وجھن ٿا. ھن ڏٺو تہ جيڪي دولتمند ھئا سي گھڻا پيسا وجھي رھيا ھئا. 42ايتري ۾ ھڪ غريب رن⁠زال آئي جنھن ٻہ ننڍڙا سڪا اچي پيتيءَ ۾ وڌا. 43تڏھن عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھن غريب رن⁠زال چندي جي پيتيءَ ۾ سڀني کان وڌيڪ وڌو آھي. 44ڇالاءِ⁠جو ٻين، جيڪي پنھنجي گھرج کان وڌيڪ ھون تنھن مان پيتيءَ ۾ وڌو آھي، پر ھن رن⁠زال پنھنجي غربت مان بہ جيڪو ھڙ ۾ ھوس سو سڀ وڌائين، يعني تہ پنھنجي سموري ڪمائي ڏنائين.“

مرقس 13

ھيڪل جي برباديءَ بابت اڳڪٿي

1عيسيٰ جڏھن ھيڪل مان ٻاھر نڪتو پئي تہ سندس شاگردن مان ھڪڙي چيس تہ ”اي استاد! ڏسو تہ ڪھڙا نہ سھڻا پٿر ۽ عمارتون آھن!“ 2تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”تون جيڪي ھي وڏيون عمارتون ڏسين ٿو، تن جو اھو پٿر پٿر تي نہ رھندو جو ڊاٺو نہ ويندو.“

تڪليفون ۽ تباھيون

3پوءِ عيسيٰ جڏھن زيتون جي ٽڪر تي ھيڪل جي سامھون ويٺو ھو تڏھن پطرس، يعقوب، يوحنا ۽ اندرياس ھن سان نويڪلائيءَ ۾ اچي مليا. 4انھن پڇيس تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اھي ڳالھيون ڪڏھن ٿينديون ۽ ھنن واقعن ٿيڻ لاءِ ڪھڙي نشاني ٿيندي، جنھن مان خبر پوي تہ برابر وقت اچي پھتو آھي؟“ 5تنھن تي عيسيٰ انھن کي چوڻ لڳو تہ ”خبردار ٿجو، متان ڪو اوھان کي ٺڳي نہ وڃي. 6ڪيترائي منھنجي نالي سان ايندا ۽ ھر ڪو چوندو تہ ’آءٌ مسيح آھيان.‘ ائين ھو ڪيترن کي ئي ٺڳيندا. 7جڏھن اوھين جنگين جون ڳالھيون ۽ جنگين جا افواھہ ٻڌو تڏھن نہ گھٻرائجو. اھي ڳالھيون ٿينديون ضرور پر اڃا اھا پڄاڻي نہ آھي. 8قوم، قوم سان وڙھندي ۽ بادشاھت، بادشاھت تي چڙھائي ڪندي. ڪيترن ئي ھنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا. اھي ڳالھيون تہ مصيبتن جي شروعات آھن. 9‏-10 سڀني قومن ۾ پھريائين منھنجي خوشخبريءَ جي تبليغ ضرور ڪئي ويندي. اوھان کي پنھنجي ھوشياري ڪرڻ کپي، ڇالاءِ⁠جو اوھان کي گرفتار ڪري ڪورٽن جي حوالي ڪيو ويندو ۽ اوھان کي عبادت⁠خانن ۾ مارڪُٽ ڪئي ويندي. منھنجي ڪري اوھان کي حاڪمن ۽ بادشاھن جي اڳيان پيش ڪيو ويندو. اھا ڀل تہ انھن تي شاھدي ٿئي. سڀني قومن ۾ پھريائين منھنجي خوشخبريءَ جي تبليغ ضرور ڪئي ويندي. 11جڏھن ھو اوھان کي گرفتار ڪري ڪورٽن جي حوالي ڪن تہ وقت کان اڳي ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوھان کي ڇا چوڻو آھي. وقت اچڻ تي اوھان کي جيڪي ڪجھہ ٻڌايو وڃي سو ئي چئجو، ڇالاءِ⁠جو جيڪي لفظ اوھين ڳالھائيندا اُھي اوھان جا نہ پر پاڪ روح جا ھوندا. 12ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو ۽ پيءُ پنھنجي ٻار کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو. ٻار پنھنجي ماءُ⁠پيءُ کان ڦري ويندا ۽ کين مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندا. 13 منھنجي نالي جي ڪري ھر ڪو اوھان کان نفرت ڪندو. پر اوھان مان جيڪو توڙ تائين نڀائيندو سو ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪندو.“

دھشتناڪ وقت

14 ”جڏھن اوھين خوفناڪ ۽ نفرت جھڙي شيءِ کي اُتي بيٺل ڏسو جتي اُن شيءِ کي بيھڻ نہ گھرجي، (جيڪو انھيءَ بابت پڙھي سو ضرور ان تي غور ڪري.) تڏھن جيڪي يھوديہ ۾ ھجن سي جبلن ڏانھن ڀڄي وڃن. 15 جيڪو ماڻھو ڪوٺي جي ڇت تي ھجي سو پاڻ سان ڪا شيءِ کڻي نڪرڻ لاءِ لھي پنھنجي گھر ۾ وڃي وقت نہ وڃائي، 16۽ جيڪو ماڻھو ٻنيءَ ۾ ھجي سو بہ گھر ڏانھن ڪپڙا کڻڻ لاءِ نہ موٽي. 17انھن ڏينھن ۾ جيڪي پيٽ سان ھونديون، يا جن کي ننڍڙا ٻار ٿڻن تي ھوندا، تن لاءِ ڪيڏي نہ مصيبت ٿيندي. 18خدا کان دعا گھرو تہ شل اھي ڳالھيون سياري ۾ نہ ٿين. 19 جيڪا مصيبت انھن ڏينھن ۾ ايندي سا اھڙي تہ خراب ھوندي جو خدا جي دنيا پيدا ڪرڻ کان وٺي اڄ ڏينھن تائين اھڙي مصيبت نہ ڪا آئي آھي ۽ نہ وري ڪڏھن ايندي. 20خداوند جيڪڏھن انھن ڏينھن جو مدو نہ گھٽائي ھا، تہ جيڪر ڪوبہ بچي نہ سگھي ھا. پر ھن پنھنجن چونڊيلن جي ڪري انھن ڏينھن جو مدو گھٽائي ڇڏيو. 21پوءِ جيڪڏھن ڪو اوھان کي چوي تہ ’اِجھو، مسيح ھيڏانھن آھي‘ يا چوي تہ ’ڏسو، مسيح ھوڏانھن آھي‘ تہ ان تي يقين نہ ڪجو. 22ڇالاءِ⁠جو اھڙا ڪوڙا ماڻھو ظاھر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اھي نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جھڙا ڪم ڪندا، انھيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏھن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراھہ ڪن. 23ھوشيار ٿجو، آءٌ اوھان کي ھر ڳالھہ وقت کان اڳي ئي ٿو ٻڌايان.“

ابن⁠آدم جو اچڻ

24 ”انھن ڏينھن ۾ مٿين مصيبتن کان پوءِ سج ڪاراٽجي ويندو ۽ چنڊ پنھنجي روشني نہ ڏيندو. 25 تارا آسمان مان ڪرندا ۽ آسماني طاقتون لُڏي وينديون. 26 پوءِ ابن⁠آدم ڪڪرن ۾ وڏيءَ قدرت ۽ جلوي سان ايندي ظاھر ٿيندو. 27پوءِ ھو ملائڪن کي زمين جي چئني ڪنڊن ڏانھن موڪليندو، تہ جيئن ھو خدا جي چونڊيل ماڻھن کي ھڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين آڻي گڏ ڪن.“

انجير جي وڻ مان سبق

28”اوھين انجير جي وڻ مان سبق پرايو. جڏھن ھن جون ٽاريون سايون ۽ نرم ٿين ٿيون ۽ انھن ۾ پن اچڻ شروع ٿين ٿا، تڏھن اوھين سمجھو ٿا تہ اونھارو آيو ڪي آيو. 29ساڳيءَ طرح اوھين جڏھن ھي ڳالھيون ٿيندي ڏسو، تڏھن ڄاڻجو تہ اھو وقت اچي ويو آھي، بلڪ ائين سمجھجو تہ در تي اچي بيٺو آھي. 30پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ھي سڀيئي ڳالھيون پوريون نہ ٿينديون تيستائين ھيءَ پيڙھي ختم نہ ٿيندي. 31زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منھنجو ڪلام ھرگز نہ ٽرندو.“

سجاڳ رھو

32 ”ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ اھو ڏينھن ۽ اھو وقت ڪڏھن ايندو، نہ آسمان جي ملائڪن کي ۽ نہ فرزند کي خبر آھي، رڳو پيءُ کي ئي خبر آھي. 33ھوشيار ٿجو ۽ سجاڳ رھجو، ڇالاءِ⁠جو اوھان کي خبر نہ آھي تہ اھو وقت ڪڏھن ايندو. 34 اھو انھيءَ ماڻھوءَ وانگر آھي جيڪو پرديس تي ويو ھجي ۽ گھر مان نڪرڻ مھل پنھنجن نوڪرن کي اختياري ڏيئي ھر ھڪ کي پنھنجو پنھنجو ڪم سونپي ويو ھجي، بلڪ دربان کي بہ حڪم ڏيئي ويو ھجي تہ ’سجاڳ رھجانءِ.‘ 35تنھنڪري اوھين بہ سجاڳ رھجو، ڇالاءِ⁠جو اوھان کي خبر نہ آھي تہ گھر جو مالڪ ڪڏھن ايندو، الائجي سانجھيءَ جو يا اڌ رات جو يا ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ مھل يا صبح جو اچي. 36ائين نہ ٿئي تہ متان ھو اوچتو اچي ۽ اوھان کي ستل ڏسي. 37جيڪي آءٌ اوھان کي چوان ٿو سو سڀني کي چوان ٿو تہ سجاڳ رھجو.“

مرقس 14

عيسيٰ خلاف سازش

1 فصح ۽ بي⁠خميري مانيءَ جي عيد ٻن ڏينھن کان پوءِ اچڻي ھئي. سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن وجھہ پئي ڳوليو تہ ڪھڙيءَ طرح عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرايون. 2پر چيائون تہ ”عيد جي ڏينھن ائين نہ ڪريون، متان ماڻھن ۾ وڳوڙ پئجي وڃي.“

عيسيٰ جي بيت⁠عنياہ ۾ مھمانداري

3 عيسيٰ جڏھن بيت⁠عنياہ ۾ ڪوڙھہ جھڙي مرض واري شمعون جي گھر ماني کاڌي پئي، تہ ھڪڙي عورت سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ خالص جٽاماسيءَ جو قيمتي عطر کڻي آئي ۽ عطرداني ڀڃي عطر عيسيٰ جي مٿي تي ھاريائين. 4تڏھن اتي ويٺلن مان ڪي پنھنجي دل ۾ ڪاوڙيا ۽ چيائون تہ ”ھن عطر جي زيان ڪرڻ مان ڪھڙو فائدو؟ 5اھو ٽي ⁠سؤ چانديءَ جي سڪن کان بہ وڌيڪ قيمت ۾ وڪڻي غريبن ۾ ورھائجي ھا.“ سو اُھي انھيءَ عورت کي سختيءَ سان نندڻ لڳا. 6تنھن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”ھن کي ڇو ٿا ستايو؟ کيس ڇڏي ڏيو. ھن منھنجي لاءِ تمام سٺو ڪم ڪيو آھي. 7 غريب تہ اوھان وٽ ھميشہ آھن، سو جڏھن بہ اوھان جي مرضي ٿئي تڏھن انھن سان نيڪي ڪري سگھو ٿا. پر آءٌ اوھان سان ھميشہ نہ ھوندس. 8ھن عورت کان جو ڪجھہ ٿي سگھيو سو ھن ڪيو. ھن منھنجي جسم تي دفن ٿيڻ کان اڳ ئي خوشبوءِ ڇڙڪائي آھي. 9آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ جتي منھنجي خوشخبريءَ جي سڄيءَ دنيا ۾ تبليغ ڪئي ويندي، اُتي ھن عورت جي يادگيريءَ ۾ سندس ڪيل ھن ڪم جو ذڪر بہ ڪيو ويندو.“

يھوداہ جي عيسيٰ خلاف سازش

10پوءِ ٻارھن شاگردن مان يھوداہ اسڪريوتي سردار ڪاھنن وٽ ويو، انھيءَ لاءِ تہ ھو عيسيٰ کي انھن جي حوالي ڪري. 11يھوداہ جي ھن ڳالھہ تي اھي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ ھن کي پيسن ڏيڻ جو انجام ڪيائون. پوءِ تہ ھو موقعي جي تاڙ ۾ ھو تہ ڪھڙيءَ طرح عيسيٰ کي انھن جي حوالي ڪري.

عيسيٰ جو شاگردن سان گڏ عيد فصح کائڻ

12بي⁠خميري مانيءَ جي عيد جي پھرين ڏينھن تي جڏھن ھنن عيد فصح جي قربانيءَ جي لاءِ گھيٽا پئي ڪُٺا، تڏھن شاگردن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي تہ اسين اوھان جي عيد فصح کائڻ جي تياري ڪٿي ڪريون؟“ 13تنھن تي عيسيٰ پنھنجي شاگردن مان ٻن کي موڪليو ۽ چيائين تہ ”شھر ۾ وڃو. اتي اوھين ھڪڙو ماڻھو ڏسندا، جنھن کي پاڻيءَ جو دلو کنيل ھوندو. اوھين انھيءَ جي پٺيان وڃجو، 14۽ جنھن گھر ۾ اھو ماڻھو گھڙي وڃي انھيءَ گھر جي مالڪ کي چئجو تہ ’استاد چوي ٿو تہ اھو مھمان⁠خانو ڪٿي آھي، جتي ھو پنھنجي شاگردن سان گڏجي عيد فصح کائي؟‘ 15پوءِ ھو اوھان کي ماڙيءَ تي ھڪ وڏو سجايل ۽ تيار ڪمرو ڏيکاريندو، جتي اوھين اسان لاءِ عيد فصح تيار ڪجو.“ 16شاگرد شھر ڏانھن روانا ٿي ويا ۽ اتي ھر شيءِ ائين ئي ڏٺائون جيئن عيسيٰ کين ٻڌائي ھئي. سو ھنن اتي عيد فصح تيار ڪئي. 17جڏھن شام ٿي تہ عيسيٰ ٻارھن ئي شاگردن سان گڏ اتي آيو. 18 پوءِ جڏھن اھي دسترخوان تي گڏ کائي رھيا ھئا تہ عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان مان ھڪڙو مون کي پڪڙائيندو، جيڪو مون سان گڏ کائي ٿو.“ 19تنھن تي شاگرد ويچارا غمگين ٿيا ۽ عيسيٰ کان ھڪٻئي پٺيان پڇڻ لڳا تہ ”اھو آءٌ تہ نہ آھيان؟“ 20عيسيٰ وراڻيو تہ ”اُھو اوھان ٻارھن مان ئي آھي، جيڪو مون سان گڏ ٿالھيءَ مان گرھہ ٻوڙي رھيو آھي. 21ابن⁠آدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن صحيفي ۾ لکيل آھي. پر حيف آھي اُن تي جيڪو ابن⁠آدم کي پڪڙائيندو. اُن ماڻھوءَ لاءِ اھو بھتر ھو تہ ھو دنيا ۾ اصل ڄمي ئي نہ ھا.“ 22جڏھن اھي کائين پيا تہ عيسيٰ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، ھي منھنجو بدن آھي.“ 23پوءِ ھن پيالو کڻي شڪر ڪري اھو بہ کين ڏنو ۽ سڀني اُن مان پيتو. 24 تڏھن عيسيٰ چيو تہ ”ھي منھنجو رت آھي، جيڪو گھڻن ئي جي لاءِ وھائجي ٿو، جنھن سان خدا جو عھد لکيل آھي. 25آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ آءٌ تيستائين وري ھيءَ مئي نہ پيئندس، جيستائين خدا جي بادشاھت ۾ نئين مئي نہ پيئان.“ 26پوءِ انھن زبور پڙھيو ۽ زيتون جي ٽڪر ڏانھن ھليا ويا.

پطرس جي انڪار ڪرڻ بابت اڳڪٿي

27 عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، ڇاڪاڻ⁠تہ لکيل آھي تہ ’خدا ريڍار کي ماريندو ۽ رڍون ٽڙي پکڙي وينديون.‘ 28 تنھن ھوندي بہ آءٌ پنھنجي جيئري ٿيڻ کان پوءِ اوھان کان اڳي ئي گليل ڏانھن ويندس.“ 29تنھن تي پطرس وراڻيس تہ ”توڙي جو ٻيا سڀ اوھان کي ڇڏي وڃن، پر آءٌ اوھان کي ڪڏھن بہ ڇڏي نہ ويندس.“ 30عيسيٰ پطرس کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اڄ رات ڪڪڙ جي ٻہ دفعا ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا منھنجو انڪار ڪندين.“ 31تڏھن پطرس ڏاڍي جوش سان وراڻيو تہ ”آءٌ ڪڏھن بہ نہ چوندس تہ آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان، توڙي جو مون کي اوھان سان گڏ مرڻو پوي.“ تڏھن ٻين سڀني بہ اھڙيءَ طرح اقرار ڪيو.

گٿسيمني ۾ دعا گھرڻ

32جڏھن اھي گٿسيمني نالي باغ ۾ آيا، تڏھن عيسيٰ پنھنجي شاگردن کي چيو تہ ”اوھين ھتي ويھي رھو تہ آءٌ دعا گھران.“ 33پوءِ ھن پطرس، يعقوب ۽ يوحنا کي پاڻ سان کنيو. کيس سخت پريشاني ۽ بي⁠قراري وٺي ويئي ھئي. 34عيسيٰ انھن کي ٻڌايو تہ ”مون کي ايترو تہ ڏک آھي جو منھنجي دل ٽٽڻ تي آھي. اوھين ھتي ترسو ۽ جاڳندا رھو.“ 35پوءِ عيسيٰ ٿورو پرڀرو وڃي پاڻ کي زمين تي ڪيرائي دعا گھرڻ لڳو تہ ”جيڪڏھن ٿي سگھي تہ ھيءَ ڏک جي گھڙي مون تان ٽاري وڃي.“ 36ھن وڌيڪ چيو تہ ”اي بابا! اي منھنجا پيءُ! تون سڀ ڪجھہ ڪري سگھين ٿو. ھي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنھن ھوندي بہ منھنجي نہ پر تنھنجي مرضي پوري ٿئي.“ 37پوءِ ھو موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ شاگرد سمھيا پيا آھن. پطرس کي سڏي چيائين تہ ”شمعون، تون بہ ستل آھين ڇا؟ ڇا تون ھڪ ڪلاڪ بہ جاڳي نہ پيو سگھين؟“ 38پوءِ انھن کي چيائين تہ ”جاڳندا رھو ۽ دعا گھرو تہ شل اوھين ڪنھن آزمائش ۾ نہ پئو. سچ پڇو تہ روح تہ گھري ٿو پر جسم ڪمزور آھي.“ 39ھو ٻيو دفعو وري پري ويو ۽ ائين ئي دعا گھريائين جيئن اڳ ۾ گھُري ھئائين. 40پوءِ ھو موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ ھو وري بہ ستا پيا آھن، ڇوتہ اھي اکيون بہ نہ پيا پٽي سگھن ۽ خبر نہ ٿي پين تہ کيس ڪھڙو جواب ڏين. 41پر جڏھن ھو ٽيون دفعو انھن وٽ موٽي آيو، تڏھن چيائين تہ ”ڇا اوھين اڃا تائين ننڊون ۽ آرام پيا ڪريو؟ بس، اِجھا، اُھا گھڙي اچي پھتي آھي ۽ ھاڻي ابن⁠آدم گنھگارن جي حوالي ڪيو ويندو. 42اٿو، ھلو تہ ھلون. ڏسو، جيڪو مون کي پڪڙائي رھيو آھي سو ويجھو اچي پھتو آھي.“

عيسيٰ جو جھلجڻ

43عيسيٰ اڃا ڳالھايو ئي پئي تہ ٻارھن شاگردن مان يھوداہ نالي شاگرد آيو ۽ انھيءَ سان گڏ ھڪڙي ٽولي تلوارن ۽ لٺين سان ھئي، جنھن کي سردار ڪاھنن، شريعت جي عالمن ۽ بزرگن موڪليو ھو. 44ھن دغاباز انھن کي اھا نشاني سمجھائي ھئي تہ ”جنھن ماڻھوءَ کي آءٌ چميان سو عيسيٰ ھوندو. ان کي پڪڙجو ۽ پھري ھيٺ وٺي وڃجوس.“ 45ھو پھچڻ شرط سڌو عيسيٰ وٽ آيو ۽ اچي ”سائين! سائين!“ ڪري کيس چمي ڏنائين. 46پوءِ تہ ھنن عيسيٰ کي ٻڌي قابو ڪيو. 47پر ھڪڙو شخص جيڪو ڀرسان بيٺو ھو، تنھن پنھنجي تلوار ڪڍي وڏي ڪاھن جي نوڪر کي ھنئي ۽ سندس ڪن ڪپي وڌائين. 48پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل ھوس جو اوھين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ لاءِ آيا آھيو؟ 49 ھيڪل ۾ تہ آءٌ روزانو ويھي تعليم ڏيندو ھوس پر ان وقت تہ اوھان ڪڏھن بہ مون کي نہ پڪڙيو. پر لکت ضرور پوري ٿيندي.“ 50تڏھن سڀيئي شاگرد عيسيٰ کي ڇڏي ڀڄي ويا. 51ھڪڙو نوجوان جنھن کي رڳو چادر ويڙھيل ھئي، سو عيسيٰ جي پٺيان پئي آيو. انھن ڪوشش ڪئي تہ ھن کي پڪڙن. 52پر ھو چادر ڇڏي اگھاڙو ئي ڀڄي ويو.

عيسيٰ ڪائونسل جي اڳيان

53پوءِ اھي عيسيٰ کي وڏي سردار ڪاھن جي گھر وٺي آيا، جتي سڀيئي سردار ڪاھن، بزرگ ۽ شريعت جا عالم اچي گڏ ٿيا ھئا. 54پطرس ٿورو پٺيان پئي آيو، سو بہ وڏي سردار ڪاھن جي گھر جي اڱڻ ۾ آيو. اُتي ھو پھريدارن سان گڏ ھيٺ ويھي رھيو ۽ پاڻ کي باھہ تي سيڪڻ لڳو. 55سردار ڪاھنن ۽ سڄي ڪائونسل ڪوشش پئي ڪئي تہ عيسيٰ خلاف ڪا شاھدي ملين تہ جيئن کيس موت جي سزا ڏيارين، پرکين ڪابہ شاھدي ملي نہ سگھي. 56ڪيترن ئي شاھدن عيسيٰ جي خلاف شاھديون ڏنيون، پر اھي ڪوڙيون ثابت ٿيون. 57پوءِ ڪي ماڻھو اُٿي بيٺا ۽ عيسيٰ تي ھيءَ تھمت ھنيائون تہ 58 ”اسان ھن کي ھي چوندي ٻڌو آھي تہ ’آءٌ ماڻھن جي ٺھيل ھيڪل کي ڊاھيندس ۽ ٽن ڏينھن کان پوءِ اھڙو ھيڪل ٺاھيندس جيڪو ماڻھن جو ٺھيل نہ ھوندو.‘“ 59پر اُھي شاھديون بہ پاڻ ۾ نہ ٿي مليون. 60تڏھن وڏو سردار ڪاھن اُٿي بيٺو ۽ سڀني جي روبرو عيسيٰ کان پڇڻ لڳو تہ ”ڇا تو کي ھنن جي الزامن جي جواب ۾ ڪجھہ چوڻو آھي؟“ 61پر عيسيٰ ماٺ ۾ رھيو ۽ ھڪ لفظ بہ نہ ڪڇيائين. وڏي سردار ڪاھن کانئس ٻيھر پڇيو تہ ”ڇا تون مسيح، سڳوري خدا جو فرزند آھين؟“ 62 تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھائو، آءٌ آھيان ۽ اوھين ابن⁠آدم کي خدا تعاليٰ جي ساڄي پاسي ويٺل ۽ آسماني ڪڪرن ۾ ايندي ڏسندا.“ 63تڏھن وري سردار ڪاھن پنھنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”اسان کي وڌيڪ شاھدي نہ کپي. 64 اوھان ھن جا ڪفر وارا لفظ ٻڌا، ھاڻي اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي؟“ تنھن تي انھن سڀني اھا راءِ ڏني تہ ”عيسيٰ کي موت جي سزا ڏني وڃي.“ 65انھن مان ڪي عيسيٰ کي ٿڪون ھڻڻ لڳا ۽ ڪي سندس اکيون ٻڌي کيس ٺونشا ھڻڻ لڳا ۽ چونس پيا تہ ”نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنھن تو کي ڌڪ ھنيو؟“ پھريدارن کيس چماٽون بہ ھنيون.

پطرس جو عيسيٰ بابت انڪار ڪرڻ

66پطرس اڃا تائين اڱڻ ۾ ويٺو ھو تہ ھڪ نوڪرياڻي ھن وٽان اچي لنگھي. 67جڏھن ھن پطرس کي پاڻ باھہ تي سيڪيندي ڏٺو تہ ھن ڏانھن چتائي نھاريندي چيائين تہ ”تون بہ عيسيٰ ناصريءَ سان گڏ ھئين.“ 68پر ھن انڪار ڪيو ۽ چيائين تہ ”آءٌ نہ ٿو ڄاڻان ۽ نہ ٿو سمجھان تہ تون ڇا چئي رھي آھين.“ ھو اھو جواب ڏيئي ٻاھر ڏيڍيءَ ۾ ھليو ويو تہ ايتري ۾ ڪڪڙ ٻانگ ڏني. 69جنھن نوڪرياڻيءَ پطرس کي ڏٺو ھو تنھن اُتي بيٺل ماڻھن کي چيو تہ ”ھي انھن مان ھڪڙو آھي.“ 70پر ھن وري بہ انڪار ڪيو. ٿوري وقت کان پوءِ جيڪي اُتي بيٺا ھئا تن بہ پطرس کان پڇيو تہ ”سچي! تون انھن مان نہ آھين ڇا؟ ڇوتہ تون بہ گليلي پيو ڏسجين.“ 71تنھن تي پطرس لعنت وجھندي چيو تہ ”خدا جي مون تي مار پوي جو آءٌ ڪوڙ ڳالھايان. آءٌ ان ماڻھو کي نہ ٿو سڃاڻان، جنھن جي اوھين ڳالھہ ڪريو ٿا.“ 72تنھن کان پوءِ ستت ئي ٻيو دفعو ڪڪڙ ٻانگ ڏني تہ پطرس کي عيسيٰ جو چيو ياد اچي ويو تہ ”ڪڪڙ جي ٻہ دفعا ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون بابت انڪار ڪندين تہ ’آءٌ نہ ٿو سڃاڻانس.‘“ اھو خيال ايندي ئي ھو اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو.

مرقس 15

عيسيٰ پلاطس جي اڳيان

1سردار ڪاھن صبح جو سوير ئي بزرگن، شريعت جي عالمن ۽ سڄي ڪائونسل سان اچي مليا ۽ پنھنجا منصوبا سٽڻ لڳا. اُھي عيسيٰ کي ٻڌي وٺي ويا ۽ وڃي پلاطس جي حوالي ڪيائونس. 2پلاطس کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون يھودين جو بادشاھہ آھين؟“ عيسيٰ جواب ڏنو تہ ”اھو تہ اوھين پاڻ ٿا چئو.“ 3سردار ڪاھنن عيسيٰ تي ڪيترين ئي ڳالھين جون تھمتون ھنيون. 4تنھنڪري پلاطس کانئس وري پڇيو تہ ”ڇا تون ڪجھہ نہ چوندين؟ ڏس، ھنن تو تي ڪيتريون ڳالھيون مڙھيون آھن.“ 5وري بہ عيسيٰ ھڪ لفظ بہ نہ ڳالھايو، تنھن تي پلاطس ڏاڍو حيران ٿي ويو.

عيسيٰ لاءِ موت جي فتويٰ

6پلاطس ھر عيد فصح جي موقعي تي ھڪ قيدي آزاد ڪندو ھو، جنھن جي لاءِ رعيت چوندي ھيس. 7انھن ڏينھن ۾ برابا نالي ھڪ ماڻھو جيل ۾ ٻين باغين سان گڏ ھو جن ھڪڙي فساد ۾ خون ڪيو ھو. 8جڏھن خلق اچي گڏ ٿي ۽ دستور موجب پلاطس کان مروت گھريائون، 9تڏھن ھن انھن کان پڇيو تہ ”ڇا اوھين چاھيو ٿا تہ آءٌ اوھان جي خاطر يھودين جي بادشاھہ کي آزاد ڪريان؟“ 10ڇاڪاڻ⁠تہ ھن ڄاتو پئي تہ ”سردار ڪاھنن حسد کان عيسيٰ کي قيد ڪري مون وٽ آندو آھي.“ 11پر سردار ڪاھنن خلق کي سمجھائي ڇڏيو ھو تہ ھو عيسيٰ جي بدران برابا کي انھن جي خاطر آزاد ڪري. 12پلاطس وري بہ ورجائي پڇين تہ ”جنھن کي اوھين يھودين جو بادشاھہ ٿا سڏيو، تنھن کي آءٌ ڇا ڪريان؟“ 13تنھن تي انھن رڙيون ڪري چيو تہ ”انھيءَ کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻو.“ 14تڏھن پلاطس پڇين تہ ”ڇو، ھن ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آھي؟“ پر ھنن وٺي وڏيون رڙيون ڪيون تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻو.“ 15پلاطس تہ ماڻھن کي راضي رکڻ ٿي گھريو، سو ھن برابا کي انھن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو ۽ عيسيٰ کي چھبڪ ھڻائڻ کان پوءِ سپاھين جي حوالي ڪيائين تہ ”وڃي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻوس.“

سپاھين جو عيسيٰ تي چٿرون ڪرڻ

16سپاھي عيسيٰ کي گورنر جي محلات جي اڱڻ ۾ وٺي آيا ۽ پنھنجن ٻين ھمراھن کي سڏيائون. 17انھن عيسيٰ کي واڱڻائي رنگ جا ڪپڙا ڍڪايا ۽ ڪنڊن جو ھڪڙو تاج ٺاھي مٿي تي رکيائونس. 18پوءِ چوڻ لڳس تہ ”سلام، اي يھودين جا بادشاھہ!“ 19انھن کيس مٿي تي لٺ سان ڌڪ ھنيا، ٿڪون ھنيائونس ۽ گوڏن ڀر ويھي سجدو ڪرڻ لڳس. 20جڏھن چٿرون ڪري چڪا تہ واڱڻائي ڪپڙا لھرائي وري ساڳيا پنھنجا ڪپڙا ڍڪايائونس. پوءِ اُھي کيس ٻاھر وٺي آيا تہ صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻنس.

صليب تي عيسيٰ کي ڪوڪا ھڻڻ

21 رستي تي انھن کي شمعون نالي ھڪڙو ماڻھو مليو، جيڪو ٻھراڙيءَ مان شھر ڏانھن اچي رھيو ھو. ھو ڪرين جو رھاڪو ھو ۽ سڪندر ۽ روفس جو پيءُ ھو. انھيءَ کي ھنن زور ڀريو تہ ھو عيسيٰ جو صليب کڻي ھلي. 22پوءِ اُھي عيسيٰ کي گلگٿا نالي جاءِ تي وٺي آيا، جنھن جي معنيٰ آھي ”کوپريءَ جي جاءِ.“ 23ھنن عيسيٰ کي مئي پيارڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن ۾ نشيدار شيءِ مُرَ گڏيل ھئي، پر ھن اُھا نہ پيتي. 24 ھنن کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھنيا ۽ سندس ڪپڙا پاڻ ۾ ورھائڻ لاءِ پُکا وڌائون تہ ڪھڙو ٽڪر ڪنھن کي ٿو ملي. 25اھو صبح جو نائين بجي جو وقت ھو جڏھن انھن کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھنيا. 26گناھہ جو اھو سبب لکي ھن جي مٿان ھنيائون تہ ”يھودين جو بادشاھہ.“ 27‏-28 انھن ٻہ ٻيا بہ ماڻھو صليب تي چاڙھيا جيڪي ڌاڙيل ھئا. انھن مان ھڪڙو سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي چاڙھيائون. 29 جيڪي ماڻھو اتان لنگھن پيا، سي پنھنجا ڪنڌ ڌوڻي ٺٺوليون ڪري عيسيٰ کي چون پيا تہ ”واہ واہ! تون تہ ٽن ڏينھن ۾ ھيڪل پيو ڊاھين ۽ ٺاھين. 30ھاڻي صليب تان ھيٺ تہ لھي ڏيکار ۽ پاڻ کي بچاءِ.“ 31ساڳيءَ طرح سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم عيسيٰ تي چٿرون ڪرڻ لڳا ۽ ھڪٻئي کي چون پيا تہ ”ھي تہ ٻين کي پيو ڇڏائي، پر ھاڻي تہ پاڻ کي بہ نہ ٿو بچائي سگھي. 32ھاڻي ڏسون تہ ھي مسيح، اسرائيل جو بادشاھہ، ڪيئن ٿو صليب کان ھيٺ لھي اچي، تہ پوءِ اسين بہ ٿا مٿس ايمان آڻيون.“ عيسيٰ سان گڏ جيڪي ماڻھو صليب تي چڙھيل ھئا، تن بہ مٿس چٿرون ڪيون.

عيسيٰ جو موت

33منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اوندھہ ڇانئجي ويئي، جيڪا ٽپھريءَ تائين ھلي. 34 ٽپھريءَ مھل عيسيٰ وڏي آواز ۾ رڙيون ڪيون تہ ”الوئي، الوئي، لما سبخٿني؟“جنھن جي معنيٰ آھي تہ ”اي منھنجا خدا! اي منھنجا خدا! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آھي؟“ 35جيڪي ماڻھو اُتي بيٺا ھئا تن مان ڪن ھن جا اھي لفظ ٻڌا ۽ چيائون تہ ”ڏسو، ھو الياس نبيءَ کي سڏي رھيو آھي.“ 36 انھن مان ھڪڙو ماڻھو ڀڳو ۽ فوم جھڙي ھڪ شيءِ کڻي ڪؤڙي مئي سان ڀري ڪاني جي چوٽيءَ تي ٻڌي عيسيٰ کي پيئڻ لاءِ ڏيندي چيائين تہ ”ڇڏي ڏيوس، ڏسون تہ ھن کي الياس صليب تان ھيٺ لاھڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ.“ 37پوءِ عيسيٰ وڏيءَ رڙ سان دم ڏنو. 38 تڏھن ھيڪل جو پردو چوٽيءَ کان وٺي تري تائين ٻن حصن ۾ چيرجي ويو. 39فوجي صوبيدار جيڪو صليب جي اڳيان بيٺو ھو تنھن عيسيٰ کي ائين دم ڏيندي ڏسي چيو تہ ”سچ⁠پچ تہ ھي ماڻھو خدا جو فرزند ھو.“ 40 اُتي ڪي عورتون بہ ھيون، جيڪي پري کان ڏسي رھيون ھيون. انھن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسف جي ماءُ مريم ۽ سلومي ھيون. 41جڏھن عيسيٰ گليل ۾ ھو تڏھن انھن سندس خدمت ڪئي ھئي ۽ سندس پٺيان لڳيون ھيون. ٻيون بہ ڪيتريون ئي عورتون ھيون جيڪي ھن سان گڏ يروشلم ۾ آيون ھيون.

عيسيٰ جو ڪفن دفن

42شام ٿي چڪي ھئي ۽ اھا شام سبت جي ڏينھن کان اڳئين تياريءَ جي ڏينھن جي ھئي. 43تڏھن ارمٿيا جو ھڪ شخص يوسف آيو جو ڪائونسل جو ھڪ معزز ميمبر ھو ۽ پاڻ خدا جي بادشاھت جو ڳولائو ھو. اھو ھمت ڪري پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ عيسيٰ جي لاش وٺڻ لاءِ عرض ڪيائين. 44پلاطس کي حيرت وٺي ويئي تہ عيسيٰ ايترو جلد ڪيئن مري ويو. ھن ھڪ فوجي صوبيدار کي گھرائي کانئس پڇيو تہ ”عيسيٰ کي مئي ڪيترو وقت ٿيو آھي؟“ 45صوبيدار جي خاطري ڏيارڻ کان پوءِ پلاطس يوسف کي لاش کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني. 46يوسف اُچو ڪفن خريد ڪيو، لاش کي لھرائي اُن ۾ ويڙھيائين ۽ قبر ۾ رکيائين، جيڪا ٽڪر تي کوٽيل ھئي. پوءِ ھڪڙو وڏو پٿر ريڙھي قبر جي منھن تي ڏنائين. 47مريم مگدليني ۽ يوسف جي ماءُ مريم اھو ھنڌ ڏٺو پئي جتي ميت کي رکيو ويو.

مرقس 16

عيسيٰ جو وري جيئرو ٿيڻ

1جڏھن سبت جو ڏينھن پورو ٿيو تہ مريم مگدليني، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ سلوميءَ کٿوري خريد ڪئي تہ عيسيٰ جي ميت کي خوشبوءِ ھڻن. 2آچر جي ڏينھن تي سج اڀرئي مھل اھي قبر تي آيون. 3اھي پاڻ ۾ چئي رھيون ھيون تہ ”اسان لاءِ ڪير قبر جي منھن تان پٿر ھٽائيندو؟“ ڇالاءِ⁠جو اھو پٿر تمام وڏو ھو. 4پر جڏھن اچي نھاريائون تہ ڇا ڏسن تہ اھو پٿر تہ اڳي ئي رڙھيو پيو آھي. 5جڏھن قبر جي اندر ويون تہ ڏٺائون تہ ھڪ نوجوان نوراني پوشاڪ سان ساڄي طرف ويٺو آھي. اھي حيرانيءَ ۾ پئجي ويون. 6تنھن تي انھيءَ جوان چين تہ ”حيران نہ ٿيو. اوھين عيسيٰ ناصريءَ کي ڳوليو ٿيون پيون نہ، جيڪو صليب تي چاڙھيو ويو ھو؟ ھو جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ ھتي ڪونھي. اِجھا! ھيءَ اھا جاءِ آھي جتي ھن کي رکيو ھئائون. 7 پر اوھين وڃو ۽ وڃي عيسيٰ جي شاگردن ۽ پطرس کي چئو تہ ’ھو اوھان کان اڳي ئي گليل ڏانھن وڃي رھيو آھي. اوھين ھن کي اتي ڏسندا، جيئن ھن پاڻ اوھان کي ٻڌايو ھو.‘“ 8اھي قبر کان ٻاھر نڪري وٺي ڀڳيون، ڇالاءِ⁠جو ھنن کي ڏڪڻي ۽ حيراني وٺي ويئي ھئي. انھن ڪنھن سان بہ نہ ڳالھايو ڇالاءِ⁠جو ھنن کي ڊپ پئي ٿيو.

مريم مگدلينيءَ کي ڏيکاري ڏيڻ

9عيسيٰ آچر جي صبح جو سوير جيئري ٿيڻ کان پوءِ پھريون دفعو مريم مگدلينيءَ کي ڏيکاري ڏني، جنھن مان ھن ست ڀوت ڪڍيا ھئا. 10ھوءَ ويئي ۽ وڃي ھن جي ساٿين کي اھو ٻڌايائين، جيڪي سوڳ ڪندي روئن پيا. 11جڏھن ھنن ٻڌو تہ عيسيٰ جيئرو آھي ۽ مريم ان کي ڏٺو آھي، تڏھن اھي مٿس اعتبار ئي نہ پيا ڪن.

ٻن شاگردن کي ڏيکاري ڏيڻ

12انھيءَ کان پوءِ عيسيٰ ٻئي صورت انھن مان ٻن شاگردن کي ڏيکاري ڏني، جڏھن اُھي پنھنجو رستو وٺيو ٻھراڙيءَ ۾ وڃن پيا. 13تڏھن اھي موٽي پيا ۽ اھا ڳالھہ ٻين کي بہ اچي ٻڌايائون. پر اھي انھيءَ ڳالھہ تي اعتبار ئي نہ پيا ڪن.

يارھن شاگردن کي ڏيکاري ڏيڻ

14آخر ۾ عيسيٰ يارھن شاگردن کي ان وقت ڏيکاري ڏني جڏھن ھو گڏجي ماني کائي رھيا ھئا. ھن انھن کي ڇينڀيو، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي يقين ئي نہ پئي آيو ۽ اھي ايترا تہ بي⁠اعتبار ھئا جو جن ھن کي جيئرو ڏٺو ھو تن تي بہ اعتبار نہ پيا ڪن. 15 پوءِ ھن انھن کي چيو تہ ”سڄي دنيا ۾ وڃو ۽ انسانذات ۾ منھنجي خوشخبريءَ جي تبليغ ڪريو. 16جيڪوبہ ايمان آڻيندو ۽ بپتسما وٺندو سو ڇوٽڪارو حاصل ڪندو ۽ جيڪوبہ ايمان نہ آڻيندو سو ڏوھاري ٿيندو. 17ايمان آڻڻ وارن ۾ قدرت جون ھي نشانيون ھونديون جو اھي منھنجي نالي تي ڀوت ڪڍندا ۽ عجيب عجيب ٻوليون ڳالھائيندا. 18جيڪڏھن اھي نانگ جھليندا يا زھر پيئندا تہ بہ انھن کي ڪو نقصان نہ پھچندو. ھو بيمارن کي ھٿ لائيندا تہ اھي چڱا ڀلا ٿي پوندا.“

عيسيٰ جو آسمان ڏانھن کڄي وڃڻ

19 خداوند عيسيٰ انھن سان ڳالھائڻ کان پوءِ آسمان ڏانھن کڄي ويو ۽ خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو. 20پوءِ شاگردن وڃي ھر ھنڌ تبليغ ڪئي. خداوند انھن سان گڏ پئي ڪم ڪيو ۽ ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ انھن جي تبليغ سچي ھئي، ڇالاءِ⁠جو کين قدرت جون نشانيون ڏنيون ھئائين.

لوقا 1

منڍ

1محترم ٿئوفلس: ڪيترائي ماڻھو انھن ڳالھين کي لکي چڪا آھن، جيڪي اسان ۾ ٿي گذريون آھن. 2جھڙيءَ طرح اسان کان اڳين اسان تائين اھي ڳالھيون پھچايون، تھڙيءَ طرح انھن بہ ھي ڳالھيون انھن کان ٻڌي لکيون، جن شروع کان ھي ڳالھيون ٿيندي ڏٺيون ۽ ڪلام جي تبليغ ڪئي. 3تنھنڪري مون بہ اھو مناسب سمجھيو تہ ھي ڳالھيون اوھان لاءِ ترتيب سان لکان، ڇوتہ مون شروع کان وٺي انھن سڀني جو اڀياس چڱيءَ طرح ڪيو آھي. 4آءٌ ھي انھيءَ ڪري ٿو لکان تہ جن ڳالھين جي اوھان کي تعليم ڏني ويئي آھي، تن جي سچائيءَ جي اوھان کي پوري ڄاڻ پوي.

يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي ڄمڻ بابت اڳڪٿي

5 يھوديہ جي بادشاھہ ھيروديس جي ڏينھن ۾ ابياہ ٽولي ۾ ذڪريا نالي ھڪڙو ڪاھن ھو. سندس زال بہ ھارون جي اولاد مان ھئي، جنھن جو نالو اليشبع ھو. 6ھو ٻئي خدا جي نظر ۾ نيڪ ھئا ۽ خدا جي سڀني حڪمن ۽ فرضن جي پوريءَ طرح بجاآوري ڪندا ھئا. 7پر انھن کي اولاد ڪونہ ھو، ڇاڪاڻ⁠تہ اليشبع سنڍ ھئي ۽ ٻئي عمر ۾ پوڙھا ٿي چڪا ھئا. 8ھڪ دفعي ذڪريا پنھنجي فرقي جي واري تي خدا جي حضور ۾ ڪم پئي ڪيو. 9ڪاھنن جي رسم موجب مٿس پُکو پيو تہ ھو ھيڪل جي مقدس جاءِ ۾ وڃي لوبان ٻاري. 10لوبان ٻارڻ وقت ماڻھن جي سڄي ميڙ ٻاھران پئي دعا گھري. 11لوبان ٻارڻ واري جاءِ جي ساڄي پاسي خداوند جي ھڪ ملائڪ ھن کي ڏيکاري ڏني. 12ذڪريا ھن کي ڏسي گھٻرائجي ويو ۽ ڊڄڻ لڳو. 13پر خداوند جي ملائڪ چيس تہ ”اي ذڪريا! خوف نہ ڪر، تنھنجي دعا قبول پئي آھي. تنھنجي زال اليشبع کي پٽ ڄمندو، جنھن جو نالو يحيٰ رکج. 14تو کي خوشي ۽ سڪون ملندو ۽ ڪيترائي ھن جي ڄمڻ تي خوش ٿيندا. 15 ڇالاءِ⁠جو ھو خدا جي نظر ۾ بزرگ ٿيندو، ھو نہ مئي پيئندو ۽ نڪو شراب واپرائيندو ۽ ھو ڄمندي ئي پاڪ روح سان ڀريل ھوندو. 16ھو بني اسرائيل جي ڪيترن ئي ماڻھن کي خداوند جي پاسي ڏانھن ڦيريندو، جو ئي سندن خدا آھي. 17 ھو خدا جو پيغام الياس نبيءَ جي روح ۽ طاقت سان ڏيندو ويندو، تہ جيئن ھو پيئرن کي اولاد لاءِ دل ڏئي، نافرمانن کي وري نيڪن جي سياڻپ واري رستي تي آڻي ۽ خداوند لاءِ ھڪڙي مستعد قوم تيار ڪري.“ 18تڏھن ذڪريا ملائڪ کي چيو تہ ”مون کي انھيءَ جي خاطري ڪيئن ٿيندي، جڏھن تہ آءٌ پوڙھو آھيان ۽ منھنجي زال وڏيءَ عمر واري آھي؟“ 19 تنھن تي ملائڪ وراڻيو تہ ”آءٌ جبرائيل آھيان ۽ خدا جي حضور ۾ حاضر رھندو آھيان. خدا مون کي موڪليو آھي تہ تو سان ڳالھايان ۽ تو کي اھا خوشخبري ٻڌايان. 20پر تو منھنجي پيغام تي اعتبار نہ ڪيو آھي جيڪو مقرر وقت تي سچو ٿيندو. جيئن تہ تو اعتبار نہ ڪيو آھي تنھنڪري تون گونگو ٿي پوندين ۽ جيستائين اھي ڳالھيون پوريون نہ ٿينديون تيستائين ڳالھائي نہ سگھندين.“ 21ماڻھو ڏاڍي انتظار ۾ ھئا ۽ حيران ھئا تہ ذڪريا مقدس جاءِ ۾ ايتري دير ڇو لاتي آھي. 22جڏھن ھو ٻاھر نڪتو تہ انھن سان ڳالھائي نہ ٿي سگھيو، جنھن مان ماڻھن کي خبر پئجي ويئي تہ ھن مقدس جاءِ ۾ رويا ڏٺي آھي. ھو ھڪ لفظ بہ نہ ٿي ڳالھائي سگھيو، سو انھن کي ھٿن جا اشارا ڏئي پيو. 23جڏھن ھيڪل ۾ سندس خدمت جو وقت پورو ٿيو تہ ذڪريا گھر ڏانھن موٽيو. 24ڪن ڏينھن کان پوءِ سندس زال اليشبع پيٽ سان ٿي ۽ پنج مھينا گھر کان ٻاھر نہ نڪتي. اليشبع چيو تہ 25”ھيءُ خدا منھنجي لاءِ ڪيو آھي. ھاڻي ھن مون تي مھر جي نظر ڪئي آھي ۽ ماڻھن جي مھڻن کان منھنجي جند ڇڏائي اٿس.“

عيسيٰ جي ڄمڻ بابت اڳڪٿي

26اليشبع جي پيٽ سان ٿيڻ کان پوءِ ڇھين مھيني خدا جبرائيل ملائڪ کي گليل جي شھر ناصرت ۾ موڪليو. 27 ھو ھڪ ڪنواري ڇوڪريءَ وٽ آيو، جا دائود جي گھراڻي جي ھڪ شخص يوسف سان منڱيل ھئي. انھيءَ ڪنواريءَ جو نالو مريم ھو. 28جبرائيل وٽس اچي چيو تہ ”سلام آ تو تي، جو خدا تو ساڻ آھي ۽ ھن تو تي وڏو ڪرم ڪيو آھي.“ 29مريم ملائڪ جي پيغام تي ڏاڍي پريشان ٿي ۽ عجب ۾ پئجي ويئي تہ ھن جي لفظن جو مطلب ڇا آھي. 30تڏھن ملائڪ چيس تہ ”مريم، ڊڄ نہ، ڇالاءِ⁠جو خدا تو تي مھربان آھي. 31 تو کي پيٽ ٿيندو ۽ تون پٽ ڄڻيندينءَ، جنھن جو نالو عيسيٰ رکج. 32 ھو بزرگ ٿيندو ۽ خدا تعاليٰ جو فرزند ڪري سڏبو. خداوند خدا ھن کي سندس ڏاڏي دائود جي بادشاھي ڏيندو. 33ھو يعقوب جي گھراڻي تي ھميشہ حڪومت ڪندو ۽ سندس بادشاھت ڪڏھن بہ ختم نہ ٿيندي.“ 34تنھن تي مريم ملائڪ کي چيو تہ ”آءٌ ڪنواري آھيان تہ پوءِ ھي ڪيئن ٿي سگھي ٿو؟“ 35ملائڪ وراڻيس تہ ”پاڪ روح تو تي نازل ٿيندو ۽ خدا تعاليٰ جي قدرت تو مٿان ڇانوَ ڪندي، انھيءَ ڪري تہ پاڪ ٻار خدا جو فرزند ڪري سڏبو. 36ڏس پنھنجي مائٽياڻي اليشبع کي، جنھن لاءِ چيو ويندو ھو تہ ھوءَ سنڍ آھي. پر کيس ھاڻي ڇھون مھينو پيٽ آھي، جيتوڻيڪ ھوءَ وڏي عمر واري آھي. 37 ڇالاءِ⁠جو اھڙي ڪابہ ڳالھہ ڪانھي جيڪا خدا جي قدرت کان ٻاھر ھجي.“ 38تڏھن مريم چيو تہ ”آءٌ خدا جي ٻانھي آھيان، شل ائين ئي ٿئي جيئن توھان چيو.“ پوءِ ملائڪ وٽانئس ھليو ويو.

مريم جي اليشبع سان ملاقات

39تنھن کان پوءِ جلد ئي مريم تيار ٿي ۽ جابلو علائقي ۾ يھوديہ جي ھڪڙي شھر ڏانھن ويئي. 40ھوءَ ذڪريا جي گھر ويئي ۽ اليشبع کي سلام ڪيائين. 41جڏھن اليشبع مريم جو سلام ٻڌو تہ ٻار سندس پيٽ ۾ ٽپ کاڌو ۽ اليشبع پاڪ روح سان ڀرجي ويئي. 42ھوءَ وڏي واڪي چوڻ لڳي تہ ”تون عورتن ۾ سڳوري آھين ۽ سڳورو آھي اھو ٻار جيڪو تون ڄڻيندينءَ. 43مون تي اھڙو ڪرم ڪيئن ٿيو جو منھنجي خداوند جي ماءُ مون وٽ ھلي آئي آھي؟ 44ڏس، جڏھن تنھنجي سلام جو آواز منھنجي ڪنن تي پيو، تڏھن ٻار منھنجي پيٽ ۾ خوشيءَ وچان ٽپ کاڌو. 45تون ڪيتري نہ سڀاڳي آھين، جو تو يقين ڪيو آھي تہ خدا جو ڪلام تو لاءِ سچو ثابت ٿيندو.“

مريم جو خدا جي ساراھہ ۾ گيت

46 مريم چيو تہ ”منھنجي دل خداوند جي ساراھہ ڪري ٿي، 47۽ منھنجو روح خوش ٿئي ٿو، ڇوجو خدا منھنجو ڇوٽڪارو ڏيندڙ آھي. 48 ھن مون تي نظر ڪئي آھي، پنھنجي ھڪ خسيس ٻانھيءَ مثل. اڄ کان پوءِ سڀ پيڙھيون مون کي سڀاڳي سڏينديون، 49ڇالاءِ⁠جو قادر مون سان وڏو وڙ ڪيو آھي. ھن جو نالو پاڪ آھي. 50ھو انھن تي پيڙھي بہ پيڙھي رحم ڪري ٿو، جيڪي کانئس ڊڄن ٿا. 51ھن پنھنجي ٻانھن جو زور ھلايو آھي، ۽ جيڪي پنھنجن خيالن تي فخر ڪن ٿا، تن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو اٿس. 52 ھن شاھن کي شاھيءَ تان ڪيرايو آھي ۽ نيچن کي اوچو ڪيو آٿس. 53ھن بکايلن کي سٺين شين سان ڍائي ڇڏيو آھي ۽ شاھوڪارن کي خالي ھٿين موٽائي ڇڏيو آٿس. 54‏-55 ھن اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيل عھد پورو ڪيو آھي، جو ھن پنھنجي ٻانھي اسرائيل جي مدد ڪئي آھي. ھن ابراھيم ۽ سندس اولاد جي سار لڌي، تہ ھميشہ انھن تي رحم ڪري.“ 56مريم اليشبع سان اٽڪل ٽي مھينا گڏ رھي ۽ پوءِ گھر موٽي آئي.

يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جو ڄمڻ

57اليشبع جي پيرن لھڻ جو وقت ٿيو ۽ ھن پٽ ڄڻيو. 58ھن جي پاڙيسرين ۽ مائٽن جڏھن ٻڌو تہ خداوند ھن تي وڏي مھرباني ڪئي آھي تہ اھي بہ ساڻس گڏجي خوشيون ڪرڻ لڳا. 59 جڏھن ٻار کي ڄائي اٺ ڏينھن گذريا تہ اھي ٻار جي سنت ڪرڻ لاءِ آيا ۽ مرضي ھين تہ سندس نالو پيءُ جي نالي پويان ذڪريا رکيو وڃي. 60پر ھن جي ماءُ چيو تہ ”نہ، ھن کي يحيٰ سڏيو وڃي.“ 61تنھن تي انھن چيس تہ ”اھڙي نالي سان تہ توھان جو ڪوبہ مائٽ نہ آھي.“ 62پوءِ ھنن سندس پيءُ کان اشارن سان پڇيو تہ ھو ڇوڪري جو ڪھڙو نالو رکڻ گھري ٿو. 63ذڪريا انھن کان تختي گھري ۽ ان تي لکيائين تہ ”ھن جو نالو يحيٰ آھي.“ تنھن تي سڀيئي عجب ۾ پئجي ويا. 64جلد ئي ذڪريا جي زبان کلي پئي. ھو ڳالھائڻ لڳو ۽ خدا جي ساراھہ ڪيائين. 65جيڪي اوسي⁠پاسي ۾ رھندا ھئا تن سڀني کي ڊپ وٺي ويو ۽ اھي سڀيئي ڳالھيون يھوديہ جي سڄي جابلو علائقي ۾ ھلي ويون. 66جن بہ اھي ڳالھيون ٻڌيون تن انھن تي دل ۾ ويچار ڪيو ۽ چوڻ لڳا تہ ”اھو ٻار ڪيڏو نہ عظيم ٿيندو!“ اھو سڀ انھيءَ ڪري ٿيو جو انھيءَ ٻار ساڻ خداوند جي قدرت صاف ظاھر ھئي.

ذڪريا جي پيشنگوئي

67يحيٰ جو پيءُ ذڪريا پاڪ روح سان ڀرجي ويو ۽ پيشنگوئي ڪرڻ لڳو تہ 68”خداوند، بني اسرائيل جي خدا کي ساراھہ جڳائي، ڇالاءِ⁠جو ھن پنھنجي قوم تي نظر ڪري کين ڇوٽڪارو ڏنو آھي. 69پنھنجي ٻانھي دائود جي گھراڻي مان اسان لاءِ سگھارو ڇوٽڪارو ڏيندڙ موڪليو اٿس، 70جيڪو ھن گھڻو ئي اڳي، پنھنجن پاڪ نبين جي وسيلي عھد ڪيو ھو، 71تہ ھو اسان کي دشمنن کان بچائي ۽ انھن جي ھٿان ڇڏائي، جيڪي اسان کان نفرت ڪن ٿا. 72ھن پنھنجي واعدي موجب، اسان جي ابن ڏاڏن تي رحم ڪيو آھي ۽ پنھنجو پاڪ عھد ياد ڪيو آھي. 73جيڪو قسم ھن اسان جي ڏاڏي ابراھيم سان کنيو ھو 74تہ اسان کي دشمنن جي چنبي مان آزاد ڪري ۽ اجازت ڏئي تہ اسين بنا ڪنھن خوف جي سندس عبادت ڪريون، 75۽ ھن جي اڳيان پنھنجي سڄي حياتيءَ جا ڏينھن پاڪ ۽ نيڪ ھجون. 76 تون، اي منھنجا ٻچا! خدا تعاليٰ جو نبي سڏيو ويندين. تون خداوند جي آڏو ھلندين تہ انھيءَ لاءِ رستو تيار ڪرين، 77انھيءَ لاءِ تہ سندس قوم کي ڇوٽڪاري جي خبر ٻڌائين تہ ھنن جا گناھہ بخش ٿيندا. 78ڇالاءِ⁠جو اسان جو خدا رحم ۽ ٻاجھہ وارو آھي. ھو آسمان مان پرھہ ڦٽي جي روشني اسان تي نازل ڪندو، 79 جيڪا انھن تي چمڪندي جيڪي موت جي اونداھيءَ ۾ رھن ٿا ۽ اسان لاءِ سلامتيءَ واري رستي جي رھنمائي ڪندي.“ 80اھو ٻار جسماني ۽ روحاني طرح وڌيو ۽ ايستائين بيابان ۾ رھڻ لڳو جيستائين بني اسرائيل قوم تي پاڻ کي کُليءَ طرح ظاھر نہ ڪيائين.

لوقا 2

عيسيٰ جو ڄمڻ

1انھن ڏينھن ۾ شھنشاھہ اگستس ھڪڙو حڪم⁠نامو جاري ڪيو تہ سڄي شھنشاھت ۾ آدمشماري ڪئي وڃي. 2اھا پھرين آدمشماري ھئي جا شام جي گورنر ڪورنيس جي ڏينھن ۾ ٿي. 3تنھنڪري ھر ڪو پنھنجي پنھنجي شھر ۾ پنھنجو نالو لکائڻ ويو. 4يوسف دائود جي گھراڻي ۽ نسل مان ھو. تنھنڪري ھو بہ گليل جي شھر ناصرت مان يھوديہ ڏانھن دائود جي شھر ۾ ويو، جنھن کي بيت⁠لحم چون ٿا. 5ھو انھيءَ لاءِ ويو تہ پنھنجي مڱينديءَ مريم سان گڏ نالو لکائي جا پيٽ سان ھئي. 6جڏھن ھو بيت⁠لحم ۾ ھئا تہ مريم جي ٻار ڄڻڻ جو وقت اچي ويو. 7ھن پنھنجو پھريتو پٽ ڄڻيو ۽ انھيءَ کي ٻنڌڻن ۾ ويڙھي آھر ۾ کڻي رکيائين، ڇاڪاڻ⁠تہ مسافرخاني ۾ ھنن کي جاءِ ڪانہ ملي. ريڍار ۽ ملائڪ 8انھيءَ علائقي ۾ ڪن ريڍارن رات جو ٻنين ۾ پنھنجن ڌڻن جي سنڀال پئي ڪئي، 9تہ انھن وٽ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ اچي بيٺو ۽ خداوند جو جلوو انھن جي چوڌاري چمڪڻ لڳو، جنھن ڪري ھو ڏاڍا ڊڄي ويا. 10تنھن تي ملائڪ چين تہ ”ڊڄو نہ، ڇالاءِ⁠جو مون اوھان لاءِ ھڪ وڏي خوشخبري آندي آھي، جيڪا سڄي قوم لاءِ ھوندي. 11ڇوتہ اڄ دائود جي شھر ۾ اوھان لاءِ ھڪڙو ڇوٽڪاري ڏيڻ وارو ڄائو آھي، جو مسيح خداوند آھي. 12انھيءَ جي ثابتيءَ لاءِ ھڪ نشاني اٿوَ تہ اوھين ھڪ ٻارڙي کي ٻنڌڻن ۾ ويڙھيل آھر ۾ پيل ڏسندا.“ 13اوچتو انھن کي انھيءَ ملائڪ سان گڏ ھڪڙو وڏو آسماني لشڪر ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو خدا جي واکاڻ ڪندو ھيئن چوندو پئي آيو تہ 14”عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ ۽ زمين تي انھن ماڻھن لاءِ صلح وَ سلامتي، جن کان ھو راضي آھي.“ 15جڏھن ملائڪ انھن وٽان موٽي آسمان ڏانھن ويا تڏھن ريڍار ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”ھلو تہ بيت⁠لحم ھلون. ھيءَ ڳالھہ جا ٿي آھي ۽ جنھن جي خداوند اسان کي خبر ڏني آھي سا ھلي ڏسون.“ 16تنھنڪري ھو تڪڙا تڪڙا ويا تہ مريم ۽ يوسف ملين ۽ ٻارڙو آھر ۾ پيل ڏٺائون. 17ھي ڏسندي ريڍار ٻار بابت اھو ٻڌائڻ لڳا جيڪو ملائڪ کان ٻڌو ھئائون. 18جيڪي ڳالھيون ريڍارن ڪيون سي جن بہ ٻڌيون سي سڀ حيرت ۾ پئجي ويا. 19مريم ھي سڀ ڳالھيون ياد ڪيون ۽ دل ۾ سانڍي انھن تي ويچار ڪرڻ لڳي. 20ريڍارن جيڪي ٻڌو ۽ ڏٺو تنھن تي خدا جي ساراھہ ۽ واکاڻ ڪندي موٽيا، ڇالاءِ⁠جو اھو ائين ئي ھو جيئن انھن کي ٻڌايو ويو ھو. عيسيٰ جو نالو رکجڻ 21 اٺن ڏينھن کان پوءِ جڏھن ھن جي سنت ڪرڻ جو وقت آيو تہ سندس نالو عيسيٰ رکيائون، جيڪو ھن جي پيٽ ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي ملائڪ رکيو ھو.

عيسيٰ کي ھيڪل ۾ آڻڻ

22 جڏھن موسيٰ جي شريعت موجب پاڪ ٿيڻ جا مقرر ڏينھن پورا ٿيا تڏھن يوسف ۽ مريم عيسيٰ کي خداوند جي آڏو حاضر ڪرڻ لاءِ يروشلم ۾ کڻي آيا. 23 خداوند جي شريعت ۾ لکيل آھي تہ ”ھر ڪو پھريتو پٽ خداوند جي لاءِ وقف ڪيو وڃي.“ 24سو اھي خداوند جي شريعت جي فرضن موجب قرباني پيش ڪرڻ آيا، جنھن ۾ لکيل آھي تہ ”ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر ھجن.“ 25تن ڏينھن ۾ يروشلم ۾ ھڪڙو ماڻھو رھندو ھو جنھن جو نالو شمعون ھو. ھو سچار ۽ نيڪ ماڻھو ھو ۽ ھو بني اسرائيل جي بچاءَ لاءِ منتظر ھو. ان سان پاڪ روح ھوندو ھو، 26جنھن کيس ٻڌايو ھو تہ ”جيستائين خداوند جي مسيح کي نہ ڏسندين، تيستائين ڪين مرندين.“ 27پاڪ روح جي ھدايت تي شمعون ھيڪل ۾ آيو. جڏھن ماءُ⁠پيءُ ٻارڙي عيسيٰ کي شريعت جا فرض پورا ڪرڻ لاءِ ھيڪل ۾ کڻي آيا 28تڏھن شمعون ٻارڙي کي پنھنجن ھٿن تي کنيو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائين تہ 29”اي مالڪ! ھاڻي تون پنھنجي ٻانھي کي پنھنجي واعدي موجب سلامتيءَ سان موڪل. 30ڇالاءِ⁠جو منھنجين اکين تنھنجو ڇوٽڪارو ڏٺو آھي، 31جيڪو تو سڀني قومن اڳيان تيار ڪيو آھي، 32 يعني غير قومن لاءِ تنھنجي رستي تي ھلڻ ڪاڻ روشنائي ۽ تنھنجي قوم بني اسرائيل لاءِ وڏائي.“ 33ٻار جا ماءُ⁠پيءُ حيران ھئا تہ انھيءَ بابت ڇا ڇا نہ پيو چئجي! 34شمعون انھن کي مبارڪون ڏنيون ۽ ٻار جي ماءُ مريم کي چيائين تہ ”ھي ٻار بني اسرائيل ۾ گھڻن جي ڪرڻ ۽ چڙھڻ جو سبب مقرر ڪيو ويو آھي. ھو خدا جي طرف کان ھڪ نشان ھوندو، جنھن جي ڪيترائي مخالفت ڪندا، 35جنھنڪري سندن دلين جا ڳُجھہ ظاھر ٿيندا. تو کي ايترو ڏک پھچندو، جيڪو تلوار وانگر تنھنجي دل گھائي ڇڏيندو.“ 36آشر قبيلي جي ھڪ شخص فينوايل جي ڌيءَ حنا ھڪ نبياڻي ھئي. ھوءَ ھڪ پوڙھي عورت ھئي، جيڪا شاديءَ کان پوءِ ست سال مڙس سان گڏ رھي 37۽ پوءِ رن⁠زال ٿي. ھاڻي سندس عمر چوراسي ورھيہ ھئي، پر ڪڏھن بہ ھيڪل کان پير ٻاھر نہ ڪڍيائين ۽ رات ڏينھن روزا رکي، دعائون گھري پئي عبادت ڪندي ھئي. 38سا بہ انھيءَ وقت آئي ۽ خدا جو شڪر ڪيائين ۽ انھن سڀني سان ھن ٻار بابت ڳالھيون ڪرڻ لڳي، جيڪي انتظار ۾ ھئا تہ خدا يروشلم کي آزادي ڏيندو.

ناصرت ڏانھن واپسي

39 عيسيٰ جي ماءُ⁠پيءُ جڏھن خداوند جي شريعت جي فرضن جي بجاآوري ڪئي، تڏھن گليل علائقي ۾ پنھنجي اباڻي شھر ناصرت ڏانھن موٽيا. 40ٻار وڌندو ۽ زور وٺندو ويو. ھو سياڻپ سان ڀربو ويو ۽ خدا جو فضل ھن سان ساڻ ھو.

ننڍي عيسيٰ جو ھيڪل ۾ وڃڻ

41 عيسيٰ جا ماءُ⁠پيءُ ھر سال يروشلم ڏانھن عيد فصح جي موقعي تي ويندا ھئا. 42جڏھن عيسيٰ ٻارھن سالن جو ٿيو تہ اھي دستور موجب عيد فصح تي ويا. 43جڏھن عيد جا ڏينھن پورا ٿيا تہ ھو گھر ڏانھن موٽڻ لڳا. پر ڇوڪرو عيسيٰ يروشلم ۾ رھجي وين ۽ سندس ماءُ⁠پيءُ کي خبر نہ ھئي. 44انھن سمجھيو پئي تہ ھو قافلي سان آھي، سو انھن سڄو ڏينھن سفر ڪيو ۽ پوءِ عيسيٰ کي مائٽن ۽ دوستن ۾ ڳولڻ شروع ڪيائون. 45جڏھن انھن کيس نہ لڌو تہ ھو سندس ڳولا لاءِ موٽي يروشلم ۾ آيا. 46ٽئين ڏينھن تي ھنن عيسيٰ کي ھيڪل ۾ لڌو، جتي ھو يھودين جي عالمن سان ويٺو ھو ۽ انھن جي ٻڌي ساڻن سوال جواب پئي ڪيائين. 47جن بہ ھن کي ٻڌو ٿي، سي سڀيئي ھن جي عقل ۽ حاضرجوابيءَ تي عجب پيا کائين. 48جڏھن ھن کي ڏٺائون تہ ھن جا ماءُ⁠پيءُ حيران ٿي ويا. ھن جي ماءُ ھن کي چيو تہ ”پُٽ، تو اسان سان ائين ڇو ڪيو؟ تنھنجو پيءُ ۽ آءٌ تو کي ڳولي لھڻ لاءِ سخت پريشان ھئاسين.“ 49تنھن تي ھن انھن کي جواب ڏنو تہ ”اوھان مون کي ڇو پئي ڳوليو؟ ڇا اوھان کي خبر نہ آھي تہ مون کي پنھنجي پيءُ جي گھر ۾ رھڻ کپي؟“ 50پر اھي ھن جي ڳالھہ سمجھي نہ سگھيا. 51پوءِ عيسيٰ انھن سان گڏجي ناصرت ۾ آيو، جتي ھو انھن جو فرمانبردار ٿي رھيو. ھن جي ماءُ ھي سڀ ڳالھيون پنھنجي دل ۾ سانڍي رکيون. 52 عيسيٰ قد ۽ سياڻپ سان گڏوگڏ خدا ۽ ماڻھن جي مقبوليت ۾ بہ وڌندو ويو.

لوقا 2

عيسيٰ جو ڄمڻ

1انھن ڏينھن ۾ شھنشاھہ اگستس ھڪڙو حڪم⁠نامو جاري ڪيو تہ سڄي شھنشاھت ۾ آدمشماري ڪئي وڃي. 2اھا پھرين آدمشماري ھئي جا شام جي گورنر ڪورنيس جي ڏينھن ۾ ٿي. 3تنھنڪري ھر ڪو پنھنجي پنھنجي شھر ۾ پنھنجو نالو لکائڻ ويو. 4يوسف دائود جي گھراڻي ۽ نسل مان ھو. تنھنڪري ھو بہ گليل جي شھر ناصرت مان يھوديہ ڏانھن دائود جي شھر ۾ ويو، جنھن کي بيت⁠لحم چون ٿا. 5ھو انھيءَ لاءِ ويو تہ پنھنجي مڱينديءَ مريم سان گڏ نالو لکائي جا پيٽ سان ھئي. 6جڏھن ھو بيت⁠لحم ۾ ھئا تہ مريم جي ٻار ڄڻڻ جو وقت اچي ويو. 7ھن پنھنجو پھريتو پٽ ڄڻيو ۽ انھيءَ کي ٻنڌڻن ۾ ويڙھي آھر ۾ کڻي رکيائين، ڇاڪاڻ⁠تہ مسافرخاني ۾ ھنن کي جاءِ ڪانہ ملي.

ريڍار ۽ ملائڪ

8انھيءَ علائقي ۾ ڪن ريڍارن رات جو ٻنين ۾ پنھنجن ڌڻن جي سنڀال پئي ڪئي، 9تہ انھن وٽ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ اچي بيٺو ۽ خداوند جو جلوو انھن جي چوڌاري چمڪڻ لڳو، جنھن ڪري ھو ڏاڍا ڊڄي ويا. 10تنھن تي ملائڪ چين تہ ”ڊڄو نہ، ڇالاءِ⁠جو مون اوھان لاءِ ھڪ وڏي خوشخبري آندي آھي، جيڪا سڄي قوم لاءِ ھوندي. 11ڇوتہ اڄ دائود جي شھر ۾ اوھان لاءِ ھڪڙو ڇوٽڪاري ڏيڻ وارو ڄائو آھي، جو مسيح خداوند آھي. 12انھيءَ جي ثابتيءَ لاءِ ھڪ نشاني اٿوَ تہ اوھين ھڪ ٻارڙي کي ٻنڌڻن ۾ ويڙھيل آھر ۾ پيل ڏسندا.“ 13اوچتو انھن کي انھيءَ ملائڪ سان گڏ ھڪڙو وڏو آسماني لشڪر ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو خدا جي واکاڻ ڪندو ھيئن چوندو پئي آيو تہ 14”عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ ۽ زمين تي انھن ماڻھن لاءِ صلح وَ سلامتي، جن کان ھو راضي آھي.“ 15جڏھن ملائڪ انھن وٽان موٽي آسمان ڏانھن ويا تڏھن ريڍار ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”ھلو تہ بيت⁠لحم ھلون. ھيءَ ڳالھہ جا ٿي آھي ۽ جنھن جي خداوند اسان کي خبر ڏني آھي سا ھلي ڏسون.“ 16تنھنڪري ھو تڪڙا تڪڙا ويا تہ مريم ۽ يوسف ملين ۽ ٻارڙو آھر ۾ پيل ڏٺائون. 17ھي ڏسندي ريڍار ٻار بابت اھو ٻڌائڻ لڳا جيڪو ملائڪ کان ٻڌو ھئائون. 18جيڪي ڳالھيون ريڍارن ڪيون سي جن بہ ٻڌيون سي سڀ حيرت ۾ پئجي ويا. 19مريم ھي سڀ ڳالھيون ياد ڪيون ۽ دل ۾ سانڍي انھن تي ويچار ڪرڻ لڳي. 20ريڍارن جيڪي ٻڌو ۽ ڏٺو تنھن تي خدا جي ساراھہ ۽ واکاڻ ڪندي موٽيا، ڇالاءِ⁠جو اھو ائين ئي ھو جيئن انھن کي ٻڌايو ويو ھو.

عيسيٰ جو نالو رکجڻ

21 اٺن ڏينھن کان پوءِ جڏھن ھن جي سنت ڪرڻ جو وقت آيو تہ سندس نالو عيسيٰ رکيائون، جيڪو ھن جي پيٽ ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي ملائڪ رکيو ھو.

عيسيٰ کي ھيڪل ۾ آڻڻ

22 جڏھن موسيٰ جي شريعت موجب پاڪ ٿيڻ جا مقرر ڏينھن پورا ٿيا تڏھن يوسف ۽ مريم عيسيٰ کي خداوند جي آڏو حاضر ڪرڻ لاءِ يروشلم ۾ کڻي آيا. 23 خداوند جي شريعت ۾ لکيل آھي تہ ”ھر ڪو پھريتو پٽ خداوند جي لاءِ وقف ڪيو وڃي.“ 24سو اھي خداوند جي شريعت جي فرضن موجب قرباني پيش ڪرڻ آيا، جنھن ۾ لکيل آھي تہ ”ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر ھجن.“ 25تن ڏينھن ۾ يروشلم ۾ ھڪڙو ماڻھو رھندو ھو جنھن جو نالو شمعون ھو. ھو سچار ۽ نيڪ ماڻھو ھو ۽ ھو بني اسرائيل جي بچاءَ لاءِ منتظر ھو. ان سان پاڪ روح ھوندو ھو، 26جنھن کيس ٻڌايو ھو تہ ”جيستائين خداوند جي مسيح کي نہ ڏسندين، تيستائين ڪين مرندين.“ 27پاڪ روح جي ھدايت تي شمعون ھيڪل ۾ آيو. جڏھن ماءُ⁠پيءُ ٻارڙي عيسيٰ کي شريعت جا فرض پورا ڪرڻ لاءِ ھيڪل ۾ کڻي آيا 28تڏھن شمعون ٻارڙي کي پنھنجن ھٿن تي کنيو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائين تہ 29”اي مالڪ! ھاڻي تون پنھنجي ٻانھي کي پنھنجي واعدي موجب سلامتيءَ سان موڪل. 30ڇالاءِ⁠جو منھنجين اکين تنھنجو ڇوٽڪارو ڏٺو آھي، 31جيڪو تو سڀني قومن اڳيان تيار ڪيو آھي، 32 يعني غير قومن لاءِ تنھنجي رستي تي ھلڻ ڪاڻ روشنائي ۽ تنھنجي قوم بني اسرائيل لاءِ وڏائي.“ 33ٻار جا ماءُ⁠پيءُ حيران ھئا تہ انھيءَ بابت ڇا ڇا نہ پيو چئجي! 34شمعون انھن کي مبارڪون ڏنيون ۽ ٻار جي ماءُ مريم کي چيائين تہ ”ھي ٻار بني اسرائيل ۾ گھڻن جي ڪرڻ ۽ چڙھڻ جو سبب مقرر ڪيو ويو آھي. ھو خدا جي طرف کان ھڪ نشان ھوندو، جنھن جي ڪيترائي مخالفت ڪندا، 35جنھنڪري سندن دلين جا ڳُجھہ ظاھر ٿيندا. تو کي ايترو ڏک پھچندو، جيڪو تلوار وانگر تنھنجي دل گھائي ڇڏيندو.“ 36آشر قبيلي جي ھڪ شخص فينوايل جي ڌيءَ حنا ھڪ نبياڻي ھئي. ھوءَ ھڪ پوڙھي عورت ھئي، جيڪا شاديءَ کان پوءِ ست سال مڙس سان گڏ رھي 37۽ پوءِ رن⁠زال ٿي. ھاڻي سندس عمر چوراسي ورھيہ ھئي، پر ڪڏھن بہ ھيڪل کان پير ٻاھر نہ ڪڍيائين ۽ رات ڏينھن روزا رکي، دعائون گھري پئي عبادت ڪندي ھئي. 38سا بہ انھيءَ وقت آئي ۽ خدا جو شڪر ڪيائين ۽ انھن سڀني سان ھن ٻار بابت ڳالھيون ڪرڻ لڳي، جيڪي انتظار ۾ ھئا تہ خدا يروشلم کي آزادي ڏيندو.

ناصرت ڏانھن واپسي

39 عيسيٰ جي ماءُ⁠پيءُ جڏھن خداوند جي شريعت جي فرضن جي بجاآوري ڪئي، تڏھن گليل علائقي ۾ پنھنجي اباڻي شھر ناصرت ڏانھن موٽيا. 40ٻار وڌندو ۽ زور وٺندو ويو. ھو سياڻپ سان ڀربو ويو ۽ خدا جو فضل ھن سان ساڻ ھو.

ننڍي عيسيٰ جو ھيڪل ۾ وڃڻ

41 عيسيٰ جا ماءُ⁠پيءُ ھر سال يروشلم ڏانھن عيد فصح جي موقعي تي ويندا ھئا. 42جڏھن عيسيٰ ٻارھن سالن جو ٿيو تہ اھي دستور موجب عيد فصح تي ويا. 43جڏھن عيد جا ڏينھن پورا ٿيا تہ ھو گھر ڏانھن موٽڻ لڳا. پر ڇوڪرو عيسيٰ يروشلم ۾ رھجي وين ۽ سندس ماءُ⁠پيءُ کي خبر نہ ھئي. 44انھن سمجھيو پئي تہ ھو قافلي سان آھي، سو انھن سڄو ڏينھن سفر ڪيو ۽ پوءِ عيسيٰ کي مائٽن ۽ دوستن ۾ ڳولڻ شروع ڪيائون. 45جڏھن انھن کيس نہ لڌو تہ ھو سندس ڳولا لاءِ موٽي يروشلم ۾ آيا. 46ٽئين ڏينھن تي ھنن عيسيٰ کي ھيڪل ۾ لڌو، جتي ھو يھودين جي عالمن سان ويٺو ھو ۽ انھن جي ٻڌي ساڻن سوال جواب پئي ڪيائين. 47جن بہ ھن کي ٻڌو ٿي، سي سڀيئي ھن جي عقل ۽ حاضرجوابيءَ تي عجب پيا کائين. 48جڏھن ھن کي ڏٺائون تہ ھن جا ماءُ⁠پيءُ حيران ٿي ويا. ھن جي ماءُ ھن کي چيو تہ ”پُٽ، تو اسان سان ائين ڇو ڪيو؟ تنھنجو پيءُ ۽ آءٌ تو کي ڳولي لھڻ لاءِ سخت پريشان ھئاسين.“ 49تنھن تي ھن انھن کي جواب ڏنو تہ ”اوھان مون کي ڇو پئي ڳوليو؟ ڇا اوھان کي خبر نہ آھي تہ مون کي پنھنجي پيءُ جي گھر ۾ رھڻ کپي؟“ 50پر اھي ھن جي ڳالھہ سمجھي نہ سگھيا. 51پوءِ عيسيٰ انھن سان گڏجي ناصرت ۾ آيو، جتي ھو انھن جو فرمانبردار ٿي رھيو. ھن جي ماءُ ھي سڀ ڳالھيون پنھنجي دل ۾ سانڍي رکيون. 52 عيسيٰ قد ۽ سياڻپ سان گڏوگڏ خدا ۽ ماڻھن جي مقبوليت ۾ بہ وڌندو ويو.

لوقا 3

يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي تبليغ

1تبريس قيصر جي حڪومت جو پندرھون سال ھو. انھن ڏينھن ۾ يھوديہ جو گورنر پنطيس پلاطس ھو ۽ گليل جو حاڪم ھيروديس ھو. اِيتوريا ۽ ترخونيتس جو حاڪم ھيروديس جو ڀاءُ فلپس ھو. ابلينيءَ جو حاڪم لسانياس ھو، 2۽ حنا ۽ قائفا سردار ڪاھن ھئا. انھن ڏينھن ۾ خدا جو ڪلام ذڪريا جي پٽ يحيٰ تي رڻ⁠پٽ ۾ نازل ٿيو. 3ھو اردن درياءَ جي چوطرف ساري علائقي ۾ ويو ۽ ماڻھن ۾ تبليغ ڪيائين تہ ”توبھہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو تہ اوھان کي پنھنجن گناھن جي معافي ملي.“ 4 جيئن يسعياہ نبيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آھي تہ ”رڻ⁠پٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ ’خداوند لاءِ رستو تيار ڪريو. ھن جي لاءِ واٽون سڌيون ڪريو. 5سڀڪا ماٿري ڀرجي پوندي، ۽ ھر ڪو جبل ۽ ٽڪري سنئين ڪئي ويندي. ڏنگا رستا سڌا ٿيندا ۽ کڏن کوٻن واريون واٽون سنيون ٿينديون. 6ساري انسانذات خدا جو ڇوٽڪارو ڏسندي.‘“ 7 تڏھن ماڻھن جا جيڪي ميڙ کانئس بپتسما وٺڻ آيا پئي، تن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوھان کي ڪنھن ٻڌايو آھي تہ اوھين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟ 8 اھڙا ڪم ڪريو جن مان خبر پوي تہ اوھان سچ⁠پچ پنھنجن گناھن تي پڇتايو آھي. پاڻ ۾ ائين نہ چئو تہ ’اسين ابراھيم جو اولاد آھيون.‘ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھنن پٿرن مان بہ خدا ابراھيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو. 9 بلڪ ھاڻي تہ وڻن جي پاڙن تي ڪھاڙو تيار رکيو ويو آھي ۽ جيڪڏھن ڪو وڻ سٺو ميوو نہ ٿو ڏئي تہ کيس وڍي باھہ ۾ اڇلائبو.“ 10تنھن تي ماڻھن کانئس پڇيو تہ ”پوءِ اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ 11ھن ورندي ڏنن تہ ”جنھن وٽ ٻہ پھراڻ ھجن تہ اھو ھڪ انھيءَ کي ڏئي جنھن کي ھڪ بہ ڪونھي ۽ جنھن وٽ کاڌو آھي، سو بہ اھو ورھائي.“ 12 محصول اڳاڙيندڙ پڻ بپتسما وٺڻ آيا ۽ انھن پڇيس تہ ”اي استاد! اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ 13تنھن تي انھن کي چيائين تہ ”مقرر اگھہ کان وڌيڪ نہ اڳاڙيو.“ 14سپاھين بہ پڇيس تہ ”ڀلا اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ تن کي چيائين تہ ”ڪنھن کي دٻائي ڌمڪائي زوريءَ پيسا نہ وٺو، پر پنھنجي پگھار مان پورت ڪريو.“ 15ماڻھو انھيءَ ويچار ۾ ھئا تہ ”ڇا ھي مسيح تہ نہ آھي!“ 16تنھن تي يحيٰ انھن سڀني کي جواب ڏنو تہ ”آءٌ اوھان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، پر اھو اچڻ وارو آھي جيڪو مون کان وڌيڪ قدرت وارو آھي ۽ آءٌ سندس جتيءَ جون ڪھيون ڇوڙڻ جي لائق بہ نہ آھيان. اھو اوھان کي پاڪ روح ۽ باھہ سان بپتسما ڏيندو. 17ھن کي پنھنجو ڇڄ ھٿ ۾ آھي تہ جيئن پنھنجي ڳاھہ جي پِڙ کي چڱيءَ طرح صاف ڪري ۽ ڪڻڪ کي ميڙي پنھنجي ڀانڊي ۾ رکي. پر بُھہ کي اھڙيءَ باھہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جا وسامڻ جي نہ آھي.“ 18يحيٰ ماڻھن کي ٻيون بہ ڪيتريون ئي ھدايتون ڏيئي خوشخبري ٻڌائيندو رھيو. 19 پر ھيروديس کي جھڻڪيائين، ڇالاءِ⁠جو ھو پنھنجي ڀاءُ فلپس جي زال ھيرودياس سان پرڻيو ھو ۽ ٻيا بہ برا ڪم ڪيا ھئائين. 20پوءِ ھيروديس ھڪ وڌيڪ خرابي ڪئي جو يحيٰ کي کڻي جيل ۾ وڌائين.

عيسيٰ جو بپتسما وٺڻ

21جڏھن سڀ ماڻھو بپتسما وٺي چڪا تہ عيسيٰ بہ بپتسما ورتي. انھيءَ مھل ھن جي دعا گھرندي آسمان کلي پيو، 22 ۽ پاڪ روح ڪبوتر جي صورت ۾ مٿس اچي لٿو. آسمان مان آواز آيو تہ ”تون منھنجو پيارو فرزند آھين. آءٌ تو مان گھڻو خوش آھيان.“

عيسيٰ جو شجرو

23جڏھن عيسيٰ پاڻ تعليم ڏيڻ شروع ڪئي، تڏھن سندس عمر اٽڪل ٽيھہ ورھيہ ھئي. عيسيٰ کي يوسف جو پٽ سمجھيو ويندو ھو، يوسف پٽ عيليءَ جو ھو، 24۽ عيلي پٽ متات جو، متات پٽ لاويءَ جو، لاوي پٽ ملڪيءَ جو، ملڪي پٽ ينا جو ۽ ينا پٽ يوسف جو، 25يوسف پٽ متٿياہ جو، متٿياہ پٽ عاموس جو، عاموس پٽ ناحوم جو، ناحوم پٽ اِسليءَ جو ۽ اِسلي پٽ نوگيءَ جو، 26نوگي پٽ ماعت جو، ماعت پٽ متٿياہ جو، متٿياہ پٽ شمعيءَ جو، شمعي پٽ يوسيح جو ۽ يوسيح پٽ يودا جو، 27يودا پٽ يوحنا جو، يوحنا پٽ رسيا جو، رسيا پٽ زربابل جو، زربابل پٽ شئلتي⁠ايل جو ۽ شئلتي⁠ايل پٽ نيريءَ جو، 28نيري پٽ ملڪيءَ جو، ملڪي پٽ اديءَ جو، ادي پٽ قوسام جو، قوسام پٽ المودام جو ۽ المودام پٽ عير جو، 29عير پٽ يشوع جو، يشوع پٽ اليعزر جو، اليعزر پٽ يوريم جو، يوريم پٽ متات جو ۽ متات پٽ لاويءَ جو، 30لاوي پٽ شمعون جو، شمعون پٽ يھوداہ جو، يھوداہ پٽ يوسف جو، يوسف پٽ يونان جو ۽ يونان پٽ الياقيم جو، 31الياقيم پٽ ملي⁠آہ جو، ملي⁠آہ پٽ مناہ جو، مناہ پٽ متٿاہ جو، متٿاہ پٽ ناتن جو ۽ ناتن پٽ دائود جو، 32دائود پٽ يشيءَ جو، يشي پٽ عوبيد جو، عوبيد پٽ بوعز جو، بوعز پٽ سلمون جو ۽ سلمون پٽ نحشون جو، 33نحشون پٽ عميناداب جو، عميناداب پٽ ارنيءَ جو، ارني پٽ حصرون جو، حصرون پٽ فارص جو ۽ فارص پٽ يھوداہ جو، 34يھوداہ پٽ يعقوب جو، يعقوب پٽ اسحاق جو، اسحاق پٽ ابراھيم جو، ابراھيم پٽ تاراہ جو ۽ تاراہ پٽ نحور جو، 35نحور پٽ سروگ جو، سروگ پٽ رعو جو، رعو پٽ فلگ جو، فلگ پٽ عبر جو ۽ عبر پٽ شلح جو، 36شلح پٽ قينان جو، قينان پٽ ارفڪشد جو، ارفڪشد پٽ سام جو، سام پٽ نوح جو ۽ نوح پٽ لمڪ جو، 37لمڪ پٽ متوشاايل جو، متوشاايل پٽ حنوڪ جو، حنوڪ پٽ يارد جو، يارد پٽ مھال⁠ايل جو ۽ مھال⁠ايل پٽ قينان جو، 38قينان پٽ انوش جو، انوش پٽ سيت جو، سيت پٽ آدم جو ۽ آدم خدا جو فرزند ھو.

لوقا 4

عيسيٰ جي آزمائش

1عيسيٰ اردن مان پاڪ روح سان ڀرجي موٽيو ۽ پاڪ روح جي ھدايت سان چاليھہ ڏينھن بيابان ۾ گھميو پئي، 2جتي شيطان ھن کي آزمايو. انھن ڏينھن ۾ ھن ڪجھہ بہ نہ کاڌو، پر جڏھن اھي ڏينھن گذري ويا تہ پوءِ ھن کي بک لڳي. 3تنھن تي شيطان چيس تہ ”جيڪڏھن تون خدا جو فرزند آھين تہ ھن پھڻ کي حڪم ڪر تہ ماني ٿي پوي.“ 4 عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’ماڻھو رڳو مانيءَ تي جيئرو نہ ٿو رھي.‘“ 5پوءِ شيطان کيس ھڪ مٿاھينءَ جاءِ تي وٺي ويو ۽ ھڪ پل ۾ دنيا جون مڙيئي بادشاھتون ڏيکاريائينس. 6شيطان چيس تہ ”آءٌ تو کي انھن سڀني جي حڪومت ۽ شان وَ شوڪت ڏيندس ڇوتہ اھو مون تي ڇڏيل آھي تہ جنھن کي چاھيان تنھن کي ڏيان. 7سو جيڪڏھن تون مون کي سجدو ڪندين تہ اھو سڀ ڪجھہ تنھنجو ٿيندو.“ 8 تنھن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’تون رڳو خداوند پنھنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انھيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“ 9تنھن کان پوءِ شيطان کيس يروشلم ۾ وٺي ويو ۽ ھيڪل جي تمام مٿاھين ڪنگريءَ تي بيھاري چيائينس تہ ”جيڪڏھن تون خدا جو فرزند آھين تہ ھتان پاڻ کي ڪيراءِ، 10 ڇالاءِ⁠جو اھو لکيل آھي تہ ’خدا پنھنجي ملائڪن کي تو لاءِ حڪم ڪندو، جيڪي تنھنجي سنڀال ڪندا. 11 اھي تو کي پنھنجن ھٿن تي جھليندا تہ جيئن تنھنجو پير پٿر تي نہ لڳي.‘“ 12 عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”ھي لکيل آھي تہ ’تون خداوند پنھنجي خدا کي نہ آزماءِ.‘“ 13پوءِ جڏھن شيطان عيسيٰ کي ھر طرح سان آزمائي چڪو تہ ڪجھہ وقت لاءِ وٽانئس ھليو ويو.

عيسيٰ جو گليل ۾ ڪم شروع ڪرڻ

14پوءِ عيسيٰ جنھن سان پاڪ روح جي طاقت گڏ ھئي، سو گليل علائقي ڏانھن موٽيو. سندس ھاڪ سڄي علائقي ۾ ھُلي ويئي. 15ھن عبادت⁠خانن ۾ تعليم ڏني ۽ سڀني سندس ساراھہ ڪئي.

ناصرت ۾ عيسيٰ جي مخالفت

16پوءِ ھو ناصرت ۾ آيو جتي سندس پالنا ٿي ھئي. سبت جي ڏينھن تي دستور موجب ھو عبادت⁠خاني ۾ ويو ۽ تلاوت ڪرڻ لاءِ اٿي بيٺو. 17کيس يسعياہ نبيءَ جو ڪتاب ڏنو ويو ۽ ھن اھو ھنڌ کوليو جتي لکيل ھو تہ 18 ”خداوند جو روح مون سان آھي، ڇوتہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ مون کي مسح ڪري چونڊيو اٿس. ھن مون کي موڪليو آھي تہ قيدين جي رھائيءَ ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان. ۽ ستايلن جي دلجوئي ڪريان، 19۽ اعلان ڪريان تہ خداوند جي مھربانين جو سال آيو آھي.“ 20پوءِ عيسيٰ ڪتاب بند ڪري خدمتگار کي ڏنو ۽ پاڻ ويھي رھيو. عبادت⁠خاني ۾ سڀيئي ھن کي چتائي ڏسن پيا. 21تڏھن ھنن کي ٻڌايائين تہ ”اڄ اوھان جي ٻڌندي ئي ھيءَ لکت پوري ٿي آھي.“ 22سڀيئي سندس نيڪي ڪرڻ لڳا ۽ عجب کائين پيا تہ ھن جي واتان ڪھڙا نہ مھر ڀريا لفظ نڪتا پئي ۽ چوڻ لڳا تہ ”ڇا ھي يوسف جو پٽ نہ آھي؟“ 23عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين ضرور اھا چوڻي مون کي ٻڌائيندا تہ ’ڊاڪٽر، پاڻ کي تہ ڇٽاءِ،‘ ۽ ھيئن بہ چوندا تہ ’ھتي پنھنجي وطن ۾ بہ ائين ڪري ڏيکار جيئن ڪفرناحوم بابت ٻڌون ٿا.‘“ 24 تنھن تي انھن کي چيائين تہ ”سچ پڇو تہ ڪنھن بہ نبيءَ جو پنھنجي وطن ۾ قدر نہ ٿو ٿئي. 25 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جڏھن الياس نبيءَ جي ڏينھن ۾ ساڍا ٽي سال آسمان مان بوند نہ پيئي ۽ ملڪ ۾ سخت ڏڪار پئجي ويو، تڏھن جيتوڻيڪ اسرائيل ۾ بہ ڪيتريون ئي رنون⁠زالون ھيون، 26 پر الياس نبيءَ کي پنھنجي کاڌي خوراڪ لاءِ انھن مان ڪنھن وٽ بہ نہ موڪليو ويو، بلڪ رڳو صيدا علائقي جي صارفت شھر ۾ رھندڙ ھڪ رن⁠زال وٽ ئي موڪليو ويو. 27 اليشع نبيءَ جي ڏينھن ۾ اسرائيل ۾ ڪيترائي ڪوڙھہ جھڙي مرض وارا ھئا پر انھن مان ڪنھن کي بہ شفا ڪانہ ملي، بلڪ رڳو نعمان شاميءَ کي ملي.“ 28اھي ڳالھيون ٻڌندي ئي جيڪي⁠بہ عبادت⁠خاني ۾ ھئا، سي سڀيئي ڏاڍا ڪاوڙيا، 29۽ اٿي کڙا ٿيا ۽ عيسيٰ کي گھلي شھر کان ٻاھر ڪڍيائون. جنھن ٽڪريءَ تي سندن شھر ٻڌل ھو، تنھن جي چوٽيءَ تي وٺي آيس تہ مٿان اڇلائينس. 30پر ھو انھن جي وچ مان ئي نڪري پنھنجو رستو وٺي ھليو ويو.

ڀوت ورتل ماڻھو

31ان کان پوءِ عيسيٰ گليل جي شھر ڪفرناحوم ۾ آيو، جتي سبت جي ڏينھن تي ماڻھن کي تعليم پئي ڏنائين. 32 اھي سڀيئي ھن جي تعليم تي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن جو ڪلام ائين ھو جيئن ڪو اختيار وارو ڳالھائي. 33عبادت⁠خاني ۾ ھڪڙو ماڻھو ھو جنھن تي ڪنھن ڀوت جو پاڇو ھو، تنھن وڏي رڙ ڪري چيو تہ 34”اي عيسيٰ ناصري! اسان سان تنھنجو ڪھڙو واسطو آھي؟ ڇا تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آھين؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آھين، تون ئي خدا جي ھڪ پاڪ ھستي آھين.“ 35تنھن تي عيسيٰ کيس ڇينڀي چيو تہ ”ماٺ ڪر، ھن مان نڪري وڃ.“ ڀوت ماڻھوءَ کي انھن جي اڳيان اڇلايو ۽ کيس ايذاءَ ڏيڻ کان سواءِ ٻاھر نڪري ويو. 36تنھن تي سڀني کي حيرت وٺي ويئي ۽ ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھي ڪھڙو ڪلام آھي؟ ڇالاءِ⁠جو ھو اختياريءَ ۽ قدرت سان ڀوتن کي حڪم ٿو ڏئي ۽ اھي نڪري وڃن ٿا.“ 37اوسي⁠پاسي واري علائقي ۾ جتي ڪٿي عيسيٰ جي ھاڪ پئجي ويئي.

گھڻن ماڻھن کي شفا ڏيڻ

38عيسيٰ عبادت⁠خاني مان نڪري شمعون جي گھر آيو. شمعون جي سس کي سخت بخار ھو، سو ھنن اُن جي لاءِ چيس. 39ھو ان وٽ ويو ۽ مٿانئس بيھندي بخار کي حڪم ڪيائين تہ بخار کيس ڇڏي ويو. ھوءَ ھڪدم چاق ٿي اُٿي ۽ ھنن جي خدمت ڪرڻ لڳي. 40سج لھڻ مھل ماڻھو انھن سڀني کي عيسيٰ وٽ وٺي آيا جيڪي جدا جدا بيمارين جا مريض ھئا. عيسيٰ انھن مان ھر ھڪ کي پنھنجو ھٿ لاتو تہ اھي سڀيئي ڇٽي چڱا ڀلا ٿي ويا. 41ڪيترن ئي ماڻھن مان ڀوت نڪري ويا ۽ واڪا ڪندا ويا تہ ”تون خدا جو فرزند آھين،“ ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي خبر ھئي تہ ھو مسيح آھي. پر عيسيٰ انھن کي جھڻڪيندي چيو تہ ھو ائين نہ چون.

عبادت⁠خاني ۾ تبليغ ڪرڻ

42جڏھن ڏينھن ٿيو تہ ھو نڪري ھڪڙي ويران ھنڌ تي آيو. ماڻھن جي ميڙن کيس ڳولي لڌو ۽ جھلڻ لڳس تہ ”اسان کي ڇڏي نہ وڃو.“ 43پر ھن انھن کي چيو تہ ”مون کي خدا جي بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ٻين شھرن ۾ بہ ڪرڻي آھي. ڇالاءِ⁠جو آءٌ انھيءَ لاءِ ئي تہ موڪليو ويو آھيان.“ 44ھو سڄي ملڪ جي عبادت⁠خانن ۾ تبليغ ڪندو رھيو.

لوقا 5

پھريان شاگرد سڏڻ

1 ھڪڙي دفعي جڏھن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي بيٺو ھو تہ ماڻھن جا ميڙ مٿس ڳاھٽ پئي ٿيا، انھيءَ لاءِ تہ خدا جو ڪلام ٻڌن. 2تڏھن ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي ھن ٻہ ٻيڙيون بيٺل ڏٺيون. مھاڻن ٻيڙين مان لھي پنھنجا ڄار پئي ڌوتا. 3عيسيٰ انھن مان ھڪڙيءَ ۾ چڙھي پيو، جيڪا شمعون جي ھئي. ھن شمعون کي ڪنڌيءَ کان ٿورو پرڀرو ٻيڙي ڌڪڻ لاءِ چيو، جتي ٻيڙيءَ ۾ ئي ويٺي ھن ميڙ کي تعليم ڏني. 4جڏھن عيسيٰ ڳالھائي بس ڪئي تڏھن شمعون کي چيائين تہ ”ٻيڙي اونھي پاڻيءَ ۾ ڪاھي ھل ۽ اتي اوھين شڪار لاءِ پنھنجا ڄار وجھو.“ 5 تنھن تي شمعون وراڻي ڏيئي چيس تہ ”اي سائين! اسان سڄي رات لوڙيو آھي پر ڪجھہ بہ ھٿ نہ آيو آھي، تنھن ھوندي بہ جيڪڏھن اوھين چئو ٿا تہ ڄار وجھرايان ٿو.“ 6 انھن ڄار وڌا تہ ايتريون مڇيون اچي ڦاٿيون جو ڄار پئي ٽُٽن. 7تنھن تي ٻي ٻيڙيءَ ۾ جيڪي سنگتي ھئن تن کي مدد لاءِ سڏيائون. ھو آيا ۽ مڇيءَ سان ٻئي ٻيڙيون ايتريون تہ ڀريائون جو اچي ٻڏڻ لڳيون. 8جڏھن شمعون پطرس ھي واقعو ٿيندي ڏٺو تہ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ ”اي خداوند! مون وٽان ھليا وڃو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ گنھگار آھيان.“ 9شمعون سان گڏوگڏ سندس سڀيئي سنگتي بہ ايتريون مڇيون ڦاٿل ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا. 10انھن سان گڏ شمعون جي ڀائيوار زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا بہ عجب ۾ پئجي ويا. تنھن تي عيسيٰ شمعون کي چيو تہ ”ڊڄ نہ، اڄ کان پوءِ تون ماڻھن کي ڦاسائيندين.“ 11اھي ٻيڙين کي ڌڪي ڪنڌيءَ تي ڪاھي ويا ۽ سڀ ڪجھہ ڇڏي عيسيٰ جي پٺيان ھليا.

ڪوڙھہ جھڙي مرض واري کي شفا ڏيڻ

12ھڪ دفعي عيسيٰ ڪنھن شھر ۾ ويو جتي ھڪ ماڻھو ڪوڙھہ جھڙي مرض سان ورتل ھو. ھن جڏھن عيسيٰ کي ڏٺو تہ ان جي اڳيان منھن ڀر ڪري نيزاري ڪري چيائينس تہ ”اي سائين! جيڪڏھن اوھين چاھيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“ 13عيسيٰ پنھنجو ھٿ ڊگھيريو ۽ ان کي لائيندي چيائين تہ ”آءٌ چاھيان ٿو تہ تون ڇٽي پاڪ صاف ٿيءُ.“ تڏھن ھڪدم سندس ڪوڙھہ جھڙو مرض لھي ويو. 14 پوءِ عيسيٰ کيس تاڪيد ڪري چيو تہ ”اھا ڳالھہ ڪنھن سان بہ نہ ڪجانءِ، پر سڌو وڃي ڪاھن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب پنھنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني ڪر تہ جيئن ھر ڪنھن لاءِ شاھدي ٿئي تہ تون ھاڻي ڇٽي پاڪ صاف ٿيو آھين.“ 15عيسيٰ بابت اھي ڳالھيون ھنڌين ماڳين ھُلي ويون ۽ ماڻھن جا وڏا ميڙ اچي مڙيا تہ ھن جي تعليم ٻڌن ۽ پنھنجين بيمارين کان شفا پائين. 16پر ھو پرڀرو ٻاھر اڪيلائيءَ ۾ ويندو ھو ۽ اتي وڃي دعا گھرندو ھو.

اڌرنگي ماڻھوءَ کي شفا ڏيڻ

17ھڪڙي ڏينھن عيسيٰ تعليم ڏيئي رھيو ھو تہ ڪي فريسي ۽ شريعت جا عالم بہ اتي ويٺا ھئا، جيڪي گليل ۽ يھوديہ جي ھر ڳوٺ ۽ يروشلم کان آيا ھئا. بيمارن کي شفا ڏيڻ لاءِ خداوند جي قدرت عيسيٰ سان ساڻ ھئي. 18ڪي ماڻھو ھڪ اڌرنگي ماڻھوءَ کي کٽولي تي کنيو پئي آيا ۽ ڪوشش پئي ڪيائون تہ ھن کي اندر کڻي عيسيٰ جي اڳيان رکن. 19پر ميڙ جي ڪري انھن کي اندر کڻي اچڻ لاءِ رستو نہ پئي مليو. تنھنڪري ھو ڪوٺي تي چڙھي ويا ۽ ڇت ۾ سوراخ ڪري کٽولي سوڌو کيس ھيٺ ماڻھن جي وچ ۾ عيسيٰ جي اڳيان ڪري لاٿائون. 20جڏھن عيسيٰ انھن جو ايڏو ايمان ڏٺو تہ بيمار کي چيائين تہ ”ادا، تنھنجا گناھہ بخشجي ويا.“ 21تنھن تي شريعت جا عالم ۽ فريسي دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ ”ھي ڪير آھي جو ڪفر ٿو بڪي؟ ڇالاءِ⁠جو خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناھہ بخشي نہ ٿو سگھي.“ 22عيسيٰ انھن جا ارادا سمجھي ويو ۽ کين چيائين تہ ”اوھين اھڙيون ڳالھيون ڇو ٿا سوچيو؟ 23ڇا ھي سولو آھي تہ ھن ماڻھوءَ کي چئجي تہ ’تنھنجا گناھہ تو کي بخش ٿيا،‘ يا اھو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ ۽ گھم ڦر؟‘ 24پر آءٌ اوھان تي ثابت ڪندس تہ ابن⁠آدم کي دنيا ۾ گناھہ بخشڻ جي اختياري مليل آھي.“ سو ھن اڌرنگي ماڻھوءَ کي چيو تہ ”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھر ھليو وڃ.“ 25تنھن تي ھڪدم ھو انھن جي اڳيان اُٿي کڙو ٿيو ۽ جنھن کٽولي تي پيل ھو سو کنيائين ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي گھر ڏانھن راھي ٿيو. 26ھو سڀيئي حيران ٿي ويا ۽ ڊپ ۾ ڀرجي خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”ڪھڙيون نہ عجيب ڳالھيون اسان اڄ ڏٺيون آھن.“

لاويءَ کي سڏڻ

27ھن کان پوءِ عيسيٰ ٻاھر نڪتو ۽ ڏٺائين تہ ھڪڙو لاويءَ نالي محصول اڳاڙيندڙ پنھنجي اڏي تي ويٺو آھي. عيسيٰ ان کي چيو تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“ 28لاوي اٿيو ۽ سڀ ڪجھہ ڇڏي ھن جي پٺيان ھلڻ لڳو. 29پوءِ لاويءَ پنھنجي گھر ۾ عيسيٰ جي مان ۾ وڏي دعوت ڪئي، جنھن ۾ وڏو تعداد محصول اڳاڙيندڙن جو ھو ۽ ٻيا بہ ماڻھو انھن سان گڏ ويٺا ھئا. 30 ڪن فريسين ۽ سندن شريعت جي عالمن عيسيٰ جي شاگردن تي ڪُرڪي کين چيو تہ ”ڇو اوھين محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ کائو پيئو ٿا؟“ 31تنھن تي عيسيٰ کين ورندي ڏني تہ ”تندرستن کي نہ بلڪ بيمارن کي طبيب جي گھرج ھوندي آھي. 32آءٌ نيڪن کي نہ، پر گنھگارن کي توبھہ جي طرف سڏڻ لاءِ آيو آھيان.“

روزن بابت سوال

33ڪن ماڻھن عيسيٰ کي چيو تہ ”يحيٰ جا شاگرد اڪثر روزا رکندا آھن ۽ دعائون گھرندا آھن ۽ فريسين جا شاگرد بہ ائين ڪندا آھن. پر تنھنجا شاگرد تہ کائين پيئن ٿا.“ 34عيسيٰ وراڻين تہ ”جيسين گھوٽ ڄاڃين سان آھي، تيسين اوھين انھن کي ڪو روزا رکائي سگھو ٿا ڇا؟ 35پر ڪو وقت ايندو جڏھن کانئن گھوٽ جدا ڪيو ويندو تہ انھن ڏينھن ۾ ھو بہ روزا رکندا.“ 36عيسيٰ انھن کي ھي مثال بہ ٻڌايو تہ ”ڪوبہ ماڻھو نون ڪپڙن مان ٽڪر ڦاڙي پراڻن ڪپڙن کي چتي نہ ٿو ھڻي. جيڪڏھن ائين ڪندو تہ ھو نوان ڪپڙا بہ ڦاڙيندو ۽ اھو ٽڪر پراڻي سان ميل بہ نہ کائيندو. 37ڪوبہ ماڻھو تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ ڪونہ ٿو ڀري، ڇوتہ تازي مئي ساندارن کي ڦاڙي وجھندي، پوءِ تہ مئي بہ ھارجي ويندي ۽ ساندارا بہ زيان ٿيندا. 38پر تازي مئي نون ساندارن ۾ ڀرڻ گھرجي. 39پراڻي مئي پيئڻ کان پوءِ ڪوبہ نئين مئي پيئڻ پسند نہ ٿو ڪري، ڇالاءِ⁠جو ھو چوي ٿو تہ ’پراڻي مئي وڌيڪ سٺي آھي.‘“

لوقا 6

سبت جي ڏينھن بابت سوال

1 عيسيٰ سبت جي ڏينھن پنھنجن شاگردن سان گڏ اَنَ وارين ٻنين مان پئي لنگھيو. سندس شاگرد سنگ پٽي ھٿن سان مھٽي ان کائڻ لڳا. 2ڪن فريسين کين چيو تہ ”اھو ڪم جيڪو سبت جي ڏينھن جائز نہ آھي سو اوھين ڇو ٿا ڪريو؟“ 3 عيسيٰ کين جواب ۾ چيو تہ ”اوھان اھو نہ پڙھيو آھي ڇا تہ جڏھن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي ھئي تہ ھن ڇا ڪيو ھو؟ 4 ھو خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو ۽ نذر جون مانيون، جيڪي ڪاھنن کان سواءِ ٻين کي کائڻ جائز نہ آھن سي کڻي کائڻ لڳو ۽ ساٿين کي بہ ڏنائين.“ 5عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”ابن⁠آدم تہ سبت جو بہ مالڪ آھي.“

سڪل ھٿ وارو ماڻھو

6ھڪڙي سبت جي ڏينھن تي عيسيٰ عبادت⁠خاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو. اُتي ھڪ ماڻھو ھو جنھن جو ساڄو ھٿ سڪل ھو. 7ڪي شريعت جا عالم ۽ فريسي انھيءَ موقعي جي تاڙ ۾ ھئا تہ عيسيٰ تي تھمت ھڻجي. انھيءَ لاءِ ھو اھو جانچي رھيا ھئا تہ آيا سبت جي ڏينھن ھو ڪنھن ماڻھوءَ کي ڇٽائي ٿو يا نہ. 8عيسيٰ کي انھن جي نيتن جي خبر پئجي ويئي. ھن سڪل ھٿ واري ماڻھوءَ کي چيو تہ ”اُٿي وچ ۾ ٿي بيھہ.“ ھو اٿي اتي اچي بيٺو. 9پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”آءٌ اوھان کان پڇان ٿو تہ سبت جي ڏينھن نيڪي ڪرڻ جائز آھي يا بدي ڪرڻ؟ ڪنھن جي جان بچائڻ يا مارڻ؟“ 10ھُن چوڌاري نھاري ان ماڻھوءَ کي چيو تہ ”پنھنجو ھٿ ڊگھو ڪر.“ ھن ائين ئي ڪيو تہ سندس ھٿ ٺيڪ ٿي ويو. 11ھو ڪاوڙ ۾ تپي باھہ ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ صلاحون ڪرڻ لڳا تہ ”عيسيٰ سان ڇا ڪرڻ گھرجي؟“

ٻارھن رسول چونڊڻ

12انھن ڏينھن ۾ عيسيٰ جبل تي دعا گھرڻ ويو. ھن ساري رات خدا کان دعا گھرڻ ۾ گذاري. 13جڏھن ڏينھن ٿيو تہ پنھنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏيائين. انھن مان ٻارھن ڄڻا چونڊيائين جن کي رسول ڪري بہ ڪوٺيائين: 14شمعون جنھن جو نالو پطرس رکيائين، سندس ڀاءُ اندرياس، يعقوب، يوحنا، فلپس ۽ برٿلمئي، 15متي، توما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ شمعون، جنھن کي ”قوم⁠پرست“ ڪري چوندا ھئا، 16يعقوب جو پٽ يھوداہ ۽ يھوداہ اسڪريوتي، جنھن بعد ۾ دغا ڪري پڪڙايس.

تعليم ڏيڻ ۽ شفا بخشڻ

17عيسيٰ ھنن سان گڏ جبل تان ھيٺ لھي ھڪ ميدان ۾ اچي بيٺو. سندس شاگردن جي وڏي جماعت ۽ سڄي يھوديہ، يروشلم، صور ۽ صيدا جي سامونڊي ڪناري کان گھڻا ماڻھو اچي مڙيا. 18ھو انھيءَ لاءِ آيا تہ سندس ڳالھيون ٻڌن ۽ پنھنجين بيمارين کان شفا پائين. جيڪي ڀوتن جا ستايل ھئا سي بہ آيا ۽ شفا پاتائون. 19سڀني ماڻھن اھا ئي پئي ڪوشش ڪئي تہ کيس ھٿ لايون، ڇالاءِ⁠جو منجھانئس قدرت پئي نڪتي ۽ سڀني کي شفا پئي بخشيائين.

مبارڪون ۽ مصيبتون

20عيسيٰ پنھنجي شاگردن ڏانھن نھاري چيو تہ ”سڀاڳا آھيو اوھين، جي غريب آھيو، ڇالاءِ⁠جو خدا جي بادشاھت اوھان جي آھي. 21سڀاڳا آھيو اوھين، جي ھاڻي بکايل آھيو، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڍاول ٿيندا. سڀاڳا آھيو اوھين، جي ھاڻي روئو ٿا، ڇالاءِ⁠جو اوھين کلندا. 22 سڀاڳا آھيو اوھين، جڏھن ماڻھو ابن⁠آدم جي ڪري توھان کي ڌڪاريندا، ناتا ٽوڙيندا، ڦٽ لعنت ڪندا ۽ ائين بہ چوندا تہ اوھين بڇڙا آھيو. 23 انھيءَ ڏينھن توھين سرھا ٿجو ۽ خوشيءَ مان ٽپ ڏجو، جو بھشت ۾ توھان لاءِ وڏو اجر آھي. انھن جي ابن ڏاڏن بہ نبين سان اھڙا ئي پير کنيا ھئا. 24پر مصيبت آھي توھان لاءِ، جيڪي ھن وقت دولتمند آھيو، ڇالاءِ⁠جو اوھين آرام وٺي چڪا. 25مصيبت آھي توھان لاءِ، جيڪي ھن وقت ڍاول آھيو، ڇالاءِ⁠جو اوھين بکون ڪڍندا. مصيبت آھي توھان لاءِ، جيڪي ھن وقت کلو ٿا، ڇالاءِ⁠جو اوھين ماتم ڪندا ۽ روئندا. 26مصيبت آھي توھان لاءِ، جڏھن سڀ ماڻھو توھان کي ساراھين ٿا، ڇالاءِ⁠جو انھن جا ابا ڏاڏا بہ نبي سڏائيندڙن سان ائين ئي ڪندا ھئا.“

دشمنن سان پيار

27”پر اي منھنجا ٻڌڻ وارؤ! آءٌ توھان کي ٻڌايان ٿو تہ پنھنجن دشمنن سان پيار ڪريو. جيڪي اوھان کان نفرت ڪن تن سان چڱائي ڪريو. 28جيڪي توھان کي پٽين تن لاءِ ڀلائي گھرو. جيڪي اوھان جي بي⁠عزتي ڪن تن لاءِ دعا گھرو. 29جيڪو توھان جي ھڪ ڳل تي چماٽ ھڻي تنھن کي ٻيو بہ ڦيرائي ڏيو. جيڪو توھان جو ڪوٽ کڻي وڃي تنھن کي پھراڻ بہ کڻي وڃڻ ڏيو. 30جيڪو توھان کان ڪجھہ گھري تنھن کي ڏيو. جيڪو توھان جو مال کڻي وڃي تنھن کان موٽائي نہ گھرو. 31 جھڙو سلوڪ اوھين ماڻھن کان چاھيو ٿا تھڙو ئي سلوڪ اوھين ٻين سان ڪريو. 32جيڪي توھان سان پيار ڪن ٿا تن سان جيڪڏھن اوھان پيار ڪيو تہ اوھان ڪھڙي مھرباني ڪئي؟ گنھگار بہ تہ پنھنجن پيار ڪندڙن سان پيار ڪن ٿا. 33جيڪي توھان سان ڀلائي ڪن ٿا تن سان جيڪڏھن توھان ڀلائي ڪئي تہ اوھان ڪھڙي مھرباني ڪئي؟ ڇالاءِ⁠جو گنھگار بہ تہ ائين ئي ڪن ٿا. 34جن کان موٽائي وٺڻ جي اميد آھي تن کي جيڪڏھن توھان اڌارو ڏنو تہ ڪھڙي مھرباني ٿي؟ گنھگار بہ تہ گنھگارن کي اڌارو ڏيئي وري انھن کان موٽائي وٺندا آھن. 35پر اوھين پنھنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو. کين اڌارو ڏيو پر واپس وٺڻ جي اميد نہ رکو، تہ توھان کي وڏو اجر ملندو ۽ اوھين خدا تعاليٰ جا ٻار ٿيندا، ڇالاءِ⁠جو ھو ناشڪرن ۽ بڇڙن تي پڻ مھربان آھي. 36مھربان ٿيو، جيئن توھان جو پيءُ مھربان آھي.“

ڏوھي ٺھرائڻ

37”ٻين کي ڏوھي نہ ٺھرايو تہ اوھان کي بہ ڏوھي نہ ٺھرايو وڃي. ٻين کي نہ ننديو تہ اوھان کي بہ نہ ننديو وڃي. ٻين کي معاف ڪريو تہ اوھان کي بہ معاف ڪيو وڃي. 38ٻين کي ڏيندا رھو تہ توھان کي بہ ملندو ۽ توھان کي واپسيءَ ۾ چڱيءَ طرح، دٻي دٻي، لوڏي لوڏي ۽ وھندڙ ڪري جھول ۾ ملندو، ڇوتہ جنھن ماپي سان توھين ڏيندا آھيو، تنھن ماپي سان ئي توھان کي ماپجي ملندو.“ 39 عيسيٰ کين ھڪ مثال ڏيئي ٻڌايو تہ ”ڇا ڪو انڌو، ٻئي انڌي کي واٽ ڏيکاري سگھندو؟ جيڪڏھن ائين ٿيو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا. 40 ڪوبہ شاگرد استاد کان مٿي نہ آھي، پر ھر ڪو شاگرد جڏھن سکيا پوري ڪندو، تڏھن استاد جھڙو ٿي پوندو. 41ڇو ٿو ڪنھن جي اک جو ڪک ڏسين ۽ پنھنجي اک ۾ جو شھتير پيو اٿيئي، ان جو تو کي ڪوبہ خيال نہ آھي؟ 42تون ڪيئن ان کي چوندين تہ ’مون کي پنھنجي اک مان ڪک ڪڍڻ ڏي،‘ جڏھن تہ پنھنجي اک ۾ شھتير پيل اٿيئي، سو بہ نہ ٿو ڏسي سگھين؟ اي رياڪار! پھريائين تون پنھنجيءَ اک مان شھتير ڪڍ، تڏھن تون ڪنھن ٻئي جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ۽ ڪڍي سگھندين.“

جھڙو وڻ تھڙو ميوو

43”ڪوبہ سٺو وڻ خراب ميوو نہ ٿو ڏئي ۽ نہ وري ڪو خراب وڻ سٺو ميوو ڏئي ٿو. 44 سڀڪنھن وڻ کي سندس ميوي مان سڃاڻبو آھي، ڇوتہ ماڻھو ڪنڊين مان انجير ۽ ڪانڊيرن مان انگور نہ ٿا ڇنن. 45 نيڪ ماڻھو پنھنجي دل جي چڱي خزاني مان جيڪو چڱو آھي سو ئي ڪڍي ٿو ۽ بڇڙو ماڻھو پنھنجي دل جي بڇڙي خزاني مان جيڪي بڇڙو آھي سو ئي ڪڍي ٿو. ڇاڪاڻ⁠تہ ’دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جو اندر ٻاھر ڪڍي سو ئي.‘“

ٻن گھرن جي اڏاوت

46”اوھين مون کي ’خداوند، خداوند‘ تہ چئو ٿا، پر جيڪي ڳالھيون اوھان کي چوان ٿو سي نہ ٿا ڪريو. 47جيڪوبہ مون وٽ اچي ٿو ۽ منھنجو ڪلام ٻڌي ان تي عمل ٿو ڪري، تہ آءٌ اوھان کي ڏيکاريندس تہ اھو ڪنھن جي مثل آھي. 48اھو انھيءَ ماڻھوءَ جي مثل آھي جنھن گھر اڏائڻ وقت اونھو کوٽيو ۽ ٽڪر تي پيڙھہ وڌائين. پوءِ جڏھن ٻوڏ آئي تہ درياءَ انھيءَ گھر کي سٽون ڏنيون پر ان کي لوڏو ئي نہ آيو، ڇاڪاڻ⁠تہ گھر مضبوط اڏيل ھو. 49پر جيڪو منھنجو ڪلام ٻڌي ٿو ۽ ان تي عمل نہ ٿو ڪري، اھو انھيءَ ماڻھوءَ مثل آھي جنھن زمين تي پيڙھہ کان سواءِ گھر اڏايو ۽ جڏھن ٻوڏ آئي ۽ ان کي سٽ ڏنائين تہ ڦَھہ ڪري ڪري پيو ۽ تباھہ ٿي ويو.“

لوقا 7

فوجي صوبيدار جي نوڪر کي شفا ڏيڻ

1جڏھن عيسيٰ ماڻھن کي پنھنجون سڀ ڳالھيون ٻڌائي چڪو، تڏھن ڪفرناحوم شھر ۾ آيو، 2جتي ھڪڙي فوجي صوبيدار جو نوڪر بيمار ھو ۽ مرڻ تي ھو. نوڪر ھن کي ڏاڍو پيارو ھو. 3سو جڏھن ھن عيسيٰ بابت ٻڌو تڏھن يھودين جي چڱن مڙسن کي عيسيٰ ڏانھن موڪليائين تہ ھو اچي سندس نوڪر کي بچائي. 4اھي عيسيٰ وٽ آيا ۽ ڏاڍيون آزيون نيزاريون ڪري عرض ڪيائون تہ ”اھو ماڻھو مدد جي لائق آھي، 5سو ان لاءِ ھيءَ مھرباني ڪريو. ھو اسان جي قوم جو گھڻگھرو آھي ۽ ھن اسان کي عبادت⁠خانو ٺھرائي ڏنو آھي.“ 6عيسيٰ انھن ماڻھن سان گڏجي ھليو. اڃا صوبيدار جي گھر جي ويجھو ئي مس پھتو تہ ھن کيس پنھنجن ماڻھن ھٿان چوائي موڪليو تہ ”اي سائين! تڪليف نہ ڪريو، آءٌ انھن ڳُڻن لائق نہ آھيان جو اوھين منھنجي جھوپڙيءَ ۾ اچو، 7نڪي مون پاڻ کي لائق سمجھيو جو اوھان وٽ اچان. پر اوھين کڻي رڳو حڪم ڪريو تہ منھنجو نوڪر ڇٽي چڱو ڀلو ٿيندو. 8آءٌ پڻ ٻين جو زيردست آھيان ۽ منھنجي ھيٺان بہ سپاھي آھن. جيڪڏھن ڪنھن کي چوان ’وڃ‘ تہ ھو ويندو ۽ ڪنھن کي چوان ’اچ‘ تہ ھو ايندو ۽ جي پنھنجي نوڪر کي چوان تہ ’ھي ڪم ڪر‘ تہ ھو ڪندو.“ 9عيسيٰ اھو ٻڌي ھن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي ماڻھو سندس پٺيان پئي آيا، تن ڏانھن منھن ورائي کين چيائين تہ ”مون ايڏو ايمان بني اسرائيل ۾ بہ ڪونہ ڏٺو.“ 10جڏھن صوبيدار جا ماڻھو گھر موٽي آيا تہ ڏٺائون تہ نوڪر بلڪل چاق ھو.

رن⁠زال جي پٽ کي جيئرو ڪرڻ

11ان کان پوءِ عيسيٰ نائين نالي شھر ۾ ويو ۽ ھن سان گڏ شاگرد ۽ ھڪ وڏو ميڙ ھو. 12جڏھن شھر جي دروازي جي ويجھو پھتو تہ ڏٺائين تہ ماڻھو ھڪڙي مُڙدي کي ٻاھر کنيو پئي ويا. اھو ماءُ جو اڪيلو پٽ ھو، جيڪا رن⁠زال ھئي. شھر جا ڪيترائي ماڻھو ان سان گڏ ھئا. 13جڏھن خداوند ان رن⁠زال کي ڏٺو، تڏھن کيس مٿس ڪھل آئي، سو چيائينس تہ ”روءُ نہ.“ 14پوءِ پاڻ جنازي جي ويجھو اچي مٿس ھٿ رکي ڪانڌين کي بيھاريائين ۽ مُڙدي کي فرمايائين تہ ”اي جوان! آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اٿ.“ 15تنھن تي اھو مُڙدو اٿي ويٺو ۽ ڳالھائڻ ٻولھائڻ لڳو. پوءِ ان ڇوڪر کي سندس ماءُ جي حوالي ڪيائين. 16انھيءَ تي سڀني ۾ ڏھڪاءُ پئجي ويو ۽ خدا جي واکاڻ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اسان ۾ ھڪڙو وڏو نبي ظاھر ٿيو آھي. خدا پنھنجي قوم تي ٻاجھہ ڪئي آھي.“ 17اھا ڳالھہ سڄي يھوديہ ۽ ڀر واري سموري علائقي ۾ چوطرف ھُلي ويئي.

يحيٰ جا قاصد

18اھي سڀ ڳالھيون يحيٰ کي سندس شاگردن وڃي ٻڌايون. تنھن تي يحيٰ پنھنجن شاگردن مان ٻن کي گھرايو. 19انھن ھٿان خداوند ڏانھن چوائي موڪليائين تہ ”جيڪو اچڻ وارو آھي، سو اوھين ئي آھيو يا اسين ڪنھن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“ 20اھي ماڻھو عيسيٰ وٽ آيا ۽ چيائون تہ ”يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري اسان کي توھان ڏانھن اھو پڇڻ لاءِ موڪليو آھي تہ جيڪو اچڻ وارو آھي، اھو اوھين آھيو يا اسين ڪنھن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“ 21انھيءَ گھڙيءَ عيسيٰ گھڻن کي مرضن، آفتن ۽ ڀوتن کان ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو ۽ ڪيترن ئي انڌن کي سڄو ڪيائين. 22 عيسيٰ چين تہ ”جيڪي ڪجھہ اوھان ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، سو يحيٰ کي وڃي ٻڌايو تہ انڌا ڏسن ٿا، منڊا ھلن ٿا، ڪوڙھہ جھڙي مرض وارا پاڪ صاف ٿين پيا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مُڙدا جيئرا ٿين ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي. 23سڀاڳو آھي اھو جنھن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آھي.“ 24جڏھن يحيٰ جا قاصد موٽي ويا، تڏھن عيسيٰ ميڙن کي يحيٰ بابت چوڻ لڳو تہ ”اوھين رڻ⁠پٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا ھئا؟ ڇا ڀلا واءُ سان لڏندڙ ڪاني کي؟ 25پر آخر ٻاھر ڇا ڏسڻ ويا؟ ڀلا سٺن ڪپڙن پاتل ماڻھوءَ کي؟ جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا ۽ عيش ۽ مزي ۾ گذارين ٿا سي بادشاھي محلن ۾ ھوندا آھن. 26پر ڀلا ڇا ڏسڻ ويا؟ ڇا ھڪ نبيءَ کي؟ ھا تہ پوءِ ٻڌو، آءٌ اوھان کي ٻڌايان تہ نبيءَ کان بہ وڏي کي. 27 يحيٰ اھو آھي جنھن بابت لکيل آھي تہ ’ڏس، آءٌ پنھنجي پيغمبر کي تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو، تہ ھو تنھنجو رستو تو لاءِ تيار ڪري.‘ 28آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪي⁠بہ ماءُ جي پيٽان نڪتا آھن، انھن ۾ يحيٰ کان ڪوبہ وڏو نہ آھي. تنھن ھوندي بہ خدا جي بادشاھت ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آھي سو يحيٰ کان وڏو آھي.“ 29 سڀني ماڻھن اھو ٻڌو. جڏھن تہ انھن مان عام ماڻھن ۽ محصول اڳاڙيندڙن يحيٰ کان بپتسما وٺي خدا کي سچار ڪري مڃيو ھو. 30پر فريسين ۽ شريعت جي عالمن يحيٰ کان بپتسما نہ وٺندي پنھنجي طرفان خدا جي ارادي کي رد ڪيو. 31پوءِ عيسيٰ چيو تہ ”ھن زماني جي ماڻھن کي آءٌ ڪنھن سان ڀيٽيان تہ اھي ڪنھن وانگر آھن؟ 32اھي تہ انھن ٻارن وانگر آھن، جيڪي بازارن ۾ ويھي ھڪٻئي کي سڏ ڪري چون ٿا تہ ’اسان اوھان لاءِ شرناءِ وڄائي پر اوھين نچيا ئي ڪين.‘ ’اسان سوڳ ڪيو پر اوھين رنا ئي ڪين.‘ 33ڇاڪاڻ⁠تہ يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو نہ ماني کائيندو ۽ نہ مئي پيئندو آيو آھي ۽ اوھين چئو ٿا تہ ’ھن کي ڀوت آھي.‘ 34پر ابن⁠آدم کائيندو پيئندو آيو آھي ۽ اوھين چئو ٿا تہ ’ڏسو، ھي پيٽو ۽ شرابي آھي ۽ محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن جو ساٿي آھي.‘ 35پر خدا جي حڪمت سياڻن مان ئي سچي ثابت ٿي ٿئي پيئي.“

گنھگار عورت جا گناھہ بخشڻ

36ان کان پوءِ فريسين مان ھڪڙي عيسيٰ کي عرض ڪيو تہ ”مون وٽ ھلي دعوت کائو.“ تڏھن ھو فريسيءَ جي گھر ويو ۽ کائڻ ويٺو. 37 انھيءَ شھر ۾ ھڪڙي گنھگار عورت رھندي ھئي. تنھن کي جڏھن اھا خبر پيئي تہ عيسيٰ ھڪڙي فريسيءَ جي گھر ماني ويٺو کائي، تڏھن ھوءَ سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ عطر کڻي آئي، 38۽ عيسيٰ جي پيرن وٽ پٺيان بيھي پنھنجن ڳوڙھن سان عيسيٰ جا پير آلا ڪيائين ۽ پنھنجن وارن سان انھن کي اُگھيائين ۽ سندس پير چمي انھن تي عطر مکيائين. 39تنھن تي فريسي، جنھن عيسيٰ جي دعوت ڪئي ھئي سو ھي ڏسي پنھنجي دل ۾ چوڻ لڳو تہ ”جيڪڏھن ھي شخص نبي ھجي ھا تہ جيڪر سڃاڻي وٺي ھا تہ ھيءَ عورت جيڪا کيس ھٿ ٿي لائي سا ڪھڙي قسم جي آھي، ڇالاءِ⁠جو ھوءَ تہ گنھگار آھي!“ 40تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اي شمعون! تو کي ڪجھہ چوڻو اٿم.“ شمعون چيو تہ ”اي استاد! بيشڪ چئو.“ 41تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”ھڪڙي لھڻيدار جا ٻہ قرضدار ھئا. ھڪڙي ڏانھن پنج ⁠سؤ چانديءَ جا سڪا ھئس ۽ ٻئي ڏانھن پنجاھہ. 42پر انھن وٽ ڪجھہ بہ ڪونہ ھو جو کڻي ان کي واپس ڪن، تنھنڪري ٻنھي کي بخشي ڇڏيائين. ھاڻي انھن ٻنھي مان کيس گھڻو پيار ڪير ڪندو؟“ 43شمعون وراڻي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ ڀانئيان ٿو تہ جنھن کي گھڻو بخش ڪيائين، اھو.“ تڏھن عيسيٰ چيو تہ ”تو صحيح جواب ڏنو.“ 44پوءِ انھيءَ عورت ڏانھن منھن ڪري شمعون کي چيائين تہ ”ھن عورت کي ڏسين ٿو؟ آءٌ تنھنجي گھر آيس تہ تو مون کي پيرن ڌوئڻ لاءِ پاڻي بہ نہ ڏنو، پر ھن منھنجا پير پنھنجن ڳوڙھن سان ڌوتا ۽ پنھنجن وارن سان اُگھيا آھن. 45تو مون کي چميو بہ ڪين، پر جيئن آءٌ آيو آھيان تہ ھن منھنجي پيرن کي چمڻ کان بس ئي ڪين ڪئي آھي. 46تو منھنجي مٿي کي تيل نہ مکيو پر ھن تہ منھنجي پيرن کي عطر مکيو آھي. 47انھيءَ ڪري آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ ھن جا گناھہ، جيڪي گھڻا ھئا بخشيا ويا آھن، تنھنڪري ھن گھڻو پيار ڪيو آھي. پر جنھن جا گناھہ ٿورا ھئا جيڪي بخشيا ويا، سو ٿورو پيار ٿو ڪري.“ 48پوءِ انھيءَ عورت کي چيائين تہ ”تنھنجا گناھہ بخشيا ويا.“ 49تڏھن جن عيسيٰ سان گڏ دسترخوان تي ويٺي کاڌو سي پنھنجيءَ دل ۾ چوڻ لڳا تہ ”ھيءُ ڪير آھي جو گناھہ بہ بخشي ٿو؟“ 50پر عيسيٰ انھيءَ عورت کي چيو تہ ”تنھنجي ايمان تو کي بچايو آھي، دلجاءِ سان ھلي وڃ.“

لوقا 8

عورتن جو عيسيٰ سان گڏجي ھلڻ

1تنھن کان پوءِ ھيئن ٿيو جو عيسيٰ شھر شھر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ تبليغ ڪندو ۽ خدا جي بادشاھت جي خوشخبري ٻڌائيندو پئي گھميو. ٻارھن شاگرد بہ ساڻس گڏ ھئا، 2 ۽ ڪي عورتون بہ ھيون جيڪي ڀوتن ۽ مرضن کان ڇٽي چڱيون ڀليون ٿيون ھيون. انھن ۾ مريم بہ ھئي، جيڪا مگدليني ڪري سڏبي ھئي ۽ جنھن مان ست ڀوت نڪتا ھئا، 3يوعانا، جيڪا ھيروديس جي صلاحڪار خوزا جي زال ھئي، سوسنا ۽ ٻيون بہ ڪيتريون عورتون ھيون جن پنھنجي مال⁠متاع سان عيسيٰ ۽ سندس ٻارھن شاگردن جي خدمت پئي ڪئي.

ٻج ڇٽڻ واري جو مثال

4جڏھن شھر شھر جا ماڻھو عيسيٰ وٽ اچي گڏ ٿيا تہ ھڪڙو وڏو ميڙ ٿي پيو. پوءِ ھڪڙو مثال ڏيندي کين چيائين تہ 5”ھڪڙو ھاري ٻج ڇٽڻ ويو ۽ ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا، جي لتاڙجي ويا ۽ پکي انھن کي چُڳي ويا. 6ڪي داڻا وري ٽڪر تي ڪريا ۽ سلا اڃا اُڀريا ئي مس تہ سڪي ويا، ڇوتہ انھن کي ريج ڪونہ پھتو ھو. 7ٻيا وري ڪانڊيرن ۾ ڪريا ۽ ڪانڊيرا، جي انھن سان گڏ اُڀريا تن اُنھن کي اُسرڻ نہ ڏنو. 8ٻيا ڀليءَ زمين تي ڪريا ۽ اُسري سوء⁠ڻو ڦر ڏنائون.“ اھي ڳالھيون ڪندي وڏي واڪي چيائين تہ ”جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي ڇڏي.“

مثالن جو مطلب

9عيسيٰ کان سندس شاگردن پڇيو تہ ”ھن مثال جو مطلب ڇا آھي؟“ 10 تنھن تي ھن چيو تہ ”اوھان کي خدا جي بادشاھت جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آھي، پر ٻين کي مثالن سان ٻڌايو ويو آھي تہ اھي نھاريندي نہ ڏسن ۽ ٻڌندي نہ سمجھن.“

ٻج ڇٽڻ واري مثال جي سمجھاڻي

11”ھاڻي انھيءَ مثال جو مطلب ھي آھي تہ ٻج آھي خدا جو ڪلام. 12جيڪي رستي تي ڪريا تنھن رستي جي معنيٰ اُھي ماڻھو آھن جيڪي ٻڌن ٿا، پوءِ شيطان اچي انھيءَ ڪلام کي سندن دلين مان ڪڍي ٿو تہ متان اھي ايمان آڻين ۽ کين ڇوٽڪارو ملي. 13ٽڪر وارا اھي ماڻھو آھن، جيڪي ڪلام ٻڌن ٿا تڏھن خوشيءَ سان قبول تہ ڪن ٿا، پر پاڙ نہ ھئڻ ڪري ٿورو وقت ايمان آڻي پوءِ آزمائش جي مھل ڦري ٿا وڃن. 14جيڪي ڪانڊيرن ۾ ڪريا سي ڪانڊيرا اھي ماڻھو آھن، جي ٻڌن تہ ٿا پر ھلندي ھلندي حياتيءَ جي ڳڻتين، دولت ۽ عيش عشرت ۾ ڦاسجي ٿا پون ۽ سندن ڦر پچي ئي ڪونہ ٿو. 15پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪريا، سا ڀلي زمين اھي ماڻھو آھن جي ڪلام ٻڌن ٿا ۽ سچيءَ دل ۽ سالم دماغ سان ان کي سانڍين ٿا ۽ صبر سان ڦر جھلين ٿا.“

ڏيئو ڍڪڻ ھيٺان رکڻ

16 ”اھڙو ڪوبہ ڪونھي جيڪو ڏيئو ٻاري ڍڪڻ سان ڍڪي، يا کٽولي ھيٺان رکي، پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي تہ جيئن اندر ايندڙن کي سوجھرو ملي. 17 مطلب تہ اھڙي ڪابہ شيءِ لڪل نہ آھي جا پڌري نہ ٿيندي ۽ ڪابہ ڳالھہ ڳجھي نہ آھي جنھن جي خبر نہ پوندي ۽ جيڪا ظاھر نہ ٿيندي. 18 تنھنڪري خبردار رھو تہ اوھين ڪھڙيءَ طرح ٿا ٻڌو، ڇوتہ جنھن وٽ ڪجھہ آھي تنھن کي وڌيڪ ڏنو ويندو ۽ جنھن وٽ ڪجھہ بہ ڪونھي تنھن کان اھو بہ کسيو ويندو جنھن کي ھو پنھنجو سمجھي ٿو.“

عيسيٰ جي ماءُ ۽ ڀائر

19عيسيٰ جي ماءُ ۽ ڀائر وٽس آيا پر ميڙ جي ڪري ھن تائين پھچي نہ سگھيا. 20تنھن تي ڪن چيس تہ ”اوھان جي ماءُ ۽ اوھان جا ڀائر ٻاھر بيٺا آھن ۽ اوھان سان ملڻ ٿا چاھين.“ 21عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”منھنجي ماءُ ۽ منھنجا ڀائر اھي آھن جيڪي خدا جو ڪلام ٻڌن ٿا ۽ ان تي عمل ڪن ٿا.“

طوفان بند ڪرڻ

22ھڪڙي ڏينھن عيسيٰ پنھنجن شاگردن سميت ٻيڙيءَ ۾ گھڙي آيو ۽ کين چيائين تہ ”ھلو تہ ڍنڍ جي پرينءَ ڀر ھلون.“ سو ھو ٻيڙي ڇوڙي روانا ٿيا. 23جيئن ھو ھليا پئي تہ عيسيٰ کي ننڊ وٺي ويئي. ڍنڍ تي ڏاڍو واءُ اچي ڇٽڪيو ۽ ٻيڙي پاڻيءَ سان ڀرجڻ لڳي ۽ انھن جي جان خطري ۾ ھئي. 24تڏھن اھي عيسيٰ وٽ آيا ۽ کيس جاڳائي چيائون تہ ”اي سائين! اي سائين! اسين تہ ٻڏڻ تي آھيون.“ تنھن تي ھو اٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي ڇينڀيائين، جنھن تي طوفان بيھجي ويو ۽ ٺاپر ٿي ويئي. 25تڏھن عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوھان جو ايمان ڪٿي آھي؟“ تنھن تي اھي ڊڄي ويا ۽ عجب وچان ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”ھي ڪير آھي جو ھوا ۽ پاڻيءَ کي حڪم ٿو ڪري تہ اھي بہ کيس مڃن ٿا!“

ڀوتن ورتل ماڻھوءَ کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ

26پوءِ اھي گراسينين جي علائقي ۾ وڃي پھتا جو گليل ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر تي آھي. 27جڏھن عيسيٰ سڪيءَ تي آيو تہ کيس شھر جو ھڪڙو ماڻھو مليو، جنھن ۾ ڀوت ھئا. ھو ڪيترن ڏينھن کان نڪي ڪپڙا پائيندو ھو ۽ نڪي گھر ۾ رھندو ھو، پر قبرستان ۾ گذاريندو ھو. 28جڏھن عيسيٰ کي ڏٺائين تڏھن رڙ ڪري سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ واڪو ڪري چيائينس تہ ”اي عيسيٰ، خدا تعاليٰ جا فرزند! مون سان تنھنجو ڪھڙو واسطو؟ آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي.“ 29ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ انھيءَ ڀوت کي حڪم ڪيو ھو تہ ”ھن ماڻھوءَ مان نڪري وڃ.“ اھو ڀوت اڪثرانھيءَ کي وٺندو ھو ۽ ماڻھو کيس زنجيرن ۽ ٻيڙين سان ٻڌي قابو ڪندا ھئا، پر ھو زنجيرن کي ٽوڙي وجھندو ھو ۽ ڀوت کيس رڻ⁠پٽ ۾ گھلي ويندو ھو. 30عيسيٰ انھيءَ ماڻھوءَ کان پڇيو تہ ”تنھنجو نالو ڇا آھي؟“ ھن جواب ڏنو تہ ”لشڪر.“ ڇوتہ منجھس گھڻن ڀوتن جو واسو ھو. 31انھن ڀوتن عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ ”اسان کي اوڙاھہ ۾ وڃڻ جو حڪم نہ ڏيو.“ 32ڀرسان ھڪڙو سوئرن جو وڏو ڌڻ ٽڪر تي پئي چريو. پوءِ ڀوتن عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ ”اسان کي ھنن ۾ گھڙڻ جي موڪل ڏيو.“ سو ھن کين موڪل ڏني. 33تنھن تي اھي ڀوت انھيءَ ماڻھوءَ مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا ۽ سوئرن جو اھو ڌڻ لاھيءَ تان ڌوڪيندو اچي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مئو. 34مال چارڻ وارا اھو حال ڏسي وٺي ڀڳا ۽ وڃي شھر ۽ ٻھراڙيءَ ۾ اھا خبر ٻڌايائون. 35تنھن تي ماڻھو اھو حال ڏسڻ لاءِ نڪري آيا ۽ عيسيٰ وٽ اچي ڏسن تہ اھو ماڻھو جنھن مان ڀوت نڪري ويا ھئا، سو ڪپڙا پائي پوري ھوش ۾ عيسيٰ جي پيرن وٽ ويٺو آھي. انھن سڀني کي ڊپ وٺي ويو، 36۽ جن اھو رنگ ڏٺو ھو، تن انھن کي ٻڌايو تہ ڪھڙيءَ طرح ڀوتن ورتل شخص ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو. 37گراسينين جي اوسي⁠پاسي⁠ وارن سڀني ماڻھن کيس منٿ ڪئي تہ ”اسان وٽان ھليو وڃ،“ ڇوتہ انھن کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو ھو. سو عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي موٽي ويو. 38جنھن ماڻھوءَ مان ڀوت نڪري ويا ھئا، تنھن کيس منٿ ڪري چيو تہ ”مون کي پاڻ سان وٺي ھلو.“ پر عيسيٰ کيس موٽائي گھر موڪليو ۽ چيائينس تہ 39”وڃي ٻڌاءِ تہ خدا تو سان ڪھڙي نہ ڀلائي ڪئي آھي.“ پوءِ ھو موٽي ويو ۽ وڃي سڄي شھر ۾ مشھور ڪيائين تہ ”عيسيٰ مون سان ڪيڏي نہ ڀلائي ڪئي آھي.“

يائرس جي ڌيءَ کي جيارڻ ۽ عورت کي شفا ڏيڻ

40جڏھن عيسيٰ موٽي آيو تڏھن ماڻھن سندس وڏو آڌرڀاءُ ڪيو، ڇوتہ سڀني سندس واٽ پئي ڏٺي. 41ان وقت عبادت⁠خاني جو اڳواڻ، جنھن جو نالو يائرس ھو سو نڪري آيو ۽ عيسيٰ کي پيرين پئي عرض ڪيائين تہ ”منھنجي گھر ھلو.“ 42ڇوتہ ھن جي سڪيلڌي ڌيءَ جنھن جي عمر اٽڪل ٻارھن ورھيہ ھئي سا مرڻ تي ھئي. پوءِ جيئن جيئن عيسيٰ ساڻس گڏ پئي آيو تيئن تيئن ماڻھو مٿس ڳاھٽ پئي ٿيا. 43اتي ھڪڙي عورت ھئي جنھن کي ٻارھن ورھين کان رت پيو ايندو ھو ۽ ھن پنھنجي سڄي ميڙي چونڊي طبيبن پٺيان وڃائي ڇڏي ھئي، پر ڪوبہ ڇٽائي نہ سگھيو ھوس. 44اھا عيسيٰ جي پٺيان آئي ۽ اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي ھٿ لاتائين تہ انھيءَ گھڙيءَ ھن جو رت وھڻ بند ٿي ويو. 45تڏھن عيسيٰ پڇيو تہ ”مون کي ڪنھن ھٿ لاتو؟“ تنھن تي سڀيئي انڪار ڪرڻ لڳا. پر پطرس چيو تہ ”سائين! ماڻھو اوھان تي ڳاھٽ پيا ٿين ۽ اوھان تي ڪرن ٿا پيا.“ 46پر عيسيٰ چيو تہ ”ڪنھن تہ مون کي ھٿ لاتو. آءٌ ڄاڻان ٿو، ڇاڪاڻ⁠تہ مون مان قدرت نڪتي آھي.“ 47جڏھن عورت ڏٺو تہ ’آءٌ لڪي نہ ٿي سگھان،‘ تڏھن ڏڪندي ڏڪندي آئي ۽ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيئي. ھن سڀني جي روبرو کيس ٻڌايو تہ ڪھڙي سبب ھن کيس ھٿ لاتو ۽ ڪھڙيءَ طرح ھوءَ ھڪدم چڱي ڀلي ٿي پيئي. 48عيسيٰ چيس تہ ”اي ڌيءَ! تنھنجي ايمان تو کي ڇٽايو آھي، دلجاءِ سان ھلي وڃ.“ 49اڃا ھن ڳالھايو ئي بيٺي تہ عبادت⁠گاھہ جي اڳواڻ جي گھر مان ڪنھن اچي يائرس کي چيو تہ ”تنھنجي ڌيءَ مري ويئي. ھاڻي استاد کي تڪليف نہ ڏي.“ 50پر عيسيٰ ھي ٻڌي کيس چيو تہ ”گھٻراءِ نہ، رڳو ويساھہ رک تہ ھوءَ بچي پوندي.“ 51‏-53پوءِ ھو جڏھن انھيءَ گھر ۾ آيو تہ ڏٺائين تہ سڀني ڇوڪريءَ لاءِ پئي رنو ۽ پٽيو. تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”روئو نہ، ڇوتہ ھوءَ مئي ڪانھي پر ستي پيئي آھي.“ جنھن تي ھو عيسيٰ تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، ڇالاءِ⁠جو انھن کي يقين ھو تہ ھوءَ مري ويئي آھي. پوءِ عيسيٰ پطرس، يوحنا، يعقوب ۽ ڇوڪريءَ جي ماءُ⁠پيءُ کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي بہ پاڻ سان گڏ ڇوڪريءَ جي ڪمري ۾ اچڻ نہ ڏنو. 54اتي عيسيٰ ڇوڪريءَ جو ھٿ جھلي کيس سڏي چيو تہ ”اي نينگري! اٿ.“ 55تڏھن ھن ۾ وري ساھہ اچي پيو ۽ ھوءَ ھڪدم جيئري ٿي اٿي ويٺي. عيسيٰ حڪم ڏنو تہ ”ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏيوس.“ 56ڇوڪريءَ جي ماءُ⁠پيءُ کي حيراني وٺي ويئي. سو عيسيٰ کين تاڪيد ڪري چيو تہ ”ھي جيڪي ڪجھہ ٿيو آھي، تنھن جي ڪنھن سان بہ ڳالھہ نہ ڪجو.“

لوقا 9

ٻارھن شاگردن کي موڪلڻ

1عيسيٰ پنھنجن ٻارھن شاگردن کي سڏي کين ھيءَ طاقت ۽ اختياري ڏني تہ ھو سڀني ڀوتن کي ڪڍن ۽ بيمارن کي شفا ڏين. 2پوءِ انھن کي موڪليائين تہ ”وڃي خدا جي بادشاھت جي منادي ڪريو ۽ بيمارن کي شفا ڏيو.“ 3 انھن کي چيائين تہ ”رستي لاءِ ڪجھہ بہ نہ کڻجو، نہ لٺ، نہ ٻاچڪو، نہ ماني، نہ روڪڙ ۽ نہ ٻہ پھراڻ. 4جنھن گھر ۾ وڃو تہ اتي ايستائين ٽڪجو جيستائين ان شھر مان روانا نہ ٿيو. 5 جيڪي ماڻھو اوھان کي قبول نہ ڪن، تہ انھيءَ شھر کان ٻاھر نڪري پنھنجن پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو، تہ جيئن مٿن شاھدي قائم ٿئي.“ 6اھي شاگرد روانا ٿيا ۽ ڳوٺ ڳوٺ مان لنگھندي خوشخبري ٻڌائيندا ۽ ھر ھنڌ ماڻھن کي شفا ڏيندا ويا.

ھيروديس جي پريشاني

7 ھاڻي جڏھن سڄو احوال گليل جي حاڪم ھيروديس جي ڪن تي پيو تہ ھو ڏاڍو اچي پريشان ٿيو، ڇالاءِ⁠جو ڪن پئي چيو تہ ”يحيٰ مئلن مان جيئرو ٿيو آھي.“ 8ڪن پئي چيو تہ ”الياس ظاھر ٿيو آھي“ ۽ وري ٻين پئي چيو تہ ”آڳاٽن نبين مان ڪو ٻيو وري جيئرو ٿيو آھي.“ 9تنھن تي ھيروديس چيو تہ ”يحيٰ جي تہ مون سسي لھرائي ڇڏي ھئي. پر ھيءُ ڪير آھي جنھن جون ھھڙيون ڳالھيون ٿا ٻڌون؟“ تڏھن ھو عيسيٰ سان ملڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو.

پنج ھزار مردن کي ماني کارائڻ

10رسول جڏھن موٽي آيا، تڏھن عيسيٰ کي سڄو احوال ڪري ٻڌايائون جيڪي ڪيو ھئائون. عيسيٰ انھن کي پاڻ سان گڏ بيت⁠صيدا نالي شھر ڏانھن نويڪلو وٺي ويو. 11پر جڏھن ماڻھن جي ميڙن کي انھيءَ ڳالھہ جي خبر پيئي، تڏھن اھي بہ عيسيٰ جي پٺيان اٿي ھليا. ھو انھن سان خوشيءَ سان مليو ۽ کين خدا جي بادشاھت جون ڳالھيون ٻڌائڻ لڳو ۽ جن کي شفا جي ضرورت ھئي تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيائين. 12جڏھن سج لھڻ تي ٿيو تہ ٻارھن شاگردن اچي عيسيٰ کي چيو تہ ”ماڻھن کي موڪل ڏيو تہ اوسي⁠پاسي⁠ وارن ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ وڃي ٽڪن ۽ کائڻ پيئڻ جو بلو ڪن، ڇاڪاڻ⁠تہ اسين ھت سڃي ھنڌ ۾ آھيون.“ 13عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوھين کائڻ لاءِ ڏيونِ.“ تنھن تي شاگردن چيو تہ ”اسان وٽ تہ پنجن مانين ۽ ٻن مڇين کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونھي. باقي جيڪڏھن اوھين چئو تہ اسين ھيڏي وڏي ميڙ لاءِ وڃي کاڌو خريد ڪري اچون.“ 14ڇالاءِ⁠جو اھي پنج ھزار کن مرد ھئا. تڏھن عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”ھنن کي پنجاھہ پنجاھہ جي ٽولين ۾ ڪري ويھاريو.“ 15شاگردن ائين ئي ڪيو ۽ سڀني کي ويھاريو. 16تڏھن پاڻ اھي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون وٺي آسمان ڏانھن نھاري انھن ۾ برڪت گھريائين، پوءِ اھي ڀڃي شاگردن کي ڏيندو ويو تہ ماڻھن جي اڳيان رکندا وڃن. 17پوءِ تہ انھن سڀني کائي ڍءُ ڪيو ۽ جيڪي ٽڪر ڳڀا بچيا تن جون ٻارھن کاريون ڀري کنيائون.

پطرس جو عيسيٰ بابت اظھار

18ھڪ دفعي جڏھن عيسيٰ اڪيلو دعا گھري رھيو ھو ۽ شاگرد ساڻس گڏ ھئا تڏھن انھن کان پڇيائين تہ ”ماڻھو منھنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آھيان؟“ 19 شاگردن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوھين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آھيو، ڪي چون ٿا تہ اوھين الياس آھيو ۽ ڪي وري چون ٿا تہ اوھين آڳاٽن نبين مان ڪو ٻيو جيئرو ٿي اٿيا آھيو.“ 20 ھن شاگردن کان پڇيو تہ ”اوھين ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آھيان؟“ تنھن تي پطرس چيس تہ ”تون خدا جو مسيح آھين.“

عيسيٰ جو پنھنجي ڏک ۽ موت بابت ٻڌائڻ

21تڏھن عيسيٰ شاگردن کي تاڪيد ڪري حڪم ڏنو تہ ”اھا ڳالھہ ڪنھن سان بہ نہ ڪجو.“ 22کين وڌيڪ چيائين تہ ”ابن⁠آدم لاءِ ضروري آھي تہ ھو گھڻيون سختيون سھي ۽ بزرگ، سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم کيس رد ڪن. ھو ماريو ويندو ۽ ٽئين ڏينھن تي وري جيئرو ٿي اٿندو.“ 23 پوءِ سڀني کي چيائين تہ ”جيڪو منھنجي پٺيان اچڻ گھري، سو پنھنجي خوديءَ کي ماري ۽ روزانو پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان ھلي. 24 ڇالاءِ⁠جو جيڪو پنھنجي جان بچائڻ چاھيندو سو اھا وڃائيندو. پر جيڪو منھنجي لاءِ پنھنجي جان وڃائيندو، سو انھيءَ کي بچائيندو. 25جيڪڏھن ماڻھو کڻي سڄي دنيا ھٿ ڪري، پر پنھنجي جان وڃائي يا انھيءَ کي نقصان ۾ وجھي ڇڏي تہ ڪھڙو فائدو ٿيندس؟ 26ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪو مون کان ۽ منھنجي ڪلام کان شرمائيندو، تنھن کان ابن⁠آدم بہ شرمائيندو، جڏھن ھو پنھنجي، پنھنجي پيءُ جي ۽ پاڪ ملائڪن جي جلوي ۾ ايندو. 27آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪي ھتي بيٺا آھن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين خدا جي بادشاھت کي نہ ڏسندا.“

عيسيٰ جو نوراني صورت ۾ ظاھر ٿيڻ

28 انھن ڳالھين کان پوءِ اٽڪل اٺن ڏينھن بعد عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يوحنا ۽ يعقوب کي وٺي ھڪڙي جبل تي دعا گھرڻ لاءِ ويو. 29جيئن ئي ھو دعا گھري رھيو ھو تہ سندس صورت بدلجي پيئي ۽ سندس پوشاڪ نوراني ٿي پيئي. 30اتي جو اتي ٻن شخصن کي عيسيٰ سان ڳالھيون ڪندي ڏٺو ويو، جيڪي موسيٰ ۽ الياس نبي ھئا، 31جن جلال ۾ پئي ڏيکاري ڏني ۽ سندس موت بابت ڳالھايو پئي جو يروشلم ۾ ٿيڻو ھو. 32ان وقت پطرس ۽ سندس سنگتي اگھور ننڊ ۾ ھئا ۽ جڏھن جاڳيا، تڏھن عيسيٰ جو جلوو ڏسڻ ۾ آين ۽ ٻہ ماڻھو ساڻس گڏ بيٺل ڏٺائون. 33جڏھن موسيٰ ۽ الياس عيسيٰ وٽان وڃڻ لڳا تڏھن پطرس عيسيٰ کي چيو تہ ”اي سائين! اسان جا ڀاڳ ڀلا آھن جو اسين ھتي آھيون، سو ٽي تنبو کڻي ٿا کوڙيون، ھڪڙو اوھان لاءِ، ٻيو موسيٰ لاءِ ۽ ٽيون الياس لاءِ.“ پر کيس حقيقت ۾ خبر ئي ڪانہ ھئي تہ ڇا ٿو چوي. 34اڃا ھن ائين چيو ئي پئي تہ ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي ۽ جڏھن اھي ڪڪر ۾ گھڙڻ لڳا تہ شاگرد ڊڄي ويا. 35 ڪڪر مان آواز آيو تہ ”ھيءُ منھنجو چونڊيل فرزند آھي، سو اوھين ھن جي ڌيان سان ٻڌو.“ 36جڏھن اھو آواز آيو تڏھن عيسيٰ اڪيلو ئي ڏسڻ ۾ آين. پوءِ شاگردن کڻي ماٺ ڪئي ۽ جيڪي ڳالھيون ڏٺيون ھئائون تن مان ڪابہ انھيءَ وقت ڪنھن سان بہ نہ ڪيائون.

ھڪ ڇوڪري مان ڀوت ڪڍڻ

37ٻئي ڏينھن تي ھو جبل تان لٿا تہ وڏو ميڙ اچي عيسيٰ سان گڏيو. 38ھڪ ماڻھوءَ ميڙ مان رڙ ڪري چيو تہ ”اي استاد! آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ منھنجي پٽ کي ھلي ڏسو، ڇوتہ اھو منھنجو سڪيلڌو آھي. 39ھن کي ھڪڙو ڀوت اچي ٿو وٺي، جنھن ڪري اوچتو وٺيو رڙيون ڪري. اھو اھڙو ٿو گھٽيس جو گڦ پئي وھيس ۽ چچريو ڇڏيس. پوءِ مس مس ٿو منجھانئس نڪري. 40مون اوھان جي شاگردن کي بہ عرض ڪري چيو تہ ’ان کي ڪڍو،‘ پر اھي ڪڍي نہ سگھيا.“ 41تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”اي بي⁠يقين ۽ گمراھہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوھان سان ھوندس ۽ ڪيستائين اوھان جي سھندس؟ پنھنجي پٽ کي ھيڏانھن وٺي اچ.“ 42ڇوڪرو اڃا آيو ئي پئي تہ ڀوت کيس ھيٺ ڪيرائي وڌو ۽ ڏاڍو گھٽيائينس. پر عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو ۽ ڇوڪر کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري سندس پيءُ جي حوالي ڪيائين. 43سڀيئي خدا جي ايڏي قدرت ڏسي عجب ۾ پئجي ويا.

ٻيو دفعو پنھنجي موت بابت ٻڌائڻ

جڏھن سڀ ماڻھو عيسيٰ جي ڪمن تي عجب کائي رھيا ھئا، تڏھن ھن پنھنجن شاگردن کي چيو تہ 44”ھيءَ ڳالھہ پنھنجي ھينئين سان ھنڊايو تہ ابن⁠آدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو.“ 45پر ھنن اھا ڳالھہ نہ سمجھي ۽ اھا انھن کان ڳجھي رھي، انھيءَ لاءِ تہ ھو اھا نہ سمجھن. انھيءَ بابت عيسيٰ کان پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.

وڏو ڪير؟

46 شاگرد پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”اسان ۾ وڏو ڪير آھي؟“ 47پر عيسيٰ سندن دل جو اھو خيال ڄاڻي ورتو، سو ھڪڙو ننڍڙو ٻار کڻي پنھنجي ڀرسان بيھاريائين. 48 پوءِ شاگردن کي چيائين تہ ”جيڪو ھن ننڍي ٻار کي منھنجي ڪري قبول ڪندو، سو ڄڻ تہ مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو ڄڻ انھيءَ کي قبول ٿو ڪري جنھن مون کي موڪليو آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪو اوھان سڀني ۾ ننڍو آھي سو ئي وڏو ٿيندو.“

مخالف ۽ طرفدار ڪير؟

49يوحنا چيو تہ ”اي سائين! اسان ھڪڙي ماڻھوءَ کي اوھان جي نالي تي ڀوت ڪڍندي ڏٺو تہ اسان کيس منع ڪئي، ڇوتہ ھو اسان سان گڏ تنھنجي پيروي نہ ٿو ڪري.“ 50پر عيسيٰ چين تہ ”منع نہ ڪريوس، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪو اوھان جي خلاف نہ آھي اھو اوھان جي پاسي آھي.“

سامري ڳوٺ ۾ نہ قبولجڻ

51جڏھن عيسيٰ جي مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينھن ويجھا ٿيا، تڏھن ھن يروشلم ڏانھن رخ ڪرڻ جو پڪو پھہ ڪيو. 52پاڻ کان اڳ ۾ قاصد موڪليائين. اھي روانا ٿي ھڪڙي سامري ڳوٺ ۾ آيا تہ جيئن اتي عيسيٰ لاءِ ھر شيءِ جو انتظام ڪن. 53پر اتان جي ماڻھن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو، ڇاڪاڻ⁠تہ سندس رخ يروشلم ڏانھن ھو. 54 تڏھن سندس شاگردن يعقوب ۽ يوحنا ھي ڏسي چيو تہ ”اي خداوند! جيڪڏھن اوھان جي مرضي ھجي تہ اسين آسمان مان باھہ کي حڪم ڪريون تہ ھنن کي اچي ناس ڪري.“ 55پر عيسيٰ ڦري ھنن کي ڇينڀيو 56۽ پوءِ ھو سڀيئي ٻئي ڳوٺ ڏانھن روانا ٿي ويا.

عيسيٰ جا پوئلڳ ڪير؟

57جيئن ھو واٽ وٺيو پئي ويا تہ ھڪڙي ماڻھوءَ عيسيٰ کي چيو تہ ”جيڏانھن اوھين ويندا، اوڏانھن آءٌ بہ اوھان جي پٺيان ھلندس.“ 58عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”لومڙين کي ڏريون آھن ۽ پکين کي آکيرا آھن، پر ابن⁠آدم کي اھا جاءِ بہ ڪانھي جتي کڻي مٿو لڪائي آرام ڪري.“ 59عيسيٰ ٻئي کي چيو تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“ پر ھن جواب ڏنس تہ ”اي سائين! مون کي تيستائين موڪل ڏيو جيستائين منھنجو پيءُ دفن ٿئي.“ 60تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”ڇڏ تہ ڀلي مُڙدا وڃي مُڙدن کي دفنائين، پر تون وڃي ماڻھن کي خدا جي بادشاھت جي خبر ٻڌاءِ.“ 61 ھڪڙي ٻئي بہ عيسيٰ کي چيو تہ ”اي سائين! آءٌ اوھان جي پٺيان ھلندس، پر پھريائين اجازت ڏيو تہ گھر جي ماڻھن کان موڪلائي اچان.“ 62تنھن تي عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”جيڪو پنھنجو ھٿ ھر جي مُٺئي تي رکي وري پوئتي ٿو نھاري، سو خدا جي بادشاھت جي لائق نہ آھي.“

لوقا 10

ٻاھتر ڄڻن کي موڪلڻ

1ھن کان پوءِ خداوند ٻاھتر ڄڻا ٻيا بہ مقرر ڪيا، جيڪي ٻن ٻن جي ٽوليءَ ۾ ھر انھيءَ شھر ۽ جاءِ تي اڳ ۾ ويا جتي کيس پاڻ وڃڻو ھو. 2 انھن کي چيائين تہ ”فصل بلڪل ڀلو آھي، پر لڻندڙ ٿورا آھن. تنھنڪري فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو تہ لاباري لاءِ ماڻھو موڪلي. 3 وڃو، آءٌ اوھان گھيٽن کي ڄڻ تہ بگھڙن منجھہ ٿو موڪليان. 4 اوھين پاڻ سان ڪابہ ڳوٿري، ٻاچڪو يا جتي نہ کڻجو ۽ نہ ڪنھن کي واٽ تي سلام ئي ڪجو. 5جنھن گھر ۾ وڃو تہ پھريائين انھيءَ گھر جي سلامتي گھرجو. 6جيڪڏھن اتي ڪو سلامتيءَ جو طالب ھوندو تہ اوھان جو سلام مٿس رھندو، ⁠نہ⁠تہ موٽي اوھان وٽ ايندو. 7 پوءِ انھيءَ ئي گھر ۾ ٽڪي پئجو، گھر گھر نہ ڦرجو. ھو جيڪي ڪجھہ اوھان کي ڏين سو کائجو ۽ پيئجو، ڇوتہ مزور پنھنجي مزوريءَ جو حقدار آھي. 8جنھن جنھن شھر ۾ وڃو ۽ جي اتان جا ماڻھو اوھان کي قبول ڪن تہ جيڪي ڪجھہ اھي اوھان کي آڻي ڏين سو کائجو. 9جيڪي ان شھر ۾ بيمار ھجن تن کي شفا ڏجو ۽ اتان جي ماڻھن کي چئجو تہ ’خدا جي بادشاھت اوھان جي ويجھو اچي پھتي آھي.‘ 10 پر جيڪڏھن ڪنھن شھر ۾ وڃو ۽ اتان جا ماڻھو اوھان کي قبول نہ ڪن، تہ ان جي گھٽين ۾ نڪري ھيئن چئجو تہ 11’اوھان جي شھر جي مٽي جيڪا اسان جي پيرن کي چنبڙي پئي ھئي، سا بہ ڇنڊي وڃون ٿا، پر ھي بہ ڄاڻجو تہ خدا جي بادشاھت اوھان جي ويجھو اچي پھتي آھي.‘ 12 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آخرت جي ڏينھن اھو شھر سدوم شھر کان وڌيڪ ڀوڳيندو. 13 افسوس آھي تو تي، اي شھر خرازين! ۽ حيف آھي تو تي اي شھر بيت⁠صيدا! ڇالاءِ⁠جو اوھان ۾ جيڪي معجزا ڪيا ويا آھن، سي جيڪڏھن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ھا تہ جيڪر اتان جا ماڻھو گھڻو اڳ ۾ کٿو ڍڪي مٿي ۾ خاڪ وجھي ويھي توبھہ ڪن ھا. 14پر آخرت جي ڏينھن صور ۽ صيدا کان وڌيڪ اوھين ڀوڳيندا. 15 اي ڪفرناحوم! ڇا تون ڀانئين ٿو تہ تون عرش تي کڄي ويندين؟ ھرگز نہ، بلڪ تون تہ پاتال ۾ ڦٽو ڪيو ويندين.“ 16 عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”جيڪو اوھان جي ٻڌي ٿو، سو ڄڻ منھنجي ٻڌي ٿو. جيڪو اوھان کي نہ ٿو مڃي، سو ڄڻ مون کي نہ ٿو مڃي ۽ جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي سو ڄڻ خدا کي نہ ٿو مڃي جنھن مون کي موڪليو آھي.“

ٻاھتر ڄڻن جو موٽي اچڻ

17پوءِ اھي ٻاھتر ڄڻا ڏاڍا خوش ٿي موٽيا ۽ اچي عيسيٰ کي چيائون تہ ”اي خداوند! اوھان جي نالي تي ڀوت بہ اسان جي تابع ٿيا آھن.“ 18عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”مون شيطان کي وڄ وانگر آسمان مان ڪرندي ڏٺو آھي. 19 ڏسو، مون اوھان کي اختياري ڏيئي ڇڏي آھي تہ نانگن ۽ وِڇن کي لتاڙي ڇڏيو ۽ دشمن جي سموري زور تي غالب پئجي وڃو، ڪابہ شيءِ اوھان کي ايذاءُ نہ رسائيندي. 20انھيءَ ڪري خوش نہ ٿيو تہ ڀوت اوھان جي تابع ٿيا آھن، پر ھن ڪري خوش ٿيو جو اوھان جا نالا بھشت ۾ اُڪريل آھن.“

عيسيٰ جو خوش ٿيڻ

21انھيءَ وقت عيسيٰ پاڪ روح جي وسيلي خوشيءَ سان ڀرجي ويو ۽ ھن چيو تہ ”اي بابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ! آءٌ تنھنجو احسانمند آھيان جو تو ھي ڳالھيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آھن ۽ سادن تي ظاھر ڪيون اٿيئي. ھائو بابا، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي رضا ۽ خوشي انھيءَ ۾ ھئي.“ 22 ”منھنجي پيءُ مون کي سڀني شين تي اختياري ڏني آھي. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آھي ۽ پٽ کان سواءِ ڪنھن کي بہ خبر نہ آھي تہ پيءُ ڪير آھي يا جن تي پٽ اھو ظاھر ڪري.“ 23پوءِ عيسيٰ شاگردن ڏانھن ڦري انھن کي پنھنجيءَ پَرِ ۾ چيو تہ ”سڀاڳا آھيو اوھين جو ھي سڀ ڪجھہ ڏسو ٿا پيا. 24ڇوتہ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ڪيترن ئي نبين ۽ بادشاھن جي اھا خواھش ھئي تہ جيڪي اوھين ٿا ڏسو، سو ھو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوھين ٿا ٻڌو، سو اھي بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“

نيڪ سامريءَ جو مثال

25 تنھن کان پوءِ شريعت جو ھڪڙو عالم اٿي بيٺو ۽ عيسيٰ کي آزمائڻ لاءِ چيائين تہ ”اي استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪري سگھان؟“ 26تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”شريعت ۾ ڇا لکيل آھي؟ تون پڙھڻ وقت ڇا ٿو سمجھين؟“ 27 ھن عيسيٰ کي وراڻيو تہ ”’تون خداوند پنھنجي خدا کي پنھنجي سڄيءَ دل، پنھنجي سڄيءَ جان، پنھنجي سڄيءَ طاقت ۽ پنھنجي سڄيءَ سمجھہ سان پيار ڪر‘ ۽ ’پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.‘“ 28 تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”تو پورو جواب ڏنو آھي. ائين ئي ڪر تہ دائمي زندگي ملندءِ.“ 29پر ھن پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ عيسيٰ کي چيو تہ ”منھنجو پاڙيسري ڪير آھي؟“ 30عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھڪڙو ماڻھو يروشلم کان يريحو شھر ڏانھن پئي ويو تہ ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، جن ڪپڙا بہ لاھي ورتس ۽ مار بہ ڏنائونس ۽ اڌ مئو ڪري ڇڏي ويس. 31اتفاق سان ھڪڙو ڪاھن انھيءَ رستي سان پئي ويو ۽ جڏھن ھن کي ڏٺائين تہ پاسو ڪري ھليو ويو. 32اھڙيءَ طرح ھڪڙو لاوي بہ انھيءَ رستي تان آيو، سو بہ ھن کي ڏسي پاسو ڪري ھليو ويو. 33 پر ھڪڙو سامري سفر ڪندي اچي اتان لانگھائو ٿيو. ان جڏھن ھن کي ڏٺو تڏھن کيس ھن تي ڪھل آئي. 34ھن وٽس اچي سندس ڦٽن تي زيتون جو تيل ۽ دارون مکي پٽي ٻڌس ۽ پنھنجي وھٽ تي چاڙھي مسافرخاني ۾ وٺي آيس ۽ سندس خدمت ڪيائين. 35ٻئي ڏينھن تي ٻہ چانديءَ جا سڪا ڪڍي مسافرخاني واري کي ڏنائين ۽ چيائينس تہ ’ھن جي خدمت ڪندو رھہ ۽ جيڪي وڌيڪ خرچ ٿئي سو آءٌ وري موٽي اچي ڏيندوسانءِ.‘“ 36عيسيٰ شريعت جي عالم کان پڇيو تہ ”ھاڻي ڇا ٿو ڀانئين تہ اھو شخص جو ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، تنھن جو ھنن ٽنھي ڄڻن مان ڪير پاڙيسري ٿيو؟“ 37تنھن تي شريعت جي عالم وراڻيو تہ ”اھو جنھن کي مٿس ڪھل آئي.“ عيسيٰ چيس تہ ”تون بہ وڃي ائين ئي ڪر.“

مارٿا ۽ مريم سان ملاقات

38 عيسيٰ ۽ سندس شاگرد جيئن ئي رستو وٺيو پئي ويا تہ ھو ھڪڙي ڳوٺ ۾ پھتا، جتي مارٿا نالي ھڪڙي عورت کيس پنھنجي گھر ۾ آڻي ٽڪايو. 39ان عورت جي مريم نالي ھڪ ڀيڻ ھئي، جنھن عيسيٰ جي پيرن وٽ ويھي سندس ڪلام ويٺي ٻڌو. 40مارٿا گھڻي ڪم ڪار ڪرڻ ڪري ٿڪجي پيئي ۽ اچي عيسيٰ کي چيائين تہ ”اي خداوند! اوھان کي خيال نہ ٿو ٿئي تہ منھنجي ڀيڻ مون کي ڪم ڪار ۾ اڪيلو کڻي ڇڏي ڏنو آھي؟ ھاڻي چئوس تہ منھنجي مدد ڪري.“ 41پر خداوند وراڻيس تہ ”اي مارٿا! اي مارٿا! تون ڪيترين ئي ڳالھين جي ڳڻتين ۽ تڪليف ۾ آھين. 42پر رڳو ھڪڙي ئي ڳالھہ ضروري آھي. مريم اھا چڱي ڳالھہ چونڊي کنئي آھي، جيڪا ان کان نہ کسبي.“

لوقا 11

شاگردن کي دعا سيکارڻ

1ھڪڙي دفعي ڪنھن ھنڌ عيسيٰ دعا پئي گھري. جڏھن دعا گھري چڪو تڏھن سندس شاگردن مان ھڪڙي چيس تہ ”اي خداوند! جھڙيءَ طرح يحيٰ پنھنجن شاگردن کي دعا سيکاري ھئي، تھڙيءَ طرح اسان کي بہ دعا سيکاريو.“ 2عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”جڏھن اوھين دعا گھرو تہ ھيئن چئجو: ’اي بابا! شل تنھنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي، ۽ تنھنجي بادشاھت اچي. 3اسان جي ڏھاڙيءَ جي ماني اسان کي روزانو ڏي. 4اسان جا ڏوھہ اسان کي معاف ڪر، ڇالاءِ⁠جو جيڪي اسان جا ڏوھي آھن تن کي اسين بہ معاف ٿا ڪريون. ان کان علاوہ اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ.‘“ 5پوءِ شاگردن کي چيائين تہ ”فرض ڪريو تہ اوھان منجھان ڪنھن کي ڪو دوست ھجي ۽ اڌ رات جو وٽس وڃي کيس چوي تہ ’اي دوست! مون کي ٽي مانيون اڌاريون ڏي، 6ڇاڪاڻ⁠تہ منھنجو ھڪڙو دوست مسافريءَ تان مون وٽ آيو آھي ۽ مون وٽ ڪجھہ بہ ڪونھي جو کڻي ھن جي اڳيان رکان.‘ 7تڏھن اوھان جو دوست اوھان کي اندران ورندي ڏئي تہ ’مون کي تڪليف نہ ڏي. ھن مھل در بند آھي ۽ آءٌ پنھنجن ٻارن سان گڏ ستل آھيان، تنھنڪري آءٌ اٿي تو کي ڪجھہ بہ ڏيئي نہ ٿو سگھان.‘ 8آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھو اوھان جي دوستيءَ جي ڪري نہ بہ اٿي، پر پنھنجي خواريءَ کان بچڻ جي لاءِ اٿندو ۽ جيتريون مانيون اوھان کي گھرج ۾ ھونديون اوتريون ڏيندو. 9انھيءَ ڪري آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ گھرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ، در کڙڪايو تہ کليوَ. 10ڇالاءِ⁠جو جيڪو گھرندو آھي تنھن کي ملندو آھي، جيڪو ڳوليندو آھي تنھن کي لڀندو آھي ۽ جيڪو در کڙڪائيندو آھي تنھن لاءِ کلندو آھي. 11ڇا اوھان منجھہ ڪو اھڙو پيءُ آھي جنھن کان سندس ٻار اچي مڇي گھري تہ مڇيءَ بدران نانگ ڏئيس؟ 12يا سندس ٻار بيضو گھريس تہ ھو وِڇون ڏئيس؟ 13جيڪڏھن اوھين باوجود بڇڙا ھئڻ جي، پنھنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ ڪيترو نہ وڌيڪ انھن کي پاڪ روح ڏيندو جيڪي کانئس گھرندا.“

عيسيٰ ۽ بعل⁠زبول

14ھڪڙي دفعي عيسيٰ اھڙي ماڻھوءَ مان ڀوت ڪڍي رھيو ھو جيڪو ڳالھائي نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ⁠تہ سندس ڀوت گونگو ھو. جڏھن منجھانئس ڀوت نڪتو تہ ھن ڳالھائڻ شروع ڪيو ۽ ماڻھو حيران ٿي ويا. 15 پر انھن مان ڪن چيو تہ ”عيسيٰ ڀوتن جي سردار بعل⁠زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍي.“ 16 ٻين وري ھن کي آزمائڻ لاءِ چيو تہ ”ثابتيءَ لاءِ اسان کي ڪو خدائي معجزو ڏيکار.“ 17پر عيسيٰ انھن جي نيتن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنھن بادشاھت ۾ ڦيٽھڙو ٿو پوي سا برباد ٿيندي ۽ جنھن گھر ۾ ڏڦيڙ ٿو پوي سو گھر تباھہ ٿيندو. 18سو جيڪڏھن شيطان جي بادشاھت ۾ ڦيٽھڙو پوي تہ اھا ڪيئن جٽاءُ ڪندي؟ اوھين چئو ٿا تہ آءٌ بعل⁠زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان. 19جيڪڏھن آءٌ بعل⁠زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان تہ ڀلا اوھان جا ماڻھو ڪنھن جي تہ مدد سان انھن کي ڪڍين؟ پوءِ تہ اھي ئي اوھان کي ڪوڙو ڪندا. 20پر جيڪڏھن آءٌ خدا جي قدرت سان ڀوت ٿو ڪڍان تہ پوءِ ڄاڻو تہ خدا جي بادشاھت اوھان منجھہ اچي پھتي آھي. 21جڏھن ڪو طاقت وارو ماڻھو پنھنجا ھٿيار پنھوار ٻڌي پنھنجي گھر جو پھرو ٿو ڏئي تہ گھر جو سڀ مال⁠متاع سلامت ٿو رھي. 22پر جڏھن ان کان بہ وڌيڪ طاقتور ماڻھو حملو ڪري مٿس غالب ٿو پوي، تڏھن کانئس ھٿيار پنھوار کسي ٿو وٺي، جن تي ھن کي ناز ھو ۽ پوءِ سندس مال ڦري ورھائي ٿو ڇڏي. 23 جيڪو مون سان نہ آھي، سو منھنجي خلاف آھي ۽ جيڪو مون سان شامل ٿي ڪٺو نہ ٿو ڪري، سو حقيقت ۾ ڇڙوڇڙ ڪريو ڇڏي.“

ڀوتن جو موٽڻ

24”جڏھن ڪو ڀوت ڪنھن ماڻھوءَ مان نڪري ٿو وڃي تہ اھو ويران ھنڌن ۾ اھڙي جاءِ لھڻ لاءِ رلي ٿو جتي ھو آرام ڪري سگھي. جڏھن آرام نہ ٿو مليس تڏھن چوي ٿو تہ ’آءٌ انھيءَ گھر ۾ موٽي ويندس جتان نڪتو ھوس.‘ 25جڏھن اچي ٿو ۽ گھر کي صاف ۽ سينگاريل ٿو ڏسي، 26تڏھن ھو وڃي ست ٻيا پاڻ کان بہ بڇڙا ڀوت وٺي اچي ٿو ۽ اھي ان ماڻھوءَ ۾ داخل ٿي منجھس رھن ٿا ۽ پوءِ سندس حالت اڳي کان بہ ابتر ٿيو پوي.“

سچي خوشي

27عيسيٰ اھي ڳالھيون پئي ڪيون تہ ميڙ مان ھڪڙيءَ عورت وڏي واڪي چيس تہ ”ڪيڏو نہ سڳورو آھي اھو پيٽ جنھن ۾ اوھين ھئا ۽ اھا ڇاتي جيڪا اوھان ڌاتي.“ 28تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”انھيءَ جي باوجود وڌيڪ سڳورا اُھي آھن، جيڪي خدا جو ڪلام ٻڌن ٿا ۽ ان تي عمل ٿا ڪن.“

عيسيٰ کان معجزي جي گھُر

29 جڏھن عيسيٰ جي چوگرد ماڻھو مڙي آيا، تڏھن چوڻ لڳو تہ ”ھن زماني جا ماڻھو ڪھڙا نہ بڇڙا آھن جو اھي ڪو معجزو ٿا ڏسڻ گھرن. پر انھن کي يونس نبيءَ جي معجزي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو ويندو. 30 ڇوتہ جيئن نينواہ شھر جي ماڻھن لاءِ يونس ھڪڙو نشان بڻيو، تيئن ھن زماني جي ماڻھن لاءِ ابن⁠آدم بہ ھڪ نشان بڻبو. 31 آخرت جي ڏينھن ڏکڻ جي راڻي اٿي بيھندي ۽ ھن زماني جي ماڻھن کي ڏوھاري ٺھرائيندي، ڇالاءِ⁠جو ھوءَ سليمان جي سياڻپ ٻڌڻ لاءِ وڏي پنڌ تان آئي ھئي. پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو آھي جو سليمان کان بہ وڏو آھي. 32 نينواہ جا ماڻھو آخرت جي ڏينھن اٿي بيھندا ۽ ھن زماني جي ماڻھن کي ڏوھاري ٺھرائيندا، ڇالاءِ⁠جو انھن يونس جي تبليغ تي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪئي ھئي. پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو آھي جو يونس کان بہ وڏو آھي.“

بدن جي روشني

33 ”ڪوبہ ماڻھو ڏيئو ٻاري ان کي لڪائي يا ڍڪڻ ھيٺان نہ ٿو رکي پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي، تہ جيئن اندر ايندڙن کي سوجھرو ملي. 34اوھان جون اکيون اوھان جي بدن لاءِ ڏيئو آھن، سو جيڪڏھن اوھان جون اکيون ٺيڪ آھن تہ اوھان جو سڄو بدن روشن ھوندو. پر جيڪڏھن اوھان جون اکيون خراب آھن تہ اوھان جو سڄو بدن اونداھيءَ ۾ غرق ھوندو. 35تنھنڪري خيال رکو تہ اوھان ۾ جا روشني آھي سا اونداھي تہ ڪينھي. 36جيڪڏھن توھان جو سڄو بدن روشن ھجي ۽ ان جي ڪنھن بہ ڪنڊ ۾ اونداھي نہ ھجي تہ اوھان جو سڄو بدن ائين روشن ٿيندو جيئن ڏيئي جي روشني اوھان جي بدن تي پئي اوھان کي روشن ٿي ڪري.“

فريسين ۽ شريعت جي عالمن تي ملامت

37عيسيٰ جڏھن ڳالھائي بس ڪئي تہ ھڪڙي فريسيءَ اچي پاڻ سان ماني کائڻ جي دعوت ڏنس. سو ھو اندر وڃي دسترخوان تي ماني کائڻ ويٺو. 38فريسي ھي ڏسي حيران ٿيو تہ کائڻ کان اڳ ۾ عيسيٰ انھن جي رسم موجب ھٿ ڇو ڪين ڌوتا. 39تڏھن خداوند چيس تہ ”اوھين فريسي وٽيءَ ۽ ٿالھيءَ جو ٻاھريون پاسو تہ ڌوئي صاف ڪريو ٿا، پر اوھان جو اندر ھٻڇ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريو پيو آھي. 40اي بي⁠وقوفو! جنھن خالق اوھان جو ٻاھر ٺاھيو آھي، ڇا تنھن ئي اوھان جو اندر نہ ٺاھيو آھي؟ 41جيڪو اوھان جي وٽين ۽ ٿالھين ۾ آھي سو غريبن کي ڏيو تہ اوھان لاءِ سڀ ڪجھہ اجرو ٿئي. 42 ڪيتري نہ مصيبت آھي اوھان لاءِ اي فريسيو! جو اوھين خدا جي راھہ ۾ ڦودني، سوئن ۽ ھر ڪنھن ڀاڄين جي فصل جو ڏھون حصو تہ ڏيو ٿا، پر انصاف ڪرڻ ۽ خدا سان پيار ڪرڻ ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي ھو جو ھي بہ ڪريو ھا ۽ انھن کي بہ نہ ڇڏيو ھا. 43اي فريسيو! مصيبت آھي اوھان لاءِ، جو اوھين عبادت⁠خاني ۾ اعليٰ درجي جون جايون والاريو ٿا ۽ بازار ۾ ماڻھن جا سلام پسند ڪريو ٿا. 44مصيبت آھي اوھان لاءِ، ڇالاءِ⁠جو اوھين انھن بي⁠نشان قبرن جي مثل آھيو، جن تان ماڻھو بي⁠خبريءَ ۾ ھلن ٿا.“ 45ورنديءَ ۾ شريعت جي ھڪڙي عالم چيس تہ ”اي استاد! ھي جيڪي اوھين چئو ٿا تنھن ۾ اسان کي بہ طعنا تنڪا ٿا ھڻو.“ 46تنھن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”مصيبت آھي اوھان لاءِ بہ، اي شريعت جا عالمو! جو اوھين ماڻھن تي ڳرا بار تہ رکو ٿا، پر پاڻ انھن بارن کي ھٿ بہ نہ ٿا لايو. 47مصيبت آھي اوھان لاءِ، جو اوھين نبين جا قبا ٿا ٺاھيو، جن کي اوھان جي ابن ڏاڏن مارائي ڇڏيو ھو. 48اھا ھن ڳالھہ جي شاھدي آھي تہ جيڪي اوھان جي ابن ڏاڏن ڪيو سو اوھان کي قبول آھي، ڇوتہ انھن تہ نبين کي مارايو ھو ۽ اوھين سندن قبا پيا اڏايو. 49انھيءَ لاءِ خدا جي حڪمت بيان فرمايو آھي تہ ’آءٌ نبين ۽ رسولن کي انھن وٽ موڪليندس، جن مان اھي ڪن کي ماري وجھندا ۽ ڪن کي ستائيندا.‘ 50سو دنيا جي شروعات کان وٺي جن نبين جو رت وھايو ويو آھي، تن جو حساب ھن زماني جي پيڙھيءَ کان ورتو ويندو. 51 مطلب تہ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھابيل جي خون کان وٺي ذڪريا جي خون تائين، جيڪو قربان⁠گاھہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ ماريو ويو ھو، تن سڀني جي خون جو حساب ھن زماني جي پيڙھيءَ کان ورتو ويندو. 52مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو! جو اوھان علم جي گھر واري دروازي جي ڪنجي تہ کسي ورتي آھي، پر نہ پاڻ ان ۾ داخل ٿيا آھيو ۽ نہ وري انھن کي اندر داخل ٿيڻ ٿا ڏيو جيڪي اچڻ چاھين ٿا.“ 53جڏھن عيسيٰ اتان ھلڻ لڳو تہ شريعت جا عالم ۽ فريسي سندس مخالفت ۾ ڳالھائڻ لڳا ۽ کيس سوالن سان وڪوڙي ويا، 54انھيءَ لاءِ جو ھنن وجھہ پئي ڳوليو تہ ھو سندس چيل ڪا ڳالھہ پڪڙي وٺن.

لوقا 12

رياڪاريءَ کان چتاءُ

1 ايتري ۾ ھزارين ماڻھن جا ميڙ اچي مڙيا، جيڪي ھڪٻئي تي ڳاھٽ پئي ٿيا. تڏھن عيسيٰ خاص طرح پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”فريسين جو خميرو، جيڪو رياڪاري آھي، تنھن کان ھوشيار ٿجو. 2 ڪابہ شيءِ ڍڪيل نہ آھي جا پڌري نہ ٿيندي. ڪابہ لڪل نہ آھي جا ظاھر نہ ٿيندي. 3پوءِ تہ اوھان جيڪو اونداھيءَ ۾ ڳالھايو آھي سو روز روشن ۾ ٻڌبو ۽ جيڪا بند ڪمرن ۾ ماڻھن جي ڪنن ۾ سس⁠پس ڪئي اٿوَ سا وڏي واڪي ڪوٺن تان پڪاري ويندي.“

ڪنھن کان ڊڄڻ گھرجي

4”آءٌ اوھان پنھنجن دوستن کي چوان ٿو تہ جيڪي جسماني طور ٿا مارين، تن کان نہ ڊڄو. ھو ان کان وڌيڪ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿا سگھن. 5پر آءٌ اوھان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا کان ڊڄو، جيڪو مارڻ کان پوءِ جھنم ۾ وجھڻ جي قدرت بہ رکي ٿو. سو بس انھيءَ کان ئي ڊڄندا رھو. 6ٻن ننڍڙن سڪن جون پنج جھرڪيون نہ ٿيون وڪامن ڇا؟ مگر انھن مان ڪابہ خدا کان وسريل نہ آھي. 7پر اوھان جي مٿي جا تہ وار بہ ڳڻيل آھن، سو متان ڊڄو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جي قيمت ڪيترين ئي جھرڪين کان وڌيڪ آھي.“

عيسيٰ کي قبولڻ ۽ نہ قبولڻ جو نتيجو

8”آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو مون کي ماڻھن جي اڳيان پڌري پٽ قبوليندو تہ ان کي ابن⁠آدم بہ خدا جي ملائڪن جي اڳيان قبول ڪندو. 9پر جيڪو ماڻھن جي اڳيان مون کي قبول نہ ڪندو، تنھن کي خدا جي ملائڪن جي اڳيان بہ قبول نہ ڪيو ويندو. 10 جيڪوبہ ابن⁠آدم جي خلاف ڪا ڳالھہ چوندو تہ ان کي اھا بخشي ويندي. پر جيڪو ماڻھو پاڪ روح جي خلاف ڪفر بڪندو، تہ ان کي اھو نہ بخشيو ويندو. 11 جڏھن اھي اوھان کي عبادت⁠خانن ۾ يا حاڪمن ۽ اعليٰ عملدارن جي اڳيان پيش ڪن، تڏھن متان ڳڻتي ڪئي اٿوَ تہ ’ڪيئن ۽ ڪھڙو جواب ڏيون‘ يا ’ڇا چئون.‘ 12ڇالاءِ⁠جو ان وقت پاڪ روح اوھان کي اھو ڪي سيکاريندو جيڪو اوھان کي چوڻ کپي.“

بيوقوف زميندار جو مثال

13ميڙ مان ھڪڙي ماڻھوءَ چيس تہ ”اي استاد! منھنجي ڀاءُ کي چئو تہ اباڻي ميراث مان منھنجو حصو مون کي ورھائي ڏئي.“ 14پر عيسيٰ کيس چيو تہ ”مھربان! مون کي اوھان جي ونڊ ورڇ لاءِ ڪنھن امير مقرر ڪيو آھي؟“ 15پوءِ ھن سڀني کي چتائي ڏسندي چيو تہ ”ھوشيار ٿجو ۽ پاڻ کي ھر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇالاءِ⁠جو ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻھوءَ جي حياتيءَ کي نہ ٿي سنواري.“ 16تڏھن عيسيٰ انھن کي ھڪڙو مثال ٻڌائيندي چيو تہ ”ڪنھن زميندار جي ٻنيءَ سٺو فصل ڏنو. 17سو ھو دل ۾ پھہ پچائڻ لڳو تہ ’ھاڻي ڇا ڪريان؟ اھا جاءِ ڪانھي جتي کڻي پنھنجو فصل گڏ ڪري رکان.‘ 18آخر دل ۾ چيائين تہ ’آءٌ ھيئن ڪندس جو ھي ڀانڊا ڊھرائي وڏا ڪري ٺھرائيندس ۽ انھن ۾ سمورو اَنُ ۽ مال گڏ ڪري رکندس، 19۽ پوءِ پاڻ کي چوندس تہ ٻيلي، مون وٽ ايترو گھڻو مال آھي جو ڪيترائي سال پيو ھلندو، سو آرام ڪريان، کاوان پيان ۽ موجون ماڻيان.‘ 20پر خدا چيس تہ ’اي بيوقوف! اڄوڪي رات ئي تنھنجي جان ورتي ويندي، پوءِ جيڪي گڏ ڪري رکيو اٿئي سو ڪنھن جو ٿيندو؟‘“ 21عيسيٰ ان جو نتيجو ھيئن ڪڍيو تہ ”اھو ماڻھو اھڙو آھي جيڪو ڌن دولت پنھنجي لاءِ تہ ميڙي ٿو، پر خدا جي آڏو شاھوڪار نہ آھي.“

خدا تي ڀروسو رکڻ

22پوءِ عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”تنھنڪري آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ پنھنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين‘ ۽ نہ پنھنجي جسم لاءِ تہ ’ڇا پھرينداسين.‘ 23ڇاڪاڻ⁠تہ جان کاڌي کان ۽ جسم ڪپڙن کان وڌيڪ درجو رکن ٿا. 24ڪانوَن تي غور ڪريو تہ ھو نڪي پوکين، نڪي لڻين ۽ نڪي انھن کي اَنَ جا ڀانڊا يا گودام آھن، تڏھن بہ خدا انھن کي کارائي ٿو. پر اوھين تہ انھن کان وڌيڪ درجو ٿا رکو. 25ڇا اوھان مان ڪو ڳڻتين سان حياتيءَ جو ھڪڙو منٽ بہ وڌائي سگھندو؟ 26جيڪڏھن اوھان کان اھڙي خسيس ڳالھہ بہ ٿي نہ ٿي سگھي، تہ پوءِ اوھين ٻين شين لاءِ ڇو ٿا ڳڻتي ڪريو؟ 27 غور ڪريو تہ ڪيئن نہ سوسن گل جا ٻوٽا ٿا اڀرن، اھي نڪي پورھيو ڪن ۽ نہ ڪتين. پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ سليمان کي باوجود ايڏي عزت ۽ شان وَ شوڪت جي، انھن جھڙو ھڪ بہ ويس پھريل نہ ھو. 28جيڪڏھن جھنگلي گاھہ، جيڪو اڄ آھي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنھن کي خدا ائين پھرائي ٿو تہ پوءِ اھو اوھان کي بھتر نہ پھرائيندو ڇا؟ اوھان جو ايمان ڪيترو نہ ڪمزور آھي. 29اوھين ھن لاءِ خيال نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين‘ ۽ ’ڇا پيئنداسين‘ ۽ ھن بابت اوھان کي ڪابہ ڳڻتي ڪرڻ نہ گھرجي. 30دنيا جون قومون انھن سڀني شين جون ڳولائو آھن. پر اوھان لاءِ اوھان جو پيءُ ڄاڻي ٿو تہ اوھان کي ڪھڙين شين جي ضرورت آھي. 31سو اوھين پھريائين خدا جي بادشاھت جي ڳولا ۾ رھو تہ اوھان کي اھي سڀ شيون بہ ملنديون.“

بھشتي خزانو

32”اي ننڍڙا ٽولا! متان ڊڄو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جي پيءُ جي مرضي آھي تہ اوھان کي بادشاھت عطا ڪري. 33جيڪي اٿوَ، سو وڪڻي غريبن کي خيرات ۾ ڏيو ۽ پنھنجي لاءِ اھڙيون ڳوٿريون ٺاھيو جيڪي پئي پراڻيون نہ ٿين، يعني بھشت ۾ پنھنجي لاءِ اھڙو خزانو گڏ ڪريو جو کُٽي ئي نہ، جتي نہ چور ويجھو اچيس ۽ نہ ڪينئون ٽڪي خراب ڪريس. 34ڇالاءِ⁠جو جتي اوھان جو خزانو ھوندو، تہ دل بہ اوھان جي اتي ئي ھوندي.“

سجاڳ نوڪر

35 ”پنھنجا سندرا ٻڌل ۽ پنھنجا ڏيئا ٻريل رکو. 36 اوھين پاڻ کي انھن سجاڳ نوڪرن وانگر بڻايو، جيڪي پنھنجي مالڪ لاءِ اکيون در ۾ اٽڪايو ويٺا واٽ نھارين تہ جڏھن سندن مالڪ شاديءَ جي دعوت تان موٽي اچي در کڙڪائي تہ ھڪدم ھن لاءِ در کولين. 37سڀاڳا آھن اھي نوڪر، جن کي سندن مالڪ اچڻ سان سجاڳ ٿو ڏسي. سچ پڇو تہ ھو کين کارائڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيھندو ۽ پنھنجي سر پاڻ اچي سندن خدمت ڪندو. 38سو جيتوڻيڪ مالڪ اڌ رات يا پوئين پھر اچي تہ بہ انھن کي سجاڳ ڏسي، تہ اھي نوڪر ڪھڙا نہ سڀاڳا آھن. 39 پر اھو ياد رکو تہ جيڪڏھن گھر جي مالڪ کي خبر ھجي ھا تہ چور ڪيڏيءَ مھل سندس گھر کي کاٽ ھڻندو تہ ھو جيڪر جاڳندو رھي ھا ۽ پنھنجي گھر کي کاٽ لڳڻ نہ ڏئي ھا. 40تنھنڪري اوھين بہ تيار رھو، ڇوتہ اھا گھڙي الائجي ڪھڙي ھوندي جنھن ۾ ابن⁠آدم اچي سھڙندو.“

ايماندار ۽ بي⁠ايمان نوڪر

41پطرس کيس چيو تہ ”اي خداوند! ھي مثال تون اسان لاءِ ٿو ڏئين يا سڀني لاءِ؟“ 42خداوند جواب ۾ چيو تہ ”اوھان مان ڪير ايماندار ۽ سياڻو نوڪر آھي، جنھن کي سندس مالڪ پنھنجن نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو ھجي تہ انھن کي وقت تي کاڌو پاڻي پھچائي؟ 43سڀاڳو آھي اھو نوڪر، جنھن کي سندس مالڪ اچڻ مھل ائين ڪندو ڏسي. 44آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ ھو کيس سڄيءَ ملڪيت جو مختيار ڪندو. 45پر جيڪڏھن اھو نوڪر دل ۾ خيال ڪري تہ ’منھنجي مالڪ جي اچڻ ۾ دير آھي،‘ سو اچي نوڪرن ۽ نوڪرياڻين کي مارڻ لڳي ۽ کائڻ پيئڻ ۽ نشي ۾ بي⁠خبر ٿيڻ لڳي، 46تہ انھيءَ نوڪر جو مالڪ بہ انھيءَ ڏينھن اچي سھڙندو جنھن جو ھن کي خواب خيال بہ نہ ھوندو ۽ اھڙي وقت ايندو جنھن جي ھن کي ڪل ئي نہ ھوندي. پوءِ تہ سندس مالڪ اچي خوب چھبڪن سان مار ڏيئي بي⁠ايمانين ۾ شامل ڪري ڪڍي ڇڏيندس. 47اھو نوڪر جيڪو پنھنجي مالڪ جي ارادي کان باخبر ھو، پر تياري نہ ڪيائين ۽ نڪي ھن جي مرضيءَ موجب ھليو، تنھن کي ڏاڍي مار ملندي. 48پر اھو جنھن کي مالڪ جي ارادي جي خبر ڪانہ ھئي ۽ سزا جوڳو ڪم ڪيائين تہ ان کي ٿوري مار ملندي. جنھن کي گھڻو ڏنو ويو آھي تہ ان کان حساب بہ گھڻو ورتو ويندو ۽ جنھن کي گھڻو سونپيو ويو آھي تہ ان کان گھر بہ گھڻي ٿيندي.“

عيسيٰ جدائيءَ جو ڪارڻ

49”آءٌ زمين تي باھہ لڳائڻ لاءِ آيس. ڪھڙو نہ چڱو ٿئي ھا جو اھا اڳ ۾ ئي لڳل ھجي ھا. 50 پر مون کي ھڪڙي بپتسما وٺڻي آھي ۽ جيستائين اھا پوري ٿئي تيستائين آءٌ ڪيترو نہ پريشان آھيان. 51ڇا اوھين ائين سمجھو ٿا تہ آءٌ دنيا ۾ صلح ڪرائڻ لاءِ آيو آھيان؟ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ صلح نہ پر جدائي ڪرائڻ لاءِ آيو آھيان. 52اڄ کان وٺي جيڪڏھن ڪنھن گھر ۾ پنج ڀاتي ھوندا تہ انھن مان ٽي ھڪڙي طرف ٿيندا تہ ٻہ ٻي طرف. 53 پيءُ پٽ جي خلاف ٿيندو تہ پٽ پيءُ جي، ماءُ ڌيءَ جي خلاف ٿيندي تہ ڌيءَ ماءُ جي، سس نُنھن جي خلاف ٿيندي تہ نُنھن سس جي.“

زماني کي سڃاڻڻ

54عيسيٰ ميڙ کي چيو تہ ”جڏھن اولھہ ۾ ڪڪر ڏسو ٿا تہ ھڪدم چئو ٿا تہ ’مينھن ايندو‘ ۽ ٿئي بہ ائين ٿو. 55جڏھن ڏکڻ گھلي ٿو تہ چئو ٿا تہ ’اونھارو اچڻ وارو آھي‘ ۽ واقعي ٿئي بہ ائين ٿو. 56اي رياڪارو! اوھين زمين ۽ آسمان جا رخ تہ سڃاڻي ٿا وٺو، پوءِ ھن زماني کي ڇو نہ ٿا سڃاڻو؟“

دشمنن سان ٺاھہ ڪرڻ

57”جيڪو حق آھي تنھن جو پاڻ ئي فيصلو ڇو نہ ٿا ڪريو؟ 58جيڪڏھن ڪو فريادي تو تي ڪيس ڪري ۽ تو کي ڪورٽ ڏانھن وٺي وڃي تہ واٽ تي ئي ڪوشش ڪري ساڻس ٺاھہ ڪر، متان ھو تو کي جج وٽ وٺي وڃي ۽ جج تو کي پوليس جي حوالي ڪري ۽ پوليس تو کي جيل ۾ وجھي. 59آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ جيستائين تون ڏنڊ جي پائي پائي ادا نہ ڪندين تيستائين جند نہ ڇٽندءِ.“

لوقا 13

توبھہ ڪر يا مر

1ان مھل ڪي ماڻھو آيا جن عيسيٰ کي انھن گليلين بابت ٻڌايو، جن جو رت گورنر پلاطس سندن قرباني ڪيل جانورن جي رت سان ملائي ڇڏيو ھو. 2تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”ڇا اوھين سمجھو ٿا تہ اھي گليلي ٻين سڀني گليلين کان وڌيڪ گنھگار ھئا، تنھنڪري ھنن سا اھڙو ظلم ٿيو؟ 3آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ائين نہ آھي، پر جيڪڏھن اوھين پنھنجن گناھن کان توبھہ نہ ڪندا تہ پوءِ سڀيئي ائين برباد ٿيندا، جيئن اھي ٿيا ھئا. 4يا اوھين ائين سمجھو ٿا تہ اھي ارڙھن ڄڻا، جن تي سيلوم شھر ۾ منارو ڪريو ۽ دٻجي مري ويا، سي يروشلم جي سڀني رھاڪن کان وڌيڪ گنھگار ھئا ڇا؟ 5آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ نہ، پر جيڪڏھن اوھين پنھنجن گناھن کان توبھہ نہ ڪندا تہ ائين برباد ٿيندا، جيئن اھي ٿيا ھئا.“

انجير نہ ڏيندڙ وڻ

6عيسيٰ انھن کي ھي مثال ڏيندي ٻڌايو تہ ”ھڪڙي ماڻھوءَ کي انگورن جو باغ ھو جنھن ۾ انجير جو وڻ پوکيل ھو. سو ھو آيو ۽ ان ۾ انجيرن لاءِ واجھايائين پر ھن ھڪ بہ نہ لڌو. 7تڏھن ھن مالھيءَ کي چيو تہ ’آءٌ ٽن سالن کان انھيءَ وڻ ۾ انجيرن لاءِ واجھائيندو رھيو آھيان پر ھڪ بہ نہ مليو اٿم. تنھنڪري ھن کي وڍي ڇڏ، ڇوجو ھروڀرو زمين سيڙايون بيٺو آھي.‘ 8مالھيءَ جواب ڏنو تہ ’سائين! ھن وڻ کي ھڪ سال ٻيو بہ ڇڏيو تہ آءٌ ھن جي ٻاھران چلھو کوٽيان ۽ ڀاڻ ڏيانس. 9جيڪڏھن پوءِ ميوو جھليائين تہ ڏاڍو چڱو، ⁠نہ⁠تہ کڻي وڍي ڇڏبس.‘“

سبت جي ڏينھن ڪُٻي عورت کي شفا ڏيڻ

10ھڪڙي دفعي سبت جي ڏينھن تي عيسيٰ عبادت⁠خاني ۾ ويٺي تعليم ڏني. 11اتي ھڪڙي عورت ھئي جنھن ۾ ارڙھن ورھين کان ھڪڙو ڀوت ھو، جنھن جي ڪري ھوءَ ڪمزور رھندي ھئي. تنھنڪري ھوءَ ڪُٻي ٿي ويئي ھئي ۽ بلڪل سڌي ٿي نہ سگھندي ھئي. 12عيسيٰ جڏھن ھن کي ڏٺو تہ سڏي چيائينس تہ ”اي مائي! تو پنھنجي بيماريءَ کان جند ڇڏائي.“ 13عيسيٰ کيس ھٿ لاتو تہ ھوءَ ھڪدم سنئين سڌي ٿي بيٺي ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳي. 14 پر عبادت⁠گاھہ جي اڳواڻ کي ڪاوڙ لڳي، ڇاڪاڻ⁠تہ عيسيٰ سبت جي ڏينھن بيمار کي شفا بخشي ھئي. تنھنڪري ھو ماڻھن کي چوڻ لڳو تہ ”ڇھہ ڏينھن آھن جن ۾ ڪم ڪرڻ روا آھي. انھن ڏينھن تي اچو ۽ شفا پايو پر سبت جي ڏينھن نہ اچو.“ 15خداوند کيس چيو تہ ”اي رياڪار! سبت جي ڏينھن ھر ڪو پنھنجي ڏاند يا گڏھہ کي وٿاڻ مان ڇوڙي پاڻي پيارڻ لاءِ نہ وٺي ويندو آھي ڇا؟ 16تڏھن ھيءَ عورت جا ابراھيم جي اولاد مان آھي، جنھن کي شيطان ارڙھن سالن کان ٻڌي سوگھو ڪيو ھو، تنھن کي سبت جي ڏينھن انھيءَ بندي⁠خاني کان ڇڏائڻ روا نہ ھو ڇا؟“ 17عيسيٰ جو جواب ٻڌي سڀيئي مخالف لڄي ٿيا، جڏھن تہ ھن جيڪي عجيب وَ غريب ڪم پئي ڪيا تن جي ڪري ساري خلق خوش پئي ٿي.

سرنھن جي داڻي ۽ خميري جا مثال

18عيسيٰ پڇيو تہ ”خدا جي بادشاھت ڇا جي مثل آھي؟ ان کي آءٌ ڇا سان ڀيٽيان؟ 19اھا سرنھن جي داڻي مثل آھي، جو ڪنھن ماڻھوءَ کڻي پنھنجي باغ ۾ پوکيو تہ اھو وڌي وڻ ٿي پيو ۽ سندس ٽارين ۾ پکين واھيرا ڪيا.“ 20عيسيٰ کانئن وري پڇيو تہ ”خدا جي بادشاھت کي آءٌ ڇا سان ڀيٽيان؟ 21اھا خميري جي مثل آھي، جيڪو ڪنھن عورت کڻي اچي جڏھن اٽي جي پاٽ ۾ ملايو، تہ سڄو اٽو ڦونڊجي پيو ۽ پاٽ ڀرجي ويئي.“

سوڙھو دروازو

22جيئن عيسيٰ ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر مان لنگھندو ۽ رستي ۾ تعليم ڏيندو يروشلم ڏانھن پئي ويو، 23تہ ڪنھن ماڻھوءَ پڇيس تہ ”اي خداوند! ڪن ٿورن کي ڇوٽڪارو ملندو ڇا؟“ ان کي ورنديءَ ۾ چيائين تہ 24”سوڙھي دروازي مان اندر گھڙڻ لاءِ دل⁠وجان سان ڪوشش ڪريو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ڪيترائي اندر گھڙڻ جي ڪوشش ڪندا پر گھڙي نہ سگھندا. 25جڏھن گھر ڌڻيءَ ھڪ دفعو اٿي در بند ڪري ڇڏيو، تہ پوءِ اوھين ٻاھر بيھي ڪيترو بہ در کڙڪايو ۽ چئو تہ ’اي مالڪ! اسان لاءِ در کوليو،‘ تہ ھو ورنديءَ ۾ چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوھين ڪٿان آيا آھيو.‘ 26تنھن تي اوھين کيس چوندا تہ ’اسان اوھان جي اڳيان کاڌو پيتو ۽ اوھين اسان جي گھٽين ۾ تعليم ڏيندا ھئا.‘ 27 پر ھو وري اوھان کي چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوھين ڪٿان آيا آھيو. اوھين مڙيئي بدڪار منھنجي اکين اڳيان ٽري وڃو.‘ 28 پوءِ جڏھن اوھين پاڻ کي ٻاھر ڌڪيل ۽ ابراھيم، اسحاق، يعقوب ۽ ٻين سڀني نبين کي خدا جي بادشاھت ۾ ڏسندءُ تہ روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ لڳندءُ. 29ماڻھو اوڀر ۽ اولھہ، اتر ۽ ڏکڻ کان ايندا ۽ اچي خدا جي بادشاھت جي دعوت ۾ شريڪ ٿيندا. 30 جيڪي ھاڻي پويان آھن سي اڳيان ٿيندا ۽ جيڪي اڳيان آھن، سي پويان ٿيندا.“

عيسيٰ جو يروشلم سان پيار

31ايتري ۾ فريسين عيسيٰ کي اچي چيو تہ ”ھتان نڪري ھليو وڃ، ڇاڪاڻ⁠تہ ھيروديس بادشاھہ تنھنجي مارائڻ جي ڪڍ آھي.“ 32عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”وڃو ۽ انھيءَ لومڙ کي چئو تہ آءٌ اڄ ۽ سڀاڻ ڀوت پيو ڪڍان ۽ ماڻھن کي ڇٽائي چڱو ڀلو پيو ڪريان ۽ پرينھن پنھنجو ڪم رسائي پورو ڪندس. 33پر تڏھن بہ آءٌ اڄ، سڀان ۽ پرينھن پنھنجو سفر جاري رکندس، ڇالاءِ⁠جو اھو غيرواجب آھي تہ ڪو نبي يروشلم کان ٻاھر قتل ڪيو وڃي.⁠⁠ 34اي يروشلم! اي يروشلم! تون جو نبين جو قاتل آھين ۽ جيڪي تو ڏانھن موڪليا ٿا وڃن، تن کي سنگسار ٿو ڪرين، مون تنھنجي ٻچن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنھنجن چوزن کي پنھنجن کنڀن ھيٺان گڏ ڪندي آھي، پر تو نہ چاھيو. 35 ڏس، تنھنجو ھيڪل ويران ڪيو ويندو. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اوھين مون کي تيستائين نہ ڏسندا جيستائين ائين نہ چوندا تہ ’سڳورو آھي اھو، جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي.‘“

لوقا 14

جلندر جي بيمار کي شفا ڏيڻ

1ھڪ دفعي عيسيٰ سبت جي ڏينھن تي فريسين جي اڳواڻن مان ھڪڙي جي گھر ماني کائڻ ويو ۽ ھنن کيس چتائي چتائي پئي ڏٺو. 2سندس اڳيان ھڪڙو ماڻھو بيٺو ھو، جنھن کي جلندر جي بيماري ھئي. 3عيسيٰ شريعت جي عالمن ۽ فريسين کان پڇيو تہ ”سبت جي ڏينھن شفا ڏيڻ جائز آھي يا نہ؟“ 4پر اھي ماٺ ۾ رھيا. تڏھن عيسيٰ ان ماڻھوءَ کي ھٿ لاتو ۽ کيس چڱو ڀلو ڪري روانو ڪيو. 5 پوءِ ھنن کي چيائين تہ ”جيڪڏھن اوھان مان ڪنھن جو پٽ يا ڏاند سبت جي ڏينھن کوھہ ۾ ڪري پوي تہ ڇا اوھين کيس جلدي ٻاھر ڪڍندءُ يا نہ؟“ 6پر اھي ڪو جواب ڏيئي نہ سگھيا.

مھمان⁠نوازي ۽ نِوڙت

7جڏھن عيسيٰ ھي ڏٺو تہ مھمان مٿاھيون جايون پسند ٿا ڪن، تڏھن انھن کي ھڪڙو مثال ڏيندي چيائين تہ 8 ”جڏھن ڪو تو کي شاديءَ جي دعوت ڏئي تہ مٿاھينءَ جاءِ تي نہ ويھہ، ٿي سگھي ٿو تہ تو کان بہ وڌيڪ مانواري کي دعوت ڏني ھجيس. 9پوءِ جنھن اوھان ٻنھي کي شاديءَ جي دعوت ڏني ھجي، اھو تو وٽ اچي چوي تہ ’تون ھن ماڻھوءَ کي جاءِ ڏي،‘ تہ تو کي ڪيترو نہ شرمساريءَ سان سڀ کان ھيٺاھينءَ جاءِ تي ويھڻو پوندو. 10پر جڏھن بہ تو کي اھڙي دعوت ملي تہ سڀ کان ھيٺاھينءَ جاءِ تي وڃي ويھہ، تہ جيئن ميزبان جنھن تو کي دعوت ڏني آھي اھو اچي پاڻ چويئي تہ ’ادا، مٿي اچي ويھہ،‘ تہ انھن جي اڳيان تنھنجي ڪيڏي نہ عزت ٿيندي، جن سان گڏ ويٺو ھئين. 11 ڇالاءِ⁠جو جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي، سو گھٽ ٿيندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“ 12پوءِ جنھن ماڻھوءَ عيسيٰ کي دعوت ڏني ھئي، تنھن کي عيسيٰ چيو تہ ”جڏھن بہ دعوت ڪرين، يا سڏ ڏئين تہ پنھنجن دوستن يا ڀائرن، مٽن مائٽن يا شاھوڪار پاڙيسرين کي دعوت نہ ڏي، ڇاڪاڻ⁠تہ متان اھي بہ تو کي دعوت ڏيئي پلئُہ پاڙي ڇڏين. 13پر جڏھن بہ تون مانيءَ جي دعوت ڪرين تہ غريبن، جڏن، منڊن، ٽُنڊن ۽ انڌن کي ڪوٺ ڏج، 14تہ تون سڀاڳو ٿيندين، ڇالاءِ⁠جو انھن وٽ ڪجھہ بہ ڪونھي جنھن سان تنھنجو پلئُہ پاڙين. پر تو کي قيامت ۾ ان نيڪيءَ جو اجر ملندو.“

وڏي دعوت جو مثال

15تڏھن مھمانن مان ھڪڙي اھي ڳالھيون ٻڌي عيسيٰ کي چيو تہ ”سڀاڳو آھي اُھو، جيڪو خدا جي بادشاھت ۾ ماني کائيندو.“ 16عيسيٰ ھن کي ٻڌايو تہ ”ڪنھن شخص ھڪ وڏي دعوت ڪئي، جنھن ۾ ڪيترن ئي ماڻھن کي سڏ ڏنائين. 17جڏھن ماني تيار ٿي ويئي تڏھن نوڪر کي موڪليائين تہ مھمانن کي چئُہ تہ اچن، جو ھاڻي ھر شيءِ تيار آھي. 18پر اھي سڀ ھڪٻئي پٺيان بھانا ڪرڻ لڳا. پھرين چيس تہ ’مون ٻني ورتي آھي ۽ مون کي اھا ضرور ڏسڻي آھي. سو مھرباني ڪري منھنجي طرفان معافي گھرجانءِ.‘ 19ٻئي چيس تہ ’مون ڏاندن جا پنج جوڙا ورتا آھن ۽ انھن کي آزمائڻ ٿو وڃان. مھرباني ڪري منھنجي طرفان معافي گھرجانءِ.‘ 20ٽئين چيس تہ ’مون نئين شادي ڪئي آھي، تنھنڪري آءٌ ڪونہ اچي سگھندس.‘ 21نوڪر موٽي اچي اھي سڀيئي ڳالھيون پنھنجي مالڪ کي ٻڌايون. پوءِ تہ گھر جو مالڪ اچي ڪاوڙيو، سو نوڪر کي چيائين تہ ’جلدي وڃ، شھر جي گھٽين ۽ بازارن مان غريبن، جڏن، انڌن ۽ منڊن ٽُنڊن کي وٺي اچ.‘ 22نوڪر ويو ۽ موٽي اچي ٻڌايائين تہ ’سائين! جيئن اوھان حڪم ڏنو تيئن ئي ڪيو اٿم، پر اڃا بہ جاءِ باقي آھي.‘ 23تنھن تي گھر جي مالڪ نوڪر کي چيو تہ ’سڙڪن ۽ پسگردائيءَ ۾ وڃ ۽ ماڻھن کي مجبور ڪري وٺي اچ تہ جيئن منھنجو گھر ڀرجي وڃي، 24ڇالاءِ⁠جو آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ جن کي دعوت جو سڏ ڏنو ويو ھو انھن مان ڪوبہ شخص منھنجي ماني ڪين چکندو.‘“

شاگرد بڻجڻ جا شرط

25ماڻھن جا وڏا ميڙ عيسيٰ سان گڏ پئي ھليا. ھن ڦري کين چيو تہ 26 ”جيڪڏھن ڪو منھنجي پٺيان اچڻ چاھي تہ اھو جيستائين منھنجي ڪري پنھنجي ماءُ⁠پيءُ، زال، ٻارن ۽ ڀائرن ڀينرن بلڪ خود پنھنجي جان جي بہ پرواھہ نہ ڪندو تيستائين ھو منھنجو شاگرد ٿي نہ سگھندو. 27 جيڪو پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان نہ ٿو اچي سو منھنجو شاگرد ٿي نہ ٿو سگھي. 28اوھان مان جيڪو منارو ٺھرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، اھو پھريائين ان خرچ جو ويھي اندازو نہ ٿو لڳائي ڇا، تہ انھيءَ وٽ ان کي جوڙي راس ڪرائڻ جيترو پيسو آھي يا نہ؟ 29ڇالاءِ⁠جو ائين نہ ٿئي جو ان جي پيڙھہ تہ رکرائي پر پورو نہ ڪرائي سگھي تڏھن ڏسندڙ ٺٺوليون ڪري چونس تہ 30’ھن يار، اڏاوت تہ شروع ڪئي پر پوري نہ ڪري سگھيو.‘ 31يا اھو ڪھڙو بادشاھہ آھي جو جيڪڏھن ٻئي ڪنھن بادشاھہ سان جنگ جوٽڻ وڃي ۽ پھريائين ويھي ويچار نہ ڪري تہ ’ڇا منھنجو ھي ڏھن ھزارن جو لشڪر، انھن ويھہ ھزار چڙھائي ڪندڙن جو مقابلو ڪري سگھندو يا نہ؟‘ 32ٻيءَ صورت ۾ ڪاھہ ڪندڙ اڃا پري ئي ھوندو تہ ھن ڏانھن ايلچي موڪلي صلح جا شرط پڇندس. 33سو اھڙيءَ طرح اوھان مان جنھن وٽ جو ڪجھہ آھي سو جيستائين اھو سڀ ڪجھہ ڇڏي نہ ٿو ڏئي تيستائين منھنجو شاگرد ٿي نہ ٿو سگھي.“

بي⁠سوادي لوڻ

34”لوڻ تہ چڱو آھي، پر جيڪڏھن خود لوڻ مان ئي سواد نڪري وڃي تہ ان کي ڇا سان سوادي ڪجي؟ 35پوءِ تہ اھو نہ زمين جي ڪم جو ٿيو، نہ ڀاڻ ۾ ئي ڪم آيو، بلڪ اھو کڻي ٻاھر اڇلايو ويو. جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي ڇڏي.“

لوقا 15

وڃايل رڍ جو مثال

1 ھڪ دفعي ڪيترائي محصول اڳاڙيندڙ ۽ گنھگار ماڻھو عيسيٰ جون ڳالھيون ٻڌڻ لاءِ سندس چوڌاري اچي مڙيا. 2تنھن تي فريسي ۽ شريعت جا عالم پاڻ ۾ سس⁠پس ڪرڻ لڳا تہ ”ھي يار تہ گنھگارن جي بہ آجيان ٿو ڪري ۽ کين پاڻ سان گڏ ٿو کارائي!“ 3تنھن تي عيسيٰ انھن کي ھڪڙو مثال ڏنو تہ 4”جيڪڏھن اوھان مان ڪنھن کي ⁠سؤ رڍون ھجن ۽ انھن مان ھڪڙي گم ٿي وڃينس تہ ھو ان جي لاءِ ڇا ڇا نہ ڪندو؟ ڇا ھو نوانوي کي جھنگ ۾ ڇڏي، ان ھڪڙيءَ جي پٺيان نہ رلندو جيستائين اھا نہ لڀيس؟ 5پوءِ جڏھن ھو اھا لھي ٿو تہ ايڏو خوش ٿو ٿئي جو انھيءَ کي ڪلھن تي ٿو کڻي. 6ھو جڏھن گھر پھچي ٿو تہ سڀني دوستن ۽ پاڙيسرين کي سڏي چوي ٿو تہ ’مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇالاءِ⁠جو مون پنھنجي وڃايل رڍ لڌي آھي.‘ 7آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ساڳيءَ طرح ھڪ گنھگار جيڪو توبھہ ٿو ڪري، ان لاءِ بھشت ۾ وڌيڪ خوشي ٿيندي بنسبت انھن نوانوي نيڪن جي، جن کي توبھہ جي ضرورت نہ آھي.“ وڃايل سڪي جو مثال 8”يا فرض ڪريو تہ ھڪڙيءَ عورت کي چانديءَ جا ڏھہ سڪا آھن ۽ ھڪ وڃائجي وڃينس، تہ اھا ڇا ڇا نہ ڪندي؟ ڏيئو ٻاريندي، گھر ٻھاريندي ۽ خبرداريءَ سان پيئي ڳوليندي جيستائين اھو نہ لھندي. 9جڏھن لڀيس ٿو تہ پنھنجن ساھيڙين ۽ پاڙي وارين کي سڏي گڏ ڪري چوندي تہ ’مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇالاءِ⁠جو مون پنھنجو وڃايل سڪو لڌو آھي.‘ 10آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اھڙيءَ طرح خدا جي ملائڪن ۾ بہ خوشي ٿئي ٿي جڏھن ھڪ گنھگار توبھہ ٿو ڪري.“

وڃايل پٽ جو مثال

11عيسيٰ ھيئن بہ چيو تہ ”ھڪڙي ماڻھوءَ کي ٻہ پٽ ھئا، 12جن مان ننڍي پٽ پيءُ کي چيو تہ ’اي بابا! ملڪيت مان جيڪو منھنجو حصو ٿئي ٿو سو مون کي ڏيو.‘ سو ھن پنھنجي ملڪيت ٻنھي پٽن کي ورھائي ڏني. 13اڃا ڪي ڏينھن ئي مس گذريا تہ ننڍو پٽ پنھنجو سڀ ڪجھہ ميڙي چونڊي ڪنھن ڏورانھين ملڪ جي سير تي نڪتو. اتي عيش عشرت ۾ پنھنجي سموري ملڪيت اڏائي ڇڏيائين. 14جڏھن سڀ ڪجھہ ختم ڪري چڪو، تڏھن ان ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو ۽ ھو بک مرڻ لڳو. 15انھيءَ ملڪ جي ھڪڙي ماڻھوءَ وٽ نوڪر ٿي بيھڻ لاءِ ويو جنھن کيس پنھنجن ٻنين ۾ سوئرن چارڻ جو ڪم ڏنو. 16ھو سوئرن وارو کاڌو کائي پيٽ ڀرڻ لاءِ تيار ھو، پر اھو بہ ڪنھن نہ ٿي ڏنس. 17آخرڪار ھن پاڻ سنڀاليو ۽ پنھنجيءَ دل ۾ خيال ڪيائين تہ ’منھنجي پيءُ جا تہ نوڪر بہ ڍاول ٿا رھن، پر آءٌ ھتي بک پيو مران. 18آءٌ پنھنجي پيءُ وٽ ويندس ۽ کيس چوندم تہ ”اي بابا! آءٌ خدا جو ۽ اوھان جو ڏوھاري آھيان، 19۽ ھاڻي انھيءَ لائق نہ آھيان جو اوھان جو پٽ سڏايان. مون کي پنھنجو ھڪڙو نوڪر سمجھي بيھاريو.“‘ 20سو ھو اٿي پنھنجي پيءُ ڏانھن روانو ٿيو. ھو اڃا پري ئي ھو تہ کيس ڏسي سندس پيءُ کي مٿس ڪھل آئي، سو ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چميائينس. 21تڏھن پٽ چيس تہ ’اي بابا! آءٌ خدا جو ۽ اوھان جو ڏوھاري آھيان ۽ انھيءَ لائق نہ آھيان جو اوھان جو پٽ سڏايان.‘ 22پر پڻس نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’جلدي ڪريو سٺي ۾ سٺو وڳو کڻي آڻي پھرايوس، سندس ھٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جتي پارايوس. 23ھڪڙو ٿلھو متارو وھڙو آڻي ڪھو ۽ اچو تہ کائي پي خوشيون ملھايون، 24ڇالاءِ⁠جو منھنجو ھي پٽ مري ويو ھو ۽ ھاڻي وري جيئرو ٿيو آھي. ھو گم ٿي ويو ھو ۽ ھاڻي وري مليو آھي.‘ پوءِ اھي خوشيون ملھائڻ لڳا. 25انھيءَ وقت سندس وڏو پٽ جيڪو ٻنيءَ تي ويل ھو سو موٽي آيو. جڏھن گھر جي ويجھو پھتو تڏھن ڳائڻ وڄائڻ جو آواز ٻڌائين. 26تڏھن ھڪڙي نوڪر کي سڏي پڇيائينس تہ ’ھي ڇا پيو ٿئي؟‘ 27تنھن تي نوڪر چيس تہ ’تنھنجو ڀاءُ صحيح سلامت گھر موٽي آيو، تنھنڪري تنھنجي پيءُ ٿلھو متارو وھڙو ڪھايو آھي.‘ 28تڏھن ھو ايڏو تہ ڪاوڙيو جو گھر ۾ اندر ئي نہ پيو وڃي. تنھن تي سندس پيءُ ٻاھر اچي کيس سمجھائڻ لڳو. 29پر ھن پنھنجي پيءُ کي جواب ۾ چيو تہ ’ڏسو، سالن کان آءٌ ھڪ ٻانھي وانگر اوھان جي خدمت ڪندو رھيو آھيان ۽ ڪڏھن بہ اوھان جي نافرماني نہ ڪئي اٿم، مگر توھان ڪڏھن مون کي ڇيلو بہ نہ ڏنو تہ وڃي پنھنجن سنگتين سان موجون ماڻيان. 30پر اوھان جو ھي پٽ، جنھن رنڊين ۾ اوھان جي ملڪيت اڏائي ڇڏي، سو ھاڻي آيو آھي تہ ھن لاءِ ٿلھو متارو وھڙو ڪٺو اٿوَ.‘ 31تنھن تي پيءُ چيس تہ ’پٽ! تون تہ ھميشہ مون سان گڏ آھين ۽ جيڪي منھنجو آھي سو سڀ تنھنجو ئي آھي. 32پر اسان کي تہ شادمانو ۽ خوشي ملھائڻي ھئي، ڇاڪاڻ⁠تہ تنھنجو ڀاءُ، جيڪو مري ويو ھو سو ھاڻي جيئرو ٿيو آھي، جيڪو وڃائجي ويو ھو سو ھاڻي لڌو آھي.‘“

لوقا 16

چالاڪ منشي

1پوءِ عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”ڪنھن شاھوڪار وٽ ھڪڙو منشي ھوندو ھو. ڪن ماڻھن شاھوڪار کي ٻڌايو تہ ’منشي تنھنجي دولت اڏائي ٿو.‘ 2تنھن تي شاھوڪار منشيءَ کي گھرائي چيو تہ ’تنھنجي باري ۾ آءٌ ھي ڇا پيو ٻڌان؟ پنھنجي منشگيريءَ جو سڄو حساب ڪتاب ڏي، ڇالاءِ⁠جو آءٌ تو کي اڳتي پنھنجو منشي رکي ڪين سگھندس.‘ 3تڏھن منشي دل ۾ چوڻ لڳو تہ ’پوءِ مان ڇا ڪندس؟ ڇالاءِ⁠جو منھنجو مالڪ تہ مون کي منشگيريءَ مان ڪڍي ٿو. ڪوڏر ھڻڻ جي تہ مون ۾ طاقت ڪانھي ۽ پنڻ کان بہ مون کي شرم ٿو اچي. 4سو ھاڻي اھڙو ڪم ٿو ڪريان جو جڏھن منھنجي نوڪري ختم ٿئي تہ ماڻھو مون کي پنھنجي گھر ۾ اچڻ ڏين.‘ 5سو ڇا ڪيائين جو شاھوڪار جي ھڪڙي ھڪڙي قرضدار کي سڏايائين. پھرين کان پڇيائين تہ ’منھنجي مالڪ جو تو تي ڪيترو قرض آھي؟‘ 6ھن کيس وراڻيو تہ ’زيتون جي تيل جون ھڪ ⁠سؤ سانداريون.‘ منشيءَ چيس تہ ’ويھي پنھنجي رسيد تي جھٽ ۾ پنجاھہ سانداريون لکي ڏي.‘ 7پوءِ ٻئي کان پڇيائين تہ ’تو تي ڪيترو قرض آھي؟‘ ھن ورندي ڏني تہ ’ھڪ ھزار ٻوريون ڪڻڪ جون.‘ انھيءَ کي بہ چيائين تہ ’پنھنجي رسيد کڻي اٺ ⁠سؤ ٻوريون لکي ڏي.‘ 8جيئن تہ بي⁠ايمان منشيءَ مالڪ سان چالاڪي ڪئي ھئي، سو ھو سندس چالاڪيءَ کي مڃڻ لڳو. اھڙيءَ ئي طرح ھن زماني جا ماڻھو پنھنجن معاملن ۾ خدا جي بادشاھت جي ماڻھن کان وڌيڪ چالاڪ آھن.“ 9عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ٺڳيءَ جي ڪمائيءَ سان دوست پيدا ڪريو، انھيءَ لاءِ تہ جڏھن اھا دولت کُٽي وڃي تڏھن دائمي گھرن ۾ اھي اوھان جي آجيان ڪن. 10جيڪو ٿوري ۾ ايماندار آھي سو گھڻي ۾ بہ ايماندار رھندو ۽ جيڪو ٿوري ۾ بي⁠ايمان آھي سو گھڻي ۾ بہ بي⁠ايمان ٿيندو. 11جيڪڏھن اوھين ھن ٺڳيءَ جي ڪمائيءَ جي استعمال ۾ ايماندار نہ آھيو تہ سچيءَ دولت جو اوھان تي ڪير اعتبار ڪندو؟ 12جيڪڏھن اوھين ٻين جي ملڪيت جي لاءِ ايماندار نہ آھيو تہ اوھان جي ملڪيت اوھان کي ڪير ڏيندو؟ 13 ڪوبہ نوڪر ٻن مالڪن جي خدمت ڪري نہ ٿو سگھي، ھو ھڪڙي کان نفرت تہ ٻئي سان محبت ڪندو يا ھڪڙي سان وفا تہ ٻئي سان دغا ڪندو. اوھين خدا ۽ دولت ٻنھي جي ساڳئي وقت خدمت ڪري نہ ٿا سگھو.“

عيسيٰ جون ڪي چوڻيون

14فريسي جن کي دولت سان پيار ھو، سي عيسيٰ جون اھي ڳالھيون ٻڌي مٿس چٿرون ڪرڻ لڳا. 15تڏھن عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين انھن منجھان آھيو جيڪي ماڻھن جي اڳيان پاڻ کي سچار ڏيکارين ٿا، پر خدا اوھان جي دلين کي ڄاڻي ٿو. ڇالاءِ⁠جو جيڪو ماڻھن جي ليکي چڱو آھي، سو خدا جي نظر ۾ ڪراھت جھڙو آھي.“ 16 ”موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جا صحيفا، يحيٰ جي وقت تائين ڪارآمد ھئا. تنھن وقت کان وٺي خدا جي بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي پئي ٿي ۽ ھر ڪو زور ڪري پيو اندر گھڙي. 17 آسمان ۽ زمين جو ٽري وڃڻ آسان آھي، پر شريعت جو ھڪڙو نقطو بہ ٽري نہ ٿو سگھي.“ 18 ”جيڪوبہ پنھنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪنھن ٻيءَ عورت سان شادي ٿو ڪري تنھن ڄڻ زنا ڪئي ۽ جيڪو مڙس جي طلاق ڏنل عورت سان شادي ٿو ڪري تنھن بہ ڄڻ زنا ڪئي.“

ھڪ شاھوڪار ۽ لعزر

19”ڪنھن زماني ۾ ھڪڙو شاھوڪار ماڻھو ھوندو ھو، جيڪو تمام عمدا ۽ قيمتي ڪپڙا پھريندو ھو ۽ روزانو ست رڇيون طعام کائي موجون ماڻيندو ھو. 20ماڻھو لعزر نالي ھڪ ناسورن ورتل غريب شخص کي ان جي دروازي تي ويھاري ويندا ھئا. 21ھو چاھيندو ھو تہ شاھوڪار جي اوبر وارن ٽڪرن ۽ ڳڀن سان پيٽ ڀري ڍءُ ڪري، پر وڏي مصيبت اھا ھئي جو ڪتا اچي سندس ناسوري ڦٽ چٽيندا ھئا. 22جڏھن اھو غريب ماڻھو مري ويو تہ ملائڪن کڻي وڃي کيس بھشت ۾ ابراھيم جي پاسي ۾ ويھاريو. شاھوڪار ماڻھو بہ مري ويو ۽ دفن ڪيو ويو. 23ھو دوزخ جي عذابن ۾ مبتلا ھو تہ اکيون کڻي مٿي نھاريائين تہ پريان ابراھيم جي ڀر ۾ لعزر نظر آيس. 24تڏھن ھن رڙ ڪري چيو تہ ’اي بابا ابراھيم! مون تي رحم ڪريو ۽ لعزر کي موڪليو تہ آڱر جي چوٽي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي منھنجي ڄڀ کي ٺاري، ڇالاءِ⁠جو آءٌ ھن باھہ جي سخت عذاب ۾ آھيان.‘ 25پر ابراھيم چيس تہ ’پٽ! ياد ڪر، تہ تو کي پنھنجي حياتيءَ ۾ سٺيون سٺيون شيون مليل ھيون، پر لعزر کي خراب شيون. ھاڻي ھو ھتي مزن ۾ آھي ۽ تون عذاب ۾ آھين. 26تنھن کان سواءِ اوھان ۽ اسان جي وچ ۾ وڏو اوڙاھہ آھي، تنھنڪري جيڪي ھتان اوھان ڏانھن وڃڻ گھرن تہ وڃي نہ سگھندا ۽ نہ وري اوھان وٽان ڪو اسان ڏانھن اچي سگھندو.‘ 27شاھوڪار چيو تہ ’چڱو ڀلا بابا، آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ لعزر کي منھنجي پيءُ جي گھر موڪليو. 28جيئن تہ مون کي پنج ڀائر آھن، سو ھو انھن کي وڃي تاڪيد ڪري تہ متان اھي بہ ھن عذاب جي جاءِ ۾ اچن.‘ 29تنھن تي ابراھيم وراڻيس تہ ’انھن وٽ موسيٰ ۽ نبي موجود آھن، ڀلي تہ انھن جي ٻڌن.‘ 30پر شاھوڪار چيو تہ ’نہ بابا ابراھيم! جيڪڏھن ڪو مئلن مان انھن وٽ ويندو، تہ اھي توبھہ ڪندا.‘ 31ابراھيم چيس تہ ’جيڪڏھن ھو موسيٰ ۽ نبين جي نہ ٿا ٻڌن، تہ پوءِ ڪو مئلن مان بہ جيئرو ٿي وڃين تہ انھيءَ جي بہ ڪونہ ٻڌندا.‘“

لوقا 17

گناھہ

1عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”گناھہ ڏانھن ڌتارجڻ جا سبب تہ اڻٽر آھن، پر مصيبت آھي انھيءَ لاءِ، جنھن جي ھٿان اھڙا سبب پيدا ٿين ٿا. 2ھنن ننڍڙن مان ڪنھن بہ ھڪ کي جيڪو گناھہ ڏانھن ڌُتاري ٿو، تنھن لاءِ چڱو ائين ٿيندو تہ پنھنجي ڳچيءَ ۾ جنڊ جو پُڙ وجھي سمنڊ ۾ ٽپو ڏيئي ٻڏي مري. 3 ياد رکو تہ جيڪڏھن اوھان جو ڪو ڀاءُ ڀيڻ اوھان جو گناھہ ڪري تہ کيس ھدايت ڪريو ۽ جيڪڏھن ھو توبھہ ڪري تہ بخشوس. 4جيڪڏھن ھو ڏينھن ۾ ست دفعا اوھان جو گناھہ ڪري ۽ اوھان وٽ اچي ست دفعا چوي تہ ’آءٌ توبھہ ٿو ڪريان‘ تہ اوھان کي کيس بخشڻ کپي.“

ايمان

5عيسيٰ کي رسولن چيو تہ ”اي خداوند! اسان جو ايمان وڌاءِ.“ 6خداوند چين تہ ”جيڪڏھن اوھان ۾ سرنھن جي داڻي جيترو بہ ايمان ھوندو تہ اوھين توت جي وڻ کي چئي سگھو ٿا تہ ’اتان پاڙؤن نڪري وڃي سمنڊ ۾ لڳ،‘ تہ اھو بہ اوھان جي مڃيندو.“

غلام جو فرض

7”فرض ڪريو تہ اوھان وٽ ڪو غلام آھي. ھو ھر ڪاھي يا رڍن جو ڌڻ چاري ٻنيءَ تان اچي، تہ ڇا اوھين کيس ھيئن چوندا تہ ’جلدي اچ ۽ ويھي ماني کاءُ‘؟ 8بلڪل نہ، اٽلندو اوھين کيس ھيئن چوندا تہ ’منھنجي رات جي ماني تيار ڪر. جيستائين آءٌ کائي پي بس نہ ڪريان تيستائين کڙوتڙو بيٺو رھج ۽ پوءِ وڃي تون کائجانءِ ۽ پيئجانءِ.‘ 9غلام جيڪي ڪم ڪيو، تنھن لاءِ اوھين ان جا ٿورا مڃيندا ڇا؟ 10ساڳيءَ طرح اوھان کي بہ جن ڪمن لاءِ حڪم ڪيل آھي، جڏھن اھي پورا ڪريو تڏھن چئو تہ ’اسين تہ خسيس غلام آھيون، جيڪو اسان تي ڪرڻ فرض ھو، سو ئي اسان ڪيو.‘“

ڏھن ڪوڙھہ جھڙي مرض وارن کي شفا ڏيڻ

11جيئن عيسيٰ يروشلم ڏانھن وڃي رھيو ھو تہ رستي ۾ سامريہ ۽ گليل جي وچان لنگھيو. 12جڏھن ھڪڙي ڳوٺ ۾ وڃڻ تي ھو تہ ڏھہ ڪوڙھہ جھڙي مرض وارا اچي گڏيس. انھن ڪجھہ پرڀرو بيھي 13وڏي واڪي چيس تہ ”اي عيسيٰ! اي سائين! اسان تي رحم ڪريو.“ 14 ھنن کي ڏسي چيائين تہ ”وڃو ۽ ڪاھنن کي وڃي پاڻ ڏيکاريو.“ سو جيئن ئي ھو وڃن پيا تہ رستي تي ويندي ويندي پاڪ صاف ٿي پيا. 15جڏھن انھن مان ھڪڙي ڏٺو تہ ’آءٌ چڱو ڀلو ٿي پيو آھيان،‘ تڏھن وڏي آواز سان خدا جي واکاڻ ڪندي موٽيو. 16ھو عيسيٰ جي پيرن تي منھن ڀر ڪري سندس ٿورا مڃڻ لڳو. اھو موٽڻ وارو سامري ماڻھو ھو. 17تنھن تي عيسيٰ پڇيو تہ ”ڏھہ ئي ڇٽي پاڪ صاف نہ ٿيا آھن ڇا؟ تہ پوءِ باقي نوَ ڪٿي آھن؟ 18ڇا ھن ڌارئي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ موٽيو، جو اچي خدا جي واکاڻ ڪري؟“ 19پوءِ ھن کي چيائين تہ ”اٿي ۽ وڃ، تنھنجي ايمان تو کي چڱو ڀلو ڪيو آھي.“

خدا جي بادشاھت جي اچڻ بابت

20ڪن فريسين عيسيٰ کان پڇيو تہ ”خدا جي بادشاھت ڪڏھن ايندي؟“ ھن ورنديءَ ۾ چين تہ ”خدا جي بادشاھت ايندي ڪنھن کي ڏسڻ ۾ نہ ٿي اچي. 21ڪوبہ ائين نہ چوندو تہ ’اِجھا، ھيڏانھن‘ يا ’ھوڏانھن آھي.‘ حقيقت ۾ خدا جي بادشاھت اوھان ۾ ئي آھي.“ 22ھن شاگردن کي چيو تہ ”ڪو وقت ايندو جو اوھين ابن⁠آدم جي ڏينھن مان ھڪڙي ڏينھن جي ڏسڻ لاءِ پيا سڪندا، پر اوھين نہ ڏسندا. 23ماڻھو اوھان کي چوندا تہ ’ڏسو، اِجھو ھيڏانھن، اجھو ھوڏانھن،‘ پر متان وڃو يا انھن جي پٺيان ڊوڙو. 24ڇالاءِ⁠جو جيئن کنوڻ آسمان ۾ ھڪڙي طرف کنوندي آھي ۽ چمڪاٽ ٻئي طرف ڪندي آھي، تيئن ابن⁠آدم بہ پنھنجي ڏينھن ۾ ائين ظاھر ٿيندو. 25پر پھريائين ھن کي ڪيتريون ئي سختيون سھڻيون پونديون ۽ ھن زماني جي ماڻھن کان رد ڪيو ويندو. 26 جيئن نوح جي زماني ۾ ٿيو تيئن ابن⁠آدم جي ڏينھن ۾ بہ ٿيندو. 27 تيستائين اھي کائيندا، پيئندا رھيا ۽ شاديون ڪندا ۽ ڪرائيندا رھيا، جيستائين اھو ڏينھن ٿيو جو نوح ٻيڙي ۾ گھڙيو. پوءِ ٻوڏ آئي ۽ سڀني کي ناس ڪري ڇڏيائين. 28 ساڳيءَ طرح لوط جي ڏينھن ۾ بہ ٿيو، اھي کائيندا پيئندا، وڻج واپار ڪندا، پوکيندا ۽ اڏيندا رھيا. 29پر جنھن ڏينھن لوط سدوم شھر کان نڪري ٻاھر ٿيو ھو، تنھن ڏينھن آسمان مان باھہ ۽ گندرف جو مينھن اچي وٺو ھو ۽ انھن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيو ھئائين. 30سو بلڪل ائين ئي ٿيندو جنھن ڏينھن ابن⁠آدم ظاھر ٿيندو. 31 انھيءَ ڏينھن جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪوٺي تي آھي تہ ھن کي پاڻ سان ڪا شيءِ کڻي نڪرڻ لاءِ لھي گھر ۾ وڃڻ نہ کپي ۽ ساڳيءَ ريت جيڪڏھن ڪو ٻنيءَ ۾ آھي تہ گھر ڏانھن موٽڻ نہ گھرجيس. 32 لوط جي زال واري ڳالھہ ياد رکجو. 33 جيڪوبہ پنھنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو سو اھا وڃائيندو، پر جيڪو وڃائيندو سو ئي اھا بچائيندو. 34آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ انھيءَ رات ٻہ ماڻھو گڏ ھڪ بستري تي ستل ھوندا تہ ھڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو. 35ٻہ عورتون گڏ ويٺيون جنڊ پيھنديون ھونديون، تہ ھڪڙي کنئين ويندي، ٻيءَ کي ڇڏيو ويندو. 36ٻنيءَ ۾ ٻہ ماڻھو ھوندا تہ ھڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو.“ 37 شاگردن پڇيس تہ ”اي خداوند! ڪٿي؟“ عيسيٰ وراڻين تہ ”جتي ڍونڍ ھوندو تہ ڳجھون بہ اتي ئي اچي مڙنديون.“

لوقا 18

ھڪڙي رن⁠زال ۽ جج جو مثال

1عيسيٰ پنھنجي شاگردن کي چيو تہ ”ھر وقت دعا گھرندا رھو ۽ ھمت نہ ھارجو.“ انھيءَ لاءِ ھن کين ھڪڙو مثال ڏنو تہ 2”ڪنھن شھر ۾ ھڪڙو جج رھندو ھو، جنھن کي نہ خدا جو خوف ھو ۽ نہ ماڻھن جي پرواھہ. 3انھيءَ شھر ۾ ھڪڙي رن⁠زال رھندي ھئي، جيڪا بار بار جج کي اچي چوندي ھئي تہ ’جوابدار جي خلاف منھنجو انصاف ڪر.‘ 4جج ڪجھہ وقت تہ ھن جي ٻڌي ئي ڪانہ، پر پوءِ دل ۾ چوڻ لڳو تہ ’جيتوڻيڪ مون کي نہ خدا جو خوف آھي ۽ نہ ماڻھن جي پرواھہ، 5پر جيئن تہ ھيءَ رن⁠زال اچي مون کي ڪڪ ٿي ڪري، تنھنڪري ساڻس انصاف ڪندس، ⁠نہ⁠تہ ھيءَ بار بار اچي مون کي بيزار ڪندي.‘“ 6تڏھن خداوند چيو تہ ”ٻڌءَ، ھن بي⁠انصاف جج ڇا چيو؟ 7تہ پوءِ خدا پنھنجي چونڊيلن سان انصاف نہ ڪندو ڇا، جيڪي رات ڏينھن کيس ٻاڏائين پيا؟ ڇا ھو انھن جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪندو؟ 8آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھو جلد ئي سندن انصاف ڪندو. پر جڏھن ابن⁠آدم ايندو تڏھن الائجي ماڻھن ۾ ايمان ڏسندو يا نہ؟“

فريسيءَ ۽ ھڪ محصول اڳاڙيندڙ جو مثال

9جن کي پنھنجي سچائيءَ تي ناز ھو ۽ ٻين کي گھٽ سمجھندا ھئا، تن کي عيسيٰ ھڪڙو مثال ٻڌايو تہ 10”ٻہ شخص ھيڪل ۾ دعا گھرڻ ويا، ھڪڙو فريسي ۽ ٻيو محصول اڳاڙيندڙ. 11فريسي بيھي پنھنجي دل ۾ ھيئن دعا گھرڻ لڳو تہ ’اي خدا! آءٌ تنھنجو ٿورائتو آھيان جو آءٌ ٻين ماڻھن جھڙو ڦورو، بي⁠انصاف يا زناڪار نہ آھيان، نہ وري ھن محصول اڳاڙيندڙ جھڙو آھيان. 12آءٌ ھفتي ۾ ٻہ ڏينھن روزو ٿو رکان ۽ پنھنجي سڄي ڪمائيءَ جو ڏھون حصو خيرات ٿو ڪريان.‘ 13پر محصول اڳاڙيندڙ پري بيٺو رھيو ۽ آسمان ڏانھن اکيون کڻي بہ نہ نھاريائين، بلڪ ڇاتي پٽي چوڻ لڳو تہ ’اي خدا! مون گنھگار تي رحم ڪر.‘ 14 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ پھريون نہ، پر ھي ٻيو ماڻھو سچار ٿي گھر موٽيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“

ننڍڙن ٻارن سان پيار

15ڪي ماڻھو پنھنجا ننڍڙا ٻار عيسيٰ وٽ کڻي آيا تہ ھو انھن تي ھٿ رکي. پر جڏھن شاگردن ھي ڏٺو تہ ھو انھن کي ڇينڀڻ لڳا جيڪي ٻار کڻي آيا ھئا. 16عيسيٰ شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻارڙن کي مون وٽ اچڻ ڏيو ۽ کين نہ جھليو، ڇاڪاڻ⁠تہ خدا جي بادشاھت اھڙن جي ئي آھي. 17آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان ٿو تہ جيڪوبہ ٻار وانگر خدا جي بادشاھت قبول نہ ڪندو سو ڪڏھن بہ ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“

شاھوڪار ۽ خدا جي بادشاھت

18ھڪڙي سردار عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي نيڪ استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪريان؟“ 19عيسيٰ چيس تہ ”تون مون کي نيڪ ڇو ٿو سڏين؟ خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نيڪ نہ آھي. 20 تو کي حڪمن جي خبر آھي تہ ’زنا نہ ڪر،‘ ’خون نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاھدي نہ ڏي‘ ۽ ’پنھنجي ماءُ⁠پيءُ جي عزت ڪر.‘“ 21ھن چيو تہ ”انھن سڀني تي تہ آءٌ ننڍپڻ کان ئي عمل ڪندو ٿو رھان.“ 22عيسيٰ جڏھن ھي ٻڌو، تڏھن چيائينس تہ ”اڃا تو ۾ ھڪڙي گھٽتائي آھي، تہ جيڪي⁠بہ اٿئي سو سڀ وڪڻي غريبن ۾ ورھائي ڇڏ، تہ تو کي بھشت ۾ خزانو ملندو. پوءِ اچ ۽ منھنجو پوئلڳ ٿيءُ.“ 23پر ھن جڏھن اھو ٻڌو تہ ڏاڍو غمگين ٿيو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو ڏاڍو شاھوڪار ماڻھو ھو. 24عيسيٰ ڏٺو تہ ھو ڪيتري قدر نہ غمگين ٿي پيو آھي، تڏھن چيائين تہ ”شاھوڪار ماڻھوءَ جو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ ڪيڏو نہ مشڪل آھي! 25سچ⁠پچ اُٺ جو سُئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آھي، پر شاھوڪار ماڻھوءَ جو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ اولو آھي.“ 26ماڻھن جڏھن اھو ٻڌو تڏھن پڇيائون تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“ 27عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪي ڳالھيون ماڻھن کان ٿي نہ ٿيون سگھن، سي خدا کان ٿي سگھن ٿيون.“ 28پطرس چيس تہ ”ڏسو، اسان توھان جي پٺيان ھلڻ لاءِ گھر گھاٽ ڇڏيا آھن.“ 29عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ھائو، پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اھڙو ڪوبہ ڪونھي جنھن خدا جي بادشاھت لاءِ گھر، زال، ڀائر، ماءُ⁠پيءُ يا ٻار ڇڏيا ھجن، 30۽ انھيءَ کي ھن زماني ۾ ڳچ جيترو وڌيڪ نہ ملي ۽ ايندڙ زماني ۾ دائمي زندگي.“

عيسيٰ جو پنھنجي موت بابت وري ٻڌائڻ

31عيسيٰ پنھنجن ٻارھن شاگردن کي ھڪ پاسي وٺي ويو ۽ انھن کي چيائين تہ ”ڏسو، اسين يروشلم ڏانھن ھلي رھيا آھيون ۽ جيڪي ڳالھيون ابن⁠آدم بابت نبي لکي ويا آھن، سي سڀيئي اتي پوريون ٿينديون. 32ھو غير قومن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي مٿس چٿرون ڪندا، ساڻس جٺيون ڪندا ۽ کيس ٿڪون ھڻندا. 33اھي کيس چھبڪ ھڻندا ۽ قتل ڪري ڇڏيندا، پر ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“ 34پر شاگردن انھن مان ڪا ھڪڙي ڳالھہ بہ نہ سمجھي. انھن ڳالھين جي معنيٰ کانئن ڳجھي رکي ويئي ۽ جيڪي ڳالھيون چيون ويون، تن جي کين پروڙ ئي ڪانہ پئي.

انڌي فقير کي سڄو ڪرڻ

35جيئن عيسيٰ يريحو شھر جي ويجھو اچي رھيو ھو تہ رستي تي ھڪڙي انڌي ماڻھوءَ ويٺي پنيو. 36ميڙ جي لنگھڻ جو گوڙ ٻڌي پڇيائين تہ ”ھي ڇا آھي؟“ 37ماڻھن ٻڌايس تہ ”عيسيٰ ناصري لنگھي رھيو آھي.“ 38تڏھن ھن رڙ ڪري چيو تہ ”اي عيسيٰ، ابن دائود! مون تي رحم ڪريو.“ 39تنھن تي جيڪي اڳيان پئي ويا تن ڇڙٻ ڏيئي چيس تہ ”ماٺ ڪر.“ پر ھو اڃا بہ وڏي واڪي رڙ ڪري چوڻ لڳو تہ ”اي ابن دائود! مون تي رحم ڪريو.“ 40اھو ٻڌي عيسيٰ بيھي رھيو ۽ ماڻھن کي حڪم ڏنائين تہ ”ھن کي مون وٽ وٺي اچو.“ جڏھن ھو ويجھو آيو تہ عيسيٰ پڇيس تہ 41”تون ڇا ٿو چاھين ۽ آءٌ تنھنجي لاءِ ڇا ڪريان؟“ ھن چيو تہ ”اي سائين! مون کي وري ديد ملي.“ 42عيسيٰ چيس تہ ”وٺ ھيءَ ديد ۽ ڏس، تنھنجي ايمان تو کي سڄو ڪيو آھي.“ 43ھو ھڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندو عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ لڳو. جڏھن ماڻھن ھي ڏٺو تہ سڀيئي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا.

لوقا 19

عيسيٰ ۽ زڪئي

1عيسيٰ يريحو شھر ۾ داخل ٿي ان مان لنگھي رھيو ھو. 2اتي زڪئي نالي ھڪ ماڻھو رھندو ھو، جيڪو محصول اڳاڙيندڙن جو عملدار ۽ شاھوڪار بہ ھو. 3ھن جي مرضي ھئي تہ ”ڏسان تہ عيسيٰ ڪھڙو آھي.“ پر ميڙ جي ڪري ڏسي نہ ٿي سگھيو، ڇوتہ ھن جو قد ننڍو ھو. 4تنھنڪري ھو اڳڀرو ڊوڙي وڃي ھڪڙي انجير جي وڻ تي چڙھي ويٺو، ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ انھيءَ رستي تان لنگھڻو ھو. 5جڏھن عيسيٰ انھيءَ جاءِ تي آيو، تڏھن مٿي نھاري چيائين تہ ”اي زڪئي! ھڪدم ھيٺ لھي اچ، ڇالاءِ⁠جو اڄ مون کي تنھنجي گھر ٽڪڻو آھي.“ 6ھو جلدي ھيٺ لھي آيو ۽ عيسيٰ کي خوشيءَ سان پنھنجي گھر وٺي ويو. 7اھو ڏسي سڀيئي سس⁠پس ڪرڻ لڳا تہ ”ڏسو، ھو ھڪڙي گنھگار جي گھر ٽڪيو آھي.“ 8زڪئي اٿي بيٺو ۽ خداوند کي چيائين تہ ”ڏسو، اي خداوند! آءٌ پنھنجي ملڪيت جو اڌ غريبن کي ٿو ڏيان ۽ جيڪڏھن مون ڪنھن کي ٺڳيو آھي تہ آءٌ کيس چئوڻا ڪري موٽائي ڏيندس.“ 9عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”اڄ ھن گھر ۾ ڇوٽڪارو آيو آھي، ڇالاءِ⁠جو ھي بہ ابراھيم جو اولاد آھي. 10 ابن⁠آدم انھن کي ڳولڻ ۽ بچائڻ آيو آھي جيڪي گمراھہ ٿي ويا آھن.“

سونن سڪن جو مثال

11جڏھن ماڻھن ھي ڳالھيون پئي ٻڌيون تہ عيسيٰ انھن کي ھڪڙو مثال ٻڌايو. جيئن تہ ھو يروشلم ۾ پھچڻ تي ھو، سو ھو ائين سمجھن پيا تہ اِجھا ٿي خدا جي بادشاھت ظاھر ٿئي. 12عيسيٰ چيو تہ ”ھڪڙو امير ڪنھن ڏورانھين ملڪ ڏانھن روانو ٿيو تہ جيئن اتان بادشاھت جو اختيار وٺي پوءِ وطن وري. 13ھن پنھنجن نوڪرن مان ڏھن ڄڻن کي سڏي کين سون جو ھڪ ھڪ سڪو ڏنو ۽ چيائين تہ ’جيستائين آءٌ موٽي اچان تيستائين انھن سان واپار ھلايو.‘ 14پر ھن جي وطن جا ماڻھو ھن کان بيزار ھئا، تنھنڪري ھنن سندس پٺيان انھيءَ ملڪ ڏانھن پنھنجا ايلچي موڪليا تہ ’اسان جي مرضي نہ آھي تہ ھي ماڻھو اسان جي مٿان بادشاھي ڪري.‘ 15جڏھن ھو بادشاھت جو اختيار وٺي موٽي آيو تہ حڪم ڏنائين تہ ’انھن نوڪرن کي مون وٽ وٺي اچو، جن کي آءٌ پيسا ڏيئي ويو ھوس، ڏسان تہ واپار ڪري ڪيترو ڪمايو اٿن.‘ 16پھريون آيو ۽ چيائين تہ ’سائين! توھان جي ڏنل سوني سڪي ٻيا ڏھہ سونا سڪا ڪمايا آھن.‘ 17تنھن تي ھن چيس تہ ’شاباس، چڱا نوڪر، جيئن تہ تون ٿوري ۾ ايماندار آھين، تنھنڪري ھاڻي تون ڏھن شھرن جو مالڪ آھين.‘ 18ٻيو آيو ۽ چيائين تہ ’سائين! توھان جي ڏنل سوني سڪي پنج ٻيا سونا سڪا ڪمايا آھن.‘ 19ھن ان کي بہ چيو تہ ’ھاڻي تون پنجن شھرن جو حاڪم آھين.‘ 20ٻيو ھڪڙو آيو ۽ چيائين تہ ’سائين! اِجھو، ھي آھي اوھان جو سونو سڪو. مون رومال ۾ اھو ٻڌي سنڀالي رکيو آھي، 21ڇاڪاڻ⁠تہ مون کي اوھان کان ڊپ ٿيو جو اوھين سخت ماڻھو آھيو. جيڪي توھان جمع نہ ڪيو آھي سو کڻو ٿا ۽ جيڪي اوھان نہ پوکيو آھي سو لڻو ٿا.‘ 22ھن چيس تہ ’اي بڇڙا نوڪر! تنھنجي ئي واتان آءٌ تو کي ڏوھي بڻائيندس. جڏھن تو کي خبر بہ ھئي تہ آءٌ سخت ماڻھو آھيان ۽ جيڪي جمع ڪين ڪيو اٿم سو پيو کڻان ۽ جيڪي پوکيو ئي نہ اٿم سو پيو لڻان، 23تہ پوءِ تو منھنجا پيسا ڇو ڪين سيڙايا، تہ جڏھن آءٌ موٽي اچان ھا تہ تو کان منافعي سميت اچي وٺان ھا؟‘ 24پوءِ جيڪي اتي بيٺا ھئا تن کي چيائين تہ ’ھن کان اھو ھڪڙو سونو سڪو بہ کسي ڏھن سونن سڪن واري نوڪر کي ڏيو.‘ 25تڏھن ھنن چيس تہ ’سائين! ھن وٽ اڳي ئي ڏھہ سونا سڪا آھن.‘ 26 انھن کي چيائين تہ ’آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جنھن ڪجھہ ڪمايو آھي، تنھن کي وڌيڪ ڏنو ويندو. پر جنھن ڪجھہ بہ نہ ڪمايو آھي، تنھن کان اھو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آھي. 27ٻيو تہ منھنجا اھي دشمن جن جي مرضي نہ ھئي تہ آءٌ مٿن بادشاھي ڪريان، تن کي ھتي وٺي اچو تہ کين منھنجي اڳيان قتل ڪيو وڃي.‘“

يروشلم ۾ شان سان داخل ٿيڻ

28جڏھن عيسيٰ ھي چئي چڪو، تڏھن ھو اڳتي وڌندو يروشلم ڏانھن وڃڻ لڳو. 29جڏھن ھو زيتون واري ٽڪر وٽ بيت⁠فگاہ ۽ بيت⁠عنياہ ڳوٺن جي ويجھو آيو تہ ھن ٻن شاگردن کي ھي ھدايتون ڏيئي اڳواٽ موڪليو تہ 30”اڳئين ڳوٺ ۾ وڃو ۽ جيئن اوھين ان ۾ گھڙندا تہ ھڪ کودڙو ٻڌل ڏسندا، جنھن تي اڃا تائين ڪنھن بہ ماڻھوءَ سواري نہ ڪئي آھي. ان کي ڇوڙي ھتي ڪاھي اچو. 31جيڪڏھن ڪو اوھان کان کڻي پڇي تہ ’ان کي ڇو ٿا ڇوڙيو،‘ تہ اوھين چئجوس تہ ’سائينءَ کي انھيءَ جي ضرورت آھي.‘“ 32سو اھي پنھنجو رستو وٺي ويا ۽ جيئن عيسيٰ چيو ھون تيئن ئي ڏٺائون. 33جيئن ئي کودڙو ڇوڙين پيا تہ ان جي مالڪ کين چيو تہ ”اوھين ھن کي ڇو ٿا ڇوڙيو؟“ 34ھنن ورندي ڏني تہ ”سائينءَ کي انھيءَ جي ضرورت آھي.“ 35پوءِ کودڙي کي عيسيٰ وٽ ڪاھي آيا ۽ ان جي مٿان پنھنجا ڪپڙا وجھي عيسيٰ کي ان تي سوار ڪيائون. 36جڏھن ھو ھلڻ لڳو، تڏھن ھنن پنھنجا ڪپڙا کڻي رستي تي وڇايا. 37جڏھن ھو يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر جي لاھيءَ وٽ پھتو تہ شاگردن جو سڄو ميڙ خوشيءَ ۾ ڀرجي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن سندس عجيب قوت جا معجزا ڏٺا ھئا. سو وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ 38 ”سڳورو آھي اھو بادشاھہ، جو خداوند جي نالي سان ٿو اچي، بيشڪ آسمان منجھہ سلامتي آھي ۽ عرش عظيم تي شان وارو خدا آھي.“ 39انھيءَ ميڙ مان ڪن فريسين چيس تہ ”اي استاد! پنھنجن شاگردن کي جھليو.“ 40عيسيٰ کين چيو تہ ”جيڪڏھن ھنن ماٺ ڪئي تہ خود پٿر وٺي پڪاريندا.“

عيسيٰ جو يروشلم لاءِ روئڻ

41جڏھن عيسيٰ يروشلم جي ويجھو ٿيو تہ شھر کي ڏسي مٿس رنائين، 42۽ چيائين تہ ”جيڪر تون رڳو اڄوڪي ڏينھن امن واريون ڳالھيون ڄاڻين ھا، پر ھاڻي تہ اھي تنھنجين اکين کان لڪل آھن. 43ڇوتہ اھي ڏينھن تو تي اچي ڪڙڪندا، جڏھن تنھنجا دشمن تنھنجي چوڌاري مورچا ٻڌي تو کي وڪوڙيندا ۽ چوطرف تو کي سوڙھو گھٽيندا. 44اھي تو کي ۽ تنھنجي ٻارن کي جيڪي تو ۾ آھن، جھلي پٽ تي ھڻندا ۽ تنھنجي سِر سِر سان نہ ملندي، ڇالاءِ⁠جو تو ان وقت کي نہ سڃاتو، جڏھن خدا تو کي بچائڻ لاءِ آيو.“

عيسيٰ جو ھيڪل ۾ وڃڻ

45عيسيٰ ھيڪل ۾ ويو ۽ اتي جيڪي واپار پيا ڪن تن کي ھڪالي ڪڍڻ لڳو 46 ۽ چيائين تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’منھنجو گھر عبادت جو گھر ٿيندو،‘ پر اوھان ان کي ڌاڙيلن جي پاٿاري بڻايو آھي.“ 47 عيسيٰ ھر روز ھيڪل ۾ وڃي تعليم ڏيندو ھو. سردار ڪاھنن، شريعت جي عالمن ۽ بني اسرائيل جي بزرگن وجھہ پئي ڳوليو تہ ”ڪھڙيءَ طرح ھن کي ماري کپائي ڇڏيون.“ 48پر وس ڪونہ ٿي پُڳن، ڇاڪاڻ⁠تہ ماڻھو ھن جون ڳالھيون ٻڌڻ لاءِ آتا ھئا.

لوقا 20

عيسيٰ جي اختياريءَ بابت سوال

1ھڪڙي ڏينھن جڏھن عيسيٰ ماڻھن کي ھيڪل ۾ تعليم ڏيئي رھيو ھو ۽ خوشخبريءَ جي منادي پئي ڪيائين تہ سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم بزرگن سان گڏجي وٽس آيا. 2ھنن کانئس پڇيو تہ ”اسان کي ٻڌاءِ تہ تون ڪھڙي اختياريءَ سان ھي ڪم ٿو ڪرين؟ اھو ڪير آھي جنھن تو کي اھا اختياري ڏني آھي؟“ 3عيسيٰ چين تہ ”آءٌ بہ توھان کان ھڪڙو سوال ٿو پڇان. 4مون کي ٻڌايو تہ ڇا يحيٰ جي بپتسما خدا جي طرفان ھئي يا ماڻھن جي طرفان؟“ 5تڏھن اھي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”جيڪڏھن ’خدا جي طرفان‘ ٿا چئون تہ ھو اسان کي چوندو تہ ’پوءِ توھان ھن تي ايمان ڇو نہ آندو؟‘ 6پر جي چئون ٿا ’ماڻھن جي طرفان،‘ تہ سڄي خلق اسان کي سنگسار ڪندي، ڇالاءِ⁠جو ھنن کي پڪ آھي تہ يحيٰ نبي ھو.“ 7تڏھن ھنن جواب ڏنو تہ ”اسان کي خبر نہ آھي تہ ڪنھن جي طرفان ھئي.“ 8تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”آءٌ بہ اوھان کي ڪين ٻڌائيندس تہ آءٌ ڪنھن جي اختياريءَ سان ھي ڪم ٿو ڪريان.“

انگورن جي باغ ۽ باغائين جو مثال

9 پوءِ عيسيٰ ماڻھن کي ھڪڙو مثال ڏنو تہ ”ھڪڙي ماڻھوءَ انگورن جو باغ لڳايو. باغ باغائين کي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڳچ وقت ڪنھن ٻئي ملڪ ڏانھن ھليو ويو. 10جڏھن فصل جي لھڻ جي مند آئي تہ ھڪڙي نوڪر کي باغائين ڏانھن موڪليائين تہ کانئن انگورن جي ميوي جو ڀاڱو وٺي اچي. پر باغائين ھن کي مار ڏيئي خالي ھٿين موٽائي ڇڏيو. 11تنھن تي ھن ٻيو نوڪر موڪليو. تنھن کي بہ ھنن مار ڏيئي، جٺيون ڪري خالي ھٿين موڪلي ڇڏيو. 12تڏھن ھن وري ٽيون نوڪر موڪليو. تنھن کي بہ ھنن زخمي ڪري ڌڪا ڏيئي ڪڍيو. 13تنھن تي باغ جي مالڪ چيو تہ ’ڪريان تہ ڪريان ڇا؟ پوءِ ڀلا، پنھنجو سڪيلڌو پٽ ٿو موڪليان، شايد اھي ھن جي عزت ڪن.‘ 14پر جڏھن باغائين انھيءَ کي ڏٺو، تڏھن ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ’ھي مالڪ جو وارث آھي، ڇو نہ ھن کي ماري ڇڏيون، تہ پوءِ ملڪيت ئي اسان جي ٿي پوندي.‘ 15پوءِ ھن کي باغ مان ٻاھر ڪڍي ماري ڇڏيائونس. ھاڻي باغ جو مالڪ انھن کي ڇا ڪندو؟ 16ھو پاڻ اچي باغائين کي تباھہ ڪندو ۽ باغ ٻين کي ڏيندو.“ جڏھن ھنن اھو ٻڌو تڏھن چوڻ لڳا تہ ”خدا خير ڪري.“ 17 عيسيٰ انھن ڏانھن نھاري چيو تہ ”ھي جيڪي لکيل آھي، سو ڀلا ڇا معنيٰ ٿو رکي؟ ’جنھن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو.‘ 18جيڪوبہ ان پٿر تي ڪرندو سو ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پوندو ۽ جنھن تي اھو ڪرندو، تنھن کي ھو چور چور ڪري ڇڏيندو.“

محصول ڏيڻ بابت سوال

19شريعت جي عالمن ۽ سردار ڪاھنن انھيءَ وقت ڪوشش پئي ڪئي تہ عيسيٰ کي پڪڙايون، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن ڄاتو پئي تہ ”ھن اھو مثال اسان تي آندو آھي.“ پر ھو ماڻھن کان ڊنا ٿي. 20پوءِ ھو عيسيٰ کي اک ۾ رکندا آيا ۽ ڪرائيدار ڇاڙتا ڇڏيائون تہ اھي سچار بڻجي عيسيٰ کي سندس لفظن ۾ ڦاسائين، تہ جيئن پوءِ کيس رومي گورنر جي قبضي ۽ اختيار ۾ ڏين. 21انھن ڇاڙتن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي استاد! اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي توھين چئو ٿا ۽ سيکاريو ٿا سو حق آھي ۽ توھين ڪنھن جي بہ پاسخاطري نہ ٿا ڪريو، بلڪ اوھين تہ سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. 22ھاڻ اسان کي ٻڌايو تہ اسان لاءِ قيصر کي محصول ڏيڻ جائز آھي يا نہ؟“ 23عيسيٰ انھن جي چالاڪيءَ کي سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ 24”مون کي چانديءَ جو سڪو ڏيکاريو تہ انھيءَ تي ڪنھن جي مُھر ۽ اکر آھن؟“ 25ھنن جواب ڏنو تہ ”قيصر جا.“ تنھن تي ھن انھن کي چيو تہ ”چڱو، جيڪي قيصر جو آھي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪي خدا جو آھي سو خدا کي ڏيو.“ 26ھو ماڻھن جي اڳيان کيس لفظن ۾ ڦاسائي نہ سگھيا. سندس انھيءَ جواب تي ھو حيران ٿي ويا ۽ کڻي ماٺ ڪيائون.

مرڻ کان پوءِ جيئري ٿيڻ بابت سوال

27 پوءِ ڪي صدوقي جن جو عقيدو آھي تہ قيامت آھي ئي ڪانہ، سي عيسيٰ وٽ آيا ۽ کانئس سوال پڇيائون 28 تہ ”اي استاد! موسيٰ اسان لاءِ لکي ويو آھي تہ ’جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو شادي ڪيل ڀاءُ ري⁠اولاد مري وڃي، تہ سندس ڀاءُ ھن جي زال پرڻجي تہ جيئن سندس ڀاءُ لاءِ اولاد ٿئي.‘ 29ھڪڙا ست ڀائر ھئا. پھرين شادي ڪئي ۽ ري⁠اولاد مري ويو 30تہ ٻئي سندس زال سان شادي ڪئي، اھو بہ مري ويو. 31ٽئين بہ انھيءَ عورت سان شادي ڪئي ۽ اھڙيءَ طرح ستن ئي ڀائرن ان سان شادي ڪئي ۽ ست ئي ري⁠اولاد مري ويا. 32سڀ کان پڇاڙيءَ ۾ اھا عورت بہ مري ويئي. 33ھاڻي قيامت جي ڏينھن انھن مان اھا عورت ڪنھن جي زال ٿيندي؟ ڇالاءِ⁠جو ست ئي ھن سان پرڻيا ھئا.“ 34تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”ھن زماني جا ماڻھو پرڻبا ۽ پرڻائبا آھن، 35پر جيڪي انھيءَ لائق آھن تہ آخرت ۾ جيئرا ٿي اٿن ۽ انھيءَ زماني ۾ رھن، سي نہ پرڻبا ۽ نڪي پرڻايا ويندا. 36ڇالاءِ⁠جو اھي وري ڪڏھن مرڻ جا نہ آھن، بلڪ اھي ملائڪن جھڙا ٿيندا. اھي خدا جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي مئلن مان جيئرا ٿيا آھن. 37 مُڙدن جي جيئري ٿي اٿڻ بابت موسيٰ ٻرندڙ ٻوڙي واري واقعي ۾ پاڻ اھڙو اشارو ڏنو آھي. تنھنڪري ئي ھو خداوند کي ’ابراھيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا‘ ڪري سڏي ٿو. 38سو ھاڻي ھو مئلن جو نہ، پر جيئرن جو خدا آھي، ڇالاءِ⁠جو سڀيئي ھن جي اڳيان جيئرا آھن.“ 39تڏھن ڪن شريعت جي عالمن کيس چيو تہ ”اي استاد! توھان صحيح ڳالھہ ڪئي آھي.“ 40ڇالاءِ⁠جو ھنن ۾ ھمت ئي ڪانہ رھي ھئي جو کانئس وڌيڪ سوال پڇن.

مسيح بابت سوال

41عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اھي ڪيئن ٿا چون تہ مسيح دائود جو اولاد آھي؟ 42 ڇاڪاڻ⁠تہ دائود خود زبور ۾ چيو آھي تہ ’خداوند منھنجي خداوند کي چيو تہ ”تون منھنجي ساڄي پاسي ويھہ، 43جيستائين آءٌ تنھنجي دشمنن کي تنھنجي پيرن جي صندلي نہ ڪريان .“‘ 44سو جڏھن دائود ھن کي ’خداوند‘ ڪري ٿو سڏي تہ مسيح ڪيئن سندس اولاد ٿيو؟“

شريعت جي عالمن خلاف چتاءُ

45سڀني ماڻھن جي روبرو عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ 46”شريعت جي عالمن کان ھوشيار ٿجو، جيڪي ڊگھا جبا پائي گھمڻ پسند ڪن ٿا. اھي چاھين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻھو کين سلامي ٿين. اھي عبادت⁠خاني ۾ خاص جايون ۽ مجلسن ۾ مٿاھيون جايون ٿا والارين. 47اھي رنن⁠زالن جا گھر ڦري ٿا ڇڏين ۽ ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون نمازون پڙھن ٿا. انھن کي وڌيڪ سزا ملندي.“

لوقا 21

رن⁠زال جو چندو ڏيڻ

1عيسيٰ جڏھن نھاريو، تڏھن ڏٺائين تہ شاھوڪار ماڻھو ھيڪل جي چندي جي پيتيءَ ۾ پنھنجا پنھنجا چندا وجھي رھيا آھن. 2ھن ھڪ غريب رن⁠زال کي ٻہ ننڍڙا سڪا ان پيتيءَ ۾ وجھندي ڏٺا. 3تنھن تي ھن چيو تہ ”آءٌ توھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ھن غريب رن⁠زال سڀني کان وڌيڪ چندو ڏنو. 4ڇاڪاڻ⁠تہ اھي سڀيئي پنھنجي گھڻائيءَ مان چندو ڏئي رھيا ھئا، پر ھيءَ رن⁠زال اڻ⁠ھوند مان بہ پنھنجي سڀ ڪمائي وجھي رھي ھئي.“

ھيڪل جي برباديءَ بابت ٻڌائڻ

5ڪي ماڻھو ھيڪل بابت چوڻ لڳا تہ ”ڪھڙن نہ سھڻن پٿرن ۽ نذرانن جي سوکڙين سان سينگاريل آھي.“ تنھن تي عيسيٰ چيو تہ 6”ڪو وقت ايندو تہ جيڪي ھي اوھين ڏسو ٿا تن جو اھو پٿر پٿر تي نہ رھندو، جيڪو ڊاٺو نہ ويندو.“

تڪليفون ۽ تباھيون

7انھن پڇيس تہ ”استاد، اھي ڳالھيون ڪڏھن ٿينديون؟ اھا ڪھڙي نشاني آھي جنھن مان خبر پوي تہ انھن ڳالھين جي ٿيڻ جو وقت اچي پھتو آھي؟“ 8عيسيٰ چين تہ ”خبردار، متان ٺڳجي وڃو. ڇوتہ ڪيترائي منھنجي نالي سان ايندا ۽ ھر ڪو چوندو تہ ’آءٌ مسيح آھيان.‘ يا وري چوندو تہ ’اھو وقت اچي پھتو آھي.‘ پر متان انھن جي پيروي ڪئي اٿوَ. 9بلڪ جڏھن اوھين جنگين ۽ فسادن بابت ٻڌو تڏھن گھٻرائجو نہ، ڇوتہ اھي ڳالھيون پھريائين ضرور ٿينديون، پر پڄاڻي ھڪدم ڪين ايندي.“ 10پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”قوم، قوم سان وڙھندي. بادشاھت، بادشاھت تي چڙھائي ڪندي. 11وڏا زلزلا ايندا، ڪيترن ئي ھنڌن تي ڏڪار ۽ وبائون پونديون. آسمان مان ھيبتناڪ حادثا ۽ ڳرا نشان ظاھر ٿيندا. 12پر ھنن ڳالھين ٿيڻ کان اڳي ئي اوھين سوگھا ڪيا ويندا. اوھان کي ستايو ويندو، عبادت⁠خانن وارن رھبرن جي حوالي ڪيو ويندو ۽ جيلن ۾ وڌو ويندو. منھنجي نالي جي ڪري اوھان کي بادشاھن ۽ حاڪمن اڳيان پيش ڪيو ويندو. 13ان جو نتيجو اھو نڪرندو جو اوھان کي خوشخبري ٻڌائڻ جو ھڪ موقعو ملي ويندو. 14 تنھنڪري پنھنجن دلين ۾ پڪو پھہ ڪريو تہ اوھين جواب ڏيڻ لاءِ اڳ ۾ ڪابہ ڳڻتي نہ ڪندا. 15ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ اوھان کي اھڙي زبان ۽ اھڙو عقل ڏيندس جو اوھان جا ڪي⁠بہ دشمن اوھان سان مقابلو يا انڪار ڪري نہ سگھندا. 16اوھان جا ماءُ⁠پيءُ، ڀائر، مٽ مائٽ ۽ اوھان جا سڄڻ بہ اوھان کي پڪڙائيندا، بلڪ اوھان مان ڪن کي تہ مارائي بہ ڇڏيندا. 17منھنجي نالي جي ڪري سڀ ماڻھو اوھان کان نفرت ڪندا. 18پر اوھان جو ڪو وار بہ ونگو نہ ٿيندو. 19پنھنجي صبر سان ئي اوھين پنھنجي جان بچائيندا.“

يروشلم جي تباھيءَ بابت ٻڌائڻ

20”جڏھن اوھين ڏسو تہ يروشلم کي لشڪرن گھيري ورتو آھي، تڏھن ڄاڻجو تہ سندس تباھيءَ جو وقت اچي ويجھو ٿيو آھي. 21پوءِ جيڪي يھوديہ ۾ ھجن، سي جبلن ڏانھن ڀڄي وڃن. جيڪي شھرن جي وچ ۾ ھجن سي ٻاھر نڪري وڃن ۽ جيڪي ٻھراڙيءَ ۾ ھجن سي اندر شھر ۾ نہ گھڙن. 22 ڇالاءِ⁠جو اھي وير وٺڻ جا ڏينھن ٿيندا، تہ جيئن جيڪي ڳالھيون لکيل آھن سي سڀيئي پوريون ٿين. 23افسوس آھي انھن عورتن تي جيڪي انھن ڏينھن ۾ پيٽ سان ھونديون يا ٻار ٿڻن تي ھوندن، ڇالاءِ⁠جو ھن ملڪ تي وڏي آفت ايندي ۽ ھن قوم تي غضب نازل ٿيندو. 24انھن مان ڪي تلوار سان قتل ٿيندا ۽ ڪي ٻين ملڪن ۾ قيدي ٿي ويندا. يروشلم کي غير قومون لتاڙينديون، جيستائين انھن جو مدو پورو نہ ٿئي.“

ابن⁠آدم جو اچڻ

25 ”سج، چنڊ ۽ تارن ۾ نشان ظاھر ٿيندا ۽ زمين تي قومن ۾ سمنڊ جي ڇولين جي گوڙ ڪري خوف ۽ ھراس ڇانئجي ويندو. 26جيڪي آفتون زمين تي نازل ٿيڻيون آھن، انھن جي اُلڪي ۽ ڊپ کان ماڻھن جون دليون دھلجي وينديون، ڇالاءِ⁠جو آسماني گرھہ ۽ سيارہ ڏڪي ويندا. 27 پوءِ ھو ابن⁠آدم کي وڏي قوت ۽ جلوي سان ھڪڙي ڪڪرن ۾ ايندي ڏسندا. 28جڏھن اھي ڳالھيون ٿيڻ لڳن تہ اٿجو ۽ ڪنڌ مٿي ڪجو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جو ڇوٽڪارو اوھان جي ويجھو ھوندو.“

انجير جي وڻ مان سبق پرائڻ

29عيسيٰ انھن کي ھڪڙو مثال ڏنو تہ ”انجير جي وڻ ۽ ٻين وڻن کي ڏسو. 30جيئن ئي انھن ۾ پن اچن ٿا تہ اوھين سواءِ ٻڌائڻ جي ڄاڻي ٿا وٺو تہ اونھارو آيو ڪي آيو. 31تھڙيءَ طرح جڏھن اوھين اھي ڳالھيون ٿيندي ڏسو تہ سمجھو تہ خدا جي بادشاھت اچڻ واري آھي. 32آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين اھي سڀيئي ڳالھيون پوريون نہ ٿينديون، تيستائين ھيءَ پيڙھي پوري نہ ٿيندي. 33زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منھنجو ڪلام ھرگز نہ ٽرندو.“

ھوشيار ٿجو

34”ھوشيار ٿجو، متان اوھان جون دليون ھٻڇ، نشي ۽ ھن حياتيءَ جي فڪرن ۾ ڦاسي پون. ھوشيار ٿجو، متان ابن⁠آدم جي اچڻ جو اھو ڏينھن اوھان جي مٿان اوچتو اچي ڪڙڪي. 35ڇالاءِ⁠جو اھو ڄار وانگر سڄي دنيا جي رھاڪن تي اچي ڪڙڪندو. 36ھر وقت سجاڳ رھو ۽ دعا گھرو تہ اھي ڳالھيون جيڪي ٿيڻيون آھن، شل انھن کان بچڻ جي توفيق مليوَ ۽ ابن⁠آدم جي حضوريءَ ۾ بيھي سگھو.“ 37 ھو ڏينھن جو روزانو ھيڪل ۾ تعليم ڏيندو ھو ۽ رات جو ٻاھر نڪري زيتون نالي ٽڪر تي گذاريندو ھو. 38سڀيئي ماڻھو صبح جو سوير اٿي ھيڪل ۾ سندس ڳالھيون ٻڌڻ ايندا ھئا.

لوقا 22

عيسيٰ خلاف سازش

1 ھاڻي بي⁠خميري مانيءَ جي عيد، جنھن کي عيد فصح بہ چون ٿا سا ويجھي آئي. 2سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن وجھہ پئي ڳوليو تہ چپ چاپ ۾ عيسيٰ کي مارائي ڇڏين، ڇوتہ اھي خلق کان بہ ڊنا ٿي. 3تڏھن ٻارھن شاگردن مان ھڪڙي يھوداہ، جنھن کي اسڪريوتي بہ چوندا ھئا، تنھن جي دل ۾ اچي شيطان گھڙيو. 4ھن وڃي سردار ڪاھنن ۽ ھيڪل جي حوالدارن سان صلاح ڪئي تہ ڪھڙيءَ ريت ھو عيسيٰ کي سندن حوالي ڪري. 5تنھن تي اھي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ ھن کي پيسن جي آڇ ڪيائون. 6ھن قبول ڪيو ۽ موقعي جي تاڙ ۾ ھو تہ جڏھن ميڙ نہ ھجي تہ ھو عيسيٰ کي انھن جي حوالي ڪري.

عيد فصح جي تياري

7بي⁠خميري مانيءَ جي عيد جو اھو ڏينھن آيو جنھن تي عيد فصح جي قرباني ڏيڻ ضروري ھئي. 8تڏھن عيسيٰ پطرس ۽ يوحنا کي موڪليو تہ ”وڃو ۽ اسان لاءِ عيد فصح تيار ڪريو تہ اسين کائون.“ 9ھنن کانئس پڇيو تہ ”اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي تہ اسين ڪٿي تيار ڪريون؟“ 10تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ڏسو، شھر ۾ گھڙڻ سان اوھان کي ھڪڙو ماڻھو ملندو جيڪو دلو پاڻيءَ جو کنيو پيو ايندو، تنھن جي پٺيان وڃجو. جنھن گھر ۾ اھو وڃي تہ اوھين بہ پٺيان وڃجوس. 11اوھين گھر جي مالڪ کان پڇجو تہ ’اوطاق ڪٿي آھي جتي استاد پنھنجن شاگردن سان گڏ عيد فصح کائي.‘ 12ھو اوھان کي ماڙيءَ تي ھڪ وڏو سجايل ڪمرو ڏيکاريندو، جتي اوھين تياري ڪجو.“ 13پوءِ ھو روانا ٿي ويا ۽ جيئن عيسيٰ چيو ھون ائين ئي ھر شيءِ ڏٺائون ۽ عيد فصح تيار ڪيائون.

آخري دفعو شاگردن سان گڏ کائڻ

14جڏھن اھا گھڙي اچي پھتي تہ ھو رسولن سان گڏجي دسترخوان تي ويٺو. 15انھن کي چيائين تہ ”منھنجي دل ڏاڍو ٿي چاھيو تہ آءٌ ڏکن سھڻ کان اڳ ۾ اوھان سان گڏجي ھي عيد فصح کاوان. 16ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ تيستائين آءٌ وري اھا نہ کائيندس جيستائين خدا جي بادشاھت ۾ انھيءَ جو پورو مطلب نہ نڪري.“ 17پوءِ عيسيٰ پيالو کڻي خدا جو شڪر ڪيو ۽ چيو تہ ”اچي، ھي وٺو ۽ پاڻ ۾ ورھايو. 18آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اڄ کان پوءِ آءٌ ھي مئي وري نہ پيئندس، جيستائين خدا جي بادشاھت نہ ايندي.“ 19پوءِ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳائين ۽ ھنن کي ڏيندي چيائين تہ ”ھيءُ منھنجو بدن آھي، جو اوھان جي لاءِ ڏنو وڃي ٿو. اوھين بہ منھنجي يادگيريءَ ۾ ائين ئي ڪندا رھجو.“ 20 ساڳيءَ ريت کائڻ کان پوءِ پيالو کڻي چيائين تہ ”ھيءُ پيالو خدا جو نئون عھد آھي، جيڪو منھنجي رت جي وسيلي قائم ڪيو ويو آھي. اھو رت اوھان جي لاءِ وھائجي ٿو. 21 پر ڏسو، جيڪو مون کي پڪڙائي ٿو، سو مون سان گڏ دسترخوان تي ويٺو آھي. 22ابن⁠آدم لاءِ جيئن لکيل آھي تيئن ئي ھو ھن دنيا مان وڃي ٿو، پر مصيبت آھي انھيءَ ماڻھوءَ لاءِ، جنھن جي ھٿان ھو پڪڙائجي ٿو.“ 23تنھن تي شاگرد ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”اسان مان اھو ڪير آھي جيڪو ھھڙو ڪم ڪندو؟“

وڏائپ تي تڪرار

24 شاگردن ۾ اھو بہ تڪرار پيدا ٿيو تہ ”اسان سڀني ۾ وڏو ڪير ليکبو؟“ 25 تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”قومن جا بادشاھہ مٿن حڪم ٿا ھلائين ۽ جن کي مٿن اختياري آھي، سي ماڻھن جو ڀلو ڪندڙ سڏيا وڃن ٿا. 26 پر ھي اوھان سان لاڳو نہ آھي. اوھان مان وڏي کي ننڍي وانگر ٿيڻ کپي ۽ مالڪ کي نوڪر وانگر ٿيڻ کپي. 27 وڏو ڪير آھي، ڇا اھو جيڪو کائڻ ٿو ويھي يا جيڪو سندس خدمت ٿو ڪري؟ ڇا اھو نہ آھي جيڪو کائي ويٺو؟ پر آءٌ اوھان منجھہ ائين آھيان جيئن ڪو خدمتگار. 28اوھين اھي آھيو جيڪي مون سان منھنجي سڀني آزمائشن ۾ گڏ رھيا آھيو، 29۽ جيئن منھنجي پيءُ مون لاءِ بادشاھت مقرر ڪئي آھي، تيئن آءٌ بہ اوھان لاءِ بادشاھت مقرر ٿو ڪريان. 30 اوھين منھنجي بادشاھت ۾ مون سان گڏ منھنجي دسترخوان تي کائيندا پيئندا ۽ تخت تي ويھي اوھين بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن جا فيصلا ڪندا.“

پطرس جي انڪار ڪرڻ بابت اڳڪٿي

31”شمعون! شمعون! ڏس، شيطان اوھان کي آزمائڻ جي اجازت ورتي آھي، تہ جيئن اوھان سڀني کي ڪڻڪ جي ڳاھہ وانگر ڳاھي، اَنَ ۽ بُھہ وانگر جدا جدا ڪري. 32پر مون تو لاءِ دعا گھري آھي تہ شل تنھنجو ايمان نہ لُڏي. جڏھن تون مون ڏانھن موٽي اچين تہ پنھنجي ڀائرن جي مدد ڪج.“ 33پطرس وراڻيو تہ ”اي خداوند! آءٌ تو سان گڏ جيل ۾ وڃڻ، بلڪ مرڻ لاءِ بہ ٻڌل آھيان.“ 34تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”اي پطرس! آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ جيستائين ڪڪڙ اڄ ٻانگ ڏئي، ان کان اڳ ۾ ئي ٽي دفعا تون منھنجو انڪار ڪندين تہ ’آءٌ ھن کي سڃاڻان ئي ڪين.‘“

ڳوٿري، ٻاچڪو ۽ تلوار

35 عيسيٰ ھنن کان پڇيو تہ ”ان وقت جڏھن مون اوھان کي ڳوٿريءَ، ٻاچڪي يا جتيءَ کان سواءِ موڪليو ھو، تہ ڇا اوھان کي ڪا ٻي بہ گھرج ھئي؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ڪنھن شيءِ جي بہ نہ.“ 36تڏھن عيسيٰ چين تہ ”ھاڻي جنھن کي بہ ڳوٿري ھجي تہ اھا کڻي، جنھن کي بہ ٻاچڪو ھجي تہ اھو کڻي ۽ جنھن کي بہ تلوار نہ ھجي تہ اھو پنھنجو پھراڻ وڪڻي بہ اھا خريد ڪري. 37 ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو لکيل آھي تہ ’ھو گنھگارن ۾ ليکيو ويندو،‘ سو مون لاءِ پورو ٿيڻ ضروري آھي. بيشڪ جيڪو منھنجي بنسبت لکيل آھي سو پورو ٿيڻ وارو آھي.“ 38تنھن تي شاگردن چيس تہ ”اي خداوند! اِجھو، ھي ٻہ تلوارون آھن.“ ھن چيو تہ ”بس، بس.“

زيتون جي ٽڪر تي دعا گھرڻ

39پوءِ ھو ٻاھر نڪري پنھنجي دستور موجب زيتون جي ٽڪر تي ويو ۽ شاگرد بہ ساڻس گڏ ھليا. 40جڏھن ھو انھيءَ جاءِ تي پھتو تہ انھن کي چيائين تہ ”دعا گھرو تہ شل اوھين آزمائش ۾ نہ پئو.“ 41پوءِ ھو پاڻ انھن کان ٿورو پرڀرو وڃي گوڏا کوڙي دعا گھرڻ لڳو تہ 42”اي بابا! جيڪڏھن تون چاھين تہ ھي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنھن ھوندي بہ منھنجي نہ، پر تنھنجي مرضي پوري ٿئي.“ 43ايتري ۾ آسمان مان ھڪڙو ملائڪ ھن جي حمايت ۾ نازل ٿيو. 44ھو ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ ايترو وڌيڪ جوش سان دعا گھرڻ لڳو، جو سندس پگھر جا ڦڙا رت وانگر زمين تي ڪري رھيا ھئا. 45جڏھن ھو دعا گھري اٿيو ۽ شاگردن ڏانھن موٽي آيو تڏھن ڏٺائين تہ ھو سڀ ڏک سبب ماندا ٿي ستا پيا آھن. 46ھن انھن کي چيو تہ ”اوھين ڇو ستا پيا آھيو؟ اٿو ۽ دعا گھرو تہ شل اوھين ڪنھن آزمائش ۾ نہ پئو.“

عيسيٰ جو جھلجڻ

47اڃا عيسيٰ ڳالھايو ئي پئي تہ ماڻھن جو ھڪڙو ٽولو اچي پھتو، جنھن جي اڳيان ٻارھن شاگردن مان اھو ھو جنھن کي يھوداہ ڪري سڏيندا ھئا. ھن ويجھو اچي عيسيٰ کي چمي ڏني. 48پر عيسيٰ چيس تہ ”اي يھوداہ! تون چمي ڏيئي ابن⁠آدم کي پڪڙائين ٿو ڇا؟“ 49عيسيٰ سان گڏ جيڪي شاگرد ھئا تن جڏھن ھي ٿيندي ڏٺو تہ پڇيائون تہ ”اي خداوند! اسين تلوار ھلايون ڇا؟“ 50انھن مان ھڪڙي تہ ڌڪ ھڻي سردار ڪاھن جي نوڪر جو ساڄو ڪن ڪپي وڌو. 51تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”بس، گھڻو ٿيو.“ پوءِ ھن انھيءَ جي ڪن کي ھٿ لائي ڇٽائي ڇڏيو. 52سردار ڪاھن، ھيڪل جا حوالدار ۽ بزرگ جيڪي مٿس ڪاھي آيا ھئا، تن کي عيسيٰ چيو تہ ”تلوارن ۽ لٺين سان ائين ڪاھي آيا آھيو، ڄڻ تہ آءٌ ڪو ڌاڙيل آھيان. 53 آءٌ اوھان سان روزانو ھيڪل ۾ گڏ ھوندو ھوس، پر اوھان اتي تہ مون تي ھٿ بہ نہ کنيو. پر ھاڻي اوھان جو وقت آھي ڇوتہ ھي اونداھيءَ جو راڄ آھي.“

پطرس جو عيسيٰ بابت انڪار

54انھن عيسيٰ کي پڪڙي وڏي سردار ڪاھن جي گھر آندو ۽ پطرس پرڀرو سندن پٺيان پئي آيو. 55جڏھن ھو اڱڻ جي وچ تي مچ ٻاري ويٺا، تڏھن پطرس بہ گڏجي انھن سان اچي ويٺو. 56ايتري ۾ ھڪڙي نوڪرياڻيءَ ھن کي باھہ جي سوجھري ۾ ويٺل ڏٺو ۽ چڱيءَ طرح سڃاڻي چيائين تہ ”ھي ماڻھو بہ ھن سان گڏ ھو.“ 57پر پطرس اَلي ويو ۽ چيائينس تہ ”نہ مائي! آءٌ تہ سڃاڻانس بہ ڪين.“ 58گھڙي کن کان پوءِ ٻئي ڄڻي ڏٺس ۽ چيس تہ ”تون انھن مان آھين.“ پر پطرس ورنديءَ ۾ چيو تہ ”ادا! اھو آءٌ نہ آھيان.“ 59ڪلاڪ کن کان پوءِ ھڪڙي ٻئي شخص يقين سان چيو تہ ”لاشڪ، ھي ماڻھو بہ تہ عيسيٰ سان ھو، ڇوتہ ھي بہ گليلي آھي.“ 60پر پطرس چيو تہ ”ادا! آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ اوھين ڇا ٿا چئو.“ ھو اڃا ڳالھائي ئي پيو تہ انھيءَ دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني. 61خداوند ڦري پطرس ڏانھن نھاريو تہ پطرس کي خداوند جا لفظ ياد آيا جي چيا ھئائينس تہ ”جيسين اڄ ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنھن کان اڳ ٽي دفعا تون منھنجو انڪار ڪندين.“ 62پطرس ٻاھر نڪري ويو ۽ وڃي ززاروزار روئڻ لڳو.

عيسيٰ تي چٿرون ڪرڻ ۽ مار ڏيڻ

63جن ماڻھن عيسيٰ تي پھرو پئي ڏنو، تن مٿس چٿرون پئي ڪيون ۽ ڌڪ بہ پئي ھنيائونس. 64سندس اکيون ٻڌي منھن تي چمٽون ھڻي پڇنس پيا تہ ”نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنھن تو کي ڌڪ ھنيو؟“ 65انھن ٻيون بہ ڪيتريون ئي گاريون ڏيئي کيس گھٽ وڌ پئي ڳالھايو.

عيسيٰ ڪائونسل اڳيان

66جڏھن ڏينھن ٿيو تہ يھودين جا بزرگ، سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم اچي گڏ ٿيا ۽ عيسيٰ کي انھن جي ڪائونسل اڳيان پيش ڪيو ويو. 67انھن کانئس پڇيو تہ ”ٻڌاءِ، ڇا تون مسيح آھين؟“ ھن جواب ۾ چين تہ ”جيڪڏھن آءٌ اوھان کي ٻڌايان تہ اوھين اعتبار ئي نہ ڪندا، 68۽ جيڪڏھن آءٌ اوھان کان سوال پڇان تہ اوھين جواب ئي نہ ڏيندا. 69پر ھن کان پوءِ ابن⁠آدم قادرِمطلق خدا جي ساڄي پاسي ويھندو.“ 70انھن سڀني چيو تہ ”پوءِ تون خدا جو فرزند آھين ڇا؟“ ھن جواب ۾ چين تہ ”اوھين پاڻ چئو ٿا تہ آءٌ آھيان.“ 71تنھن تي انھن چيو تہ ”اسان کي وڌيڪ ڪنھن بہ شاھديءَ جي ضرورت نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو اسان پاڻ سندس واتان ٻڌو آھي.“

لوقا 23

عيسيٰ پلاطس جي اڳيان

1تڏھن سڄي ڪائونسل وارا اٿي کڙا ٿيا ۽ عيسيٰ کي پلاطس وٽ وٺي آيا. 2اتي مٿس تھمتون ھڻي چوڻ لڳا تہ ”اسان ڏٺو آھي تہ ھيءُ ماڻھو اسان جي قوم کي برغلائي ٿو، ماڻھن کي قيصر جي ڍل ڏيڻ کان جھلي ٿو ۽ دعويٰ ٿو ڪري تہ ’آءٌ پاڻ مسيح بادشاھہ آھيان.‘“ 3پلاطس ھن کان پڇيو تہ ”ڇا تون يھودين جو بادشاھہ آھين؟“ عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”اھو تہ اوھين ٿا چئو.“ 4تنھن تي پلاطس سردار ڪاھنن ۽ ماڻھن کي چيو تہ ”ھي مون کي ڪنھن بہ طرح ڏوھي ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“ 5پر انھن تيئن زور ڏيندي چيو تہ ”سڄي يھوديہ ۾، بلڪ گليل کان وٺي ھن جاءِ تائين ھي ماڻھن کي باغي ڪندو رھيو آھي.“

عيسيٰ ھيروديس اڳيان

6جڏھن پلاطس اھو ٻڌو تڏھن پڇيائين تہ ”ڇا ھي گليلي آھي؟“ 7جڏھن کيس خبر پيئي تہ ھو ھيروديس جي حد جو آھي، تڏھن عيسيٰ کي گليل جي بادشاھہ ھيروديس ڏانھن موڪليائين جو پڻ انھن ڏينھن ۾ يروشلم ۾ ھو. 8ھيروديس جڏھن عيسيٰ کي ڏٺو تہ ڏاڍو خوش ٿيو. ھن کي گھڻي وقت کان تمنا ھئي تہ عيسيٰ کي ڏسي، ڇالاءِ⁠جو ھن بابت گھڻو ڪجھہ ٻڌو ھئائين ۽ چاھي پيو تہ ھن کي ڪو معجزو ڪندي ڏسي. 9ھن کانئس ڪيترائي سوال پڇيا پر عيسيٰ کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو. 10سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم جيڪي اتي بيٺا ھئا، سي عيسيٰ تي سختيءَ سان تھمتون ھڻڻ لڳا. 11تڏھن ھيروديس پنھنجي سپاھين سميت عيسيٰ تي ٺٺوليون ڪري کيس بي⁠عزتو ڪيو. پوءِ ھن کي شاندار وڳو پھرائي واپس پلاطس ڏانھن موڪليائون. 12انھيءَ ئي ڏينھن پلاطس ۽ ھيروديس دوست ٿي پيا، جيڪي اڳي پاڻ ۾ وڙھيل ھئا.

عيسيٰ لاءِ موت جي فتويٰ

13پلاطس سردار ڪاھنن، اڳواڻن ۽ عام ماڻھن کي سڏائي گڏ ڪيو. 14کين چيائين تہ ”اوھين ھن شخص تي جا تھمت ھڻي ھت مون وٽ وٺي آيا آھيو تہ ھو قوم کي برغلائي ٿو، تنھن لاءِ مون اوھان جي اڳيان جاچي ڏٺو آھي تہ ھو اھڙي ڪنھن بہ ڏوھہ جو ڏوھاري نہ آھي، جيئن اوھين چئو ٿا. 15ان کان علاوہ نہ ئي ھيروديس کي ھن ۾ ڪو ڏوھہ نظر آيو، ڇاڪاڻ⁠تہ انھيءَ بہ ھن کي اسان ڏانھن واپس موڪليو آھي. ھن اھڙو ڪوبہ ڏوھہ نہ ڪيو آھي جو کيس موت جي سزا ڏني وڃي. 16‏-17تنھنڪري آءٌ کيس چھبڪن جي ڇنڊ ڪڍائي ڇڏي ٿو ڏيانس.“ 18تنھن تي سڀني وٺي رڙيون ڪيون تہ ”انھيءَ کي ماري ڇڏيو ۽ برابا کي اسان جي خاطر ڇڏي ڏيو.“ 19برابا کي شھر ۾ ڪنھن فساد ۽ خون ڪرڻ سبب جيل ۾ وڌو ھئائون. 20پلاطس جي مرضي ھئي تہ عيسيٰ کي ڇڏي ڏجي. سو ھن وري بہ ھڪ دفعو ميڙ کي چيو. 21پر ھنن گوڙ ۽ رڙين سان جواب ڏنو تہ ”صليب تي چاڙھيوس، صليب تي.“ 22پلاطس ٽيون دفعو پڇين تہ ”ڇو؟ ھن ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آھي؟ آءٌ ھن کي موت جي سزا ڏيڻ لاءِ ڪوبہ سبب نہ ٿو ڏسان، تنھنڪري آءٌ کيس چھبڪ ھڻائي ڇڏي ٿو ڏيان.“ 23پر اھي واڪا ڪري زور رکي چوندا رھيا تہ ”صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻوس.“ ائين گوڙ ڪري پنھنجي ڳالھہ مڃائي ويا. 24تنھن تي پلاطس فتويٰ ڏني تہ ”سندن عرض قبول پوي.“ 25ھن انھيءَ ماڻھوءَ کي ڇڏي ڏنو جنھن لاءِ ھو چاھين پيا، جيڪو ھڪ فساد ۾ خون ڪرڻ ڪري جيل ۾ پيو ھو. پر عيسيٰ کي انھن جي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ سپاھين جي حوالي ڪيائين.

صليب تي عيسيٰ کي ڪوڪا ھڻڻ

26جيئن سپاھي عيسيٰ کي وٺي پئي ويا تہ شمعون ڪرينيءَ نالي ھڪڙو ماڻھو کين مليو، جيڪو ٻھراڙيءَ مان شھر ڏانھن پئي آيو، تنھن کي پڪڙي صليب کڻي مٿانئس رکيائون تہ ھو اھو عيسيٰ جي پٺيان کڻي ھلي. 27ھن جي پٺيان ماڻھن جو وڏو ميڙ ھو. انھن ۾ ڪي عورتون بہ ھيون جيڪي ھن لاءِ روئنديون ۽ سينا پٽينديون پئي آيون. 28عيسيٰ ڦري ھنن کي چيو تہ ”اي يروشلم جون نياڻيون! منھنجي لاءِ نہ روئو، پر پنھنجي لاءِ ۽ پنھنجن ٻچن لاءِ روئو، 29ڇالاءِ⁠جو اھي ڏينھن اچن پيا جڏھن ماڻھو چوندا تہ ’سڀاڳيون آھن اھي عورتون جيڪي سنڍ آھن، جن ڪڏھن بہ ٻار نہ ڄڻيا آھن ۽ نہ ڪڏھن ٿڃ پيئاري اٿائون.‘ 30 انھيءَ وقت اھي پھاڙن کي چوندا تہ ’اسان مٿان ڪِرو‘ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ ’اسان کي لڪايو.‘ 31ڇالاءِ⁠جو جيڪي سائي وڻ سان ھيئن ٿا ڪن تہ سڪي وڻ سان ڇا ڇا نہ ڪندا؟“ 32انھن ٻين ٻن ماڻھن کي بہ آندو جيڪي ڏوھاري ھئا، تن کي بہ عيسيٰ سان گڏ مارڻ لاءِ وٺيو پئي ويا. 33جڏھن اھي انھيءَ جاءِ تي پھتا جنھن کي ”کوپري“ سڏين ٿا، تڏھن انھن عيسيٰ ۽ ٻنھي ڏوھارين کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھنيا، ھڪ سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي. 34 عيسيٰ چيو تہ ”اي بابا! ھنن کي بخش، ڇاڪاڻ⁠تہ ھي نہ ٿا ڄاڻن تہ ھو ڇا ڪري رھيا آھن.“ اھي ھن جا ڪپڙا پاڻ ۾ ورھائڻ لاءِ پُکا وجھڻ لڳا. 35 ماڻھن بيٺي ڏٺو. تڏھن يھودين جي اڳواڻن مٿس چٿرون ڪندي چيو تہ ”ھون، ٻين کي ٿي بچايائين. جيڪڏھن ھي خدا جو مسيح ۽ سندس چونڊيل آھي تہ ھاڻي پاڻ کي تہ بچائي.“ 36 سپاھي بہ مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا ۽ وٽس ويجھو اچي ڪؤڙي مئي آڇي 37چوڻ لڳا تہ ”جيڪڏھن تون يھودين جو بادشاھہ آھين تہ پاڻ کي بچاءِ.“ 38ھن جي مٿان ھڪ تختي بہ لڳائي ويئي، جنھن تي لکيل ھو تہ ”ھيءُ يھودين جو بادشاھہ آھي.“ 39جيڪي ڏوھاري عيسيٰ سان گڏ ٽنگيل ھئا، تن مان ھڪڙي طعنو ھڻندي چيس تہ ”تون مسيح نہ آھين ڇا؟ پوءِ پاڻ کي ۽ اسان کي بچاءِ.“ 40پر ٻئي انھيءَ کي ڇينڀي چيو تہ ”ڇا تو کي خدا جو بہ خوف نہ آھي؟ جيتوڻيڪ تون بہ تہ ساڳيءَ سزا ۾ آھين. 41اسان کي جيڪا سزا ملي آھي سا حقي واجبي آھي، ڇوتہ اسان ائين ئي ڪيو ھو، پر ھن تہ ڪوبہ ڏوھہ نہ ڪيو آھي.“ 42پوءِ ھن عيسيٰ کي چيو تہ ”اي عيسيٰ! جڏھن اوھين بادشاھہ ٿي اچو، تڏھن مون کي ياد ڪجو.“ 43عيسيٰ ان کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اڄ ئي تون مون سان گڏ بھشت ۾ ھوندين.“

عيسيٰ جو موت

44تڏھن منجھند جي مھل کان وٺي ٽپھريءَ تائين سڄي ملڪ تي اوندھہ ڇانيل رھي. 45 سج ڪاراٽجي ويو ۽ ھيڪل جو پردو ڦاٽي ٻہ اڌ ٿي پيو. 46 عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”اي بابا! آءٌ پنھنجو روح تنھنجي ھٿن ۾ ٿو سونپيان.“ بس ايترو چئي دم ڏنائين. 47ھي سڀ ڏسي فوجي صوبيدار خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳو، ۽ چيائين تہ ”بيشڪ ھي ھڪ نيڪ ماڻھو ھو.“ 48جيڪي ماڻھو ھن واقعي کي ڏسڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا ھئا، سي پنھنجا سينا پٽيندا گھرن ڏانھن موٽيا. 49 پر اھي جيڪي عيسيٰ کي ذاتي طرح ڄاڻين پيا ۽ عورتون جيڪي گليل کان ساڻس گڏجي آيون ھيون، تن پري کان بيٺي اھي ڳالھيون ٿيندي پئي ڏٺيون.

عيسيٰ جو ڪفن دفن

50يوسف نالي ھڪڙو ڪائونسل جو ميمبر ھو، جو نيڪ ۽ عزت وارو ماڻھو ھو. 51ڪائونسل جي ميمبر ھوندي بہ ھن انھن جي راءِ ۽ فيصلي کي قبول نہ ڪيو. ھو يھودين جي شھر ارمٿيا جو رھاڪو ھو ۽ خدا جي بادشاھت جي انتظار ۾ ھو. 52ھو پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ عيسيٰ جي لاش جي گھُر ڪيائين. 53پوءِ ھن لاش ھيٺ لھرايو ۽ اُچي ڪفن ۾ ويڙھي قبر ۾ رکيائين، جيڪا ھڪ ٽڪر تي کوٽيل ھئي ۽ اڳ استعمال نہ ٿيل ھئي. 54اھو جمعي جو ڏينھن، يعني يھودين جي تياريءَ جو ڏينھن ھو ۽ سبت شروع ٿيڻ وارو ھو. 55عورتون جيڪي گليل کان عيسيٰ سان گڏجي آيون ھيون، تن يوسف جو پيڇو ڪري اھا قبر ڏٺي ۽ اھو بہ تہ عيسيٰ جو ميت ڪيئن ان ۾ رکيو ويو. 56 پوءِ ھو گھر واپس ويون ۽ ميت لاءِ سرھاڻيون ۽ عطر تيار ڪيائون. سبت جي ڏينھن خدائي حڪم موجب انھن آرام ڪيو.

لوقا 24

عيسيٰ جو وري جيئرو ٿيڻ

1آچر جي ڏينھن پرھہ ڦٽيءَ جو سوير اھي عورتون قبر تي آيون ۽ سرھاڻيون بہ پاڻ سان کڻي آيون، جيڪي انھن تيار ڪيون ھيون. 2اچي ڏسن تہ مار! پٿر جيڪو قبر جي منھن تي ڏنل ھو، سو پاسي تي رڙھيو پيو آھي. 3جڏھن قبر ۾ اندر گھڙي ويون تہ ڏٺائون تہ خداوند عيسيٰ جو ميت تہ آھي ئي ڪونہ. 4اڃا انھيءَ حيرانيءَ ۾ ئي بيٺيون ھيون تہ ڏسن تہ ٻہ ماڻھو تجليدار پوشاڪ ۾ وٽن اچي بيٺا. 5تنھن تي ھو ڏاڍو ڊڄي ويون ۽ جھٽ کڻي مٿا زمين تي ٽيڪيائون. تڏھن انھن ماڻھن چين تہ ”جيڪو جيئرو آھي، تنھن کي مئلن ۾ اوھين ڇو ٿيون ڳوليو؟ 6 ھو ھتي ڪونھي پر جيئرو ٿي اٿيو آھي. ياد اٿوَ تہ جڏھن ھو گليل ۾ ھو تڏھن اوھان کي ڇا چيو ھئائين تہ 7’اھو ضروري آھي تہ ابن⁠آدم کي گنھگارن جي حوالي ڪيو وڃي ۽ صليب تي چاڙھيو وڃي ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿي.‘“ 8تڏھن عورتن کي ھن جا لفظ ياد آيا. 9پوءِ ھنن قبر کان موٽي اچي يارھن شاگردن ۽ ٻين سڀني ماڻھن کي اھي ڳالھيون ٻڌايائون. 10اھي عورتون مريم مگدليني، يوعانا، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ ٻيون جيڪي ساڻن گڏ ھيون، تن اچي رسولن سان اھي ڳالھيون ڪيون. 11پر رسولن انھيءَ ڳالھہ کي اڻ⁠ٿيڻي سمجھي انھن عورتن جي ڳالھين تي يقين نہ ڪيو. 12تنھن ھوندي بہ پطرس اٿيو ۽ وٺي قبر ڏانھن ڊوڙيو ۽ اندر ليئو پائي ڏٺائين تہ رڳو ڪفن پيو آھي. تڏھن جيڪو وھيو واپريو ھو تنھن تي عجب کائيندي گھر موٽيو.

اِمائوس ڏانھن پنڌ

13انھيءَ ساڳئي ڏينھن تي شاگردن منجھان ٻہ ڄڻا اِمائوس نالي ڳوٺ ڏانھن پئي ويا، جيڪو يروشلم کان اٽڪل يارھن ڪلوميٽر کن پري ھو. 14اھي ٿيل واقعن بابت پاڻ ۾ ڳالھيون ڪندا پئي ويا. 15جيئن پاڻ ۾ ڳالھيون ٻولھيون ڪندي سوال جواب پئي ڪيائون تہ عيسيٰ پاڻ اچي ساڻن گڏ پنڌ ھلڻ لڳو. 16پر انھن جو اکيون ھن کي سڃاڻڻ لاءِ مُنڊيل ھيون. 17عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين پاڻ ۾ ڪھڙين ڳالھين تي بحث ڪندا پيا وڃو؟“ تنھن تي ھو غمگين ٿي بيھي رھيا. 18انھن مان ڪلوپاس نالي شخص ورندي ڏنس تہ ”ڇا رڳو تون ئي اھڙو ماڻھو نہ آھين جنھن کي خبر ئي نہ آھي تہ اڄڪلھہ ھت يروشلم ۾ ڇا وھيو واپريو آھي؟“ 19تنھن تي ھن پڇين تہ ”ڇا ٿيو آھي؟“ انھن وراڻيو تہ ”اھي عيسيٰ ناصريءَ جون ڳالھيون، جيڪو خدا توڙي ساري خلق اڳيان قول ۽ فعل ۾ قدرت وارو نبي ھو. 20اسان جي سردار ڪاھنن ۽ حاڪمن پڪڙايس تہ کيس موت جي سزا ملي ۽ کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻايائون. 21اسان کي اميد ھئي تہ ھن جي ئي ھٿان بني اسرائيل جو ڇوٽڪارو ٿيندو ۽ ھاڻي تہ ان واقعي کي بہ اڄ ٽيون ڏينھن ٿيو آھي. 22اسان جي ڪن عورتن تہ ان وقت اسان کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو، جڏھن اھي صبح جو سوير قبر تي ويون، 23پر قبر ۾ ميت نہ ڏٺائون. اھي موٽي آيون ۽ ٻڌايائون تہ انھن رويا ۾ ملائڪن کي بہ ڏٺو، جن کين ٻڌايو تہ ھو جيئرو آھي. 24اسان جي ٽولي مان ڪي قبر تي ويا ۽ برابر ائين ئي ڏٺائون جيئن عورتن چيو ھو، پر عيسيٰ کي ڪين ڏٺائون.“ 25تڏھن عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اي نادانو! اوھين نبين جي سڀني ڳالھين کي مڃڻ ۾ ڪيترا نہ بي⁠پرواھہ آھيو. 26ڇا مسيح لاءِ اھو ضروري نہ ھو تہ ھو ھيئن ڏک سھي ۽ پوءِ اچي پنھنجو شان وَ شوڪت ماڻي؟“ 27پوءِ عيسيٰ انھن کي موسيٰ جي لکت کان وٺي ٻين سڀني نبين جي لکت تائين، سڀ ڳالھيون سمجھايون تہ انھن ۾ سندس بابت ڇا لکيل آھي. 28جنھن ڳوٺ ڏانھن ھو ويا پئي، تنھن کي جڏھن ويجھا ٿيا تہ عيسيٰ ائين ھليو ڄڻ کيس اڃا اڳتي وڃڻو آھي. 29پر انھن کيس پوئتي ڇڪي جھليو تہ ”اسان سان ٽڪي پئو، ڇوتہ سانجھي ٿيڻ واري آھي ۽ ڏينھن لڙي ويو آھي.“ تڏھن ھو انھن سان ٽڪڻ لاءِ گھر اندر ويو. 30ھو انھن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو ۽ ماني کڻي رب جو شڪر ڪيائين. پوءِ ماني ڀڃي کين ڏنائين. 31ھاڻي انھن جون اکيون کليون ۽ عيسيٰ کي سڃاتائون، پر ھو انھن جي اکين اڳيان غائب ٿي ويو. 32اھي ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ڇا ائين نہ ھو تہ جنھن مھل رستي تي ھو اسان سان ڳالھائي پيو ۽ پاڪ لکتون سمجھائي پيو، تڏھن ڄڻ تہ اسان جي اندر ۾ نور پيو ٻري؟“ 33انھيءَ ئي وقت ھو اٿي کڙا ٿيا ۽ يروشلم ڏانھن موٽي آيا، تہ اتي يارھن شاگردن کي ٻين سان گڏ ڏٺائون، 34جيڪي چون پيا تہ ”خداوند سچ⁠پچ جيئرو ٿيو آھي ۽ ھن شمعون کي ڏيکاري ڏني آھي.“ 35تنھن تي ھنن ٻنھي انھن کي اھو سربستو احوال ٻڌايو جيڪو رستي تي ٿي گذريو ھو ۽ اھو بہ تہ ڪيئن ھنن خداوند کي ماني ڀڃڻ مھل سڃاتو ھو.

پنھنجن شاگردن کي ڏيکاري ڏيڻ

36ھنن اڃا اھي ڳالھيون ئي پئي ڪيون تہ عيسيٰ خود اچي وچ ۾ بيٺن ۽ چيائين تہ ”سلام.“ 37ھو خوف ۽ ھراس ۾ ڀرجي ويا ۽ سمجھيائون تہ ڪو روح ٿا ڏسون. 38پر ھن چين تہ ”ڇو منجھي پيا آھيو ۽ اوھان جي دلين ۾ ڇو وسوسا پيا جاڳن؟ 39منھنجي ھٿن پيرن کي ڏسو تہ آءٌ اھو ساڳيو ئي آھيان. مون کي ھٿ لائي جاچيو، ڇالاءِ⁠جو جھڙا ھڏا ۽ ماس مون ۾ ٿا ڏسو، تھڙا روح ۾ ڪونہ ٿيندا آھن.“ 40ائين چئي ھن کين پنھنجا ھٿ ۽ پير ڏيکاريا. 41انھن کي اڃا تائين اعتبار ئي نہ ٿي آيو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو خوشي ۽ تعجب ۾ ڀريل ھئا. تنھن جي ڪري ھن پڇين تہ ”ڇا اوھان وٽ ڪا کائڻ جي شيءِ آھي؟“ 42تنھن تي ھنن پڪل مڇيءَ جو ٻيرو آڻي ڏنس، 43جيڪو ھن انھن جي سامھون ويھي کاڌو. 44پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اھي ئي ڳالھيون ھيون جيڪي مون اوھان کي ٻڌايون ھيون، جڏھن اڃا اوھان سان ھوس، تہ منھنجي بابت جيڪوبہ موسيٰ جي توريت، نبين جي لکتن ۽ زبور ۾ لکيل آھي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“ 45پوءِ پاڪ لکتن کي سمجھڻ لاءِ سندن ذھن اجاگر ڪيائين 46۽ کين چيائين تہ ”ھيئن لکيل آھي تہ مسيح ڏک سھي ۽ ٽئين ڏينھن تي مئلن مان جيئرو ٿي اٿي، 47۽ ھن جي نالي ۾ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين توبھہ ۽ گناھن جي بخشڻ جي تبليغ ضرور ڪئي وڃي. 48اوھين انھن ڳالھين جا شاھد آھيو. 49 ڏسو، آءٌ اوھان تي اھو موڪلڻ وارو آھيان، جنھن جو منھنجي پيءُ واعدو ڪيو آھي. پر جيستائين اوھان کي مٿان طاقت نہ عطا ٿئي تيستائين شھر ۾ رھجو.“

عيسيٰ جو آسمان ڏانھن کڄي وڃڻ

50 پوءِ عيسيٰ انھن کي ٻاھر ڪڍي بيت⁠عنياہ جي ويجھو وٺي آيو ۽ پنھنجا ھٿ کڻي انھن لاءِ رحمت گھريائين. 51جيئن ئي انھن لاءِ رحمت گھري رھيو ھو تہ کانئن جدا ٿيندو ويو، تان جو آسمان ڏانھن کڄي ويو. 52انھن ھن جي عبادت ڪئي ۽ خوشيءَ سان گدگد ٿيندا يروشلم ڏانھن موٽي ويا 53۽ سڄو وقت ھيڪل ۾ خدا جا شڪرانا ڪندي گذاريائون.

يوحنا 1

زندگيءَ جو ڪلام

1دنيا جي شروعات کان اڳي ئي ڪلام موجود ھو، ڪلام خدا سان ھو ۽ ڪلام خدا ھو. 2اھو ئي شروعات ۾ خدا سان ھو. 3سڀيئي شيون ھن جي وسيلي پيدا ٿيون آھن ۽ جيڪا بہ شيءِ پيدا ٿي آھي، سا ھن کان سواءِ نہ بڻائي ويئي آھي. 4ڪلام ئي زندگي ڏيندڙ ھو ۽ اھا زندگي ئي انسانن لاءِ روشني ھئي. 5روشني اوندھہ ۾ چمڪي ٿي ۽ اوندھہ ڪڏھن بہ روشنيءَ تي غالب نہ آئي آھي. 6 يحيٰ نالي ھڪڙو شخص آيو، جيڪو خدا وٽان موڪليو ويو ھو. 7اھو شاھد ٿي آيو تہ جيئن روشنيءَ بابت شاھدي ڏئي ۽ سڀيئي ماڻھو ان روشنيءَ تي ايمان آڻين. 8ھو پاڻ تہ روشني نہ ھو، پر روشنيءَ بابت شاھدي ڏيڻ لاءِ آيو ھو. 9اھا سچي روشني جيڪا ھر ھڪ انسان تي چمڪي ٿي سا اچڻ واري ھئي. 10ڪلام دنيا ۾ ھو ۽ ھن جي ئي وسيلي دنيا پيدا ڪئي ويئي، تہ بہ دنيا ھن کي نہ سڃاتو. 11ھو پنھنجن وٽ آيو، مگر پنھنجن کيس قبول نہ ڪيو. 12پر جن بہ کيس قبول ڪيو يعني مٿس ايمان آندو، تن کي اھو حق ڏنائين تہ ھو خدا جا ٻار ٿين. 13اھي رواجي طرح جسماني خواھش يا انساني مرضيءَ سان خدا جا ٻار نہ ٿيا، پر خدا خود کين پنھنجو ٻار بڻايو. 14ڪلام انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رھيو. اسان سندس جلوو ڏٺو، جيڪو ھن کي پيءُ جي ھڪڙي ئي فرزند ھئڻ ڪري مليو ۽ ھو فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ھو. 15يحيٰ ھن بابت شاھدي ڏيندي وڏي واڪي چيو ھو تہ ”ھي اھو آھي، جنھن بابت مون چيو ھو تہ ’جيڪو منھنجي پٺيان ٿو اچي سو مون کان وڏو آھي، ڇالاءِ⁠جو ھو منھنجي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي موجود ھو.‘“ 16ھن جي فضل جي گھڻائيءَ جي ڪري اسان سڀني کي بخشش پٺيان بخشش ملي آھي. 17شريعت موسيٰ جي معرفت ملي، پر فضل ۽ سچائي عيسيٰ مسيح جي معرفت مليا. 18ڪنھن بہ ماڻھوءَ خدا کي ڪڏھن ڪونہ ڏٺو آھي پر سندس اڪيلي ئي فرزند، جيڪو سندس پاسي ۾ آھي، تنھن ئي کيس ظاھر ڪيو آھي.

يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي شاھدي

19يحيٰ جي شاھدي ھن طرح آھي تہ جڏھن يروشلم جي يھودي اڳواڻن يحيٰ ڏانھن ڪاھن ۽ لاوي موڪليا، جن اچي کانئس پڇيو تہ ”تون ڪير آھين؟“ 20تڏھن يحيٰ جواب ڏيڻ کان انڪار نہ ڪيو، بلڪ کليو کلايو صاف چئي ڏنائين تہ ”آءٌ مسيح نہ آھيان.“ 21 انھن پڇيس تہ ”پوءِ تون ڪير آھين؟ ڇا تون الياس نبي آھين؟“ يحيٰ وراڻين تہ ”نہ، آءٌ الياس نہ آھيان.“ انھن چيو تہ ”ڇا ڀلا تون اھو نبي آھين، جيڪو اچڻو آھي؟“ يحيٰ وراڻين تہ ”نہ.“ 22تنھن تي انھن چيس تہ ”پوءِ ٻڌاءِ تہ تون ڪير آھين؟ اسان کي جواب وٺي انھن کي ٻڌائڻو آھي جن اسان کي موڪليو آھي. تون پنھنجي بابت ڇا ٿو چوين؟“ 23 تنھن تي يحيٰ يسعياہ نبيءَ جا ھي لفظ ورجايا تہ ”آءٌ اھو آواز آھيان، جو رڻ⁠پٽ ۾ پڪاري ٿو تہ ’خداوند جي لاءِ واٽ سڌي ڪريو.‘“ 24جن کي موڪليو ويو ھو تن مان ڪي فريسي ھئا. 25سو انھن يحيٰ کان پڇيو تہ ”جيڪڏھن تون نہ مسيح آھين، نہ الياس نبي آھين ۽ نڪي اھو نبي آھين تہ پوءِ تون ڇو ٿو بپتسما ڏين؟“ 26يحيٰ جواب ڏنو تہ ”آءٌ پاڻيءَ سان بپتسما ڏيان ٿو. اوھان منجھہ ڪو اھڙو آھي جنھن کي اوھين نہ ٿا سڃاڻو، 27۽ ھو مون کان پوءِ اچي رھيو آھي. پر آءٌ انھيءَ لائق بہ نہ آھيان جو سندس جتيءَ جون ڪھيون کوليان.“ 28اھي سڀ ڳالھيون بيت⁠عنياہ ۾ اردن درياءَ جي اڀرندي پاسي ٿيون، جتي يحيٰ بپتسما ڏيئي رھيو ھو.

خدا جو گھيٽو

29ٻئي ڏينھن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانھن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، ھي خدا جو گھيٽو آھي، جيڪو دنيا جا گناھہ کڻي وڃي ٿو. 30ھي اھو ئي آھي جنھن بابت مون چيو ھو تہ منھنجي پٺيان ھڪ اھڙو شخص ٿو اچي جيڪو مون کان وڏو آھي، ڇالاءِ⁠جو ھو منھنجي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي موجود ھو. 31مون کيس نہ ٿي سڃاتو. پر آءٌ پاڻيءَ سان بپتسما ڏيندو آيس، انھيءَ لاءِ تہ ھو بني اسرائيل جي اڳيان ظاھر ٿئي.“ 32يحيٰ شاھدي ڏيندي چيو تہ ”مون پاڪ روح کي ڪبوتر وانگر آسمان مان لھندي ۽ مٿس ويھندي ڏٺو آھي. 33مون اڃا تائين بہ کيس نہ سڃاتو ھو، پر خدا جنھن مون کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيڻ لاءِ موڪليو آھي تنھن مون کي چيو تہ ’تون جنھن ماڻھوءَ تي روح کي لھندو ۽ ويھندو ڏسين سو ئي اٿيئي جيڪو ماڻھن کي پاڪ روح سان بپتسما ڏيندو.‘ 34مون اھو ڏٺو آھي ۽ شاھدي ٿو ڏيان تہ ھيءُ خدا جو فرزند آھي.“

عيسيٰ جا پھريان شاگرد

35ٻئي ڏينھن تي وري يحيٰ پنھنجي ٻن شاگردن سان گڏ بيٺو ھو 36تہ اتي ھن عيسيٰ کي لنگھندي ڏٺو. تنھن تي ھن عيسيٰ ڏانھن نھاري چيو تہ ”ڏسو، اھو اٿوَ خدا جو گھيٽو.“ 37ٻنھي شاگردن يحيٰ جي اھا ڳالھہ ٻڌي عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ شروع ڪيو. 38عيسيٰ ڦري انھن کي پنھنجي پويان ايندي ڏسي چيو تہ ”اوھان کي ڇا گھرجي؟“ تنھن تي انھن جواب ڏنو تہ ”اي ربي (يعني استاد)! اوھين ڪٿي رھو ٿا؟“ 39عيسيٰ جواب ڏنو تہ ”ھلي ڏسو.“ پوءِ اھي ساڻس گڏ ھليا ۽ اھا جاءِ ڏٺائون جتي ھو رھندو ھو ۽ اھو ڏينھن ھن سان گڏ گذاريائون. اھو اٽڪل ٽپھريءَ جو وقت ھو. 40جن ٻن ڄڻن يحيٰ جي ڳالھہ ٻڌي ھئي ۽ عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ لڳا ھئا، تن ۾ ھڪڙو شمعون پطرس جو ڀاءُ اندرياس ھو. 41جلد ئي اندرياس پنھنجي ڀاءُ شمعون پطرس کي ڳولي لڌو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”اسان مسيح کي ڏٺو آھي.“ (مسيح جي معنيٰ ”مسح ڪيل“ آھي.) 42پوءِ ھو شمعون کي عيسيٰ وٽ وٺي آيو. عيسيٰ ھن ڏانھن نھاري چيو تہ ”تون يوحنا جو پٽ شمعون آھين، تون ڪيفا جي نالي سان سڏبين.“

فلپس ۽ نٿن⁠ايل کي سڏڻ

43ٻئي ڏينھن تي عيسيٰ گليل ڏانھن وڃڻ جو ارادو ڪيو. ھو وڃي فلپس سان مليو ۽ کيس چيائين تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“ 44فلپس بيت⁠صيدا شھر جو ويٺل ھو، جتي اندرياس ۽ پطرس بہ رھندا ھئا. 45فلپس نٿن⁠ايل سان مليو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”جنھن بابت موسيٰ توريت ۾ ذڪر ڪيو آھي ۽ ٻين نبين پڻ لکيو آھي، سو اسان کي ملي ويو آھي. اھو يوسف جو پٽ عيسيٰ آھي ۽ ناصرت کان آيو آھي.“ 46نٿن⁠ايل ھن کي چيو تہ ”ناصرت مان بہ ڪا چڱي شيءِ نڪري سگھي ٿي ڇا؟“ تنھن تي فلپس چيس تہ ”ڀلا ھلي ڏس.“ 47جڏھن عيسيٰ نٿن⁠ايل کي پاڻ ڏانھن ايندي ڏٺو، تڏھن سندس بابت چيائين تہ ”اِجھو، ھي بني اسرائيل جو سچو ماڻھو اٿوَ، ھن ۾ ڪابہ ڏنگائي ڪانہ آھي.“ 48تنھن تي نٿن⁠ايل کانئس پڇيو تہ ”اوھين مون کي ڪيئن ٿا سڃاڻو؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”فلپس جي تو کي سڏڻ کان اڳ ۾ مون تو کي انجير جي وڻ ھيٺان ڏٺو ھو.“ 49نٿن⁠ايل چيو تہ ”استاد! اوھين تہ خدا جا فرزند آھيو. اوھين بني اسرائيل جا بادشاھہ آھيو.“ 50عيسيٰ چيس تہ ”ڇا تون انھيءَ ڪري ايمان ٿو آڻين جو مون تو کي ٻڌايو تہ مون تو کي انجير جي وڻ ھيٺ ڏٺو ھو؟ تون ھن کان بہ وڏيون ڳالھيون ڏسندين.“ 51 پوءِ وڌيڪ چيائين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھين آسمان کلندو ڏسندا ۽ خدا جا ملائڪ ابن⁠آدم تي نازل ٿيندا ۽ مٿي ويندا ڏسندا.“

يوحنا 2

قانا ۾ شادي

1ٽئين ڏينھن تي گليل جي شھر قانا ۾ ڪا شادي ھئي ۽ عيسيٰ جي ماءُ بہ اتي آيل ھئي. 2عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي بہ انھيءَ شاديءَ جي دعوت مليل ھئي. 3جڏھن مئي ختم ٿي ويئي تہ عيسيٰ جي ماءُ کيس چيو تہ ”ھنن وٽ مئي آھي ئي ڪانہ.“ 4تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اما! تون مون کي ڇو ٿي چوين، منھنجي گھڙي اڃا ڪانہ آئي آھي.“ 5تنھن تي عيسيٰ جي ماءُ نوڪرن کي چيو تہ ”جيئن ھو چوي تيئن ڪريو.“ 6اتي يھودين جي پاڪائيءَ جي رسم موجب پٿر جا ڇھہ مٽ رکيل ھئا. ھر ھڪ مٽ ۾ اٽڪل ھڪ ⁠سؤ ليٽر ماپي سگھيا ٿي. 7عيسيٰ نوڪرن کي چيو تہ ”ھي مٽ پاڻيءَ سان ڀريو.“ سو ھنن اھي مٽ ڀري ٽمٽار ڪري ڇڏيا. 8پوءِ ھن کين چيو تہ ”ھاڻي انھن مان ڪجھہ ڪڍي شاديءَ جي منتظم اعليٰ وٽ کڻي وڃو.“ سو ھو اھو کڻي ويا. 9منتظم اعليٰ اھو پاڻي چکيو، جيڪو ھاڻي مئي ٿي پيو ھو. کيس خبر ڪانہ ھئي تہ ھيءَ مئي ڪٿان آئي آھي، پر نوڪرن، جن پاڻي ڪڍيو ھو تن کي خبر ھئي. سو ھن گھوٽ کي گھرايو 10۽ کيس چيائين تہ ”سڀڪو ماڻھو پھريائين سٺي مئي پيش ڪندو آھي ۽ جڏھن ماڻھو پي ڍءُ ڪندا آھن، تہ پوءِ سادي مئي پيش ڪندو آھي. پر تو وري سٺي مئي ھن مھل تائين بچائي رکي ھئي.“ 11ھيءُ عيسيٰ جو پھريون معجزو ھو، جيڪو ھن گليل جي شھر قانا ۾ ڏيکاري پنھنجو جلوو ظاھر ڪيو ۽ سندس شاگردن مٿس ايمان آندو. 12 تنھن کان پوءِ عيسيٰ، سندس ماءُ، ڀائر ۽ سندس شاگرد ڪفرناحوم شھر ڏانھن ويا، جتي ھو ڪجھہ ڏينھن رھيا.

عيسيٰ جو ھيڪل ۾ وڃڻ

13 يھودين جي عيد فصح ويجھي ھئي تہ عيسيٰ يروشلم ڏانھن ويو. 14اتي ھن وڃي ڏٺو تہ ماڻھو ھيڪل ۾ ڍڳا، رڍون ۽ ڪبوتر وڪڻي رھيا آھن ۽ صراف بہ پنھنجا صندل رکيو ويٺا آھن. 15تنھن تي ھن نوڙين جو چھبڪ ٺاھي انھن سڀني کي سندن رڍن ۽ ڍڳن سميت ھيڪل مان ھڪالي ڪڍي ڇڏيو ۽ صرافن جا پيسا اڇلائي سندن صندل اونڌا ڪري ڇڏيائين. 16ڪبوتر وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ ”اھي ھتان کڻي وڃو. منھنجي پيءُ جي گھر کي بازار نہ بڻايو.“ 17 تڏھن سندس شاگردن کي اھو لکيو ياد آيو تہ ”اي خدا! تنھنجي گھر لاءِ منھنجي غيرت مون کي جلائيندي.“ 18پوءِ يھودي اڳواڻن کيس چيو تہ ”تو کي ڪھڙو حق آھي جو تون ائين ڪرين ٿو؟ جيڪڏھن ڪو حق اٿيئي تہ اسان کي معجزو ڏيکار.“ 19 عيسيٰ وراڻين تہ ”اوھين ھن ھيڪل کي ڊاھيو تہ آءٌ اھو ٽن ڏينھن ۾ وري ٺاھيندس.“ 20تنھن تي انھن اڳواڻن چيس تہ ”ھن ھيڪل کي ٺھڻ ۾ ڇائيتاليھہ ورھيہ لڳا آھن. تون وري اھو ٽن ڏينھن ۾ ڪيئن ٺاھيندين؟“ 21پر عيسيٰ تہ پنھنجي بدن جي ھيڪل بابت ڳالھہ ٿي ڪئي. 22تنھنڪري جڏھن ھو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو، تڏھن سندس شاگردن کي ياد آيو تہ ھن اھا ڳالھہ ڪئي ھئي، سو ھنن پاڪ لکت ۽ عيسيٰ جي لفظن تي ايمان آندو. عيسيٰ سڀني کي ڄاڻي ٿو 23عيد فصح جي موقعي تي جڏھن عيسيٰ يروشلم ۾ ھو، تڏھن سندس معجزا ڏسي ڪيترن ئي ماڻھن مٿس ايمان آندو. 24پر عيسيٰ انھن تي اعتبار نہ ڪيو، ڇالاءِ⁠جو ھن سڀني کي ڄاتو پئي. 25ھن کي ڪابہ ضرورت ڪانہ ھئي تہ ڪو ماڻھو ڪنھن بابت کيس ٻڌائي، ڇالاءِ⁠جو ھن پاڻ ئي ٿي ڄاتو تہ انسان جي دل ۾ ڇا ڇا آھي.

يوحنا 3

عيسيٰ ۽ نيڪديمس

1اتي نيڪديمس نالي ھڪڙو فريسي ھو، جيڪو يھودين جو حاڪم ھو. 2ھڪ رات ھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”سائين! اسان کي خبر آھي تہ اوھين خدا جي طرفان استاد ٿي آيا آھيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا اوھين ڪريو ٿا سي جيڪر ڪوبہ نہ ڪري سگھي، جيستائين خدا ساڻس نہ ھجي.“ 3تنھن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو ماڻھو نئين سر پيدا نہ ٿيندو، تيستائين خدا جي بادشاھت ڏسي نہ سگھندو.“ 4نيڪديمس پڇيس تہ ”ھڪ پوڙھو ماڻھو وري ٻيھر ڪيئن پيدا ٿي سگھندو؟ ڇا ائين ٿي سگھي ٿو جو ھو ٻيھر ماءُ جي پيٽ ۾ وڃي ۽ وري پيدا ٿئي؟“ 5تنھن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو ماڻھو پاڻيءَ ۽ پاڪ روح مان پيدا نہ ٿيندو، تيستائين اھو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿي نہ سگھندو. 6انسان جسماني طرح پنھنجي ماءُ⁠پيءُ مان پيدا ٿيندو آھي، پر روحاني طرح پاڪ روح مان پيدا ٿيندو آھي. 7تون انھيءَ ڪري عجب نہ کاءُ جو مون تو کي چيو تہ اوھان سڀني کي نئين سر پيدا ٿيڻ گھرجي. 8جھڙيءَ طرح ھوا کي جيڏانھن وڻي ٿو تيڏانھن گھلي ٿي ۽ سندس آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، پر خبر نہ ٿي پوي تہ ڪٿان ٿي اچي ۽ ڪيڏانھن ٿي وڃي، تھڙيءَ طرح جيڪو پاڪ روح مان پيدا ٿيو آھي سو بہ ائين ئي آھي.“ 9تنھن تي نيڪديمس پڇيس تہ ”اھو ڪيئن ٿي سگھندو؟“ 10عيسيٰ وراڻيس تہ ”تون تہ بني اسرائيل جو وڏو استاد آھين ۽ تو کي ايتري بہ ڄاڻ نہ آھي؟ 11آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي اسين ڄاڻون ٿا، سو ڳالھايون ٿا ۽ جيڪي اسان ڏٺو آھي، تنھن جي شاھدي ڏيون ٿا. پر اوھان مان ڪوبہ اھڙو نہ آھي جيڪو اسان جي شاھدي قبول ڪري. 12آءٌ اوھان کي ھن دنيا جون ڳالھيون ٿو ٻڌايان، پر اوھين ايمان نہ ٿا آڻيو. پوءِ اوھين ڪيئن ايمان آڻيندا جڏھن آءٌ اوھان کي آسمان جون ڳالھيون ٻڌائيندس؟ 13ڪوبہ آسمان ڏانھن مٿي چڙھي نہ ويو آھي، سواءِ انھيءَ جي جيڪو آسمان مان آيو آھي، يعني ابن⁠آدم.“ 14 جيئن موسيٰ رڻ⁠پٽ ۾ نانگ کي مٿي چاڙھيو، تيئن ابن⁠آدم بہ ضرور مٿي چاڙھيو ويندو، 15انھيءَ لاءِ تہ جيڪوبہ مٿس ايمان آڻي تنھن کي دائمي زندگي ملي. 16ڇالاءِ⁠جو خدا دنيا سان ايترو تہ پيار ڪيو جو ھن پنھنجو ھڪڙو ئي فرزند ڏنو تہ جيڪوبہ مٿس ايمان آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس دائمي زندگي ملي. 17خدا پنھنجو فرزند دنيا ۾ انھيءَ لاءِ نہ موڪليو تہ ھو دنيا کي سزا ڏئي، پر انھيءَ لاءِ موڪليائين تہ ھن جي ئي وسيلي دنيا کي ڇوٽڪارو ملي. 18جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو تنھن کي سزا نہ ٿي ملي، پر جيڪو ايمان نہ ٿو آڻي تنھن کي تہ سزا اڳي ئي ملي چڪي آھي، ڇالاءِ⁠جو ھن خدا جي اڪيلي فرزند تي ايمان نہ آندو. 19سزا جو سبب ھي آھي تہ روشني تہ دنيا ۾ اچي چڪي آھي پر ماڻھن اونداھيءَ کي روشنيءَ کان وڌيڪ پسند ڪيو، ڇالاءِ⁠جو سندن ڪم بڇڙا ھئا. 20جيڪو بہ بڇڙا ڪم ڪري ٿو تنھن کي روشنيءَ کان نفرت آھي ۽ روشنيءَ ڏانھن نہ ٿو اچي، ڇالاءِ⁠جو ھن جي مرضي نہ آھي تہ سندس بڇڙا ڪم روشنيءَ ۾ پڌرا ٿين. 21پر جيڪو سچ تي ھلي ٿو سو روشنيءَ ڏانھن اچي ٿو، انھيءَ لاءِ تہ سندس ڪم ظاھر ٿين، جيڪي ھن خدا جي مرضيءَ موجب ڪيا آھن.

عيسيٰ ۽ يحيٰ

22ھن کان پوءِ عيسيٰ ۽ سندس شاگرد يھوديہ جي علائقي ۾ آيا. ھو اتي انھن سان ڪجھہ وقت رھيو ۽ بپتسما ڏيڻ لڳو. 23يحيٰ بہ شاليم جي ويجھو عينون ۾ بپتسما ڏيئي رھيو ھو، ڇاڪاڻ⁠تہ اتي پاڻي گھڻو ھو. ماڻھو وٽس آيا پئي ۽ ھن کين بپتسما پئي ڏني. 24 ان وقت تائين يحيٰ کي جيل ۾ نہ وڌو ويو ھو. 25يحيٰ جي ڪن شاگردن جو ھڪ يھودي اڳواڻ سان پاڪائيءَ جي رسم بابت بحث ٿيو. 26اھي يحيٰ وٽ ويا ۽ کيس چيائون تہ ”استاد! اوھان کي اھو ماڻھو ياد آھي جيڪو اردن درياءَ جي ھُن ڀر اوھان سان گڏ ھو ۽ جنھن بابت اوھان شاھدي ڏني ھئي؟ اھو ھاڻي ماڻھن کي بپتسما ڏيئي رھيو آھي ۽ ھر ڪو انھيءَ ڏانھن وڃي رھيو آھي.“ 27تنھن تي يحيٰ ھي جواب ڏنو تہ ”ڪنھن انسان وٽ ايترو ٿي سگھي ٿو جيترو خدا کيس عطا ڪيو آھي. 28 اوھين خود شاھدي ڏيئي سگھو ٿا تہ مون چيو ھو تہ ’آءٌ مسيح نہ آھيان، پر آءٌ انھيءَ کان اڳ موڪليل آھيان.‘ 29گھوٽ اھو آھي جنھن جي ڪنوار آھي. پر گھوٽ جو دوست جيڪو سندس بيٺو ٻُڌي، سو سندس آواز تي ڏاڍو خوش ٿو ٿئي. آءٌ انھيءَ گھوٽ جو دوست آھيان ۽ ھاڻي منھنجي خوشي پوري ٿي آھي. 30اھو ضروري آھي تہ ھو وڌي ۽ آءٌ گھٽجان.“ 31جيڪو مٿان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاھون آھي. جيڪو دنيا جو آھي سو دنيا سان واسطو رکي ٿو ۽ ائين ڳالھائي ٿو جيئن ڪو دنيا وارو ڳالھائي. جيڪو آسمان کان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاھون آھي. 32ھو انھيءَ جي شاھدي ڏئي ٿو جيڪو ھن پاڻ ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، پر سندس شاھدي ڪوبہ قبول نہ ٿو ڪري. 33جنھن بہ ماڻھوءَ اھا شاھدي قبول ڪئي، تنھن ڄڻ اھا تصديق ڪئي تہ خدا سچو آھي. 34جنھن کي خدا موڪليو آھي سو خدا جا لفظ ڳالھائي ٿو، ڇالاءِ⁠جو خدا کيس پنھنجو روح بي⁠حساب عطا ڪري ٿو. 35 پيءُ فرزند سان پيار ڪري ٿو ۽ کيس سڀڪا اختياري ڏيئي ڇڏي اٿس. 36جيڪو بہ فرزند تي ايمان آڻي ٿو تنھن کي دائمي زندگي مليل آھي. پر جيڪو فرزند کي قبول نہ ٿو ڪري تنھن کي اھا زندگي ڪڏھن بہ نہ ملندي، اٽلندو خدا جو غضب مٿس رھي ٿو.

يوحنا 4

عيسيٰ ۽ ھڪ سامري عورت

1فريسين ٻڌو تہ عيسيٰ يحيٰ کان وڌيڪ شاگرد ڪري رھيو آھي ۽ بپتسما ڏيئي رھيو آھي. 2حقيقت ۾ عيسيٰ پاڻ ڪنھن کي بہ بپتسما نہ ٿي ڏني، پر سندس شاگرد ڏيئي رھيا ھئا. 3جڏھن عيسيٰ کي انھيءَ ڳالھہ جي خبر پئي تڏھن يھوديہ کي ڇڏي، موٽي گليل ڏانھن ھليو ويو. 4رستي تي ھن کي سامريہ مان لنگھڻو پيو. 5 پوءِ ھو سامريہ جي سوخار نالي ھڪڙي شھر ڏانھن ويو، جيڪو انھيءَ ٻنيءَ جي ڀر ۾ ھو جا يعقوب پنھنجي پٽ يوسف کي ڏني ھئي. 6انھيءَ ٻنيءَ ۾ يعقوب جو کوھہ ھو. عيسيٰ مسافريءَ جي ڪري ٿڪجي پيو ھو، سو کوھہ جي ڀرسان ويھي رھيو. اھو اٽڪل ٻنپھرن جو وقت ھو. 7‏-8ايتري ۾ اتي ھڪ سامري عورت پاڻي ڀرڻ آئي. جيئن تہ عيسيٰ جا شاگرد شھر مان کاڌو وٺڻ ويا ھئا، سو عيسيٰ انھيءَ کي چيو تہ ”مون کي پاڻي پيار.“ 9 تنھن تي انھيءَ سامري عورت کيس وراڻيو تہ ”تون يھودي ٿي ڪري مون سامري عورت کان ڪيئن ٿو پيئڻ لاءِ پاڻي گھرين؟“ ڇالاءِ⁠جو يھودي ماڻھو اھي ٿانوَ بہ ڪم نہ آڻيندا ھئا، جيڪي سامري استعمال ڪندا ھئا. 10عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏھن تو کي خدا جي بخشش جي خبر ھجي ھا ۽ ڄاڻين ھا تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آھي، تہ تون جيڪر ھن کان گھرين ھا ۽ ھو تو کي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ھا.“ 11عورت چيو تہ ”سائين! اوھان وٽ تہ ڪو ڏول ڪونھي ۽ کوھہ بہ اونھو آھي. پوءِ اوھين زندگيءَ جو پاڻي ڪٿان آڻيندا؟ 12ڇا اوھين اسان جي ڏاڏي يعقوب کان بہ وڏا آھيو، جنھن ھيءُ کوھہ اسان کي ڏنو ھو؟ ھن مان ھو پاڻ، سندس پٽ ۽ سندس مال سڀيئي پاڻي پيئندا ھئا.“ 13عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪو ھي پاڻي پيئي ٿو تنھن کي وري اڃ لڳي ٿي. 14پر جيڪو پاڻي آءٌ ڏيندس سو جيڪڏھن ڪو پيئندو تہ ان کي وري اڃ نہ لڳندي. جيڪو پاڻي آءٌ کيس ڏيندس سو ان ۾ ھڪ چشمو ٿي پوندو، جنھن مان زندگيءَ جو پاڻي نڪرندو جو کيس دائمي زندگي ڏيندو.“ 15انھيءَ عورت چيو تہ ”پوءِ اي سائين! مون کي اھو پاڻي ڏيو تہ جيئن مون کي وري اڃ نہ لڳي ۽ نہ وري ھيترو پنڌ ڪري ھتي پاڻي ڀرڻ اچان.“ 16عيسيٰ چيس تہ ”وڃ ۽ پنھنجي مڙس کي وٺي اچ.“ 17تنھن تي عورت چيو تہ ”مون کي تہ مڙس آھي ئي ڪونہ.“ عيسيٰ چيس تہ ”تو سچ چيو تہ تو کي مڙس ڪونھي. 18ڇالاءِ⁠جو تون پنج مڙس ڪري چڪي آھين ۽ ھاڻي جنھن شخص وٽ تون رھين ٿي، سو تنھنجو مڙس نہ آھي.“ 19عورت چيس تہ ”سائين! آءٌ سمجھان ٿي تہ اوھين ڪي نبي آھيو. 20اسان جا وڏا تہ ھن جبل تي عبادت ڪندا ھئا، پر اوھين يھودي چئو ٿا تہ ’جنھن جاءِ تي عبادت ڪرڻ گھرجي سا يروشلم ۾ آھي.‘“ 21عيسيٰ چيس تہ ”اي مائي! مون تي اعتبار ڪرين تہ اھا گھڙي اچي رھي آھي جڏھن اوھين پيءُ جي عبادت نہ ھن جبل تي ۽ نڪي يروشلم ۾ ڪندا. 22اوھين سامري انھيءَ جي عبادت ڪريو ٿا جنھن کي اوھين نہ ٿا سڃاڻو. اسين يھودي انھيءَ جي عبادت ڪريون ٿا جنھن کي اسين ڄاڻون ٿا، ڇالاءِ⁠جو يھودين منجھان ئي ڇوٽڪارو آھي. 23پر اھا گھڙي اچي رھي آھي، بلڪ ھاڻي اچي پھتي آھي، جڏھن سچا عبادت ڪندڙ روح ۽ سچائيءَ سان پيءُ جي عبادت ڪندا ۽ پيءُ بہ اھڙن عبادت ڪندڙن کي چاھي ٿو. 24خدا روح آھي ۽ عبادت ڪندڙن کي بہ روح ۽ سچائيءَ سان سندس عبادت ڪرڻ گھرجي.“ 25تنھن تي عورت عيسيٰ کي چيو تہ ”مون کي خبر آھي تہ مسيح اچڻو آھي. جڏھن اھو ايندو تڏھن اسان کي سڀ ڳالھيون ٻڌائيندو.“ 26عيسيٰ چيس تہ ”اھو تہ آءٌ آھيان، جيڪو تو سان ويٺو ڳالھايان.“ 27ايتري ۾ عيسيٰ جا شاگرد موٽي آيا ۽ اھو ڏسي عجب ۾ پئجي ويا تہ ھو عورت ذات سان ويٺو ڳالھائي. پر انھن مان ڪنھن بہ انھيءَ عورت کان نہ پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“ ۽ نہ عيسيٰ کي چيائون تہ ”توھين ھن سان ڇو ٿا ڳالھايو؟“ 28پوءِ اھا عورت پنھنجو دلو اتي ڇڏي شھر ڏانھن موٽي ويئي ۽ ماڻھن کي چيائين تہ 29”ھلو ۽ ھڪ شخص تہ ڏسو، جنھن اھو سڀ ڪجھہ ٻڌايو جيڪي مون ڪيو آھي. ڇا اھو مسيح تہ نہ آھي؟“ 30پوءِ اھي شھر مان نڪري عيسيٰ وٽ آيا. 31ساڳئي وقت سندس شاگردن عرض ڪيس تہ ”اي استاد! ڪجھہ کائو.“ 32پر ھن کين چيو تہ ”مون وٽ کائڻ لاءِ اھو کاڌو آھي، جنھن جي اوھان کي ڪابہ خبر نہ آھي.“ 33تنھن تي سندس شاگرد ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھن لاءِ ڪنھن کاڌو آندو آھي؟“ 34عيسيٰ کين چيو تہ ”منھنجو کاڌو اھو آھي تہ انھيءَ جي مرضي پوري ڪريان جنھن مون کي موڪليو آھي ۽ سندس ڪم پورو ڪريان. 35اوھين چئو ڪين ٿا تہ لاباري ۾ چار مھينا پيا آھن؟ پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اکيون کوليو ۽ پوکن ڏانھن نھاريو جو اھي لاباري لاءِ ھاڻي بلڪل تيار آھن. 36جيڪو لابارو ڪري ٿو تنھن کي مزوري ملي ٿي ۽ دائمي زندگيءَ لاءِ فصل گڏ ڪري ٿو، تہ جيئن جنھن ماڻھوءَ پوکيو آھي ۽ جنھن لڻيو آھي سي ٻئي گڏجي خوشي ڪن. 37ھيءَ چوڻي سچي آھي تہ ’پوکي ھڪڙو ٿو ۽ لڻي ٻيو ٿو.‘ 38مون اوھان کي موڪليو آھي تہ ان ٻنيءَ ۾ فصل جو لابارو ڪريو جتي اوھان ڪم نہ ڪيو آھي. پر ٻين اتي ڪم ڪيو آھي ۽ اوھان انھن جي ڪم مان فائدو ورتو آھي.“ 39انھيءَ شھر جي ڪيترن ئي سامرين عيسيٰ تي ايمان آندو، ڇالاءِ⁠جو ان عورت شاھدي ڏني ھئي تہ ”جيڪي ڪجھہ مون ڪيو آھي سو سڀ ھن مون کي ٻڌايو آھي.“ 40پوءِ جڏھن اھي سامري وٽس آيا، تڏھن عرض ڪيائونس تہ ”اسان وٽ ھلي مھمان ٿيو.“ سو عيسيٰ اتي ٻہ ڏينھن ٽڪي پيو. 41ٻين بہ ڪيترن ئي سندس ڪلام جي ڪري مٿس ايمان آندو. 42پوءِ اھي ان عورت کي چوڻ لڳا تہ ”ھاڻي اسان تنھنجي چوڻ تي ئي مٿس ايمان نہ ٿا آڻيون، پر اسان پاڻ کيس ٻڌو آھي ۽ ڄاڻون ٿا تہ حقيقت ۾ ھيءُ ئي دنيا جو ڇوٽڪارو ڏيندڙ آھي.“

عملدار جي پٽ کي شفا ڏيڻ

43عيسيٰ ٻہ ڏينھن ترسڻ کان پوءِ اتان روانو ٿي گليل ڏانھن ھليو ويو. 44 ھڪ دفعي عيسيٰ پاڻ چيو ھو تہ ”ڪنھن بہ نبيءَ کي پنھنجي وطن ۾ عزت نہ ٿي ملي.“ 45 جڏھن ھو گليل ۾ پھتو تہ اتي جي ماڻھن سندس آڌرڀاءُ ڪيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي بہ عيد فصح جي موقعي تي يروشلم ڏانھن ويا ھئا ۽ اتي عيسيٰ جيڪي ڪجھہ ڪيو سو سڀ ڏٺو ھئائون. 46 پوءِ عيسيٰ گليل جي شھر قانا ۾ موٽي آيو، جتي ھن پاڻيءَ کي مئي بڻايو ھو. اتي ھڪ عملدار ھو جنھن جو پٽ ڪفرناحوم ۾ بيمار ھو. 47جڏھن ھن ٻڌو تہ عيسيٰ يھوديہ کان گليل ۾ آيو آھي، تڏھن ھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ عرض ڪيائينس تہ ”مھرباني ڪري ھلو ۽ منھنجي پٽ کي شفا ڏيو، ڇالاءِ⁠جو ھو مرڻ تي آھي.“ 48تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اوھين تيستائين ايمان نہ آڻيندا، جيستائين معجزا ۽ ڪرامتون نہ ڏسندا.“ 49عملدار وراڻيو تہ ”سائين! مون سان ھلو، متان منھنجو ٻچڙو مري نہ وڃي.“ 50عيسيٰ کيس چيو تہ ”وڃ تنھنجو پٽ نہ مرندو.“ جيئن عيسيٰ چيس تيئن ھن بہ يقين ڪيو ۽ گھر ڏانھن روانو ٿيو. 51عملدار اڃا گھر ڏانھن وڃي رھيو ھو تہ سندس نوڪر رستي تي گڏيس ۽ ٻڌايائونس تہ ”تنھنجو پٽ خوش ٿي ويو آھي.“ 52تنھن تي ھن نوڪرن کان پڇيو تہ ”اھا ڪھڙي مھل ھئي جڏھن منھنجو پٽ چڱو ڀلو ٿيڻ لڳو.“ انھن چيو تہ ”ڪالھہ منجھند جو ھڪ بجي کيس بخار ڇڏي ويو.“ 53تنھن تي پڻس کي ياد آيو تہ برابر اھو ئي وقت ھو جڏھن عيسيٰ کيس چيو ھو تہ ”تنھنجو پٽ نہ مرندو.“ سو انھيءَ عملدار ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين ايمان آندو. 54ھي عيسيٰ جو ٻيو معجزو ھو، جيڪو ھن يھوديہ کان گليل ۾ اچڻ کان پوءِ ڏيکاريو ھو.

يوحنا 5

تلاءَ وٽ شفا ڏيڻ

1ڪجھہ وقت کان پوءِ يھودين جي ھڪڙي عيد تي عيسيٰ يروشلم ڏانھن ويو. 2يروشلم ۾ رڍن واري در وٽ ھڪ تلاءُ آھي، جنھن کي عبراني ٻوليءَ ۾ بيت⁠حسدا ڪري سڏبو آھي ۽ انھيءَ کي پنج ڏيڍيون آھن. 3‏-4اتي ڪيترا ئي معذور يعني انڌا، منڊا ۽ سڙيل سڪل پيا ھوندا ھئا. 5اتي ھڪڙو اھڙو ماڻھو ھو، جيڪو اٺٽيھن ورھين کان بيمار پيو ھو. 6جڏھن عيسيٰ کيس اتي پيل ڏٺو ۽ خبر پيس تہ ھو گھڻي وقت کان وٺي اھڙي حال ۾ آھي، تڏھن چيائينس تہ ”ڇا تنھنجي مرضي آھي تہ تون ڇٽي چڱو ڀلو ٿئين؟“ 7تنھن تي انھيءَ بيمار وراڻيو تہ ”سائين! جنھن مھل پاڻي اڇل ٿو کائي، تنھن مھل اھڙو ماڻھو ڪونہ ھوندو آھي جيڪو مون کي کڻي ھن تلاءَ ۾ وجھي. سو جيستائين آءٌ پاڻ اچان تيستائين مون کان اڳي ڪو ٻيو پاڻيءَ ۾ گھڙي پوندو آھي.“ 8عيسيٰ چيس تہ ”اٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر.“ 9تڏھن ھڪدم اھو ماڻھو ڇٽي چڱو ڀلو ٿي پيو ۽ پنھنجو کٽولو کنيائين ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳو. اھو سبت جي ڏينھن تي ٿيو. 10 تنھنڪري جيڪو ماڻھو ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو ھو تنھن کي يھودي اڳواڻ چوڻ لڳا تہ ”اڄ سبت آھي، سو تو کي کٽولو کڻڻ جائز نہ آھي.“ 11تنھن تي انھيءَ ماڻھوءَ جواب ڏنن تہ ”جنھن ماڻھوءَ مون کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آھي، تنھن ئي تہ مون کي چيو تہ ’پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر.‘“ 12تڏھن انھن کانئس پڇيو تہ ”اھو ماڻھو ڪير آھي، جنھن تو کي چيو تہ ’پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر؟‘“ 13جيڪو ماڻھو چڱو ڀلو ٿيو ھو تنھن کي اھا خبر ڪانہ ھئي تہ اھو ڪير ھو، ڇاڪاڻ⁠تہ گھڻي گوڙ ھئڻ ڪري عيسيٰ اتان کسڪي ھليو ويو ھو. 14ٿوري وقت کان پوءِ عيسيٰ انھيءَ ماڻھوءَ کي ھيڪل ۾ ڏٺو ۽ کيس چيائين تہ ”ڏس، ھاڻي تون چڱو ڀلو ٿي ويو آھين، سو وري گناھہ نہ ڪجانءِ، متان ھن کان بہ وڌيڪ تڪليف نہ اچيئي.“ 15پوءِ انھيءَ ماڻھوءَ وڃي يھودي اڳواڻن کي ٻڌايو تہ ”اھو ماڻھو عيسيٰ آھي، جنھن مون کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آھي.“ 16انھيءَ سبب ڪري اھي اڳواڻ عيسيٰ کي ستائڻ لڳا، ڇالاءِ⁠جو ھن سبت جي ڏينھن تي اھڙا ڪم ٿي ڪيا. 17عيسيٰ کين جواب ڏنو تہ ”منھنجو پيءُ اڄ تائين ھميشہ ڪم ڪندو رھي ٿو ۽ آءٌ بہ پيو ڪم ڪريان.“ 18ھن ڳالھہ جي ڪري تہ يھودي اڳواڻ ھيڪاري کيس مارڻ جا وجھہ ڳولڻ لڳا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن نہ رڳو سبت جو قاعدو ٿي ڀڳو بلڪ خدا کي پنھنجو پيءُ سڏي پاڻ کي خدا جي برابر ٿي ڪيائين.

فرزند جي اختياري

19پوءِ عيسيٰ يھودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ فرزند پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. ھو رڳو اھي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنھنجي پيءُ کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي پيءُ ڪري ٿو سو ئي فرزند ٿو ڪري. 20انھيءَ جو سبب ھي آھي تہ پيءُ فرزند سان پيار ٿو ڪري ۽ کيس اھي سڀ ڪم ڏيکاري ٿو جيڪي ھو پاڻ ڪري ٿو. ھو انھن ڪمن کان اڃا بہ وڏا ڪم کيس ڏيکاريندو ۽ اوھين سڀيئي حيران ٿي ويندا. 21جيئن پيءُ مئلن کي جياري کين زندگي ڏئي ٿو، تيئن فرزند بہ جنھن کي وڻيس تنھن کي زندگي ڏئي ٿو. 22پيءُ پاڻ ڪنھن جو بہ فيصلو نہ ٿو ڪري، بلڪ ھن پنھنجي فرزند کي فيصلي ڪرڻ جو پورو اختيار ڏيئي ڇڏيو آھي 23تہ جيئن سڀيئي ماڻھو فرزند جي اھڙي نموني عزت ڪن جھڙي نموني پيءُ جي عزت ڪن ٿا. جيڪو بہ فرزند جي عزت نہ ٿو ڪري سو ڄڻ پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري جنھن کيس موڪليو آھي. 24آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منھنجو ڪلام ٻڌي ٿو ۽ جنھن مون کي موڪليو آھي، تنھن تي ايمان آڻي ٿو، تنھن جي زندگي دائمي آھي ۽ مٿس سزا لاڳو نہ ٿيندي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيو آھي. 25آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اھا گھڙي اچي رھي آھي بلڪ اچي پھتي آھي، جڏھن مئل ماڻھو خدا جي فرزند جو آواز ٻڌندا ۽ جيڪي ٻڌندا سي جيئرا ٿيندا. 26جيئن پيءُ زندگيءَ جو وسيلو آھي، تيئن ھن پنھنجي فرزند کي بہ زندگيءَ جو وسيلو بڻايو آھي، 27۽ پنھنجي فرزند کي فيصلي ڪرڻ جي اختياري ڏني اٿس، ڇالاءِ⁠جو ھو ابن⁠ آدم آھي. 28انھيءَ ڳالھہ تي حيران نہ ٿيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھا گھڙي اچي رھي آھي جڏھن سڀيئي قبرن وارا سندس آواز ٻڌندا 29 ۽ قبرن مان نڪري ايندا. پوءِ جن چڱا ڪم ڪيا آھن تن کي زندگي ملندي، پر جن بڇڙا ڪم ڪيا آھن تن کي سزا ملندي.“

عيسيٰ بابت شاھدي

30”آءٌ پنھنجي طرفان ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھان، پر جيئن خدا مون کي ٻڌائي ٿو تيئن ئي انصاف ڪريان ٿو. تنھنڪري منھنجو انصاف صحيح آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ پنھنجي مرضيءَ موجب نہ، پر جنھن مون کي موڪليو آھي تنھن جي مرضي موجب ڪم ڪريان ٿو. 31جيڪڏھن آءٌ پاڻ پنھنجي شاھدي ڏيان تہ منھنجي شاھدي قابل قبول نہ ٿيندي. 32پر اھو ٻيو آھي جيڪو مون بابت شاھدي ٿو ڏئي ۽ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جيڪا شاھدي ھو مون بابت ڏئي ٿو سا سچي آھي. 33 اوھان پنھنجا قاصد يحيٰ ڏانھن موڪليا ۽ ھن سچ جي شاھدي ڏني. 34مون کي تہ انسان جي شاھديءَ جي ضرورت نہ آھي، تنھن ھوندي بہ اھي ڳالھيون انھيءَ لاءِ ڪيون اٿم تہ جيئن اوھان کي ڇوٽڪارو ملي. 35يحيٰ ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ ڏيئي وانگر ھو ۽ اوھان گھڙي پلڪ ھن جي روشنيءَ ۾ خوش رھڻ پسند ڪيو. 36پر مون وٽ جيڪا شاھدي آھي سا يحيٰ جي شاھديءَ کان بہ وڌيڪ آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي ڪم پيءُ مون کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا آھن، يعني اھي ساڳيا ئي ڪم جيڪي آءٌ ھينئر ڪري رھيو آھيان، سي ئي منھنجي شاھدي ٿا ڏين تہ پيءُ مون کي موڪليو آھي. 37 بلڪ پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي، تنھن پاڻ بہ مون بابت شاھدي ڏني آھي. اوھان نہ تہ ڪڏھن ھن جو آواز ٻڌو آھي، نڪي سندس صورت ڏٺي اٿوَ، 38نڪي وري ھن جي ڪلام کي دل ۾ جاءِ ٿا ڏيو، ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن کي ھن موڪليو آھي تنھن کي اوھين قبول ئي نہ ٿا ڪريو. 39اوھين پاڪ لکتون انھيءَ لاءِ ڌيان سان ٿا پڙھو، جو اوھان جو خيال آھي تہ انھن ۾ اوھان کي دائمي زندگي ملندي ۽ اھي پاڪ لکتون ئي منھنجي شاھدي ڏين ٿيون. 40تڏھن بہ اوھين مون وٽ نہ ٿا اچو تہ دائمي زندگي مليوَ. 41آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ انسان منھنجي ساراھہ ڪن. 42پر آءٌ اوھان کان واقف آھيان ۽ مون کي خبر آھي تہ خدا جو پيار اوھان جي دلين ۾ نہ آھي. 43آءٌ تہ پنھنجي پيءُ جي اختياريءَ سان آيو آھيان ۽ اوھان مون کي قبول نہ ٿا ڪريو. پر جيڪڏھن ڪو ٻيو پنھنجي پاران آيو تہ اوھين انھيءَ کي قبول ڪندا. 44اوھين ھڪٻئي کان ساراھہ ڪرائڻ گھرو ٿا. پر اھا ساراھہ جا اڪيلي خدا کان ٿي ملي تنھن جي ڳولا نہ ٿا ڪريو، تہ پوءِ اوھين ڪيئن ايمان آڻي سگھندا؟ 45اوھين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ پيءُ وٽ اوھان جي دانھن ڏيندس، پر اوھان جي دانھن ڏيڻ وارو موسيٰ آھي جنھن ۾ اوھان جو آسرو آھي. 46جيڪڏھن اوھين سچ⁠پچ موسيٰ تي ايمان آڻيو ھا تہ مون تي بہ ايمان آڻيو ھا، ڇالاءِ⁠جو ھن مون بابت لکيو آھي. 47پر جڏھن اوھين ھن جي لکتن تي ايمان نہ ٿا آڻيو، تہ پوءِ منھنجي ڳالھين تي ڪيئن ايمان آڻيندا.“

يوحنا 6

پنج ھزار ماڻھن کي کارائڻ

1ھن کان پوءِ عيسيٰ گليل يعني تبرياس ڍنڍ جي ھُن ڀر ھليو ويو. 2ھڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان ھليو، ڇالاءِ⁠جو ھنن اھي معجزا ڏٺا ھئا جيڪي ھن بيمارن تي ڪيا ھئا. 3عيسيٰ ھڪڙي ٽڪريءَ تي چڙھي ويو، جتي ھو پنھنجي شاگردن سان گڏ ويھي رھيو. 4يھودين جي عيد فصح ويجھي ھئي. 5عيسيٰ نھاري ڏٺو تہ ماڻھن جو وڏو ميڙ ڏانھس اچي رھيو آھي. سو فلپس کي چيائين تہ ”اسين ھيترن ماڻھن کي کارائڻ لاءِ ايترو کاڌو ڪٿان آڻينداسون؟“ 6ھن اھو رڳو فلپس کي آزمائڻ لاءِ چيو، پر کيس اڳي ئي خبر ھئي تہ ڇا ڪرڻو آھي. 7تنھن تي فلپس وراڻيس تہ ”جيڪڏھن ھرھڪ کي ٽڪر ڳڀو ئي ڏجي، تہ بہ انھن لاءِ ٻہ ⁠سؤ چانديءَ جي سڪن جون مانيون پوريون نہ پونديون.“ 8پوءِ اندرياس نالي ھڪ ٻي شاگرد، جيڪو شمعون پطرس جو ڀاءُ ھو تنھن چيو تہ 9”ھتي ھڪ ڇوڪرو آھي، جنھن کي جَوَن جون پنج مانيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آھن. پر ڇا اھي ھنن سڀني ماڻھن ۾ پوريون پئجي سگھنديون؟“ 10عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ماڻھن کي ھيٺ ويھاريو.“ اتي گھڻو گاھہ ھو، سو سڀيئي ماڻھو ھيٺ ويھي رھيا. اھي اٽڪل پنج ھزار مرد ھئا. 11عيسيٰ مانيون کڻي خدا جو شڪر ادا ڪيو ۽ ويٺل ماڻھن ۾ ورھايائين. ھن مڇي بہ ائين ئي ورھائي ۽ سڀني ماڻھن کي ايترو مليو جيترو کين کپندو ھو. 12جڏھن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، تڏھن عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”بچيل ٽڪر ڳڀا ميڙي گڏ ڪريو، تہ جيئن ذرو بہ زيان نہ ٿئي.“ 13سو انھن اھي سڀيئي کڻي گڏ ڪيا، تہ جَوَن جي پنجن مانين جا ٽڪر ڳڀا، جيڪي کائڻ وارن بچايا ھئا سي ايترا تہ ٿيا جو ھنن ٻارھن کاريون ڀري کنيون. 14عيسيٰ جو اھو معجزو ڏسي ماڻھو چوڻ لڳا تہ ”سچ⁠پچ ھي اھو نبي آھي، جيڪو ھن دنيا ۾ اچڻو آھي.“ 15پوءِ عيسيٰ ڏٺو تہ ”ھنن جو مطلب آھي تہ زوريءَ جھلي مون کي بادشاھہ بڻائين،“ تنھنڪري ھو اڪيلو ئي وري ٽڪرن ڏانھن نڪري ھليو ويو.

پاڻيءَ تي پنڌ ڪرڻ

16جڏھن سانجھي ٿي تہ شاگرد ڍنڍ ڏانھن ويا. 17رات ٿي ويئي ھئي پر عيسيٰ انھن وٽ نہ آيو ھو، سو ھو ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ڍنڍ جي ھُن ڀر ڪفرناحوم ڏانھن روانا ٿيا. 18ايتري ۾ طوفان اچي ڇٽڪيو ۽ ڍنڍ ۾ ڇوليون اٿڻ لڳيون. 19جڏھن شاگرد پنج ڇھہ ڪلوميٽر ٻيڙي ڪاھي ويا، تڏھن ڏٺائون تہ عيسيٰ پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو ٻيڙيءَ جي ويجھو پيو اچي. اھو ڏسي ھو ڏاڍو ڊڄي ويا. 20پر عيسيٰ کين چيو تہ ”آءٌ آھيان، ڊڄو نہ.“ 21تڏھن خوشيءَ سان کيس ٻيڙيءَ ۾ چاڙھيائون ۽ ٻيڙي ھڪدم انھيءَ ھنڌ وڃي پھتي جتي کين وڃڻو ھو.

ماڻھن جو عيسيٰ کي ڳولڻ

22ٻئي ڏينھن تي ماڻھن جو جيڪو ميڙ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر بيٺو ھو، تنھن ڏٺو تہ ڪالھہ اتي رڳو ھڪڙي ٻيڙي بيٺي ھئي ۽ کين اھا بہ خبر ھئي تہ عيسيٰ انھيءَ ٻيڙيءَ ۾ شاگردن سان گڏ نہ ويو ھو پر اھي اڪيلا ئي روانا ٿي ويا ھئا. 23جڏھن تہ تبرياس شھر کان ڪي ٻيڙيون پوءِ ڪناري تي اچي لڳيون ھيون، جتي خداوند عيسيٰ خدا جو شڪر ادا ڪيو ھو ۽ پوءِ ماڻھن ماني کاڌي ھئي. 24سو جڏھن ميڙ ڏٺو تہ اتي نہ عيسيٰ آھي ۽ نڪي سندس شاگرد آھن، تڏھن اھي پاڻ ٻيڙين ۾ چڙھي ڪفرناحوم ڏانھن ھن کي ڳولڻ ويا.

عيسيٰ زندگيءَ جي ماني

25ماڻھن جڏھن عيسيٰ کي ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر تي ڳولي لڌو تہ کيس چيائون تہ ”استاد! اوھين ھتي ڪڏھن آيا؟“ 26عيسيٰ وراڻين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھين مون کي انھيءَ ڪري نہ ٿا ڳوليو جو اوھان معجزا ڏٺا آھن، پر انھيءَ ڪري ٿا ڳوليو جو اوھان مانيون کائي ڍءُ ڪيو آھي. 27فاني کاڌي لاءِ محنت نہ ڪريو، بلڪ انھيءَ دائمي کاڌي لاءِ محنت ڪريو، جيڪو ھميشہ واري زندگيءَ تائين ٿو ھلي. اھو کاڌو ابن⁠آدم اوھان کي ڏيندو، ڇاڪاڻ⁠تہ پيءُ يعني خدا ھن کي اختياريءَ جي مُھر ڏني آھي.“ 28پوءِ انھن کانئس پڇيو تہ ”اسان کي خدا جا ڪم بجا آڻڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ 29عيسيٰ وراڻيو تہ ”خدا جو ڪم اھو آھي تہ اوھين انھيءَ تي ايمان آڻيو، جنھن کي خدا موڪليو آھي.“ 30تنھن تي انھن پڇيس تہ ”پوءِ اوھين اسان کي ڪھڙو معجزو ٿا ڏيکاريو، جنھن کي ڏسي اسين اوھان تي ايمان آڻيون؟ اوھين ڇا ٿا ڪري ڏيکاريو؟ 31 اسان جي ابن ڏاڏن تہ رڻ⁠پٽ ۾ مَنَ کاڌي ھئي. جيئن لکيل آھي تہ ’ھن کين کائڻ لاءِ آسمان مان ماني ڏني.‘“ 32عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ آسمان واري ماني اوھان کي موسيٰ نہ ڏني، پر اھو منھنجو پيءُ آھي جيڪو آسمان مان سچي ماني ڏئي ٿو. 33ڇالاءِ⁠جو جيڪا ماني خدا ڏئي ٿو سا اھا آھي جيڪا آسمان مان نازل ٿئي ٿي ۽ دنيا کي زندگي ڏئي ٿي.“ 34تنھن تي انھن عرض ڪيس تہ ”سائين! پوءِ اھا ماني اسان کي ھميشہ لاءِ ڏيو.“ 35عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”زندگيءَ جي ماني آءٌ آھيان. جيڪو مون وٽ اچي ٿو تنھن کي وري ڪڏھن بہ بک نہ لڳندي ۽ جيڪو مون تي ايمان آڻي ٿو، تنھن کي ڪڏھن بہ اڃ نہ لڳندي. 36مون اوھان کي ٻڌايو آھي تہ مون کي ڏسڻ کان پوءِ بہ اوھين ايمان نہ ٿا آڻيو. 37جيڪي پيءُ مون کي ڏيندو سي سڀ مون وٽ ايندا ۽ جيڪو بہ مون وٽ ايندو تنھن کي آءٌ ڪڏھن بہ نہ موٽائيندس. 38ڇالاءِ⁠جو آءٌ آسمان مان انھيءَ لاءِ نہ لھي آيو آھيان تہ پنھنجي مرضي ھلايان، بلڪ انھيءَ لاءِ تہ پنھنجي موڪلڻ واري جي مرضي پوري ڪريان. 39جنھن مون کي موڪليو آھي تنھن جي مرضي اھا آھي تہ جيڪي ⁠بہ ھن مون کي ڏنا آھن تن مان ھڪ بہ نہ وڃايان، بلڪ آخرت جي ڏينھن تي انھن سڀني کي جيئرو ڪري اٿاريان. 40ڇالاءِ⁠جو منھنجي پيءُ جي اھا مرضي آھي تہ جيڪو بہ سندس فرزند کي سڃاڻي ٿو ۽ مٿس ايمان ٿو آڻي، تنھن کي دائمي زندگي ملي ۽ آءٌ کيس آخرت جي ڏينھن تي جيئرو ڪري اٿاريندس.“ 41تنھن تي يھودي مٿس ڪرڪڻ لڳا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن چيو ھو تہ ”آءٌ اھا ماني آھيان، جيڪا آسمان مان نازل ٿي آھي.“ 42سو انھن چيو تہ ”ڇا ھي اھو عيسيٰ نہ آھي جيڪو يوسف جو پٽ آھي؟ اسين تہ سندس ماءُ⁠پيءُ کي بہ سڃاڻون ٿا. پوءِ ھي ھاڻي ڪيئن ٿو چوي تہ ’آءٌ آسمان مان نازل ٿيو آھيان؟‘“ 43عيسيٰ وراڻين تہ ”ڪرڪڻ بند ڪريو. 44ڪوبہ ماڻھو مون وٽ تيستائين نہ ٿو اچي سگھي جيستائين پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي سو کيس نہ ڇڪي. آءٌ آخرت جي ڏينھن تي کيس جيئرو ڪري اٿاريندس. 45 نبين جي صحيفن ۾ لکيل آھي تہ ’انھن سڀني کي خدا سيکاريندو.‘ جيڪوبہ پيءُ کان ٻڌي ٿو ۽ کانئس سکي ٿو سو ئي مون وٽ اچي ٿو. 46ان جي معنيٰ اھا نہ آھي تہ ڪنھن ماڻھوءَ پيءُ کي ڏٺو آھي، پر رڳو انھيءَ ئي پيءُ کي ڏٺو آھي، جيڪو خدا جي طرفان آيو آھي. 47آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو بہ ايمان آڻي ٿو تنھن جي ئي زندگي دائمي آھي. 48آءٌ زندگيءَ جي ماني آھيان. 49اوھان جي ابن ڏاڏن رڻ⁠پٽ ۾ مَنَ کاڌي ھئي، تڏھن بہ مري ويا. 50پر جيڪا ماني آسمان مان نازل ٿئي ٿي، سا اھڙي آھي جنھن کي جيڪو بہ کائيندو سو نہ مرندو. 51آءٌ اھا زندہ ماني آھيان جيڪا آسمان مان نازل ٿي آھي. جيڪڏھن ڪو ھن مانيءَ مان کائيندو تہ اھو ھميشہ زندہ رھندو. جيڪا ماني آءٌ ڏيندس سا منھنجو جسم آھي، جيڪو آءٌ ڏيان ٿو تہ جيئن ھن دنيا کي زندگي ملي.“ 52تنھن تي يھودي پاڻ ۾ سخت بحث ڪرڻ لڳا تہ ”ھي ماڻھو پنھنجو جسم اسان کي کائڻ لاءِ ڪيئن ڏيندو؟“ 53عيسيٰ وراڻين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين اوھين ابن⁠آدم جو گوشت نہ کائيندا ۽ سندس رت نہ پيئندا، تيستائين اوھان ۾ زندگي نہ ھوندي. 54جيڪو بہ منھنجو گوشت ٿو کائي ۽ منھنجو رت ٿو پيئي، تنھن جي زندگي دائمي آھي ۽ آءٌ کيس آخرت جي ڏينھن تي جيئرو ڪري اٿاريندس. 55ڇالاءِ⁠جو منھنجو گوشت سچ⁠پچ کائڻ جي شيءِ آھي ۽ منھنجو رت سچ⁠پچ پيئڻ جي شيءِ آھي. 56جيڪوبہ منھنجو گوشت کائي ٿو ۽ منھنجو رت پيئي ٿو، سو مون ۾ رھي ٿو ۽ آءٌ ھن ۾ رھان ٿو. 57جھڙيءَ طرح زندہ پيءُ مون کي موڪليو آھي ۽ آءٌ ھن جي ڪري زندہ آھيان، تھڙيءَ طرح جيڪو بہ مون کي کائي ٿو سو منھنجي ڪري زندہ رھندو. 58ھيءَ اھا ماني آھي جيڪا آسمان مان نازل ٿي آھي. ھيءَ ماني اھڙي نہ آھي جھڙي اوھان جي ابن ڏاڏن کاڌي ۽ مري ويا، پر جيڪو ھيءَ ماني کائيندو سو ھميشہ زندہ رھندو.“ 59ھي ڳالھيون ھن ڪفرناحوم جي عبادت⁠خاني ۾ تعليم ڏيندي ٻڌايون ھيون.

گھڻن شاگردن جو عيسيٰ کي ڇڏي وڃڻ

60ڪيترن ئي شاگردن اھو ٻڌو ۽ چيائون تہ ”ھيءَ ڳالھہ ڏاڍي ڏکي آھي. اھا ڪير ٻڌي سگھندو؟“ 61عيسيٰ پاڻ سمجھي ويو تہ سندس شاگرد ھن ڳالھہ تي ڪُرڪي رھيا آھن، تنھنڪري انھن کي چيائين تہ ”ھيءَ ڳالھہ اوھان کي گمراھہ ٿي ڪري ڇا؟ 62ڀلا جيڪڏھن اوھين ابن⁠آدم کي آسمان ڏانھن وري چڙھندي ڏسو جتي ھو اڳي ئي ھو، تہ پوءِ ڪيئن ٿا ڀانئيو؟ 63زندگي ڏيڻ وارو تہ روح آھي، انساني جسم ڪابہ شيءِ ڪانھي. ھي ڳالھيون جيڪي مون اوھان کي ٻڌايون آھن سي روح بہ آھن ۽ زندگي بہ. 64تڏھن بہ اوھان مان ڪيترا ئي ايمان نہ ٿا آڻين.“ جيئن تہ عيسيٰ شروعات کان ئي ڄاتو ٿي تہ ڪھڙا ڪھڙا ايمان نہ آڻيندا ۽ ڪير ساڻس دغا ڪندو. 65ھن وڌيڪ چيو تہ ”انھيءَ سبب ڪري تہ مون اوھان کي ٻڌايو آھي تہ ايستائين ڪوبہ مون وٽ اچي نہ ٿو سگھي، جيستائين پيءُ کانئس ائين نہ ٿو ڪرائي.“ 66تنھن تي سندس ڪيترا ئي شاگرد پٺتي موٽي ھليا ويا ۽ وري ھن سان گڏ ھلڻ جي نہ ڪيائون. 67تنھنڪري عيسيٰ ٻارھن شاگردن کي چيو تہ ”اوھين بہ مون کي ڇڏي ويندا ڇا؟“ 68 شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اي خداوند! اوھان کي ڇڏي ڪنھن ڏانھن وينداسون؟ اوھان وٽ اھي ڳالھيون آھن جن ۾ دائمي زندگي آھي. 69اسين تہ ايمان آڻي چڪا آھيون ۽ ڄاڻيون ٿا تہ اوھين ئي خدا جي طرفان پاڪ ھستي آھيو.“ 70عيسيٰ انھن کان پڇيو تہ ”ڇا مون اوھان ٻارھن کي نہ چونڊيو آھي؟ تڏھن بہ اوھان ۾ ھڪڙو شيطان آھي.“ 71ھو يھوداہ بابت ڳالھائي رھيو ھو، جيڪو شمعون اسڪريوتيءَ جو پٽ ھو، ڇالاءِ⁠جو يھوداہ ٻارھن شاگردن مان ھوندي بہ اڳتي ھلي ساڻس دغا ڪرڻ وارو ھو.

يوحنا 7

عيسيٰ ۽ سندس ڀائر

1ھن کان پوءِ عيسيٰ گليل ۾ پئي گھميو. ھو يھوديہ ۾ وڃڻ نہ پيو چاھي، ڇالاءِ⁠جو اتي يھودي اڳواڻ کيس مارڻ لاءِ وجھہ ڳولي رھيا ھئا. 2 يھودين جي تنبن واري عيد ويجھي ھئي، 3تنھنڪري عيسيٰ جي ڀائرن کيس چيو تہ ”ھتان نڪري يھوديہ ڏانھن ھليو وڃ، جتي تنھنجا شاگرد تنھنجا ھي ڪم ڏسن جيڪي تون ڪري رھيو آھين. 4ڇالاءِ⁠جو جيڪو مشھور ٿيڻ چاھيندو آھي سو پنھنجا ڪم نہ لڪائيندو آھي. جيئن تہ تون بہ اھي ڪم ڪري رھيو آھين، سو ڀل تہ سڄي دنيا تو کي ڏسي.“ 5ڇاڪاڻ⁠تہ سندس ڀائرن جو بہ مٿس ايمان نہ ھو. 6تنھن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”منھنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آھي، پر اوھان جو وقت تہ سدائين آھي. 7دنيا اوھان کان نفرت ڪري نہ ٿي سگھي پر اھا مون کان نفرت ڪري ٿي، ڇالاءِ⁠جو آءٌ کيس ٻڌائيندو رھيو آھيان تہ سندس ڪم بڇڙا آھن. 8اوھين ڀلي عيد تي وڃو. آءٌ ھن عيد تي نہ ٿو وڃان، ڇاڪاڻ⁠تہ منھنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آھي.“ 9اھي ڳالھيون چوڻ کان پوءِ ھو اتي ئي گليل ۾ رھي پيو.

عيسيٰ جو تنبن واري عيد تي وڃڻ

10ھن کان پوءِ عيسيٰ جا ڀائر عيد تي ويا. ھو پاڻ بہ عيد تي ويو پر کليو کلايو نہ، بلڪ لڪ چوريءَ ويو. 11جڏھن تہ يھودي اڳواڻ کيس عيد تي ڳولڻ لڳا ۽ پڇيائون پئي تہ ”عيسيٰ ڪٿي آھي؟“ 12ماڻھن ۾ ھن بابت ڏاڍي سس⁠پس پئي ٿي. ڪن پئي چيو تہ ”ھو نيڪ ماڻھو آھي.“ پر ٻين پئي چيو تہ ”نہ، ھو ماڻھن کي گمراھہ ڪري رھيو آھي.“ 13پر ھن بابت ڪوبہ کليو کلايو نہ پيو ڳالھائي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو يھودي اڳواڻن کان ڊڄن پيا. 14جڏھن عيد جا اڌ جيترا ڏينھن گذريا تہ ان مھل عيسيٰ ھيڪل ۾ ويو ۽ تعليم ڏيڻ لڳو. 15تنھن تي يھودي اڳواڻ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون تہ ”ھن ماڻھوءَ وٽ ايترو علم ڪٿان آيو، ڇالاءِ⁠جو ھو ڪڏھن بہ پڙھيو نہ آھي؟“ 16عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪا تعليم آءٌ ڏيئي رھيو آھيان، سا منھنجي نہ آھي پر اھا خدا جي طرفان ملي آھي، جنھن مون کي موڪليو آھي. 17جيڪڏھن ڪو ماڻھو خدا جي مرضيءَ موجب ھلڻ چاھي ٿو تہ ھو انھيءَ تعليم بابت ڄاڻي وٺندو تہ اھا خدا وٽان آھي يا آءٌ پنھنجي طرفان ٿو چوان. 18جيڪو ماڻھو پنھنجي طرفان ڪجھہ چوندو آھي سو ڪوشش ڪندو آھي تہ سندس ساراھہ ٿئي. پر جيڪو چاھي ٿو تہ سندس موڪليندڙ جي ساراھہ ٿئي سو ئي سچو آھي ۽ انھيءَ ۾ ڪابہ ٺڳي ڪانہ آھي. 19ڇا موسيٰ اوھان کي شريعت نہ ڏني ھئي؟ تڏھن بہ اوھان مان ڪو انھيءَ شريعت تي عمل نہ ٿو ڪري. اوھين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟“ 20تنھن تي ماڻھن چيو تہ ”تو ۾ ڀوت آھي. ڪير تو کي مارڻ جي ڪوشش ڪندو؟“ 21عيسيٰ وراڻيو تہ ”مون سبت جي ڏينھن تي ھڪڙو ڪم ڪيو ھو تہ اوھين سڀ حيران ٿي ويا ھئا. 22 موسيٰ اوھان کي طھر ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آھي، پر حقيقت ۾ اھو موسيٰ جي طرفان نہ بلڪ اوھان جي ابن ڏاڏن جي طرفان آھي. تنھنڪري اوھين سبت جي ڏينھن تي بہ پنھنجن ٻارن جا طھر ڪرائيندا آھيو. 23 جيڪڏھن سبت جي ڏينھن تي ڪنھن ڇوڪري جي طھر ڪرائڻ ڪري موسيٰ جي شريعت جي ڀڃڪڙي نہ ٿي ٿئي، تہ پوءِ اوھين مون تي ڇو ڪاوڙيا آھيو جو مون ھڪڙي ماڻھوءَ کي سبت جي ڏينھن تي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آھي؟ 24منھن ڏسي انصاف نہ ڪريو، پر پورو پورو انصاف ڪريو.“

ڇا عيسيٰ سچ⁠پچ مسيح آھي؟

25انھيءَ مھل يروشلم جا ڪي ماڻھو چوڻ لڳا تہ ”ڇا ھي اھو ماڻھو تہ نہ آھي جنھن کي ھو مارڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن؟ 26ڏسو، ھو تہ کُلي عام ڳالھائي رھيو آھي، پر ڪوبہ کيس ڪجھہ نہ ٿو چوي. ڇا حاڪم سچ⁠پچ اھو سمجھن ٿا تہ ھو مسيح آھي؟ 27پر جڏھن مسيح ايندو تہ ڪنھن کي بہ خبر نہ پوندي تہ ھو ڪٿان آيو آھي ۽ اسان سڀني کي خبر آھي تہ ھيءُ شخص ڪٿان آيو آھي.“ 28پوءِ عيسيٰ ھيڪل ۾ تعليم ڏيندي وڏي واڪي چيو تہ ”اوھين مون کي سڃاڻو ٿا ۽ اھا بہ خبر اٿوَ تہ آءٌ ڪٿان آيو آھيان. آءٌ پنھنجي مرضيءَ سان نہ آيو آھيان، بلڪ انھيءَ وٽان موڪليو ويو آھيان جيڪو سچو آھي پر اوھين کيس نہ ٿا سڃاڻو. 29مگر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ وٽانئس آيو آھيان ۽ ھن ئي مون کي موڪليو آھي.“ 30تنھن تي انھن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪنھن بہ مٿس ھٿ نہ کنيو، ڇالاءِ⁠جو ھن جو وقت اڃا ڪونہ آيو ھو. 31انھن ماڻھن مان ڪيترن ئي مٿس ايمان آندو ۽ چوڻ لڳا تہ ”جڏھن مسيح ايندو تہ اھو ھن کان وڌيڪ معجزا ڪندو ڇا؟“ عيسيٰ کي پڪڙڻ لاءِ پھريدار موڪلڻ 32فريسين ٻڌو تہ ماڻھو عيسيٰ بابت ھنن ڳالھين جي سس⁠پس ڪري رھيا آھن، تنھنڪري انھن ۽ سردار ڪاھنن ڪي پھريدار موڪليا تہ جيئن ھو کيس پڪڙين. 33تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوھان سان اڃا ٿورو وقت رھندس ۽ پوءِ آءٌ انھيءَ ڏانھن موٽي ويندس جنھن مون کي موڪليو آھي. 34اوھين مون کي ڳوليندا، پر لھي ڪين سگھندا ۽ جتي آءٌ ھوندس اتي اوھين اچي نہ سگھندا.“ 35يھودي اڳواڻ ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”ھو ڪيڏانھن ويندو جو اسين کيس لھي نہ سگھنداسين؟ ڇا ھو يونان جي شھرن ڏانھن ويندو، جتي اسان جا يھودي وڃي رھيا آھن ۽ اتي ھو يونانين کي تعليم ڏيندو؟ 36ڀلا ھو جيڪي چوي ٿو تہ ’اوھين مون کي ڳوليندا، پر لھي نہ سگھندا ۽ اوھين اتي اچي نہ سگھندا جتي آءٌ ھوندس،‘ تنھن جو مطلب ڇا آھي؟“

زندگيءَ جي پاڻيءَ جون نديون

37 عيد جو آخري ڏينھن، جيڪو خاص ڏينھن آھي، انھيءَ ڏينھن تي عيسيٰ اٿي بيٺو ۽ وڏي آواز سان چيائين تہ ”جيڪو بہ اڃايل آھي، سو ڀلي مون وٽ اچي پيئي. 38 جيڪو بہ مون تي ايمان آڻيندو، تنھن لاءِ لکيل آھي تہ ’سندس اندر مان زندگيءَ جي پاڻيءَ جون نديون وھنديون.‘“ 39ھن اھا ڳالھہ پاڪ روح بابت ٿي ڪئي، جيڪو انھن ماڻھن کي ملڻو ھو جن مٿس ايمان آندو ھو. پر انھن کي پاڪ روح اڃا نہ مليو ھو، ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ جو جلوو اڃا ظاھر نہ ٿيو ھو.

ماڻھن ۾ ڦوٽ

40ميڙ مان ڪيترن ئي ماڻھن سندس اھي لفظ ٻڌا ۽ چيائون تہ ”سچ⁠پچ ھي ماڻھو اھو ئي نبي آھي، جيڪو اچڻو آھي.“ 41ڪن چيو تہ ”ھو مسيح آھي.“ پر ٻين وري چيو تہ ”مسيح ڪو گليل مان ايندو ڇا؟ 42 پاڪ ڪتاب جي لکت مطابق تہ مسيح دائود جي نسل مان ھوندو ۽ بيت⁠لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندو، جنھن ۾ دائود رھندو ھو.“ 43سو ھن جي ڪري ماڻھن ۾ ڦوٽ پئجي ويئي. 44ڪي ماڻھو کيس پڪڙڻ پيا چاھين، پر ڪنھن بہ مٿس ھٿ نہ کنيو.

يھودي اڳواڻن جي بي⁠اعتقادي

45جڏھن پھريدار موٽي آيا تہ سردار ڪاھنن ۽ فريسين کانئن پڇيو تہ ”اوھين عيسيٰ کي ڇو نہ وٺي آيا؟“ 46پھريدارن جواب ڏنو تہ ”ڪنھن بہ انسان اھڙيءَ طرح ڪڏھن ڪونہ ڳالھايو آھي.“ 47تنھن تي فريسين کين چيو تہ ”اوھين بہ گمراھہ ٿي ويا آھيو ڇا؟ 48ڇا سردارن ۽ فريسين مان ڪنھن بہ مٿس ايمان آندو آھي؟ 49پر ھي ماڻھو جن کي موسيٰ جي شريعت جي خبر ئي نہ آھي، سي خدا جا پٽيل آھن.“ 50 نيڪديمس، جيڪو اڳي عيسيٰ وٽ آيو ھو ۽ حاڪمن مان ھڪڙو ھو، تنھن چين تہ 51”شريعت موجب اسين ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي سزا ڏيئي نہ ٿا سگھون، جيستائين اسين سندس ڳالھيون ٻڌون ۽ خبر پوي تہ ھو ڇا ٿو ڪري.“ 52انھن جواب ڏنس تہ ”تون بہ گليلي آھين ڇا؟ پاڪ لکتون پڙھہ تہ تو کي خبر پوي تہ گليل مان ڪوبہ نبي پيدا ٿيڻو نہ آھي.“ 53پوءِ ھر ڪو پنھنجي پنھنجي گھر ڏانھن ھليو ويو.

يوحنا 8

عورت جو زنا ۾ پڪڙجڻ

1عيسيٰ زيتون جي ٽڪر ڏانھن ھليو ويو 2۽ صبح جو سوير وري ھيڪل ۾ آيو جتي سڀيئي ماڻھو اچي وٽس گڏ ٿيا ۽ ھو ويھي کين تعليم ڏيڻ لڳو. 3شريعت جي عالمن ۽ فريسين ھڪڙي عورت کي آندو جنھن کي زنا ڪندي پڪڙيو ھئائون، تنھن کي وچ ۾ بيھاري 4عيسيٰ کي چيائون تہ ”اي استاد! ھيءَ عورت زنا ڪندي پڪڙي ويئي آھي. 5 شريعت ۾ موسيٰ اسان کي حڪم ڏنو آھي تہ اھڙن کي سنگسار ڪري ڇڏيون. ھاڻي تون ھن بابت ڇا ٿو چوين؟“ 6انھن کيس ڦاسائڻ لاءِ ائين چيو تہ جيئن مٿس تھمت ھڻن. پر عيسيٰ نِوڙي زمين تي پنھنجيءَ آڱر سان لکڻ لڳو. 7جڏھن ھو کانئس پڇندا رھيا، تڏھن ھن ڪنڌ مٿي ڪري چين تہ ”اوھان مان جنھن ڪڏھن بہ ڪو ⁠گناھہ نہ ڪيو ھجي، سو پھريائين ھن عورت کي پٿر ھڻي.“ 8وري بہ ھو نِوڙي زمين تي پنھنجيءَ آڱر سان لکڻ لڳو. 9جڏھن انھن اھا ڳالھہ ٻڌي تڏھن انھن مان پھريائين وڏا ۽ پوءِ ننڍا ھڪڙو ھڪڙو ٿي ھليا ويا. پوءِ رڳو عيسيٰ اڪيلو وڃي رھيو ۽ اھا عورت بيٺي رھي. 10عيسيٰ ڪنڌ مٿي ڪري انھيءَ عورت کي چيو تہ ”اي مائي! اھي ڪيڏانھن ويا؟ ڇا ھتي ڪوبہ ڪونہ آھي جو تو کي سزا ڏئي؟“ 11انھيءَ عورت وراڻيو تہ ”سائين! نہ، ڪوبہ ڪونھي.“ تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”چڱو آءٌ بہ تو کي سزا نہ ٿو ڏيان. سو وڃ، پر وري گناھہ نہ ڪجانءِ.“

عيسيٰ جي شاھدي سچي آھي

12 عيسيٰ وري فريسين سان ڳالھائيندي چيو تہ ”آءٌ دنيا جي روشني آھيان. جيڪو بہ منھنجي پيروي ڪري ٿو، تنھن کي زندگيءَ جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏھن بہ اونداھيءَ ۾ نہ گھمندو.“ 13 تنھن تي فريسين کيس چيو تہ ”تون پنھنجي شاھدي پاڻ ڏئين ٿو، سو تنھنجي شاھدي سچي نہ آھي.“ 14عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”جيتوڻيڪ آءٌ پنھنجي شاھدي پاڻ ٿو ڏيان تہ بہ منھنجي شاھدي سچي آھي، ڇالاءِ⁠جو مون کي خبر آھي تہ آءٌ ڪٿان آيو آھيان ۽ ڪيڏانھن وڃان ٿو. پر اوھان کي خبر ڪانھي تہ آءٌ ڪٿان آيو آھيان ۽ ڪيڏانھن وڃان ٿو. 15اوھين رڳو انساني طرح فيصلو ڪريو ٿا پر آءٌ ڪنھن جو بہ فيصلو نہ ٿو ڪريان. 16جيڪڏھن آءٌ فيصلو ڪريان بہ ھا تہ منھنجو فيصلو سچو ھجي ھا، ڇالاءِ⁠جو آءٌ اڪيلو اھو ڪم نہ ٿو ڪريان پر منھنجو پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي، سو بہ مون سان آھي. 17 اوھان جي شريعت ۾ بہ لکيل آھي تہ ’ٻن شخصن جي شاھدي سچي آھي.‘ 18سو ھڪڙو آءٌ آھيان جو پاڻ پنھنجي شاھدي ٿو ڏيان ۽ ٻيو پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي، سو بہ مون بابت شاھدي ٿو ڏئي.“ 19تنھن تي انھن پڇيس تہ ”تنھنجو پيءُ ڪٿي آھي؟“ عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”اوھين نہ مون کي سڃاڻو ٿا ۽ نڪي منھنجي پيءُ کي. جيڪڏھن اوھين مون کي سڃاڻو ھا تہ منھنجي پيءُ کي بہ سڃاڻو ھا.“ 20عيسيٰ اھي ڳالھيون ان وقت چيون جنھن وقت ھو ھيڪل جي خزاني واري ڪمري ۾ تعليم ڏيئي رھيو ھو ۽ کيس ڪنھن بہ نہ پڪڙيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اڃا سندس وقت نہ آيو ھو.

جتي آءٌ ويندس اتي اوھين اچي نہ سگھندا

21عيسيٰ وري انھن کي چيو تہ ”آءٌ ھليو ويندس ۽ اوھين مون کي ڳوليندا، پر اوھين اتي اچي نہ سگھندا جتي آءٌ ويندس ۽ اوھين پنھنجن گناھن ۾ مرندا.“ 22تنھن تي يھودي اڳواڻن چيو تہ ”ھي چوي ڇا ٿو تہ ’جتي آءٌ ويندس اتي اوھين اچي نہ سگھندا؟‘ انھيءَ جي معنيٰ تہ ھو پنھنجو پاڻ کي ماريندو ڇا؟“ 23عيسيٰ وراڻيو تہ ”اوھين ھيٺ جا آھيو، پر آءٌ مٿان آيو آھيان. اوھين ھن دنيا جا آھيو، پر آءٌ ھن دنيا جو نہ آھيان. 24اھو ئي سبب آھي جو مون اوھان کي ٻڌايو تہ اوھين پنھنجن گناھن ۾ مرندا. جيڪڏھن اوھين اھو نہ مڃيندا تہ آءٌ اھو ئي آھيان، تہ پوءِ اوھين ضرور پنھنجن گناھن ۾ مرندا.“ 25تنھن تي انھن پڇيس تہ ”تون ڪير آھين؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اھو ئي آھيان، جيئن شروعات کان وٺي اوھان کي ٻڌائيندو آيو آھيان. 26اوھان بابت فيصلي ڪرڻ لاءِ مون وٽ ڪيتريون ئي ڳالھيون آھن. جنھن مون کي موڪليو آھي سو سچو آھي ۽ جيڪي ⁠بہ ڳالھيون مون کانئس ٻڌيون آھن، سي ئي آءٌ دنيا کي ٻڌايان ٿو.“ 27انھن اھو نہ سمجھيو تہ ھو ساڻن پيءُ بابت ڳالھائي رھيو آھي. 28سو عيسيٰ کين چيو تہ ”جڏھن اوھين ابن⁠آدم کي مٿي چاڙھيندا، تڏھن اوھان کي خبر پوندي تہ آءٌ اھو ئي آھيان. آءٌ پنھنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪريان، پر اھو ئي ڪجھہ چوان ٿو جيڪي پيءُ مون کي سيکاريو آھي. 29جنھن مون کي موڪليو آھي سو مون سان آھي. ھن مون کي اڪيلو نہ ڇڏيو آھي، ڇالاءِ⁠جو آءٌ ھميشہ اھي ڪم ڪريان ٿو جيڪي کيس پسند آھن.“ 30تنھن تي ڪيترن ئي عيسيٰ جون ھي ڳالھيون ٻڌي مٿس ايمان آندو.

ابراھيم جو نہ، پر شيطان جو اولاد

31پوءِ جن يھودين مٿس ايمان آندو ھو، عيسيٰ تن کي چيو تہ ”جيڪڏھن اوھين منھنجي تعليم تي قائم رھندا تہ اوھين سچ⁠پچ منھنجا شاگرد آھيو. 32پوءِ اوھان کي سچ جي خبر پوندي ۽ اھو سچ اوھان کي آزاد ڪندو.“ 33 تنھن تي انھن وراڻيو تہ ”اسين ابراھيم جو اولاد آھيون ۽ ڪڏھن بہ ڪنھن جا غلام نہ ٿيا آھيون، تہ پوءِ تنھنجي انھيءَ چوڻ جو مقصد ڇا آھي تہ ’اوھين آزاد ٿيندا‘؟“ 34عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو بہ گناھہ ٿو ڪري سو گناھہ جو غلام آھي. 35خاندان ۾ غلام کي ڪوبہ حق نہ آھي، پر پٽ کي ھر ڪو حق حاصل آھي. 36تنھنڪري جيڪڏھن فرزند اوھان کي آزاد ڪندو تہ اوھين سچ⁠پچ آزاد ٿيندا. 37مون کي خبر آھي تہ اوھين ابراھيم جو اولاد آھيو، تہ بہ اوھين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين منھنجي ڪلام کي دل ۾ جاءِ نہ ٿا ڏيو. 38آءٌ اوھان کي اھو ٻڌايان ٿو جيڪي مون پيءُ وٽ ڏٺو آھي، پر اوھين اھي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوھان پنھنجي پيءُ کان ٻڌا آھن.“ 39تنھن تي انھن وراڻيو تہ ”اسان جو پيءُ تہ ابراھيم آھي.“ عيسيٰ چين تہ ”جيڪڏھن اوھين ابراھيم جو اولاد ھجو ھا تہ اوھين بہ انھيءَ جھڙا ڪم ڪريو ھا. 40پر اوھين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، جنھن اوھان کي سچ ٻڌايو آھي. مون اھو ئي ٻڌايو آھي جيڪو مون خدا کان ٻڌو آھي. ابراھيم تہ اھڙو ڪم ڪونہ ڪيو ھو. 41اوھين اھي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوھان جي پيءُ ڪيا آھن.“ تڏھن انھن وراڻيو تہ ”اسان جو پيءُ تہ رڳو خدا آھي ۽ اسين سندس ئي حقيقي اولاد آھيون.“ 42عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”جيڪڏھن خدا اوھان جو پيءُ ھجي ھا تہ اوھين مون سان پيار ڪريو ھا، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ خدا وٽان آيو آھيان. آءٌ پاڻ ئي ڪين آيو آھيان پر ھن مون کي موڪليو آھي. 43اوھين منھنجو ڳالھائڻ ڇو نہ ٿا سمجھو؟ اھو انھيءَ لاءِ تہ اوھين منھنجي ڪلام کي ٻڌي نہ ٿا سگھو. 44اوھين پنھنجي پيءُ يعني شيطان جا فرزند آھيو ۽ پنھنجي پيءُ جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. شروعات کان وٺي ھو خوني ھو ۽ ھن ڪڏھن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو آھي، ڇالاءِ⁠جو ھن ۾ سچ نہ آھي. جڏھن ھو ڪوڙ ٿو ڳالھائي تہ پنھنجي طبيعت موجب ٿو ڳالھائي، ڇالاءِ⁠جو ھو ڪوڙو آھي ۽ ڪوڙ جو باني آھي. 45پر آءٌ سچ ٿو چوان، تنھنڪري اوھين مون تي ايمان نہ ٿا آڻيو. 46اوھان مان ڪو اھڙو آھي، جيڪو ثابت ڪري تہ مون گناھہ ڪيو آھي؟ جيڪڏھن آءٌ سچ ٿو چوان تہ پوءِ اوھين مون تي ڇو نہ ٿا ايمان آڻيو؟ 47جيڪو خدا وٽان اچي ٿو سو خدا جون ڳالھيون ٻڌي ٿو. اوھين انھيءَ ڪري نہ ٿا ٻڌو ڇالاءِ⁠جو اوھين خدا وٽان نہ آيا آھيو.“

عيسيٰ ۽ ابراھيم

48سو انھن يھودين عيسيٰ کي چيو تہ ”ڇا اسين سچ نہ چئي رھيا ھئاسين تہ تون سامرين وانگر ڪافر آھين ۽ تو ۾ ڀوت آھي؟“ 49عيسيٰ وراڻيو تہ ”مون ۾ ڀوت ڪونھي، پر آءٌ پنھنجي پيءُ جي عزت ٿو ڪريان ۽ اوھين منھنجي بي⁠عزتي ٿا ڪريو. 50آءٌ پنھنجي ساراھہ نہ ٿو چاھيان، پر ھڪڙو آھي جيڪو چاھي ٿو تہ منھنجي ساراھہ ٿئي ۽ اھو منھنجي فائدي ۾ فيصلو ڪري ٿو. 51آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو بہ منھنجي ڪلام تي عمل ڪري ٿو سو ڪڏھن بہ نہ مرندو.“ 52انھن يھودين کيس چيو تہ ”ھاڻي اسان کي خبر پئي تہ تو ۾ ڀوت آھي. ابراھيم مري ويو ۽ نبي بہ مري ويا تہ بہ تون چوين ٿو تہ ’جيڪو منھنجي ڪلام تي عمل ڪندو سو ڪڏھن بہ نہ مرندو.‘ 53اسان جو پيءُ ابراھيم جيڪو مري ويو تنھن کان بہ تون وڏو آھين ڇا؟ نبي بہ مري ويا تہ تون پاڻ کي ڇا ٿو سمجھين؟“ 54عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏھن آءٌ پنھنجي ساراھہ ڪريان تہ منھنجي ساراھہ ڪا معنيٰ نہ ٿي رکي. پر جيڪو منھنجي ساراھہ ڪري ٿو سو منھنجو پيءُ آھي، جنھن جي لاءِ اوھين چئو ٿا تہ ’اھو اسان جو خدا آھي.‘ 55اوھان ھن کي ڪڏھن بہ نہ سڃاتو آھي پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو. جيڪڏھن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ ھن کي نہ ٿو ڄاڻان تہ آءٌ بہ اوھان جھڙو ڪوڙو ٿيندس. پر آءٌ کيس ڄاڻان ٿو ۽ سندس ڪلام تي عمل ڪريان ٿو. 56اوھان جو پيءُ ابراھيم منھنجي انھيءَ ڏينھن جي ڏسڻ جي اميد تي ڏاڍو خوش ھو. ھُن اھو ڏينھن ڏٺو ۽ خوش ٿيو.“ 57تنھن تي انھن چيس تہ ”تون پنجاھہ ورھين جو بہ ڪين آھين، پوءِ تو ڪيئن ابراھيم کي ڏٺو؟“ 58عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ ابراھيم جي ڄمڻ کان اڳي بہ آءٌ آھيان.“ 59تنھن تي انھن عيسيٰ کي سنگسار ڪرڻ لاءِ پٿر کنيا، پر عيسيٰ پاڻ کي کڻي لڪايو ۽ ھيڪل مان نڪري ھليو ويو.

يوحنا 9

ڄائي ڄم کان انڌي کي سڄو ڪرڻ

1جيئن عيسيٰ رستي سان پئي ويو تہ ھن ھڪ اھڙو ماڻھو ڏٺو، جيڪو ڄائي ڄم کان انڌو ھو. 2ھن جي شاگردن کانئس پڇيو تہ ”استاد! ڪنھن جي گناھہ جي ڪري ھو انڌو ڄائو؟ ڇا ھن جي پنھنجي گناھہ جي ڪري يا سندس ماءُ⁠پيءُ جي گناھہ سبب؟“ 3عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھن جي انڌائپ جو ھن جي گناھہ سان يا سندس ماءُ⁠پيءُ جي گناھہ سان ڪوبہ واسطو نہ آھي. ھو انھيءَ ڪري انڌو آھي تہ جيئن ھن مان خدا جا ڪم ظاھر ٿين. 4جيستائين ڏينھن آھي تيستائين اسان کي انھيءَ جا ڪم ڪرڻ گھرجن جنھن مون کي موڪليو آھي. رات ايندي تہ پوءِ ڪوبہ ماڻھو ڪم ڪري نہ سگھندو. 5 جيستائين آءٌ ھن دنيا ۾ آھيان تہ آءٌ دنيا جي روشني آھيان.“ 6ائين چوڻ کان پوءِ عيسيٰ زمين تي ٿڪ اڇلائي ۽ انھيءَ ٿڪ سان مٽي ڳوھيائين. پوءِ اھا ڳوھيل مٽي انھيءَ انڌي جي اکين تي لاتائين 7۽ چيائينس تہ ”پنھنجو منھن انھيءَ تلاءَ ۾ وڃي ڌوءُ، جنھن جو نالو سيلوم (يعني موڪليل) آھي.“ پوءِ ھو ويو ۽ انھيءَ تلاءَ ۾ وڃي منھن ڌوتائين ۽ پوءِ موٽ تي ھو ڏسندو وائسندو آيو. 8تنھن تي سندس پاڙيسرين ۽ ٻين ماڻھن جن کيس اڳ پنندي ڏٺو ھو، سي چوڻ لڳا تہ ”ھي اھو فقير نہ آھي ڇا جيڪو ھتي ويٺو پنندو ھو؟“ 9ڪي چوڻ لڳا تہ ”ھي اھو ئي آھي“ ۽ ٻيا چوڻ لڳا تہ ”ھي اھو نہ آھي پر انھيءَ جھڙو آھي.“ تنھن تي ھن پاڻ چيو تہ ”آءٌ اھو ئي آھيان.“ 10پوءِ انھن پڇيس تہ ”تنھنجون اکيون ڪيئن کليون؟“ 11ھن وراڻيو تہ ”اھو شخص جنھن جو نالو عيسيٰ آھي، تنھن مٽي ڳوھي منھنجين اکين تي لاتي ۽ چيائين تہ ’سيلوم واري تلاءَ ۾ وڃي منھن ڌوءُ.‘ پوءِ آءٌ ويس ۽ وڃي منھن ڌوتم ۽ پوءِ ڏسڻ وائسڻ لڳس.“ 12تنھن تي انھن پڇيس تہ ”اھو شخص ڪٿي آھي؟“ ھن چين تہ ”مون کي خبر نہ آھي.“

شفا بابت فريسين جي جاچ

13تنھن کان پوءِ اھي انھيءَ انڌي مان سڄي ٿيل ماڻھوءَ کي فريسين وٽ وٺي آيا. 14جنھن ڏينھن تي عيسيٰ مٽي ڳوھي انڌي ماڻھوءَ جون اکيون کوليون ھيون سو سبت جو ڏينھن ھو. 15پوءِ فريسين انھيءَ ماڻھوءَ کان پڇيو تہ ”تون ڪيئن ڏسڻ وائسڻ لڳين؟“ ھن انھن کي ٻڌايو تہ ”ھڪڙي ماڻھوءَ ٿوري مٽي منھنجين اکين تي لاتي ۽ مون وڃي منھن ڌوتو تہ آءٌ ڏسڻ وائسڻ لڳس.“ 16تنھن تي فريسين مان ڪن چيو تہ ”جنھن ماڻھوءَ ھي ڪم ڪيو آھي سو خدا جي طرفان ٿي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن سبت جي ڏينھن کي نہ مڃيو آھي.“ ٻين وري چيو تہ ”جيڪو گنھگار آھي سو اھڙا معجزا ڪيئن ٿو ڪري سگھي.“ تنھنڪري انھن ۾ ڏڦيڙ پئجي ويو. 17ان کان پوءِ فريسين ھڪ دفعو وري انھيءَ ماڻھوءَ کان پڇيو تہ ”تون چوين ٿو تہ ھن تنھنجون اکيون کوليون، پر تون انھيءَ شخص بابت ڇا ٿو چوين؟“ ھن وراڻيو تہ ”ھو نبي آھي.“ 18يھودي اڳواڻن کي ھن ماڻھوءَ جي ڳالھہ تي اڃا بہ اعتبار نہ آيو تہ ھو ڪو انڌو ھو ۽ پوءِ سڄو ٿيو آھي، تنھنڪري ھنن انھيءَ ماڻھوءَ جي ماءُ⁠پيءُ کي سڏائي کانئن پڇيو تہ 19”ڇا ھي اوھان جو پٽ آھي؟ اوھين چئو ٿا تہ ھي ڄائي ڄم کان انڌو ھو، تہ پوءِ اھو ڪيئن ٿي سگھي ٿو تہ ھو ھاڻي ڏسي وائسي ٿو؟“ 20ھن جي ماءُ⁠پيءُ وراڻيو تہ ”اسين ڄاڻون ٿا تہ ھي اسان جو پٽ آھي ۽ ڄائي ڄم کان انڌو ھو. 21پر اھا خبر ڪانھي تہ ھاڻي ڪيئن ھو ڏسڻ وائسڻ لڳو آھي ۽ اسان کي اھا بہ خبر ڪانھي تہ ڪنھن ھن جو اکيون کوليون. اوھين کانئس پڇو، ھو بالغ آھي، پاڻ پنھنجي ڳالھہ ڪندو.“ 22سندس ماءُ⁠پيءُ ائين انھيءَ ڪري چيو، ڇالاءِ⁠جو ھو يھودي اڳواڻن کان ڊنا ٿي، جن اڳي ئي ٺھراءُ ڪري ڇڏيو ھو تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو عيسيٰ کي مسيح ڪري مڃيندو تہ ھو انھيءَ کي پنھنجي عبادت⁠گاھہ مان ڪڍي ڇڏيندا. 23اھو ئي سبب ھو جو انھيءَ ماڻھوءَ جي ماءُ⁠پيءُ چيو تہ ”ھو بالغ آھي سو اوھين کانئس پڇو.“ 24ٻئي دفعي انھن وري انھيءَ ماڻھوءَ کي گھرايو جيڪو اڳي انڌو ھو ۽ کيس چيائون تہ ”تون خدا جي آڏو واعدو ڪر تہ سچ ڳالھائيندين. اسين ڄاڻون ٿا تہ اھو ماڻھو گنھگار آھي.“ 25انھيءَ ماڻھوءَ وراڻيو تہ ”مون کي خبر نہ آھي تہ ھو گنھگار آھي يا نہ. آءٌ رڳو اھو ڄاڻان ٿو تہ اڳي آءٌ انڌو ھوس ۽ ھاڻي ڏسان وائسان ٿو.“ 26تنھن تي انھن پڇيس تہ ”ھن تو کي ڇا ڪيو؟ ڪيئن تنھنجون اکيون کوليائين؟“ 27ھن وراڻيو تہ ”اڃا ھاڻي تہ مون اوھان کي ٻڌايو تہ بہ اوھان ڪونہ ٻڌو، وري ڇو ٿا ٻڌڻ چاھيو؟ اوھين بہ ھن جا شاگرد ٿيڻ چاھيو ٿا ڇا؟“ 28تنھن تي انھن ڦٽ لعنت ڪري چيس تہ ”تون ئي انھيءَ جو شاگرد آھين. اسين تہ موسيٰ جا شاگرد آھيون. 29اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا موسيٰ سان ڳالھايو ھو، پر انھيءَ شخص بابت اسان کي ڪابہ خبر نہ آھي تہ ھو ڪٿان آيو آھي.“ 30تنھن تي انھيءَ ماڻھوءَ چيو تہ ”واہ! اھا تہ عجيب ڳالھہ آھي، ھُن منھنجون اکيون کوليون آھن، تڏھن بہ اوھان کي خبر نہ آھي تہ ھو ڪٿان آيو آھي. 31اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا گنھگارن جي نہ ٻڌندو آھي، پر جيڪڏھن ڪو خداپرست آھي ۽ سندس مرضيءَ تي ھلي ٿو تہ خدا انھيءَ جي ٻڌي ٿو. 32ھن دنيا جي شروعات کان وٺي ائين ڪڏھن بہ ٻڌڻ ۾ ڪونہ آيو تہ ڄائي ڄم کان انڌي ماڻھوءَ جون ڪنھن بہ اکيون کوليون ھجن. 33جيڪڏھن ھي ماڻھو خدا جي طرفان نہ ھجي ھا تہ ڪجھہ بہ نہ ڪري سگھي ھا.“ 34تنھن تي انھن چيس تہ ”تون اصل ڄائو ئي گناھن ۾ آھين ۽ ھاڻي تون ٿو اسان کي سيکارين؟“ پوءِ تہ انھن کيس عبادت⁠خاني مان ڪڍي ڇڏيو.

روحاني انڌائپ

35جڏھن عيسيٰ ٻڌو تہ انھيءَ ماڻھوءَ کي عبادت⁠خاني مان ڪڍي ڇڏيو اٿن، تڏھن عيسيٰ کيس ڳولي وڃي لڌو ۽ چيائينس تہ ”ڇا تون ابن⁠آدم تي ايمان آڻين ٿو؟“ 36تنھن تي ھن پڇيس تہ ”سائين! اھو ڪير آھي جو آءٌ مٿس ايمان آڻيان؟“ 37عيسيٰ چيس تہ ”تو تہ کيس اڳي ئي ڏٺو آھي ۽ اھو ھاڻي تو سان ڳالھائي رھيو آھي.“ 38انھيءَ ماڻھوءَ چيو تہ ”اي خداوند! آءٌ ايمان آڻيان ٿو.“ پوءِ کيس سجدو ڪيائين. 39عيسيٰ چيس تہ ”آءٌ ھن دنيا ۾ انصاف ڪرڻ لاءِ آيو آھيان تہ جيئن انڌا ڏسن ۽ جيڪي ڏسن ٿا سي انڌا ٿين.“ 40پوءِ اھي فريسي جيڪي ساڻس گڏ ھئا، تن جڏھن اھي ڳالھيون ٻڌيون، تڏھن انھن پڇيس تہ ”ڇا اسين بہ انڌا آھيون؟“ 41عيسيٰ کين چيو تہ ”جيڪڏھن اوھين انڌا ھجو ھا تہ اوھان تي ڪو ڏوھہ نہ ٿئي ھا. پر ھاڻي تہ اوھين پاڻ چئو ٿا تہ ’اسين ڏسون ٿا،‘ سو اوھان تي ڏوھہ ثابت آھي.“

يوحنا 10

رڍن جي واڙي جو مثال

1”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو ماڻھو رڍن جي واڙي ۾ در کان نہ ٿو گھڙي پر ڪنھن ٻئي پاسي کان ٽپي اچي ٿو، سو چور ۽ ڌاڙيل آھي. 2جيڪو ماڻھو در کان واڙي ۾ گھڙي ٿو سو رڍن جو ريڍار آھي. 3دربان ھن لاءِ در کولي ٿو ۽ رڍون ھن جو آواز ٻڌن ٿيون. ھو نالو وٺي پنھنجين رڍن کي سڏي ٿو ۽ کين ٻاھر آڻي ٿو. 4جڏھن ھو انھن سڀني کي ٻاھر ڪڍي اچي ٿو، تڏھن ھو سندن اڳيان ٿي ھلي ٿو ۽ رڍون ھن جي پٺيان ھلن ٿيون، ڇالاءِ⁠جو اھي ھن جو آواز سڃاڻن ٿيون. 5اھي ڪنھن ڌارئي جي پٺيان نہ ھلنديون، بلڪ انھيءَ کان پري ڀڄي وينديون، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي ڌارين جو آواز نہ ٿيون سڃاڻين.“ 6عيسيٰ انھن کي ھي مثال ٻڌايو پر انھن نہ سمجھيو تہ ھو ڇا چئي رھيو آھي.

عيسيٰ ھڪ چڱو ريڍار

7سو عيسيٰ وري چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ رڍن لاءِ اھو در آءٌ آھيان. 8ٻيا جيڪي ⁠بہ مون کان اڳ ۾ آيا ھئا سي چور ۽ ڌاڙيل ھئا، پر رڍن انھن جي نہ ٻڌي. 9آءٌ اھو در آھيان ۽ جيڪو بہ مون مان اندر گھڙندو سو بچي ويندو. ھو اندر ٻاھر ايندو ويندو ۽ گاھہ بہ ملندس. 10چور رڳو انھيءَ مطلب لاءِ اچي ٿو تہ چوري ڪري، ماري ۽ برباد ڪري. پر آءٌ انھيءَ لاءِ آيو آھيان تہ کين زندگي ملي، بلڪ ڀرپور زندگي ملين. 11آءٌ چڱو ريڍار آھيان ۽ چڱو ريڍار رڍن لاءِ پنھنجي جان بہ ڏئي ٿو. 12جيڪو مزور آھي سو نہ ريڍار آھي ۽ نڪي رڍن جو مالڪ. ھو جڏھن بگھڙ کي ايندي ڏسي ٿو تہ رڍن کي ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو ۽ بگھڙ رڍن تي حملو ڪري کين ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏي ٿو. 13مزور ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھو رڳو مزور آھي ۽ کيس رڍن جو ڪو فڪر ڪونہ آھي. 14‏-15 آءٌ چڱو ريڍار آھيان. جھڙيءَ طرح پيءُ مون کي سڃاڻي ٿو ۽ آءٌ پيءُ کي سڃاڻان ٿو، تھڙيءَ طرح آءٌ پنھنجين رڍن کي سڃاڻان ٿو ۽ رڍون مون کي سڃاڻن ٿيون. آءٌ رڍن لاءِ پنھنجي جان بہ ڏيان ٿو. 16منھنجون ٻيون بہ رڍون آھن جيڪي ھن واڙي جون نہ آھن. انھن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آھي. اھي منھنجو آواز ٻڌنديون ۽ پوءِ ھڪڙو ئي ڌڻ ۽ ھڪڙو ئي ڌنار ٿيندو. 17پيءُ مون سان انھيءَ لاءِ پيار ٿو ڪري جو آءٌ پنھنجي جان ٿو ڏيان، جڏھن تہ اھا وري مون کي موٽي ملندي. 18ڪوبہ ماڻھو مون کان اھا کسي نہ ٿو پر آءٌ اھا پنھنجي مرضيءَ سان ٿو ڏيان. مون کي پنھنجي جان ڏيڻ جي اختياري آھي ۽ اھا وري موٽائي وٺڻ جي بہ اختياري آھي. ھي حڪم مون کي پنھنجي پيءُ وٽان مليو آھي.“ 19ھنن لفظن ٻڌڻ کان پوءِ ماڻھن ۾ وري ڏڦيڙ پئجي ويو. 20انھن مان ڪيترائي ائين پيا چون تہ ”ھن ۾ ڀوت آھي، ھو چريو آھي. اوھين ڇو سندس ڳالھين تي ڌيان ڏيو ٿا؟“ 21پر ٻيا چئي رھيا ھئا تہ ”جنھن ماڻھوءَ ۾ ڀوت ھوندو آھي، سو ھن وانگر ڳالھائي نہ سگھندو آھي. ڀوت ڪنھن انڌي جون اکيون کولي سگھي ٿو ڇا؟“

يھودين جو عيسيٰ کي قبول نہ ڪرڻ

22يروشلم ۾ عيد تجديد ھئي ۽ اھا سياري جي موسم ھئي. 23عيسيٰ ھيڪل جي سليماني ڏيڍيءَ ۾ گھمي رھيو ھو 24تہ ماڻھو چوڌاري ڦري آيس ۽ چيائونس تہ ”ڪيستائين تون اسان کي شڪ ۾ رکندين؟ اسان کي صاف سچ ٻڌاءِ تہ ڇا تون مسيح آھين؟“ 25عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”مون تہ اوھان کي ٻڌايو آھي، پر اوھان ايمان نہ ٿا آڻيو. جيڪي ڪم آءٌ پنھنجي پيءُ جي اختياريءَ سان ڪريان ٿو سي ئي منھنجي شاھدي ٿا ڏين. 26پر اوھين ايمان نہ ٿا آڻيو، ڇالاءِ⁠جو اوھين منھنجين رڍن مان نہ آھيو. 27منھنجون رڍون منھنجو آواز ٻڌن ٿيون. آءٌ پنھنجن رڍن کي سڃاڻان ٿو ۽ اھي منھنجي پٺيان ھلن ٿيون. 28آءٌ انھن کي دائمي زندگي ڏيان ٿو ۽ اھي ڪڏھن بہ برباد نہ ٿينديون ۽ نڪي ڪو ٻيو اھي مون کان کسي سگھندو. 29منھنجو پيءُ، جنھن مون کي اھي ڏنيون آھن سو سڀني کان وڏو آھي ۽ ڪوبہ منھنجي پيءُ کان اھي کسي نہ سگھندو. 30آءٌ ۽ پيءُ ھڪ آھيون.“ 31تنھن تي يھودين کيس سنگسار ڪرڻ لاءِ وري بہ پٿر کنيا. 32عيسيٰ کين چيو تہ ”مون پيءُ جي پاران ڪيترائي چڱا ڪم اوھان کي ڪري ڏيکاريا آھن. انھن مان ڪھڙي ڪم جي ڪري اوھين مون کي سنگسار ڪريو ٿا؟“ 33 تنھن تي يھودين وراڻيس تہ ”اسين تو کي ڪنھن چڱي ڪم ڪرڻ ڪري سنگسار نہ ٿا ڪريون پر ڪفر بڪڻ ڪري، ڇالاءِ⁠جو تو انسان ٿي ڪري پاڻ کي خدا سڏايو آھي.“ 34 عيسيٰ چيو تہ ”ڇا اوھان جي شريعت ۾ اھو لکيل نہ آھي تہ خدا چيو تہ ’اوھين خدا جا فرزند آھيو.‘ 35خدا انھن کي پنھنجا فرزند سڏيو جن کي سندس ڪلام مليل ھو ۽ خدا جو ڪلام ھميشہ لاءِ سچو آھي. 36جيتري قدر منھنجو واسطو آھي تہ پيءُ مون کي چونڊيو آھي ۽ ھن دنيا ۾ موڪليو آھي. پوءِ اوھين ڪيئن چئو ٿا تہ مون ڪفر بڪيو آھي جو مون چيو تہ ’آءٌ خدا جو فرزند آھيان؟‘ 37جيڪڏھن آءٌ پيءُ جا ڪم نہ ڪندو ھجان تہ اوھين مون تي ايمان نہ آڻيو. 38پر جيڪڏھن پيءُ جا ڪم ڪريان ٿو، تہ اوھين ڀل مون تي ايمان نہ آڻيو پر منھنجي انھن ڪمن تي تہ ايمان آڻيو، تہ جيئن اوھان کي خبر پوي ۽ سمجھو تہ پيءُ مون ۾ آھي ۽ آءٌ پيءُ ۾ آھيان.“ 39تنھن تي انھن وري بہ عيسيٰ کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھو سندن ھٿن مان نڪري ويو. 40 عيسيٰ موٽي وري اردن درياءَ جي ھُن ڀر انھيءَ جاءِ تي آيو، جتي اڳي يحيٰ بپتسما ڏيندو ھو. ھو اتي رھي پيو. 41ڪيترائي ماڻھو وٽس ايندا ھئا. ھو چوندا ھئا تہ ”يحيٰ تہ ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو، پر جيڪي ڳالھيون ھن ماڻھوءَ بابت چيائين سي سڀ پوريون ٿيون.“ 42اتي ڪيترن ئي ماڻھن مٿس ايمان آندو.

يوحنا 11

لعزر جو موت

1 لعزر نالي ھڪ ماڻھو جيڪو بيت⁠عنياہ ۾ رھندو ھو سو بيمار ٿي پيو. بيت⁠عنياہ اھو ڳوٺ آھي جنھن ۾ مريم ۽ سندس ڀيڻ مارٿا رھنديون ھيون. 2 ھيءَ مريم اھا ھئي جنھن خداوند کي عطر مکي پنھنجن وارن سان سندس پير اُگھيا ھئا، تنھن جو ڀاءُ لعزر بيمار ھو. 3ٻنھي ڀينرن عيسيٰ کي چوا ئي موڪليو تہ ”خداوند! اوھان جو پيارو دوست بيمار آھي.“ 4عيسيٰ اھو ٻڌي چيو تہ ”لعزر جي اھا بيماري موت واري نہ آھي، بلڪ انھيءَ سان خدا جو جلال ظاھر ٿيندو، ڇالاءِ⁠جو سندس فرزند جي واکاڻ ٿيندي.“ 5عيسيٰ جو مارٿا، سندس ڀيڻ ۽ لعزر سان پيار ھو. 6مگر لعزر جي بيماريءَ بابت ٻڌڻ جي باوجود بہ ھو جتي ھو اتي ٻہ ڏينھن وڌيڪ ترسي پيو. 7پوءِ ھن شاگردن کي چيو تہ ”ھلو تہ يھوديہ ڏانھن موٽي ھلون.“ 8تنھن تي شاگردن چيس تہ ”اي استاد! اڃا تازو ماڻھو اوھان کي سنگسار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا ۽ اوھين وري اوڏانھن موٽي ھلو ٿا؟“ 9عيسيٰ وراڻيو تہ ”ڇا ھڪ ڏينھن ۾ ٻارھن ڪلاڪ نہ آھن؟ سو جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڏينھن جي روشنيءَ ۾ گھمندو تہ ٿاٻو نہ کائيندو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو دنيا جي روشني ڏسي رھيو آھي. 10پر جيڪڏھن ھو رات جي اونداھيءَ ۾ گھمندو تہ ضرور ٿاٻو کائيندو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن کي روشني نہ آھي.“ 11عيسيٰ ھن کان پوءِ وڌيڪ چيو تہ ”اسان جو دوست لعزر ننڊ پيو آھي، پر آءٌ وڃي کيس ننڊ مان اٿاريندس.“ 12تنھن تي شاگردن چيس تہ ”اي خداوند! جيڪڏھن لعزر ننڊ ۾ آھي تہ بچي پوندو.“ 13عيسيٰ تہ لعزر جي موت بابت ٿي ڳالھہ ڪئي، پر ھنن سمجھيو تہ عيسيٰ ننڊ ۾ سمھي آرام ڪرڻ بابت ٿو چوي. 14تنھنڪري عيسيٰ صاف چين تہ ”لعزر مري ويو آھي. 15آءٌ اوھان جي خاطر خوش آھيان جو اتي نہ ھوس تہ جيئن اوھين ايمان آڻيو. ھاڻي ھلو تہ وٽس ھلون.“ 16تنھن تي توما جنھن کي جاڙو بہ سڏيندا ھئا، تنھن پنھنجي ساٿي شاگردن کي چيو تہ ”اچو تہ اسين بہ ھلون تہ جيئن اسين بہ ھن سان گڏ مرون.“

عيسيٰ قيامت ۽ زندگي آھي

17جڏھن عيسيٰ اتي پھتو تہ کيس معلوم ٿيو تہ لعزر کي دفن ڪئي چار ڏينھن گذري چڪا آھن. 18بيت⁠عنياہ يروشلم کان ٽي ڪلوميٽر بہ پري نہ ھو. 19سو ڪيترائي يھودي مارٿا ۽ مريم سان سندن ڀاءُ جو عذر ڪرڻ لاءِ آيا ھئا. 20جڏھن مارٿا ٻڌو تہ عيسيٰ اچي رھيو آھي تہ ھوءَ کيس ملڻ لاءِ اڳڀرو ويئي پر مريم گھر ۾ ئي ويٺي رھي. 21مارٿا عيسيٰ کي چيو تہ ”اي خداوند! جيڪڏھن اوھين ھتي ھجو ھا تہ منھنجو ڀاءُ نہ مري ھا. 22پر مون کي خبر آھي تہ جيڪڏھن ھاڻي بہ اوھين خدا کان جو ڪجھہ گھرندا سو ھو اوھان کي ڏيندو.“ 23تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”تنھنجو ڀاءُ وري جيئرو ٿيندو.“ 24مارٿا وراڻيو تہ ”مون کي خبر آھي تہ ھو قيامت جي وقت آخرت جي ڏينھن وري جيئرو ٿي اٿندو.“ 25عيسيٰ کيس چيو تہ ”قيامت ۽ زندگي تہ آءٌ آھيان. جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي ٿو سو جيتوڻيڪ مري وڃي تہ بہ زندہ رھندو، 26۽ جيڪو بہ جيئرو آھي ۽ مون تي ايمان ٿو آڻي سو ڪڏھن بہ نہ مرندو. ڇا تنھنجو ھن ڳالھہ تي ايمان آھي؟“ 27مارٿا وراڻيو تہ ”ھائو خداوند! مون کي پڪو يقين آھي تہ خدا جو فرزند مسيح، جيڪو دنيا ۾ اچڻو ھو سي اوھين ئي آھيو.“

عيسيٰ جو روئڻ

28ھن چوڻ کان پوءِ مارٿا موٽي ويئي ۽ پنھنجي ڀيڻ مريم کي پنھنجي منھن سڏي چيائين تہ ”ادي! استاد آيو آھي ۽ تو کي سڏي ٿو.“ 29اھا ڳالھہ ٻڌڻ شرط مريم ھڪدم اٿي کڙي ٿي ۽ عيسيٰ وٽ ويئي. 30عيسيٰ اڃا تائين ڳوٺ ۾ ڪين پھتو ھو، پر اتي ئي ھو جتي مارٿا وڃي ساڻس ملي ھئي. 31يھودي جيڪي مريم سان گھر ۾ ويٺا ھئا ۽ دلداري پئي ڏنائونس، تن جڏھن مريم کي تڪڙو تڪڙو ٻاھر ويندي ڏٺو تڏھن اھي بہ ھن جي پٺيان ويا جو انھن سمجھيو تہ ھوءَ ڀاءُ جي قبر تي روئڻ وڃي ٿي. 32جڏھن مريم عيسيٰ وٽ پھتي ۽ ھن کي ڏٺائين تہ پيرن تي ڪري پيس ۽ چيائينس تہ ”خداوند! جيڪڏھن اوھين ھتي ھجو ھا تہ منھنجو ڀاءُ مري ئي ڪين ھا.“ 33عيسيٰ جڏھن کيس روئندي ڏٺو ۽ ڏٺائين تہ ماڻھو جيڪي ساڻس گڏ آيا ھئا سي بہ روئن پيا، تڏھن سندس دل ڀرجي آئي ۽ کيس ڏاڍو ڏک ٿيو. 34ھن کانئن پڇيو تہ ”اوھان کيس ڪٿي دفن ڪيو آھي؟“ انھن وراڻيو تہ ”اي خداوند! ھلي ڏسو.“ 35عيسيٰ روئي ڏنو. 36تنھن تي يھودي چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، لعزر سان کيس ڪيترو نہ پيار ھو.“ 37پر انھن مان ڪن چيو تہ ”ھن انڌي ماڻھوءَ جون اکيون کوليون ھيون نہ؟ ڇا ھو ائين نہ ٿي ڪري سگھيو جو لعزر اصل مري ئي نہ ھا؟“

لعزر جو وري جيئرو ٿيڻ

38پوءِ عيسيٰ جي دل وري بہ ڀرجي آئي ۽ ھو قبر تي آيو. اھا قبر ھڪ غار ھئي جنھن جي منھن تي پٿر ڏنل ھو. 39عيسيٰ چيو تہ ”ھن پٿر کي پري ھٽايو.“ فوتيءَ جي ڀيڻ مارٿا کيس چيو تہ ”اي خداوند! اندر تہ بانس ھوندي، ڇالاءِ⁠جو ھن کي دفن ڪئي چار ڏينھن گذري ويا آھن.“ 40عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”مون تو کي ڪين چيو ھو تہ جيڪڏھن تون ايمان آڻيندينءَ تہ خدا جو جلوو ڏسندينءَ؟“ 41تڏھن ھنن پٿر پري ھٽايو. پوءِ عيسيٰ مٿي نھاري چيو تہ ”اي بابا! آءٌ تنھنجو شڪرگذار آھيان جو تو منھنجي ٻڌي آھي. 42مون کي تہ خبر آھي تہ تون ھميشہ منھنجي ٻڌندو آھين. پر ھي ماڻھو جيڪي ھتي بيٺا آھن، تن کي اھو ڏيکارڻ لاءِ آءٌ دعا ٿو گھران تہ جيئن اھي ايمان آڻين تہ تو ئي مون کي موڪليو آھي.“ 43ائين چوڻ کان پوءِ عيسيٰ وڏي واڪي چيو تہ ”اي لعزر! ٻاھر نڪري اچ.“ 44تنھن تي مئل ماڻھو ٻاھر نڪري آيو. ھن جا ھٿ ۽ پير ڪفن سان ٻڌل ھئا ۽ سندس منھن رومال سان ويڙھيل ھو. عيسيٰ انھن ماڻھن کي چيو تہ ”ھن کي کوليو ۽ ڇڏيوس تہ وڃي.“

عيسيٰ خلاف سازش

45جيڪي يھودي مريم وٽ آيا ھئا، تن مان ڪيترن ئي جڏھن عيسيٰ جو ھي ڪم ڏٺو تڏھن مٿس ايمان آندائون. 46پر انھن مان ڪي فريسين وٽ ويا ۽ عيسيٰ جيڪي ڪجھہ ڪيو ھو سو وڃي کين ٻڌايائون. 47تنھن تي فريسي ۽ سردار ڪاھن ڪائونسل گڏ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اسين ھاڻي ڇا ڪريون؟ ھي ماڻھو تہ گھڻا ئي معجزا پيو ڪري. 48جيڪڏھن اسين ھن کي ائين ڪندي ڇڏي ڏينداسون تہ پوءِ ھر ڪو مٿس ايمان آڻيندو ۽ رومي حاڪم اسان تي قدم کڻندا. پوءِ ھو اسان جي ھيڪل ۽ سڄي قوم کي تباھہ ڪري ڇڏيندا.“ 49انھن مان ھڪڙي شخص جو نالو قائفا ھو جيڪو انھيءَ سال جو وڏو سردار ڪاھن ھو، تنھن چيو تہ ”اوھان کي خبر ئي ڪانہ ٿي پوي. 50اوھين اھو سمجھو ئي نہ ٿا تہ اوھان جي لاءِ ھي بھتر ٿيندو جو ھڪڙو ماڻھو قوم لاءِ مري ۽ نہ سڄي قوم تباھہ ٿئي.“ 51حقيقت ۾ ھن جيڪي لفظ چيا سي پنھنجي طرفان نہ چيائين، پر جيئن تہ ھو انھيءَ سال جو وڏو سردار ڪاھن ھو، تنھنڪري ھن اھي لفظ اڳڪٿي ڪري چيا تہ عيسيٰ يھودي قوم لاءِ مرندو، 52نہ رڳو قوم لاءِ پر انھيءَ لاءِ تہ خدا جا ٻار جيڪي ڇڙوڇڙ ٿيل آھن تن کي گڏي ھڪ ڪري. 53انھيءَ ڏينھن کان وٺي يھودي اڳواڻ عيسيٰ کي مارڻ جون سازشون سٽڻ لڳا. 54تنھنڪري عيسيٰ انھيءَ ڏينھن کان پوءِ يھودين ۾ کليو کلايو نہ گھمندو ھو. پر ھو اتان رڻ⁠پٽ جي ڀر واري علائقي ڏانھن ھليو ويو ۽ افرائيم نالي ھڪ ڳوٺ ۾ پنھنجي شاگردن سان گڏ رھڻ لڳو. 55يھودي قوم جي عيد فصح ويجھي ھئي، سو ڪيترائي ماڻھو ٻھراڙيءَ کان يروشلم ۾ آيا ھئا تہ جيئن ھو عيد فصح کان اڳ پاڻ کي پاڪ ڪن. 56اھي عيسيٰ کي ڳولي رھيا ھئا، سو جيئن اھي ھيڪل ۾ گھڙيا تہ ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ڇا ٿا ڀانئيو تہ ھو ايندو يا نہ؟“ 57سردار ڪاھنن ۽ فريسين ھي حڪم ڏيئي ڇڏيو تہ ”جيڪڏھن ڪنھن کي خبر ھجي تہ عيسيٰ ڪٿي آھي تہ اھو ضرور ٻڌائي تہ جيئن کيس پڪڙيو وڃي.“

يوحنا 12

بيت⁠عنياہ ۾ مھمانداري

1عيد فصح کان ڇھہ ڏينھن اڳ عيسيٰ بيت⁠عنياہ ڏانھن ويو جتي لعزر رھندو ھو، جنھن کي عيسيٰ مئلن مان جيئرو ڪيو ھو. 2اتي ھنن عيسيٰ لاءِ رات جي ماني تيار ڪئي. مارٿا خدمت پئي ڪئي، جڏھن تہ لعزر عيسيٰ ۽ مھمانن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو ھو. 3 پوءِ مريم اڌ ليٽر تمام قيمتي عطر، جيڪو سچي سُرھي مُرَ مان تيار ڪيل ھو، سو کڻي عيسيٰ جي پيرن کي مکيو ۽ پوءِ پنھنجن وارن سان سندس پير اُگھيائين. انھيءَ عطر جي سرھاڻ سان سڄو گھر ڀرجي ويو. 4عيسيٰ جي شاگردن مان ھڪڙي جنھن جو نالو يھوداہ اسڪريوتي ھو ۽ جيڪو اڳتي ھلي ساڻس دغا ڪرڻ وارو ھو، 5تنھن چيو تہ ”ڇو نہ ھي عطر ٽن سَوَن چانديءَ جي سڪن ۾ وڪڻي غريبن کي خيرات ڏجي ھا.“ 6ھن اھي لفظ غريبن جي ھمدرديءَ لاءِ نہ چيا، پر ھو پاڻ چور ھو ۽ انھيءَ لاءِ چيائين تہ ھو انھن پئسن مان ڪجھہ چورائي، ڇالاءِ⁠جو پئسن جي ڳوٿري وٽس رھندي ھئي. 7تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”ڇڏيوس، ڇوتہ ھن اھو عطر منھنجي ڪفن دفن لاءِ ئي بچائي رکيو ھو. 8 غريب تہ اوھان وٽ ھميشہ آھن پر آءٌ اوھان وٽ ھميشہ نہ ھوندس.“

لعزر خلاف سازش

9يھودين جي وڏي ميڙ جڏھن ٻڌو تہ عيسيٰ بيت⁠عنياہ ۾ آھي، تڏھن اھي اوڏانھن ويا. اھي نہ رڳو عيسيٰ کي ڏسڻ لاءِ ويا پر لعزر کي بہ ڏسڻ ويا، جنھن کي عيسيٰ مئلن مان جيئرو ڪيو ھو. 10تنھنڪري سردار ڪاھنن لعزر کي بہ مارڻ جون سازشون سٽيون، 11ڇالاءِ⁠جو لعزر جي ڪري ڪيترن ئي يھودين انھن کي ڇڏي عيسيٰ تي ايمان آندو ھو.

يروشلم ۾ شان سان داخل ٿيڻ

12ٻئي ڏينھن تي وڏو ميڙ جيڪو عيد فصح تي آيو ھو تنھن ٻڌو تہ عيسيٰ يروشلم ۾ اچي رھيو آھي. 13 سو انھن کجيءَ جون ٽاريون ھٿن ۾ کنيون ۽ ساڻس ملڻ لاءِ اڳڀرو ويا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”خدا جي واکاڻ ھجي! سڳورو آھي اھو، جيڪو خداوند جي نالي سان ٿو اچي! بني اسرائيل جو بادشاھہ مبارڪ، مبارڪ!“ 14عيسيٰ کي ھڪ کودڙو ملي ويو ۽ ھو مٿس چڙھي ويٺو، جيئن لکيل آھي تہ 15 ”اي صيئون جا شھر! ڊڄ نہ، ڏس، تنھنجو بادشاھہ اچي پيو، جيڪو کودڙي تي سوار آھي.“ 16سندس شاگردن کي پھريائين تہ اھي ڳالھيون سمجھہ ۾ ڪين ٿي آيون. پر پوءِ جڏھن عيسيٰ جو جلوو ظاھر ٿيو، تڏھن انھن کي ياد آيو تہ اھي ئي ڳالھيون ھن بابت صحيفي ۾ لکيل آھن ۽ ائين ئي ماڻھن ساڻس سلوڪ ڪيو. 17جنھن مھل عيسيٰ لعزر کي قبر مان سڏي مئلن مان جياريو ھو، تنھن مھل جيڪي ماڻھو ساڻس گڏ ھئا، سي ان وقت اھا شاھدي ڏيئي رھيا ھئا. 18انھيءَ سبب ڪري ڪيترائي ماڻھو عيسيٰ سان ملڻ لاءِ آيا، ڇالاءِ⁠جو انھن ٻڌو ھو تہ ھن ئي اھو معجزو ڪيو آھي. 19تنھن تي فريسي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”اسان کي ڪو ليکي بہ نہ ٿو. پر ھن کي تہ ڏسو، سڄي دنيا سندس پٺيان پيئي ھلي!“

ڪن يونانين جو عيسيٰ کي ڳولڻ

20جيڪي ماڻھو يروشلم ۾ عيد تي عبادت ڪرڻ لاءِ آيا ھئا، تن ۾ ڪي يوناني بہ ھئا. 21اھي فلپس وٽ آيا جيڪو گليل جي شھر بيت⁠صيدا جو ويٺل ھو ۽ چيائونس تہ ”اي سائين! اسين عيسيٰ کي ڏسڻ چاھيون ٿا.“ 22فلپس اچي اندرياس کي اھا ڳالھہ ٻڌائي ۽ پوءِ اندرياس ۽ فلپس ٻنھي وڃي عيسيٰ کي ٻڌايو. 23عيسيٰ کين چيو تہ ”اھا گھڙي اچي پھتي آھي، جڏھن ابن⁠آدم جو جلوو ظاھر ٿيندو. 24آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪڻڪ جو داڻو زمين ۾ پورجي نہ ٿو تيستائين اڪيلو ٿو رھي. پر جي پورجي ٿو تہ ڪيئي داڻا پيدا ڪري ٿو. 25 جيڪو بہ پنھنجيءَ جان سان پيار ڪري ٿو سو اھا وڃائيندو، پر جيڪو ھن دنيا ۾ پنھنجيءَ جان کان نفرت ڪري ٿو سو اھا دائمي زندگيءَ لاءِ بچائيندو. 26جيڪو منھنجي خدمت ڪرڻ چاھي سو منھنجي پٺيان اچي، تہ جيئن جتي آءٌ آھيان اتي منھنجو خدمتگار بہ ھجي. منھنجو پيءُ انھيءَ جي عزت ڪندو جيڪو منھنجي خدمت ڪندو.“

پنھنجي موت بابت ٻڌائڻ

27”منھنجي دل ڏکويل آھي، ھاڻي آءٌ ڇا چوان؟ ڇا آءٌ ائين چوان تہ ’اي بابا! مون کي ھن گھڙيءَ کان بچاءِ‘؟ پر ھن گھڙيءَ لاءِ ئي تہ آءٌ آيو آھيان. 28اي بابا! تون پنھنجي نالي کي جلوو ڏي.“ تنھن تي آسمان مان آواز آيو تہ ”مون پنھنجي نالي کي جلوو ڏنو آھي ۽ وري بہ ڏيندس.“ 29تڏھن جيڪي ماڻھو اتي بيٺا ھئا، تن مان ڪن اھو ٻڌي چيو تہ ”اُڀ گجيو،“ ۽ ٻين وري چيو تہ ”ڪنھن ملائڪ ساڻس ڳالھايو آھي.“ 30پر عيسيٰ کين چيو تہ ”اھو آواز منھنجي لاءِ نہ پر اوھان جي لاءِ ھو. 31ھي اھو وقت آھي جو دنيا جو فيصلو ٿيندو. ھاڻي ھن دنيا جي سردار کي لوڌي ڪڍيو ويندو. 32جڏھن آءٌ مٿي چاڙھيو ويندس تہ سڀني کي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندس.“ 33ھن چوڻ مان ھن جو مطلب ھو تہ سندس موت ڪيئن ٿيندو. 34 تنھن تي ميڙ چيو تہ ”اسان جي شريعت ٻڌائي ٿي تہ مسيح ھميشہ جيئرو رھندو، تہ پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابن⁠آدم ضرور مٿي چاڙھيو ويندو؟ اھو ابن⁠آدم ڪير آھي؟“ 35عيسيٰ وراڻيو تہ ”اڃا ڪجھہ وقت روشني اوھان وٽ رھندي. جيستائين روشني اوھان وٽ آھي تيستائين روشنيءَ ۾ گھمندا رھو، ائين نہ ٿئي جو اونداھي اچي اوھان تي ڪڙڪي، ڇالاءِ⁠جو جيڪو اونداھيءَ ۾ گھمندو آھي تنھن کي خبر نہ پوندي آھي تہ ڪيڏانھن وڃي رھيو آھيان. 36جيستائين روشني اوھان وٽ آھي تيستائين روشنيءَ تي ايمان آڻيو، تہ جيئن اوھين روشنيءَ جا ٻار ٿيو.“ ھن چوڻ کان پوءِ عيسيٰ ھليو ويو ۽ پاڻ کي انھن کان لڪايائين.

يھودين جو ايمان نہ آڻڻ

37جيتوڻيڪ عيسيٰ يھودين جي اڳيان ھيترا معجزا ڪيا ھئا تہ بہ انھن مٿس ايمان نہ آندو ھو. 38 اھو انھيءَ لاءِ تہ جيڪو يسعياہ نبيءَ چيو ھو سو پورو ٿئي تہ ”اي خداوند! ڪنھن اسان جي پيغام تي ايمان آندو؟ ۽ ڪنھن تي تو خداوند جي قدرت ظاھر ٿي؟“ 39اھو ئي سبب ھو جو انھن ايمان نہ آندو، ڇاڪاڻ⁠تہ يسعياہ نبيءَ ھي فرمان بہ ٻڌايو ھو تہ 40 ”مون خدا انھن جون اکيون پوري ڇڏيون آھن ۽ سندن عقل تي تالو ھڻي ڇڏيو آھي، تہ متان اھي پنھنجين اکين سان ڏسن ۽ پنھنجن عقلن سان سمجھن، ۽ مون آڏو توبھہ⁠تائب ٿين تہ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“ 41يسعياہ ھي انھيءَ لاءِ چيو ھو جو ھن عيسيٰ جو جلوو ڏٺو ھو ۽ انھيءَ جي باري ۾ ڳالھايو ھئائين. 42تنھن ھوندي بہ ڪيترن ئي اڳواڻن عيسيٰ تي ايمان آندو، پر فريسين جي ڪري اھي کُليءَ طرح اقرار نہ پيا ڪن، تہ متان کين عبادت⁠گاھن مان ٻاھر ڪڍي نہ ڇڏين. 43انھن کي خدا کان عزت حاصل ڪرڻ بدران ماڻھن کان عزت حاصل ڪرڻ وڌيڪ پسند ھو. 44پوءِ عيسيٰ وڏي واڪي چيو تہ ”جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي ٿو سو نہ رڳو مون تي ايمان ٿو آڻي، پر انھيءَ تي بہ ايمان آڻي ٿو جنھن مون کي موڪليو آھي. 45جيڪو مون کي ڏسي ٿو سو انھيءَ کي بہ ڏسي ٿو جنھن مون کي موڪليو آھي. 46آءٌ روشني آھيان ۽ ھن دنيا ۾ انھيءَ لاءِ آيو آھيان تہ جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي سو اونداھيءَ ۾ نہ رھي. 47جيڪو منھنجون ڳالھيون ٻڌي انھن تي عمل نہ ٿو ڪري، تنھن جو آءٌ فيصلو نہ ڪندس. آءٌ دنيا ۾ فيصلو ڪرڻ لاءِ نہ آيو آھيان پر دنيا کي بچائڻ لاءِ آيو آھيان. 48جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي ۽ منھنجون ڳالھيون قبول نہ ٿو ڪري، تنھن جي فيصلي ڪرڻ وارو ھڪڙو آھي، يعني اھي منھنجون ڪيل ڳالھيون ئي آھن، جيڪي آخرت جي ڏينھن ھن کي ڏوھاري ٺھرائينديون. 49ڇالاءِ⁠جو جيڪو ڪلام مون ڪيو آھي سو پنھنجي طرفان نہ ڪيو آھي پر پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي تنھن مون کي حڪم ڏنو آھي تہ مون کي ڇا چوڻ ۽ ڳالھائڻ گھرجي. 50آءٌ ڄاڻان ٿو تہ ھن جو حڪم دائمي زندگي ڏئي ٿو. تنھنڪري جيڪي ڪجھہ آءٌ چوان ٿو، سو اھو ئي آھي جيڪو پيءُ مون کي ٻڌائڻ لاءِ چيو آھي.“

يوحنا 13

شاگردن جا پير ڌوئڻ

1ھاڻ جڏھن تہ عيسيٰ کي اھا خبر ھئي تہ ’منھنجي اھا گھڙي اچي ويئي آھي جو آءٌ ھيءَ دنيا ڇڏي پيءُ ڏانھن وڃان،‘ تنھن ھوندي بہ جيڪي ھن دنيا ۾ پنھنجا ھيس تن کي آخري گھڙيءَ تائين پيار ڪندو آيو. عيد فصح کان ھڪ ڏينھن اڳ ۾ 2عيسيٰ ۽ سندس شاگرد رات جي ماني کائي رھيا ھئا. انھيءَ وقت کان اڳ ئي شمعون جي پٽ يھوداہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ شيطان اھا ڳالھہ وجھي ڇڏي ھئي تہ ھو عيسيٰ سان دغا ڪري. 3عيسيٰ کي خبر ھئي تہ ’پيءُ مون کي سڀ ڪجھہ ھٿ ۾ ڏنو آھي.‘ کيس اھا بہ خبر ھئي تہ ’آءٌ خدا جي طرفان آيو آھيان ۽ خدا ڏانھن موٽي وڃي رھيو آھيان.‘ 4تڏھن عيسيٰ مانيءَ تان اٿيو ۽ پنھنجو جبو لاھي ٽوال چيلھہ سان ٻڌائين. 5پوءِ ڪجھہ پاڻي ٿالھہ ۾ وجھي پنھنجي شاگردن جا پير ڌوئڻ لڳو ۽ چيلھہ سان ٻڌل ٽوال سان سندن پير اُگھڻ لڳو. 6جڏھن شمعون پطرس وٽ آيو تہ ھن چيس تہ ”اي خداوند! ڇا اوھين منھنجا بہ پير ڌوئيندا؟“ 7عيسيٰ وراڻيس تہ ”تون ھاڻي نہ ٿو سمجھين تہ آءٌ ڇا ڪري رھيو آھيان، پر پوءِ تو کي خبر پوندي.“ 8پطرس چيس تہ ”آءٌ پنھنجا پير اوھان کان ڪڏھن بہ نہ ڌئاريندس.“ عيسيٰ چيس تہ ”جيڪڏھن تون پنھنجا پير نہ ٿو ڌئارين تہ پوءِ تنھنجو مون ۾ ڪوبہ حصو نہ رھندو.“ 9تنھن تي شمعون پطرس چيس تہ ”اي خداوند! پوءِ منھنجا رڳو پير نہ ڌوئو، بلڪ منھنجا ھٿ ۽ مٿو بہ ڌوئو.“ 10عيسيٰ چيس تہ ”جيڪو وھنتل آھي تنھن کي پيرن ڌوئارڻ کانسواءِ ٻي ڪابہ گھرج نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو ھو سڄو ئي پاڪ آھي. سو اوھين بہ پاڪ آھيو پر سڀيئي نہ.“ 11ان جو سبب اھو ھو جو عيسيٰ کي اڳي ئي خبر ھئي تہ ڪير ساڻس دغا ڪندو، تنھنڪري ھن چيو تہ ”اوھين سڀيئي پاڪ نہ آھيو.“ 12 جڏھن عيسيٰ شاگردن جا پير ڌوئي چڪو تہ جبو پائي وري پنھنجي جاءِ تي اچي ويٺو. ھن کانئن پڇيو تہ ”ڇا اوھان سمجھيو تہ مون اوھان لاءِ ڇا ڪيو؟ 13اوھين مون کي استاد ۽ خداوند ڪري ٿا سڏيو، سو برابر آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ اھو ئي آھيان. 14ھاڻي مون استاد ۽ خداوند ھوندي بہ اوھان جا پير ڌوتا آھن، سو اوھان کي بہ ھڪٻئي جا پير ڌوئڻ گھرجن. 15مون اوھان جي لاءِ اھو نمونو ڏنو آھي، تہ جيئن اوھين بہ ائين ئي ڪريو جيئن مون اوھان سان ڪيو آھي. 16 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ غلام پنھنجي مالڪ کان وڏو نہ آھي ۽ نہ وري موڪليل پنھنجي موڪليندڙ کان. 17ھاڻي اوھين ڪيترا نہ سڀاڳا ٿيندا جيڪڏھن اھي ڳالھيون سمجھي انھن تي عمل ڪندا.“

عيسيٰ سان دغا ڪرڻ لاءِ اڳڪٿي

18 ”آءٌ اوھان سڀني بابت نہ ٿو ڳالھايان. جن کي مون چونڊيو آھي تن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. پر پاڪ لکت پوري ٿيڻ گھرجي، جنھن ۾ لکيل آھي تہ ’جيڪو منھنجي ماني کائي ٿو، سو ئي منھنجي خلاف ٿيندو.‘ 19ھاڻي انھيءَ ڳالھہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي آءٌ اوھان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان تہ جڏھن ائين ٿئي تہ اوھين ايمان آڻيو تہ آءٌ اھو ئي آھيان. 20 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو منھنجي موڪليل کي قبول ڪندو، سو ڄڻ مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو انھيءَ کي قبول ٿو ڪري جنھن مون کي موڪليو آھي.“ 21جڏھن عيسيٰ ھي چئي چڪو، تڏھن دل ۾ پريشان ٿيڻ لڳو ۽ شاھدي ڏيندي چيائين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان مان ھڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“ 22تنھن تي شاگرد وائڙا ٿي ويا ۽ ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”اھو اشارو ڪنھن ڏانھن آھي؟“ 23شاگردن مان ھڪڙو جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو، سو عيسيٰ جي سيني ڏانھن جھُڪي کائي رھيو ھو. 24شمعون پطرس ھن کي اشارو ڏيئي چيو تہ ”ھن کان پڇ تہ اھو ڪير آھي، جنھن بابت ھو ڳالھائي رھيو آھي.“ 25پوءِ ھن ائين ئي عيسيٰ جي ويجھو ھوندي کانئس پڇيو تہ ”اي خداوند! اھو ڪير آھي؟“ 26عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ جنھن ماڻھوءَ کي ٿالھيءَ مان گرھہ ٻوڙي ڏيندس، سو ئي اھو آھي.“ پوءِ ھن مانيءَ جو گرھہ ٻوڙي شمعون اسڪريوتيءَ جي پٽ يھوداہ کي ڏنو. 27جيئن ئي يھوداہ گرھہ ورتو تيئن ئي شيطان منجھس گھڙيو. عيسيٰ کيس چيو تہ ”جيڪو تو کي ڪرڻو آھي سو جلدي ڪري وٺ.“ 28ھاڻي جن بہ اتي ويٺي کاڌو، تن مان ڪنھن بہ نہ سمجھيو تہ ڪھڙي مطلب سان عيسيٰ يھوداہ اسڪريوتيءَ کي ائين چيو. 29ڪن ائين پئي سمجھيو تہ جيئن تہ يھوداہ وٽ پئسن جي ڳوٿري رھندي آھي، تنھنڪري عيسيٰ چويس ٿو تہ ’عيد جي لاءِ جيڪي شيون وٺڻيون اٿيئي سي وٺ،‘ يا وري ’ڪجھہ غريبن کي ڏي.‘ 30پوءِ تہ يھوداہ گرھہ وٺي سڌو ٻاھر نڪري ھليو ويو. انھيءَ مھل رات جو وقت ھو.

ھڪ نئون حڪم

31يھوداہ جي وڃڻ کان پوءِ عيسيٰ چيو تہ ”ھاڻي ابن⁠آدم جو جلوو ظاھر ٿيو آھي ۽ خدا جو جلوو بہ ھن جي معرفت ظاھر ٿيو. 32جيڪڏھن خدا جو جلوو ابن⁠آدم جي معرفت ظاھر ٿيندو تہ خدا بہ ھن کي پاڻ جلوو ڏيندو، بلڪ اِجھو، ھاڻي ٿو ڏئيس. 33 اي منھنجا ٻارؤ! آءٌ اوھان سان گھڻو وقت نہ رھندس. اوھين مون کي ڳوليندا، پر آءٌ اوھان کي ھاڻي ٻڌايان ٿو، جيئن مون يھودي اڳواڻن کي ٻڌايو ھو تہ اوھين اتي اچي نہ سگھندا جتي آءٌ وڃي رھيو آھيان. 34 آءٌ اوھان کي ھڪ نئون حڪم ٿو ڏيان تہ ھڪٻئي سان پيار ڪريو. جيئن مون اوھان سان پيار ڪيو آھي، تيئن اوھان کي بہ ھڪٻئي سان پيار ڪرڻ گھرجي. 35جيڪڏھن اوھين ھڪٻئي سان پيار ڪندا تہ پوءِ سڀني کي خبر پوندي تہ اوھين منھنجا شاگرد آھيو.“

پطرس جي انڪار بابت اڳڪٿي

36شمعون پطرس عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي خداوند! تون ڪيڏانھن وڃي رھيو آھين؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”جتي آءٌ وڃي رھيو آھيان اتي تون مون سان ھاڻي نہ ٿو ھلي سگھين، پر پوءِ تون اتي ايندين.“ 37پطرس پڇيس تہ ”اي خداوند! آءٌ تو سان ھاڻي ڇو نہ ٿو ھلي سگھان؟ آءٌ تہ تنھنجي لاءِ پنھنجي جان بہ ڏيڻ لاءِ تيار آھيان.“ 38عيسيٰ وراڻيس تہ ”ڇا تون سچ⁠پچ منھنجي لاءِ پنھنجي جان ڏيندين؟ آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون منھنجو ٽي دفعا انڪار ڪندين.“

يوحنا 14

عيسيٰ، پيءُ ڏانھن وڃڻ جو رستو

1عيسيٰ انھن کي وڌيڪ چيو تہ ”پنھنجيءَ دل ۾ پريشان نہ ٿيو. خدا تي يقين رکو ۽ مون تي بہ يقين رکو. 2منھنجي پيءُ جي گھر ۾ ڪيتريون ئي ڪوٺيون آھن. آءٌ اوھان جي خاطر جاءِ تيار ڪرڻ لاءِ وڃي رھيو آھيان. جيڪڏھن ائين نہ ھجي ھا تہ آءٌ اوھان کي نہ ٻڌايان ھا. 3جڏھن آءٌ وڃي اوھان جي لاءِ جاءِ تيار ڪندس تہ پوءِ موٽي ايندس ۽ اوھان کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويندس، تہ جتي آءٌ آھيان اتي اوھين بہ ھجو. 4جيڏانھن آءٌ وڃي رھيو آھيان، انھيءَ رستي جي اوھان کي خبر آھي.“ 5تنھن تي توما کيس چيو تہ ”اي خداوند! اسان کي خبر نہ آھي تہ تون ڪيڏانھن وڃي رھيو آھين، سو اسان کي انھيءَ رستي جي خبر ڪيئن پوندي؟“ 6عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آھيان. منھنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پھچي نہ ٿو سگھي. 7جيڪڏھن اوھين مون کي سڃاڻو ٿا تہ منھنجي پيءُ کي بہ سڃاڻيندا. اڄ کان وٺي اوھين کيس سڃاڻو ٿا ۽ کيس ڏٺو بہ اٿوَ.“ 8تنھن تي فلپس چيس تہ ”اي خداوند! اسان کي پيءُ ڏيکار. بس اھو ئي اسان کي گھرجي.“ 9عيسيٰ چيس تہ ”اي فلپس! ھيترو وقت آءٌ اوھان سان ھوس تہ بہ اوھين مون کي نہ ٿا سڃاڻو؟ جنھن بہ مون کي ڏٺو آھي تنھن پيءُ کي ڏٺو آھي. پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ’اسان کي پيءُ ڏيکار‘؟ 10ڇا تو کي يقين نہ آھي تہ آءٌ پيءُ ۾ آھيان ۽ پيءُ مون ۾ آھي؟ جيڪي ڳالھيون آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو سي پاڻ ئي ڪين ٿو ٻڌايان، پر پيءُ، جيڪو مون ۾ رھي ٿو سو پنھنجا ڪم پاڻ ڪري ٿو. 11مون تي يقين ڪريو تہ آءٌ پيءُ ۾ آھيان ۽ پيءُ مون ۾ آھي. جيڪڏھن ائين يقين نہ ٿا ڪريو تہ ھي ڪم جيڪي آءٌ ڪري رھيو آھيان، تن جي ڪري ئي يقين ڪريو. 12آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو مون تي ايمان آڻيندو سو بہ اھڙا ئي ڪم ڪندو جھڙا آءٌ ڪري رھيو آھيان، بلڪ انھن کان بہ وڏا ڪم ڪندو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ وڃي پيءُ وٽ ئي رھندس. 13اوھين منھنجي نالي تي جيڪي ⁠بہ گھرندا سو آءٌ ڪندس تہ جيئن پيءُ جو جلوو پٽ جي معرفت ظاھر ٿئي. 14اوھين منھنجي نالي تي جيڪي⁠ بہ مون کان گھرندا سو آءٌ ڪندس.“

پاڪ روح جي موڪلڻ جو واعدو

15”جيڪڏھن اوھين سچ⁠پچ مون سان پيار ڪريو ٿا، تہ اوھين منھنجي حڪمن تي بہ عمل ڪندا. 16آءٌ پيءُ کي عرض ڪندس ۽ ھو اوھان کي ھڪ ٻيو مددگار ڏيندو جيڪو ھميشہ اوھان سان رھندو، 17يعني سچ جو پاڪ روح. دنيا ھن کي حاصل ڪري نہ ٿي سگھي، ڇاڪاڻ⁠تہ دنيا کيس نہ ڏسي ٿي ۽ نہ وري سڃاڻي ٿي. پر اوھين کيس سڃاڻو ٿا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو اوھان سان رھي ٿو ۽ اوھان ۾ ھوندو. 18آءٌ اوھان کي يتيم ڪري ڇڏي نہ ويندس، آءٌ ضرور موٽي ايندس. 19باقي ٿورو وقت آھي ۽ پوءِ دنيا مون کي وڌيڪ نہ ڏسندي، پر اوھين مون کي ڏسندا. آءٌ زندہ آھيان تنھنڪري اوھين بہ زندہ ھوندا. 20جڏھن اھو ڏينھن ايندو تڏھن اوھان کي خبر پوندي تہ آءٌ پنھنجي پيءُ ۾ آھيان ۽ اوھين مون ۾ ۽ آءٌ اوھان ۾ آھيان. 21جنھن کي منھنجي حڪمن جي خبر آھي ۽ ھو انھن تي عمل ڪري ٿو سو ئي مون سان پيار ڪري ٿو. جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو، تنھن سان منھنجو پيءُ پيار ڪندو ۽ آءٌ بہ انھيءَ سان پيار ڪندس ۽ مٿس پاڻ ظاھر ڪندس.“ 22يھوداہ اسڪريوتي نہ، بلڪ ٻي يھوداہ عيسيٰ کي چيو تہ ”اي خداوند! ڇا جي ڪري اوھين اسان تي تہ پاڻ ظاھر ڪندا پر دنيا تي نہ؟“ 23تنھن تي عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو سو منھنجي ڪلام تي عمل ڪندو. منھنجو پيءُ ھن سان پيار ڪندو، آءٌ ۽ منھنجو پيءُ ھن وٽ اينداسون ۽ ساڻس گڏجي رھنداسون. 24جيڪو مون سان پيار نہ ٿو ڪري سو منھنجي ڪلام تي عمل نہ ٿو ڪري ۽ ڪلام جيڪو اوھان ٻڌو آھي، سو منھنجو نہ آھي پر اھو پيءُ جو آھي جنھن مون کي موڪليو آھي. 25مون اھي ڳالھيون اوھان سان رھي اوھان کي ٻڌايون آھن. 26پر مددگار يعني پاڪ روح، جنھن کي پيءُ منھنجي نالي موڪليندو، سو اوھان کي سڀ ڳالھيون سيکاريندو ۽ اوھان کي اھي ڳالھيون ياد ڏياريندو رھندو، جيڪي مون اوھان کي چيون آھن. 27آءٌ اوھان کي اطمينان ڏيئي ٿو وڃان، بلڪ اوھان کي پنھنجو اطمينان ڏيان ٿو. اھڙو نہ ٿو ڏيان جھڙو دنيا ڏئي ٿي. اوھين پنھنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو ۽ نڪي ڊڄو. 28اوھان مون کي ھي چوندي ٻڌو ھو تہ ’آءٌ وڃي رھيو آھيان پر اوھان وٽ موٽي ايندس.‘ جيڪڏھن اوھان جو مون سان پيار ھجي ھا تہ جيڪر خوش ٿيو ھا جو آءٌ پيءُ وٽ وڃي رھيو آھيان، ڇاڪاڻ⁠تہ پيءُ مون کان وڏو آھي. 29ھن ڳالھہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي مون اوھان کي ٻڌائي ڇڏيو آھي تہ جڏھن ائين ٿئي تہ اوھين ايمان آڻجو. 30ھن کان پوءِ آءٌ اوھان سان وڌيڪ نہ ڳالھائيندس، ڇالاءِ⁠جو ھن دنيا جو سردار اچي رھيو آھي. ھن جو مون تي ڪوبہ اختيار نہ آھي. 31پر اھو انھيءَ لاءِ ٿئي ٿو تہ جيئن دنيا کي خبر پوي تہ آءٌ پيءُ سان پيار ڪريان ٿو ۽ جيئن پيءُ مون کي حڪم ڏنو آھي تيئن ئي ڪريان ٿو. ھاڻي ھلو تہ ھتان ھلون.“

يوحنا 15

عيسيٰ، ڊاک جي سچي ول

1عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ ڊاک جي سچي ول آھيان ۽ منھنجو پيءُ باغائي آھي. 2مون ۾ جيڪا ٽاري ميوو نہ ٿي جھلي تنھن کي ھو ڪڍي ڇڏي ٿو. پر جيڪا ٽاري ميوو جھلي ٿي تنھن کي ھو ڇانگي ٿو تہ جيئن اھا وڌيڪ ميوو ڏئي. 3جيڪو ڪلام مون اوھان کي ٻڌايو آھي، تنھن جي ڪري اوھين اڳي ئي پاڪ ٿيا آھيو. 4اوھين مون سان گڏجي ھڪ ٿي رھو ۽ آءٌ اوھان سان گڏجي ھڪ ٿي رھندس. تيستائين ڪابہ ٽاري ميوو نہ ٿي جھلي، جيستائين اھا ول ۾ نہ ٿي رھي. اھڙيءَ طرح اوھين بہ ميوو نہ ٿا جھلي سگھو جيستائين مون ۾ نہ رھو. 5آءٌ ڊاک جي ول آھيان ۽ اوھين منھنجون ٽاريون آھيو. جيڪو مون ۾ رھي ٿو، تنھن ۾ آءٌ رھان ٿو ۽ اھو ئي گھڻو ميوو جھليندو، ڇالاءِ⁠جو اوھين مون کان سواءِ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿا سگھو. 6جيڪو مون ۾ نہ رھندو سو ٽاريءَ وانگر وڍي اڇلايو ويندو، جيڪو سڪي ويندو. پوءِ اھڙيون ٽاريون ميڙي گڏ ڪري باھہ ۾ وڌيون وينديون ۽ اھي سڙي وينديون. 7جيڪڏھن اوھين مون ۾ رھو ۽ منھنجون ڳالھيون اوھان ۾ رھن تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گھرو، اوھان کي اھو ملندو. 8اوھان جي گھڻي ميوي جھلڻ مان ثابت ٿيندو تہ اوھين منھنجا شاگرد آھيو ۽ انھيءَ ڳالھہ مان منھنجي پيءُ جو جلوو ظاھر ٿئي ٿو. 9جيئن پيءُ مون سان پيار ڪيو آھي، تيئن مون بہ اوھان سان پيار ڪيو آھي. ھاڻي اوھين منھنجي پيار ۾ رھو. 10جيڪڏھن اوھين منھنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ اوھين منھنجي پيار ۾ رھندا، جھڙيءَ طرح مون پنھنجي پيءُ جي حڪمن تي عمل ڪيو آھي ۽ سندس پيار ۾ رھان ٿو. 11مون اھي ڳالھيون انھيءَ ڪري اوھان کي ٻڌايون آھن تہ جيئن منھنجي خوشي اوھان ۾ ھجي ۽ اوھان جي خوشي پوري ٿئي. 12 اھو ئي منھنجو حڪم آھي تہ اوھين ھڪٻئي سان پيار ڪريو، جيئن مون اوھان سان پيار ڪيو آھي. 13انھيءَ کان وڌيڪ ڪوبہ پيار ڪونھي جو ماڻھو پنھنجي دوستن لاءِ پنھنجي جان ڏئي. 14جن ڳالھين جو مون اوھان کي حڪم ڏنو آھي، تن تي جيڪڏھن عمل ڪريو تہ اوھين منھنجا دوست آھيو. 15ھن کان پوءِ آءٌ اوھان کي نوڪر نہ سڏيندس، ڇاڪاڻ⁠تہ نوڪر کي خبر نہ ھوندي آھي تہ سندس مالڪ ڇا ڪري رھيو آھي. پر مون اوھان کي دوست ڪري سڏيو آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي ڳالھيون مون پنھنجي پيءُ کان ٻڌيون آھن سي سڀ اوھان کي ٻڌايون اٿم. 16اوھان مون کي ڪين چونڊيو آھي، بلڪ مون اوھان کي چونڊيو آھي ۽ انھيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اھڙو ميوو جھليو جيڪو ھميشہ ھلي. پوءِ اوھين پيءُ کان منھنجي نالي تي جيڪي بہ گھرندا سو ھو اوھان کي ڏيندو. 17آءٌ اوھان کي اھو حڪم ٿو ڏيان تہ ھڪٻئي سان پيار ڪريو.“

دنيا شاگردن کان نفرت ڪري ٿي

18”جيڪڏھن دنيا اوھان کان نفرت ڪري ٿي تہ اوھان کي ياد رکڻ گھرجي تہ انھيءَ پھريائين مون کان بہ نفرت ڪئي ھئي. 19جيڪڏھن اوھين دنيا جا ھجو ھا تہ جيڪر دنيا اوھان سان پنھنجن جھڙو پيار ڪري ھا. پر جيئن تہ اوھين دنيا جا نہ آھيو مگر مون اوھان کي دنيا مان چونڊي ڪڍيو آھي، تنھنڪري دنيا اوھان کان نفرت ڪري ٿي. 20 مون اوھان کي جيڪي ٻڌايو آھي سو ياد رکو تہ ڪوبہ غلام پنھنجي مالڪ کان وڏو نہ آھي. سو جيڪڏھن ماڻھن مون کي ستايو آھي تہ اوھان کي بہ ستائيندا. جيڪڏھن انھن منھنجي تعليم تي عمل ڪيو آھي تہ اوھان جي تعليم تي بہ عمل ڪندا. 21پر اِھي سڀ ڳالھيون ھو منھنجي نالي جي ڪري اوھان سان ڪندا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو انھيءَ کي نہ ٿا سڃاڻن جنھن مون کي موڪليو آھي. 22جيڪڏھن آءٌ نہ اچان ھا ۽ کين اھي ڳالھيون نہ ٻڌايان ھا تہ اھي ڏوھاري نہ ٿين ھا. پر ھاڻي کين پنھنجن ڏوھن لاءِ ڪوبہ بھانو نہ آھي. 23جيڪو مون کان نفرت ڪري ٿو، سو منھنجي پيءُ کان بہ نفرت ڪري ٿو. 24جيڪي ڪم ٻئي ڪنھن بہ نہ ڪيا آھن، سي جيڪڏھن آءٌ انھن ۾ نہ ڪريان ھا تہ پوءِ اھي ڏوھاري نہ ٿين ھا. پر ھاڻي تہ انھن منھنجا ڪم ڏٺا آھن، تنھن ھوندي بہ مون کان ۽ منھنجي پيءُ کان نفرت ڪئي اٿن. 25 پر اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي سندن شريعت ۾ لکيل آھي سو پورو ٿئي تہ ’انھن مون کان ناحق نفرت ڪئي آھي.‘ 26پر اھو مددگار ايندو جيڪو آءٌ پيءُ وٽان اوھان ڏانھن موڪليندس، يعني سچ جو پاڪ روح، جيڪو پيءُ مان نڪري ٿو سو مون بابت شاھدي ڏيندو. 27اوھين پڻ منھنجي شاھدي ڏيندا، ڇالاءِ⁠جو اوھين شروعات کان وٺي مون سان گڏ رھيا آھيو.

يوحنا 16

1اھي سڀ ڳالھيون مون اوھان کي انھيءَ لاءِ ٻڌايون آھن تہ جيئن اوھين گمراھہ نہ ٿيو. 2ماڻھو اوھان کي عبادت⁠خانن مان ڪڍي ڇڏيندا ۽ اھو بہ وقت ايندو جڏھن ڪو اوھان کي ماري وجھندو ۽ ائين سمجھندو تہ ’آءٌ خدا جي خدمت ٿو ڪريان.‘ 3اھي ھي ڪم انھيءَ ڪري ڪندا، ڇالاءِ⁠جو انھن نہ پيءُ کي ۽ نڪي مون کي سڃاتو آھي. 4پر مون اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ لاءِ ٻڌايون آھن تہ جڏھن اھا گھڙي اچي تہ اوھين ياد ڪريو تہ مون انھن بابت اڳي ئي اوھان کي ٻڌائي ڇڏيو ھو.“

پاڪ روح جو ڪم

”مون شروعات ۾ اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ ڪري نہ ٻڌايون جو آءٌ اوھان سان گڏ ھوس. 5مگر ھاڻي آءٌ انھيءَ ڏانھن وڃي رھيو آھيان جنھن مون کي موڪليو آھي. پر اڃا تائين اوھان مان ڪنھن بہ مون کان اھو نہ پڇيو آھي تہ ’تون ڪيڏانھن وڃي رھيو آھين؟‘ 6منھنجي ھنن ڳالھين ٻڌائڻ جي ڪري اوھين ڏک سان ڀرجي ويا آھيو. 7پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان لاءِ اھو وڌيڪ چڱو آھي تہ آءٌ ھليو وڃان، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪڏھن آءٌ نہ ويندس تہ اھو مددگار اوھان وٽ نہ ايندو. پر جيڪڏھن آءٌ ويندس تہ پوءِ ھن کي اوھان ڏانھن ضرور موڪليندس. 8جڏھن ھو ايندو تڏھن سڄيءَ دنيا کي گناھہ، سچائيءَ ۽ انصاف جي نسبت ڏوھاري ٺھرائيندو: 9گناھہ جي نسبت ھيئن جو ماڻھو مون تي ايمان نہ ٿا آڻين، 10سچائيءَ جي نسبت ھيئن جو آءٌ پنھنجي پيءُ ڏانھن وڃي رھيو آھيان، تنھنڪري اوھين مون کي وڌيڪ نہ ڏسندا 11 ۽ انصاف جي نسبت ھيئن جو دنيا جي سردار جو فيصلو ٿي چڪو آھي. 12مون کي اڃا اوھان سان گھڻيون ئي ڳالھيون ڪرڻيون آھن، پر ھاڻي اوھين سھي ڪين سگھندا. 13جڏھن سچ جو پاڪ روح ايندو، تڏھن ھو اوھان کي سموري سچ ڏانھن وٺي ويندو. ھو پنھنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ڳالھائيندو، پر جيڪي ڳالھيون ٻڌندو سي ئي چوندو ۽ جيڪي ٿيڻو آھي سو اوھان کي کولي ٻڌائيندو. 14ھو منھنجو جلوو ظاھر ڪندو، ڇاڪاڻ⁠تہ منھنجون ڳالھيون اوھان کي کولي ٻڌائيندو. 15جيڪي ڪجھہ منھنجي پيءُ جو آھي سو منھنجو آھي. اھو ئي سبب آھي جو مون اوھان کي چيو تہ پاڪ روح منھنجون ڳالھيون اوھان کي کولي ٻڌائيندو.“

خوشي ۽ غم

16”ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڪين ڏسندا ۽ وري ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڏسندا.“ 17تڏھن سندس شاگردن مان ڪي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”ھن جو مطلب ڇا آھي جو ھو اسان کي چوي ٿو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڪين ڏسندا ۽ وري ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڏسندا‘؟ ھو ھيئن بہ چوي ٿو تہ ’اھو انھيءَ ڪري جو آءٌ پنھنجي پيءُ وٽ وڃي رھيو آھيان.‘ 18انھيءَ ٿوريءَ دير جو مطلب ڇا آھي؟ اسان کي تہ انھن ڳالھين جي خبر نہ ٿي پوي.“ 19عيسيٰ ڄاتو پئي تہ سندس شاگرد کانئس ڪجھہ پڇڻ گھرن ٿا، سو کين چيائين تہ ”ڇا اوھين ھڪٻئي کان اھو پڇي رھيا آھيو جيڪو مون چيو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڪين ڏسندا ۽ وري ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڏسندا؟‘ 20آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھين روئندا ۽ پٽيندا پر دنيا خوش ٿيندي. اوھان کي ڏک ٿيندو پر اوھان جو ڏک خوشيءَ ۾ بدلجي ويندو. 21جڏھن عورت ٻار ڄڻڻ تي ھوندي آھي تڏھن ھوءَ سورن ۾ ھوندي آھي، ڇالاءِ⁠جو اھا ھن جي لاءِ سورن جي گھڙي آھي. پر جڏھن ٻار ڄڻيندي آھي تڏھن کانئس سڀ سور وسري ويندا آھن، ڇالاءِ⁠جو ھوءَ خوش ٿيندي آھي تہ ھن ھڪ ٻار کي دنيا ۾ جنم ڏنو آھي. 22اوھان سان بہ ائين ئي ٿيندو. ھاڻي اوھان جي سورن جو وقت آھي. پر آءٌ اوھان سان وري ضرور ملندس. تڏھن اوھين ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ اوھان جي اھا خوشي اوھان کان ڪوبہ کسي نہ سگھندو. 23جڏھن اھو ڏينھن ايندو تڏھن اوھين مون کان ڪجھہ بہ نہ گھرندا. پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ پيءُ اوھان کي اھو سڀ ڪجھہ ڏيندو، جيڪو اوھين کانئس منھنجي نالي تي گھرندا. 24ھن وقت تائين اوھان منھنجي نالي تي ڪجھہ ⁠بہ ڪين گھريو آھي، سو گھرو تہ مليوَ، تہ جيئن اوھان جي خوشي پوري ٿئي.“

دنيا تي فتح

25”ھن وقت تائين مون اوھان کي اھي ڳالھيون مثالن ۾ پئي ٻڌايون آھي، پر اھو وقت ايندو جڏھن آءٌ اوھان سان مثالن ۾ نہ ڳالھائيندس، پر اوھان سان پيءُ بابت صاف صاف ڳالھائيندس. 26انھيءَ ڏينھن اوھين منھنجي نالي تي گھرندا. آءٌ اوھان کي ائين نہ ٿو چوان تہ اوھان لاءِ پيءُ کي ڪو سوال ڪندس، 27ڇالاءِ⁠جو پيءُ پاڻ اوھان سان انھيءَ لاءِ پيار ڪري ٿو جو اوھان مون سان پيار ڪيو آھي ۽ ايمان آندو اٿوَ تہ آءٌ پيءُ وٽان آيو آھيان. 28آءٌ پيءُ وٽان نڪري دنيا ۾ آيس ۽ ھاڻي دنيا کي ڇڏي پيءُ ڏانھن موٽي وڃان ٿو.“ 29تنھن تي شاگردن کيس چيو تہ ”ھاڻي تہ اوھين صاف صاف ڳالھائي رھيا آھيو ۽ مثالن ۾ نہ ٿا ڳالھايو. 30ھاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ اوھان کي سڀني ڳالھين جي خبر آھي ۽ ضروري نہ آھي تہ اوھان کان ڪو سوال جواب ڪيو وڃي. انھيءَ سبب جو اسان ايمان آندو آھي تہ اوھين خدا وٽان آيا آھيو.“ 31تنھن تي عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”ڇا اوھين ھاڻي ايمان آڻيو ٿا؟ 32تہ پوءِ ڏسو، اھا گھڙي اچي رھي آھي، بلڪ اچي پھتي آھي جڏھن اوھين سڀيئي ڇڙوڇڙ ٿي ويندا ۽ ھر ڪو پنھنجي پنھنجي گھر ھليو ويندو ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيندا. پر حقيقت ۾ آءٌ اڪيلو نہ آھيان، ڇاڪاڻ⁠تہ پيءُ مون سان گڏ آھي. 33مون اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ لاءِ ٻڌايون آھن تہ جيئن مون سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان کي اطمينان ملي. ھن دنيا ۾ اوھان کي ڏک ملندا پر دلجاءِ ڪريو جو مون دنيا تي فتح حاصل ڪئي آھي.“

يوحنا 17

شاگردن لاءِ دعا

1انھن ڳالھين ڪرڻ کانپوءِ عيسيٰ آسمان ڏانھن نھاري چيو تہ ”اي بابا! اھا گھڙي آئي آھي. ھاڻي تون پنھنجي فرزند جو جلوو ظاھر ڪر تہ فرزند تنھنجو جلوو ظاھر ڪري. 2ڇالاءِ⁠جو تو کيس سڀني ماڻھن تي اختيار ڏنو آھي تہ ھو انھن کي دائمي زندگي بخشي جيڪي تو کيس ڏنا آھن. 3دائمي زندگي اھا آھي تہ اھي تو ھڪ سچي خدا کي ۽ مون عيسيٰ مسيح کي سڃاڻين، جنھن کي تو موڪليو آھي. 4جيڪو ڪم تو مون کي ڪرڻ لاءِ ڏنو ھو، سو مون پورو ڪري تنھنجو جلوو دنيا تي ظاھر ڪيو آھي. 5اي بابا! ھاڻي پنھنجي حضور ۾ مون کي اھو جلوو بخش، جيڪو دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ مون کي تو سان گڏ ھو. 6دنيا مان جيڪي ماڻھو تو مون کي ڏنا ھئا، تن تي مون تو کي ظاھر ڪيو آھي. اھي تنھنجا ھئا ۽ تو ئي مون کي ڏنا آھن. انھن تنھنجي ڪلام تي عمل ڪيو آھي. 7ھاڻي انھن اھو ڄاڻي ورتو آھي تہ جيڪي ڪجھہ تو مون کي ڏنو آھي سو سڀ تو وٽان ئي آھي. 8ڇالاءِ⁠جو ڪلام، جيڪو تو مون کي ڏنو سو مون انھن کي ڏنو آھي ۽ انھن اھو قبول ڪيو آھي. انھن کي پڪ آھي تہ آءٌ تو وٽان آيو آھيان ۽ ايمان آندو اٿن تہ تو ئي مون کي موڪليو آھي. 9آءٌ انھن لاءِ دعا گھران ٿو. دنيا لاءِ آءٌ دعا نہ ٿو گھران پر انھن ماڻھن لاءِ جيڪي تو مون کي ڏنا آھن، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي تنھنجا آھن. 10جيڪي ڪجھہ مون وٽ آھي سو تنھنجو آھي ۽ جيڪي ڪجھہ تو وٽ آھي سو منھنجو آھي ۽ انھن جي وسيلي منھنجو جلوو ظاھر ٿيو آھي. 11ھاڻي آءٌ تو ڏانھن اچي رھيو آھيان ۽ دنيا ۾ وڌيڪ نہ رھندس، پر اھي اڃا دنيا ۾ رھندا. اي پاڪ بابا! انھن کي پنھنجي انھيءَ نالي جي قدرت سان سلامت رک جيڪو تو مون کي ڏنو آھي، انھيءَ لاءِ تہ اھي گڏجي ھڪ ٿي وڃن، جيئن تون ۽ آءٌ ھڪ آھيون. 12 جيستائين آءٌ انھن سان گڏ ھوس، تيستائين تنھنجي انھيءَ نالي جي قدرت سان جيڪو نالو تو مون کي ڏنو آھي، کين سلامت رکندو آيو آھيان. مون انھن جي سنڀال ڪئي آھي. جيڪو برباد ٿيڻو ھو تنھن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ منجھائن برباد نہ ٿيو آھي، تہ جيئن پاڪ لکت پوري ٿئي. 13ھاڻي آءٌ تو وٽ اچي رھيو آھيان. پر جيستائين آءٌ دنيا ۾ آھيان تيستائين اھي ڳالھيون انھيءَ لاءِ ٻڌايان ٿو تہ جيئن انھن جي دلين ۾ منھنجي خوشي پوري ٿئي. 14مون انھن کي تنھنجو ڪلام ڏنو آھي پر دنيا انھن کان نفرت ڪري ٿي، ڇالاءِ⁠جو اھي دنيا جا نہ آھن جيئن آءٌ دنيا جو نہ آھيان. 15منھنجي دعا اھا نہ آھي تہ تون کين دنيا مان کڻي وٺ، پر اھا دعا آھي تہ کين انھيءَ بڇڙي کان بچاءِ. 16جيئن آءٌ دنيا جو نہ آھيان تيئن اھي بہ دنيا جا نہ آھن. 17انھن کي سچ جي وسيلي مخصوص ڪر. تنھنجو ڪلام سچ آھي. 18جيئن تو مون کي دنيا ۾ موڪليو آھي، تيئن مون بہ انھن کي دنيا ۾ موڪليو آھي. 19انھن جي خاطر آءٌ پاڻ کي مخصوص ٿو ڪريان، تہ جيئن اھي سچ جي وسيلي تو لاءِ مخصوص ڪيا وڃن. 20آءٌ رڳو انھن لاءِ دعا نہ ٿو گھران، پر انھن لاءِ بہ دعا گھران ٿو جيڪي سندن تعليم جي وسيلي مون تي ايمان آڻيندا، 21انھيءَ لاءِ تہ اھي سڀ گڏجي ھڪ ٿين. اي بابا! شل اھي اسان ۾ اھڙيءَ طرح گڏجي ھڪ ٿين جھڙيءَ طرح تون مون ۾ آھين ۽ آءٌ تو ۾ آھيان، تہ جيئن دنيا ايمان آڻي تہ تو مون کي موڪليو آھي. 22اھو جلوو جو تو مون کي ڏنو آھي سو مون کين ڏنو آھي، تہ جيئن اھي گڏجي ھڪ ٿين جھڙيءَ طرح اسين پاڻ ۾ ھڪ آھيون. 23يعني آءٌ انھن ۾ آھيان ۽ تون مون ۾، تہ جيئن اھي پوريءَ طرح پاڻ ۾ ھڪ ٿي وڃن. اھڙيءَ طرح دنيا کي خبر پوي تہ تو مون کي موڪليو آھي ۽ تون انھن سان ايترو پيار ڪرين ٿو جيترو تو مون سان ڪيو آھي. 24اي بابا! منھنجي مرضي آھي تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آھن سي جتي آءٌ آھيان اتي مون سان گڏ ھجن، تہ جيئن اھي اھو جلوو ڏسن جو تو مون کي ڏنو آھي، ڇالاءِ⁠جو تو دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ بہ مون سان پيار ڪيو. 25اي سچا بابا! دنيا تو کي نہ سڃاتو پر مون تو کي سڃاتو آھي ۽ ھنن کي اھا خبر آھي تہ تو مون کي موڪليو آھي. 26مون تو کي انھن تي ظاھر ڪيو آھي ۽ اڃا بہ ڪندس، انھيءَ لاءِ تہ جيڪو پيار تو مون سان ڪيو آھي سو انھن ۾ ھجي ۽ آءٌ بہ انھن ۾ ھجان.“

يوحنا 18

عيسيٰ جو گرفتار ٿيڻ

1جڏھن عيسيٰ اھا دعا گھري چڪو، تڏھن پنھنجي شاگردن سان گڏ قدرون جي برساتي نھر مان لنگھي ھُن ڀر ويو. اتي ھڪڙو باغ ھو جنھن ۾ ھو پنھنجي شاگردن سميت داخل ٿيو. 2يھوداہ دغاباز کي انھيءَ ھنڌ جي خبر ھئي، ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ ڪيترائي دفعا پنھنجي شاگردن سان گڏ اوڏانھن ويو ھو. 3سو يھوداہ پاڻ سان گڏ رومي سپاھين جي پلٽڻ ۽ ڪجھہ ھيڪل جا پھريدار جيڪي سردار ڪاھنن ۽ فريسين موڪليا ھئا، سي وٺي انھيءَ باغ ۾ آيو. انھن وٽ ھٿيار ھئا ۽ کين ھٿن ۾ مشعلون ۽ شمعدان ھئا. 4عيسيٰ کي سڀ خبر ھئي تہ ساڻس ڇا ٿيڻو آھي، سو ھو ڪجھہ قدم اڳتي وڌي کانئن پڇڻ لڳو تہ ”اوھين ڪنھن کي ڳولي رھيا آھيو؟“ 5انھن وراڻيس تہ ”عيسيٰ ناصريءَ کي.“ تنھن تي ھن چين تہ ”اھو تہ آءٌ آھيان.“ يھوداہ دغاباز انھن سان گڏ بيٺو ھو. 6جڏھن عيسيٰ چيو تہ ”اھو تہ آءٌ آھيان،“ تڏھن اھي پوئتي ھٽي زمين تي ڪري پيا. 7عيسيٰ کانئن وري پڇيو تہ ”ڪنھن کي ڳولي رھيا آھيو؟“ انھن چيو تہ ”عيسيٰ ناصريءَ کي.“ 8عيسيٰ چيو تہ ”مون تہ اوھان کي ٻڌايو تہ اھو آءٌ آھيان. جيڪڏھن اوھين مون کي ڳولي رھيا آھيو تہ پوءِ ھنن ماڻھن کي ڇڏيو تہ وڃن.“ 9ھن اھو انھيءَ لاءِ چيو تہ جيڪو اڳي چيو ھئائين سو پورو ٿئي تہ ”اي بابا! تو جيڪي مون کي ڏنا ھئا تن مان مون ھڪ بہ نہ وڃايو آھي.“ 10شمعون پطرس وٽ تلوار ھئي، جيڪا ڪڍي ھن وڏي سردار ڪاھن جي نوڪر کي ھنئي ۽ سندس ساڄو ڪن ڪپي وڌائين. انھيءَ نوڪر جو نالو ملخس ھو. 11 تنھن تي عيسيٰ پطرس کي چيو تہ ”پنھنجي تلوار ورائي مياڻ ۾ وجھہ. ڇا آءٌ اھو پيالو نہ پيئان جيڪو پيءُ مون کي پيئڻ لاءِ ڏنو آھي؟“ 12سپاھين جي پلٽڻ، سندن عملدار ۽ يھودين جي پھريدارن عيسيٰ کي گرفتار ڪيو ۽ کيس ٻڌي قابو ڪيائون. 13اھي پھريائين کيس حنا وٽ وٺي ويا، جيڪو انھيءَ سال جي وڏي سردار ڪاھن قائفا جو سھرو ھو. 14 ھي اھو قائفا ھو، جنھن يھودي اڳواڻن کي اھا صلاح ڏني ھئي تہ اھو بھتر ٿيندو جو ھڪ ماڻھو سڄيءَ قوم لاءِ مري.

پطرس جو عيسيٰ بابت انڪار ڪرڻ

15شمعون پطرس ھڪ ٻئي شاگرد سان گڏ عيسيٰ جي پٺيان ھلندو پئي ويو. انھيءَ ٻئي شاگرد جي وڏي سردار ڪاھن سان واقفيت ھئي، سو ھو عيسيٰ سان گڏ سردار ڪاھن جي گھر اندر اڱڻ ۾ ويو. 16پر پطرس دروازي جي ٻاھران ئي بيٺو رھيو. اھو ٻيو شاگرد جنھن جي وڏي سردار ڪاھن سان واقفيت ھئي سو موٽي ٻاھر آيو ۽ دربان ڇوڪريءَ کي چئي پطرس کي اندر وٺي وڃڻ لڳو. 17تڏھن دربان ڇوڪريءَ پطرس کي چيو تہ ”ڇا تون انھيءَ ماڻھوءَ جي شاگردن مان نہ آھين؟“ تنھن تي پطرس وراڻيو تہ ”آءٌ نہ آھيان.“ 18انھيءَ مھل ڏاڍو سيءُ پئي پيو، سو نوڪرن ۽ پھريدارن ڪوئلن جي باھہ ٻاري ان جي چوڌاري بيٺي پاڻ کي سيڪيو. پطرس بہ انھن سان گڏ وڃي بيٺو ۽ پاڻ کي سيڪڻ لڳو.

وڏي سردار ڪاھن جي عيسيٰ کان پڇا

19پوءِ وڏو سردار ڪاھن عيسيٰ کان سندس شاگردن ۽ تعليم بابت پڇڻ لڳو. 20عيسيٰ وراڻيس تہ ”مون دنيا سان ھميشہ کليو کلايو ڳالھايو آھي. مون عبادت⁠خانن ۽ ھيڪل ۾ تعليم ڏني آھي، جتي سڀ يھودي اچي گڏ ٿيندا آھن. مون ڪابہ ڳالھہ ڳجھي نہ چئي آھي، 21تہ پوءِ اوھين مون کان ڇو پڇي رھيا آھيو؟ انھن ماڻھن کان پڇو جن منھنجون ڳالھيون ٻڌيون آھن. انھن کي خبر آھي تہ مون ڇا چيو آھي.“ 22جڏھن عيسيٰ ھي چيو تہ ڀرسان بيٺل پھريدارن مان ھڪڙي سندس منھن تي چماٽ ھڻي چيس تہ ”وڏي سردار ڪاھن کي ائين ٿو جواب ڏئين!“ 23تنھن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”جيڪڏھن مون ڪا غلط ڳالھہ ڪئي ھجي تہ اھا ھت سڀني کي ٻڌاءِ. پر جيڪڏھن مون سچ چيو آھي تہ پوءِ تون مون کي ڇو ٿو مارين؟“ 24پوءِ حنا کيس ٻڌل حالت ۾ ئي وڏي سردار ڪاھن قائفا ڏانھن ڏياري موڪليو.

پطرس جو وري عيسيٰ بابت انڪار ڪرڻ

25شمعون پطرس اڃا تائين اتي بيٺي پاڻ کي سيڪيو. سو ٻين کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون انھيءَ ماڻھوءَ جي شاگردن مان نہ آھين؟“ پر پطرس انڪار ڪندي چيو تہ ”آءٌ نہ آھيان.“ 26تنھن تي وڏي سردار ڪاھن جي ھڪڙي نوڪر جنھن جي مائٽ جو ڪن پطرس ڪپيو ھو، تنھن چيو تہ ”مون تو کي ھُن ماڻھوءَ سان گڏ باغ ۾ ڪين ڏٺو ھو؟“ 27پطرس وري بہ انڪار ڪيو ۽ انھيءَ دم ھڪڙي ڪڪڙ ٻانگ ڏني.

عيسيٰ پلاطس جي اڳيان

28ٻئي ڏينھن صبح جو عيسيٰ کي قائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يھودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انھيءَ لاءِ تہ اھي پنھنجي شريعت جي رسم موجب پليت نہ ٿين ۽ عيد فصح جي ماني کائڻ جھڙا رھن. 29سو پلاطس ٻاھر نڪري آيو ۽ کانئن پڇيائين تہ ”اوھين ھن ماڻھوءَ تي ڪھڙي تھمت ٿا ھڻو؟“ 30تنھن تي انھن وراڻيو تہ ”جيڪڏھن ھي ڏوھاري نہ ھجي ھا تہ اسين کيس اوھان جي حوالي نہ ڪريون ھا.“ 31پلاطس کين چيو تہ ”اوھين پاڻ ھن کي وٺي وڃو ۽ پنھنجي شريعت موجب سندس فيصلو ڪريو.“ يھودي اڳواڻن وراڻيو تہ ”اسان کي اختياري مليل نہ آھي تہ ڪنھن ماڻھوءَ کي موت جي سزا ڏيون.“ 32 اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ عيسيٰ جھڙي نموني پنھنجي موت بابت ٻڌايو ھو سو پورو ٿئي. 33پلاطس محلات ۾ اندر موٽي ويو ۽ عيسيٰ کي گھرايائين. ھُن کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون يھودين جو بادشاھہ آھين؟“ 34عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھي سوال اوھين پاڻ ٿا ڪريو يا ڪنھن ٻئي مون بابت اوھان کي ٻڌايو آھي؟“ 35پلاطس وراڻيو تہ ”ڇا تون مون کي يھودي ٿو سمجھين؟ تنھنجي قوم وارن ۽ سردار ڪاھنن تو کي منھنجي حوالي ڪيو آھي. تو ڪيو ڇا آھي؟“ 36عيسيٰ وراڻيو تہ ”منھنجي بادشاھت ھن دنيا جي نہ آھي. جيڪڏھن اھا ھن دنيا جي ھجي ھا تہ جيڪر منھنجا نوڪر وڙھن ھا، انھيءَ لاءِ تہ آءٌ يھودين جي حوالي نہ ڪيو وڃان. پر منھنجي بادشاھت ھن دنيا جي نہ آھي.“ 37تنھن تي پلاطس چيس تہ ”پوءِ ڇا تون بادشاھہ آھين؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”اھو تہ اوھين پاڻ ٿا چئو تہ آءٌ بادشاھہ آھيان. آءٌ انھيءَ مقصد لاءِ ڄائس ۽ ھن دنيا ۾ آيس تہ رڳو سچ جي شاھدي ڏيان. جيڪو بہ سچ جي پاسي آھي سو منھنجو آواز ٻڌي ٿو.“ 38تنھن تي پلاطس پڇيس تہ ”سچ ڇا آھي؟“

عيسيٰ لاءِ موت جي فتويٰ

پوءِ پلاطس ٻاھر نڪري يھودي اڳواڻن وٽ آيو ۽ کين چيائين تہ ”مون کي تہ ھن ۾ ڪوبہ ڏوھہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي. 39ھاڻ جيئن تہ اوھان جي رسم موجب ھر سال عيد فصح جي موقعي تي آءٌ اوھان جي خاطر ھڪڙو قيدي آزاد ڪندو آھيان، سو جيڪڏھن اوھان جي مرضي ٿئي تہ آءٌ اوھان جي خاطر ھن يھودين جي بادشاھہ کي آزاد ڪريان؟“ 40پر انھن وڏي واڪي چيو تہ ”نہ، انھيءَ کي نہ، پر برابا کي آزاد ڪريو.“ برابا ھڪ ڌاڙيل ھو.

يوحنا 19

1تڏھن پلاطس عيسيٰ کي چھبڪ ھڻايا. 2سپاھين ڪنڊن جو تاج ٺاھي عيسيٰ جي مٿي تي رکيو. انھن کيس واڱڻائي رنگ جا ڪپڙا پھرايا، 3۽ وٽس ڦري ڦري اچي چوڻ لڳا تہ ”سلام، اي يھودين جا بادشاھہ!“ ان کان علاوہ ھنن کيس منھن تي چماٽون بہ ھنيون. 4پلاطس ھڪ دفعو وري ٻاھر آيو ۽ ماڻھن کي چيائين تہ ”اِجھو، آءٌ ھن کي ٻاھر اوھان وٽ وٺي ٿو اچان تہ جيئن اوھان کي خبر پوي تہ مون کي منجھس ڪوبہ ڏوھہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“ 5پوءِ عيسيٰ انھيءَ ڪنڊن جي تاج ۽ واڱڻائي ڪپڙن سان ٻاھر آيو ۽ پلاطس کين چيو تہ ”اِجھو، ھي آھي اھو ماڻھو.“ 6جڏھن سردار ڪاھنن ۽ پھريدارن عيسيٰ کي ڏٺو تہ اھي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھيو، صليب تي.“ پر پلاطس چين تہ ”اوھين پاڻ وٺي وڃي صليب تي چاڙھيوس. مون کي تہ ھن ۾ ڪوبہ ڏوھہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“ 7تنھن تي انھن ماڻھن زور ڀري چيو تہ ”اسان وٽ شريعت آھي ۽ ان موجب ھو موت جي لائق آھي، ڇالاءِ⁠جو ھن خدا جو فرزند ھجڻ جي دعويٰ ڪئي آھي.“ 8جڏھن پلاطس اھو ٻڌو تہ ھيڪاري اچي ڊپ ورتس. 9تڏھن ھو محلات ۾ موٽي ويو ۽ عيسيٰ کان پڇيائين تہ ”تون ڪٿان جو آھين؟“ پر عيسيٰ کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو. 10تنھن تي پلاطس چيس تہ ”ڇا تون مون سان نہ ٿو ڳالھائڻ چاھين؟ ياد رک، مون کي اھا اختياري مليل آھي تہ تو کي آزاد ڪريان يا صليب تي چاڙھايان.“ 11عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏھن تو کي خدا جي طرفان اھو اختيار مليل نہ ھجي ھا تہ تنھنجو ڪو زور مون تي نہ ھلي ھا. سو جنھن ماڻھوءَ مون کي تنھنجي حوالي ڪيو آھي سو وڏو ڏوھدار آھي.“ 12انھيءَ کان پوءِ پلاطس جي اھا ڪوشش ھئي تہ عيسيٰ کي ڇڏي ڏئي، پر اھي ماڻھو واڪا ڪندا رھيا تہ ”جيڪڏھن اوھان ھن ماڻھوءَ کي ڇڏي ڏنو تہ اوھين قيصر جا سڄڻ نہ آھيو. جيڪو بہ پاڻ کي بادشاھہ ٿو سڏائي سو قيصر جي خلاف آھي.“ 13جڏھن پلاطس اھو ٻڌو تڏھن ھو عيسيٰ کي ٻاھر وٺي آيو ۽ جنھن جاءِ کي ”پٿريلو ٿلھو“ چوندا آھن ۽ عبرانيءَ ۾ ”گبٿا“ سڏيندا آھن، تنھن جاءِ تي رکيل عدالت جي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو. 14اھو عيد فصح جي تياريءَ جو ڏينھن ھو ۽ منجھند جو وقت ھو. پلاطس انھن ماڻھن کي چيو تہ ”اِجھو، ھي آھي اوھان جو بادشاھہ.“ 15پر انھن وڏي واڪي چيو تہ ”وٺي وڃونس، وٺي وڃونس ۽ وڃي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻوس.“ تنھن تي پلاطس انھن کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ اوھان جي بادشاھہ کي صليب تي چاڙھيان؟“ سردار ڪاھنن وراڻيو تہ ”قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪوبہ بادشاھہ نہ آھي.“ 16تڏھن پلاطس عيسيٰ کي انھن جي حوالي ڪري ڇڏيو.

عيسيٰ کي صليب تي ڪوڪا ھڻڻ

پوءِ سپاھي عيسيٰ کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻڻ لاءِ وٺي ويا. 17ھو پاڻ پنھنجو صليب کڻي انھيءَ جاءِ تي آيو جنھن کي عبرانيءَ ۾ ”گلگٿا“ يعني ”کوپريءَ واري جاءِ“ سڏيندا آھن. 18اتي ھنن کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھنيا ۽ ساڻس گڏ ٻن ٻين ماڻھن کي بہ صليب تي چاڙھيائون، ھڪڙي کي ھڪ پاسي ۽ ٻئي کي ٻئي پاسي ۽ وچ ۾ عيسيٰ کي. 19پلاطس ھڪ سرنامو لکائي صليب تي ھڻائي ڇڏيو، جنھن تي لکيل ھو تہ ”عيسيٰ ناصري، يھودين جو بادشاھہ.“ 20ڪيترن ئي يھودين اھو سرنامو پڙھيو، ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن جاءِ تي عيسيٰ کي صليب تي چاڙھيو ھئائون سا جاءِ شھر جي ويجھو ھئي. اھي حرف عبراني، لاطيني ۽ يوناني ٻولين ۾ لکيل ھئا. 21يھودين جي سردار ڪاھنن پلاطس وٽ اعتراض ڪيو تہ ”ائين نہ لکايو تہ ’يھودين جو بادشاھہ،‘ پر ھيئن لکايو تہ ’ھن ماڻھوءَ يھودين جي بادشاھہ ھجڻ جي دعويٰ ڪئي ھئي.‘“ 22تنھن تي پلاطس وراڻين تہ ”جيڪو مون لکايو سو لکايو.“ 23پوءِ سپاھي جڏھن عيسيٰ کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻي چڪا تہ سندس ڪپڙن کي کڻي چار حصا ڪيائون، ھر ڪنھن لاءِ ھڪ حصو. پوءِ جبو بہ کنيائون، جيڪو اڻ⁠سبيل ھو ۽ مٿي کان وٺي ھيٺ تائين سڄو ئي ھڪڙي ڪپڙي جو ٺھيل ھو. 24 تنھنڪري سپاھين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’جبي کي ڦاڙيون نہ ٿا پر پُکا ٿا وجھون تہ اھو ڪنھن جو ٿو ٿئي.‘ اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پاڪ لکت پوري ٿئي، جنھن ۾ لکيل آھي تہ ”انھن منھنجا ڪپڙا پاڻ ۾ ورھائي کنيا ۽ منھنجي جبي لاءِ پُکا وڌائون.“ تنھنڪري سپاھين ائين ڪيو. 25عيسيٰ جي صليب جي ڀرسان سندس ماءُ ۽ ماسي، ڪلوپاس جي زال مريم ۽ مريم مگدليني بيٺيون ھيون. 26جڏھن عيسيٰ پنھنجي ماءُ ۽ انھيءَ شاگرد کي جنھن سان سندس پيار ھو، اتي ڀرسان بيٺل ڏٺو تہ ھن پنھنجي ماءُ کي چيو تہ ”اما! ھي تنھنجو پٽ آھي.“ 27وري انھيءَ شاگرد کي چيائين تہ ”ھيءَ تنھنجي ماءُ آھي.“ انھيءَ ئي ڏينھن اھو شاگرد کيس پنھنجي گھر رھائڻ لاءِ وٺي ويو.

عيسيٰ جو موت

28 پوءِ جڏھن عيسيٰ ڄاتو تہ ھاڻي ھر ڳالھہ پوري ٿي چڪي آھي، تڏھن پاڪ لکت کي پوري ڪرڻ لاءِ ھن چيو تہ ”مون کي اڃ لڳي آھي.“ 29اتي ھڪڙو ٿانءُ ڪؤڙي مئي سان ڀريل رکيو ھو. تنھن مان انھن سپاھين فوم جھڙي ھڪ شيءِ ڀري زوفا جي ڪاٺيءَ تي رکي کيس چوسڻ لاءِ ڏني. 30عيسيٰ ڪؤڙي مئي وٺي چيو تہ ”ھاڻي پورو ٿيو.“ پوءِ سندس ڪنڌ لڙڪي پيو ۽ دم ڏنائين.

عيسيٰ جي پاسي ۾ نيزو ھڻڻ

31اھو تياريءَ جو ڏينھن ھو ۽ ايندڙ ڏينھن يھودين لاءِ خاص سبت جو ڏينھن ھو. تنھنڪري انھن نہ ٿي چاھيو تہ لاش صليبن تي ٽنگيل رھن. سو انھن پلاطس کي عرض ڪيو تہ ”صليب وارن جون ٽنگون ڀڳيون وڃن ۽ لاشا صليبن تان لاٿا وڃن.“ 32تنھن تي سپاھي آيا ۽ جيڪي عيسيٰ سان گڏ صليبن تي ٽنگيل ھئا تن مان پھريائين ھڪڙي جون ٽنگون ڀڳائون ۽ پوءِ ٻئي جون. 33پر جڏھن عيسيٰ وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ ھن اڳ ۾ ئي دم ڏنو آھي، تڏھن سندس ٽنگون نہ ڀڳائون. 34مگر سپاھين مان ھڪڙي عيسيٰ جي پاسي ۾ نيزو ھنيو تہ ھڪدم رت ۽ پاڻي نڪري آيو. 35جنھن ماڻھوءَ اھو ڏٺو تنھن شاھدي ڏني آھي ۽ سندس شاھدي سچي آھي. ھن کي خبر آھي تہ ھو سچ ٿو چوي ۽ اھا شاھدي انھيءَ لاءِ ڏئي ٿو تہ جيئن اوھين بہ ايمان آڻيو. 36 اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پاڪ لکت پوري ٿئي جنھن ۾ لکيل آھي تہ ”ھن جو ھڪڙو بہ ھڏو نہ ڀڄندو.“ 37 وري ٻي لکت ۾ آھي تہ ”ماڻھو انھيءَ ڏانھن ڏسندا، جنھن کي نيزو ھنيو ھئائون.“

عيسيٰ جو ڪفن دفن

38تنھن کان پوءِ ارمٿيا وارو يوسف، جيڪو يھودي اڳواڻن جي ڊپ ڪري ڳجھيءَ طرح عيسيٰ جو شاگرد ھو، سو پلاطس وٽ آيو ۽ کيس عرض ڪيائين تہ ”مون کي عيسيٰ جو لاش کڻي وڃڻ جي موڪل ڏيو.“ پلاطس کيس موڪل ڏني. پوءِ ھو اتي آيو ۽ لاش کڻي ھليو ويو. 39 نيڪديمس بہ ساڻس اچي گڏيو. ھي اھو ماڻھو ھو جنھن اڳ ۾ عيسيٰ سان رات جو ملاقات ڪئي ھئي. نيڪديمس مُرَ ۽ عُود ملائي کڻي آيو، جنھن جي تور اٽڪل چاليھہ ڪلوگرام ھئي. 40پوءِ جيئن يھودين ۾ دفن ڪرڻ جي رسم آھي تيئن انھن بہ عيسيٰ جي لاش کي خوشبوءِ لڳائي ڪفن ۾ ويڙھيو. 41جتي عيسيٰ کي صليب تي چاڙھيو ويو ھو، اتي ھڪڙو باغ ھو. انھيءَ باغ ۾ غار واري ھڪڙي نئين قبر کوٽيل ھئي جنھن ۾ اڃا تائين ڪنھن کي بہ دفن نہ ڪيو ويو ھو. 42جيئن تہ انھيءَ ڏينھن يھودين جي تياريءَ جو ڏينھن ھو تنھنڪري عيسيٰ کي کڻي اتي ئي دفن ڪيائون، ڇالاءِ⁠جو اھا قبر ويجھي ھئي.

يوحنا 20

عيسيٰ جو وري جيئرو ٿيڻ

1آچر جي ڏينھن صبح جو سوير اڃا اوندھہ ئي ھئي تہ مريم مگدليني قبر تي آئي، ڇا ڏسي تہ قبر جي منھن تان پٿر پري ھٽيو پيو آھي. 2سو ھوءَ ڊوڙندي شمعون پطرس ۽ انھيءَ ٻي شاگرد وٽ آئي، جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو ۽ کين چيائين تہ ”اھي خداوند کي قبر مان کڻي ويا آھن ۽ خبر نہ آھي تہ کيس الائجي ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“ 3تنھن تي پطرس ۽ اھو ٻيو شاگرد قبر ڏانھن روانا ٿيا. 4اھي ٻئي گڏ ڊوڙڻ لڳا، پر اھو ٻيو شاگرد پطرس کان اڳي تڪڙو نڪري ويو ۽ پطرس کان پھريائين قبر تي پھتو. 5ھن نِوڙي قبر ۾ نھاريو ۽ ڏٺائين تہ ڪفن پيو آھي. پر ھو قبر ۾ اندر گھڙي نہ ويو. 6ھن کان پوءِ شمعون پطرس بہ پھتو ۽ ھو سڌو قبر ۾ گھڙي ويو جتي ڪفن پيل ڏٺائين. 7ان کان علاوہ ھن اھو رومال بہ اتي پيل ڏٺو، جيڪو عيسيٰ جي مٿي تي ويڙھيل ھو. پر اھو ٻئي ھنڌ جدا ويڙھيو پيو ھو. 8تنھن کان پوءِ اھو ٻيو شاگرد، جيڪو پطرس کان اڳي قبر تي پھتو ھو، سو بہ قبر ۾ گھڙي ويو. ھن سڀ ڪجھہ ڏٺو ۽ ايمان آندائين. 9شاگردن اڃا تائين اھا پاڪ لکت نہ سمجھي ھئي تہ عيسيٰ کي مئلن مان جيئرو ٿي اٿڻو ھو. 10پوءِ اھي شاگرد موٽي پنھنجي پنھنجي گھر ھليا ويا.

مريم مگدلينيءَ کي ڏيکاري ڏيڻ

11مريم قبر جي ٻاھران بيٺي رنو. روئندي روئندي ھن نِوڙي قبر ۾ نھاريو 12۽ ڏٺائين تہ ٻہ ملائڪ نوراني پوشاڪ سان انھيءَ جاءِ تي ويٺا آھن جتي عيسيٰ جو ميت رکيل ھو. ھڪ سيرانديءَ کان ۽ ٻيو پيرانديءَ کان ويٺو ھو. 13انھن پڇيس تہ ”اي مائي! روئين ڇو ٿي؟“ ھُن وراڻيو تہ ”اھي منھنجي خداوند کي کڻي ھليا ويا آھن ۽ خبر ئي ڪانھي تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“ 14ھن ائين چئي اڃا پٺيان نھاريو تہ عيسيٰ کي اتي بيٺل ڏٺائين، پر سڃاتائين ڪين تہ ھو ڪو عيسيٰ آھي. 15عيسيٰ چيس تہ ”اي مائي! ڇو ٿي روئين؟ ڪنھن کي ٿي ڳولين؟“ مريم سمجھيو تہ ھي ڪو باغ جو مالھي آھي، سو چيائين تہ ”سائين! جيڪڏھن تون ھن کي ھتان کڻي ويو ھجين تہ ڀلائي ڪري ٻڌاءِ تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿيئي، تہ آءٌ وڃي اتان کڻي اچانس.“ 16عيسيٰ چيس تہ ”مريم!“ تنھن تي مريم ڦري عبرانيءَ ۾ چيس تہ ”ربوني!“ يعني ”اي منھنجا استاد!“ 17عيسيٰ کيس چيو تہ ”مون کي ھٿ نہ لاءِ، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ اڃا پيءُ وٽ مٿي موٽي نہ ويو آھيان. پر تون منھنجي ڀائرن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ آءٌ مٿي موٽي وڃان ٿو پنھنجي پيءُ ۽ اوھان جي پيءُ ڏانھن، پنھنجي خدا ۽ اوھان جي خدا ڏانھن.“ 18پوءِ مريم مگدلينيءَ اچي شاگردن کي اھا ڳالھہ ٻڌائي تہ ”مون خداوند کي ڏٺو آھي.“ ھن کين اھي ڳالھيون بہ ٻڌايون جيڪي خداوند ساڻس ڪيون ھيون.

شاگردن کي ڏيکاري ڏيڻ

19انھيءَ ساڳئي آچر جي ڏينھن شام جو جڏھن شاگرد يھودي اڳواڻن جي ڊپ کان در دروازا بند ڪيو ويٺا ھئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”سلام.“ 20ائين چوڻ کان پوءِ ھن شاگردن کي پنھنجا ھٿ ۽ پاسو ڏيکاريو. تنھن تي عيسيٰ کي سڃاڻيندي ئي شاگرد خوشيءَ ۾ ڀرجي ويا. 21تڏھن عيسيٰ وري چين تہ ”سلام، جيئن پيءُ مون کي موڪليو آھي، تيئن آءٌ بہ اوھان کي ٿو موڪليان.“ 22ھن ائين چئي مٿن ڦوڪيو ۽ چيائين تہ ”وٺو ھي پاڪ روح. 23 جيڪڏھن اوھين ماڻھن جا گناھہ معاف ڪري ڇڏيندا تہ کين معاف ڪيو ويندو، پر جيڪڏھن اوھين انھن کي معاف نہ ڪندا تہ کين معاف نہ ڪيو ويندو.“

توما کي ڏيکاري ڏيڻ

24توما انھن ٻارھن شاگردن مان ھڪڙو ھو جنھن کي جاڙو بہ سڏيندا ھئا، سو عيسيٰ جي اچڻ مھل شاگردن سان گڏ نہ ھو. 25اھو جڏھن آيو تہ ٻين شاگردن ٻڌايس تہ ”اسان خداوند کي ڏٺو آھي.“ تنھن تي ھن چيو تہ ”جيستائين آءٌ سندس ھٿن ۾ ڪوڪن جا نشان نہ ڏسندس ۽ ڪوڪن جي نشانن ۾ پنھنجي آڱر نہ وجھندس ۽ سندس پاسي ۾ ھٿ نہ وجھندس، تيستائين آءٌ اصل ڪونہ مڃيندس.“ 26ھفتي کان پوءِ شاگرد وري گھر ۾ گڏ ويٺا ھئا. ھن ڀيري توما بہ ساڻن گڏ ويٺو ھو ۽ گھر جا در دروازا بند ھئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”سلام.“ 27پوءِ ھن توما کي چيو تہ ”اچ ۽ پنھنجي آڱر ھيڏانھن ڪري منھنجا ھٿ ڏس ۽ پنھنجو ھٿ ھيڏانھن منھنجي پاسي ۾ وجھہ. بي⁠ايمان نہ ٿيءُ پر ايمان آڻ.“ 28تنھن تي توما چيس تہ ”اي منھنجا خداوند! اي منھنجا خدا!“ 29عيسيٰ چيس تہ ”تو مون کي ڏٺو آھي، تنھنڪري ايمان آندو اٿيئي. پر سڀاڳا آھن اھي جيڪي ڏسڻ کان سواءِ ئي ايمان ٿا آڻين.“

ھن ڪتاب جو مقصد

30شاگردن جي روبرو عيسيٰ ٻيا بہ ڪيترائي معجزا ڪيا، جيڪي ھن ڪتاب ۾ لکيل نہ آھن. 31پر اِھي انھيءَ لاءِ لکيل آھن تہ جيئن اوھين ايمان آڻيو تہ عيسيٰ ئي مسيح ۽ خدا جو فرزند آھي ۽ اھڙي ايمان آڻڻ سان اوھان کي ھن جي نالي ۾ زندگي ملي.

يوحنا 21

ستن شاگردن کي ڏيکاري ڏيڻ

1ھن کان پوءِ عيسيٰ وري پنھنجي شاگردن کي گليل ڍنڍ جي ڪناري تي ڏيکاري ڏني. اھو ھن طرح ٿيو تہ 2شمعون پطرس، توما جنھن کي جاڙو بہ سڏيندا ھئا، گليل جي قانا شھر وارو نٿن⁠ايل، زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا، ۽ ٻہ ٻيا بہ شاگرد پاڻ ۾ گڏ ويٺا ھئا. 3 تڏھن شمعون پطرس ٻين کي چيو تہ ”آءٌ مڇي مارڻ وڃان ٿو.“ تنھن تي ٻين شاگردن چيس تہ ”اسين بہ تو سان گڏجي ٿا ھلون.“ پوءِ اھي وڃي ٻيڙيءَ ۾ چڙھيا، پر انھيءَ رات ڪابہ مڇي ھٿ نہ لڳن. 4جڏھن ڏينھن ٿيڻ تي ھو تہ عيسيٰ اچي ڪناري تي بيٺو، پر شاگردن نہ سڃاتو تہ ھو ڪو عيسيٰ آھي. 5پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اي جوانو! ڇا اوھان کي ڪجھہ مليو؟“ ھنن وراڻيس تہ ”ڪجھہ بہ نہ.“ 6 ھن انھن کي چيو تہ ”پنھنجو ڄار ٻيڙيءَ جي ساڄي پاسي وجھو تہ اوھان کي ڪجھہ ملندو.“ تنھن تي انھن ڄار پاڻيءَ ۾ وڌو ۽ ايتريون تہ مڇيون اچي ڦاٿيون جو اھي ڇڪي بہ نہ پيا سگھن. 7پوءِ انھيءَ شاگرد جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو، تنھن پطرس کي چيو تہ ”اڙي، خداوند اٿيئي.“ جڏھن شمعون پطرس ٻڌو تہ ”اھو خداوند آھي.“ تڏھن جيئن تہ ھو پٺيءَ اگھاڙو ھو، سو قميص چيلھہ سان ٻڌندو مسيح سان ملڻ لاءِ ھڪدم پاڻيءَ ۾ ٽپي پيو. 8پر ٻيا شاگرد ٻيڙيءَ ۾ ئي مڇين سان ڀريل ڄار ڇڪيندا آيا، ڇالاءِ⁠جو اھي سڪيءَ کان ايترو پري ڪين ھئا، رڳو ھڪ ⁠سؤ ميٽرن جو ويڇو ھو. 9جڏھن اھي سڪيءَ تي پھتا تہ انھن ڪوئلن جي باھہ تي مڇي پيل ڏٺي ۽ اتي ماني بہ رکي ھئي. 10پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”جيڪي مڇيون ماريون اٿوَ تن مان ڪجھہ کڻي اچو.“ 11تنھن تي شمعون پطرس ٻيڙيءَ تي چڙھي ويو ۽ اھو ڄار سڪيءَ تي گھلي آيو، جيڪو وڏين مڇين سان ڀريل ھو. ڄار ۾ ڪل ھڪ ⁠سؤ ٽيونجاھہ مڇيون ھيون. جيتوڻيڪ ايتريون مڇيون ھيون تہ بہ ڄار نہ ٿي ٽٽو. 12پوءِ عيسيٰ کين چيو تہ ”اچي نيرن ڪريو.“ پر شاگردن مان ڪنھن کي بہ ھمت نہ ٿي جو کڻي پڇيس تہ ”تون ڪير آھين؟“ ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي خبر ھئي تہ ھو خداوند آھي. 13پوءِ عيسيٰ آيو ۽ ماني کڻي انھن کي ڏنائين ۽ کين مڇي بہ ڏنائين. 14اھو ٽيون دفعو ھو جو عيسيٰ پنھنجي جيئري ٿي اٿڻ کان پوءِ شاگردن کي ڏيکاري ڏني ھئي.

منھنجين رڍن کي چار

15نيرن ڪرڻ کان پوءِ عيسيٰ شمعون پطرس کي چيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان ھنن کان وڌيڪ پيار ڪرين ٿو؟“ ھن وراڻيو تہ ”ھائو خداوند! تو کي خبر آھي تہ آءٌ تو سان پيار ڪريان ٿو.“ تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”منھنجي گھيٽن کي وڃي چار.“ 16وري ٻيو دفعو عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ ھن وراڻيو تہ ”ھائو خداوند! تو کي خبر آھي تہ آءٌ تو سان پيار ڪريان ٿو.“ تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”منھنجين رڍن جي سنڀال ڪج.“ 17وري ٽيون دفعو ھن چيس تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنھن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇالاءِ⁠جو ھن ٽيون دفعو کيس چيو ھو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو.“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! تو کي سڀني ڳالھين جي خبر آھي ۽ تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو تہ آءٌ تو سان پيار ڪريان ٿو.“ عيسيٰ چيس تہ ”پوءِ منھنجين رڍن کي وڃي چار. 18آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جڏھن تون جوان ھئين تہ پنھنجو سندرو پاڻ ٻڌندو ھئين ۽ جيڏانھن تو کي وڻندو ھو اوڏانھن گھمندو ڦرندو ھئين. پر جڏھن تون پوڙھو ٿيندين تڏھن پنھنجا ھٿ ڊگھيريندين ۽ ڪو ٻيو تو کي چيلھہ سان سندرو ٻڌي اوڏانھن وٺي ويندو جيڏانھن وڃڻ لاءِ تنھنجي دل نہ چوندي.“ 19ھن چوڻ مان عيسيٰ جو مطلب اھو ھو تہ پطرس ڪھڙيءَ طرح دنيا مان لاڏاڻو ڪري خدا جو جلوو ظاھر ڪندو. پوءِ عيسيٰ چيس تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“

عيسيٰ ۽ ٻيا شاگرد

20پطرس پٺ ورائي ڏٺو تہ اھو شاگرد جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو، سو پٺيان پيو اچي. انھيءَ شاگرد رات جي ماني کائڻ مھل بہ سندس سيني تي ٽيڪ ڏيئي پڇيو ھوس تہ ”خداوند! اھو ڪير آھي جيڪو تو کي پڪڙائيندو؟“ 21پطرس جڏھن ھن کي ڏٺو تڏھن چيائين تہ ”اي خداوند! ھن جو ڪھڙو حال ٿيندو؟“ 22عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏھن آءٌ چاھيان تہ ھي ايستائين جيئرو رھي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان، تہ تنھن ۾ تنھنجو ڪھڙو واسطو؟ تون منھنجي پٺيان اچ.“ 23ان کان پوءِ سڀني ايمان وارن ۾ اھا ڳالھہ مشھور ٿي ويئي تہ اھو شاگرد ڪڏھن بہ نہ مرندو. جيتوڻيڪ عيسيٰ انھيءَ شاگرد کي ائين ڪونہ چيو ھو تہ ”تون مرندين ئي ڪونہ.“ پر ھيئن چيو ھئائين تہ ”جيڪڏھن آءٌ چاھيان تہ ھي ايستائين جيئرو رھي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان تہ تنھن ۾ تنھنجو ڪھڙو واسطو.“ 24ھي اُھو شاگرد آھي جيڪو انھن ڳالھين جي شاھدي ٿو ڏئي ۽ اھي ڳالھيون لکيون بہ اٿس ۽ اسان کي خبر آھي تہ سندس شاھدي سچي آھي.

پڄاڻي

25ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالھيون آھن جيڪي عيسيٰ ڪيون ھيون. اھي جيڪڏھن ھڪڙي ھڪڙي ڪري ويھي لکجن ھا تہ آءٌ سمجھان ٿو تہ ايترا تہ ڪتاب لکجي وڃن ھا جو ھوند دنيا ۾ نہ سمائجي سگھن ھا.

رسولن جا ڪم 1

پاڪ روح جي موڪلڻ جو واعدو

1‏-2 محترم ٿئوفلس: مون پنھنجي پھرين ڪتاب ۾ اُھي سڀ ڳالھيون لکيون آھن، جيڪي عيسيٰ پنھنجي ڪم شروع ڪرڻ کان وٺي آسمان ڏانھن کڄي وڃڻ تائين ڪيون ۽ سيکاريون. ھن آسمان ڏانھن کڄي وڃڻ کان اڳ ۾ پاڪ روح جي وسيلي انھن ماڻھن کي ھدايتون ڏنيون، جن کي پنھنجا رسول ڪري چونڊيائين. 3ھن پنھنجي موت کان پوءِ انھن کي پاڻ ڏيکاريو ۽ ڪيتريون ئي ثابتيون ڏنائين تہ ھو جيئرو آھي. ھن چاليھن ڏينھن تائين انھن کي ڪيترائي دفعا پاڻ ڏيکاريو ۽ ساڻن خدا جي بادشاھت بابت ڳالھايائين. 4 ھڪڙي دفعي جڏھن ھو سڀيئي اچي گڏ ٿيا تہ ھن کين تاڪيد ڪري چيو تہ ”يروشلم نہ ڇڏجو، بلڪ منھنجي پيءُ جي ڪيل واعدي جي پوري ٿيڻ جو انتظار ڪجو، جنھن بابت مون اوھان کي ٻڌايو ھو. 5 يحيٰ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني ھئي پر اوھان کي ٿورن ڏينھن کان پوءِ پاڪ روح سان بپتسما ڏني ويندي.“

عيسيٰ جو آسمان ڏانھن کڄي وڃڻ

6ٻئي دفعي جڏھن اھي سڀيئي وري اچي گڏ ٿيا تہ انھن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”خداوند! بني اسرائيل کي بادشاھت موٽائي ڏيڻ جو وقت اچي ويو آھي ڇا؟“ 7عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”وقت ۽ ڏينھن منھنجي پيءُ پنھنجي اختياريءَ سان مقرر ڪري ڇڏيا آھن، تن کي ڄاڻڻ اوھان جو ڪم ناھي. 8 پر جڏھن پاڪ روح اوھان تي نازل ٿيندو، تڏھن اوھان کي طاقت ملندي ۽ اوھين يروشلم ۾، سڄي يھوديہ ۽ سامريہ ۾ بلڪ سڄيءَ دنيا ۾ منھنجا شاھد ٿيندا.“ 9 اڃا ھن ايترو مس چيو تہ ھو انھن جي ڏسندي ئي آسمان ڏانھن کڄي ويو ۽ ھڪڙي ڪڪر جي اوٽ ۾ سندن نظر کان غائب ٿي ويو. 10جيئن تہ ھو مٿي وڃي رھيو ھو ۽ انھن جون اکيون آسمان ۾ ئي کتل ھيون تہ اوچتو ئي ٻہ ماڻھو نوراني پوشاڪ سان ھنن جي ڀرسان اچي بيٺا. 11انھن چيو تہ ”اي گليليو! اوھين آسمان ڏانھن ڇو بيٺا نھاريو؟ اھو ئي عيسيٰ، جيڪو اوھان وٽان آسمان ڏانھن کڄي ويو آھي، ساڳي ئي طرح وري موٽي ايندو جيئن اوھان ھن کي آسمان ڏانھن ويندي ڏٺو آھي.“

يھوداہ جي جاءِ تي متياہ کي رسول چونڊڻ

12پوءِ رسول زيتون نالي ٽڪر کان موٽي يروشلم شھر ۾ آيا، جيڪو اٽڪل ھڪ ڪلوميٽر جيترو پري آھي. 13 اھي شھر ۾ داخل ٿيا ۽ مٿي ان ماڙيءَ تي ويا جتي رھيل ھئا. اھي پطرس، يوحنا، يعقوب، اندرياس، فلپس، توما، برٿلمئي، متي، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، شمعون قوم⁠پرست ۽ يعقوب جو پٽ يھوداہ ھئا. 14ھو سڀ گھڻو ڪري گڏجي دعا گھرندا ھئا ۽ ساڻن عيسيٰ جي ماءُ مريم سميت ڪي عورتون ۽ عيسيٰ جا ڀائر بہ ھوندا ھئا. 15ھڪڙي ڏينھن جڏھن اٽڪل ھڪ ⁠سؤ ويھہ ڄڻا اچي گڏ ٿيا، تڏھن پطرس ڀائرن جي وچ ۾ اٿي بيٺو ۽ چيائين تہ 16 ”اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! انھيءَ پاڪ لکت جو سچو ثابت ٿيڻ ضروري ھو، جنھن ۾ پاڪ روح دائود جي معرفت اڳي ئي يھوداہ بابت ٻڌائي ڇڏيو ھو، جيڪو عيسيٰ کي پڪڙڻ وارن جي رھنمائي ڪندڙ ھو. 17يھوداہ اسان جي ئي ٽولي مان ھو، ڇاڪاڻ⁠تہ اسان جي ڪم ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ کيس بہ چونڊيو ويو ھو.“ 18 يھوداہ جيڪي پيسا پنھنجي بڇڙي ڪم جي عيوض ورتا ھئا، تن مان ھن ھڪ ميدان خريد ڪيو. اتي ھو اونڌو ٿي ڪري پيو، سندس پيٽ ڦاٽي پيو ۽ آنڊا ٻاھر نڪري آيس. 19جڏھن يروشلم جي سڀني ماڻھن اھو ٻڌو تہ انھن پنھنجي ٻوليءَ ۾ ان زمين کي اڪالديمي سڏيو، جنھن جي معنيٰ آھي ”رت جو ميدان.“ 20 پطرس وڌيڪ چيو تہ ”ڇالاءِ⁠جو زبور ۾ لکيل آھي تہ ’شل انھيءَ جو گھر ويران ٿئي، ۽ منجھس ڪوبہ نہ رھي.‘ ھي بہ لکيل آھي تہ ’شل ڪو ٻيو ھن جي خدمت جي جاءِ وٺي.‘ 21‏-22 تنھنڪري اھو ضروري آھي تہ ھڪ اھڙو ماڻھو چونڊجي، جيڪو خداوند عيسيٰ جي وري جيئري ٿيڻ جي شاھدي ڏئي. اھو اھڙو ھئڻ گھرجي جيڪو اسان سان انھيءَ ساري وقت ۾ گڏ رھيو ھجي، جنھن ۾ خداوند عيسيٰ اسان سان ھو، يعني سندس يحيٰ کان بپتسما وٺڻ کان وٺي آسمان ڏانھن کڄي وڃڻ تائين.“ 23سو انھن ٻن ماڻھن جا نالا پيش ڪيا، ھڪڙو يوسف، جنھن کي برسبا عرف يوستُس بہ سڏيندا ھئا ۽ ٻيو متياہ. 24پوءِ انھن دعا گھري تہ ”اي خداوند! تون سڀني ماڻھن جي دلين کي ڄاڻين ٿو، سو اسان کي ٻڌاءِ تہ تو ھنن ٻن مان ڪنھن کي چونڊيو آھي تہ 25اھو رسول جي اھا جاءِ وٺي، جنھن تان يھوداہ خارج ٿيو ۽ پنھنجيءَ جاءِ ڏانھن ھليو ويو.“ 26پوءِ انھن ٻنھي جي لاءِ پُکا وڌائون. پُکو متياہ جي نالي نڪتو ۽ ھو يارھن رسولن جي ٽولي ۾ شامل ڪيو ويو.

رسولن جا ڪم 2

پاڪ روح جو نازل ٿيڻ

1 جڏھن عيد پنتيڪُست جو ڏينھن آيو تڏھن سڀيئي ايمان وارا اچي ھڪڙي ھنڌ گڏ ٿيا. 2اوچتو ئي آسمان مان ھڪ آواز آيو ۽ اھو آواز تيز ھوا جي گھوگھٽ جھڙو ھو، جنھن سان اھا سڄي جاءِ جنھن ۾ ھو ويٺا ھئا ڀرجي ويئي. 3انھن کي باھہ جھڙيون ڄڀون نظر آيون جيڪي ڌار ڌار ٿي ھر ھڪ تي اچي ويٺيون. 4اھي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ انھيءَ جي قدرت سان ڌاريون ٻوليون ڳالھائڻ لڳا. 5دنيا جي ھر ھڪ ملڪ مان ديندار يھودي يروشلم ۾ ٽڪيل ھئا. 6جڏھن انھن اھو آواز ٻڌو تہ ھڪ وڏو ميڙ اچي گڏ ٿيو. ھو سڀيئي حيران ٿي ويا، ڇالاءِ⁠جو ھر ھڪ انھن کي پنھنجي پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڳالھائيندي ٻڌو. 7انھن کي حيرت وٺي ويئي ۽ عجب ۾ پئجي چوڻ لڳا تہ ”ھي ماڻھو جيڪي ائين ٿا ڳالھائين، ڇا اھي سڀ گليلي نہ آھن؟ 8پوءِ ڪيئن اسان مان ھر ڪو انھن کان پنھنجي پنھنجي مادري زبان ٿو ٻڌي؟ 9جيتوڻيڪ اسين پارٿي، مادئي، عيلامي، مسوپتاميہ، يھوديہ، ڪپدڪيا، پنطس، ايشيا، 10فروگيا، پمفوليا، مصر ۽ لبيا ۾ ڪريني شھر جي آس⁠پاس رھندڙ آھيون. ان کان سواءِ رومي مسافر 11جيڪي ڄائي ڄم جا يھودي توڙي نوان يھودي ٿيل آھن ۽ اسان مان ڪي ڪريتي ۽ عرب آھن تہ بہ اسين انھن کي پنھنجين پنھنجين ٻولين ۾ خدا جي وڏن وڏن ڪمن جو بيان ڪندي ٿا ٻڌون.“ 12سڀيئي حيران ٿي ويا ۽ مونجھڪاري وچان ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھن جو مطلب ڇا آھي؟“ 13پر ٻيا وري انھن تي ٺٺوليون ڪري چون پيا تہ ”ھي سڀ نشي ۾ آھن.“

پطرس جو پيغام

14پوءِ پطرس ٻين يارھن رسولن سان گڏ اٿي بيٺو ۽ وڏي آواز ۾ ماڻھن سان ڳالھائيندي چيائين تہ ”اي يھودي دوستو ۽ ٻيا سڀيئي يروشلم جا رھاڪو! جيڪي آءٌ چوان ٿو سو ڪن ڏيئي ٻڌو. 15ھي ماڻھو نشي ۾ نہ آھن جيئن اوھين سمجھو ٿا، ڇوتہ ڏينھن جو اڃا پھريون پھر مس پورو ٿيو آھي. 16پر ھيءَ اھا ڳالھہ آھي جيڪا يوايل نبيءَ جي معرفت چئي ويئي آھي تہ 17 خدا فرمائي ٿو تہ ’پوين ڏينھن ۾ ھيئن ٿيندو جو آءٌ پنھنجو روح سڀني ماڻھن تي نازل ڪندس. اوھان جا پٽ ۽ ڌيئرون اڳڪٿيون ڪنديون، اوھان جا جوان رويا ڏسندا ۽ اوھان جا پوڙھا خواب ڏسندا. 18بلڪ انھن ڏينھن ۾ آءٌ پنھنجن ٻانھن ۽ ٻانھين تي پنھنجو روح نازل ڪندس ۽ اھي بہ اڳڪٿيون ڪندا. 19آءٌ مٿي آسمان ۾ عجب جھڙا ڪم ۽ ھيٺ زمين تي معجزا ڏيکاريندس، جھڙوڪ: رت، باھہ ۽ دونھين جو غبار. 20خدا جي عظيم ۽ جلويدار ڏينھن جي اچڻ کان اڳ ۾ سج ڪاراٽجي ويندو ۽ چنڊ رت جھڙو ڳاڙھو ٿي پوندو. 21پوءِ جيڪو ⁠بہ خدا جو نالو وٺندو، تنھن کي ئي ڇوٽڪارو ملندو.‘ 22اي بني اسرائيل وارؤ! ھي ڌيان سان ٻڌو تہ عيسيٰ ناصري اھو ماڻھو ھو جنھن کي خدا اوھان لاءِ مقرر ڪيو ۽ اوھان ھن کي معجزا، نشانيون ۽ عجب جھڙا ڪم ڪندي ڏٺو، جيڪي خدا ھن جي ھٿان ڪرايا. توھين اھو چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا. 23 خدا جي اڳي ئي ڪيل فيصلي ۽ علم موجب عيسيٰ کي اوھان جي حوالي ڪيو ويو، تہ جيئن اوھان ھن کي گنھگار ماڻھن جي ھٿان صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻائي مارايو. 24 پر خدا ھن کي مئلن مان وري جيئرو ڪيو ۽ کيس موت جي ڏکن کان آزاد ڪيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھو ناممڪن ھو جو موت کيس قيد ڪري. 25 ڇوتہ دائود ھن بابت چيو آھي تہ ’مون خداوند کي ھر وقت پنھنجي اڳيان ڏٺو، ڇالاءِ⁠جو ھو منھنجي ساڄي پاسي آھي، انھيءَ لاءِ تہ جيئن آءٌ نہ گھٻرايان. 26تنھنڪري منھنجي دل خوش آھي ۽ منھنجي زبان خوشيءَ سان ڳالھائي ٿي. بلڪ منھنجو جسم بہ اميد ۾ رھندو. 27ڇالاءِ⁠جو تون منھنجي روح کي عالم ارواح ۾ ڇڏي نہ ڏيندين، نڪي پنھنجي پاڪ ٻانھي کي ڳرڻ سڙڻ ڏيندين. 28تو مون کي زندگيءَ جون واٽون ڏيکاريون، ۽ تون مون کي پنھنجو ديدار ڪرائي خوشيءَ سان ٽمٽار ڪندين.‘ 29اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي بابي دائود بابت کليو کلايو ٻڌايان ٿو تہ ھو مري ويو ۽ دفن ڪيو ويو ۽ سندس قبر اسان وٽ اڄ تائين موجود آھي. 30 ھو نبي ھو ۽ ڄاتائين ٿي تہ خدا ھن سان انھيءَ ڳالھہ جو قسم کڻي واعدو ڪيو ھو تہ ’آءٌ تنھنجي اولاد مان ھڪڙي کي تخت تي ويھاريندس.‘ 31دائود اڳي ئي ڄاتو پئي تہ خدا ڇا ڪندو، تنھنڪري ھن مسيح جي وري جيئري ٿيڻ بابت پيشنگوئي ڪندي ھيئن چيو تہ ’نڪي ھو عالم ارواح ۾ ڇڏيو ويندو، نڪي سندس جسم ڳري سڙي ويندو.‘ 32انھيءَ ئي عيسيٰ کي خدا جياريو ۽ اسين سڀ ان ڳالھہ جا شاھد آھيون. 33ھو خدا جي ساڄي پاسي ڏانھن سربلند ڪيو ويو آھي ۽ سندس پيءُ جي ڪيل واعدي موجب کيس پاڪ روح مليو آھي. ھن خدا جي اھا بخشش ھينئر اسان تي نازل ڪئي آھي، جنھن جو اثر اوھين ھاڻي ڏسو ۽ ٻڌو ٿا. 34 ڇالاءِ⁠جو دائود پاڻ آسمان ڏانھن کڄي نہ ويو پر ھن چيو تہ ’خداوند منھنجي خداوند کي چيو تہ ”تون منھنجي ساڄي پاسي ويھہ، 35جيستائين آءٌ تنھنجي دشمنن کي تنھنجي پيرن جي صندلي نہ ڪريان.“‘ 36اي بني اسرائيل قوم! پڪ ڄاڻو تہ خدا انھيءَ عيسيٰ کي، جنھن کي اوھان صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھنيا، خداوند بہ ڪيو آھي ۽ مسيح بہ.“ 37جڏھن ماڻھن اھو ٻڌو تہ اھا ڳالھہ سندن دلين ۾ چڀي ويئي ۽ پطرس ۽ ٻين رسولن کي چيائون تہ ”ڀائرؤ! اسين ھاڻي ڇا ڪريون؟“ 38تنھن تي پطرس کين چيو تہ ”اوھين سڀ توبھہ ڪريو ۽ عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما وٺو، تہ جيئن اوھان جا گناھہ بخشيا وڃن ۽ اوھان کي خدا جي بخشش يعني پاڪ روح ملي. 39ڇالاءِ⁠جو خدا جو واعدو اوھان جي لاءِ، اوھان جي ٻارن جي لاءِ ۽ انھن سڀني جي لاءِ بہ آھي جيڪي پري آھن ۽ جن کي خداوند، اسان جو خدا پاڻ ڏانھن سڏيندو.“ 40پطرس انھن کي ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالھيون ٻڌايون ۽ کين خبردار ڪيائين تہ ”پاڻ کي ھن بڇڙي زماني کان بچايو.“ 41انھن مان ڪيترن ئي ھن جي پيغام کي قبول ڪيو ۽ بپتسما ورتائون. انھيءَ ڏينھن اٽڪل ٽي ھزار ماڻھو ھنن جي ٽولي ۾ شامل ٿي ويا. 42انھن پنھنجو وقت رسولن کان سکڻ، ھڪ ٻئي جي صحبت ۾ رھڻ، گڏجي ماني کائڻ ۽ دعا گھرڻ ۾ گذاريو.

ايمان آڻيندڙن جي زندگي

43رسولن ڪيترائي معجزا ۽ عجب جھڙا ڪم ڪيا، سو انھيءَ ڪري ھر ھڪ کي خدا جو خوف وڪوڙي ويو. 44 جن ايمان آندو سي سڀ گڏ گذارڻ لڳا ۽ ھڪٻئي جي شين ۾ ڀائيوار ٿي رھندا ھئا. 45اھي پنھنجو مال ملڪيت وڪڻي پيسا پاڻ ۾ ورھائيندا ھئا ۽ ھر ھڪ کي پنھنجي گھرج آھر ملندو ھو. 46اھي ھر روز ھيڪل ۾ گڏ ٿيندا ھئا ۽ پنھنجن گھرن ۾ خوشي ۽ دل جي صفائيءَ سان گڏجي ماني کائيندا ھئا. 47ھو خدا جي واکاڻ ڪندا ھئا ۽ سڀني ماڻھن ۾ عزت ھين. سو خدا سندن ٽولي ۾ روزانو انھن کي شامل ڪندو رھندو ھو جن کي ڇوٽڪارو ملندو ھو.

رسولن جا ڪم 3

منڊي ماڻھوءَ کي شفا ملڻ

1ھڪڙي ڏينھن ٽپھريءَ جي مھل پطرس ۽ يوحنا ھيڪل ڏانھن عبادت ڪرڻ ويا. 2اتي سھڻي نالي دروازي وٽ ھڪ ڄائي ڄم کان منڊو ويٺو ھو، جنھن کي روزانو دروازي وٽ انھيءَ لاءِ ويھاريندا ھئا تہ ھو ھيڪل ۾ ايندڙ ماڻھن کان پني. 3ھن جڏھن پطرس ۽ يوحنا کي ھيڪل ۾ ويندي ڏٺو تہ انھن کان بہ خيرات گھريائين. 4تنھن تي انھن ھن ڏانھن چتائي ڏٺو ۽ پطرس چيس تہ ”اسان ڏانھن نھار.“ 5سو ھن انھن ڏانھن نھاريو ۽ سمجھيائين تہ اھي کيس ڪجھہ ڏيندا. 6پطرس ھن کي چيو تہ ”مون وٽ سون چاندي تہ ڪونھي، پر آءٌ تو کي اھو ڪجھہ ڏيندس جيڪو مون وٽ آھي، تہ پوءِ اُٿ، عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي گھم ڦر.“ 7پوءِ ھن ان کي ساڄي ھٿ کان وٺي اٿاريو. انھيءَ دم ان ماڻھوءَ جا پير ۽ مُرا مضبوط ٿي ويا. 8ھو ٽپ ڏيئي اٿي بيٺو ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳو. پوءِ ھو انھن سان گڏ گھمندو، ٽپا ڏيندو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندو ھيڪل ۾ ويو. 9سڄيءَ خلق ھن کي گھمندي ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي ڏٺو. 10انھن ھن کي سڃاتو تہ ھي اھو پينو فقير آھي، جيڪو ھيڪل جي سھڻي دروازي وٽ ويٺو پنندو ھو. اھي سڀيئي ھن کي ڏسي عجب ۽ حيرت ۾ پئجي ويا.

پطرس جو ھيڪل ۾ تبليغ ڪرڻ

11اڃا ھو پطرس ۽ يوحنا کي جھليو بيٺو ھو تہ سڀيئي ماڻھو ڏاڍي حيرت ۾ پئجي انھيءَ ورانڊي ۾ وٽن اچي گڏ ٿيا، جنھن کي سليماني ورانڊو ڪري سڏيندا آھن. 12جڏھن پطرس اھو حال ڏٺو، تڏھن ماڻھن کي چيائين تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! ھن ماڻھوءَ تي عجب ڇو ٿو لڳيوَ؟ اسان ڏانھن گھوري ڇو ٿا نھاريو؟ ڇا اسان ھن کي پنھنجيءَ قدرت ۽ دينداريءَ جي ڪري گھمڻ جي طاقت ڏني آھي؟ 13 ابراھيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا ۽ اسان جي وڏن جي خدا پنھنجي ٻانھي عيسيٰ کي جلال بخشيو، پر اوھان ھن کي پڪڙايو ۽ کيس پلاطس جي درٻار ۾ رد ڪيو، جيتوڻيڪ پلاطس ھن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو ھو. 14 ھو پاڪ ۽ سچار ھو، پر اوھان کيس رد ڪري ھڪ خونيءَ کي آزاد ڪرڻ جو عرض ڪيو. 15اھڙيءَ طرح اوھان زندگيءَ جي مالڪ کي مارائي ڇڏيو. پر خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو ۽ اسين انھيءَ ڳالھہ جا شاھد آھيون. 16اھا عيسيٰ جي نالي جي قدرت ۽ مٿس ايمان ئي آھي جنھن ھن منڊي ماڻھوءَ کي گھمڻ جي طاقت ڏني، جنھن کي اوھين ڏسو ۽ سڃاڻو ٿا. اھو عيسيٰ جو نالو ۽ مٿس ايمان ئي آھي، جنھن ھن کي چڱو ڀلو ڪيو ۽ اوھين پاڻ ھن کي چڱيءَ طرح ڏسي سگھو ٿا. 17اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ھاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوھان ۽ اوھان جي اڳواڻن جيڪي ڪجھہ عيسيٰ سان ڪيو، سو اڻ⁠ڄاڻائيءَ جي ڪري ڪيو. 18اھڙيءَ طرح خدا جيڪو اڳي سڀني نبين جي معرفت چيو ھو تہ ’سندس مسيح تڪليفون سھندو،‘ سو سچ ثابت ٿيو. 19تنھنڪري توبھہ ڪريو ۽ خدا ڏانھن اچو تہ اوھان جا گناھہ ميٽجي وڃن، 20تان تہ خداوند جي حضور مان تازگيءَ جا ڏينھن اچن ۽ ھو عيسيٰ کي موڪلي جيڪو اوھان لاءِ اڳي ئي مسيح مقرر ٿيل آھي. 21ھو تيستائين ضرور آسمان ۾ رھندو، جيستائين سڀني ڳالھين جي وري نئين سر ٿيڻ جا ڏينھن اچن، جن بابت خدا پنھنجي پاڪ نبين جي معرفت گھڻو اڳي چيو ھو. 22 ڇاڪاڻ⁠تہ موسيٰ چيو ھو تہ ’خداوند اوھان جو خدا اوھان لاءِ اوھان مان مون جھڙو ھڪ نبي موڪليندو. اھو جيڪي ⁠بہ ڳالھيون اوھان کي ٻڌائي سي سڀ ٻڌجو. 23 جيڪو بہ انھيءَ نبيءَ جون ڳالھيون نہ ٻڌندو، سو سندس قوم کان ڌار ڪري برباد ڪيو ويندو.‘ 24سموئيل کان وٺي جيڪي ⁠بہ نبي آيا، تن مان جن جن بہ اڳڪٿي ڪئي تن سڀني ھنن ڏينھن جو ذڪر ڪيو آھي. 25 اوھين انھن نبين جا وارث ۽ انھيءَ عھد جا شريڪ آھيو جيڪو خدا اوھان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو ھو، جيئن ھن ابراھيم کي چيو تہ ’تنھنجي اولاد جي وسيلي دنيا جي سڀني قومن کي برڪت ملندي.‘ 26انھيءَ ڪري خدا پنھنجي ٻانھي کي چونڊي پھريائين اوھان ڏانھن موڪليو تہ ھو اوھان کي اھا برڪت ڏئي جو اوھين سڀيئي بڇڙاين کان منھن موڙيو.“

رسولن جا ڪم 4

پطرس ۽ يوحنا جي گرفتاري

1پطرس ۽ يوحنا اڃا ماڻھن سان ڳالھايو ئي بيٺي تہ ڪاھن، ھيڪل جو صوبيدار ۽ صدوقي انھن تي چڙھي آيا. 2اھي اچي مٿن ڪاوڙيا، ڇالاءِ⁠جو ھنن عيسيٰ جو مثال ڏيئي ماڻھن کي تعليم پئي ڏني تہ مئلن کي وري جيئرو ڪيو ويندو. 3سو ھنن ٻنھي رسولن کي پڪڙيو، پر جيئن تہ سانجھي ٿي ويئي ھئي، تنھنڪري ٻئي ڏينھن صبح تائين ھنن کي جيل ۾ رھايو ويو. 4تنھن ھوندي بہ پيغام ٻڌندڙن مان ڪيترن ئي ايمان آندو. اھڙيءَ طرح ايمان آڻيندڙن جي جماعت جو تعداد اٽڪل پنج ھزار ٿي ويو. 5ٻئي ڏينھن صبح جو يھودين جا اڳواڻ، بزرگ ۽ شريعت جا عالم اچي يروشلم ۾ گڏ ٿيا. 6وڏو سردار ڪاھن حنا ۽ ھن سان گڏ قائفا، يوحنا، سڪندر ۽ ٻيا جيڪي سردار ڪاھن جا مٽ مائٽ ھئا سي بہ اتي موجود ھئا. 7انھن پطرس ۽ يوحنا کي پنھنجي اڳيان بيھاري پڇيو تہ ”ڪنھن جي قدرت سان يا ڪنھن جي نالي تي اوھان اھو ڪم ڪيو آھي؟“ 8تنھن تي پطرس پاڪ روح سان ڀرجي چوڻ لڳو تہ ”اي امت جا حاڪمو ۽ بزرگو! 9جيڪڏھن اڄ اسان کان پڇا ٿي ٿئي تہ اسان منڊي ماڻھوءَ سان ڇو چڱائي ڪئي ۽ ھو ڪيئن چڱو ڀلو ٿيو تہ 10پوءِ اوھان ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻھن کي ڄاڻڻ کپي تہ ھي ماڻھو، جيڪو اوھان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آھي سو عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آھي، جنھن کي اوھان صليب تي چاڙھيو ۽ خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو. 11 عيسيٰ اھو آھي جنھن لاءِ لکيل آھي تہ ’جنھن پٿر کي رازن رد ڪيو، سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو.‘ 12ڪنھن بہ ٻئي جي ھٿ ۾ ڇوٽڪارو نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو آسمان جي ھيٺان ماڻھن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونھي جنھن جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو ملي.“ 13اھي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ ھي رواجي ماڻھو ٿوري تعليم ھوندي بہ ڪيترا نہ دلير آھن! پر پوءِ ڄاتائون تہ ھو عيسيٰ جا ساٿي آھن. 14ھو رسولن جي خلاف ڪجھہ بہ چئي نہ سگھيا، ڇالاءِ⁠جو جيڪو ماڻھو چڱو ڀلو ٿيو ھو سو بہ ساڻن گڏ بيٺل ھو. 15تنھنڪري انھن کين ڪائونسل کان ٻاھر نڪري وڃڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ 16”اسان ھنن ماڻھن کي ڇا ڪريون؟ ڇالاءِ⁠جو يروشلم جو ھر ھڪ ماڻھو ڄاڻي ٿو تہ ھنن ھڪ وڏو معجزو ڪيو آھي جنھن جو اسين انڪار ڪري نہ ٿا سگھون. 17پر متان اھا ڳالھہ ماڻھن ۾ زيادہ پکڙجي وڃي، تنھنڪري اچو تہ ھنن کي دڙڪو ڏيون تہ وري عيسيٰ جي نالي جي ڳالھہ نہ ڪن.“ 18پوءِ ھنن پطرس ۽ يوحنا کي وري پاڻ وٽ سڏايو ۽ کين سختيءَ سان تاڪيد ڪري چيائون تہ ”ڪنھن بہ صورت ۾ اوھين عيسيٰ جي نالي نڪي ڪجھہ چئو ۽ نڪا تعليم ڏيو.“ 19پر پطرس ۽ يوحنا ورندي ڏنن تہ ”اوھين پاڻ ئي انصاف ڪريو تہ خدا جي آڏو ڪھڙو جائز آھي، اوھان جو حڪم مڃڻ يا خدا جو حڪم مڃڻ. 20ڇالاءِ⁠جو اھو ناممڪن آھي تہ اسين اھي ڳالھيون نہ ٻڌايون جيڪي اسان ڏٺيون ۽ ٻڌيون آھن.“ 21تنھن تي ڪائونسل انھن کي وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنو. انھن کي ڪوبہ سبب نظر نہ آيو جنھن جي ڪري کين سزا ڏين، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪي ڪجھہ ٿيو ھو تنھن تي سڀ ماڻھو خدا جي واکاڻ ڪري رھيا ھئا. 22جيڪو ماڻھو معجزي سان چڱو ڀلو ٿيو ھو، تنھن جي عمر چاليھن سالن کان بہ مٿي ھئي.

ايمان وارن جي ھمت لاءِ دعا

23جيئن ئي پطرس ۽ يوحنا آزاد ٿيا تہ ھو موٽي پنھنجي ساٿين وٽ آيا ۽ جيڪي سردار ڪاھنن ۽ بزرگن چيو ھونِ سو سڀ کين ٻڌايائون. 24 جڏھن انھن اھو ٻڌو تہ سڀيئي گڏجي وڏي آواز سان خدا کان دعا گھرڻ لڳا تہ ”اي مالڪ! تون آسمان، زمين، سمنڊ ۽ جيڪي ڪجھہ انھن منجھہ آھي تنھن جو خالق آھين. 25 تو پاڪ روح جي وسيلي پنھنجي ٻانھي ۽ اسان جي وڏي دائود جي واتان چوايو ھو تہ ’غير قومن ڇو گوڙ مچايو؟ ماڻھن ڇو اجايا خيال ڪيا؟ 26دنيا جا بادشاھہ تيار ٿي آيا، حاڪم اچي گڏ ٿيا ۽ خداوند ۽ سندس مسيح سان مقابلو ڪرڻ لڳا.‘ 27 سچ⁠پچ تہ ھن شھر ۾ تنھنجو پاڪ ٻانھو عيسيٰ جنھن کي تو مسيح مقرر ڪيو، تنھن جي خلاف گليل جو حاڪم ھيروديس ۽ پنطيس پلاطس، غير قومن ۽ بني اسرائيل جي ماڻھن سميت اچي گڏ ٿيا. 28اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي تنھنجي ھٿان ۽ تنھنجي مرضيءَ موجب اڳي ئي مقرر ٿيل ھو سو پورو ٿئي. 29ھاڻي اي خداوند! تون ھنن جي دڙڪن تي نظر ڪر ۽ اسين، جيڪي تنھنجا ٻانھا آھيون تن کي اھڙي توفيق ڏي تہ جيئن اسين بي⁠ڊپا ٿي تنھنجو ڪلام ماڻھن کي ٻڌايون. 30تون پنھنجي شفا جو ھٿ ڊگھير ۽ پنھنجي پاڪ ٻانھي عيسيٰ جي نالي تي معجزا ۽ ڪرامتون ڏيکار.“ 31جڏھن انھن دعا گھري پوري ڪئي تہ اھا جاءِ ڌڏي ويئي جتي ھو گڏ ٿيا ھئا. اھي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ بي⁠ڊپا ٿي خدا جو ڪلام ٻڌائڻ لڳا.

ايمان وارن جو پاڻ ۾ ايڪو

32 ايمان وارن جي سڄي ٽولي دل ⁠وَ جان سان گڏ ھئي ۽ منجھائن ڪوبہ ائين نہ پيو چوي تہ ”ھيءَ شيءِ منھنجي آھي،“ پر ھو سڀني شين ۾ ھڪجھڙا ڀائيوار ھئا. 33رسول وڏيءَ قدرت سان خداوند عيسيٰ جي وري جيئري ٿيڻ جي شاھدي ڏيندا ھئا ۽ انھن سڀني تي خدا جو ڏاڍو فضل ھو. 34سڄي ٽوليءَ ۾ اھڙو ڪوبہ ڪونہ ھو جنھن کي ڪنھن شيءِ جي محتاجي ھجي، ڇالاءِ⁠جو جن ماڻھن کي ٻنيون يا گھر ھئا سي اھي وڪڻي، پيسا آڻي 35رسولن جي اڳيان رکندا ھئا، تہ ھو اھي پيسا ھر ھڪ کي گھرج آھر ڏين. 36يوسف نالي ھڪ لاوي ھو جنھن جو وطن قبرص ھو، تنھن کي رسولن برنباس جو لقب ڏنو ھو، جنھن جي معنيٰ آھي ”ھمت⁠افزائي ڪندڙ.“ 37انھيءَ وٽ ھڪڙي ٻني ھئي، جا ھن وڪڻي ان جا پيسا آڻي رسولن جي اڳيان رکيا.

رسولن جا ڪم 5

حنانياہ ۽ صفيرا

1حنانياہ نالي ھڪڙي ماڻھوءَ ۽ سندس زال صفيرا پنھنجي ڪجھہ ملڪيت وڪي. 2پر حنانياہ ڪجھہ پيسا پنھنجي لاءِ رکي ڇڏيا، جنھن جي سندس زال کي بہ خبر ھئي. باقي پيسا کڻي ھن رسولن جي اڳيان آڻي رکيا. 3تنھن تي پطرس چيس تہ ”اي حنانياہ! ڇو شيطان تنھنجي دل ۾ اھڙو خيال وڌو، جو تو پاڪ روح سان ڪوڙ ڳالھايو ۽ ٻنيءَ جي پيسن مان ڪجھہ پاڻ وٽ رکي ڇڏيئِہ؟ 4جيئن ٻني وڪڻڻ کان اڳ تنھنجي ئي ملڪيت ھئي، تيئن اھا وڪڻڻ کان پوءِ ان جا پيسا بہ تنھنجا ئي ھئا. پوءِ تو ڇو دل ۾ اھڙو ڪم ڪرڻ جو خيال ڪيو؟ تو ماڻھن سان نہ پر خدا سان ڪوڙ ڳالھايو آھي.“ 5حنانياہ اھو ٻڌڻ شرط ھيٺ ڪري پيو ۽ مري ويو. جن بہ اھو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو. 6جوان ماڻھو اٿيا ۽ ھن جو لاش ڪفن ۾ ويڙھي ٻاھر کڻي ويا ۽ کيس دفن ڪيائون. 7اٽڪل پھر کن کان پوءِ ھن جي زال اندر آئي، پر کيس ھن واقعي جي ڪابہ خبر ڪانہ ھئي. 8پطرس ان کي چيو تہ ”مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا سڀ پيسا اھي ئي ھئا جيڪي تو کي ۽ تنھنجي مڙس کي اوھان جي ملڪيت مان مليا؟“ تنھن تي ھن چيو تہ ”ھا، اھي ئي پيسا مليا.“ 9پطرس کيس چيو تہ ”پوءِ ڇو تو ۽ تنھنجي مڙس گڏجي خداوند جي پاڪ روح کي آزمايو؟ ڏس، جن ماڻھن تنھنجي مڙس کي دفن ڪيو آھي، سي ھاڻي دروازي تي اچي پھتا آھن. اھي تو کي بہ ٻاھر کڻي ويندا.“ 10انھيءَ دم ھوءَ بہ سندس پيرن وٽ ڪري پيئي ۽ مري ويئي. جوان ماڻھو اندر آيا ۽ ھن کي مئل ڏسي کيس ٻاھر کڻي ويا ۽ سندس مڙس جي ڀرسان وڃي دفن ڪيائونس. 11سڄي ڪليسيا جي ماڻھن ۽ ٻين، جن بہ اھو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.

معجزا ۽ ڪرامتون

12رسول شھر ۾ ڪيترائي معجزا ۽ ڪرامتون ڪندا ھئا ۽ ھو سڀني ايمان وارن سان ھيڪل اندر سليماني ورانڊي ۾ بہ اچي ملندا ھئا. 13‏-14خداوند تي ايمان آڻيندي ڪيترائي مرد ۽ عورتون انھن ۾ شامل ٿيندا ھئا. پر انھن کان علاوہ ڪنھن کي بہ ھمت نہ ٿيندي ھئي جو ھو رسولن سان وڃي ملي، تنھن ھوندي بہ اھي ماڻھو سندن ساراھہ ڪندا ھئا. 15ايتري قدر جو ھو بيمارن کي آڻي گھٽين ۾ کٽولن ۽ تڏن تي رکندا ھئا تہ جڏھن پطرس اتان لنگھي تہ من سندس پاڇو ئي انھن مان ڪن تي پوي. 16يروشلم جي آس⁠پاس وارن ڳوٺن مان ماڻھن جا ڪيترائي ميڙ پنھنجا بيمار ۽ ڀوتن ورتل ماڻھو کڻي ايندا ھئا ۽ انھن سڀني کي شفا ملندي ھئي.

رسولن کي ستائڻ

17پوءِ وڏو سردار ڪاھن ۽ سندس ساٿي جيڪي صدوقين جي مقامي فرقي جا ماڻھو ھئا، سي رسولن تي ڏاڍا ساڙ کائڻ لڳا. سو اھي رسولن خلاف اٿي کڙا ٿيا 18۽ کين گرفتار ڪري جيل ۾ وڌائون. 19پر انھيءَ رات خداوند جي ھڪڙي ملائڪ اچي جيل جا دروازا کوليا ۽ رسولن کي ٻاھر ڪڍيائين ۽ کين چيائين تہ 20”وڃو ۽ ھيڪل ۾ بيھي ماڻھن کي ھن نئين زندگيءَ بابت سڀ ڪجھہ ٻڌايو.“ 21انھيءَ حڪم موجب رسول صبح جو سوير ئي ھيڪل ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳا. وڏي سردار ڪاھن ۽ سندس ساٿين يھودين جي سڀني بزرگن کي پاڻ وٽ سڏايو تہ جيئن ڪائونسل جي مڪمل گڏجاڻي ٿئي. پوءِ انھن جيل ڏانھن چوائي موڪليو تہ رسولن کي حاضر ڪيو وڃي. 22پر جڏھن سپاھي اتي پھتا تہ انھن جيل ۾ رسولن کي نہ ڏٺو. سو اھي ڪائونسل ڏانھن موٽي آيا ۽ ٻڌايائون تہ 23”جڏھن اسين اتي پھتاسون تہ اسان جيل کي چڱيءَ طرح ڪلف لڳل ڏٺو ۽ سڀ پھريدار دروازن تي پھرو ڏيئي رھيا ھئا. پر جڏھن اسان دروازا کوليا تہ اسان کي اندر ڪوبہ ماڻھو ڏسڻ ۾ نہ آيو.“ 24جڏھن ھيڪل جي صوبيدار ۽ سردار ڪاھنن اھا ڳالھہ ٻڌي تڏھن وائڙا ٿي ويا. 25ايتري ۾ ھڪ ماڻھو اندر آيو، جنھن اچي کين ٻڌايو تہ ”ڳالھہ ٻڌي اٿوَ، جن ماڻھن کي اوھان جيل ۾ وڌو ھو، سي ھيڪل ۾ بيٺا ماڻھن کي تعليم پيا ڏين.“ 26سو صوبيدار پنھنجن سپاھين سان وڃي رسولن کي موٽائي وٺي آيو. سپاھين رسولن سان ڪابہ زيادتي نہ ڪئي، ڇوتہ ھو ڊڄن پيا تہ متان ماڻھو ساڻن وڙھن. 27ھنن رسولن کي آڻي ڪائونسل جي اڳيان بيھاريو. وڏي سردار ڪاھن کانئن پڇا ڳاڇا ڪندي 28 کين چيو تہ ”اسان اوھان کي سخت تاڪيد ڪيو ھو تہ ھن ماڻھوءَ جي نالي تي تعليم نہ ڏيو. پر اٽلندو اوھان سڄي يروشلم ۾ پنھنجي تعليم پکيڙي ڇڏي آھي، جنھن ۾ اسان کي انھيءَ جي موت جو ذميوار بہ بڻايو ٿا.“ 29پطرس ۽ ٻين رسولن جواب ۾ چيو تہ ”اسان کي ماڻھن جو نہ، پر خدا جو چيو مڃڻ کپي. 30توڙي جو اوھان عيسيٰ کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻي ماري ڇڏيو ھو، تڏھن بہ اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا کيس وري جيئرو ڪيو. 31نہ رڳو ايترو پر خدا کيس مالڪ ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ بنائڻ لاءِ پنھنجي ساڄي پاسي ڏانھن سربلند ڪيو، تہ جيئن بني اسرائيل کي توبھہ ڪرڻ جي توفيق ملي ۽ سندن گناھہ بخشجي وڃن. 32اسين انھن ڳالھين جا شاھد آھيون ۽ پاڪ روح بہ، جو خدا انھن کي ڏنو آھي جيڪي سندس فرمانبردار آھن.“ 33جڏھن ڪائونسل جي ماڻھن اھو ٻڌو تہ اھي ايترا تہ ڪاوڙيا جو رسولن کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا. 34پر انھن مان گملي⁠ايل نالي ھڪڙو فريسي، جيڪو شريعت جو عالم ھو ۽ سڀني ماڻھن ۾ عزت ھئس، سو ڪائونسل جي اڳيان اٿي بيٺو ۽ رسولن کي ٿوري وقت لاءِ ٻاھر وٺي وڃڻ جو حڪم ڏنائين. 35پوءِ ھن ڪائونسل کي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوھين ھنن سان جيڪي ڪريو، سو سنڀالي ڪريو. 36ڪجھہ وقت اڳي ٿيوداس نالي ھڪڙو شخص ظاھر ٿيو ھو، جنھن دعويٰ ڪئي ھئي تہ ھو ھڪ وڏي ھستي آھي. چار ⁠سؤ کن ماڻھو سندس پوئلڳ بہ بڻيا. پر جڏھن ھو ماريو ويو تہ سندس سڀ پوئلڳ ڇڙوڇڙ ٿي ويا ۽ سندس منصوبو مٽيءَ ۾ ملي ويو. 37ان کان پوءِ آدم شماريءَ جي ڏينھن ۾ يھوداہ گليلي ظاھر ٿيو ۽ ھن ڪيترائي ماڻھو پنھنجا پوئلڳ بڻايا، سو بہ چٽ ٿي ويو ۽ سندس سڀيئي پوئلڳ ڇڙوڇڙ ٿي ويا. 38سو ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ ھنن ماڻھن جي خلاف ڪوبہ قدم نہ کڻو ۽ کين ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪڏھن ھنن جو مقصد ۽ ڪم ماڻھن جو ٺھيل ھوندو تہ اھو پاڻھي ختم ٿي ويندو. 39پر جيڪڏھن اھو خدا جي طرفان آھي تہ پوءِ اوھين انھن کي روڪي ڪين سگھندا، پر اٽلندو اوھين خدا جو مقابلو ڪندا.“ ڪائونسل گملي⁠ايل جي صلاح تي عمل ڪيو. 40انھن رسولن کي اندر گھرائي چھبڪ ھڻايا ۽ کين سخت تاڪيد ڪيائون تہ ھو وري عيسيٰ جي نالي تي تعليم نہ ڏين. پوءِ انھن کي ڇڏي ڏنائون. 41رسول ڪائونسل مان خوشيون ڪندي نڪتا جو خدا کين انھيءَ لائق بڻايو تہ عيسيٰ جي نالي جي ڪري سندن بي⁠عزتي ٿي. 42اھي روزانو ھيڪل ۾ ۽ ماڻھن جي گھرن ۾ تعليم ڏيندا ۽ ھن خوشخبريءَ جي تبليغ ڪندا رھيا تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي.

رسولن جا ڪم 6

ستن جو چونڊجڻ

1ٿورن ڏينھن کان پوءِ جيئن ئي شاگردن جو تعداد وڌندو ويو تہ يوناني ٻولي ڳالھائيندڙ يھودين عبراني ٻولي ڳالھائيندڙ يھودين جي خلاف شڪايت ڪئي. يوناني ٻولي ڳالھائيندڙ يھودي ڪرڪڻ لڳا تہ ھنن جي رنن⁠زالن کي روزانو کاڌي جي ورھاست وقت وساريو ٿو وڃي. 2تنھنڪري ٻارھن رسولن سڀني شاگردن کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ چيو تہ ”اھو اسان لاءِ چڱو نہ آھي جو کاڌي پيتي جي ڳالھين جي ڪري اسين خدا جي ڪلام جي تبليغ ڇڏي ڏيون. 3تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پاڻ مان ست معتبر ماڻھو چونڊيو، جيڪي سياڻپ ۽ پاڪ روح سان ڀريل ھجن. اسين انھن کي ھن ڪم جو ذميوار مقرر ڪنداسين. 4پوءِ اسين پاڻ سمورو وقت دعا ۽ تبليغ جي ڪم ۾ گذارينداسين.“ 5رسولن جي صلاح تي سڄو ٽولو خوش ٿيو. سو انھيءَ ٽولي ھنن ماڻھن کي چونڊيو: استيفنس، جيڪو ايمان ۽ پاڪ روح سان ڀريل ھو، فلپس، پرخرس، نيڪانور، تيمون، پرمناس ۽ نيڪلاوء⁠س جيڪو انتاڪيا جو رھاڪو ھو ۽ اڳ غير يھودي ھو. 6ٽولي انھن کي رسولن جي اڳيان حاضر ڪيو، جن دعا گھري ۽ پنھنجا ھٿ انھن تي رکيا. 7اھڙيءَ طرح خدا جو ڪلام پکڙبو ويو ۽ يروشلم ۾ شاگردن جو تعداد بہ وڌندو ويو. ان کان علاوہ ڪاھنن جي ھڪ وڏي ٽولي پڻ ايمان آندو.

استيفنس جي گرفتاري

8استيفنس خدا جي فضل ۽ قدرت سان ڀرجي ماڻھن ۾ ڪيترائي وڏا معجزا ۽ ڪرامتون ڪرڻ لڳو. 9پر ڪن ماڻھن سندس مخالفت ڪئي، جن مان ڪي ”آزاد ٿيل ماڻھن جو عبادت⁠خانو“ نالي ھڪ يھودي عبادت⁠خاني جا ميمبر ھئا ۽ ڪريني ۽ اسڪندريہ کان آيا ھئا ۽ ڪي وري ڪلڪيا ۽ ايشيا پرڳڻي جا ھئا. 10پر پاڪ روح استيفنس کي اھڙي سياڻپ ڏني جو جڏھن ھن ڳالھايو تہ اھي سندس مقابلو ڪري نہ سگھيا. 11تنھن تي ھنن ڪن ماڻھن کي رشوت ڏيئي سيکاريو تہ اھي چون تہ ”اسان ھن کي موسيٰ ۽ خدا بابت ڪفر جون ڳالھيون ڪندي ٻڌو آھي.“ 12اھڙيءَ طرح ھنن خلق کي، بزرگن ۽ شريعت جي عالمن سميت وٺي ڀڙڪايو. اھي استيفنس تي چڙھائي ڪري آيا ۽ کيس گرفتار ڪري ڪائونسل جي اڳيان پيش ڪيائون. 13پوءِ اھي ڪن اھڙن ماڻھن کي اندر وٺي آيا، جيڪي ھن جي مٿان ڪوڙي شاھدي ڏين. انھن ماڻھن چيو تہ ”ھي ماڻھو ھميشہ اسان جي پاڪ ھيڪل ۽ موسيٰ جي شريعت جي خلاف ڳالھائيندو آھي. 14اسان ھن کي ھي چوندي ٻڌو آھي تہ عيسيٰ ناصري ھيڪل کي ڊاھي ڇڏيندو ۽ جيڪي رسم وَ رواج موسيٰ اسان کي ڏيئي ويو آھي تن کي بہ بدلائي ڇڏيندو.“ 15تڏھن جيڪي ڪائونسل ۾ ويٺا ھئا تن استيفنس ڏانھن چتائي نھاريو تہ کين سندس منھن ملائڪ جھڙو ڏسڻ ۾ آيو.

رسولن جا ڪم 7

استيفنس جي تقرير

1وڏي سردار ڪاھن استيفنس کان پڇيو تہ ”ڇا اھو سچ آھي؟“ 2 تنھن تي استيفنس جواب ڏنو تہ ”اي ڀائرو ۽ بزرگو! منھنجي ٻڌو. خداءِ⁠ذوالجلال اسان جي وڏي ابراھيم تي ان وقت ظاھر ٿيو، جڏھن حاران ۾ رھڻ کان اڳ ھو مسوپتاميہ ۾ رھندو ھو. 3خدا کيس چيو تہ ’پنھنجو ڪٽنب ۽ وطن ڇڏي انھيءَ ملڪ ڏانھن وڃ جيڪو آءٌ تو کي ڏيکاريندس.‘ 4 تنھنڪري ھو ڪسدين جي ملڪ کي ڇڏي وڃي حاران ۾ رھڻ لڳو. جڏھن سندس پيءُ مري ويو تڏھن خدا کيس ھن ملڪ ۾ وٺي آيو، جتي اڄ تائين اوھين رھندا ٿا اچو. 5 خدا ابراھيم کي ھن ملڪ ۾ زمين جو ٽڪرو بہ نہ ڏنو، بلڪ ھڪ انچ بہ نہ. پر خدا ساڻس واعدو ڪيو تہ ’اھو ملڪ تو کي ۽ تو کان پوءِ تنھنجي اولاد کي ملڪيت ڪري ڏيندس،‘ جيتوڻيڪ کيس ڪوبہ اولاد ڪونہ ھو. 6 خدا ھيئن بہ چيو تہ ’تنھنجو اولاد ھڪڙي ڌارئي ملڪ ۾ وڃي رھندو، جتي انھن کي چار ⁠سؤ سال غلاميءَ ۾ گذرندا ۽ انھن سان ماڻھو خراب ھلت ھلندا.‘ 7 وري خدا ھيئن بہ چيو تہ ’جنھن قوم جي غلاميءَ ۾ ھو رھندا تنھن کي آءٌ سزا ڏيندس. تنھن کان پوءِ ھو اتان نڪري اچي ھن ھنڌ منھنجي عبادت ڪندا.‘ 8 پوءِ خدا ابراھيم لاءِ طھر کي انھيءَ عھد جي نشانيءَ طور مقرر ڪيو. تنھنڪري ابراھيم پنھنجي پٽ اسحاق جو سندس ڄمڻ کان اٺين ڏينھن تي طھر ڪرايو. اسحاق مان يعقوب ۽ يعقوب مان ٻارھن پٽ پيدا ٿيا، جيڪي ٻارھن قبيلن جا بزرگ ٿيا، تن سڀني جو بہ طھر ڪرايو ويو. 9 اھي بزرگ پنھنجي ڀاءُ يوسف تي ساڙ کائڻ لڳا ۽ کيس انھن ماڻھن وٽ وڪيائون، جيڪي ھن کي غلام ڪري مصر ڏانھن وٺي ويا. پر خدا ھن ساڻ ھو 10 ۽ کيس سڀني مصيبتن مان سلامتيءَ سان پار ڪيائين ۽ دانائي بخشيائينس، جنھن ڪري ھو مصر جي بادشاھہ فرعون وٽ قبول پيو. فرعون يوسف کي مصر جو حاڪم ۽ پنھنجي محلات جو مالڪ بڻايو. 11 تنھن کان پوءِ مصر ۽ ڪنعان ۾ اچي ڏڪار پيو، جنھن ڪري ڏاڍي مصيبت پيدا ٿي. اسان جي وڏن کي ڪوبہ کاڌو ملي نہ ٿي سگھيو. 12پر جڏھن يعقوب ٻڌو تہ مصر ۾ اناج آھي تڏھن ھن پنھنجي پٽن يعني اسان جي وڏن کي پھريون دفعو اوڏانھن موڪليو. 13 ٻئي دفعي يوسف پنھنجي ڀائرن کي پاڻ سڃاڻايو ۽ فرعون کي يوسف جي ڪٽنب جي خبر پئجي ويئي. 14 تنھنڪري يوسف پنھنجي پيءُ يعقوب ۽ پنھنجي سڄي ڪٽنب کي پاڻ وٽ گھرايو. اھي جملي پنجھتر ڄڻا ھئا. 15 پوءِ يعقوب مصر ڏانھن ويو جتي ھو ۽ اسان جا وڏا مري ويا. 16 انھن جا لاش کڻي وڃي شڪم جي انھيءَ قبرستان ۾ دفن ڪيائون، جيڪو ابراھيم شڪم ۾ حمور جي پٽن کان پيسن سان خريد ڪيو ھو. 17 جڏھن ابراھيم سان خدا جي ڪيل واعدي جو مدو پورو ٿيڻ تي آيو تہ مصر ۾ اسان جي ماڻھن جو تعداد وڌي گھڻو ٿي ويو. 18پوءِ ھڪڙو ٻيو بادشاھہ مصر ۾ حڪومت ڪرڻ لڳو، جيڪو يوسف کي نہ سڃاڻيندو ھو. 19 انھيءَ اسان جي قوم سان ڊوھہ ڪري اسان جي ابن ڏاڏن سان تمام گھڻا ظلم ڪندي کين مجبور ڪيو جو ھو پنھنجن ٻارڙن کي گھر کان ٻاھر اڇلائي ڇڏيندا ھئا تہ ڀل اھي مري وڃن. 20 انھن ڏينھن ۾ موسيٰ ڄائو جيڪو ڏاڍو سھڻو ھو. ھو ٽي مھينا پنھنجي پيءُ جي گھر ۾ پليو. 21 جڏھن انھيءَ کي گھر کان ٻاھر اڇلايائون تہ فرعون جي ڌيءَ کيس کڻي ورتو ۽ پنھنجو پٽ ڪري پاليائينس. 22ھن کي مصرين جي سڄي حڪمت جو علم سيکاريو ويو ۽ ھو ڳالھائڻ توڙي ڪم ڪرڻ ۾ طاقتور ٿي پيو. 23 جڏھن موسيٰ چاليھن سالن جي عمر جو ٿيو تہ ھن ارادو ڪيو تہ ’آءٌ وڃي پنھنجي قوم وارن کي ڏسان.‘ 24ھن وڃي ڏٺو تہ سندس قوم بني اسرائيل جي ھڪڙي ماڻھوءَ سان ڪو مصري ظلم پيو ڪري. تنھنڪري موسيٰ انھيءَ جي مدد ڪرڻ ويو ۽ انھيءَ مصريءَ کي ماري ھن جو بدلو ورتائين. 25موسيٰ سمجھيو ھو تہ ’منھنجي قوم وارا سمجھندا تہ خدا منھنجي وسيلي کين ظلم کان ڇوٽڪارو ڏيندو،‘ پر ھنن نہ سمجھيو. 26ٻئي ڏينھن ھن بني اسرائيل جي ٻن ماڻھن کي پاڻ ۾ وڙھندي ڏٺو ۽ انھن ۾ صلح ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين تہ ’توھين پاڻ ۾ ڀائر آھيو، سو ڇو ٿا ھڪٻئي سان وڙھو؟‘ 27پر جيڪو ظلم ڪري رھيو ھو تنھن موسيٰ کي ڌڪو ڏنو ۽ چيائينس تہ ’ڪنھن تو کي اسان تي حاڪم ۽ منصف مقرر ڪيو آھي؟ 28ڇا تون مون کي بہ مارڻ چاھين ٿو، جيئن تو ڪالھہ ھڪ مصريءَ کي ماريو ھو؟‘ 29 موسيٰ ھي ٻڌي وٺي ڀڳو ۽ مديان جي ملڪ ۾ وڃي اجنبي ٿي رھيو، جتي کيس ٻہ پٽ ڄاوا. 30 جڏھن چاليھہ سال گذريا تہ ھن کي ھڪڙي ملائڪ سينا جبل جي ويجھو بيابان ۾ ڏيکاري ڏني، جيڪو ٻرندڙ ٻوڙي مان ظاھر ٿيو. 31موسيٰ ھي نظارو ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو ۽ جڏھن ھو ان کي ڏسڻ جي لاءِ ويجھو ويو، تڏھن ھن خداوند جو آواز ٻڌو تہ 32’آءٌ تنھنجي ابن ڏاڏن جو خدا، ابراھيم، اسحاق ۽ يعقوب جو خدا آھيان.‘ موسيٰ ڏڪي ويو ۽ ان کي ڏسڻ جي ھمت نہ ٿيس. 33خداوند ھن کي چيو تہ ’پنھنجي جتي لاھہ، ڇالاءِ⁠جو جنھن جاءِ تي تون بيٺو آھين سا ھڪ پاڪ زمين آھي. 34بيشڪ مون پنھنجن ماڻھن سان مصر ۾ ظلم ٿيندي ڏٺو آھي، مون انھن جي آھہ ٻڌي آھي ۽ کين بچائڻ لاءِ آيو آھيان. ھاڻي اچ تہ آءٌ تو کي مصر ڏانھن موڪليان.‘ 35 اھو ئي موسيٰ جنھن کي بني اسرائيل قبول نہ ڪيو، بلڪ چيائونس تہ ’ڪنھن تو کي اسان تي حاڪم ۽ منصف مقرر ڪيو آھي؟‘ تنھن کي ئي خدا حاڪم ۽ بچائيندڙ بڻائي، انھيءَ ملائڪ جي وسيلي موڪليو، جنھن ھن کي ٻرندڙ ٻوڙي ۾ ڏيکاري ڏني ھئي. 36 ھي اھو ئي شخص آھي جنھن کين اتان ڪڍيو ۽ مصر ۾، ڳاڙھي سمنڊ وٽ ۽ چاليھن سالن تائين بيابان ۾ عجب جھڙا ڪم ۽ معجزا ڏيکاريندو رھيو. 37 ھي اھو ئي موسيٰ آھي جنھن بني اسرائيل کي چيو تہ ’خدا اوھان لاءِ اوھان مان ئي مون جھڙو ھڪڙو نبي موڪليندو.‘ 38 ھي اھو ئي آھي، جيڪو ان وقت اتي ھو جڏھن سڀيئي بني اسرائيل بيابان ۾ گڏ ٿيا ھئا. اتي ھو اسان جي ابن ڏاڏن سان گڏ ھو ۽ انھيءَ ملائڪ سان گڏ ھو جنھن ھن سان سينا جي جبل تي ڳالھايو ھو. ھي اھو ئي آھي جنھن کي زندہ ڪلام مليو، انھيءَ لاءِ تہ اھو اسان تائين پھچائي. 39پر اسان جي ابن ڏاڏن ھن جي چئي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. انھن کيس ڌڪاري ڇڏيو ۽ انھن جي دلين جو لاڙو مصر ڏانھن ٿيو. 40 انھن ھارون کي چيو تہ ’اسان لاءِ اھڙا ديوتا ٺاھہ، جيڪي اسان جي اڳيان اڳيان ھلن، ڇوتہ جنھن موسيٰ اسان کي مصر مان ڪڍيو ھو تنھن جي خبر نہ آھي تہ ساڻس ڇا ٿيو.‘ 41 انھن ئي ڏينھن ۾ ھنن ھڪڙو بت ٺاھيو، جيڪو گابي جي شڪل جھڙو ھو ۽ انھيءَ بت تي قرباني ڏنائون. ھو پنھنجن ھٿن سان ٺھيل بت کي ڏسي خوشيون ڪرڻ لڳا. 42 پر خدا انھن کان منھن موڙيو ۽ کين ڇڏي ڏنائين تہ وڃي آسمان جي ستارن جي پوڄا ڪن، جيئن نبين جي صحيفي ۾ لکيل آھي تہ ’اي بني اسرائيل وارؤ! ڇا اوھان منھنجي لاءِ بيابان ۾ چاليھن سالن تائين جانور ڪھي قربانيون ڏنيون؟ ڪڏھن بہ نہ، 43پر اوھان مولڪ بت جو خيمو، ۽ ديوتا رفان جي ستاري جو بت پاڻ سان کنيا، جيڪي اوھان پوڄا ڪرڻ لاءِ ٺاھيا ھئا. ھاڻي آءٌ اوھان کي بابل کان بہ پري ڪڍي ڇڏيندس.‘ 44 اسان جي ابن ڏاڏن وٽ بيابان ۾ مقدس خيمو ھو. اھو ائين ئي ٺاھيو ويو ھو جيئن خدا موسيٰ کي ٻڌايو ھو، يعني اھڙي نموني جو جھڙيءَ طرح موسيٰ کي ڏيکاريو ويو ھو. 45 اھو مقدس خيمو اسان جي ابن ڏاڏن کي سندن وڏن کان مليو ھو ۽ اھي تڏھن ان خيمي کي يشوع سان گڏ پاڻ سان کڻي آيا ھئا، جڏھن ھنن انھن قومن جي ملڪ تي وڃي قبضو ڪيو ھو، جن قومن کي خدا سندن اڳيان ڀڄائي ڪڍيو ھو. اھو مقدس خيمو وٽن دائود جي زماني تائين رھيو. 46 دائود خدا وٽ قبول پيو ھو ۽ ھن عرض ڪيو ھو تہ يعقوب جي خدا لاءِ کيس گھر اڏڻ جي اجازت ملي. 47 پر خدا جي گھر جي اڏاوت دائود جي پٽ سليمان جي ھٿان ئي ٿي. 48پر خدا تعاليٰ ھٿن سان جوڙيل گھرن ۾ نہ ٿو رھي، جيئن نبيءَ چيو آھي تہ 49 ’خداوند فرمايو تہ آسمان منھنجو تخت آھي ۽ زمين منھنجي پيرن جي صندلي آھي. سو اوھين منھنجي لاءِ ڪھڙي قسم جو گھر اڏيندا. يا منھنجي آرام جي جاءِ ڪٿي ٺاھيندا؟ 50اھي سڀ شيون ڇا منھنجون ئي ٺاھيل نہ آھن؟‘ 51 اوھين ڪيڏا نہ ضدي آھيو، اوھان جون دليون ڪيڏيون نہ ڦريل آھن ۽ خدا جو پيغام ٻڌڻ لاءِ اوھان جا ڪن ٻوڙا آھن. اوھين ھميشہ پاڪ روح جو مقابلو ڪندا آھيو، جيئن اوھان جا ابا ڏاڏا ڪندا ھئا. 52اھو ڪھڙو نبي ھو جنھن کي اوھان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ ھنن انھن کي بہ مارايو، جن انھيءَ سچار بندي جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني ۽ ھاڻي اوھان پاڻ انھيءَ سان دغابازي ڪري کيس مارايو آھي. 53اوھين اھي آھيو جن کي شريعت ملائڪن جي معرفت ملي، پر اوھان ان تي عمل نہ ڪيو.“

استيفنس کي سنگسار ڪرڻ

54جيئن ئي ڪائونسل جي ماڻھن استيفنس جون اھي ڳالھيون ٻڌيون تہ اھي دل ۾ سڙي ويا ۽ ڪاوڙ ۾ اچي پنھنجا ڏند ڪرٽڻ لڳا. 55پر استيفنس پاڪ روح سان ڀرجي آسمان ڏانھن نھاريو تہ خدا جو جلوو نظر آيس ۽ عيسيٰ کي خدا جي ساڄي پاسي بيٺل ڏٺائين. 56ھن چيو تہ ”اِجھو، مون کي آسمان کليل نظر ٿو اچي ۽ ابن⁠آدم خدا جي ساڄي پاسي بيٺو آھي.“ 57پر ھنن وٺي زور سان واڪا ڪيا، پنھنجا ڪن کڻي بند ڪيائون ۽ گڏجي استيفنس تي حملو ڪيائون. 58ھو کيس شھر مان ٻاھر ڪڍي سنگسار ڪرڻ لڳا. استيفنس مٿان شاھدي ڏيندڙن پنھنجا ڪپڙا شائول نالي ھڪڙي نوجوان وٽ لاھي رکيا. 59پوءِ جيئن انھن استيفنس تي پٿر پئي وسايا تہ ھن خداوند کي سڏي چيو تہ ”اي خداوند عيسيٰ! منھنجو روح قبول ڪر.“ 60ھن گوڏا کوڙي وڏي آواز سان پڪاريو تہ ”خداوند! ھنن جي ھن گناھہ کي نہ ليکجانءِ.“ ايترو چئي ھو مري ويو، جڏھن تہ شائول ھن جي قتل تي راضي ھو.

رسولن جا ڪم 8

شائول جو ڪليسيا کي ستائڻ

1انھيءَ ڏينھن کان وٺي يروشلم ۾ ڪليسيا کي ڏاڍو ستايو ويو. رسولن کان سواءِ سڀيئي ايمان وارا يھوديہ ۽ سامريہ جي علائقن ۾ ٽڙي پکڙي ويا. 2ڪن ديندار ماڻھن استيفنس کي دفنايو ۽ انھيءَ لاءِ ڏاڍو سوڳ ڪيائون. 3 پر شائول ڪليسيا کي تباھہ ڪندو رھيو ۽ گھر گھر ۾ گھڙي ايمان وارن مردن ۽ عورتن کي گھلي جيل ۾ وجھندو رھيو.

سامريہ ۾ خوشخبريءَ جي تبليغ

4جيڪي ايمان وارا ٽڙي پکڙي ويا ھئا، سي جتي بہ ويا اتي انھن ڪلام جي تبليغ ڪئي. 5فلپس سامريہ جي شھر ۾ ويو ۽ اتي ماڻھن ۾ مسيح جي منادي ڪرڻ لڳو. 6جڏھن ماڻھن فلپس جي تبليغ ٻڌي ۽ اھي معجزا ڏٺا جيڪي فلپس ڪيا، تڏھن سڀيئي گڏجي سندس ڳالھيون دل سان ٻڌڻ لڳا. 7ڪيترن ئي ماڻھن مان ڀوت وڏي واڪي نڪرندا پئي ويا ۽ ڪيترا ئي اڌرنگي ۽ منڊا ماڻھو چڱا ڀلا ٿي ويا. 8تنھنڪري انھيءَ شھر ۾ ڏاڍيون خوشيون ٿيڻ لڳيون. 9انھيءَ شھر ۾ شمعون نالي ھڪ ماڻھو رھندو ھو، جنھن ڪجھہ وقت تائين سامريہ جي ماڻھن کي پنھنجي جادوگريءَ سان حيرت ۾ وجھي ڇڏيو ھو. ھو دعويٰ ڪندو ھو تہ ”آءٌ ھڪ وڏي ھستي آھيان.“ 10شھر جا ننڍا توڙي وڏا کيس مڃيندا ھئا ۽ انھيءَ ماڻھوءَ کي خدا جي عظيم قدرت ڪري چوندا ھئا. 11ھو کيس ان ڪري مڃيندا ھئا جو ھن ڪيتري وقت تائين انھن کي پنھنجي جادوگريءَ جي وسيلي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو ھو. 12پر جڏھن فلپس خدا جي بادشاھت جي خوشخبري ۽ عيسيٰ مسيح جي نالي جي منادي ڪئي تہ انھن مردن ۽ عورتن ايمان آندو ۽ بپتسما ورتائون. 13شمعون پاڻ بہ ايمان آندو ۽ بپتسما وٺي فلپس سان گڏ رھڻ لڳو. ھو وڏا وڏا معجزا ۽ ڪرامتون ٿيندي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو. 14جڏھن يروشلم ۾ رسولن ٻڌو تہ سامريہ جي ماڻھن خدا جو ڪلام قبول ڪيو آھي، تڏھن يوحنا ۽ پطرس کي انھن ڏانھن موڪليائون. 15اھي جڏھن اتي پھتا تہ انھن لاءِ دعا گھريائون تہ کين پاڪ روح ملي، 16ڇالاءِ⁠جو اڃا انھن تي پاڪ روح نازل نہ ٿيو ھو. انھن رڳو خداوند عيسيٰ جي نالي تي بپتسما ورتي ھئي. 17پوءِ پطرس ۽ يوحنا پنھنجا ھٿ انھن جي مٿان رکيا تہ کين پاڪ روح ملي ويو. 18شمعون جڏھن ڏٺو تہ رسولن جي ھٿن رکڻ سان پاڪ روح ٿو ملي، تڏھن يوحنا ۽ پطرس کي پيسا آڇيائين 19۽ چيائين تہ ”مون کي بہ اھا اختياري ڏيو تہ جنھن تي پنھنجا ھٿ رکان تہ ان کي پاڪ روح ملي.“ 20تنھن تي پطرس جواب ڏنس تہ ”شل تون ۽ تنھنجا پيسا ٻئي جھنم ۾ پئو، جو تون سمجھين ٿو تہ ’خدا جي بخشش پيسن سان خريد ڪريان.‘ 21ھن ڪم ۾ تنھنجو اسان سان ڪوبہ واسطو يا حصو نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي دل اڃا خدا ڏانھن صاف نہ ٿي آھي. 22تنھنڪري پنھنجي انھيءَ بڇڙائيءَ تي توبھہ ڪر ۽ خداوند کان دعا گھر تہ شل تو کي تنھنجي دل جي انھيءَ بڇڙي خيال جي معافي ملي.“ 23پطرس وڌيڪ چيس تہ ”مون کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو تہ تون ڪو ڏاڍو ساڙ ۾ سڙيل ۽ گناھن ۾ گرفتار آھين.“ 24تنھن تي پطرس ۽ يوحنا کي شمعون چيو تہ ”اوھين منھنجي لاءِ خداوند کان دعا گھرو تہ جيڪي ڳالھيون اوھان چيون آھن تن مان ڪابہ مون سان نہ ٿئي.“ 25خدا جي ڪلام ٻڌائڻ ۽ پنھنجي شاھدي ڏيڻ کان پوءِ پطرس ۽ يوحنا يروشلم ڏانھن موٽيا ۽ واٽ تي سامريہ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ خوشخبريءَ جي منادي ڪيائون.

فلپس ۽ حبش جو آفيسر

26خداوند جي ھڪڙي ملائڪ فلپس کي چيو تہ ”تيار ٿيءُ ۽ ڏکڻ طرف ان رستي سان وڃ، جيڪو يروشلم کان غزہ ڏانھن بيابان مان وڃي ٿو.“ 27فلپس تيار ٿيو ۽ اوڏانھن ويو پئي تہ رستي ۾ کيس ھڪڙو حبش جو ماڻھو مليو جيڪو کدڙو ھو. ھي ماڻھو حبش جي راڻيءَ جي سڄي خزاني جو وزير ھو ۽ يروشلم ۾ خدا جي عبادت ڪرڻ لاءِ ويو ھو. 28ھو گاڏيءَ ۾ پنھنجي وطن ڏانھن موٽي رھيو ھو ۽ رستي سان يسعياہ نبيءَ جو پاڪ ڪتاب پڙھندو پئي ويو. 29پاڪ روح فلپس کي چيو تہ ”ويجھو وڃي انھيءَ گاڏيءَ سان گڏج.“ 30تڏھن فلپس ڊوڙي وٽس ويو ۽ ھن کي يسعياہ نبيءَ جو پاڪ ڪتاب پڙھندي ٻڌائين. فلپس کانئس پڇيو تہ ”جيڪي توھين پڙھو ٿا، سو سمجھو بہ ٿا يا نہ؟“ 31تنھن تي ھن چيو تہ ”جيستائين ڪو مون کي نہ سمجھائيندو تيستائين آءٌ ڪيئن سمجھندس؟“ پوءِ ھن فلپس کي عرض ڪيو تہ ”اچي مون سان گڏ ويھو.“ 32 پاڪ ڪتاب جو جيڪو حصو انھيءَ پڙھيو پئي سو ھي آھي تہ ”ھو ھڪڙي رڍ وانگر آھي، جنھن کي ڪھڻ لاءِ وٺي ويا، ۽ جھڙيءَ طرح ڪو گھيٽو پنھنجي اُن ڪترڻ واري جي اڳيان گونگو ٿي بيھندو آھي، تھڙيءَ طرح ھن بہ ٻڙڪ نہ ڪڇي. 33ساڻس جٺ ڪيائون ۽ سندس انصاف ڪين ٿيو. سندس پيڙھيءَ جو احوال ڪير بيان ڪندو؟ ڇالاءِ⁠جو سندس جان زمين تان کڄي ويئي.“ 34آفيسر فلپس کي چيو تہ ”مھرباني ڪري ٻڌايو تہ ھيءُ نبي ڪنھن بابت ٿو چوي؟ ھو پنھنجي بابت ٿو چوي يا ڪنھن ٻئي بابت؟“ 35فلپس ڳالھائڻ لڳو ۽ پاڪ ڪتاب کي انھيءَ ھنڌ کان شروع ڪري کيس عيسيٰ جي خوشخبري ٻڌايائين. 36‏-37اھي اڳتي ھلندي ھلندي ھڪڙي اھڙي جاءِ تي اچي پھتا جتي پاڻي ھو. تنھن تي آفيسر چيو تہ ”اِجھو، ھي پاڻي بہ موجود آھي تہ پوءِ مون کي بپتسما وٺڻ کان ڪھڙي جھل آھي؟“ 38سو آفيسر گاڏيءَ کي بيھارڻ جو حڪم ڏنو. ھو ۽ فلپس ٻئي ھيٺ پاڻيءَ ۾ لٿا ۽ فلپس کيس بپتسما ڏني. 39‏-40جڏھن اھي پاڻيءَ مان ٻاھر نڪتا تہ خداوند جو پاڪ روح فلپس کي کڻي ويو ۽ ھو ازوتس ۾ وڃي نڪتو. آفيسر وري کيس ڏسي نہ سگھيو، پر خوش خوش پنھنجو رستو وٺي ھليو ويو. فلپس ازوتس کان وٺي واٽ ۾ سڀني شھرن ۾ خوشخبري ٻڌائيندو ويو، تان جو اچي قيصريہ ۾ پھتو.

رسولن جا ڪم 9

شائول ۾ تبديلي

1شائول خداوند جي شاگردن کي ڌمڪائيندو ۽ کين قتل ڪرڻ جا دڙڪا ڏيندو رھيو. ھو وڏي سردار ڪاھن وٽ ويو 2۽ چيائينس تہ ”مون کي دمشق جي يھودي عبادت⁠خانن لاءِ ڪي اھڙي مضمون جا خط لکي ڏيو تہ جن بہ مردن توڙي عورتن کي انھيءَ طريقي تي ڏسان تہ کين گرفتار ڪري يروشلم ۾ وٺي اچان.“ 3واٽ ويندي جڏھن ھو دمشق جي ويجھو پھتو، تڏھن اوچتو آسمان مان ھڪڙي روشني اچي سندس چوڌاري چمڪڻ لڳي. 4ھو زمين تي ڪري پيو ۽ ھڪڙو آواز ٻڌائين تہ ”اي شائول! اي شائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟“ 5ھن پڇيو تہ ”خداوند! تون ڪير آھين؟“ آواز چيو تہ ”آءٌ عيسيٰ آھيان، جنھن کي تون ستائين ٿو. 6ھاڻي اُٿ ۽ شھر ۾ وڃ، جتي تو کي ٻڌايو ويندو تہ تو کي ڇا ڪرڻ گھرجي.“ 7جيڪي ماڻھو شائول سان گڏ وڃي رھيا ھئا، سي بيھي رھيا ۽ وائڙا ٿي ويا. انھن آواز تہ ٻڌو پر ڪوبہ ڏسڻ ۾ نہ آين. 8شائول زمين تان اٿيو ۽ پنھنجون اکيون کوليائين، پر ھو ڏسي نہ ٿي سگھيو. سو انھن کيس ھٿ کان وٺي دمشق ۾ آندو. 9ھو ٽن ڏينھن تائين انڌو ھو ۽ ان عرصي ۾ ھن نہ کاڌو ۽ نہ ڪجھہ پيتو. 10دمشق ۾ ھڪ شاگرد ھو، جنھن جو نالو حنانياہ ھو. ھن رويا ڏٺي، جنھن ۾ خداوند کيس چيو تہ ”حنانياہ!“ ھن وراڻيو تہ ”حاضر منھنجا خداوند.“ 11خداوند ھن کي چيو تہ ”اٿ ۽ سنئين نالي گھٽيءَ ۾ يھوداہ جي گھر وڃي ترسس واري ماڻھوءَ جي پڇا ڪر، جنھن جو نالو شائول آھي. ھو دعا گھري رھيو ھوندو. 12رويا ۾ ھن ڏٺو آھي تہ حنانياہ نالي ھڪ ماڻھوءَ اچي سندس مٿان پنھنجا ھٿ رکيا آھن تہ جيئن ھو وري ڏسڻ جھڙو ٿئي.“ 13حنانياہ چيو تہ ”خداوند! ڪيترن ئي ماڻھن مون کي انھيءَ شخص بابت ٻڌايو آھي تہ ھن تنھنجي ماڻھن سان يروشلم ۾ ڪيڏيون نہ جٺيون ڪيون آھن. 14ھو ھتي بہ انھيءَ لاءِ آيو آھي تہ وڏن سردار ڪاھنن جي اختياريءَ سان انھن ماڻھن کي گرفتار ڪري جيڪي تنھنجو نالو وٺن ٿا.“ 15خداوند ھن کي چيو تہ ”وڃ، ڇاڪاڻ⁠تہ مون ھن کي پنھنجي خدمت واسطي چونڊيو آھي تہ ھو منھنجو نالو غير قومن، سندن بادشاھن ۽ بني اسرائيل اڳيان ظاھر ڪري. 16آءٌ پاڻ ھن کي ڏيکاريندس تہ منھنجي نالي جي ڪري کيس ڪيترا نہ ڏک سھڻا پوندا.“ 17سو حنانياہ ويو ۽ ان گھر ۾ گھڙي پنھنجا ھٿ شائول جي مٿان رکيائين ۽ چيائينس تہ ”شائول ڀاءُ! خداوند عيسيٰ پاڻ مون کي موڪليو آھي، جنھن تو کي رستي ۾ ڏيکاري ڏني، جڏھن تون ھيڏانھن اچي رھيو ھئين. ھن مون کي انھيءَ لاءِ موڪليو آھي تہ تو کي وري ديد ملي ۽ تون پاڪ روح سان ڀرجي وڃين.“ 18ھڪدم ڪا شيءِ مڇيءَ جي ڇلڙ وانگر شائول جي اکين مان ڪري پيئي ۽ ھو وري ڏسڻ وائسڻ لڳو. ھو اٿي بيٺو ۽ بپتسما ورتائين. 19پوءِ کاڌي کائڻ سان سندس طاقت موٽي آئي.

شائول جو دمشق ۾ تبليغ ڪرڻ

شائول دمشق ۾ ڪجھہ ڏينھن تائين شاگردن سان گڏ رھيو. 20ھو جلد ئي يھودي عبادت⁠خانن ۾ وڃي عيسيٰ بابت تبليغ ڪرڻ لڳو تہ ھو خدا جو فرزند آھي. 21جن بہ ھن جي اھا ڳالھہ ٻڌي، سي سڀ حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ھي اھو ناھي ڇا، جو جيڪي ⁠بہ يروشلم ۾ عيسيٰ جو نالو وٺندا ھئا تن کي ھو ستائيندو ھو ۽ ھتي بہ انھيءَ ارادي سان آيو ھو تہ انھن ماڻھن کي گرفتار ڪري سردار ڪاھنن وٽ وٺي وڃي؟“ 22پر شائول جي تبليغ ڏينھون ڏينھن زور وٺندي ويئي ۽ جيڪي يھودي دمشق ۾ رھندا ھئا تن کي منجھائي ڇڏيائين، جو ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي. 23 گھڻن ڏينھن گذرڻ کان پوءِ يھودين گڏجي سازش سٽي تہ شائول کي قتل ڪجي. 24پر شائول کي سندن سازش جي خبر پئجي ويئي تہ اھي رات ڏينھن شھر جي دروازن تي پھرو ڏيندا رھن ٿا تہ جيئن کيس مارين. 25سو سندس شاگردن رات جي وقت ھن کي ھڪڙي کاريءَ ۾ ويھاري شھر جي ڀت کان ھيٺ لاھي ڇڏيو.

شائول يروشلم ۾

26پوءِ شائول يروشلم ۾ اچي پھتو ۽ شاگردن ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪيائين. پر اھي سڀيئي کانئس ڊنا ٿي، جو اعتبار ئي نہ ٿي آين تہ ھو بہ ڪو شاگرد آھي. 27تڏھن برنباس ھن جي مدد ڪئي ۽ کيس رسولن وٽ وٺي آيو. ھن انھن کي سمجھايو تہ شائول ڪيئن خداوند کي رستي ۾ ڏٺو ۽ ڪيئن خداوند ھن سان ڳالھايو. ھن اھو بہ ٻڌاين تہ شائول دمشق ۾ ڪيڏي نہ دليريءَ سان عيسيٰ جي نالي جي تبليغ ڪئي. 28پوءِ شائول شاگردن سان گڏ يروشلم ۾ ايندو ويندو ھو ۽ دليريءَ سان خداوند جي نالي جي تبليغ پيو ڪندو ھو. 29ھو يوناني ڳالھائيندڙ يھودين سان گفتگو ۽ بحث بہ پيو ڪندو ھو، پر اھي کيس مارڻ جا وجھہ پيا ڳوليندا ھئا. 30جڏھن ڀائرن کي اھا خبر پيئي تہ ھو شائول کي قيصريہ ۾ وٺي آيا ۽ پوءِ کيس ترسس ڏانھن موڪلي ڇڏيائون. 31انھيءَ کان پوءِ سڄي يھوديہ، گليل ۽ سامريہ جي ڪليسيائن کي امن حاصل ٿيو. اھي قائم ٿينديون ويون ۽ خداوند جي خوف ۽ پاڪ روح جي مدد سان وڌنديون ويون.

پطرس لدہ ۽ يافا ۾

32پطرس سڄي ملڪ ۾ گھمندو رھيو ۽ ھڪڙي ڏينھن ھو خداوند جي انھن ماڻھن سان ملڻ ويو، جيڪي لدہ ۾ رھندا ھئا. 33اتي ھن اينياس نالي ھڪ اھڙي ماڻھوءَ کي ڏٺو، جيڪو اڌرنگي جي بيماريءَ ۾ ورتل ھو ۽ اٺن سالن کان وٺي کٽولي تي پيو ھو. 34پطرس ھن کي چيو تہ ”اي اينياس! عيسيٰ مسيح تو کي ڇٽائي چڱو ڀلو ٿو ڪري. سو اٿ ۽ اٿي پنھنجو ھنڌ ويڙھہ.“ ھو ھڪدم اٿي کڙو ٿيو. 35لدہ ۽ شارون جي سڀني ماڻھن جڏھن کيس چڱو ڀلو ڏٺو تڏھن ھنن خداوند عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو. 36يافا ۾ ھڪڙي شاگردياڻي رھندي ھئي، جنھن جو نالو طبيٿا يعني دورڪاس ھو. ھوءَ گھڻا ئي نيڪ ڪم ۽ خير خيراتون ڪندي ھئي. 37انھن ڏينھن ۾ ھوءَ بيمار ٿي پيئي ۽ مري ويئي. ھن جي لاش کي غسل ڏيئي ماڙيءَ تي ھڪڙي ڪوٺيءَ ۾ رکيائون. 38جيئن تہ لدہ، يافا جي ڀرسان ھو، تنھنڪري شاگردن کي خبر پيئي تہ پطرس اتي آھي. پوءِ انھن ٻہ ماڻھو ھن ڏانھن موڪليا ۽ منٿ ڪيائونس تہ ”اسان وٽ جلدي ھليو اچ.“ 39پطرس اٿي انھن سان گڏ روانو ٿيو ۽ جڏھن ھو اتي پھتو تہ اھي کيس ماڙيءَ تي وٺي ويا. سڀيئي رنون⁠زالون ھن جي ڀرسان بيھي روئڻ لڳيون ۽ کيس دورڪاس جا ٺھيل پھراڻ ۽ ڪپڙا ڏيکارڻ لڳيون، جيڪي ھوءَ انھن سان گڏ ٺاھيندي ھئي. 40پطرس انھن سڀني کي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو ۽ گوڏن ڀر ويھي دعا گھريائين. پوءِ ميت ڏانھن منھن ڪري چوڻ لڳو تہ ”اي طبيٿا! اٿ.“ تنھن تي ھن اکيون کوليون ۽ پطرس کي ڏسي اٿي ويٺي. 41پطرس کيس ھٿ کان وٺي اٿاريو ۽ ايمان وارن ۽ رنن⁠زالن کي سڏي جيئري جاڳندي طبيٿا سندن حوالي ڪيائين. 42ھيءَ ڳالھہ سڄي يافا ۾ مشھور ٿي ويئي ۽ ڪيترن ئي خداوند تي ايمان آندو. 43پوءِ پطرس ڪيترائي ڏينھن يافا ۾ شمعون نالي موچيءَ وٽ رھيل ھو.

رسولن جا ڪم 10

پطرس ۽ ڪرنيليس

1قيصريہ ۾ ڪرنيليس نالي ھڪ ماڻھو ھو، جيڪو رومي لشڪر جي اِٽليءَ واري پلٽڻ ۾ صوبيدار ھو. 2ھو ۽ ھن جو سڄو ڪٽنب ديندار ھو ۽ خدا کان ڊڄندا ھئا. غريب يھودين جي ھو ڏاڍي مدد ڪندو ھو ۽ ھر وقت خدا کان پيو دعا گھرندو ھو. 3ھڪڙي ڏينھن ٽپھريءَ جو ھن رويا ۾ خدا جي ھڪڙي ملائڪ کي چٽيءَ طرح ڏٺو، جنھن چيس تہ ”اي ڪرنيليس!“ 4ھن ملائڪ ڏانھن ڊپ وچان ڏسندي چيو تہ ”جي سائين؟“ ملائڪ چيس تہ ”خدا تنھنجون دعائون ۽ خيراتون قبول ڪيون آھن ۽ تو کي ياد فرمايو اٿس. 5ھاڻي تون ڪي ماڻھو يافا ڏانھن موڪل، جيڪي انھيءَ ماڻھوءَ کي وٺي اچن جنھن جو نالو شمعون آھي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آھن. 6ھو شمعون نالي ھڪ موچيءَ وٽ ٽڪيل آھي جنھن جو گھر سمنڊ جي ڪناري تي آھي.“ 7پوءِ جيڪو ملائڪ ساڻس ڳالھائي پيو سو ھليو ويو. ڪرنيليس پنھنجن ٻن نوڪرن ۽ ھڪ ديندار سپاھيءَ کي گھرايو، جيڪو ھن جو اردلي ھو. 8ھن انھن کي سڄي ڳالھہ ٻڌائي ۽ کين يافا ڏانھن موڪليائين. 9ٻئي ڏينھن تي جڏھن اھي رستي ۾ ئي ھئا ۽ شھر کي اچي ويجھا ٿيا تہ پطرس اٽڪل ٻنپھرن جو ڪوٺي تي دعا گھرڻ لاءِ چڙھيو. 10ھن کي بک لڳي ۽ چاھيائين تہ ”ڪجھہ کاوان.“ پر جڏھن کاڌو اڃا تيار پئي ٿيو تہ ھن کي رويا ٿي. 11ھن ڏٺو تہ آسمان کلي پيو آھي ۽ ڪا شيءِ وڏيءَ چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي زمين طرف ھيٺ لھي رھي آھي. 12ان ۾ سڀني قسمن جا جانور، جيت ۽ پکي ھئا. 13ھڪ آواز آيس تہ ”اي پطرس! اٿ ۽ اھي ڪھي کاءُ.“ 14پر پطرس چيو تہ ”اي خداوند! ھرگز نہ، ڇالاءِ⁠جو مون ڪڏھن بہ ڪا حرام يا پليت شيءِ ڪانہ کاڌي آھي.“ 15وري آواز آيس تہ ”جنھن کي خدا پاڪ ڪيو آھي، تنھن کي پليت نہ چئُہ.“ 16ٽي دفعا ائين ٿيو ۽ پوءِ اھا شيءِ وري آسمان ڏانھن کڄي ويئي. 17پطرس پاڻ تي حيران ھو تہ ”جيڪا رويا مون ڏٺي تنھن جو مطلب ڇا آھي؟“ ايتري ۾ اھي ماڻھو جيڪي ڪرنيليس موڪليا ھئا، تن شمعون موچيءَ جو گھر ڳولي لڌو ۽ ھاڻي اچي سندس دروازي تي بيٺا ھئا. 18ھنن سڏ ڪري پڇيو تہ ”شمعون جيڪو پطرس سڏائيندو آھي، سو ھن گھر ۾ ٽڪيل آھي ڇا؟“ 19پطرس اڃا تائين سوچي رھيو ھو تہ انھيءَ رويا جو مطلب ڇا آھي تہ پاڪ روح کيس چيو تہ ”ٻڌ، ٽي ماڻھو تو کي ڳولي رھيا آھن. 20سو اٿ ۽ ھيٺ لھي وڃ. انھن سان گڏ وڃڻ کان نہ گھٻرائجانءِ، ڇوتہ مون ئي انھن کي موڪليو آھي.“ 21تنھن تي پطرس ھيٺ لھي ويو ۽ انھن ماڻھن کي چيائين تہ ”آءٌ اھو آھيان، جنھن کي اوھين ڳولي رھيا آھيو. اوھين ڪيئن آيا آھيو؟“ 22انھن وراڻيو تہ ”صوبيدار ڪرنيليس اسان کي موڪليو آھي. ھو ھڪ نيڪ ۽ خدا ترس ماڻھو آھي ۽ يھودين جي سڄي قوم ۾ ڏاڍي ساراھہ اٿس. ھن کي خدا جي ھڪڙي پاڪ ملائڪ چيو آھي تہ ھو تو کي پنھنجي گھر سڏائي تنھنجي واتان تنھنجون ڳالھيون ٻڌي.“ 23پطرس ماڻھن کي اندر وٺي ويو ۽ کين رات اتي ٽڪايائين. ٻئي ڏينھن تي ھو تيار ٿي انھن سان گڏ روانو ٿيو ۽ ڪي ڀائر يافا مان بہ ھن سان گڏ ھليا. 24ٽئين ڏينھن تي ھو قيصريہ ۾ پھتو، جتي ڪرنيليس ھن جو انتظار ڪري رھيو ھو ۽ ھن پنھنجن مائٽن ۽ گھاٽن دوستن کي بہ پاڻ وٽ گھرايو ھو. 25جڏھن پطرس اندر گھڙڻ لڳو تہ ڪرنيليس اچي ساڻس مليو ۽ سندس پيرن تي ڪري سجدو ڪيائينس. 26پر پطرس کيس مٿي اٿاريندي چيو تہ ”اٿو، آءٌ پاڻ ھڪ انسان آھيان.“ 27پطرس ڪرنيليس سان ڳالھيون ڪندو اندر ويو ۽ ڏٺائين تہ ڪيترائي ماڻھو اچي گڏ ٿيا آھن. 28پطرس انھن کي چيو تہ ”اوھين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ يھودين جي مذھب ۾ جائز نہ آھي تہ ھو ڪنھن غير قوم واري سان ملن جلن يا دوستي رکن. پر خدا مون کي صاف چيو آھي تہ آءٌ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي پليت يا گھٽ نہ سمجھان. 29اھو ئي سبب آھي جو جڏھن مون کي گھرايو ويو تہ آءٌ سواءِ ڪنھن اعتراض جي ھليو آيس. ھاڻي ٻڌايو تہ مون کي ڇو گھرايو اٿوَ؟“ 30ڪرنيليس چيس تہ ”چئن ڏينھن جي ڳالھہ آھي تہ آءٌ پنھنجي گھر ۾ ٽپھريءَ جي وقت دعا گھري رھيو ھوس تہ اوچتو ھڪ ماڻھو تجليدار پوشاڪ سان منھنجي اڳيان اچي بيٺو 31۽ چيائين تہ ’اي ڪرنيليس! خدا تنھنجون دعائون ٻڌيون آھن ۽ تنھنجون خيراتون قبول پيون آھن. 32سو ڪنھن ماڻھوءَ کي يافا ڏانھن موڪلي انھيءَ ماڻھوءَ کي گھراءِ جنھن جو نالو شمعون آھي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آھن. ھو شمعون موچيءَ وٽ ٽڪيل آھي، جنھن جو گھر سمنڊ جي ڪناري تي آھي.‘ 33تنھنڪري مون جلدي اوھان کي گھرايو ۽ اھا اوھان جي وڏي مھرباني آھي جو اوھين آيا آھيو. ھاڻي اسين سڀ انھيءَ لاءِ خدا جي آڏو حاضر ٿيا آھيون تہ جيڪي خداوند اوھان کي ٻڌائڻ لاءِ حڪم ڏنو آھي سو ٻڌون.“

پطرس جي تقرير

34 پوءِ پطرس ھيئن چوڻ لڳو تہ ”ھاڻي مون کي پڪ آھي تہ خدا سڀني سان ھڪجھڙو ھلي ٿو. 35پر سڀ ڪنھن قوم مان جيڪو بہ خدا کان ڊڄي ٿو ۽ نيڪي ڪري ٿو سو وٽس قبول پوي ٿو. 36اھو ڪلام جيڪو امن جي خوشخبري آھي سو خدا بني اسرائيل قوم ڏانھن عيسيٰ مسيح جي وسيلي موڪليو، جيڪو سڀني جو خداوند آھي. 37انھيءَ واقعي جي اوھان کي پاڻ خبر آھي، جيڪو يحيٰ جي بپتسما واري تبليغ کان پوءِ سڄي يھوديہ ۾ مشھور ٿي ويو ۽ جنھن جي شروعات گليل کان ٿي. 38اوھان کي اھا بہ خبر آھي تہ ڪيئن خدا عيسيٰ ناصريءَ کي پاڪ روح ۽ قدرت سان مسح ڪري چونڊيو ھو. ھو ھرھنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو ھو ۽ جن ماڻھن تي شيطان جو غلبو ھو تن کي شفا ڏيندو ھو، ڇالاءِ⁠جو خدا انھيءَ سان ھو. 39اسين انھن سڀني ڪمن جا شاھد آھيون، جيڪي ھن يھودين جي ملڪ ۽ يروشلم شھر ۾ ڪيا ھئا. پر انھن کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻي ماريو. 40خدا ٽئين ڏينھن تي کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو ۽ پڌرو ڪري ڏيکاريو. 41خدا سڄيءَ قوم کي نہ، بلڪ انھن شاھدن کي پڌرو ڪري ڏيکاريو جن کي اڳي ئي چونڊي ڇڏيو ھئائين، يعني اسان کي. اسين ئي ساڻس گڏ کائيندا پيئندا ھئاسون، جڏھن خدا کيس وري جيئرو ڪري اٿاريو ھو. 42عيسيٰ مسيح اسان کي حڪم ڏنو تہ اسين ماڻھن ۾ تبليغ ڪريون ۽ شاھدي ڏيون تہ ھو ئي اھو آھي جنھن کي خدا مئلن ۽ جيئرن جو انصاف ڪندڙ مقرر ڪيو آھي. 43انھيءَ بابت سڀني نبين جي شاھدي آھي تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو، تنھن جا گناھہ سندس نالي جي وسيلي بخشيا ويندا.“

غير قومن کي پاڪ روح جو ملڻ

44جڏھن پطرس اڃا ڳالھايو ئي پئي تہ انھن سڀني تي پاڪ روح نازل ٿيو، جيڪي ڪلام ٻڌي رھيا ھئا. 45ايمان وارا يھودي جيڪي يافا کان پطرس سان گڏجي آيا ھئا، سي حيران ٿي ويا تہ خدا پنھنجي بخشش، يعني پاڪ روح غير قومن تي بہ نازل ڪري ٿو، 46ڇالاءِ⁠جو انھن کي جدا جدا ٻوليون ڳالھائيندي ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي ٻڌائون. تنھن تي پطرس کين چيو تہ 47”ھنن ماڻھن کي اسان وانگر ئي پاڪ روح مليو آھي. ھاڻي انھن کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيڻ کان ڪير روڪي سگھي ٿو؟“ 48سو ھن حڪم ڏنو تہ ”انھن کي عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما ڏني وڃي.“ پوءِ انھن پطرس کي عرض ڪيو تہ ”مھرباني ڪري ڪجھہ ڏينھن اسان وٽ ٽڪي پئو.“

رسولن جا ڪم 11

پطرس جو پنھنجا ڪم بيان ڪرڻ

1رسولن ۽ سڄي يھوديہ ۾ ڀائرن ٻڌو تہ غير قومن بہ خدا جو ڪلام قبول ڪيو آھي. 2جڏھن پطرس يروشلم ۾ آيو تہ جيڪي ايمان وارا طھر ڪرائڻ جي حق ۾ ھئا، تن ساڻس بحث ڪيو تہ 3”تون نہ رڳو اڻ⁠طھريلن جي گھر ۾ مھمان ھئين، بلڪ تو انھن سان گڏ کاڌو پيتو بہ آھي.“ 4تنھن تي پطرس انھن کي شروعات کان وٺي جيڪي ڪجھہ ٿيو ھو سو سڄو احوال ٻڌايو تہ 5”جڏھن آءٌ يافا شھر ۾ دعا گھري رھيو ھوس تہ مون رويا ڏٺي تہ ڪا شيءِ وڏيءَ چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي آسمان مان ھيٺ لھندي ٿي آئي ۽ اچي مون تائين پھتي. 6مون چتائي ڏٺو تہ منجھس گھريلو ۽ جھنگلي جانور، جيت ۽ پکي نظر آيا، 7۽ ھڪڙو آواز ٻڌم، جنھن مون کي چيو تہ ’پطرس! اٿ ۽ اھي ڪھي کاءُ.‘ 8پر مون چيو تہ ’خداوند! ھرگز نہ، ڇالاءِ⁠جو مون اڄ ڏينھن تائين ڪڏھن بہ ڪا حرام يا پليت شيءِ نہ کاڌي آھي.‘ 9تنھن تي وري آسمان مان آواز آيو تہ ’جنھن شيءِ کي خدا پاڪ ڪيو آھي تنھن کي پليت نہ چئُہ.‘ 10ٽي دفعا ائين ٿيو ۽ پوءِ اھي سڀيئي شيون آسمان ڏانھن کڄي ويون. 11ايتري ۾ ٽي ماڻھو جن کي قيصريہ مان مون ڏانھن موڪليو ويو ھو، سي انھيءَ گھر جي اڳيان اچي بيٺا جنھن ۾ آءٌ ٽڪيل ھوس. 12پاڪ روح مون کي چيو تہ ’تون بنا گھٻرائڻ جي انھن سان گڏ ھليو وڃ.‘ تڏھن ھي اسان جا ڇھہ ڀائر بہ مون سان گڏجي يافا مان ھليا ۽ قيصريہ ۾ اسين ڪرنيليس جي گھر پھتاسون. 13ھن اسان کي ٻڌايو تہ ڪيئن ھڪ ملائڪ سندس گھر ۾ اچي بيٺو، جنھن کيس چيو تہ ’يافا مان انھيءَ ماڻھوءَ کي گھراءِ، جنھن جو نالو شمعون آھي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آھن. 14ھو تو کي اھڙو ڪلام ٻڌائيندو جنھن جي وسيلي تو کي ۽ تنھنجي سڄي ڪٽنب کي ڇوٽڪارو ملندو.‘ 15جڏھن مون انھن سان ڳالھائڻ شروع ڪيو تہ پاڪ روح انھن تي نازل ٿيو. بلڪل ائين جيئن شروع ۾ اسان تي نازل ٿيو ھو. 16 پوءِ مون کي خداوند جو چوڻ ياد آيو تہ ’يحيٰ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني ھئي، پر اوھان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏني ويندي.‘ 17اھو صاف آھي تہ خدا ساڳي بخشش غير قومن کي بہ عطا ڪئي آھي، جيڪا ھن اسان کي عطا ڪئي ھئي جڏھن اسان خداوند عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو ھو. پوءِ آءٌ ڪير ھئس جو خدا کي روڪي سگھان ھا؟“ 18جڏھن انھن ھي ٻڌو تہ کڻي ماٺ ڪيائون ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”خدا غير قومن کي بہ توفيق ڏني آھي تہ ھو توبھہ ڪن ۽ زندگي حاصل ڪن.“

انتاخيا جي ڪليسيا

19 استيفنس جي مارجي وڃڻ کان پوءِ جيڪا مصيبت آئي، تنھن جي ڪري ايمان وارا ٽڙي پکڙي ويا. انھن مان ڪي تہ فينيڪي، قبرص ۽ انتاخيا تائين وڃي پھتا. اتي يھودين کان سواءِ ھو ٻئي ڪنھن کي بہ خدا جو ڪلام نہ ٻڌائيندا ھئا. 20پر انھن مان ڪي قبرص ۽ ڪرين جا ماڻھو جيڪي انتاخيا ۾ پھتا، سي غير قومن کي بہ خداوند عيسيٰ جي خوشخبري ٻڌائڻ لڳا. 21جيئن تہ خداوند جو مٿن ھٿ ھو، سو ڪيترائي ماڻھو ڏانھس ڦري آيا ۽ خداوند تي ايمان آندائون. 22ھي خبرون جڏھن يروشلم جي ڪليسيا ۾ پھتيون تہ انھن برنباس کي انتاخيا ڏانھن موڪليو. 23برنباس جڏھن اتي پھتو ۽ ڏٺائين تہ خدا ڪيئن نہ انھن تي فضل ڪيو آھي تڏھن ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کين سمجھايائين تہ ”خداوند سان دل⁠ وَ جان سان وفادار رھجو.“ 24برنباس ھڪ نيڪ شخص ھو، جيڪو پاڪ روح ۽ ايمان سان ڀرپور ھو. سو گھڻن ئي ماڻھن خداوند تي ايمان آندو. 25پوءِ برنباس شائول جي ڳولا ۾ ترسس ڏانھن ويو. 26جڏھن ھن کي ڳولي لڌائين، تڏھن کيس انتاخيا ۾ وٺي آيو. ھو ٻئي ڪليسيا جي ماڻھن سان سڄو سال ملندا رھيا ۽ گھڻن ئي ماڻھن کي تعليم ڏنائون. اھو انتاخيا ۾ ئي ٿيو جو شاگرد پھريون دفعو مسيحي سڏجڻ لڳا. 27انھن ڏينھن ۾ ڪي نبي يروشلم مان انتاخيا ڏانھن آيا. 28 انھن مان اگبس نالي ھڪڙو نبي اٿي بيٺو ۽ پاڪ روح جي وسيلي پيشنگوئي ڪيائين تہ سڄيءَ دنيا ۾ ڏاڍو ڏڪار پوڻو آھي. ائين ئي ٿيو ۽ اھو ڏڪار ڪلوديس شھنشاھہ جي ڏينھن ۾ پيو. 29شاگردن مان ھر ھڪ اھو ارادو ڪيو تہ جيڪي ڀائر يھوديہ ۾ رھن ٿا تن ڏانھن پنھنجي وسعت آھر ڪجھہ مدد طور موڪلين. 30سو ھنن ائين ئي ڪيو ۽ ڪجھہ پيسا برنباس ۽ شائول جي ھٿان ڪليسيا جي بزرگن ڏانھن ڏياري موڪليائون.

رسولن جا ڪم 12

ڪليسيا کي وڌيڪ ستائڻ

1انھن ڏينھن ۾ يھوديہ جي بادشاھہ ھيروديس ڪليسيا جي ڪن ماڻھن کي ستائڻ شروع ڪيو. 2ھن يوحنا جي ڀاءُ يعقوب کي تلوار سان مارائي ڇڏيو. 3جڏھن ھن ڏٺو تہ يھودين کي اھا ڳالھہ چڱي لڳي آھي، تڏھن پطرس کي بہ پڪڙايائين. اھي بي⁠خميري مانيءَ جي عيد جا ڏينھن ھئا. 4 ھن پطرس کي پڪڙڻ کان پوءِ کيس جيل ۾ وڌو ۽ مٿس پھري ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاھين جون چار چونڪيون مقرر ڪري ڇڏيائين. ھيروديس جو منصوبو ھو تہ ھو پطرس کي عيد کان پوءِ ماڻھن اڳيان آڻي سندس فيصلو ڪري. 5پطرس تہ جيل ۾ پھري ھيٺ ھو، پر ڪليسيا جي ماڻھن ھن لاءِ دل وَ جان سان خدا کان دعائون پئي گھريون.

پطرس جي جيل مان آزادي

6جنھن ڏينھن ھيروديس کيس ماڻھن اڳيان پيش ڪرڻ وارو ھو، انھيءَ رات پطرس ٻن پھريدارن جي وچ ۾ ستو پيو ھو. ھو ٻن زنجيرن سان ٻڌل ھو ۽ جيل جي دروازن تي بہ پھرو ھو. 7اوچتو ئي خداوند جو ھڪڙو ملائڪ اچي سندس اڳيان بيٺو ۽ ڪوٺڙيءَ ۾ روشنائي چمڪڻ لڳي. ملائڪ پطرس جي ڪلھي تي ھٿ رکي جاڳائي چيس تہ ”جلدي اٿ.“ ھڪدم ھٿڪڙيون سندس ھٿن مان ٽٽي ڪري پيون. 8پوءِ ملائڪ چيس تہ ”سندرو ٻڌ ۽ جتي پاءِ.“ ھن ائين ئي ڪيو. وري چيائينس تہ ”پنھنجو جبو پاءِ ۽ منھنجي پٺيان ھليو اچ.“ 9پطرس جيل مان نڪري سندس پٺيان ھلڻ لڳو، پر جيڪي ڪجھہ ملائڪ ڪري رھيو ھو تنھن کي حقيقت نہ ٿي ڄاتائين، بلڪ ائين ٿي سمجھيائين تہ ”آءٌ ڪا رويا ڏسي رھيو آھيان.“ 10اھي پھرين چونڪيءَ وٽان لنگھي ويا ۽ پوءِ ٻي چونڪي ۽ آخرڪار ھو انھيءَ لوھي دروازي وٽ اچي پھتا، جيڪو شھر ڏانھن کليو ٿي. دروازو ھنن لاءِ پاڻ ئي کلي پيو ۽ ھو ٻاھر نڪري آيا. اھي شھر جي ھڪ گھٽيءَ مان ھلڻ لڳا تہ اوچتو ئي ملائڪ پطرس کي ڇڏي ھليو ويو. 11جڏھن پطرس ھوش ۾ آيو، تڏھن چوڻ لڳو تہ ”ھاڻي مون کي پڪ ٿي تہ خداوند پنھنجو ملائڪ موڪلي مون کي ھيروديس جي چنبي کان آزاد ڪيو آھي ۽ جيڪي يھودي قوم جا ارادا ھئا تن کان ڇڏايو اٿس.“ 12ھن واقعي تي ويچار ڪرڻ کان پوءِ ھو يوحنا عرف مرقس جي ماءُ مريم جي گھر آيو. اتي گھڻا ئي ماڻھو اچي گڏ ٿيا ھئا ۽ دعائون گھري رھيا ھئا. 13پطرس ٻاھران در کڙڪايو ۽ رودا نالي ھڪ نوڪرياڻي در تي آئي. 14جڏھن پطرس جو آواز سڃاتائين، تڏھن خوشيءَ وچان در کولڻ کان اڳي ئي اندر ڊوڙي وڃي ٻڌايائين تہ ”پطرس در تي بيٺو آھي.“ 15تنھن تي ھنن چيس تہ ”تون چري ٿي آھين.“ پر ھوءَ يقين سان چوندي رھي تہ ”اھو سچ آھي.“ ھنن چيس تہ ”اھو سندس ڪو ملائڪ ھوندو.“ 16پطرس در کڙڪائيندو رھيو ۽ جڏھن ھنن در کوليو تہ کيس ڏسي حيران ٿي ويا. 17پر ھن ماٺ ڪرڻ لاءِ کين ھٿ جو اشارو ڏنو ۽ پوءِ انھن کي ٻڌايائين تہ ڪيئن خداوند کيس جيل مان ڇڏايو. تڏھن کين چيائين تہ ”ھن ڳالھہ جي يعقوب ۽ ٻين ڀائرن کي بہ خبر ڏجو.“ پوءِ ھو اتان نڪري ڪنھن ٻئي ھنڌ ھليو ويو. 18جڏھن صبح ٿيو تہ سپاھين ۾ ڏاڍي ڦڙڦوٽ پئجي ويئي تہ پطرس ڪيڏانھن ويو؟ 19ھيروديس ھن جي ڳولا ڪرڻ لاءِ کين حڪم ڏنو، پر ھو کيس لھي نہ سگھيا. پوءِ ھن پھريدارن کان پڇا⁠ڳاڇا ڪئي ۽ حڪم ڏنائين تہ کين قتل ڪيو وڃي. ھن کان پوءِ ھيروديس يھوديہ مان ھليو ويو ۽ ڪجھہ وقت وڃي قيصريہ ۾ گذاريائين.

ھيروديس جو موت

20ھيروديس بادشاھہ صور ۽ صيدا جي ماڻھن تي ڏاڍو ڪاوڙيل ھو. پر جيئن تہ ھنن کي بادشاھہ جي ملڪ مان سيڌو سامان ملندو ھو، تنھنڪري اھي ٽولو ٺاھي ساڻس ملڻ آيا. ان لاءِ پھريائين ھنن بلاسطس کي پنھنجي پاسي ڪيو، جيڪو بادشاھہ جي محلات جو دربان ھو. پوءِ ھيروديس کي عرض ڪيائون تہ ”اسان سان پرچاءُ ڪريو.“ 21سو ھڪڙو ڏينھن مقرر ڪري ھيروديس شاھاڻي پوشاڪ پھري تخت تي اچي ويٺو ۽ انھن ماڻھن جي اڳيان ھڪڙي تقرير ڪيائين. 22تنھن تي انھن وڏي آواز ۾ چيو تہ ”ھي ماڻھو نہ، پر خدا ٿو ڳالھائي.“ 23انھيءَ دم خداوند جي ھڪڙي ملائڪ ھيروديس کي ڌڪ ھڻي ڪيرائي وڌو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو انھيءَ شرڪ تي خاموش رھيو. پوءِ تہ ھن ۾ جيت پئجي ويا ۽ ھو مري ويو. 24پر خدا جو ڪلام وڌندو ۽ پکڙبو ويو. 25برنباس ۽ شائول پنھنجو ڪم پورو ڪري يوحنا عرف مرقس کي پاڻ سان وٺي يروشلم کان انتاخيا ۾ موٽي آيا.

رسولن جا ڪم 13

برنباس ۽ شائول جو چونڊجڻ

1انتاخيا جي ڪليسيا ۾ نبي ۽ استاد ھوندا ھئا، جھڙوڪ برنباس، شمعون جنھن کي ڪارو سڏيندا ھئا، لوسيس ڪريني، منائين، جيڪو ھيروديس حاڪم جو ننڍپڻ جو دوست ھو ۽ شائول. 2جڏھن ھنن خداوند جي عبادت پئي ڪئي ۽ روزا پئي رکيا، تڏھن پاڪ روح کين چيو تہ ”برنباس ۽ شائول کي مون لاءِ مخصوص ڪريو تہ ھو اھو ڪم ڪن جنھن لاءِ مون کين چونڊيو آھي.“ 3تڏھن انھن روزو رکيو ۽ دعا گھرندي ھنن تي ھٿ رکيا ۽ پوءِ کين روانو ڪيائون.

قبرص ۾

4برنباس ۽ شائول پاڪ روح جي چوڻ موجب پھريائين سلوڪيہ ڏانھن ويا ۽ اتان سامونڊي جھاز ۾ چڙھي قبرص ڏانھن روانا ٿي ويا. 5جڏھن ھو سلميس ۾ پھتا، تڏھن يھودين جي عبادت⁠خانن ۾ خدا جي ڪلام جي تبليغ ڪرڻ لڳا ۽ يوحنا عرف مرقس ھن ڪم ۾ سندن مدد ڪئي. 6جڏھن ھو سارو ٻيٽ لتاڙي پافس ۾ پھتا تہ ھنن اتي نبي سڏائيندڙ ھڪڙو يھودي جادوگر ڏٺو، جنھن جو نالو بريسوع ھو. 7ھو ٻيٽ جي گورنر سرگيس پولس، جيڪو ھڪڙو ذھين شخص ھو تنھن جو درٻاري ھو. انھيءَ گورنر برنباس ۽ شائول کي پاڻ وٽ گھرايو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن خدا جو ڪلام ٻڌڻ پئي چاھيو. 8پر بريسوع عرف اليماس، جنھن جي يوناني ٻوليءَ ۾ معنيٰ آھي ’جادوگر،‘ تنھن گورنر وٽ سندن مخالفت ڪئي، تہ جيئن گورنر مسيح تي ايمان نہ آڻي. 9پوءِ شائول، جنھن کي پولس ڪري بہ سڏيندا آھن، پاڪ روح سان ڀرجي جادوگر ڏانھن چتائي نھاريو 10۽ چيائينس تہ ”اي شيطان جا پٽ! تون ھر نيڪيءَ جو دشمن آھين، ھر قسم جي بڇڙائيءَ ۽ ٺڳيءَ سان ڀريل آھين ۽ ھميشہ ڪوشش ڪندو رھين ٿو تہ خداوند جي سچائيءَ کي ڪوڙو ڪرين. 11سو ٻڌ، تو تي خداوند جي مار اچي پيئي آھي. ھاڻي تون انڌو ٿيندين ۽ ڪجھہ مدت تائين ڏينھن جي روشني بہ ڏسڻ ۾ نہ ايندءِ.“ تڏھن ھڪدم ھن جي اکين اڳيان ڌنڌ ۽ اونداھي اچي ويئي ۽ ھو ھيڏانھن ھوڏانھن ھٿوراڙيون ھڻڻ لڳو تہ من ڪو کيس ھٿ کان وٺي ھلي. 12جڏھن گورنر ھي حال ڏٺو تہ خداوند جي تعليم تي حيران ٿي ويو ۽ ايمان آندائين.

پسديا واري انتاخيا ۾

13پولس ۽ سندس ساٿي پافس مان سامونڊي جھاز تي چڙھي پرگا ۾ آيا، جو پمفوليا ۾ آھي. پر يوحنا عرف مرقس ھنن کي اتي ڇڏي يروشلم ڏانھن موٽي ويو. 14ھو پرگا مان پسديا واري انتاخيا ۾ آيا ۽ سبت جي ڏينھن يھودي عبادت⁠خاني ۾ وڃي ويٺا. 15جڏھن اتي توريت ۽ نبين جا صحيفا پڙھيا ويا، تڏھن عبادت⁠خانن جي اڳواڻن ھنن کي سڏائي چيو تہ ”اي ڀائرؤ! جيڪڏھن اوھان کي ڪا نصيحت جي ڳالھہ ماڻھن کي ٻڌائڻي آھي تہ ٻڌايو.“ 16تنھن تي پولس اٿي بيٺو ۽ ھٿ جو اشارو ڏيندي چيائين تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! ۽ اوھين اي خداپرست غير يھوديو! ڪن ڏيئي ٻڌو. 17 بني اسرائيل قوم جي خدا اسان جي وڏن کي چونڊيو ۽ انھن کي وڏي قوم بڻايائين، جڏھن ھو مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا ٿي رھندا ھئا. خدا پنھنجي عظيم قوت سان انھن کي مصر مان ڪڍيو 18 ۽ اٽڪل چاليھن سالن تائين بيابان ۾ سندن سنڀال ڪندو رھيو. 19 ھن ڪنعان جي ملڪ ۾ ست قومون ناس ڪيون ۽ بني اسرائيل کي ان ملڪ جو مالڪ بڻايائين. 20 اھڙيءَ طرح ساڍا چار ⁠سؤ سال گذري ويا. تڏھن خدا سموئيل نبيءَ جي زماني تائين انھن لاءِ رھبر مقرر ڪندو رھيو. 21 ان کان پوءِ ھنن بادشاھہ جي گھُر ڪئي ۽ خدا شائول کي سندن بادشاھہ مقرر ڪيو، جيڪو بنيامين جي قبيلي مان قيش جو پٽ ھو، جنھن چاليھن سالن تائين حڪومت ڪئي. 22 جڏھن خدا ھن کي برطرف ڪيو تہ دائود کي انھن جو بادشاھہ مقرر ڪيائين. خدا ھن بابت ھيئن چيو تہ ’مون يشيءَ جي پٽ دائود کي پنھنجيءَ دل وٽان لڌو آھي. ھو ھميشہ منھنجي مرضيءَ تي ھلندو.‘ 23جيئن خدا واعدو ڪيو ھو تيئن ئي ھن دائود جي اولاد مان بني اسرائيل وٽ ھڪڙي ڇوٽڪاري ڏيندڙ يعني عيسيٰ کي موڪليو. 24 عيسيٰ جي اچڻ کان اڳ ۾ يحيٰ بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم ۾ تبليغ ڪئي تہ توبھہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو. 25 جڏھن يحيٰ پنھنجو ڪم پورو ڪرڻ تي ھو تہ ھن ماڻھن کي چيو تہ ’مون بابت ڇا ٿا سمجھو؟ آءٌ اھو نہ آھيان جنھن جو اوھين انتظار ڪري رھيا آھيو، پر اھو مون کان پوءِ ايندو. آءٌ انھيءَ لائق نہ آھيان جو سندس جتيءَ جون ڪھيون ڇوڙيان.‘ 26اي ڀائرؤ! اي ابراھيم جو اولاد ۽ اوھين اي خداپرست غير يھوديو! انھيءَ ڇوٽڪاري جي ڪلام کي اسان ڏانھن ئي موڪليو ويو آھي. 27پر يروشلم جي رھاڪن ۽ سندن اڳواڻن انھيءَ کي نہ سڃاتو ۽ نڪي ھنن نبين جي ڪلام کي سمجھيو، جيڪو ھر سبت جي ڏينھن تي پڙھيو ويندو آھي. پر اٽلندو عيسيٰ تي فتويٰ جاري ڪري ھنن نبين جي چوڻيءَ کي سچو ثابت ڪيو. 28 جيتوڻيڪ انھن کي عيسيٰ جي مارائڻ جو ڪوبہ سبب نہ مليو، تنھن ھوندي بہ ھنن پلاطس کي عرض ڪيو تہ کيس مارائي ڇڏي. 29 جڏھن اھي سڀ ڳالھيون پوريون ڪيائون جيڪي صحيفي ۾ لکيل ھيون، تڏھن ھنن سندس لاش کي صليب تان لاھي قبر ۾ رکيو. 30پر خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو 31 ۽ ڪيترن ئي ڏينھن تائين ھو انھن کي ڏيکاري ڏيندو رھيو، جيڪي ساڻس گليل کان يروشلم تائين گڏ ھئا. اھي ھاڻي بني اسرائيل جي قوم آڏو سندس شاھد آھن. 32خدا جيڪو واعدو اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو ھو تنھن جي خوشخبري اسان آندي آھي، 33 تہ ڪيئن خدا عيسيٰ کي جيئرو ڪري سندن اولاد يعني اسان جي لاءِ اھو واعدو پورو ڪيو، جيئن ٻئي زبور ۾ لکيل آھي تہ ’تون منھنجو فرزند آھين ۽ اڄ آءٌ تنھنجو پيءُ ٿيو آھيان.‘ 34 باقي اھا ڳالھہ تہ خدا انھيءَ کي اھڙيءَ طرح مئلن مان وري جيئرو ڪيو جو ھو وري ٻيھر ڪڏھن بہ نہ مرندو، تنھن بابت لکيل آھي تہ ’آءٌ تو کي دائود سان واعدي ڪيل پاڪ ۽ سچيون نعمتون ڏيندس.‘ 35 وري ھڪڙي زبور ۾ خدا کي چيو ويو آھي تہ ’تون پنھنجي پاڪ ٻانھي کي ڳري سڙي وڃڻ ڪين ڏيندين.‘ 36خدا پنھنجي مرضي دائود جي زماني ۾ ئي سندس ھٿان پوري ڪئي ۽ پوءِ دائود مري ويو. ھن کي پنھنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو ۽ ھن جو لاش ڳري سڙي ويو. 37پر جنھن کي خدا مئلن مان وري جيئرو ڪيو، تنھن جي ڳرڻ سڙڻ جي تہ نوبت ئي ڪين آئي. 38تنھنڪري اي ڀائرؤ! آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين ڄاڻي وٺو تہ عيسيٰ جي طرفان اوھان اڳيان گناھن جي بخشش جو اعلان ڪجي ٿو، 39۽ جيڪو بہ ھن تي ايمان آڻي ٿو سو خدا ڏانھن سچار بڻجي ٿو، جيڪو موسيٰ جي شريعت جي وسيلي سچار بڻجي نہ سگھي ھا. 40خبردار ٿجو تہ جيڪي نبين چيو آھي سو اوھان سان نہ ٿئي تہ 41 ’اوھين، جيڪي ڌڪاريو ٿا، سي ڏسي عجب ۾ پئجي وڃو ۽ برباد ٿي وڃو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان جي زماني ۾ ھڪڙو اھڙو ڪم ڪندس، جو جيڪڏھن ڪو اوھان کي بيان ڪري ٻڌائي تہ اوھين مٿس ڪڏھن بہ ويساھہ نہ ڪندا.‘“ 42جڏھن برنباس ۽ پولس يھودي عبادت⁠خاني مان ٻاھر نڪتا تہ ڪيترن ئي ماڻھن کين منٿون ڪيون تہ اھي وري ٻئي سبت جي ڏينھن تي اچي کين ڪجھہ وڌيڪ ٻڌائين. 43مجلس پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي يھودي ۽ سندن ديندار نوان مريد پولس ۽ برنباس جي پٺيان ھلڻ لڳا ۽ ھنن ساڻن ڳالھائي انھن کي تاڪيد ڪيو تہ ”خدا جي فضل تي قائم رھندا اچو.“ 44ٻئي سبت جي ڏينھن تي اٽڪل پورو شھر خداوند جو ڪلام ٻڌڻ لاءِ اچي گڏ ٿيو. 45جڏھن يھودين ميڙ ڏٺا تہ حسد وٺي وين، سو ھو پولس جي تبليغ خلاف بدشد ڳالھائڻ لڳا ۽ ھن جي بي⁠عزتي ڪيائون. 46پر پولس ۽ برنباس دليريءَ سان ڳالھائڻ لڳا ۽ چيائون تہ ”اھو ضروري ھو تہ خدا جو ڪلام پھريائين اوھان يھودين کي ٻڌايو وڃي. پر جيئن تہ اھو اوھان قبول نہ ڪيو ۽ پاڻ کي دائمي زندگيءَ جي لائق نہ ٿا سمجھو، تنھنڪري اسين اوھان کي ڇڏي غير قومن وٽ وڃون ٿا. 47 ڇالاءِ⁠جو ھي حڪم خداوند جو آھي جيڪو اسان کي مليو آھي تہ ’مون تو کي غير قومن جي لاءِ روشني مقرر ڪيو آھي، تہ تون سڄي زمين جي ماڻھن لاءِ ڇوٽڪاري جو وسيلو بڻجين.‘“ 48جڏھن غير قومن اھا ڳالھہ ٻڌي، تڏھن ھو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ خداوند جي ڪلام جي واکاڻ ڪرڻ لڳا ۽ جن کي خدا دائمي زندگيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو ھو تن سڀني ايمان آندو. 49خداوند جو ڪلام انھيءَ علائقي ۾ ھنڌين ماڳين پکڙجي ويو. 50پر يھودين شھر جي معزز ماڻھن ۽ عزت وارين خداترس عورتن کي ڀڙڪائي پولس ۽ برنباس کي ڏاڍو ستايو ۽ کين پنھنجي علائقي مان تڙي ڪڍيائون. 51 تڏھن رسولن پنھنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏي ۽ اِڪونيم شھر ڏانھن ھليا ويا. 52تنھن ھوندي بہ انتاڪيا جا شاگرد خوشيءَ ۽ پاڪ روح سان ڀرجندا رھيا.

رسولن جا ڪم 14

اِڪونيم ۾

1ساڳيءَ طرح اِڪونيم ۾ بہ پولس ۽ برنباس يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويا ۽ اھڙي نموني تقرير ڪيائون جو ڪيترن ئي يھودين ۽ غير قوم وارن ايمان آندو. 2پر جن يھودين ايمان نہ آندو، تن غير قوم وارن کي ڀڙڪايو ۽ انھن جي جذبات کي ڀائرن جي خلاف ڪيائون. 3رسول اتي گھڻو وقت ترسيا ۽ خداوند بابت دليريءَ سان ڳالھائيندا رھيا. خداوند سندن ھٿان معجزا ۽ ڪرامتون ڏيکاري پنھنجي فضل بابت سندن پيغام کي سچو ثابت ڪيو. 4پر شھر جي ماڻھن ۾ ڦوٽ پئجي ويئي ۽ انھن مان ڪي يھودين جي طرف تہ ڪي رسولن جي طرف ٿي بيٺا. 5پوءِ غير قوم وارن ۽ يھودين پنھنجي اڳواڻن سميت گڏجي منصوبو جوڙيو تہ ھو رسولن سان بدسلوڪي ڪندا ۽ کين سنگسار ڪندا. 6جڏھن رسولن کي اھا خبر پئجي ويئي تہ ھو لوڪئُنيا علائقي جي شھرن لسترا ۽ دربي ۽ انھن جي آس⁠پاس وارن علائقن ڏانھن ڀڄي ويا. 7اتي بہ اھي خوشخبري ٻڌائيندا رھيا.

لسترا ۾

8لسترا ۾ ھڪ ماڻھو رھندو ھو جنھن جا پير سڪل ھئا. ھو ڄمندي ئي منڊو ھو ۽ ڪڏھن بہ پنڌ نہ ڪيو ھئائين. 9جڏھن ھو پولس جون ڳالھيون ٻڌي رھيو تہ پولس ھن ڏانھن چتائي نھاريو ۽ ڄاتائين تہ کيس ايترو ايمان آھي جو ھو چڱو ڀلو ٿي سگھندو. 10سو کيس وڏي آواز سان چيائين تہ ”پنھنجي پيرن تي سڌو ٿي بيھہ.“ ھو ٽپ ڏيئي اٿي بيٺو ۽ گھمڻ لڳو. 11جڏھن ماڻھن پولس جو ھي ڪم ڏٺو تہ پنھنجي لوڪئُنيا ٻوليءَ ۾ وڏي واڪي چوڻ لڳا تہ ”انسانن جي صورت ۾ ديوتا اسان وٽ لھي آيا آھن.“ 12ھنن برنباس جي نالي چيو تہ ”ھيءُ زيوس ديوتا آھي“ ۽ پولس جي نالي چيو تہ ”ھيءُ ھرميس ديوتا آھي.“ ڇالاءِ⁠جو مکيہ ڳالھائڻ وارو پولس ھو. 13تڏھن زيوس ديوتا جي انھيءَ مندر جي پوڄاريءَ، جيڪو شھر کان ٻاھر ھو پاڻ سان گلن جا ھار ۽ ڪجھہ ڏاند شھر جي دروازي تي وٽن آندا ۽ ماڻھن جي ميڙ سان گڏ انھن جي قرباني پيش ڪرڻ ٿي چاھيائين. 14پر جڏھن برنباس ۽ پولس ٻنھي رسولن کي انھيءَ ڳالھہ جي خبر پيئي، تڏھن ھو پنھنجا ڪپڙا ڦاڙي ڊوڙي وڃي ماڻھن جي وچ ۾ بيٺا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ 15 ”اي انسانو! اوھين ھي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوھان جھڙا فاني انسان آھيون. اسين تہ اوھان کي خوشخبري ٻڌائڻ آيا آھيون تہ اوھين ھنن ڪوڙين ريتن رسمن کان پاسو ڪري رڳو انھيءَ جيئري خدا کي مڃو، جنھن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي منجھن آھي سو پيدا ڪيو آھي. 16گذريل زمانن ۾ ھن ھر قوم کي پنھنجي پنھنجي رستي تي ھلڻ لاءِ ڇڏي ڏنو ھو. 17تنھن ھوندي بہ ھن ھميشہ چڱا ڪم ڪري پنھنجي وجود جي شاھدي ڏني آھي. انھيءَ لاءِ ھن مينھن وسائي اوھان کي ڀلا فصل عطا ڪيا آھن، ڪشادي روزي ڏني آھي ۽ اوھان جي دلين کي خوشيءَ سان ڀريو آھي.“ 18ايتري سمجھائڻ کان پوءِ بہ رسولن ماڻھن کي اھڙي قرباني پيش ڪرڻ کان وڏيءَ مشڪل سان روڪيو. 19ايتري ۾ ڪي يھودي پسديا واري انتاخيا ۽ اِڪونيم کان اچي پھتا ۽ ماڻھن کي پنھنجي طرف ڦيري ويا. ھنن پولس کي پٿر ھڻايا ۽ کيس شھر مان گھلي ٻاھر ڦٽو ڪيائون، ڇالاءِ⁠جو سمجھيائون تہ ھو مري چڪو آھي. 20پر جڏھن شاگرد چوڌاري مڙي آيس تہ ھو اٿي بيٺو ۽ شھر ڏانھن موٽي ويو. ٻئي ڏينھن تي پولس ۽ برنباس دربيءَ ڏانھن روانا ٿي ويا.

شام واري انتاخيا ڏانھن موٽڻ

21دربيءَ ۾ پولس ۽ برنباس خوشخبريءَ جي منادي ڪئي ۽ ڪيترائي شاگرد بڻايائون. پوءِ ھو موٽي لسترا، اِڪونيم ۽ پسديا جي انتاخيا ۾ آيا. 22انھن شاگردن کي ھمتايو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ ھو ايمان تي قائم رھن. انھن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مصيبتن مان لنگھڻو پوندو.“ 23ھنن ھر ھڪ ڪليسيا لاءِ بزرگ مقرر ڪيا ۽ انھن بزرگن لاءِ روزا رکي دعا گھريائون ۽ کين خداوند جي حوالي ڪيائون، جنھن تي ھنن ايمان آندو ھو. 24سڄي پسديا کان ٿيندا ھو پمفوليا ۾ آيا. 25انھن پرگا ۾ ڪلام جي تبليغ ڪئي ۽ پوءِ اطاليا ڏانھن ويا. 26اتان سامونڊي جھاز ۾ چڙھي انتاخيا ڏانھن روانا ٿيا، جتي انھيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ کين خدا جو فضل عطا ڪيو ويو ھو، جيڪو ڪم ھنن ھاڻي پورو ڪيو. 27اتي پھچي ھنن ڪليسيا جي ماڻھن کي گڏ ڪيو ۽ کين سڄو سربستو احوال ڪري ٻڌايائون تہ ڪيئن ھنن خدا جي معرفت ڪم ڪيا ۽ ڪھڙيءَ طرح خدا غير قومن جي لاءِ ايمان جو دروازو کولي ڇڏيو. 28پوءِ ھو شاگردن وٽ گھڻي عرصي تائين ترسي پيا.

رسولن جا ڪم 15

يروشلم ۾ گڏجاڻي

1 ڪي ماڻھو يھوديہ کان انتاخيا ۾ آيا ۽ اھي ڀائرن کي ھيءَ تعليم ڏيڻ لڳا تہ ”تيستائين اوھان کي ڪڏھن بہ ڇوٽڪارو نہ ملندو، جيستائين اوھين موسيٰ جي شريعت موجب طھر نہ ڪرائيندا.“ 2پولس ۽ برنباس سان ھنن سخت بحث مباحثو ڪيو. سو اھو فيصلو ڪيو ويو تہ پولس، برنباس ۽ ڪي ٻيا ماڻھو ھن معاملي بابت يروشلم ڏانھن رسولن ۽ بزرگن وٽ وڃن. 3تنھن تي ڪليسيا جي ماڻھن ھنن کي روانو ڪيو. ھو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگھندي واٽ تي ديندار ماڻھن کي ٻڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومن خدا تي ايمان آندو آھي. اھو ٻڌي انھن کي ڏاڍي خوشي ٿي. 4جڏھن ھو يروشلم ۾ پھتا تہ ڪليسيا جي ماڻھن، رسولن ۽ بزرگن سندن استقبال ڪيو ۽ جيڪي خدا ھنن جي وسيلي ڪيو ھو سو سڀ کين بيان ڪري ٻڌايائون. 5پر فريسي جن ايمان آندو ھو تن مان ڪي اٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا تہ ”غير قومن جو طھر ضرور ٿيڻ کپي ۽ کين تاڪيد ڪيو وڃي تہ ھو موسيٰ جي شريعت تي ھلن.“ 6رسول ۽ بزرگ گڏجي ھن معاملي تي ويچار ڪرڻ لڳا. 7 گھڻي بحث کان پوءِ پطرس اٿي بيٺو ۽ چيائين تہ ”ڀائرؤ! اوھان کي خبر آھي تہ ڪجھہ وقت اڳ ۾ خدا مون کي اوھان مان چونڊيو ھو تہ غير قومون منھنجي واتان خوشخبريءَ جو ڪلام ٻڌي ايمان آڻين. 8 خدا جيڪو اسان جي دلين جو ڄاڻڻ وارو آھي تنھن اسان کي اھو ڏيکاريو تہ غير قومون بہ ايمان آڻي سگھن ٿيون، ڇالاءِ⁠جو انھن کي بہ پاڪ روح مليو جيئن اسان کي مليو آھي. 9ھن اسان ۾ ۽ انھن ۾ ڪوبہ فرق نہ ڪيو آھي، ڇالاءِ⁠جو جڏھن ھنن ايمان آندو تہ ھن انھن جون دليون پاڪ ڪيون. 10تہ پوءِ اھڙا بار جن کي نہ اسان جا ابا ڏاڏا ۽ نہ اسان ئي کڻي ٿي سگھياسين، سي اوھين شاگردن تي رکي خدا کي ڇو ٿا آزمايو؟ 11جڏھن تہ اسان جو ايمان آھي تہ اسان کي بہ انھن وانگر ئي خداوند عيسيٰ جي فضل سان ڇوٽڪارو ملي ٿو.“ 12سو سڀني خاموشيءَ سان برنباس ۽ پولس جو اھو بيان ويٺي ٻڌو تہ ڪيئن نہ خدا انھن جي وسيلي غير قومن ۾ معجزا ۽ ڪرامتون ڪيون. 13جڏھن ھنن ڳالھائي بس ڪئي تڏھن يعقوب ڳالھايو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! منھنجي بہ ڳالھہ ٻڌو. 14جھڙيءَ طرح شمعون بيان ڪيو تہ ڪيئن خدا شروعات ۾ غير قومن تي نظر ڪئي، انھيءَ لاءِ تہ جيئن انھن مان پنھنجي لاءِ ھڪڙي قوم چونڊي، 15تھڙيءَ طرح نبي جيڪي چئي ويا آھن سو بہ انھيءَ سان ٺھڪي ٿو اچي. ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ 16 ’خداوند چيو تہ ”ھنن ڳالھين کان پوءِ آءٌ موٽي ايندس. دائود جو گھر جيڪو ڊھي پيو آھي، تنھن کي وري ٺاھيندس. آءٌ انھيءَ جا ٽوٽا ٽڪر گڏ ڪري کيس وري اڏيندس. 17انھيءَ لاءِ تہ باقي رھيل ماڻھو ۽ سڀ غير قومون جيڪي منھنجون ٿيون سڏجن، سي مون خداوند جي ڳولا ڪن.“ 18ھي اھو خداوند فرمائي ٿو، جيڪو دنيا جي شروعات کان وٺي اھي ڳالھيون ٻڌائيندو آيو آھي.‘“ 19يعقوب وڌيڪ چيو تہ ”منھنجي راءِ آھي تہ غير قومن مان جن خدا تي ايمان آندو آھي، تن کي اسين تڪليف نہ ڏيون. 20 پر انھيءَ جي بجاءِ اسين کين لکي موڪليون تہ جيڪي شيون بتن تي چاڙھيون ويون آھن سي ھو نہ کائين، نڪي زنا ڪن ۽ نہ وري گھُٽي ماريل جانور ۽ رت ئي کائين. 21ڇالاءِ⁠جو گھڻي وقت کان وٺي ھر شھر ۾ موسيٰ جي شريعت ٻڌائڻ وارا ھر سبت جي ڏينھن تي اھي ڳالھيون يھودي عبادت⁠خانن ۾ ٻڌائيندا ٿا اچن.“

ايمان آڻيندڙ غير قومن ڏانھن خط

22پوءِ رسولن، بزرگن ۽ سڄي ڪليسيا اھو فيصلو ڪيو تہ پاڻ مان ڪي ماڻھو چونڊي پولس ۽ برنباس سان گڏ انتاخيا ڏانھن موڪلجن. انھيءَ لاءِ ھنن يھوداہ عرف برسبا ۽ سيلاس کي چونڊيو. ڀائرن ۾ انھن ماڻھن جي وڏي عزت ھئي. 23انھن جي ھٿان ھي خط ڏياري موڪليائون تہ ”غير قومن مان جيڪي ايمان آڻيندڙ انتاخيا، شام ۽ ڪلڪيا ۾ ٿا رھن، تن کي اسان ڀائرن، يعني رسولن ۽ بزرگن جا سلام ھجن. 24اسان ٻڌو آھي تہ ڪي ماڻھو جن کي اسان ڪوبہ اختيار نہ ڏنو آھي، تن اسان وٽان وڃي اوھان کي ڪي ڳالھيون ٻڌائي تڪليف ڏني آھي ۽ اوھان کي منجھائي وڌو اٿن. 25تنھنڪري اسان پاڻ ۾ صلاح ڪري مناسب سمجھيو تہ ڪي ماڻھو چونڊي پنھنجن پيارن برنباس ۽ پولس سان گڏ اوھان ڏانھن موڪليون. 26اھي ٻئي ماڻھو اھڙا آھن جن پنھنجي جان اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي تي جوکي ۾ وڌي آھي. 27سو اسين يھوداہ ۽ سيلاس کي ساڻن گڏ موڪليون ٿا. ھو پاڻ اوھان کي اھي ڳالھيون سمجھائيندا، جيڪي اسين لکي رھيا آھيون. 28پاڪ روح ۽ اسان ضروري سمجھيو تہ ھنن خاص حڪمن کان سواءِ اوھان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھون. 29جھڙوڪ: اھو کاڌو نہ کائو جيڪو بتن تي چاڙھيو ويو ھجي، رت ۽ انھيءَ جانور جو گوشت نہ کائو جنھن کي گھٽي ماريو ويو ھجي ۽ زنا کان پري ڀڄو. جيڪڏھن اوھين انھن ڳالھين کان پاسو ڪندا تہ اھا اوھان لاءِ چڱي ڳالھہ آھي. شال سدائين سلامت رھو.“ 30سو اھي روانا ٿيا ۽ انتاخيا ۾ اچي پھتا، جتي ايمان وارن کي گڏ ڪري کين اھو خط ڏنائون. 31جڏھن انھن اھو خط پڙھيو تہ دل کي تسلي ٿين ۽ خوش ٿيا. 32يھوداہ ۽ سيلاس، جيڪي پاڻ نبي ھئا تن گھڻو وقت تقريرون ڪري ڀائرن کي تسلي ڏني ۽ سندن ھمت ٻڌائي. 33‏-34ھنن ڪجھہ وقت اتي گذاريو. پوءِ ڀائرن کان خير وَ سلامتيءَ سان موڪلائي انھن ڀائرن ڏانھن روانا ٿيا، جن کين موڪليو ھو. 35پوءِ پولس ۽ برنباس انتاخيا ۾ ترسي پيا ۽ اتي ٻين ڀائرن سان گڏ خداوند جو ڪلام سيکاريندا ۽ ان جي تبليغ ڪندا رھيا.

برنباس ۽ پولس ۾ جدائي

36ڪجھہ وقت کان پوءِ پولس برنباس کي چيو تہ ”ھل تہ ھر ھڪ شھر ۾ انھن ڀائرن وٽ ھلون، جن کي اسان خداوند جو ڪلام ٻڌايو آھي ۽ ڏسون تہ انھن جو ڪھڙو حال آھي.“ 37برنباس جي مرضي ھئي تہ يوحنا عرف مرقس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ھلون. 38 پر پولس مناسب نہ سمجھيو تہ ھن کي بہ ساڻ کڻجي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو پمفوليا ۾ ھنن کي ڇڏي موٽي ويو ھو ۽ ساڻن تبليغ جي ڪم ۾ گڏ نہ رھيو ھو. 39انھيءَ ڳالھہ تي برنباس ۽ پولس جي وچ ۾ ايترو تہ اختلاف ٿي پيو جو ھو ھڪٻئي کان ڌار ٿي ويا. برنباس مرقس کي وٺي سامونڊي جھاز ۾ چڙھي قبرص ڏانھن روانو ٿي ويو. 40پر پولس سيلاس کي چونڊي پاڻ سان کنيو ۽ ڀائرن کين خدا جي فضل جي حوالي ڪري روانو ڪيو. 41پولس شام ۽ ڪلڪيا مان ٿيندو، اتي جي ڪليسيائن کي ھمتائيندو ويو.

رسولن جا ڪم 16

تيمٿيس جو پولس ۽ سيلاس سان وڃڻ

1پولس دربيءَ ۾ آيو ۽ پوءِ لسترا ڏانھن بہ ويو. اتي تيمٿيس نالي ھڪڙو شاگرد رھندو ھو، جنھن جي ماءُ يھودڻ ھئي ۽ ايمان آندو ھئائين. پر تيمٿيس جو پيءُ يوناني ھو. 2لسترا ۽ اِڪونيم جا ڀائر تيمٿيس جي ساراھہ ڪندا ھئا. 3پولس جي مرضي ھئي تہ تيمٿيس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ھلي، تنھنڪري ھن سندس طھر ڪرايو. ھن اھو انھيءَ ڪري ڪيو جو اتي جي رھندڙ سڀني يھودين کي خبر ھئي تہ تيمٿيس جو پيءُ يوناني ھو. 4ھو جن جن شھرن مان لنگھندا ويا، تن ۾ اھي حڪم ٻڌائيندا ۽ انھن تي عمل ڪرڻ جو تاڪيد ڪندا ويا، جيڪي يروشلم ۾ رسولن ۽ بزرگن ڏنا ھئا. 5سو ڪليسيائون روزبروز ايمان ۾ مضبوط ٿينديون ۽ تعداد ۾ وڌنديون ويون.

تروآس ۾ پولس جو رويا ڏسڻ

6ھو فروگيا ۽ گلتيا جي علائقن مان لنگھي ويا، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح ھنن کي ايشيا پرڳڻي ۾ ڪلام جي تبليغ ڪرڻ کان منع ڪئي ھئي. 7جڏھن موسيا جي سامھون آيا تڏھن ڪوشش ڪيائون تہ بٿونيا ۾ وڃون، پر عيسيٰ جي روح کين وڃڻ نہ ڏنو. 8تنھنڪري اھي موسيا جي پاسي کان لنگھي تروآس ۾ آيا. 9اتي رات جو پولس ھڪڙي رويا ڏٺي تہ مڪدونيا جو ھڪڙو ماڻھو بيھي منٿ ڪري چوي پيو تہ ”سائين! مڪدونيا ۾ اچي اسان جي مدد ڪريو.“ 10پولس جي رويا ڏسڻ شرط اسان ھڪدم مڪدونيا ڏانھن وڃڻ جي تياري ڪئي، ڇالاءِ⁠جو اسان سمجھيو تہ خدا ھنن کي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ اسان کي گھرايو آھي.

فلپي شھر ۾ لديا جو ايمان آڻڻ

11تروآس مان سامونڊي جھاز تي چڙھي اسين سڌا سموتراڪيءَ ۾ آياسين ۽ ٻئي ڏينھن نياپلس ۾ پھتاسون. 12اتي جھاز مان لھي وري فلپيءَ ۾ آياسين جو مڪدونيا ۾ آھي ۽ انھيءَ علائقي جو مکيہ شھر آھي. اھو شھر رومي بيٺڪ بہ آھي. اسين اتي ڪي ڏينھن ترسي پياسين. 13سبت جي ڏينھن اسين شھر جي دروازي کان ٻاھر نديءَ جي ڪناري تي وياسين، جتي اسان سمجھيو تہ عبادت ڪرڻ جي جاءِ ھوندي. اتي جيڪي عورتون اچي گڏ ٿيون ھيون تن سان ويھي گفتگو ڪرڻ لڳاسين. 14انھن عورتن ۾ ٿواتيرہ شھر جي لديا نالي ھڪ خدا ترس عورت بہ ھئي، جيڪا واڱڻائي رنگ جو ڪپڙو وڪڻندي ھئي. خدا ھن جي دل کولي ۽ ھن پولس جون ڳالھيون ڌيان سان ٻڌيون. 15سو جڏھن انھيءَ عورت ۽ سندس گھر جي ڀاتين بپتسما ورتي، تڏھن اسان کي منٿون ڪري چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏھن اوھين مون کي خدا جي سچي ايمان واري ڪري ٿا سمجھو تہ مھرباني ڪري منھنجي گھر ھلي رھو.“ سو ھوءَ زور ڀري اسان کي پنھنجي گھر وٺي ويئي.

فلپيءَ جي جيل ۾

16ھڪڙي ڏينھن جيئن اسين عبادت ڪرڻ واري جاءِ ڏانھن پئي وياسين تہ اسان ھڪڙي ٻانھي ڇوڪري ڏٺي جنھن ۾ غيب ڄاڻيندڙ ڀوت ھو، جنھن جي ڪري ھوءَ اڳڪٿيون ڪندي ھئي ۽ ماڻھن کي سندن قسمت ٻڌائي پنھنجي مالڪن کي ڪيترائي پيسا ڪمائي ڏيندي ھئي. 17ھوءَ پولس ۽ اسان جي پٺيان اچي واڪا ڪري چوڻ لڳي تہ ”ھي ماڻھو خدا تعاليٰ جا ٻانھا آھن، جيڪي اوھان کي ڇوٽڪاري جو رستو ٿا ٻڌائين.“ 18ڪيترن ئي ڏينھن تائين ڇوڪريءَ ائين پئي ڪيو. آخرڪار پولس کي ايڏو تہ رنج ٿيو جو ھن ڦري ڀوت کي چيو تہ ”آءٌ تو کي عيسيٰ مسيح جي نالي حڪم ٿو ڏيان تہ ھن ڇوڪريءَ مان نڪري وڃ.“ ڀوت انھيءَ ئي مھل ڇوڪريءَ کي ڇڏي ھليو ويو. 19پر جڏھن ڇوڪريءَ جي مالڪن ڏٺو تہ سندن ڪمائيءَ جو ذريعو ختم ٿي ويو، تڏھن ھنن پولس ۽ سيلاس کي پڪڙي ورتو ۽ کين رومي عملدارن وٽ پيش ڪرڻ لاءِ شھر جي چونڪ تي گھلي وٺي ويا. 20کين عملدارن وٽ آڻي مٿن شاھدي ڏنائون تہ ”سائين! ھي ماڻھو جيڪي يھودي آھن، تن اسان جي شھر ۾ کڻي گوڙ مچايو آھي، 21۽ اھڙيون رسمون ڪڍيون اٿن جي اسان رومين کي قبول ڪرڻ ۽ انھن تي ھلڻ جائز نہ آھي.“ 22تنھن تي خلق اچي گڏ ٿي ۽ انھن شاھدن جي پٺڀرائي ڪرڻ لڳي. عملدارن حڪم ڏنو تہ ”ھنن جا ڪپڙا ڦاڙي لاھيو ۽ کين جسم تي چھبڪ ھڻو.“ 23گھڻي مار کان پوءِ کين جيل ۾ وڌائون ۽ جيلر کي تاڪيد ڪري حڪم ڏنائون تہ کين سخت پھري ھيٺ رکيو وڃي. 24جيلر حڪم ملڻ تي انھن کي اندرين باريڪ ۾ بند ڪيو ۽ سندن ٽنگون ڪاٺ سان ٻڌي قابو ڪيائين. 25رات جو پولس ۽ سيلاس دعائون گھرندا ۽ خدا جي واکاڻ جا گيت ڳائيندا ٿي رھيا ۽ جيل جا قيدي پڻ ٻڌندا ٿي رھيا، تڏھن اڌ رات ڌاري 26اوچتو ھڪڙو وڏو زلزلو آيو، جنھن جيل جون ڀتيون پيڙھہ تائين لوڏي ڇڏيون. ھڪدم سڀ دروازا کلي پيا ۽ سڀني قيدين جون ٻيڙيون ڪري پيون. 27تنھن تي جيلر جاڳي پيو ۽ ڏٺائين تہ جيل جا سڀ دروازا کليا پيا آھن، سو سمجھيائين تہ پڪ سڀ قيدي ڀڄي ويا آھن. تنھنڪري تلوار ڪڍي پاڻ کي مارڻ تي ھو، 28تہ پولس وڏي واڪي رڙ ڪري چيس تہ ”پاڻ کي مار نہ، اسين سڀ ھتي آھيون.“ 29جيلر بتي گھرائي اندر ڪاھي پيو ۽ ڏڪندي ڏڪندي پولس ۽ سيلاس جي پيرن تي ڪري پيو. 30پوءِ ھن کين ٻاھر ڪڍيو ۽ عرض ڪري چوڻ لڳو تہ ”سائين! آءٌ ڇا ڪريان جو ڇوٽڪارو ملي؟“ 31تنھن تي ھنن وراڻيس تہ ”خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻ تہ تو کي ۽ تنھنجي ڪٽنب کي ڇوٽڪارو ملندو.“ 32پوءِ انھن ھن کي ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين کي خداوند جو ڪلام ٻڌايو. 33رات جي انھيءَ پھر ۾ جيلر کين وٺي وڃي سندن زخم ڌوتا. پوءِ اتي ئي ھن ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين بپتسما ورتي. 34ھو پولس ۽ سيلاس کي پنھنجي گھر وٺي ويو ۽ کين کائڻ لاءِ ڪجھہ کاڌو ڏنائين. ھو ۽ سندس ڪٽنب خوشيءَ سان ڀرجي ويو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھنن خدا تي ايمان آندو ھو. 35ٻئي ڏينھن صبح جو عملدارن پنھنجن سپاھين ھٿان جيلر ڏانھن چوائي موڪليو تہ ”انھن ماڻھن کي ڇڏي ڏيو.“ 36سو جيلر پولس کي ٻڌايو تہ ”عملدارن جو حڪم آھي تہ اوھان کي آزاد ڪيو وڃي. تنھنڪري ھاڻي اوھين ھليا وڃو، شل سدا سلامت ھجو.“ 37پر پولس سپاھين کي چيو تہ ”اسين جيڪي رومي آھيون، تن کي ھنن بنا ڪنھن ڏوھہ جي عام خلق جي اڳيان چھبڪ ھڻائي جيل ۾ وڌو آھي ۽ ھاڻي ھو چپ⁠چاپ ۾ اسان کان جان ٿا ڇڏائين؟ ائين ڪڏھن بہ نہ ٿيندو. ڀلي تہ اھي پاڻ اچي اسان کي جيل مان ٻاھر وٺي ھلن.“ 38سپاھين جڏھن اھو نياپو عملدارن کي پھچايو ۽ انھن کي خبر پيئي تہ پولس ۽ سيلاس رومي آھن، تڏھن ھو ڏاڍو ڊڄي ويا. 39تنھنڪري انھن اچي کانئن معافي ورتي ۽ کين چيائون تہ ”اسين اوھان کي جيل مان آزاد ٿا ڪريون، مھرباني ڪري اوھين شھر مان ھليا وڃو.“ 40تڏھن پولس ۽ سيلاس جيل مان نڪري لديا جي گھر ڏانھن ويا، جتي ھو ڀائرن سان مليا ۽ کين تسلي ڏنائون. پوءِ ھو اتان روانا ٿي ويا.

رسولن جا ڪم 17

ٿسلونيڪيءَ ۾

1ھاڻي ھو امفپلس ۽ اپلونيا مان لنگھي ٿسلونيڪيءَ ۾ آيا، جتي يھودي عبادت⁠خانو ھو. 2پولس پنھنجي عادت موجب سندن عبادت⁠گاھہ ۾ ويو ۽ ٽن ھفتن تائين ھر سبت جي ڏينھن تي ھو پاڪ ڪتابن مان ساڻن بحث پيو ڪندو ھو، 3۽ دليل ڏيئي ثابت ڪري چوندو ھئن تہ ”اھو ضروري ھو تہ مسيح ڏک سھي ۽ مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿي.“ ھن چيو تہ ”ھي عيسيٰ جنھن جي آءٌ اوھان کي خبر ٿو ڏيان سو ئي مسيح آھي.“ 4انھن يھودين مان ڪن مڃيو ۽ پولس ۽ سيلاس سان شامل ٿي ويا. خدا پرست يونانين جو ھڪ وڏو تعداد ۽ ڪيتريون ئي مکيہ عورتون بہ اچي ساڻن شامل ٿيون. 5پر گھڻن يھودين کي حسد ٿيو، سو انھن ڪي بازاري لوفر وٺي ھڪ ٽولو ٺاھيو، جن سڄو شھر مٿي تي کنيو. انھن ياسون جي گھر تي حملو ڪيو تہ جيئن اتان پولس ۽ سيلاس کي ٻاھر ڪڍي خلق جي اڳيان وٺي اچن. 6جڏھن اھي اتي نہ ملين تڏھن ياسون ۽ ڪن ٻين ڀائرن کي گھلي شھر جي ڪن عملدارن وٽ وٺي آيا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”جن ماڻھن سڄيءَ دنيا ۾ گڙٻڙ مچائي آھي سي ھتي بہ آيا آھن. 7ياسون انھن کي پاڻ وٽ رھايو آھي. اھي سڀ قيصر جي حڪمن جي خلاف⁠ورزي ٿا ڪن ۽ چون ٿا تہ بادشاھہ ڪو ٻيو آھي، جنھن جو نالو عيسيٰ آھي.“ 8جڏھن ماڻھن ۽ شھر جي عملدارن اھي ڳالھيون ٻڌيون تہ ڏاڍا پريشان ٿيا. 9پوءِ عملدارن ياسون ۽ انھن ٻين کان ضامن وٺي کين ڇڏي ڏنو.

بيريا ۾

10پر ڀائرن پولس ۽ سيلاس کي راتوواھہ بيريا ڏانھن روانو ڪري ڇڏيو ۽ جڏھن ھو اتي پھتا تہ يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويا. 11اھي يھودي ٿسلونيڪيءَ جي يھودين کان وڌيڪ ڪشادي ذھن وارا ھئا، ڇالاءِ⁠جو ھنن وڏي شوق سان خدا جو ڪلام قبول ڪيو ۽ روزانو پاڪ ڪتاب پڙھي ڏسندا ھئا تہ ائين برابر آھي يا نہ، جيئن پولس چئي رھيو آھي. 12تنھنڪري انھن مان ڪيترن ئي ايمان آندو. يونانين مان بہ ڪيترين مکيہ عورتن توڙي مردن ايمان آندو. 13پر جڏھن ٿسلونيڪيءَ جي يھودين کي خبر پيئي تہ پولس بيريا ۾ بہ خدا جي ڪلام جي تبليغ ڪري رھيو آھي، تڏھن ھنن اتي بہ وڃي ماڻھن کي ڀريو ۽ منجھن گوڙ مچايائون. 14جلد ئي ڀائرن پولس کي سمنڊ جي ڪناري ڏانھن روانو ڪري ڇڏيو. پر سيلاس ۽ تيمٿيس ٻئي بيريا ۾ رھي پيا. 15جيڪي ماڻھو پولس سان گڏجي ويا ھئا، سي ساڻس اٿينس تائين ھليا. پوءِ ھو بيريا ڏانھن پولس جي ھن ھدايت سان موٽيا تہ جيترو جلد ٿي سگھي سيلاس ۽ تيمٿيس، پولس سان ملن.

اٿينس ۾

16جڏھن پولس اٿينس ۾ سيلاس ۽ تيمٿيس جو انتظار ڪري رھيو ھو، تڏھن ھن کي اھو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو تہ سڄو شھر بتن سان ڀريو پيو آھي. 17تنھنڪري ھو يھودي عبادت⁠خاني ۾ يھودين ۽ خداترس ماڻھن سان ۽ روزانو بازار ۾ جيڪي گڏبا ھئس، تن سان بحث پيو ڪندو ھو. 18اتي ڪي اِپڪور ۽ ستوئيڪ فلسفي جا عالم بہ ساڻس مقابلو ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ ”ھي واتوڙي ماڻھو ڇا ٿو چوي؟“ ٻين وري چيو تہ ”ھيءُ ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڏسجي.“ ڇالاءِ⁠جو پولس عيسيٰ ۽ قيامت جي منادي ڪري رھيو ھو. 19پوءِ ھو کيس اريوپگس نالي ھڪڙي جاءِ تي شھر جي ڪائونسل وٽ وٺي آيا ۽ پڇيائونس تہ ”ٻڌاءِ تہ ھي ڪھڙي نئين تعليم آھي جيڪا تون ڏيئي رھيو آھين؟ 20ڇاڪاڻ⁠تہ تون ڪي اھڙيون ڳالھيون ٿو ڪرين جي اسان کي عجيب ٿيون لڳن، سو اسان جي مرضي آھي تہ ٻڌون تہ انھن جو مطلب ڇا آھي.“ 21انھن ڏينھن ۾ اٿينس جا سڀ ديسي توڙي پرديسي جيڪي اتي رھندا ھئا، سي پنھنجو سارو وقت نيون نيون ڳالھيون ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ ۾ گذاريندا ھئا. 22تڏھن پولس ڪائونسل جي اڳيان اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو تہ ”اي اٿينس جا رھاڪو! آءٌ ڏسان ٿو تہ اوھين سڀني ڳالھين ۾ مذھبي دلچسپي ٿا رکو، 23ڇالاءِ⁠جو مون گھمندي گھمندي اوھان جي عبادت وارين شين تي غور ڪري ڏٺو آھي. ھڪڙي قربان⁠گاھہ ڏٺم جنھن تي لکيل ھو تہ ’نامعلوم خدا جي لاءِ.‘ سو اوھين ڄاڻڻ سڃاڻڻ کان سواءِ جنھن جي عبادت ٿا ڪريو، تنھن جي ئي آءٌ اوھان کي خبر ٿو ڏيان. 24 جنھن خدا سارو جھان ۽ جيڪي شيون منجھس آھن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آھن، سو آسمان ۽ زمين جو مالڪ ھوندي ھٿن جي ٺھيل مندرن ۾ نہ ٿو رھي. 25ھو ڪنھن بہ شيءِ جو محتاج نہ آھي ۽ نڪي ھو ڪنھن کان خدمت ڪرائڻ گھري ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھن پاڻ ئي تہ سڀني کي حياتي، ساھہ ۽ ٻيو سڀ ڪجھہ ڏنو آھي. 26ھن ھڪڙي انسان مان سڀ قومون پيدا ڪيون آھن، تہ جيئن اھي سڄيءَ دنيا ۾ آباد ٿين. ھن انھن لاءِ اڳ ۾ ئي خاص وقت ۽ رھڻ لاءِ حدون مقرر ڪيون آھن، 27انھيءَ لاءِ تہ ھو اميد رکي خدا جي ڳولا ڪن ۽ من ھن ڏانھن ڦري کيس ڳولي لھن. ڇالاءِ⁠جو ھو اسان مان ڪنھن کان بہ پري نہ آھي 28۽ اسين منجھس ئي جيئون ۽ ھلون چلون ٿا ۽ اسان جي ھستي بہ انھيءَ جي ڪري آھي. جيئن تہ اوھان جي ڪن شاعرن بہ ائين چيو آھي تہ ’اسين بہ خدا جو اولاد آھيون.‘ 29جيئن تہ اسين خدا جو اولاد آھيون، تنھنڪري اسان کي ائين نہ سمجھڻ گھرجي تہ ھن جي ذات ڪنھن سون، چانديءَ يا پٿر جي بت وانگر آھي، جيڪو انساني ھنر ۽ ڪاريگريءَ سان ٺاھيو ويو ھجي. 30سو جن وقتن ۾ ماڻھو بي⁠خبر ھئا، تن وقتن ۾ خدا بہ چشم⁠پوشي ڪئي. پر ھن زماني ۾ خدا سڀني ماڻھن کي حڪم ٿو ڏئي تہ ھو جتي بہ ھجن اتي توبھہ ڪن. 31ڇالاءِ⁠جو ھن ھڪ ڏينھن مقرر ڪري ڇڏيو آھي، جنھن تي ھو سڄي جھان جو عدل ۽ انصاف انھيءَ ماڻھوءَ جي ھٿان ڪندو جنھن کي ھن اڳ ۾ ئي چونڊي ڇڏيو آھي. انھيءَ لاءِ ھن کيس مئلن مان وري جيئرو ڪري ھر ڪنھن تي اھا ڳالھہ ثابت ڪري ڇڏي آھي.“ 32جڏھن انھن پولس جي واتان مئلن مان وري جيئرو ٿيڻ جو ٻڌو تہ ڪي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. پر ڪن چيو تہ ”اسين پوءِ بہ اوھان کان ھن بابت ڪجھہ وڌيڪ ٻڌنداسين.“ 33پوءِ پولس ڪائونسل مان ھليو ويو. 34پر ڪي ماڻھو ساڻس اچي گڏيا ۽ ايمان آندائون. انھن مان ھڪڙو ديونيسيُس نالي ھو، جيڪو اريوپگس ڪائونسل جو ميمبر ھو ۽ ھڪڙي عورت دمرس نالي ھئي ۽ ٻيا بہ ڪيترائي ھئا.

رسولن جا ڪم 18

ڪرنٿس ۾

1انھن ڳالھين کان پوءِ پولس اٿينس مان روانو ٿي ڪرنٿس ۾ اچي پھتو. 2اتي ھن کي اڪولا نالي ھڪڙو يھودي مليو، جيڪو پنطس جو رھاڪو ھو. ھو اِٽليءَ مان تازو پنھنجي زال پرسڪلا سان گڏ آيو ھو، ڇالاءِ⁠جو شھنشاھہ ڪلوديس حڪم ڏنو ھو تہ سڀ يھودي روم شھر مان نڪري وڃن. سو پولس انھن وٽ آيو، 3۽ جيئن تہ ٻنھي جو تنبن ٺاھڻ وارو ساڳيو ئي ڌنڌو ھو، تنھنڪري پولس انھن سان گڏ رھيو ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ لڳا. 4ھو ھر ڪنھن سبت جي ڏينھن تي يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويندو ھو ۽ بحث ڪري يھودين ۽ يونانين کي مڃائڻ جي ڪوشش پيو ڪندو ھو. 5جڏھن سيلاس ۽ تيمٿيس مڪدونيا مان اچي پھتا تہ پولس ڪلام جي تبليغ ۾ ڏاڍو مشغول ھو. ھن يھودين کي انھيءَ ڳالھہ جي شاھدي ڏيئي پئي چيو تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي. 6جڏھن ھو سندس خلاف ٿي پيا ۽ کيس گاريون ڏيڻ لڳا تہ ھن پنھنجا ڪپڙا ڇنڊيندي کين چيو تہ ”جيڪڏھن اوھين تباھہ ٿيا تہ پنھنجا ذميوار اوھين پاڻ آھيو، منھنجو ڪوبہ واسطو نہ آھي. اڄ کان پوءِ آءٌ غير قومن ڏانھن ويندس.“ 7پوءِ ھو اتان روانو ٿي ھڪڙي شخص طيطس يوستس جي گھر اچي ٽڪيو، جيڪو خداترس ھو ۽ جنھن جو گھر يھودي عبادت⁠خاني جي ڀرسان ھو. 8عبادت⁠خاني جي اڳواڻ ڪرسپس ۽ سندس سڄي ڪٽنب خداوند تي ايمان آندو ۽ ٻين بہ ڪيترن ئي ڪرنٿين پولس جي ڳالھہ ٻڌي ايمان آندو ۽ بپتسما ورتائون. 9ھڪڙيءَ رات پولس رويا ڏٺي جنھن ۾ خداوند کيس چيو تہ ”ڊڄ نہ ۽ نڪي ٻڌائڻ کان بس ڪر، 10ڇالاءِ⁠جو آءٌ تو سان آھيان. سو ڪوبہ ماڻھو حملو ڪري تو کي ايذاءُ نہ رسائيندو. ھن شھر ۾ منھنجا ڪيترائي ماڻھو آھن.“ 11ھو ڏيڍ سال اتي رھي پيو ۽ انھن ماڻھن کي خدا جو ڪلام ٻڌائيندو رھيو. 12پر جڏھن يونان جي پرڳڻي اخيا جو گورنر گليو ھو، تڏھن يھودين پاڻ ۾ گڏجي پولس تي حملو ڪيو ۽ کيس پڪڙي ڪورٽ ۾ وٺي آيا. 13اھي چوڻ لڳا تہ ”ھي اھو شخص آھي جيڪو ماڻھن کي اھڙي نموني عبادت ڪرڻ ٿو سيکاري، جيڪا قانون جي خلاف آھي.“ 14پولس ڳالھائڻ تي ھو، پر گورنر گليوءَ يھودين کي چيو تہ ”اي يھودي قوم! جيڪڏھن اھا ڪا ظلم زبردستيءَ جي يا ڪا وڏي بڇڙي ڳالھہ ھجي ھا تہ پوءِ واجبي ھو تہ آءٌ صبر سان اوھان جي ڳالھہ ٻڌان ھا. 15پر جڏھن تہ ھي اھڙا سوال آھن جن جو واسطو لفظن، نالن ۽ خاص اوھان جي شريعت سان آھي تہ پوءِ توھين ڄاڻو، توھان جو ڪم ڄاڻي. آءٌ اھڙين ڳالھين جو فيصلو ڪرڻ نہ ٿو چاھيان.“ 16سو ھن کين ڪورٽ مان ڌڪاري ڪڍي ڇڏيو. 17پوءِ انھن سڀني گڏجي عبادت⁠گاھہ جي اڳواڻ سوسٿنيس کي پڪڙي کيس ڪورٽ جي اڳيان مار ڪُٽ ڪئي. پر گليوءَ کي انھن ڳالھين جي ڪابہ پرواھہ ڪانہ ھئي.

انتاخيا ڏانھن واپسي

18 پولس ڪرنٿس ۾ ڪيترا ئي ڏينھن رھيو. پوءِ ڀائرن کان موڪلائي سامونڊي جھاز ۾ چڙھي پرسڪلا ۽ اڪولا سان گڏ شام ڏانھن روانو ٿيو. سفر کان اڳ ۾ ڪنخريا ۾ ھن پنھنجو مٿو ڪوڙائي ھڪ باس باسي. 19جڏھن اھي اِفسس ۾ پھتا تہ پولس پرسڪلا ۽ اڪولا کان موڪلايو. پوئي پاڻ يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويو جتي يھودين سان بحث ڪرڻ لڳو. 20انھن کيس اڃا بہ ڪجھہ وقت تائين رھڻ لاءِ عرض ڪيو، پر ھن قبول نہ ڪيو. 21ھن موڪلائڻ وقت کين چيو تہ ”خدا گھريو تہ آءٌ ضرور موٽي ايندس.“ ائين چئي ھو اِفسس مان روانو ٿي ويو. 22جڏھن ھو قيصريہ ۾ پھتو تہ ھن يروشلم ڏانھن وڃي ڪليسيا کي سلام ڪيو ۽ پوءِ انتاخيا ڏانھن ھليو ويو. 23ڪجھہ وقت اتي رھڻ کان پوءِ ھو اتان روانو ٿي گلتيا ۽ فروگيا جي علائقن مان لنگھندو سڀني شاگردن کي ھمتائيندو ويو.

اپلوس اِفسس ۽ ڪرنٿس ۾

24انھن ڏينھن ۾ اپلوس نالي ھڪڙو يھودي جيڪو اسڪندريہ جو رھاڪو ھو سو اِفسس ۾ آيو. ھو ھڪ سٺو تقرير ڪندڙ ھو ۽ کيس پاڪ ڪتابن جي گھڻي ڄاڻ ھئي. 25ھن کي خداوند جي طريقي واري تعليم ڏني ويئي ھئي. سو ھو عيسيٰ جون ڳالھيون وڏي جوش ۽ جذبي سان صحيح نموني ۾ ٻڌائيندو ۽ سيکاريندو ھو، جڏھن تہ بپتسما بابت ھن کي رڳو يحيٰ واري بپتسما جي ڄاڻ ھئي. 26ھو يھودي عبادت⁠خاني ۾ بي⁠ڊپو ٿي ڳالھائڻ لڳو. جڏھن پرسڪلا ۽ اڪولا ھن جو ڳالھيون ٻڌيون، تڏھن ھن کي پاڻ وٽ وٺي آيا ۽ کيس خدا جي طريقي جي چڱيءَ طرح ڄاڻ ڏنائون. 27جڏھن اپلوس جي مرضي ٿي تہ ”آءٌ يونان جي پرڳڻي اخيا وڃان،“ تہ ڀائرن کيس ھمتايو ۽ يونان جي شاگردن ڏانھن تاڪيدي خط لکيائون تہ ھو يونان ۾ سندس آڌرڀاءُ ڪن. جڏھن ھو اتي پھتو تہ ھو انھن جو وڏو مددگار ٿي پيو، جن خدا جي فضل سان ايمان آندو ھو، 28ڇالاءِ⁠جو ھن مضبوط دليلن سان يھودين کي کليو کلايو شڪست ڏني ۽ پاڪ ڪتابن مان ثابت ڪيائين تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي.

رسولن جا ڪم 19

پولس اِفسس ۾

1اپلوس اڃا ڪرنٿس ۾ ئي ھو تہ پولس مٿين علائقن مان ٿيندو اِفسس ۾ اچي پھتو ۽ اتي ڪن شاگردن سان مليو. 2انھن کان پڇيائين تہ ”جڏھن اوھان ايمان آندو ھو تہ اوھان کي پاڪ روح مليو ھو يا نہ؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”اسان اڃا تائين پاڪ روح بابت نہ ٻڌو آھي.“ 3پولس پڇين تہ ”پوءِ اوھان ڪھڙي بپتسما ورتي؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”يحيٰ واري بپتسما.“ 4 تنھن تي پولس چيو تہ ”يحيٰ انھن کي بپتسما ڏيندو ھو جن توبھہ ڪئي ھئي ۽ ھو ماڻھن کي چوندو ھو تہ ’جيڪو مون کان پوءِ ايندو ان تي ايمان آڻجو،‘ يعني عيسيٰ تي.“ 5جڏھن انھن اھا ڳالھہ ٻڌي تڏھن خداوند عيسيٰ جي نالي تي بپتسما ورتائون. 6پوءِ پولس پنھنجا ھٿ انھن جي مٿان رکيا تہ پاڪ روح مٿن نازل ٿيو ۽ ھو جدا جدا ٻوليون ڳالھائڻ ۽ خدا جو ڪلام ٻڌائڻ لڳا. 7اھي سڀيئي اٽڪل ٻارھن ڄڻا ھئا. 8پولس ٽن مھينن تائين يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويندو رھيو ۽ انھن ماڻھن سان بي⁠ڊپو ٿي مضبوط دليلن سان خدا جي بادشاھت بابت بحث ڪندو ۽ کين مڃائيندو رھيو. 9پر جڏھن ڪن ضدي ماڻھن ايمان نہ آندو ۽ خداوند جي انھيءَ طريقي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، تڏھن پولس انھن کي ڇڏي ڏنو ۽ شاگردن کي ساڻ ڪري ترونس جي مدرسي ڏانھن ويو جتي روزانو بحث ڪندو ھو. 10اھو سلسلو ٻن سالن تائين ھليو ۽ جيڪي ايشيا پرڳڻي جي علائقي جا يھودي ۽ غير قوم وارا ھئا تن سڀني خداوند جو ڪلام پئي ٻڌو.

سڪيوا جا پٽ

11خدا پولس جي ھٿان غير معمولي معجزا ڏيکاريندو ھو. 12ايتري⁠قدر جو جيڪي رومال ۽ پھراڻ پولس ڍڪيندو ھو، سي کڻي جيڪڏھن بيمارن کي لائيندا ھئا تہ انھن کي بيماري ڇڏي ويندي ھئي ۽ ڀوتن ورتل ماڻھن مان ڀوت نڪري ويندا ھئا. 13تڏھن ڪي رولو يھودي جيڪي ڀوپا ھئا سي بہ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ماڻھن مان ڀوت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. اھي ڀوتن کي ڪڍڻ وقت ھيئن چوندا ھئا تہ ”آءٌ تو کي عيسيٰ جو واسطو ٿو ڏيان، جنھن جي پولس تبليغ ڪري رھيو آھي.“ 14ھڪڙي يھودي سردار ڪاھن سڪيوا جي ستن پٽن بہ ائين پئي ڪيو. 15تنھن تي ڀوت وراڻين تہ ”عيسيٰ کي تہ آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ پولس کي بہ سڃاڻان ٿو، پر اوھين ڪير آھيو؟“ 16پوءِ جنھن شخص ۾ ڀوت ھو، تنھن ٽپو ڏيئي وڃي سوگھو ڪين ۽ اھڙو سوگھو ڪيائين جو ھو سڀيئي ڪپڙا ڦاڙائي ۽ ڌڪ کائي انھيءَ گھر مان وٺي ڀڳا. 17يھودي ۽ غير قوم وارا جيڪي اِفسس ۾ رھندا ھئا، تن سڀني کي جڏھن ھيءَ خبر پيئي تہ ڊپ وٺي وين ۽ خداوند عيسيٰ جي نالي کي وڏي عزت ۽ آبرو ڏيڻ لڳا. 18جن ايمان آندو ھو تن مان ڪيترن ئي کُلي⁠عام پنھنجا ڪيل بڇڙا ڪم باسيا. 19انھن مان ڪيترائي جيڪي جادوگري ڪندا ھئا، تن پنھنجا ڪتاب گڏ ڪري سڀني جي اڳيان ساڙي ڇڏيا. انھن ڪتابن جي رقم جوڙي ويئي تہ اھا پنجاھہ ھزار چانديءَ جا سڪا ٿي. 20اھڙيءَ طرح خدا جو ڪلام پکڙبو ۽ زور وٺندو ويو.

اِفسس ۾ ھنگامو

21ھنن ڳالھين جي ٿيڻ کان پوءِ پولس ارادو ڪيو تہ ھو يونان جي پرڳڻن مڪدونيا ۽ اخيا مان ٿيندو يروشلم وڃي. ھن وڌيڪ ھي بہ فيصلو ڪيو تہ ”اتي وڃڻ کان پوءِ مون کي روم بہ وڃڻ گھرجي.“ 22سو ھن پنھنجن مددگارن مان ٻن ڄڻن تيمٿيس ۽ اراستس کي مڪدونيا ڏانھن موڪليو ۽ پاڻ ڪجھہ وقت ايشيا پرڳڻي جي علائقي ۾ رھي پيو. 23انھن ڏينھن ۾ اِفسس ۾ خداوند جي انھيءَ طريقي جي ڪري ڏاڍي گڙٻڙ متل ھئي. 24دميتريس نالي ھڪڙو سونارو ارتميس ديويءَ جا ننڍڙا چانديءَ جا مندر ٺاھيندو ھو. ھن جي ڌنڌي جي ڪري ڪاريگرن کي ڏاڍو فائدو ھوندو ھو. 25سو ھن انھن ڪاريگرن ۽ اھڙو ڪم ڪندڙ ٻين سڀني کي گڏ ڪري چيو تہ ”اي ڀائرؤ! اوھين ڄاڻو ٿا تہ ھن ڌنڌي مان ئي اسان جو گذر سفر ٿي رھيو آھي. 26اوھين پاڻ ڏسي ۽ ٻڌي سگھو ٿا تہ نہ رڳو اِفسس ۾ پر سڄي ايشيا پرڳڻي ۾ ھن شخص پولس گھڻن ماڻھن کي ورغلائي گمراھہ ڪري ڇڏيو آھي. ھو چئي رھيو آھي تہ ’ماڻھن جا ٺاھيل ھي بت خدا ھرگز نہ آھن.‘ 27سو خطرو اھو آھي تہ متان اسان جو ھي ڌنڌو خراب نہ ٿئي. نہ رڳو ايترو پر اھو بہ انديشو آھي تہ متان مھاديوي ارتميس جو مندر بہ ڪين جھڙو ليکجڻ ۾ اچي ۽ جنھن ديويءَ جي پوڄا ايشيا پرڳڻي توڙي سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪئي وڃي ٿي، تنھن جي عظمت ختم ٿي نہ وڃي.“ 28ھنن لفظن ٻڌڻ سان ماڻھو ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويا ۽ رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اِفسس جي ديوي ارتميس زندہ آباد.“ 29سڄي شھر ۾ ھُل مچي ويو. گايس ۽ ارسترخس، جيڪي مڪدونيا جا رھاڪو ھئا ۽ پولس سان گڏ سفر ڪري رھيا ھئا، تن کي ماڻھن جي ھڪ ميڙ يڪ⁠مشت ٿي پڪڙي تماشگاھہ ۾ آندو. 30پولس جي مرضي ھئي تہ ھو ميڙ ۾ وڃي، پر شاگردن وڃڻ نہ ڏنس. 31ايشيا پرڳڻي جي وڏن عملدارن مان ڪن جيڪي سندس خيرخواھہ ھئا، تن چوائي موڪليس ۽ منٿ ڪيائونس تہ ”متان تماشگاھہ ۾ وڃي پنھنجي جان جوکي ۾ وجھو.“ 32انھيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون ھيون، ڪي واڪو ڪري ھڪ ڳالھہ پيا چون تہ ٻيا وري ٻي ڳالھہ، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي اھا سڌ بہ نہ ھئي تہ ھو ڇا لاءِ اچي گڏ ٿيا آھن. 33آخرڪار ماڻھن مان ڪن جو ھي خيال ھو تہ سڪندر ئي ذميوار آھي، ڇالاءِ⁠جو يھودين کيس اڳ ۾ ڪيو ھو. پوءِ سڪندر ھٿ سان اشارو ڪري ڪوشش ڪئي تہ ماڻھن اڳيان پنھنجي بچاءَ ۾ ڪا تقرير ڪري. 34پر جڏھن انھن سڃاتو تہ ھي يھودي آھي تہ سڀني گڏجي اٽڪل ٻن ڪلاڪن تائين ساڳئي قسم جون رڙيون ڪيون تہ ”اِفسس جي ديوي ارتميس زندہ آباد.“ 35آخرڪار شھر جي مکيہ عملدار ميڙ کي ماٺ ڪرائي چيو تہ ”اي اِفسسيو! اوھان مان ھر ھڪ کي خبر آھي تہ اِفسس جو شھر مھاديوي ارتميس جي مندر جو رکوالو آھي ۽ آسمان مان ان جو پاڪ پٿر بہ ھتي نازل ٿيو آھي. 36انھن ڳالھين کان ڪوبہ انڪار ڪري نہ ٿو سگھي، تنھنڪري اوھان کي گھرجي تہ ٿڌا ٿيو ۽ اُٻھرا ٿي ڪجھہ بہ نہ ڪريو. 37ڇالاءِ⁠جو جن ماڻھن کي اوھين ھتي وٺي آيا آھيو، سي نہ مندرن کي لٽڻ ڦرڻ وارا آھن ۽ نڪي اسان جي ديويءَ جي خلاف ڪفر بڪن ٿا. 38تنھنڪري دميتريس ۽ ساڻس گڏ ڌنڌو ڪندڙن کي جيڪڏھن ڪا دعويٰ ڪرڻي آھي تہ ڪورٽ کلي پيئي آھي ۽ جج ويٺا آھن، ڀلي تہ وڃي ڪيس ڪن. 39پر جيڪڏھن اوھان کي ڪن ٻين ڳالھين جي صفائي وٺڻي آھي تہ انھيءَ جو فيصلو باقاعدي گڏجاڻيءَ ۾ ڪري سگھجي ٿو. 40اڄ شھر ۾ جيڪو ھنگامو ٿيو آھي، انديشو آھي تہ انھيءَ جي ذميواري اسان تي اچي سگھي ٿي. جيئن تہ ھن ھنگامي جو ڪو سبب ئي نہ ٿو نظر اچي، سو اسين انھيءَ لاءِ ڪا ثابتي ڏيئي نہ ٿا سگھون.“ 41انھيءَ تقرير کان پوءِ ھن اھا گڏجاڻي برخاست ڪئي.

رسولن جا ڪم 20

مڪدونيا ۽ يونان ڏانھن

1ھنگامي ختم ٿيڻ کان پوءِ پولس سڀني شاگردن کي گڏ ڪيو ۽ کين نصيحت ڪرڻ کان پوءِ کانئن موڪلايائين. پوءِ ھو اتان روانو ٿي مڪدونيا ڏانھن ھليو ويو. 2ھو انھن سڀني علائقن مان ٿيندو ۽ ماڻھن کي نصيحتون ڪندو يونان ڏانھن ھليو ويو. 3اتي ھو ٽي مھينا ترسيو. پوءِ ھو شام ڏانھن سامونڊي جھاز جي رستي وڃڻ لاءِ تيار ھو تہ کيس خبر پئجي ويئي تہ ڪي يھودي سندس خلاف سازش سٽي رھيا آھن. سو ھن مڪدونيا مان ٿي موٽي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. 4بيريا واري پورس جو پٽ سوپترس، ٿسلونيڪيءَ وارن مان ارسترخس ۽ سڪندس، دربيءَ وارو گايس، ايشيا پرڳڻي وارا تُخِڪُس ۽ تروفيمس ۽ تيمٿيس پڻ ايشيا پرڳڻي تائين ساڻس گڏجي ويا. 5پوءِ اھي اڳتي وڃي تروآس ۾ اسان جو انتظار ڪرڻ لڳا. 6اسين بي⁠خميري مانيءَ جي عيد کان پوءِ سامونڊي جھاز ۾ چڙھي فلپيءَ مان روانا ٿي وياسون ۽ پنجن ڏينھن کان پوءِ انھن سان اچي تروآس ۾ ملياسين، جتي اسين ھڪ ھفتو رھياسون.

تروآس ۾ پولس جو يوتخس کي جيارڻ

7ڇنڇر جي شام جو اسين ماني کائڻ لاءِ گڏ ٿياسين. پولس ماڻھن سان ڳالھائيندو رھيو ۽ سندس تقرير اڌ رات تائين جاري رھي، ڇالاءِ⁠جو ھو ٻئي ڏينھن تي روانو ٿيڻ وارو ھو. 8جنھن ماڙيءَ تي اسان جي گڏجاڻي ھئي اتي ڪيترائي شمعدان پئي ٻريا. 9يوتخس نالي ھڪڙو نوجوان دريءَ ۾ ويٺو ھو، سو جيئن پولس ڳالھائيندو رھيو تيئن ان کي ننڊ وٺندي ويئي، تان جو کيس گھري ننڊ وٺي ويئي ۽ ھو ٽِماڙ تان ھيٺ ڪري پيو. جان اچي کيس کڻن تہ ھو مري چڪو ھو. 10تڏھن پولس ماڙيءَ تان ھيٺ لھندي ئي جھڪي کيس ڀاڪر ۾ ورتو ۽ پوءِ چوڻ لڳو تہ ”فڪر نہ ڪريو، ھي جيئرو آھي.“ 11پوءِ ھو موٽي مٿي ماڙيءَ تي ويو ۽ ماني کاڌائين. گھڻي وقت تائين انھن سان ڳالھائڻ کان پوءِ سج اڀرئي مھل پولس روانو ٿي ويو. 12ھوڏانھن انھيءَ نوجوان کي جيئرو گھر آندو ويو، جنھن سان سڀني جي دل کي ڏاڍي تسلي ٿي.

تروآس کان مليتس

13جيئن تہ پولس پيرين پيادو آسس پھچڻ جو ارادو ڪيو ھو، سو اسين سندس وڃڻ کان پوءِ جھاز تي چڙھي آسس ڏانھن روانا ٿياسين، انھيءَ لاءِ تہ اتي پولس کي بہ پاڻ سان گڏ جھاز تي چاڙھيون. 14جڏھن ھو آسس ۾ اسان سان مليو، تڏھن کيس جھاز ۾ چاڙھي اسين متولينيءَ ۾ پھتاسين. 15ان کان پوءِ اسين ٻئي ڏينھن تي خيوس ۾ پھتاسين ۽ وري ٽئين ڏينھن تي سامس ۾ پھتاسين، جتان وري چوٿين ڏينھن تي مليتس ۾ آياسين. 16پولس فيصلو ڪيو ھو تہ ھو اِفسس جي ٻاھران ٻاھران ھليو وڃي، تہ جيئن ايشيا پرڳڻي ۾ گھڻو وقت نہ لڳيس. ايتري تڪڙ رڳو انھيءَ لاءِ ٿي ڪيائين تہ جي ٿي سگھي تہ پنتيڪُست جو ڏينھن وڃي يروشلم ۾ ملھائي.

اِفسس جي بزرگن ۾ پولس جي آخري تقرير

17پولس مليتس مان اِفسس ڏانھن نياپو موڪليو تہ ڪليسيا جا بزرگ اچي ساڻس ملن. 18جڏھن ھو پھتا تہ پولس کين چيو تہ ”اوھان کي سڌ آھي تہ مون ايشيا پرڳڻي ۾ پھچڻ جي پھرين ڏينھن کان وٺي سڄو وقت اوھان سان ڪيئن گذاريو آھي. 19مون ڏاڍي نھٺائيءَ سان ڳوڙھا ڳاڙي ۽ يھودين جي منصوبن جون مصيبتون سھي بہ خداوند جي خدمت ڪئي آھي. 20اوھان کي سڌ آھي تہ مون اوھان جي فائدي جي ڪابہ ڳالھہ اوھان کان ڳجھي نہ رکي آھي. مون اوھان کي کُلي⁠عام ۽ گھر گھر ۾ تعليم ڏني آھي. 21يھودين ۽ غير⁠قوم وارن ٻنھي کي چتاءُ ڏنو اٿم تہ اھي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪري خدا ڏانھن ڦرن ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻين. 22ھاڻي پاڪ روح جي حڪم موجب آءٌ يروشلم ڏانھن وڃي رھيو آھيان، خبر نہ آھي تہ اتي مون سان ڇا ٿيندو. 23آءٌ رڳو ايترو ڄاڻان ٿو تہ ھر شھر ۾ پاڪ روح مون کي چتاءُ ڪيو آھي تہ مون لاءِ قيد ۽ عذاب انتظار ڪري رھيا آھن. 24 پر مون کي پنھنجي جان جي ڳڻتي نہ آھي ۽ نڪي اھا منھنجي لاءِ ڪا قيمت رکي ٿي. مون کي رڳو اھو فڪر آھي تہ آءٌ پنھنجو دور پورو ڪريان ۽ جيڪا خدمت خداوند عيسيٰ کان مون کي ڪرڻ لاءِ ملي آھي سا پوري ڪريان، يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رھان. 25ھاڻي مون کي پڪ آھي تہ اوھين سڀ جن ۾ مون خدا جي بادشاھت جي تبليغ ڪئي آھي، تن مان ڪوبہ وري منھنجو منھن ڪين ڏسندو. 26تنھنڪري اڄوڪي ڏينھن قسم سان چوان ٿو تہ آءٌ اوھان مان ڪنھن جي بہ گمراھيءَ جو ذميوار نہ آھيان، 27ڇالاءِ⁠جو مون خدا جو مقصد پوريءَ طرح اوھان کي ٻڌايو آھي ۽ ذري جي بہ ڪسر نہ ڇڏي اٿم. 28اوھين پاڻ سان گڏ انھيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنھن لاءِ پاڪ روح اوھان کي ڌنار مقرر ڪيو آھي. سو خدا جي انھيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رھجو، جيڪا ھن پنھنجي فرزند جي رت سان خريد ڪئي. 29آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منھنجي وڃڻ کان پوءِ وحشي بگھڙ اوھان ۾ اچي پوندا ۽ ڌڻ تي ڪوبہ قياس نہ ڪندا. 30خود اوھان منجھان ئي ڪي اھڙا ماڻھو نڪرندا جيڪي ايمان وارن کي برغلائڻ لاءِ ابتيون سبتيون ڳالھيون ٻڌائيندا. 31تنھنڪري اوھين سجاڳ رھجو ۽ ياد رکجو تہ پورا ٽي سال مون رات ڏينھن ڳوڙھا ڳاڙي ھر ھڪ کي سمجھايو آھي. 32ھاڻي آءٌ اوھان کي خدا ۽ سندس انھيءَ فضل واري ڪلام جي حوالي ٿو ڪريان، جنھن کي قدرت آھي تہ اوھان کي قائم ڪري ۽ اوھان سان گڏ خدا جي سڀني چونڊيلن کي برڪتون عطا ڪري. 33مون ڪنھن ۾ بہ سون، چانديءَ يا ڪپڙي جي لالچ نہ رکي. 34اوھين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ مون پنھنجن ھٿن سان پورھيو ڪري پنھنجون ۽ پنھنجن سنگتين جون گھرجون پوريون ڪيون آھن. 35سڀني ڳالھين بابت مون خود عمل ڪري پاڻ کي نمونو بڻائي اوھان کي سمجھايو آھي تہ ڪيئن محنت ڪري ڪمزورن جي مدد ڪرڻ گھرجي ۽ خداوند عيسيٰ جو ڪلام ياد رکڻ گھرجي، جنھن پاڻ فرمايو آھي تہ ’وٺڻ کان ڏيڻ ۾ وڌيڪ خوشي آھي.‘“ 36جڏھن ھن ايترو چئي بس ڪئي، تڏھن سڀني سان گڏ گوڏا کوڙي دعا گھريائين. 37ھو سڀيئي ززاروزار رنا ۽ پولس کي ڀاڪر پائي چميائون. 38ھنن کي سڀ کان وڌيڪ ڏک ان ڳالھہ جو ٿيو جو ھن چيو تہ ”اوھين منھنجو منھن وري ڪين ڏسندا.“ پوءِ ھو پولس سان گڏجي سامونڊي جھاز تائين آيا.

رسولن جا ڪم 21

پولس جو يروشلم ڏانھن وڃڻ

1انھن کان موڪلائي اسين جھاز ۾ چڙھي سڌا قوس ۾ آياسين ۽ ٻئي ڏينھن تي روڊس ۾ پھتاسين، جتان پوءِ وري پترا ۾ آياسين. 2اتي اسان ڏٺو تہ ھڪڙو جھاز فينيڪيءَ ڏانھن وڃي رھيو آھي، سو انھيءَ جھاز ۾ چڙھي روانا ٿياسين. 3پوءِ اھڙي ھنڌ پھتاسين جتان اسين قبرص کي ڏسي سگھون پيا ۽ انھيءَ جي ڏکڻ طرف کان شام ڏانھن ھلڻ لڳاسين. پوءِ صور ۾ پھچي جھاز بندر سان لڳو تہ اسين ھيٺ لٿاسين، ڇالاءِ⁠جو اتي جھاز مان مال لھڻو ھو. 4اتي اسان کي ڪي شاگرد مليا، جن وٽ اسين ست ڏينھن ٽڪياسين. انھن پاڪ روح جي ھدايت سان پولس کي چيو تہ ”اوھين يروشلم ڏانھن نہ وڃو.“ 5پر جڏھن ست ڏينھن پورا ٿيا ۽ وري سفر ڪرڻ لاءِ اسين اتان نڪري روانا ٿياسين تہ ھو پنھنجن ٻارن ۽ زالن سميت اسان سان گڏجي شھر کان ٻاھر تائين اسان کي ڇڏڻ آيا ۽ اسان سان گڏجي سمنڊ جي ڪناري تي گوڏن ڀر ويھي دعا گھريائون. 6پوءِ ھڪ ٻئي کان موڪلائي اسين جھاز ۾ چڙھياسون ۽ ھو موٽي پنھنجن گھرن ڏانھن ھليا ويا. 7اسان پنھنجو سفر جاري رکيو ۽ صور کان پطلميس ۾ پھتاسون، جتي اسان ڀائرن جي خوش خيرعافيت معلوم ڪئي ۽ انھن وٽ ھڪ ڏينھن ٽڪياسون. 8 ٻئي ڏينھن تي اسين اتان روانا ٿي قيصريہ ۾ اچي پھتاسون، جتي اسين فلپس مبشر جي گھر وڃي ٽڪياسين، جيڪو انھن ستن ماڻھن مان ھڪ ھو جن کي يروشلم ۾ چونڊيو ويو ھو. 9انھيءَ کي چار ڪنواريون ڌيئر ھيون جيڪي اڳڪٿيون ڪنديون ھيون. 10 اتي اسين ڪيترا ئي ڏينھن ٽڪياسون، تان جو يھوديہ مان اگبس نالي ھڪ نبي اچي پھتو. 11ھن اسان وٽ اچي پولس جو ڪمربند کنيو ۽ پنھنجا ھٿ پير ٻڌي چوڻ لڳو تہ ”پاڪ روح جو چوڻ آھي تہ جنھن جو ھي ڪمربند آھي، تنھن کي يروشلم ۾ يھودي ھھڙي نموني ٻڌي غير قومن جي حوالي ڪندا.“ 12جڏھن اسان اھو ٻڌو تڏھن اسان ۽ اتي جي رھاڪن پولس کي منٿ ڪئي تہ ”مھرباني ڪري اوھين يروشلم ڏانھن نہ وڃو.“ 13پر ھن جواب ڏنو تہ ”اوھين ھي ڇا ٿا ڪريو جو روئي رڙي منھنجي دل ٿا ڀڃو؟ آءٌ يروشلم ۾ نہ رڳو خداوند عيسيٰ جي واسطي ٻڌجڻ لاءِ، بلڪ اتي مرڻ لاءِ بہ تيار آھيان.“ 14جڏھن اسين کيس مڃائي نہ سگھياسين، تڏھن اسان ايترو چئي بس ڪئي تہ ”جيڪا خداوند جي مرضي.“ 15انھن ڏينھن کان پوءِ اسين پنھنجو سامان سڙو ٻڌي يروشلم ڏانھن وياسون. 16قيصريہ شھر جا ڪي شاگرد بہ اسان سان گڏ ھليا. انھن اسان کي مناسون نالي ھڪڙي شخص جي گھر آندو، جنھن وٽ اسان کي رھڻو ھو. ھو قبرص جو رھاڪو ۽ ھڪ جھونو شاگرد ھو.

پولس جو يعقوب سان ملڻ

17جڏھن اسين يروشلم ۾ پھتاسون تہ اتي ڀائرن اسان جو خوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪيو. 18ٻئي ڏينھن تي پولس اسان سان گڏجي يعقوب سان ملڻ ھليو جتي ڪليسيا جا سڀيئي بزرگ بہ ويٺا ھئا. 19پولس انھن کي سلام ڪرڻ بعد اھي سڀيئي ڪم ترتيبوار ٻڌايا، جيڪي خدا سندس معرفت غير قومن ۾ ڪيا ھئا. 20جڏھن ھنن اھو ٻڌو تڏھن خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا ۽ چيائونس تہ ”ادا! تو کي خبر آھي تہ يھودين منجھان ھزارين ماڻھن ايمان آندو آھي ۽ اھي سڀيئي شريعت تي ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان عمل ڪري رھيا آھن. 21تنھنجي نالي ٻڌو اٿن تہ غير قومن جي علائقن ۾ جيڪي يھودي آھن، تن سڀني کي تون چوين ٿو تہ موسيٰ جي شريعت تي عمل نہ ڪن، ٻارن جو طھر نہ ڪرائين ۽ پنھنجن ريتن رسمن تي نہ ھلن. 22پوءِ ھاڻي ڇا ڪجي؟ ڇوتہ ھنن کي تنھنجي اچڻ جي ضرور خبر پوندي. 23 تنھنڪري ھاڻي جيئن اسين چئون تيئن ڪر. اسان وٽ اھڙا چار ماڻھو آھن جن باس باسي ھئي. 24سو ھاڻي تون انھن سان گڏجي وڃي پاڪ ٿيڻ جي رسم ۾ شريڪ ٿيءُ ۽ انھن جو خرچ ڀر تہ ھو پنھنجا مٿا ڪوڙائين. اھڙيءَ طرح سڀيئي ماڻھو ڄاڻي وٺندا تہ جيڪي ڳالھيون تو بابت ٻڌيون اٿن سي سڀ ڪوڙيون آھن، پر تون تہ پاڻ شريعت تي عمل ڪرين ٿو ۽ ان تي پوريءَ طرح ڪاربند آھين. 25 پر غير قومن مان جن ايمان آندو آھي، تن کي اسان فيصلو ڪري لکي موڪليو آھي تہ اوھين اھو کاڌو نہ کائو، جيڪو بتن تي چاڙھيو ويو ھجي ۽ رت يا ان جانور جو گوشت نہ کائو، جنھن کي گھٽي ماريو ويو ھجي ۽ زنا کان پري ڀڄو.“ 26ٻئي ڏينھن تي پولس انھن چئن ماڻھن کي ساڻ وٺي ويو ۽ انھن سان گڏ پاڪ ٿي ھيڪل ۾ آيو ۽ اچي ٻڌايائين تہ ھو پاڪ ٿيڻ جا ھيترا ڏينھن پورا ڪندا. انھيءَ کان پوءِ انھن مان ھر ھڪ لاءِ قرباني پيش ڪئي ويندي.

پولس جو ھيڪل ۾ جھلجڻ

27پر جڏھن اھي ست ڏينھن پورا ٿيڻ تي ھئا، تڏھن ايشيا پرڳڻي جي ڪن يھودين پولس کي ھيڪل ۾ ڏٺو. سو ھنن سڄي خلق کي ڀڙڪائي اچي کيس پڪڙيو. 28انھن واڪا ڪري ٿي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! مدد ڪريو. ھي اھو ماڻھو آھي جيڪو جتي ڪٿي وڃي سڀني ماڻھن کي اسان جي قوم، شريعت ۽ ھن ھيڪل جي خلاف ڀڙڪائي ٿو. ھن ھاڻي ڪن غير قوم وارن کي بہ ھيڪل ۾ آڻي ھن مقدس جاءِ جي بي⁠حرمتي ڪئي آھي.“ 29 ھنن اھو انھيءَ ڪري چيو جو اِفسس جي ھڪ شخص تروفيمس کي شھر ۾ پولس سان گڏ ڏٺو ھئائون ۽ سمجھيو ھئائون تہ پولس کيس ھيڪل ۾ وٺي آيو آھي. 30سو سڄي شھر ۾ گوڙ مچي ويو. ماڻھو ڊوڙي اچي گڏ ٿيندا ويا ۽ پولس کي پڪڙي ھيڪل مان گھلي ٻاھر ڪڍيائونس ۽ پوءِ ھڪدم در بند ٿي ويا. 31ھو پولس کي مارڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا تہ ايتري ۾ پلٽڻ جي ڪپتان کي خبر پئجي ويئي تہ سڄي يروشلم ۾ ھنگامو ٿي پيو آھي. 32سو جلد ئي ڪپتان ڪجھہ آفيسر ۽ سپاھي ساڻ ڪري گوڙ ڏانھن ڪاھي پيو. جڏھن ماڻھن کيس سپاھين سميت ايندي ڏٺو، تڏھن پولس کي ڌڪن ھڻڻ کان بس ڪيائون. 33پوءِ ڪپتان ويجھو اچي پولس کي گرفتار ڪيو ۽ حڪم ڏنائين تہ ”کيس ٻن ھٿڪڙين سان ٻڌو وڃي.“ پوءِ ماڻھن کان پڇا ڪرڻ لڳو تہ ”ھي شخص ڪير آھي ۽ ڪھڙو ڏوھہ ڪيو اٿس؟“ 34انھيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون ھيون، ڪن واڪو ڪري ھڪ ڳالھہ پئي ڪئي تہ ڪن وري ٻي ڳالھہ. ايترو تہ گوڙ ھو جو حقيقت جي خبر ئي ڪانہ ٿي پيئي، تنھنڪري ھن حڪم ڏنو تہ کيس قلعي ۾ بند ڪيو وڃي. 35جڏھن پولس ڏاڪڻ وٽ پھتو تہ ماڻھن جي ايتري تہ ڌڪ⁠ڌڪان ھئي جو سپاھين کي پولس کڻي وڃڻو پيو. 36جڏھن تہ ماڻھن جو ميڙ پٺيان واڪا ڪندو پئي آيو تہ ”ماري ڇڏيوس، ماري ڇڏيوس.“

پولس جو پنھنجي بچاءَ لاءِ بيان

37جڏھن ھو کيس قلعي ۾ بند ڪرڻ وارا ھئا تہ پولس ڪپتان کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ ڪجھہ چئي سگھان ٿو؟“ تنھن تي ھن چيس تہ ”تو کي يوناني ٻولي اچي ٿي ڇا؟ 38تون اھو مصري نہ آھين ڇا جيڪو ڪي ڏينھن اڳ بغاوت ڪري چار ھزار ھٿياربند وٺي جھنگ ڏانھن ھليو ويو ھئين؟“ 39پولس جواب ۾ چيس تہ ”آءٌ يھودي آھيان، ترسس جو ويٺل آھيان، جيڪو ڪلڪيا جي علائقي جو ھڪڙو مشھور شھر آھي. منھنجو عرض آھي تہ مھرباني ڪري مون کي اجازت ڏيو تہ آءٌ ماڻھن سان ڳالھايان.“ 40جڏھن ڪپتان اجازت ڏنس تڏھن پولس ڏاڪڻ تي بيھي ھٿ جي اشاري سان ماڻھن کي خاموش ٿيڻ لاءِ چيو. جڏھن ماٺ ٿي ويئي تڏھن عبراني ٻوليءَ ۾ ھيئن چوڻ شروع ڪيائين تہ

رسولن جا ڪم 22

1”اي ڀائرو ۽ بزرگو! ٻڌو، ھاڻي آءٌ اوھان کي پنھنجي بچاءَ ۾ ڪجھہ ٻڌايان ٿو.“ 2جڏھن انھن کيس عبرانيءَ ۾ ڳالھائيندي ٻڌو تہ وڌيڪ خاموش ٿي ويا ۽ پولس پنھنجو بيان جاري رکندي چيو تہ 3 ”آءٌ ھڪ يھودي آھيان، جو ڪلڪيا جي شھر ترسس ۾ پيدا ٿيس ۽ ھتي يروشلم ۾ وڏو ٿيس. مون گملي⁠ايل وٽان علم حاصل ڪيو. ھن مون کي وڏن جي شريعت جي بہ مڪمل تعليم ڏني. جھڙيءَ طرح اوھين سڀيئي اڄ خدا جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آھيو تھڙيءَ طرح آءٌ بہ ھوندو ھوس. 4 انھيءَ ڪري مون عيسيٰ مسيح جي طريقي وارن ڪيترن مردن ۽ عورتن کي ٻڌرائي، جيلن ۾ وجھرائي ۽ مارائي بہ ڇڏيو ھو. 5وڏو سردار ڪاھن ۽ سڄي ڪائونسل ھن ڳالھہ جي شاھدي ڏيئي سگھن ٿا تہ آءٌ سچ ٿو ڳالھايان. انھن ئي مون کي دمشق جي يھودي ڀائرن لاءِ خط لکي ڏنا، جيڪي کڻي آءٌ اوڏانھن روانو ٿيس تہ جيئن اتي وارن کي بہ ٻڌي يروشلم ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي اچان.“

پولس جو پنھنجي تبديليءَ بابت ٻڌائڻ

6”جڏھن آءٌ سفر ڪندو دمشق کي ويجھو ٿيس تڏھن ٻنپھرن ڌاري اوچتو ئي اوچتو آسمان مان ھڪڙي تجليدار روشني منھنجي چوڌاري چمڪڻ لڳي. 7آءٌ انھيءَ دم زمين تي ڪري پيس ۽ ھڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيم تہ ’اي شائول! اي شائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟‘ 8تنھن تي مون جواب ڏنو تہ ’اي خداوند! تون ڪير آھين؟‘ ھن مون کي چيو تہ ’آءٌ عيسيٰ ناصري آھيان، جنھن کي تون ستائين ٿو.‘ 9جيڪي ماڻھو مون سان گڏ ھئا تن اھا روشني تہ ڏٺي، پر جنھن مون سان ڳالھايو ٿي، تنھن جو آواز ڪونہ ٻڌائون. 10مون پڇيو تہ ’اي خداوند! آءٌ ڇا ڪريان؟‘ تنھن تي خداوند مون کي چيو تہ ’اٿي دمشق ۾ وڃ، اتي تو کي اھو سڀ ڪجھہ ٻڌايو ويندو، جيڪو خدا تنھنجي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو آھي.‘ 11آءٌ انھيءَ روشنيءَ جي تجليءَ جي ڪري انڌو ٿي پيس، سو منھنجا سنگتي ساٿي مون کي ھٿ کان وٺي دمشق ۾ آيا. 12اتي حنانياہ نالي ھڪڙو ماڻھو ھو، جيڪو دمشق جي سڀني يھودين ۾ معتبر ۽ شريعت موجب ديندار ھو. 13ھو مون وٽ آيو ۽ ڀرسان بيھي چيائين تہ ’ادا شائول! ديد وٺ.‘ انھيءَ دم مون کي وري ديد ملي ويئي ۽ مون کيس ڏٺو. 14پوءِ ھن چيو تہ ’اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا تو کي ھن لاءِ مقرر ڪيو آھي تہ تو کي خبر پوي تہ سندس مرضي ڪھڙي آھي ۽ انھيءَ سچار کي ڏسين ۽ کيس ڳالھائيندي ٻڌين. 15ڇالاءِ⁠جو جيڪي تو ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، تنھن بابت تون سڀني ماڻھن جي اڳيان سندس شاھد ٿيندين. 16ھاڻي دير نہ ڪر. اٿي ۽ سندس نالي دعا گھُري بپتسما وٺ تہ تنھنجا گناھہ ڌوپي وڃن.‘ 17پوءِ آءٌ موٽي يروشلم ۾ آيس ۽ جڏھن ھيڪل ۾ دعا گھري رھيو ھوس تہ مون کي ھڪ رويا ڏسڻ ۾ آئي، 18جنھن ۾ مون خداوند کي ڏٺو، جيڪو مون کي چئي رھيو ھو تہ ’جلدي ڪر، يروشلم مان نڪري وڃ. ڇالاءِ⁠جو ماڻھو منھنجي بابت تنھنجي شاھدي قبول نہ ڪندا.‘ 19تنھن تي مون وراڻيو تہ ’اي خداوند! خود ھنن کي خبر آھي تہ جيڪي تو تي ايمان آڻيندا ھئا، تن کي آءٌ جتي ڪٿي يھودي عبادت⁠خانن ۾ وڃي پڪڙي جيل ۾ وجھرائيندو ھوس ۽ مار ڏياريندو ھوس. 20 جنھن وقت تنھنجي شھيد استيفنس جو رت ٿي وھايو ويو، تنھن وقت آءٌ بہ اتي بيٺو ھوس ۽ انھيءَ ڳالھہ ۾ راضي ھوس ۽ جن کيس ماريو پئي تن جي ڪپڙن جي مون سنڀال پئي ڪئي.‘ 21پوءِ خداوند مون کي چيو تہ ’ھتان روانو ٿيءُ، ڇالاءِ⁠جو آءٌ تو کي غير قومن ڏانھن پري پري موڪليندس.‘“ 22ايستائين ھو پولس جي ڳالھہ ٻڌندا رھيا ۽ پوءِ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”ھن ماڻھوءَ کي ختم ڪري ڇڏيو، ڇالاءِ⁠جو اھڙو ماڻھو دنيا ۾ رھڻ جي لائق نہ آھي.“ 23جڏھن ھو واڪا ڪرڻ، ڪپڙا اڇلائڻ ۽ ڌوڙ اڏائڻ لڳا، 24تڏھن ڪپتان پولس بابت حڪم ڏنو تہ ”ھن کي قلعي ۾ وٺي وڃو ۽ چھبڪ ھڻي سندس زباني بيان وٺو تہ مون کي خبر پوي تہ اھي ڇو ھن جي خلاف ايڏيون رڙيون ڪن ٿا.“ 25جڏھن اھي کيس چھبڪن ھڻڻ لاءِ ٻڌي چڪا تہ پولس اتي بيٺل صوبيدار کي چيو تہ ”ڇا اوھان لاءِ اھو جائز آھي جو اوھين ھڪ روميءَ کي چھبڪ ھڻايو، جيتوڻيڪ ھن جو ڪوبہ ڏوھہ نہ آھي؟“ 26جڏھن صوبيدار ھي ٻڌو تہ ھو سڌو ڪپتان وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”اوھين ھي ڇا ڪري رھيا آھيو؟ ھي ماڻھو تہ رومي آھي.“ 27تنھن تي ڪپتان پولس وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”سچ ٻڌاءِ تون رومي آھين ڇا؟“ پولس جواب ڏنو تہ ”ھائو.“ 28تنھن تي ڪپتان چيس تہ ”مون تہ تمام وڏي رقم ڏيئي رومي ٿيڻ جا حق حاصل ڪيا آھن.“ پر پولس چيس تہ ”آءٌ تہ ڄائي ڄم کان رومي آھيان.“ 29پوءِ جيڪي پولس جو زباني بيان وٺڻ آيا ھئا، سي کيس ھڪدم ڇڏي پري ٿي بيٺا. ڪپتان کي بہ جڏھن اھا خبر پيئي تہ ھو رومي آھي تہ ھو ڏاڍو ڊڄي ويو جو ھن کيس زنجيرن ۾ ٻڌرايو ھو.

پولس ڪائونسل جي اڳيان

30ڪپتان جي مرضي ھئي تہ ھو ڏسي پڪ ڪري تہ يھودي پولس تي ڪھڙا الزام ھڻن ٿا. سو ھن ٻئي ڏينھن تي پولس جون ھٿڪڙيون لھرايون ۽ حڪم ڏنائين تہ ”سردار ڪاھن ۽ سڄي ڪائونسل گڏ ٿئي.“ پوءِ ھن پولس کي وٺي انھن جي اڳيان آڻي بيھاريو.

رسولن جا ڪم 23

1پولس ڪائونسل ڏانھن چتائي نھاريو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! اڄ تائين مون پنھنجي سڄي حياتي خدا جي حضور ۾ پوري نيڪ⁠نيتيءَ سان پئي گذاري آھي.“ 2تنھن تي وڏي سردار ڪاھن حنانياہ اتي بيٺل ماڻھن کي حڪم ڏنو تہ ”پولس کي وات وارو ڌڪ ھڻو.“ 3 تڏھن پولس ھن کي چيو تہ ”خدا يقيناً تو کي بہ ڌڪ ھڻندو اي اندر ڪارا! ڇا تون منھنجو فيصلو شريعت موجب ٿو ڪرين؟ نہ، تون تہ شريعت جي خلاف مون کي مار ڏيارڻ جو حڪم ٿو ڏئين.“ 4تنھن تي جيڪي ماڻھو پولس جي ڀرسان بيٺا ھئا، تن چيس تہ ”تون خدا جي وڏي سردار ڪاھن کي گھٽ⁠وڌ ٿو ڳالھائين!“ 5 پولس وراڻيو تہ ”ڀائرؤ! مون نہ ٿي ڄاتو تہ ھو ڪو وڏو سردار ڪاھن آھي. پاڪ ڪتاب ۾ لکيل آھي تہ ’تون پنھنجي قوم جي سردار جي گلا نہ ڪر.‘“ 6 جڏھن پولس ڏٺو تہ ڪائونسل ۾ ڪي صدوقي ۽ ڪي فريسي آھن، تڏھن ھن ڪائونسل کي وڏي آواز سان چيو تہ ”اي ڀائرؤ! آءٌ فريسي ۽ فريسين جو اولاد آھيان. ھتي مون تي ڪيس ھلايو وڃي ٿو، ڇالاءِ⁠جو منھنجو اھو يقين آھي تہ جيڪي مري ويا آھن سي وري جيئرا ٿي اٿندا.“ 7جنھن مھل ھن اھي لفظ چيا تہ فريسي ۽ صدوقي پاڻ ۾ جھيڙو ڪرڻ لڳا ۽ ڪائونسل ٻن حصن ۾ ورھائجي ويئي. 8 ڇالاءِ⁠جو صدوقي نہ ملائڪن کي ٿا مڃين، نڪي روحن کي ۽ نہ ئي وري جيئري ٿيڻ کي. پر فريسي اھي سڀ ڳالھيون مڃين ٿا. 9گوڙ وڌندو ويو، تان جو ڪي شريعت جا عالم جيڪي فريسين جي پارٽيءَ مان ھئا، سي اٿي بيٺا ۽ سختيءَ سان اعتراض ڪرڻ لڳا تہ ”اسين ھن شخص ۾ ڪوبہ ڏوھہ نہ ٿا ڏسون. جيڪڏھن ڪنھن روح يا ڪنھن ملائڪ ساڻس ڳالھايو ھوندو تہ پوءِ ڇا ٿيو؟“ 10جڏھن جھيڙو وڌي ويو تڏھن ڪپتان کي اچي خوف ورتو تہ متان ماڻھو پولس کي ماري ٽڪرا ٽڪرا نہ ڪري ڇڏين. سو سپاھين کي حڪم ڏنائين تہ ”وڃي گوڙ مان کيس زوريءَ وٺي قلعي ۾ آڻيو.“ 11جڏھن رات ٿي تڏھن خداوند اچي پولس جي ڀرسان بيٺو ۽ چيائينس تہ ”دلجاءِ ڪر، جيئن تو يروشلم ۾ منھنجي لاءِ شاھدي ڏني آھي تيئن روم ۾ بہ تو کي منھنجي لاءِ شاھدي ڏيڻي پوندي.“

پولس کي مارڻ جي سازش

12ٻئي ڏينھن صبح جو ڪي يھودي اچي گڏ ٿيا ۽ ھڪ سازش سٽيائون. انھن قسم کڻي واعدو ڪيو تہ تيستائين ھو ڪابہ شيءِ نہ کائيندا ۽ ڪجھہ بہ نہ پيئندا، جيستائين پولس کي نہ مارين. 13اھي چاليھن کان بہ گھڻا ھئا جن گڏجي اھا سازش سٽي ھئي. 14پوءِ اھي سردار ڪاھنن ۽ بزرگن وٽ ويا ۽ چيائون تہ ”اسان گڏجي قسم کنيو آھي تہ ايستائين ڪابہ شيءِ نہ کائينداسون، جيستائين پولس کي نہ ماريون. 15سو ھاڻي اوھين ڪائونسل وارن سان گڏجي بھانو ڪري ڪپتان کي عرض ڪريو تہ ھو پولس کي وڌيڪ جاچ لاءِ اوھان وٽ موڪلي، پوءِ ھو اوھان وٽ پھچندو ئي ڪين تہ اسان کيس ماري وجھنداسون.“ 16پر پولس جي ڀاڻيجي جڏھن انھيءَ سازش بابت ٻڌو، تڏھن قلعي ۾ اچي پولس کي اھا ڳالھہ ٻڌايائين. 17تنھن تي پولس صوبيدارن مان ھڪڙي کي پاڻ وٽ سڏي عرض ڪيو تہ ”ھن جوان کي ڪپتان وٽ وٺي وڃو، جو کيس ڪجھہ چوڻو آھي.“ 18اھو صوبيدار انھيءَ جوان کي ڪپتان وٽ وٺي ويو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”قيديءَ پولس مون کي سڏ ڪري عرض ڪيو تہ ھن جوان کي اوھان وٽ وٺي اچان، جو کيس اوھان سان ڪجھہ ڳالھائڻو آھي.“ 19ڪپتان انھيءَ جوان کي ھٿ کان وٺي پاسي تي نويڪلائيءَ ۾ وٺي ويو ۽ پڇيائينس تہ ”تو کي مون سان ڇا ڳالھائڻو آھي؟“ 20تنھن تي ھن چيو تہ ”يھودين پاڻ ۾ سازش سٽي آھي تہ اوھان کي عرض ڪن تہ سڀاڻي پولس کي ڪائونسل ۾ وٺي اچو، ڄڻ تہ ان بابت کين وڌيڪ صحيح جاچ ڪرڻي آھي. 21پر اوھين سندن چيو نہ مڃجو، ڇالاءِ⁠جو يھودين جا چاليھن کان بہ وڌيڪ ماڻھو رستي تي لڪا ويٺا آھن، جن قسم کنيو آھي تہ جيسين ھو پولس کي نہ ماريندا تيسين نڪي کائيندا نڪي پيئندا. سو ھو ھاڻي سنبريا ويٺا آھن، رڳو تنھنجي فيصلي جو انتظار اٿن.“ 22تنھن تي ڪپتان چيس تہ ”اھي ڳالھيون تون ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائجانءِ، جيڪي مون کي ٻڌايون اٿيئي.“ پوءِ جوان کي موڪل ڏيئي ڇڏيائين.

پولس کي گورنر فِيلِڪس وٽ موڪلڻ

23پوءِ ڪپتان ٻن صوبيدارن کي پاڻ وٽ گھرائي حڪم ڏنو تہ ”ٻہ ⁠سؤ سپاھي، ستر گھوڙيسوار ۽ ٻہ ⁠سؤ نيزي⁠بردار تيار ڪريو تہ ھو رات جو ھڪ پھر گذرڻ کان پوءِ قيصريہ ڏانھن وڃن.“ 24کين ھي بہ چيائين تہ ”پولس جي سواريءَ لاءِ گھوڙن جو انتظام ڪجو، تہ جيئن ھن کي گورنر فِيلِڪس وٽ صحيح سلامت وٺي وڃجي.“ 25پوءِ ڪپتان کين ھي خط لکي ڏنو تہ 26”جناب گورنر فِيلِڪس صاحب بھادر! بعد سلامن جي ڪلوديس لوسياس لکي ٿو تہ 27ھن ماڻھوءَ کي يھودين پڪڙيو ھو ۽ ذري گھٽ مارڻ تي ھيس جو آءٌ سپاھين کي وٺي وڃي اتي پھتس ۽ يھودين کان بچايومانس، ڇالاءِ⁠جو مون کي خبر پئجي ويئي تہ ھو رومي آھي. 28آءٌ کيس انھن جي وڏي ڪائونسل ۾ وٺي آيس تہ جيئن مون کي خبر پوي تہ اھي مٿس ڪھڙو ڏوھہ ٿا مڙھين. 29پوءِ مون کي خبر پيئي تہ يھودين پنھنجي شريعت جي ئي ڳالھين ڪري ھن تي تھمت ھنئي آھي. پر ھن تي ڪو اھڙو الزام نہ ھنيو اٿن جو کيس موت يا قيد جي سزا ڏجي. 30جڏھن مون کي معلوم ٿيو تہ ھن ماڻھوءَ جي خلاف ھڪ سازش سٽي ويئي آھي، تڏھن کيس ھڪدم اوھان ڏانھن ڏياري موڪليم ۽ سندس مخالفن کي حڪم ڏنم تہ جيڪڏھن انھن کي ھن جي خلاف ڪجھہ چوڻو آھي تہ اوھان وٽ اچي چون.“ 31پوءِ جيئن سپاھين کي حڪم ڏنو ويو، تيئن ئي اھي پولس کي راتوواھہ انتپطرس ۾ وٺي آيا. 32ٻئي ڏينھن تي پيادا سپاھي قلعي ڏانھن موٽي ويا ۽ گھوڙيسوارن کي اتي ڇڏيائون تہ ھو ساڻس گڏجي وڃن. 33انھن قيصريہ ۾ پھچي گورنر کي خط ڏنو ۽ پولس کي بہ سندس حوالي ڪيائون. 34گورنر خط پڙھيو ۽ پولس کان پڇيائين تہ ”تون ڪھڙي علائقي جو رھاڪو آھين؟“ جڏھن کيس خبر پيئي تہ ھو ڪلڪيا جو رھاڪو آھي، 35تڏھن چيائينس تہ ”آءٌ تنھنجو بيان انھيءَ مھل وٺندس، جڏھن تنھنجا مخالف پھچندا.“ پوءِ ھن حڪم ڏنو تہ ”پولس کي گورنر جي محلات ۾ پھري ھيٺ رکو.“

رسولن جا ڪم 24

پولس تي يھودين جو الزام

1پنجن ڏينھن کان پوءِ وڏو سردار ڪاھن حنانياہ ڪن بزرگن ۽ ھڪ وڪيل طرطلس سان گڏجي قيصريہ ۾ آيو. اھي گورنر فِيلِڪس اڳيان حاضر ٿيا ۽ پولس تي تھمتون ھڻڻ لڳا. 2جڏھن پولس کي سڏايو ويو تہ طرطلس ھن تي الزام ھڻندي چيو تہ ”جناب فِيلِڪس صاحب بھادر! اسين سائين جن جي ڪري ڏاڍي امن ۾ ٿا گذاريون ۽ اوھان جي دورانديشيءَ سبب ھن قوم جي لاءِ ڪيترائي سڌارا ٿيا آھن. 3اسين ھر طرح ۽ ھرھنڌ اوھان جا شڪرگذار ۽ ٿورائتا آھيون. 4آءٌ اوھان کي وڌيڪ تڪليف نہ ٿو ڏيان، رڳو عرض ٿو ڪريان تہ مھرباني ڪري اسان جون ٻہ ٽي ڳالھيون ٻڌو. 5ھي ماڻھو ھڪ وڏو خطرناڪ غنڊو نڪتو آھي. دنيا جي سڀني يھودين ۾ ھن فساد مچايو آھي ۽ ناصرين جي ھڪڙي بدعتي فرقي جو اڳواڻ آھي. 6‏-8ھن اھا بہ ڪوشش ڪئي آھي تہ ھيڪل جي بي⁠حرمتي ڪري، پر اسان کيس پڪڙي ورتو. سو جن ڏوھن جو اسين مٿس الزام ٿا ھڻون، تن سڀني جي بہ جيڪڏھن کانئس پڇا ڳاڇا ڪندا تہ اوھان کي خبر پئجي ويندي.“ 9پوءِ يھودي بہ ھن الزام ھڻڻ ۾ وڪيل سان شامل ٿي ويا ۽ چيائون تہ ”اھي ڳالھيون برابر ائين ئي آھن.“

پولس جو فِيلِڪس اڳيان بچاءَ جو بيان

10پوءِ گورنر پولس ڏانھن پنھنجو بيان ڏيڻ لاءِ اشارو ڪيو. تڏھن پولس وراڻيو تہ ”سائين! مون کي خبر آھي تہ اوھين گھڻن ئي سالن کان وٺي ھن قوم جو انصاف ڪندا ٿا اچو، تنھنڪري آءٌ خوشيءَ سان اوھان جي اڳيان پنھنجي بچاءَ لاءِ بيان ڏيان ٿو. 11اوھين معلوم ڪري سگھو ٿا تہ ٻارھن ڏينھن بہ مس گذريا ھوندا جو آءٌ يروشلم ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ ويو ھوس. 12ھنن مون کي نہ ھيڪل ۾ ڪنھن سان بحث ڪندي ڏٺو آھي ۽ نڪي پنھنجن عبادت⁠خانن ۽ شھر ۾ فساد مچائيندي ڏٺو اٿن. 13ھو وري جن ڳالھين جي مون تي تھمت ٿا ھڻن، تن جي ڪا ثابتي بہ ڏيئي نہ ٿا سگھن. 14آءٌ قبول ٿو ڪريان تہ پنھنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت انھيءَ طريقي موجب ڪريان ٿو جنھن کي ھي بدعت سمجھن ٿا. آءٌ موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي صحيفن ۾ لکيل سڀني ڳالھين تي ايمان آڻيان ٿو. 15مون کي خدا ۾ اھڙي ئي اميد آھي جا خود انھن کي بہ آھي تہ خدا سڀني نيڪن توڙي بدڪارن کي مرڻ کان پوءِ جيئرو ڪري اٿاريندو. 16تنھنڪري آءٌ ھميشہ اھا ڪوشش ڪندو رھندو آھيان تہ منھنجي دل خدا ۽ ماڻھن ڏانھن صاف رھي. 17 آءٌ گھڻن سالن کان پوءِ يروشلم ۾ ويس تہ وڃي پنھنجي قوم ۾ ڪجھہ خيرات ڪريان ۽ خدا آڏو قرباني پيش ڪريان. 18جڏھن مون ائين پئي ڪيو ۽ ھيڪل ۾ پاڪائيءَ سان ھوس، تڏھن ھنن مون کي اتي ڪو فساد يا جھيڙو ڪندي نہ ڏٺو. 19جڏھن تہ اتي ايشيا پرڳڻي جا ڪي يھودي بہ موجود ھئا، جيڪڏھن کين مون تي ڪا تھمت ھڻڻي ھجي ھا تہ اھي ھتي اوھان جي اڳيان حاضر ٿين ھا. 20يا ھنن ماڻھن کي ئي اجازت ڏيو تہ ھو پاڻ ٻڌائين تہ جڏھن آءٌ ڪائونسل جي اڳيان بيٺو ھوس تہ ھنن مون ۾ ڪھڙو ڏوھہ ڏٺو، 21 سواءِ ھن ڏوھہ جي جو مون سندن وچ ۾ بيھي وڏي واڪي چيو تہ ’اڄ اوھين مون تي انھيءَ ڪري ڪيس ٿا ھلايو، جو مون چيو آھي تہ مئل وري جيئرا ٿي اٿندا.‘“ 22پوءِ فِيلِڪس، جيڪو انھيءَ طريقي جو وڌيڪ ڄاڻو ھو، تنھن ڪيس روڪي ڇڏيو ۽ انھن کي چيائين تہ ”جڏھن ڪپتان لوسياس ايندو تڏھن آءٌ اوھان جي ڪيس جو فيصلو ڏيندس.“ 23ھن پولس جي نگھبان صوبيدار کي حڪم ڏنو تہ ”ھن کي وڃي نظربند ڪريو، پر کيس ڪجھہ آزادي ڏجو ۽ جيڪڏھن ھن جي دوستن مان ڪو سندس خدمت ڪرڻ گھري تہ کيس نہ روڪجو.“

پولس فِيلِڪس ۽ دروسلہ جي اڳيان

24ڪن ڏينھن کان پوءِ فِيلِڪس پنھنجي يھودڻ زال دروسلہ سان گڏجي اتي آيو ۽ پولس کي گھرائي سندس زباني عيسيٰ مسيح جي دين بابت ڳالھيون ٻڌائين. 25جڏھن پولس ھنن کي سچائي، پرھيزگاري ۽ ايندڙ قيامت بابت سمجھايو پئي، تڏھن فِيلِڪس کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو، سو پولس کي چيائين تہ ”ھاڻي تون ھليو وڃ ۽ وري جڏھن مون کي واندڪائي ملندي تہ آءٌ تو کي پاڻ وٽ گھرائي وٺندس.“ 26تنھن کان سواءِ ھن کي اھا بہ اميد ھئي تہ پولس کيس ڪا رشوت ڏيندو، تنھنڪري ھو وري وري کيس سڏائي گفتگو ڪندو ھو. 27پر ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ فِيلِڪس جي جاءِ تي پرڪيس فيستس کي گورنر مقرر ڪيو ويو. فِيلِڪس پولس کي جيل ۾ ئي ڇڏي ھليو ويو، ڇوتہ سندس مرضي ھئي تہ ان طرح ھو يھودين کي خوش ڪري.

رسولن جا ڪم 25

پولس جي شھنشاھہ کي اپيل

1ھن علائقي ۾ پھچڻ کان ٽي ڏينھن پوءِ فيستس قيصريہ کان يروشلم ڏانھن ويو. 2سردار ڪاھنن ۽ يھودين جي بزرگن فيستس وٽ وڃي پولس جي خلاف دانھن ڏني ۽ عرض ڪيائونس تہ 3”اوھين مھرباني ڪري پولس کي يروشلم ۾ گھرايو.“ ڇالاءِ⁠جو ھنن وجھہ پئي ڳوليو تہ پولس کي رستي ۾ ئي ماري کپائي ڇڏين. 4پر فيستس کين جواب ڏنو تہ ”پولس قيصريہ ۾ نظربند آھي ۽ آءٌ پاڻ اوڏانھن وڃڻ وارو آھيان. 5اوھان مان جيڪي معتبر آھن، سي مون سان گڏجي ھلن ۽ جيڪڏھن انھيءَ ماڻھوءَ ڪو ڏوھہ ڪيو ھوندو تہ پوءِ ڀلي مٿس الزام ھڻن.“ 6فيستس اٺ ڏھہ ڏينھن کن اتي گذاريا ۽ پوءِ قيصريہ ڏانھن ھليو ويو. ٻئي ڏينھن تي جج جي ڪرسيءَ تي ويھي حڪم ڏنائين تہ ”پولس کي اندر آڻيو.“ 7جڏھن پولس پھتو تڏھن يھودي جيڪي يروشلم کان آيا ھئا، سي چوگرد ڦري آيس ۽ مٿس ڏاڍيون سخت تھمتون ھنيائون، پر انھن جي ثابتي نہ ڏيئي سگھيا. 8پولس پنھنجي بچاءَ ۾ چيو تہ ”مون يھودين جي شريعت جو، ھيڪل جو يا قيصر جو ڪوبہ ڏوھہ ڪونہ ڪيو آھي.“ 9فيستس يھودين کي راضي ڪرڻ لاءِ پولس کان پڇيو تہ ”ڇا تون يروشلم ڏانھن ھلندين تہ جيئن اتي منھنجي اڳيان ھنن ڳالھين جو فيصلو ٿئي؟“ 10پولس وراڻيو تہ ”آءٌ قيصر جي ڪورٽ اڳيان بيٺو آھيان، تنھنڪري منھنجو فيصلو بہ ھتي ٿيڻ گھرجي. اوھين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ مون يھودين جو ڪوبہ ڏوھہ ڪونہ ڪيو آھي. 11جيڪڏھن آءٌ ڏوھدار آھيان ۽ موت جي سزا جوڳو ڪم ڪيو اٿم تہ مون کي مرڻ کان انڪار ڪونہ آھي. پر جن ڳالھين جي اھي مون تي تھمت ھڻن ٿا، سي سچيون ڪين آھن. پوءِ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي اھو حق نہ آھي تہ ھو مون کي انھن جي حوالي ڪري. تنھنڪري آءٌ قيصر وٽ اپيل ٿو ڪريان.“ 12تنھن تي فيستس پنھنجن صلاحڪارن سان صلاح مصلحت ڪري وراڻيو تہ ”تو قيصر وٽ اپيل ڪئي آھي، تنھنڪري تو کي قيصر وٽ وڃڻو پوندو.“

پولس اگرپا ۽ برنيڪيءَ اڳيان

13ڪن ڏينھن کان پوءِ اگرپا بادشاھہ ۽ سندس ڀيڻ برنيڪي قيصريہ ۾ فيستس سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيا. 14ھو ڪيترائي ڏينھن اتي ٽڪيا پيا ھئا، سو فيستس پولس جي ڪيس جو احوال بادشاھہ کي ٻڌائيندي چيو تہ ”ھڪڙو شخص آھي، جنھن کي فِيلِڪس جيل ۾ ڇڏي ھليو ويو آھي. 15جڏھن آءٌ يروشلم ۾ ھوس تڏھن انھيءَ ماڻھوءَ جي خلاف سردار ڪاھن ۽ يھودين جي بزرگن مون کي دانھن ڏني ھئي ۽ عرض ڪيو ھئائون تہ آءٌ کيس سزا ڏيان. 16پر مون کين جواب ڏنو تہ جيستائين جوابدار فريادين جي روبرو نہ ٿئي ۽ جيڪو الزام ھو مٿس ھڻن ٿا تنھن جي بچاءَ ۾ بيان ڏيڻ جو موقعو نہ مليس، تيستائين کيس سزا ڏيڻ رومين جي دستور ۾ نہ آھي. 17سو جڏھن ھو ھتي اچي گڏ ٿيا تڏھن مون دير ڪانہ ڪئي، بلڪ ٻئي ڏينھن تي ڪورٽ ۾ جج جي ڪرسيءَ تي ويھي مون حڪم ڏنو تہ ’انھيءَ ماڻھوءَ کي وٺي اچو.‘ 18پر جڏھن سندس مخالف اٿي بيٺا، تڏھن انھن مٿس اھڙو ڪوبہ الزام ڪونہ ھنيو جن ڏوھن جو مون کي گمان ھو. 19پر ھنن ساڻس پنھنجي دين ۽ عيسيٰ نالي ھڪڙي شخص بابت تڪرار ٿي ڪيو، جيڪو مري ويو ھو ۽ پولس چوي ٿو تہ ھو جيئرو آھي. 20مون کي سمجھہ ۾ نہ آيو تہ انھن ڳالھين جي صحيح جاچ ڪيئن ڪجي. تنھنڪري مون پولس کان پڇيو تہ ’ڇا تون يروشلم ڏانھن وڃڻ ۾ راضي آھين تہ جيئن اتي انھن ڳالھين جو فيصلو ٿئي؟‘ 21پر جڏھن پولس اپيل ڪئي تہ سندس ڪيس جو فيصلو قيصر جي ڪورٽ ۾ ٿئي، تڏھن مون حڪم ڏنو تہ جيستائين آءٌ کيس قيصر ڏانھن نہ موڪليان تيستائين ھو نظربند رھي.“ 22تنھن تي اگرپا فيستس کي چيو تہ ”منھنجي پاڻ اھا مرضي آھي تہ آءٌ انھيءَ ماڻھوءَ جون ڳالھيون ٻڌان.“ فيستس کيس وراڻيو تہ ”اوھين سڀاڻي ئي کڻي ھن جون ڳالھيون ٻڌجو.“ 23ٻئي ڏينھن تي اگرپا ۽ برنيڪي وڏي شان وَ شوڪت سان درٻار ھال ۾ داخل ٿيا. ھنن سان فوجي ڪپتان ۽ معزز شھري بہ ساڻ ھئا. فيستس حڪم ڏنو تہ ”پولس کي اندر آندو وڃي.“ 24پوءِ فيستس چوڻ لڳو تہ ”اي بادشاھہ اگرپا ۽ معزز حاضرين! ھن شخص ڏانھن ڏسو، جنھن بابت يھودين جي سڄي خلق ھتي قيصريہ ۾ ۽ يروشلم ۾ مون وٽ فرياد ڪئي ۽ واڪا ڪري چيائون تہ ’ھن ماڻھوءَ کي جيئرو نہ ڇڏيو.‘ 25پر مون کي خبر پيئي تہ ھن شخص اھڙو ڪوبہ ڏوھہ نہ ڪيو آھي جو کيس موت جي سزا ڏجي. ھن پاڻ شھنشاھہ وٽ اپيل ڪئي، جنھن ڪري مون فيصلو ڪيو تہ کيس اوڏانھن موڪليان. 26پر ھن بابت ڪابہ پڪي خبر نہ آھي، جا آءٌ شھنشاھہ ڏانھن لکي موڪليان. تنھنڪري مون ھن کي اوھان سڀني جي اڳيان ۽ خاص ڪري اي بادشاھہ اگرپا! اوھان جي اڳيان حاضر ڪيو اٿم. سو اوھين ھن ڪيس جي جاچ ڪريو تہ جيئن آءٌ ڪجھہ لکي سگھان. 27ڇالاءِ⁠جو اھو غيرواجبي آھي جو آءٌ ھڪ قيديءَ کي تہ موڪليان، پر مٿس جيڪي الزام لڳل آھن، تن بابت چٽيءَ طرح سان نہ لکان.“

رسولن جا ڪم 26

پولس جو اگرپا اڳيان بچاءَ جو بيان

1اگرپا پولس کي چيو تہ ”اوھان کي اجازت آھي تہ اوھين پنھنجي پاران ڪجھہ چئو.“ پولس ھٿ ھلائي پنھنجي بچاءَ ۾ ھي بيان ڏنو تہ 2”اي بادشاھہ اگرپا! آءٌ پاڻ کي خوش⁠نصيب ٿو سمجھان جو اڄ اوھان جي اڳيان انھن ڳالھين جي بچاءَ ۾ بيان ڏيڻو اٿم جن جي يھودين مون تي تھمت ھنئي آھي، 3ڇالاءِ⁠جو اوھين تہ يھودين جي سڀني ريتن رسمن کان چڱيءَ طرح واقف آھيو. سو منھنجو اوھان کي خاص عرض آھي تہ مھرباني ڪري منھنجو بيان صبر سان ٻڌو. 4سڀيئي يھودي ڄاڻين ٿا تہ ننڍپڻ کان وٺي مون پنھنجي حياتي پنھنجي ملڪ ۽ يروشلم شھر ۾ ڪيئن گذاري آھي. 5 گھڻي وقت کان وٺي اھي مون کي ڄاڻين ٿا ۽ جيڪڏھن مرضي ھجين تہ شاھدي ڏين تہ ڪيئن آءٌ پنھنجي مذھب جي سڀني کان سخت پابند فرقي فريسيءَ موجب زندگي گذاريندو ھوس. 6سو ھاڻي مون کي انھيءَ اميد رکڻ جي ڪري ھتي ڪورٽ ۾ آڻي بيھاريو اٿن، تہ جيڪو واعدو خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو ھو سو پورو ٿيندو. 7انھيءَ واعدي جي پوري ٿيڻ جي اميد تي اسان جا ٻارھن ئي قبيلا دل⁠وجان سان ڏينھن رات خدا جي عبادت ڪري رھيا آھن. اي بادشاھہ سلامت! انھيءَ اميد جي ڪري تہ يھودين مون تي اھا تھمت ھنئي آھي. 8پر اوھان سڀني کي اھا ڳالھہ ناممڪن ڇو ٿي لڳي تہ خدا مئلن کي وري جيئرو ڪري اٿاريندو؟ 9 ڪنھن وقت آءٌ پاڻ ائين سمجھندو ھوس تہ مون کي عيسيٰ ناصريءَ جي خلاف گھڻو ڪجھہ ڪرڻ گھرجي. 10سو يروشلم ۾ آءٌ ائين ئي ڪندو ھوس. سردار ڪاھنن کان اختياري وٺي ڪيترن ئي خدا جي ماڻھن کي جيل ۾ وجھرائيندو ھوس ۽ کين قتل ڪرائڻ لاءِ انھن جي خلاف پنھنجو رايو بہ ڏيندو ھوس. 11سڀني يھودي عبادت⁠خانن ۾ گھڻا ئي دفعا انھن کي سزا ڏياري زوريءَ کانئن ڪفر بڪائيندو ھوس، بلڪ انھن جي خلاف اھڙو تہ ڇتو ٿي لڳو ھوس جو ٻاھرين شھرن ۾ بہ وڃي کين ستائيندو ھوس.“

پولس جو پنھنجي تبديليءَ بابت ٻڌائڻ

12”انھيءَ ڪم لاءِ ھڪڙي دفعي آءٌ سردار ڪاھنن کان اختياريءَ جو پروانو وٺي دمشق ڏانھن پئي ويس. 13اي بادشاھہ سلامت! ٻنپھرن جو وقت ھو جو رستي ويندي مون آسمان مان ھڪڙي روشني ڏٺي جيڪا سج کان بہ وڌيڪ تجليدار ھئي، سا مون تي ۽ منھنجي ساٿين تي اچي چمڪي. 14اسين سڀ زمين تي ڪري پياسين تہ ان وقت مون عبراني ٻوليءَ ۾ ھڪ آواز ٻڌو تہ ’اي شائول! اي شائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟ ڏاند وانگر پنھنجي مالڪ جي لٺ آڏو لت کڻي تون پاڻ کي نقصان ڇو ٿو پھچائين؟‘ 15مون پڇيو تہ ’خداوند! تون ڪير آھين؟‘ تنھن تي خداوند وراڻيو تہ ’آءٌ عيسيٰ آھيان، جنھن کي تون ستائين پيو. 16پر ھاڻي اٿ ۽ سڌو ٿي بيھہ. مون ھن مقصد لاءِ تو کي ڏيکاري ڏني آھي تہ آءٌ تو کي پنھنجو ٻانھو ۽ شاھد مقرر ڪريان، تہ جيئن ٻين کي ٻڌائين تہ ڪيئن تو اڄ مون کي ڏٺو آھي ۽ آئيندہ جيڪي ڳالھيون تو کي ڏيکاريندو رھندس سي بہ کين ٻڌائين. 17آءٌ تو کي تنھنجي قوم ۽ غير قومن کان بچائيندس، جن ڏانھن تو کي موڪليندس. 18تو کي انھن جون اکيون کولڻيون آھن. انھن کي اونداھيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آھي. کين شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري خدا ڏانھن موڙڻو آھي، تہ جيئن اھي مون تي ايمان آڻين ۽ گناھن جي معافي ملين ۽ ھو خدا جي پنھنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“

پولس جو پنھنجي ڪم بابت ٻڌائڻ

19”سو اي بادشاھہ اگرپا! مون جيڪا آسمان مان رويا ڏٺي، تنھن کان منھن نہ موڙيو اٿم. 20 پھريائين دمشق، پوءِ يروشلم، يھوديہ جي سڄي علائقي ۽ غيرقومن ۾ مون اھا تبليغ ڪئي تہ اھي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪري خدا ڏانھن ڦرن ۽ اھڙا ڪم ڪن جن مان خبر پوي تہ ھنن سچ⁠پچ توبھہ ڪئي آھي. 21اھو ئي سبب ھو جو يھودين مون کي ھيڪل ۾ گرفتار ڪيو ۽ مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي. 22پر اڄ تائين خدا جي مدد مون ساڻ آھي، سو آءٌ پنھنجيءَ ڳالھہ تي قائم آھيان ۽ ھر غريب توڙي امير جي اڳيان ھڪ جھڙي شاھدي ٿو ڏيان. آءٌ رڳو اھي ڳالھيون ٿو ٻڌايان، جن بابت موسيٰ ۽ ٻيا نبي چئي ويا آھن تہ اھي ضرور ٿينديون. 23 اھي ھي تہ مسيح ڏک سھندو ۽ اھو ئي پھريائين مئلن مان جيئرو ٿي اٿندو، تہ جيئن يھودين ۽ غير قومن کي روشنيءَ جي خبر ٻڌائي.“ 24جيئن ئي پولس ھن نموني پنھنجو بچاءُ ڪري رھيو ھو تہ فيستس وڏي واڪي چيس تہ ”پولس تون ديوانو ٿي پيو آھين. تنھنجي گھڻي علم تو کي چريو ڪري ڇڏيو آھي.“ 25تنھن تي پولس وراڻيو تہ ”سائين! آءٌ چريو نہ آھيان، پر سچ ۽ عقل جون ڳالھيون ٿو ڪريان. 26بادشاھہ جنھن سان آءٌ بي⁠ڌڙڪ ٿي ڳالھايان ٿو، تنھن کي بہ انھن ڳالھين جي پوري ڄاڻ آھي، بلڪ پڪ اٿم تہ انھن مان ڪابہ ڳالھہ کانئس ڳجھي نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو اھا ڳالھہ ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ نہ ٿي آھي. 27اي اگرپا بادشاھہ! ڇا اوھين نبين کي مڃو ٿا؟ ھائو، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوھين مڃيندا آھيو.“ 28تنھن تي اگرپا پولس کي چيو تہ ”تون ٿوري وقت ۾ مون کي مسيحي بڻائيندين ڇا؟“ 29پولس وراڻيو تہ ”ٿوري يا گھڻي وقت ۾، پر منھنجي تہ خدا جي در اھا دعا آھي تہ شل اوھين ۽ ھي ٻيا جيڪي منھنجي ٻڌي رھيا آھن، سي مون جھڙا ٿين سواءِ ھنن زنجيرن جي.“ 30پوءِ بادشاھہ اٿي کڙو ٿيو. گورنر، برنيڪي ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ ويٺا ھئا، سي سڀ بہ اٿي کڙا ٿيا، 31۽ ٻاھر نڪرندي ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”ھن ماڻھوءَ تہ اھڙو ڪوبہ ڏوھہ نہ ڪيو آھي جو کيس موت يا جيل جي سزا ڏني وڃي.“ 32پوءِ اگرپا فيستس کي چيو تہ ”ھي ماڻھو جيڪڏھن قيصر کي اپيل نہ ڪري ھا تہ جيڪر ڇٽي وڃي ھا.“

رسولن جا ڪم 27

پولس جو روم ڏانھن سامونڊي سفر

1جڏھن اھو فيصلو ٿيو تہ اسين سامونڊي جھاز ۾ چڙھي اِٽليءَ ڏانھن وڃون، تڏھن ھنن پولس ۽ ٻين قيدين کي رومي لشڪر جي شھنشاھي پلٽڻ جي صوبيدار يوليس جي حوالي ڪيو. 2اسين ادرموتيم جي جھاز ۾ چڙھي روانا ٿياسين، جو ايشيا پرڳڻي جي ڪناري وارن شھرن ڏانھن وڃڻ لاءِ تيار بيٺو ھو. ارسترخس نالي ھڪڙو مڪدوني، جيڪو ٿسلونيڪيءَ جو رھاڪو ھو سو بہ اسان سان گڏ ھو. 3ٻئي ڏينھن تي اسين صيدا ۾ پھتاسين. اتي يوليس پولس تي اھا مھرباني ڪئي جو کيس موڪل ڏنائين تہ ھو ڀلي پنھنجن دوستن وٽ وڃي ۽ جيڪي گھرجيس سو ڀلي انھن کان وٺي. 4پوءِ اسين صيدا مان روانا ٿياسين، پر جيئن تہ واءُ اڻائو ھو تنھنڪري قبرص ٻيٽ جي آڙ وٺي ھلياسين. 5پوءِ اسين ڪلڪيا ۽ پمفوليا جي پاسي وارو سمنڊ پار ڪري مورا ۾ اچي پھتاسين، جيڪو لوڪيا جو ھڪڙو شھر آھي. 6اتي صوبيدار ڏٺو تہ اسڪندريہ جو ھڪڙو سامونڊي جھاز اِٽليءَ ڏانھن وڃي رھيو آھي، سو ھن اسان کي انھيءَ جھاز ۾ سوار ڪيو. 7اسين آھستي آھستي سفر ڪري رھيا ھئاسين، تنھنڪري ڪيترائي ڏينھن لڳي ويا. نيٺ وڏيءَ مشڪل کان پوءِ ڪندوس شھر جي سامھون پھتاسين. واءُ جي زور ڪري اڳتي وڌي نہ سگھياسين. تنھنڪري اسين سلمونيءَ جي اڳيان لنگھي ڪريتي ٻيٽ جي آڙ وٺي ھلڻ لڳاسين، 8۽ وڏيءَ مشڪل سان انھيءَ جو ڪنارو ڏيئي ھلندي ھلندي اچي سھڻي نالي بندر تي پھتاسين، جنھن جي ويجھو لسيا جو شھر آھي. 9اتي اسان کي ڏاڍو وقت لڳي ويو، تان جو روزي جو ڏينھن بہ گذري ويو. ھاڻي تہ جھاز جو سفر بہ ڏاڍو جوکائتو ٿي پيو ھو. تنھنڪري پولس ھنن کي صلاح ڏني تہ 10”دوستو! آءٌ سمجھان ٿو تہ ھن سفر ۾ تڪليف ۽ وڏي نقصان ٿيڻ جو انديشو آھي. رڳو مال ۽ جھاز جو نقصان نہ پر حياتيءَ جو بہ خطرو آھي.“ 11پر صوبيدار پولس جي ڳالھين کان وڌيڪ ڪپتان ۽ جھاز جي مالڪ جون ڳالھيون مڃيون. 12جيئن تہ اھو بندر سياري گذارڻ لاءِ چڱو نہ ھو، تنھنڪري گھڻن اھا صلاح ڏني تہ ھتان اڳتي ھلجي ۽ جي ٿي سگھي تہ سيارو ھلي فينڪس ۾ گذارجي، جيڪو ڪريتيءَ جو بندر آھي ۽ سندس رخ اتر الھندي ۽ ڏکڻ الھندي ڏانھن آھي.

سمنڊ ۾ طوفان

13جڏھن ڏکڻ جو واءُ آھستي آھستي گھلڻ لڳو، تڏھن ھنن سمجھيو تہ سندن مطلب پورو ٿيو. تنھنڪري ھو جھاز جا لنگر کڻي ڪريتيءَ جو ڪنارو ڏيئي ھليا. 14اڃا ٿورو وقت ئي ڪين گذريو تہ سمنڊ ۾ ھڪ سخت موسمي طوفان اچي ڪڙڪيو، جنھن کي ”يُوراڪُلون“چون ٿا. 15جڏھن جھاز ڦاسي پيو ۽ واءُ جي سامھون ھلي نہ سگھيو، تڏھن لاچار ٿي اسان کيس واءُ جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ڌڪبا پئي وياسين. 16ڪودہ نالي ھڪڙي ننڍڙي ٻيٽ جي آڙ ۾ لنگھندي وڏيءَ ڪوشش سان بچاءَ ٻيڙيءَ کي بچائي ورتوسين. 17تڏھن ملاحن انھيءَ ٻيڙيءَ کي جھاز ۾ چاڙھي، جھاز کي ھيٺين پاسي کان رسا ٻڌي مضبوط ڪيو، پر پوءِ اچي کين ڊپ ورتو تہ متان اڳتي ھلي پاڻيءَ ھيٺان سورتس واريءَ ۾ ڦاسي پئون. تنھنڪري جھاز جو سڙھہ ھيٺ لاٿائون ۽ پوءِ ڇولين جي رحم ڪرم تي ڌڪبا وياسون. 18جڏھن طوفان اسان کي تمام گھڻي تڪليف ڏني تڏھن ٻئي ڏينھن تي انھن جھاز جو سامان اڇلائڻ شروع ڪيو، 19۽ ايندڙ ڏينھن تي انھن پنھنجن ھٿن سان جھاز جو سڙھہ لاھي ڦٽو ڪيو. 20ڪيترن ئي ڏينھن تائين اسان کي سج، چنڊ ۽ تارا نظر نہ آيا ۽ تيز ھوائون گھلنديون رھيون. آخرڪار اسان پنھنجي حياتيءَ کان نااميد ٿي وياسين. 21جڏھن ماڻھن کي کاڌي کان سواءِ ڪيترائي ڏينھن گذري ويا، تڏھن پولس انھن جي اڳيان اٿي بيھي چيو تہ ”دوستو! جيڪڏھن اوھين منھنجي صلاح مڃيو ھا ۽ ڪريتيءَ وٽان نہ ھلو ھا تہ ھي نقصان ۽ تڪليف اسان کي نہ رسي ھا. 22ھاڻي آءٌ اوھان کي صلاح ٿو ڏيان تہ دل نہ لاھيو، ڇالاءِ⁠جو اوھان مان ڪنھن کي بہ جيءَ جو جوکو نہ ٿيندو، رڳو جھاز تباھہ ٿيندو. 23ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن خدا جو آءٌ ٻانھو آھيان ۽ جنھن جي آءٌ عبادت ٿو ڪريان، تنھن جو ملائڪ رات منھنجي ڀرسان اچي بيٺو 24۽ چيائين تہ ’اي پولس! ڊڄ نہ، تون ضرور قيصر جي اڳيان پيش ٿيندين ۽ ڏس، ھي جيڪي ماڻھو جھاز ۾ تو سان گڏ آھن، تن سڀني کي خدا تنھنجي خاطر بچايو آھي.‘ 25تنھنڪري دوستو! دلجاءِ ڪريو، ڇالاءِ⁠جو منھنجو خدا تي پورو يقين آھي تہ جيئن مون کي چيو اٿس تيئن ئي ٿيندو، 26۽ ضرور اسين ڪنھن ٻيٽ تي وڃي پھچنداسين.“ 27چوڏھينءَ جي رات ھئي جو اسين انھيءَ طوفان سان ڌڪجي وڃي ڀونوچ سمنڊ ۾ پياسين، اٽڪل اڌ رات جو وقت ھو جو خلاصين کي اھو گمان ويٺو تہ اسين شايد ڪنھن سڪيءَ جي علائقي کي ويجھا ٿيندا ٿا وڃون. 28ھنن پاڻيءَ جي اونھائي ماپي تہ ھڪ ھنڌ چاليھہ ميٽر ٿي ۽ ٿورو اڳڀرو وڃي ماپيائون تہ اھا ٽيھہ ميٽر ٿي. 29سو ھنن کي ڊپ ٿيو تہ متان ڪنھن ٽڪرائتي ڪناري سان نہ وڃي لڳن. تنھنڪري ھو جھاز جي پاڇيل جا چار لنگر لاھي خدا خدا ڪرڻ لڳا تہ ڏينھن ٿئي. 30خلاصين اھا ڪوشش ڪئي تہ جھاز مان ڀڄي وڃن ۽ انھيءَ ڪوشش ۾ انھن ٻيڙي بہ سمنڊ ۾ لاھي ڇڏي ۽ اھو بھانو بڻايائون تہ ”اسين جھاز جي آڳيل تان لنگر ٿا لاھيون.“ 31تنھن تي پولس صوبيدار ۽ سپاھين کي چيو تہ ”جيڪڏھن ھي خلاصي جھاز تي نہ رھندا تہ اوھين بچي نہ سگھندا.“ 32سو سپاھين ٻيڙيءَ جا پڳھہ ڇوڙي ڇڏيا تہ ھلي وڃي. 33جڏھن صبح ٿيڻ وارو ھو تہ پولس سڀني کي ڪجھہ کاڌو کائڻ لاءِ عرض ڪيو ۽ چيائين تہ ”اوھين چوڏھن ڏينھن تائين خوف ۽ خطري جي حالت ۾ رھيا آھيو ۽ ايترو وقت اوھان ڪجھہ بہ نہ کاڌو آھي. 34آءٌ اوھان کي عرض ٿو ڪريان تہ مھرباني ڪري ڪجھہ کائو، تہ جيئن اوھان جي جان بچي. ھاڻ اوھان جو وار بہ ونگو نہ ٿيندو.“ 35جڏھن اھو چئي چڪو تہ ماني کڻي سڀني جي اڳيان خدا جو شڪر ڪندي گرھہ ڀڃي کاڌائين. 36پوءِ ٻين کي بہ دلجاءِ ٿي ۽ ماني کاڌائون. 37جھاز تي اسين مڙيئي ٻہ سو ڇاھتر ماڻھو سوار ھئاسين. 38جڏھن انھن کائي ڍءُ ڪيو تہ جھاز تان بار ھلڪو ڪرڻ لاءِ ھنن سموري ڪڻڪ سمنڊ ۾ ڦٽي ڪئي.

جھاز جي تباھي

39جڏھن ڏينھن ٿيو تہ خلاصين کي ڪنارو سڃاڻڻ ۾ نہ آيو، پر انھن ھڪ سامونڊي کاري ڏٺي، جنھن جو ڪنارو صاف ھو. سو ھو پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ جيڪڏھن ٿي سگھي تہ جھاز کي انھيءَ ڪناري تي وڃي بيھارجي. 40پوءِ تہ لنگر ڇوڙي سمنڊ ۾ ڦٽا ڪيائون، ونجھن جا رسا بہ کولي ڇڏيائون ۽ آڳيل وارو سڙھہ واءُ جي رخ تي چاڙھي ڪناري ڏانھن وڌڻ لڳا. 41تڏھن جھاز ھڪڙي ھنڌ اچي واريءَ ۾ ڦاٿو جو سندس آڳيل قابو ٿي پيئي، پر پاڇيل ڇولين جي سٽڪي لڳڻ ڪري ڀڄڻ لڳي. 42سپاھين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ قيدين کي ماري ڇڏجي، متان انھن منجھان ڪو تري ڀڄي نہ وڃي. 43پر صوبيدار جي دل گھريو ٿي تہ ڪنھن طرح پولس کي بچائي، تنھنڪري ھنن کي انھيءَ ارادي کان روڪيائين ۽ حڪم ڏنائين تہ ”جيڪي ماڻھو تري سگھن ٿا سي پھريائين جھاز مان ٽپو ڏيئي سمنڊ ۾ پون ۽ ڪناري تي وڃي پھچن، 44۽ باقي ڪي تختن تي، ڪي جھاز جي ترندڙ شين تي نڪري وڃن.“ نيٺ ٿيو بہ ائين جو سڀيئي صحيح سلامت وڃي سڪيءَ تي پھتا.

رسولن جا ڪم 28

مالٽا ۾

1جڏھن اسين خير سان ڪناري تي پھتاسين، تڏھن اسان کي معلوم ٿيو تہ انھيءَ ٻيٽ جو نالو مالٽا آھي. 2اتان جي رھاڪن اسان تي ڏاڍي مھرباني ڪئي. انھيءَ مھل مينھن ۽ سيءُ پئي پيو، سو انھن باھہ ٻاري اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو. 3پولس ڪجھہ ڪاٺيون کڻي باھہ ۾ وڌيون تہ انھيءَ مان تپش جي ڪري ھڪڙو نانگ ٻاھر نڪتو، جيڪو پولس جي ھٿ ۾ چڪ پائي چنبڙي پيو. 4جڏھن اتان جي رھاڪن ڏٺو تہ پولس جي ھٿ ۾ نانگ چنبڙيل آھي، تڏھن ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”پڪ ھي ماڻھو خوني آھي. جيتوڻيڪ ھو سمنڊ مان بچي نڪتو آھي، پر خدا جو قھر ھن کي جيئرو رھڻ نہ ڏيندو.“ 5پولس ھٿ ڇنڊي اھا بلا باھہ ۾ اڇلائي ڇڏي ۽ کيس بلا کان ڪوبہ ايذاءُ نہ پھتو. 6اھي ھن انتظار ۾ ھئا تہ پولس سُڄي پوندو يا اوچتو ڪري مري ويندو. پر انھن جڏھن گھڻو وقت انتظار ڪيو ۽ ڏٺائون تہ ھن کي ڪجھہ بہ نہ ٿيو تہ ھنن پنھنجا خيال بدلايا ۽ چيائون تہ ”ھي ڪو ديوتا آھي.“ 7اتي ڀرسان ئي انھيءَ ٻيٽ جي سردار پبليس جي جاگير ھئي. ھن اسان جي سٺي آجيان ڪئي ۽ اسين ھن جا ٽي ڏينھن مھمان ٿي رھياسين. 8پبليس جو پيءُ بخار ۽ پيچش جي ڪري بستري داخل ھو. پولس ھن جي ڪمري ۾ ويو ۽ دعا ڪيائين. پوءِ پنھنجا ھٿ مٿانئس رکيائين ۽ کيس شفا بخشيائين. 9جڏھن ھي ڪم ٿيو تڏھن ٻيٽ ۾ جيڪي ⁠بہ بيمار ھئا، تن کي پولس وٽ آندو ويو تہ کين شفا ملي. 10انھن اسان جي وڏي عزت ڪئي ۽ جڏھن اسان جو سامونڊي جھاز ھلڻ تي ھو تہ انھن اسان جي سفر ۾ ڪم ايندڙ شيون جھاز ۾ رکي ڇڏيون.

مالٽا کان روم

11اھڙيءَ طرح ٽن مھينن کان پوءِ اسين اسڪندريہ جي ھڪڙي سامونڊي جھاز تي چڙھي روانا ٿياسين، جنھن جو نالو ”جوزا“ ھو. انھيءَ جھاز سڄو سيارو ٻيٽ ۾ گذاريو ھو. 12پوءِ اسين سِراڪوسہ شھر ۾ اچي پھتاسون ۽ اتي ٽي ڏينھن رھياسين. 13اتان وري اسان پنھنجو سفر شروع ڪيو ۽ ريگيوم شھر ۾ پھتاسين. ٻئي ڏينھن ڏکڻ جو واءُ گھلڻ لڳو ۽ اسين ٻن ڏينھن ۾ پُتيُلي شھر ۾ آياسين. 14اسان کي اتي ڪي ڀائر مليا جن چيو تہ ”ھڪ ھفتو اسان وٽ ترسو.“ 15جڏھن روم جي ڀائرن اسان جي اچڻ جو ٻڌو تہ ھو اسان سان ملڻ لاءِ اپيُس منڊي چونڪ ۽ ٽسرائي ڳوٺ تائين آيا. جڏھن پولس انھن کي ڏٺو تہ خدا جو شڪر ڪرڻ لڳو ۽ دلي سڪون حاصل ٿيس. اھڙيءَ طرح اسين روم ۾ پھتاسين.

روم ۾

16جڏھن اسين روم ۾ پھتاسين تہ پولس کي اڪيلي رھڻ جي اجازت ملي، پر ھڪ سپاھي سندس پھري تي ھو. 17ٽن ڏينھن کان پوءِ پولس اتي جي يھودي اڳواڻن جي گڏجاڻي سڏائي. جڏھن اھي اچي ڪٺا ٿيا تہ ھن کين چيو تہ ”منھنجا ڀائرؤ! جيتوڻيڪ مون پنھنجي قوم وارن ۽ وڏن جي ريتن رسمن خلاف ڪجھہ بہ نہ ڪيو آھي، تہ بہ مون کي يروشلم ۾ گرفتار ڪري رومين جي حوالي ڪيو ويو. 18انھن مون کان سوال پڇيا ۽ مرضي ھئن تہ مون کي آزاد ڪن، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي خبر پئجي ويئي تہ مون ڪو اھڙو ڪم نہ ڪيو ھو جنھن سبب مون کي موت جي سزا ملي. 19 انھيءَ لاءِ ⁠نہ⁠تہ پنھنجي قوم تي ڪا تھمت ھڻان، پر جڏھن يھودين ھن فيصلي تي اعتراض ڪيو تڏھن لاچار ٿي مون کي قيصر وٽ اپيل ڪرڻي پيئي. 20اھو ئي سبب ھو جو مون اوھان کي پاڻ وٽ گھرايو آھي تہ اوھان سان ملان ۽ ويھي ڳالھہ ٻولھہ ڪريان. مون کي مسيح جي خاطر زنجيرن ۾ ٻڌو اٿن، جنھن تي بني اسرائيل اميد رکن ٿا.“ 21انھن کيس چيو تہ ”يھوديہ مان اسان کي تنھنجي باري ۾ ڪو خط پٽ نہ مليو آھي ۽ نہ ئي آيل ڀائرن مان ڪنھن تو بابت ڪجھہ ٻڌايو آھي يا تنھنجي ڪا گلا ڪئي آھي. 22پر اسين تنھنجا خيال ٻڌڻ گھرون ٿا، ڇالاءِ⁠جو اسان کي خبر آھي تہ جنھن فرقي سان تون واسطو رکين ٿو، تنھن فرقي جي جتي ڪٿي مخالفت ھلي ٿي.“ 23سو انھن پولس سان تاريخ مقرر ڪئي ۽ انھن جو وڏو تعداد انھيءَ جاءِ تي آيو، جتي پولس ٽڪيل ھو. صبح کان شام تائين ھو کين سمجھائيندو ۽ خدا جي بادشاھت بابت پنھنجو پيغام ٻڌائيندو رھيو. ھن عيسيٰ بابت کين قائل ڪرڻ لاءِ موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي صحيفن مان مثال ٻڌايا. 24انھن مان ڪي سندس پيغام ٻڌي قائل ٿيا، پر ٻين ايمان نہ آندو. 25ھو پاڻ ۾ بہ يڪراءِ نہ ٿيا ۽ وڃڻ تي ھئا، تہ پولس ھيءَ ھڪڙي ڳالھہ چين تہ ”پاڪ روح يسعياہ نبيءَ جي معرفت اوھان جي ابن ڏاڏن کي چڱو چيو ھو تہ 26’تون وڃي ھن قوم کي ھيئن چئُہ تہ اوھين ٻڌندا پر سمجھندا ڪين. اوھين نھاريندا پر ڏسندا ڪين. 27ڇالاءِ⁠جو ھن قوم جي عقل تي تالو لڳايو ويو آھي، ۽ اھي ڪنن کان گھٻرا ٿي پيا آھن. انھن پنھنجون اکيون پوري ڇڏيون آھن، تہ متان اھي پنھنجن اکين سان ڏسن، متان اھي پنھنجن ڪنن سان ٻڌن، متان اھي پنھنجي عقل سان سمجھن ۽ مون آڏو توبھہ⁠تائب ٿين تہ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘“ 28‏-29پولس آخر ۾ چيو تہ ”اوھان کي خبر ھئڻ گھرجي تہ خدا جو ڇوٽڪاري وارو پيغام غير قومن ڏانھن موڪليو ٿو وڃي ۽ اھي ٻڌندا.“ 30پولس ٻہ ورھيہ انھيءَ جاءِ ۾ رھيو، جيڪا ھن پنھنجي لاءِ مسواڙ تي ورتي ھئي. ھو انھن جي آجيان ڪندو ھو جيڪي ساڻس ملڻ ايندا ھئا. 31ھو ڪنھن بہ رنڊڪ کان سواءِ ڏاڍيءَ ھمت سان خدا جي بادشاھت جي تبليغ ڪندو ھو ۽ خداوند عيسيٰ مسيح بابت تعليم ڏيندو ھو.

رومين 1

1ھي خط عيسيٰ مسيح جي غلام پولس جي طرفان آھي، جنھن کي خدا رسول ڪري چونڊيو ۽ کيس پنھنجي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ خاص طور مقرر ڪيو آھي. 2خدا ھن خوشخبريءَ جو واعدو اڳي ئي پاڪ لکتن ۾ پنھنجن نبين جي معرفت ڪيو ھو. 3اھا خوشخبري سندس فرزند، يعني اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح بابت آھي، جيڪو جسماني لحاظ کان تہ دائود جي نسل مان پيدا ٿيو، 4پر پاڪيزگيءَ واري روح جي لحاظ کان ھو خدا جي وڏي قدرت وارو فرزند ثابت ٿيو، جڏھن ھو مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿيو. 5انھيءَ جي ئي معرفت خدا مون تي اھو ڪرم ڪيو جو آءٌ مسيح جي خاطر رسول مقرر ٿيس، انھيءَ لاءِ تہ آءٌ سڀني قومن جي ماڻھن کي ھي پيغام ڏيان تہ ھو ايمان آڻين ۽ فرمانبردار ٿين. 6انھن ماڻھن ۾ اوھين بہ شامل آھيو، جن کي خدا عيسيٰ مسيح جو پوئلڳ ٿيڻ لاءِ چونڊيو آھي. 7ھي خط انھن سڀني ڏانھن آھي، جيڪي روم شھر ۾ خدا جا پيارا آھن ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ چونڊيا ويا آھن. شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.

پولس جي روم وڃڻ جي تمنا

8سڀ کان پھريائين آءٌ اوھان سڀني لاءِ عيسيٰ مسيح جي معرفت پنھنجي خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جي ايمان جون ڳالھيون سڄيءَ دنيا ۾ ٿي رھيون آھن. 9خدا، جنھن جي فرزند جي خوشخبري ٻڌائڻ ۾ آءٌ پنھنجي دل⁠وجان سان سندس خدمت ٿو ڪريان، سو منھنجو شاھد آھي تہ آءٌ اوھان کي ھردم پنھنجي دعائن ۾ ياد ڪريان ٿو، 10۽ ھميشہ اھو عرض ڪندو رھندو آھيان تہ خدا ڪري جو مون کي ڪنھن نہ ڪنھن سبب اوھان وٽ اچڻ جو موقعو ملي. 11مون کي اوھان سان ملڻ جي ڏاڍي سڪ آھي، انھيءَ لاءِ تہ اوھان کي ڪا روحاني بخشش پھچايان، جنھن جي وسيلي اوھين پنھنجي ايمان ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيو، 12يعني منھنجو مطلب آھي تہ اسان ٻنھي کي مدد ملندي، اوھان جي ايمان سان مون کي ۽ منھنجي ايمان سان اوھان کي. 13 اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان کي خبر ھئڻ گھرجي تہ مون ڪيترائي دفعا اوھان ڏانھن اچڻ جو ارادو ڪيو ھو، پر ھيستائين ڪنھن نہ ڪنھن سبب ڪري اچي نہ سگھيس. جيئن منھنجو ڪم غير قوم جي ٻين ماڻھن ۾ ڪامياب ٿيو آھي، تيئن منھنجي مرضي آھي تہ اوھان ۾ بہ ڪامياب ٿئي. 14مون تي سڀني جو فرض آھي، توڙي جو اھي سڌريل ھجن يا اڻ⁠سڌريل، پڙھيل ھجن يا اڻ⁠پڙھيل. 15تنھنڪري منھنجي اھا تمنا آھي تہ آءٌ پنھنجي وس آھر اوھان روم وارن کي بہ خوشخبري ٻڌايان.

خوشخبريءَ جي قدرت

16 مون کي خوشخبريءَ ۾ پورو ڀروسو آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ اھا ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ سڀني ايمان آڻيندڙن جي واسطي خدا جي قدرت آھي، پھريائين يھودين لاءِ پوءِ غير قومن لاءِ. 17 ڇاڪاڻ⁠تہ انھيءَ خوشخبريءَ مان اھو ظاھر آھي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ٿو ڪري. اھو رڳو ايمان جي ئي وسيلي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ٿئي ٿو. جيئن لکيل آھي تہ ”جنھن کي ايمان جي وسيلي خدا ڏانھن سچار ڪيو ويو آھي، تنھن کي ئي زندگي ملندي.“

انسانذات جي بي⁠ديني

18جيڪي ماڻھو پنھنجي بڇڙائيءَ جي ڪري سچ کي لڪائي ٿا ڇڏين، تن جي اھڙي بي⁠ديني ۽ بڇڙائيءَ تي آسمان مان خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو. 19ڇاڪاڻ⁠تہ جو ڪجھہ خدا بابت انسانن کي معلوم ٿي سگھي ٿو، سو سندن لاءِ صاف ظاھر آھي، جو اھو خدا پاڻ انھن تي ظاھر ڪيو آھي. 20خدا جون ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ صفتون، يعني سندس دائمي قدرت ۽ ذات دنيا جي شروعات کان وٺي سندس خلقيل شين مان ظاھر ظھور پيون ڏسجن. تنھنڪري انھن کي ڪوبہ بھانو نہ آھي. 21 ڇالاءِ⁠جو انھن خدا کي سڃاڻي بہ سندس خدائيءَ جي لائق وڏائي بيان نہ ڪئي ۽ نڪي سندس شڪرگذاري ڪيائون، بلڪ پنھنجن اجاين خيالن ۾ منجھي پيا ۽ سندن بي⁠سمجھہ دلين تي اوندھہ ڇانئجي ويئي. 22ھو پاڻ کي سياڻو تہ سڏائين پيا، پر حقيقت ۾ بي⁠عقل ھئا. 23 انھن غير فاني خدا جي جلوي جي بجاءِ فاني انسانن، پکين، چوپاين ۽ جيت⁠جڻن کي خدا سمجھيو. 24سو خدا انھن کي سندن دلين جي خواھشن موجب گندين عادتن ۾ ڇڏي ڏنو، تہ جيئن اھي پاڻ ۾ ھڪٻئي سان بي⁠حيائيءَ جا ڪم ڪن. 25انھن سچي خدا جي بدران ڪوڙ کي قبول ڪيو ۽ خدا جي خلقيل شين کي عزت ڏيئي انھن جي پوڄا ڪئي، پر انھيءَ خالق کي ڇڏي ڏنائون، جنھن جي واکاڻ ھميشہ ٿيندي رھندي. آمين. 26تنھنڪري خدا انھن کي سندن گندين خواھشن ۾ ڇڏي ڏنو، ڇالاءِ⁠جو انھن جي زالن پنھنجو فطري ڪم ڇڏي پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان بدفعلي ڪئي. 27اھڙيءَ طرح مردن بہ زالن سان فطري ڪم ڇڏي ڏنو. ھو شھوت ۾ مست ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان بدفعلي ڪيائون. انھيءَ شھوت⁠پرستيءَ جي کين جوڳي سزا ملي. 28جھڙيءَ طرح ھنن خدا کي سڃاڻڻ کان منھن موڙيو، تھڙيءَ طرح خدا بہ کين بڇڙن ڪمن ۾ ڇڏي ڏنو، تہ جيئن ھو گمراھيءَ جا ڪم ڪندا رھن. 29ھو ھر طرح جي بڇڙائي، بدي، لالچ، بدنيتي، ريس، خون، جھيڙي، ٺڳي ۽ ساڙ سان ڀرجي ويا. ھو چغلخور، 30گلاخور، خدا کان نفرت ڪندڙ، بي⁠ادب، مغرور، ٻٽاڪي، برايون پيدا ڪندڙ، ماءُ⁠پيءُ جا نافرمان، 31بي⁠سمجھہ، واعدو نہ پاڙيندڙ، بي⁠قربا ۽ بي⁠رحم ٿي پيا. 32جيتوڻيڪ انھن کي خدا جي انھيءَ حڪم جي ڄاڻ آھي تہ جيڪي ماڻھو ھي ڪم ڪن ٿا سي موت جي لائق آھن، تنھن ھوندي بہ اھي نہ رڳو پاڻ ھي ڪم ڪن ٿا، پر جيڪي ٻيا اھي ڪم ڪن ٿا تن کان بہ راضي آھن.

رومين 2

خدا جو فيصلو

1 اي انسان! ڇا تون ٻين جي عيب⁠جوئي ڪندو آھين؟ تو کي ڪوبہ حق نہ ٿو پھچي، کڻي تون ڪير بہ ھجين. ڇالاءِ⁠جو جيڪي ڏوھہ تون ٻين تي ٿو مڙھين، سي ڪم تہ تون خود ڪري پاڻ کي ڏوھاري ٿو ٺھرائين. 2اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي اھڙا ڪم ڪن ٿا تن جو فيصلو خدا جي طرفان حق موجب ٿئي ٿو. 3اي انسان! تون اھڙن ڪمن ڪرڻ وارن تي ڏوھہ تہ ڏين ٿو، پر پاڻ ساڳيا ئي ڪم ٿو ڪرين. ڇا تون ائين سمجھين ٿو تہ خدا جي فيصلي کان بچي ويندين؟ 4يا تون خدا جي ڀلائي، بردباري ۽ صبر جي نعمتن کي گھٽ ٿو سمجھين. ايترو نہ ٿو سمجھين تہ خدا جي ڀلائي تو کي توبھہ ڏانھن ڇڪي رھي آھي. 5پر تون جو سخت⁠دل ٿيو آھين ۽ توبھہ نہ ٿو ڪرين، سو تون تہ خدا جي انھيءَ قھر واري ڏينھن واسطي پاڻ پنھنجي لاءِ غضب ميڙي گڏ پيو ڪرين، جنھن ڏينھن خدا جو پورو پورو انصاف ظاھر ٿيندو. 6 خدا ھر ڪنھن کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو. 7جيڪي نيڪي ڪرڻ ۾ ثابت قدم رھندي جلال، عزت ۽ بقا جا طالب آھن، تن کي خدا دائمي زندگي ڏيندو. 8پر جيڪي خود⁠غرض آھن ۽ سچ کي نہ پر ڪوڙ کي ٿا مڃين، تن تي خدا جو غضب ۽ قھر نازل ٿيندو. 9جيڪي بڇڙا ڪم ڪن ٿا تن تي مصيبت ۽ تڪليف نازل ٿيندي، پھريائين يھودين تي پوءِ غير قومن تي. 10پر جيڪي چڱا ڪم ڪن ٿا تن کي خدا شان، عزت ۽ سلامتي ڏيندو، پھريائين يھودين کي پوءِ غير قومن کي. 11 ڇالاءِ⁠جو خدا ڪنھن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري. 12خدا ھر گناھہ ڪندڙ کي سزا ڏيندو. جن شريعت جي ملڻ کان سواءِ گناھہ ڪيو، سي شريعت کان سواءِ ئي ناس ٿيندا ۽ جن شريعت ھوندي گناھہ ڪيو، تن جو فيصلو بہ شريعت موجب ٿيندو. 13ڇالاءِ⁠جو شريعت جي ٻڌڻ وارا خدا ڏانھن سچار نہ ٿا بڻجن، پر خدا ڏانھن اھي سچار بڻجن ٿا. جيڪي شريعت تي عمل ڪن ٿا. 14غير قومون جن وٽ شريعت ڪانھي سي جيڪڏھن پنھنجي فطرت موجب شريعت جھڙا ڪم ڪن ٿيون تہ اھي پنھنجي لاءِ پاڻ شريعت آھن، توڙي جو انھن وٽ شريعت نہ آھي. 15ڇالاءِ⁠جو انھن قومن جي عمل مان خبر پوي ٿي تہ شريعت جون ڳالھيون سندن دلين تي اُڪريل آھن ۽ سندن ضمير انھن ڳالھين جي شاھدي ٿو ڏئي. انھن جا خيال ڪڏھن پنھنجو پاڻ تي تھمت ٿا ھڻن تہ ڪڏھن پاڻ کي ڇٽل ٿا رکن. 16انھن ڳالھين جو فيصلو انھيءَ ڏينھن ٿيندو جنھن ڏينھن خدا عيسيٰ مسيح جي معرفت ماڻھن جي دلين جي لڪل ڳالھين جو فيصلو ڪندو ۽ اھو منھنجي انھيءَ خوشخبريءَ مطابق آھي جنھن جي آءٌ تبليغ ٿو ڪريان.

يھودين جو شريعت تي فخر ڪرڻ

17تون ڪير آھين جو پاڻ کي يھودي ٿو سڏائين؟ تون شريعت تي ڀروسو ٿو رکين ۽ خدا تي فخر ٿو ڪرين. 18تو کي خبر آھي تہ خدا جي رضا تنھنجي ڪھڙن ڪمن ۾ آھي، تو کي شريعت مان خبر پيئي آھي تہ صحيح رستو ڪھڙو آھي. 19تو کي يقين آھي تہ تون انڌن لاءِ رھبر ۽ انھن لاءِ روشني آھين جيڪي اونداھيءَ ۾ آھن. 20تون بي⁠وقوفن کي سڌاريندڙ ۽ جوانن لاءِ استاد آھين. تو کي يقين آھي تہ سڄو علم ۽ سچ تو وٽ شريعت ۾ موجود آھي. 21ٻين کي تہ تون اھو سيکارين ٿو پر پاڻ کي ڇو نہ ٿو سيکارين؟ تون تبليغ تہ ڪرين ٿو تہ ”چوري نہ ڪر.“ پر تون پاڻ چوري ڇو ٿو ڪرين؟ 22تون چوين ٿو تہ ”زنا نہ ڪر.“ پر تون پاڻ زنا ڇو ٿو ڪرين؟ تون بتن کان تہ نفرت ڪرين ٿو، پر تون خدا جي بي⁠حرمتي ڇو ٿو ڪرين؟ 23اي يھودي! تون شريعت تي فخر تہ ڪرين ٿو، پر تون پاڻ شريعت جا حڪم ڀڃي خدا جي بي⁠حرمتي ڇو ٿو ڪرين؟ 24 ڇا ھي لکيل نہ آھي تہ ”اوھان يھودين جي ڪري ئي غير قومون خدا جي نالي خلاف ڪفر بڪين ٿيون.“ 25طھر ڪرائڻ مان تہ بيشڪ فائدو آھي، پر تڏھن جڏھن تون شريعت تي عمل ڪرين. پر جيڪڏھن تون شريعت تي عمل ئي نہ ٿو ڪرين تہ پوءِ تنھنجو طھر جھڙو ٿيو تھڙو نہ ٿيو. 26جيڪڏھن ڪنھن غير قوم واري جو طھر ٿيل نہ آھي، پر ھو شريعت جي حڪمن تي عمل ڪري ٿو، تہ ڇا خدا کيس طھريلن جھڙو ڪري نہ ڀائيندو؟ 27اوھان يھودين کي غير قومون ڏوھدار بڻائينديون، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين شريعت تي عمل نہ ٿا ڪريو، جيتوڻيڪ اوھان وٽ شريعت لکيل آھي ۽ اوھان جو طھر بہ ٿيل آھي. پر غير قومون شريعت تي عمل ڪن ٿيون، جيتوڻيڪ انھن جو طھر ٿيل نہ آھي. 28اھو ماڻھو ڪڏھن بہ يھودي نہ آھي، جيڪو رڳو نالي جو يھودي ھجي ۽ نہ ئي اھو طھر آھي، جيڪو رڳو ظاھري ۽ جسماني طھر ھجي. 29 پر يھودي اھو آھي جنھن جي دل خدا ڏانھن سچي آھي. طھر اھو آھي جو دلي ۽ روحاني آھي ۽ نہ شرعي. اھڙي طھر جي ساراھہ ماڻھن جي واتان نہ پر خدا جي طرفان ٿئي ٿي.

رومين 3

خدا جي وفا

1تہ پوءِ يھودي ٿي طھر ڪرائڻ مان ڪھڙو فائدو آھي؟ 2گھڻو ئي فائدو آھي. پھريون فائدو تہ خدا کين پنھنجو ڪلام سونپيو. 3پوءِ جيڪڏھن انھن مان ڪن وفاداري نہ ڪئي تہ ڇا انھن جي بيوفائي خدا جي وفا کي بيڪار بڻائيندي؟ 4 ائين بلڪل نہ آھي، خدا سچو آھي توڙي جو ھر ھڪ انسان ڪوڙو ھجي، جيئن لکيل آھي تہ ”اي خدا! تون ھميشہ پنھنجن ڳالھين ۾

سچو ثابت ٿيو آھين،

۽ ھر آزمائش ۾ ڪامياب ٿيو آھين.“ 5پر آءٌ ماڻھن جي ئي بحث مطابق پڇي سگھان ٿو تہ جيڪڏھن اسان جي بڇڙائيءَ جي ڪري خدا جو انصاف ظاھر ٿئي ٿو تہ پوءِ ڇا اسين ائين چئون تہ خدا بي⁠انصاف آھي، جو ھو غضب ٿو نازل ڪري؟ 6ائين بلڪل نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ائين ھجي تہ پوءِ خدا ڪھڙيءَ طرح جھان جو انصاف ڪندو؟ 7پوءِ جيڪڏھن منھنجي ڪوڙ جي ڪري خدا جي سچائي ايتري تہ وڌيڪ پڌري ٿي جو سندس جلوو ظاھر ٿيو، تہ پوءِ مون تي گنھگار وانگر فتويٰ ڇو ٿي جاري ڪئي وڃي؟ 8پوءِ اوھين بہ ڇو نہ چئو تہ ”اسين بڇڙا ڪم ڪريون تہ انھيءَ مان ڀلائي ٿئي“؟ ڪي ماڻھو اسان تي ھيءَ تھمت ٿا ھڻن تہ اھا ئي اسان جي تعليم آھي. اھڙن ماڻھن جو ڏوھي ٿيڻ ئي انصاف آھي.

ڪوبہ سچار نہ آھي

9پوءِ ڀلا، اسين يھودي ڪنھن بہ نموني ٻين قومن کان بھتر آھيون ڇا؟ نہ، بلڪل نہ. مون اوھان کي اڳي ئي ٻڌايو آھي تہ يھودي ۽ غير قوم وارا سڀ برابر آھن ۽ سڀيئي ھڪ جھڙا گناھن ۾ ڦاٿل آھن. 10 جيئن لکيل آھي تہ ”ڪوبہ سچار نہ آھي، ھڪڙو بہ نہ. 11ڪوبہ سمجھو نہ آھي، ڪوبہ خدا جو طالبو نہ آھي. 12سڀني ماڻھن خدا کان منھن موڙيو آھي، سڀيئي گمراھہ ٿي ويا آھن. ڪوبہ نيڪي ڪندڙ ڪونھي، نہ، ھڪڙو بہ نہ. 13 انھن جا وات کليل قبرن مثل آھن، يعني انھن جي زبانن مان ٺڳي نڪري ٿي. سندن چپن مان نڪتل لفظ نانگ جي زھر وانگر آھن. 14 انھن جا وات، ڦٽ لعنت ۽ نفرت سان ڀريل آھن. 15 انھن جا قدم، خونريزي ڪرڻ لاءِ تڪڙا ٿا ھلن. 16اُھي جتي بہ وڃن ٿا تہ تباھي ۽ مصيبت ٿا پکيڙين. 17انھن کي امن جي رستي جي سُڌِ نہ آھي، 18 نہ وري کين ڪو خدا جو خوف ئي آھي.“ 19ھاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت رڳو انھن تي واجب آھي، جيڪي شريعت تحت رھن ٿا. آخرڪار نتيجو اھو نڪتو تہ ڪوبہ ماڻھو ائين چئي نہ ٿو سگھي تہ کيس گناھہ جي خبر ڪانہ ھئي، بلڪ سڄي دنيا خدا ڏانھن جوابدار آھي. 20 مطلب تہ شريعت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ڪوبہ ماڻھو خدا ڏانھن سچار ٿي نہ ٿو سگھي. شريعت جي وسيلي تہ رڳو کيس گناھن جي خبر پوي ٿي.

ايمان جي وسيلي خدا ڏانھن سچار ٿيڻ

21ھاڻي اھو ظاھر ٿي چڪو آھي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ڪري ٿو. شريعت جو ان سان ڪوبہ واسطو نہ آھي. انھيءَ ڳالھہ جي شاھدي شريعت ۽ نبي ڏين ٿا. 22 خدا ماڻھن کي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي ئي وسيلي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو. خدا سڀني سان ائين ڪري ٿو جيڪي مسيح تي ايمان آڻين ٿا، توڙي جو اھي يھودي ھجن يا غير يھودي. 23سڀني ماڻھن گناھہ ڪيو آھي ۽ خدا جي جلوي کان محروم آھن. 24رڳو خدا جي فضل جي بخشش جي ڪري اھي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا ڏانھن سچار بڻجن ٿا، جيڪو کين گناھن کان ڇڏائي ٿو. 25عيسيٰ مسيح جي قربانيءَ جي ڪري خدا کيس اھڙو ڪفارو بڻايو، جو جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو تہ ان جا گناھہ معاف ٿيندا. ان مان اھو ظاھر ٿو ٿئي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ڪري ٿو. ھن کان اڳي خدا صبر ڪيو ۽ ماڻھن جي ڏوھن کي درگذر ڪيائين. 26پر ھاڻي خدا پنھنجو انصاف ظاھر ڪري ٿو. جيئن تہ ھو پاڻ سچو آھي، سو ھر انھيءَ کي پاڻ ڏانھن سچار بڻائي ٿو، جيڪو عيسيٰ تي ايمان آڻي ٿو. 27پوءِ اسان کي فخر ڪرڻ نہ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو اسين شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو ايمان جي ئي وسيلي خدا ڏانھن سچار ٿي سگھون ٿا. 28آخرڪار نتيجو اھو نڪتو جو اسين شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو ايمان جي وسيلي خدا ڏانھن سچار ٿي سگھون ٿا. 29ڇا خدا رڳو يھودين جو خدا آھي؟ ڇا ھو غير قومن جو خدا نہ آھي؟ ھا، ھو بلڪل آھي. 30 بيشڪ خدا ھڪڙو ئي آھي، جيڪو طھريلن توڙي اڻ⁠طھريلن کي سندن ايمان آڻڻ جي ڪري ئي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو. 31ڇا ھن جو مطلب اھو ٿيو تہ اسين ايمان آڻڻ جي ڪري شريعت کي منسوخ ٿا ڪريون؟ نہ، بلڪل نہ، اسين تہ شريعت کي قائم ٿا ڪريون.

رومين 4

ابراھيم جو مثال

1اسين پنھنجي ڏاڏي ابراھيم بابت ڇا چئون؟ ھن کي ڇا حاصل ٿيو؟ 2جيڪڏھن ابراھيم پنھنجي عملن جي ڪري خدا ڏانھن سچار ٿيو ھجي ھا تہ کيس فخر ڪرڻ جو سبب ھجي ھا، پر ھو خدا جي حضور ۾ فخر ڪري نہ سگھيو. 3 پاڪ ڪتاب ۾ لکيل آھي تہ ”ابراھيم خدا تي ايمان آندو ۽ انھيءَ ڪري خدا کيس پاڻ ڏانھن سچار ليکيو.“ 4جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪم ڪري ٿو تہ ان جو بدلو بخشش نہ پر حق ٿو ڪري ليکجي. 5پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪم نہ ٿو ڪري ۽ رڳو ان خدا تي ايمان آڻي ٿو جيڪو گنھگارن کي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو، تہ سندس ايمان سچائي ڪري ٿو ليکجي. 6خدا جنھن ماڻھوءَ کي سندس عملن کان سواءِ ئي پاڻ ڏانھن سچار ليکي ٿو، تنھن کي دائود بہ ھيئن سڀاڳو ٿو سڏي تہ 7 ”سڀاڳا آھن اُھي، جن جا ڏوھہ خدا معاف ڪيا ۽ سندن گناھہ ڍڪي ڇڏيائين. 8سڀاڳو آھي اُھو، جنھن جا گناھہ خداوند حساب ۾ ڪين آڻيندو.“ 9ڇا اھا سڀاڳائي دائود رڳو انھن لاءِ چئي آھي جيڪي طھريل آھن؟ نہ. پر ان جو واسطو انھن سان بہ آھي جيڪي طھريل نہ آھن، ڇاڪاڻ⁠تہ اسان اڳ ۾ چيو آھي تہ ”ابراھيم خدا تي ايمان آندو ۽ سندس ايمان جي ئي ڪري خدا کيس سچار ليکيو.“ 10اھا سڀاڳائي ابراھيم کي ڪڏھن ملي؟ کيس طھر ڪرائڻ کان اڳ ۾ ملي يا پوءِ؟ اھا ابراھيم کي طھر ڪرائڻ کان پوءِ نہ پر اڳ ۾ ملي ھئي. 11 ابراھيم جو طھر پوءِ ٿيو ۽ اھو طھر ھڪ ثابتيءَ جو نشان ھو تہ خدا کيس طھر کان اڳ ۾ سندس ايمان جي ئي ڪري سچار ڪري قبول ڪيو. سو ابراھيم انھن سڀني جو پيءُ آھي، جيڪي خدا تي ايمان آڻين ٿا ۽ ھو کين سچار ڪري قبول ڪري ٿو، جيتوڻيڪ اھي طھريل نہ آھن. 12ھو انھن جو بہ پيءُ آھي جيڪي طھريل آھن، نہ رڳو انھيءَ لاءِ تہ اُھي طھريل آھن، پر انھيءَ لاءِ بہ تہ اُھي ايمان جي اھڙي زندگي گذارين ٿا جھڙي اسان جي پيءُ ابراھيم طھر کان اڳ واريءَ حالت ۾ گذاري.

خدا جو واعدو، ايمان جي وسيلي

13 خدا ابراھيم ۽ سندس اولاد سان واعدو ڪيو ھو تہ ھو کين دنيا جو وارث بڻائيندو. پر ھي واعدو انھيءَ ڪري نہ ڪيو ويو تہ ابراھيم شريعت جي حڪمن تي عمل ڪندو ھو، بلڪ انھيءَ ڪري جو ھن ايمان آندو ھو ۽ خدا کيس پاڻ ڏانھن سچار ليکيو ھو. 14 ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن دنيا جي وارث بڻائڻ جو واعدو خدا انھن سان ڪيو آھي جيڪي شريعت تي عمل ڪن ٿا، تہ پوءِ خدا تي ايمان آڻڻ اجايو ۽ خدا جو واعدو بيڪار آھي. 15شريعت خدا جو غضب پيدا ڪري ٿي، پر جتي شريعت ئي نہ آھي تہ اُتي سندس حڪمن جي ڀڃڪڙي بہ نہ آھي. 16 تنھنڪري اھو واعدو ايمان جي بنياد تي ۽ خدا جي فضل جي نتيجي ۾ ٿيو، تہ جيئن اھو ابراھيم جي سڄي اولاد لاءِ قائم رھي. نہ رڳو انھن لاءِ جن وٽ شريعت آھي، پر انھن لاءِ بہ جيڪي ابراھيم وانگر ايمان آڻين ٿا، ڇالاءِ⁠جو ابراھيم اسان سڀني جو پيءُ آھي. 17 جيئن لکيل آھي تہ ”اي ابراھيم! مون تو کي گھڻين قومن جو پيءُ بڻايو آھي.“ اھو واعدو سچو آھي، ڇالاءِ⁠جو ابراھيم جو ايمان انھيءَ خدا تي ھو، جيڪو مئلن کي جيئرو ڪري ٿو ۽ جنھن جو حڪم انھن شين کي وجود ڏئي ٿو جيڪي اڳ ۾ موجود نہ آھن. 18 جيتوڻيڪ اميد پوري ٿيڻ جھڙي نہ ھئي، تنھن ھوندي بہ ابراھيم اميد رکي خدا تي ايمان آندو ۽ ھو ”گھڻين قومن جو پيءُ“ بڻيو. جيئن لکيل آھي تہ ”تنھنجو گھڻو ئي نسل ٿيندو.“ 19 ھن جي ايمان ۾ فرق نہ آيو، جيتوڻيڪ ھو اٽڪل ⁠سؤ ورھين جو ھو ۽ ڄاتائين ٿي تہ سندس مرداڻي طاقت اڳ ۾ ئي ختم ٿي چڪي آھي ۽ سارہ ۾ بہ ڄڻڻ جي اميد ڪانہ ھئي. 20پر ھن جي ايمان کي لوڏو بہ نہ آيو. ھن خدا جي واعدي تي ذرو بہ شڪ نہ ڪيو، بلڪ ھو ايمان ۾ وڌيڪ پڪو ٿي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳو. 21ھن کي پورو يقين ھو تہ خدا جيڪو واعدو ڪيو آھي سو پورو ٿيندو. 22اھو ئي سبب ھو جو خدا ابراھيم کي سندس ايمان جي وسيلي سچار ليکيو. 23اھي لفظ تہ ”ھو سچار ليکيو ويو،“ رڳو ابراھيم لاءِ لکيل نہ آھن، 24پر اسان لاءِ بہ لکيل آھن، جن کي خدا سچار ڪري قبول ڪندو، ڇالاءِ⁠جو اسين بہ انھيءَ خدا تي ايمان آڻيون ٿا جنھن اسان جي خداوند عيسيٰ کي مئلن مان جيئرو ڪيو. 25 اسان جي گناھن جي لاءِ ھن کي موت جي حوالي ڪيو ويو ۽ وري کيس جيئرو ڪيو ويو، تہ جيئن ھو اسان کي خدا ڏانھن سچار بڻائي.

رومين 5

خدا سان ميلاپ

1جيئن تہ اسين ايمان جي ڪري سچار بڻايا ويا آھيون، تنھنڪري اسان جو پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا سان ميلاپ ٿي ويو آھي. 2مسيح اسان کي ايمان جي وسيلي خدا جي فضل تائين پھچايو آھي، جنھن تي اسين ثابت قدم آھيون. سو اچو تہ اسين انھيءَ اميد تي خوشي ڪريون تہ خدا جو جلوو ماڻينداسين. 3نہ رڳو ايترو پر پنھنجن مصيبتن ۾ بہ خوشي ڪريون، ڇالاءِ⁠جو اسان کي خبر آھي تہ مصيبت مان صبر پيدا ٿئي ٿو. 4صبر مان خدا جي رضامندي پيدا ٿئي ٿي ۽ سندس رضامنديءَ مان اميد پيدا ٿئي ٿي. 5اسان کي انھيءَ اميد مان مايوسي نہ ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ⁠تہ پاڪ روح، جيڪو اسان کي ڏنو ويو آھي، تنھن جي وسيلي خدا جو پيار اسان جي دلين ۾ اوتيو ويو آھي. 6جڏھن اسين اڃا لاچار ئي ھئاسين تہ بلڪل انھيءَ وقت مسيح اسان بدڪارن لاءِ جان ڏني. 7ڪنھن سچار ماڻھوءَ خاطر بہ مشڪل سان ئي ڪو پنھنجي جان ڏيندو، پر ٿي سگھي ٿو جو ڪو ماڻھو ڪنھن نيڪ ماڻھوءَ لاءِ پنھنجي جان ڏيڻ جي ھمت ڪري بہ وجھي. 8پر خدا اسان سان پنھنجو پيار انھيءَ مان ثابت ٿو ڪري جو جڏھن اسين اڃا گنھگار ئي ھئاسين تہ مسيح اسان جي لاءِ مئو. 9ھاڻ جڏھن ھن جي موت جي وسيلي اسين خدا ڏانھن سچار ٿياسين، تہ انھيءَ کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسين مسيح جي وسيلي خدا جي غضب کان بچي وينداسين. 10اڳي خدا جا دشمن ھئاسين، پر سندس فرزند جي موت جي وسيلي اسان جو ھن سان ميلاپ ٿي ويو. ھاڻي جڏھن اسين خدا جا دوست آھيون، تڏھن اسين ڪيترو نہ وڌيڪ مسيح جي حياتيءَ جي وسيلي بچي وينداسين. 11نہ رڳو ايترو پر اسين خدا جي حضور ۾ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي معرفت خوشي ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ⁠تہ ان جي ئي وسيلي اسان جو خدا سان ميلاپ ٿيو آھي.

آدم ۽ مسيح

12 ھڪڙي ماڻھوءَ جي ڪري دنيا ۾ گناھہ آيو، گناھہ جي سبب موت آيو ۽ موت سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو، ڇالاءِ⁠جو سڀني ماڻھن گناھہ ڪيو. 13شريعت جي ملڻ کان اڳ ۾ بہ دنيا ۾ گناھہ ھو، پر جتي شريعت ئي ڪانھي اُتي گناھن جو حساب بہ نہ ٿو رکيو وڃي. 14آدم کان وٺي موسيٰ تائين سڀني ماڻھن تي موت جي حڪمراني ھئي، جيتوڻيڪ انھن مان ڪن اھڙو گناھہ نہ ڪيو جھڙو آدم خدا جي حڪم جي نافرماني ڪندي ڪيو. ڪن ڳالھين ۾ آدم مسيح وانگر ھو، جيڪو پوءِ اچڻ وارو ھو. 15پر ٻئي ھڪ جھڙا نہ آھن، ڇاڪاڻ⁠تہ خدا جي بخشش کي آدم جي ڏوھہ سان ڀيٽي نہ ٿو سگھجي. اھو سچ آھي تہ انھيءَ ھڪڙي شخص جي گناھہ جي ڪري گھڻا ئي ماڻھو مري ويا ۽ وري ھڪڙي ئي شخص يعني يسوع مسيح جي فضل جي وسيلي گھڻن ئي ماڻھن کي خدا جو فضل ۽ بخشش جھجھي انداز ۾ ملي. 16خدا جي بخشش ۽ ھڪڙي ماڻھوءَ جي ڏوھہ ۾ فرق آھي، ڇالاءِ⁠جو ھڪڙي ئي شخص جي ڏوھہ کان پوءِ سزا جو حڪم جاري ٿيو، پر گھڻا ئي ماڻھو گناھن ڪرڻ کان پوءِ بہ خدا جي انھيءَ فضل جي بخشش ڪري ڇٽي ويا. 17اھو سچ آھي تہ ھڪڙي ماڻھوءَ جي ڏوھہ جي ڪري ۽ انھيءَ ماڻھوءَ جي ئي وسيلي موت حڪمراني ڪئي. پر ھڪڙي ئي ماڻھوءَ يعني عيسيٰ مسيح جي ڪم جو ڪيڏو نہ وڏو ڦل آھي جو اھي سڀ ھن جي وسيلي زندگيءَ ۾ حڪمراني ڪندا، جن کي خدا جي انھيءَ فضل جي گھڻائيءَ ۽ سچائيءَ جي بخشش ملي آھي. 18جھڙيءَ طرح ھڪڙي ماڻھوءَ جي ڏوھہ جي ڪري سڀني ماڻھن لاءِ سزا جو حڪم مليو، تھڙيءَ طرح ھڪڙي ماڻھوءَ جي سچائيءَ واري ڪم جي ڪري سڀ ماڻھو ڇٽي ويندا ۽ کين زندگي ملندي. 19جيئن ھڪڙي ماڻھوءَ جي نافرمانيءَ جي ڪري گھڻا ماڻھو گنھگار ٿيا، تيئن ھڪڙي ئي ماڻھوءَ جي فرمانبرداريءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻھو خدا ڏانھن سچار بڻايا ويندا. 20شريعت جي ملڻ کان پوءِ ڏوھہ وڌيا. گناھہ کڻي ڪيترا بہ وڌيا پر خدا جو فضل انھن کان بہ وڌي ويو، 21۽ جيئن گناھن جي حڪمراني موت جي وسيلي آھي تيئن خدا جي فضل جي حڪمراني سچائيءَ جي وسيلي آھي، جيڪا اسان کي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي دائمي زندگي بخشي ٿي.

رومين 6

گناھن جي ڪري مئل، پر مسيح جا ھئڻ ڪري زندہ

1تہ پوءِ ڇا اسين ائين چئون تہ گناھہ ڪندا رھون تہ جيئن خدا جو فضل وڌيڪ ٿئي؟ 2نہ، بلڪل نہ. اسين گناھہ جي نسبت مئل آھيون تہ پوءِ ڪيئن ان ۾ وڌيڪ جيئرا رھي سگھنداسين؟ 3ڇا اوھان کي اھا خبر نہ آھي تہ اسين جيڪي بہ بپتسما وٺي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيا ھئاسين، سي انھيءَ ئي بپتسما سان سندس مرڻ ۾ بہ ھڪ ٿيا ھئاسين؟ 4 تنھنڪري اسين سندس مرڻ ۾ بپتسما جي وسيلي ھن سان گڏ دفن ٿي ويا ھئاسين، انھيءَ لاءِ تہ جيئن مسيح پنھنجي پيءُ جي جلوي سان مئلن مان جياريو ويو تيئن اسين بہ نئين زندگيءَ ۾ گذاريون. 5جيڪڏھن اسين مسيح جي مرڻ ۾ ساڻس گڏ شامل ھئاسين، تہ ساڳيءَ طرح سندس جيئري ٿي اٿڻ ۾ بہ ضرور شامل ٿينداسين. 6ڇالاءِ⁠جو اسان کي خبر آھي تہ اسان جي اڳين انسانيت مسيح سان گڏ صليب تي چاڙھي ويئي، تہ جيئن اسان جون گناھہ ڪرڻ واريون نفساني خواھشون ناس ٿي وڃن ۽ اڳتي اسين گناھہ جي غلاميءَ کان ڇٽي پئون، 7ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪو مري ويو سو گناھہ کان ڇٽي ويو. 8جيڪڏھن اسين مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي مئا آھيون، تہ پوءِ اسان جو ايمان آھي تہ ساڻس گڏ جيئرا بہ ضرور ٿينداسين. 9اسان کي اھا بہ خبر آھي تہ مسيح مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ وري مرڻ جو نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو ھاڻي موت جو مٿس ڪوبہ اختيار نہ آھي. 10جڏھن ھو مئو تہ گناھہ جي نسبت ھڪڙو ئي دفعو مئو، پر ھاڻي جڏھن ھو جيئرو آھي تہ خدا جي نسبت جيئرو آھي. 11اھڙيءَ طرح اوھين بہ پاڻ کي گناھہ جي نسبت مئل سمجھو، پر خدا جي نسبت عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري پاڻ کي جيئرو سمجھو. 12تنھنڪري اوھين پنھنجي ھن فاني جسم ۾ گناھہ کي حڪمراني ڪرڻ نہ ڏيو، متان اوھين گناھہ جي خواھشن جي تابعداري ڪريو. 13پنھنجي جسم جي عضون کي گناھہ جي حوالي نہ ڪريو، متان اھي بڇڙائيءَ جا ھٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيئرو سمجھي خدا جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوھان جي جسم جا عضوا سچائيءَ جا ھٿيار ٿين. 14ڇالاءِ⁠جو ھاڻي گناھہ جو اوھان تي ڪوبہ اختيار نہ آھي، انھيءَ لاءِ تہ ھاڻي اوھين شريعت جي تابع نہ پر خدا جي فضل جي تابع آھيو.

سچائيءَ جا غلام

15پوءِ ڇا اسين گناھہ ڪريون، انھيءَ لاءِ تہ ھاڻي اسين شريعت جي نہ پر خدا جي فضل جي تابع آھيون؟ نہ، بلڪل نہ. 16اوھان کي خبر آھي تہ جيڪڏھن اوھين غلامن وانگر ڪنھن جي تابعداري ڪريو ٿا تہ اوھين انھيءَ ماڻھوءَ جا غلام آھيو. ھاڻي جيڪڏھن اوھين گناھہ جي تابعداري ڪندا تہ ان جو نتيجو موت آھي. پر جيڪڏھن خدا جي تابعداري ڪندا تہ ھو اوھان کي سچار ڪري قبول ڪندو. 17خدا جو شڪر آھي جو جيتوڻيڪ اوھين گناھہ جا غلام ھئا، پر جيڪا تعليم اوھان کي ڏني ويئي تنھن جي اوھان دل⁠وجان سان تابعداري ڪئي. 18اوھين گناھہ جي غلاميءَ کان آزاد ٿيا آھيو ۽ ھاڻي اوھين سچائيءَ جا غلام ٿيا آھيو. 19جيئن تہ مون کي اوھان جي انساني ڪمزورين جي خبر آھي، سو آءٌ اوھان کي عام رواجي لفظن ۾ چوان ٿو تہ جيئن اڳي اوھان بڇڙائي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي حرامڪاريءَ ۽ بدڪاريءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو ھو، تيئن ھاڻي پاڪ ٿيڻ لاءِ پاڻ کي سچائيءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو. 20جڏھن اوھين گناھہ جا غلام ھئا، تڏھن سچائيءَ جي نسبت آزاد ھئا. 21سو جن ڪمن جي ڪري اوھين ھن مھل شرمسار آھيو، تن مان انھيءَ وقت اوھان کي ڪھڙو فائدو مليو؟ ڪجھہ بہ نہ، ڇالاءِ⁠جو انھن ڪمن جو نتيجو موت آھي. 22پر ھاڻي اوھين گناھن کان آزاد ڪيا ويا آھيو ۽ خدا جا غلام ٿيا آھيو، جنھن جو اجر اوھان جي پاڪائي آھي ۽ جنھن جو نتيجو آھي دائمي زندگي. 23ڇالاءِ⁠جو گناھہ جو اجر موت آھي. پر خدا جي بخشش اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي معرفت دائمي زندگي آھي.

رومين 7

شريعت نڪاح مثل

1اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين شريعت کان واقف آھيو. تنھنڪري ڄاڻو ٿا تہ جيستائين انسان جيئرو آھي تيستائين شريعت جو مٿس حڪم ھلي ٿو. 2مثلاً، شريعت موجب زال پنھنجي مڙس سان سندس حياتيءَ تائين ٻڌل رھي ٿي. پر جيڪڏھن اھو مڙس مري وڃي تہ ھوءَ سندس نڪاح کان ڇٽل آھي. 3جيڪڏھن اھا عورت مڙس جي جيئري ئي ڪنھن ٻئي مرد سان لاڳاپا رکي ٿي تہ اھا عورت زناڪار سڏبي. پر جيڪڏھن سندس مڙس مري وڃي تہ ھوءَ شريعت موجب آزاد آھي ۽ پوءِ جيڪڏھن ڪنھن بہ مرد سان شادي ڪري ٿي تہ اھا عورت زناڪار نہ سڏبي. 4منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اھڙيءَ طرح عيسيٰ جي جسماني موت جي وسيلي اوھين بہ شريعت جي نسبت ۾ مري ويا آھيو. ھاڻي اوھين مسيح جي بدن جا عضوا آھيو ۽ اوھين انھيءَ جا ئي آھيو جيڪو مئلن مان جيئرو ٿيو. اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ اسين خدا جي لائق ڦل جھليون. 5جڏھن اسين رڳو انساني فطرت موجب رھندا ھئاسين، تڏھن اسان جون نفساني خواھشون، جيڪي شريعت جي ڪري ظاھر ٿي ٿيون سي اسان تي قابض ھيون، جنھن ڪري اسان موت لائق ڦل جھليوسين. 6پر ھاڻي اسين شريعت کان ڇٽل آھيون، ڇالاءِ⁠جو جنھن سان اسين ٻڌل ھئاسين تنھن جي نسبت تہ مئاسين. ھاڻي اسين خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ پراڻن لکيل حڪمن جا نہ، بلڪ پاڪ روح جي نئين طريقي جا پابند آھيون.

شريعت ۽ گناھہ

7 پوءِ ڇا اسين ائين چئون تہ شريعت گناھہ آھي؟ نہ، بلڪل نہ، ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن شريعت نہ ھجي ھا تہ مون کي گناھہ جي خبر نہ پوي ھا. جيڪڏھن شريعت نہ چوي ھا تہ ”لالچ نہ ڪر“ تہ مون کي لالچ جي خبر نہ پوي ھا. 8پر گناھہ کي وجھہ ملي ويو. سو ھن انھيءَ شرعي حڪم جي وسيلي مون ۾ ھر طرح جي لالچ پيدا ڪئي، ڇالاءِ⁠جو شريعت کان سواءِ گناھہ مئل آھي. 9ڪو وقت ھو جڏھن شريعت کان سواءِ آءٌ جيئرو ھوس، پر جڏھن شرعي حڪم آيو تہ گناھہ جيئرو ٿي پيو ۽ آءٌ مري ويس. 10اھو ئي شرعي حڪم جنھن جو مقصد مون کي زندگي بخشڻ ھو، سو ئي منھنجي لاءِ موت جو سبب بڻجي پيو. 11 ڇالاءِ⁠جو گناھہ کي وجھہ ملي ويو ۽ شرعي حڪم جي وسيلي مون کي برغلايائين ۽ انھيءَ ئي شرعي حڪم جي وسيلي مون کي ماري وڌائين. 12جڏھن تہ شريعت پاڻ پاڪ آھي ۽ سندس حڪم بہ پاڪ، سچو ۽ چڱو آھي، 13تہ پوءِ جيڪا شيءِ چڱي آھي تہ ڇا تنھن ئي مون کي ماريو؟ نہ، بلڪل نہ. پر گناھہ پنھنجي گنھگاري ظاھر ڪرڻ لاءِ ھڪ چڱي شيءِ جو سھارو وٺي مون کي ماريو ۽ شرعي حڪم جي وسيلي گناھہ حد کان وڌيڪ بڇڙو ثابت ٿيو.

اندروني ڪشمڪش

14اسان کي خبر آھي تہ شريعت روحاني آھي. پر آءٌ جسماني آھيان، ڇالاءِ⁠جو آءٌ گناھہ جو زرخريد غلام آھيان. 15 مون کي پنھنجن ڪمن جي ئي خبر نہ ٿي پوي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي ڪم آءٌ ڪرڻ گھران ٿو سي تہ نہ ٿو ڪريان، پر اٽلندو اھي ڪم ڪريان ٿو جن کان مون کي نفرت آھي. 16جيڪڏھن آءٌ اھي ڪم ڪريان ٿو جيڪي حقيقت ۾ آءٌ ڪرڻ نہ ٿو گھران تہ آءٌ قبول ٿو ڪريان تہ شريعت سچي آھي. 17سو انھيءَ حالت ۾ ڪم ڪرڻ وارو آءٌ نہ آھيان، پر اھو گناھہ آھي جيڪو مون ۾ گھر ڪري ويٺو آھي، سو ئي اھي ڪم ڪري ٿو. 18آءٌ ڄاڻان ٿو تہ مون ۾ يعني منھنجي انساني فطرت ۾ ڪابہ نيڪي ڪانہ ٿي رھي. ڇالاءِ⁠جو منھنجي دل ۾ نيڪي ڪرڻ جي خواھش آھي، پر آءٌ ڪري نہ ٿو سگھان. 19اھو ئي سبب آھي جو آءٌ نيڪي ڪرڻ گھران ٿو، پر نہ ٿو ڪريان ۽ بڇڙا ڪم ڪرڻ نہ ٿو گھران، پر اُھي ڪريان ٿو. 20سو جيڪڏھن آءٌ اھڙا ڪم ٿو ڪريان جن جي ڪرڻ لاءِ دل نہ ٿي گھري، تہ پوءِ انھن جي ڪرڻ وارو آءٌ نہ آھيان، پر اھو گناھہ ئي آھي جيڪو مون ۾ گھر ڪري ويٺو آھي. 21تنھنڪري مون کي ھڪ اصول نظر ٿو اچي تہ جڏھن آءٌ چڱا ڪم ڪرڻ گھران ٿو تہ انھن جي بجاءِ بڇڙا ڪم ٿيو پون. 22منھنجي دل تہ خدا جي شريعت مان خوش آھي، 23پر مون کي پنھنجي جسم ۾ ھڪ ٻيو اصول بہ نظر اچي ٿو، جيڪو منھنجي عقل جي اصول سان جنگ ڪري ٿو. اھو گناھہ جو اصول آھي، جيڪو منھنجي جسم ۾ موجود آھي ۽ اھو مون کي غلام بڻائي ٿو. 24آءٌ ڪيڏو نہ ڪمبخت ماڻھو آھيان. مون کي انھيءَ جسم کان ڪير ڇڏائيندو جنھن جي وسيلي موت ايندو؟ 25آءٌ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي مون کي ڇڏائيندو. مطلب تہ آءٌ پنھنجي عقل سان خدا جي شريعت جو تابعدار آھيان، پر آءٌ پنھنجي انساني فطرت جي ڪري گناھہ جي حڪم جو تابعدار آھيان.

رومين 8

روحاني زندگي

1تنھنڪري جيڪي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ويا آھن، تن لاءِ ھاڻي سزا جو حڪم نہ آھي. 2ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح جو اصول جيڪو اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري زندگي ڏئي ٿو، تنھن اسان کي گناھہ ۽ موت جي اصول کان ڇڏايو آھي. 3جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب شريعت نہ ڪري سگھي سو خدا ڪيو، يعني ھن پنھنجي فرزند کي گنھگار انساني صورت ۾ موڪليو تہ جيئن ھو اسان جي گناھن لاءِ قربان ٿئي ۽ گناھہ کي سزاوار بڻائي. 4اھو خدا انھيءَ لاءِ ڪيو تہ اسين جيڪي انساني فطرت موجب نہ پر پاڪ روح موجب ھلون ٿا، تن ۾ شريعت جي سچائي پوري ٿي وڃي. 5جيڪي انساني فطرت موجب ھلن ٿا سي انساني فطرت جا تابعدار آھن. پر جيڪي پاڪ روح موجب ھلن ٿا سي پاڪ روح جا تابعدار آھن. 6جيڪڏھن ڪنھن جي نيت انساني فطرت جي اثر ھيٺ آھي تہ نتيجو موت آھي. پر جي ڪنھن جي نيت پاڪ روح جي اثر ھيٺ آھي تہ نتيجو زندگي ۽ سلامتي آھي. 7انساني نيت خدا جو دشمن بڻائي ٿي، ڇالاءِ⁠جو اھا نيت نہ شريعت جي تابع آھي ۽ نڪي تابع ٿي سگھي ٿي. 8جيڪي انساني فطرت موجب ھلن ٿا سي خدا کي راضي ڪري نہ سگھندا. 9اوھين انساني فطرت موجب نہ پر پاڪ روح موجب ھلو ٿا، بشرطيڪ اوھان ۾ خدا جو روح رھي. جنھن ماڻھوءَ ۾ مسيح جو روح نہ آھي سو مسيح جو نہ آھي. 10جيتوڻيڪ اوھان جو جسم گناھہ جي ڪري مئل آھي، پر جيڪڏھن مسيح اوھان ۾ آھي تہ پوءِ اوھان جو روح زندہ آھي، ڇالاءِ⁠جو خدا اوھان کي پاڻ ڏانھن سچار بڻايو آھي. 11 جيڪڏھن اوھان ۾ خدا جو روح موجود آھي، جنھن عيسيٰ کي مئلن مان جيئرو ڪيو، تہ پوءِ جنھن مسيح کي مئلن مان جياريو سو اوھان جي فاني جسمن کي بہ پنھنجي انھيءَ روح جي وسيلي جيئرو ڪندو جيڪو اوھان ۾ رھي ٿو. 12تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين ذميوار تہ آھيون، پر انساني فطرت جا نہ، جو ان موجب زندگي گذاريون. 13ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اوھين انساني فطرت موجب زندگي گذاريندا تہ ضرور مرندا. پر جيڪڏھن پاڪ روح جي وسيلي جسم جي نفساني خواھشن کي فنا ڪندا تہ جيئرا رھندا. 14ڇالاءِ⁠جو جيڪي خدا جي روح جي ھدايتن موجب ھلن ٿا سي خدا جا ٻار آھن. 15 اوھان کي غلاميءَ جو روح نہ مليو آھي جو اوھان کي وري ڊپ ٿئي، پر اوھان کي اھو روح مليو جنھن جي وسيلي اوھين خدا جا ٻار ٿيا آھيو ۽ جنھن سان اسين خدا کي ”بابا“ ڪري ٿا سڏ ڪريون. 16اھو روح پاڻ اسان جي روح سان گڏ شاھدي ٿو ڏئي تہ اسين خدا جا ٻار آھيون. 17جيڪڏھن اسين ھن جا ٻار آھيون تہ وارث بہ آھيون، يعني خدا جا وارث ۽ مسيح سان ورثي ۾ شريڪ آھيون، بشرطيڪ ھن سان ڏکن ۾ شريڪ ٿيون تہ پوءِ ساڻس گڏ جلوي ۾ بہ شريڪ ٿينداسون.

خدا جي جلوي جي اميد

18آءٌ سمجھان ٿو تہ جيڪي ڏک سور اسان ھن وقت ڏسون ٿا، تن جي ڀيٽ انھيءَ جلوي سان ڪري ئي نہ ٿي سگھجي جيڪو اسان تي نازل ٿيڻ وارو آھي. 19سڄي مخلوقات ڏاڍي شوق سان خدا جي ٻارن جي ظاھر ٿيڻ جي انتظار ۾ آھي. 20 ڇالاءِ⁠جو مخلوقات مايوسيءَ جي تابع ڪئي ويئي، پنھنجي مرضيءَ سان نہ، پر خدا جي مرضيءَ سان. تنھن ھوندي بہ کيس اھا اميد ڏني ويئي 21تہ مخلوقات فنا جي غلاميءَ کان ڇٽي پوندي ۽ خدا جي ٻارن جي شاندار آزاديءَ ۾ داخل ٿيندي. 22اسان کي خبر آھي تہ سڄي مخلوقات ھن وقت تائين پيئي ڪنجھي ۽ سور کائي. 23 نہ رڳو مخلوقات پر اسين پاڻ بہ جن کي پاڪ روح خدا جي پھرين بخشش ٿي مليو آھي، سي بہ پنھنجي اندر ۾ پيا ڪنجھون ۽ خدا جا ٻار ٿيڻ يعني پنھنجي بدن جي ڇوٽڪاري جي انتظار ۾ ويٺا آھيون. 24سو اسان کي اميد جي وسيلي ئي تہ ڇوٽڪارو مليو. پر جنھن شيءِ جي اميد ھجي سا جيڪڏھن ڏسڻ ۾ اچي تہ پوءِ اميد ڇا جي؟ ڇا ڪو اھڙو ماڻھو آھي جيڪو ڪا شيءِ ڏسي ۽ پوءِ بہ انھيءَ لاءِ اميد رکي؟ 25پر جيڪڏھن اسين اھڙيءَ شيءِ جي اميد ٿا ڪريون جيڪا اڃا ڏسي نہ ٿا سگھون، تہ پوءِ ان جو صبر سان انتظار ٿا ڪريون. 26ساڳيءَ طرح پاڪ روح بہ اسان جي ڪمزوريءَ ۾ مدد ٿو ڪري، ڇوتہ اسان کي خبر نہ آھي تہ ڇا جي لاءِ ۽ ڪھڙيءَ طرح دعا گھرون. پر پاڪ روح پاڻ اندر جي اُڌمن سان اسان جي شفاعت پيو ڪري. 27خدا دلين جو مالڪ آھي، سو ھو ڄاڻي ٿو تہ پاڪ روح جو ارادو ڪھڙو آھي، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح خدا جي مرضيءَ موجب سندس قوم جي شفاعت ٿو ڪري. 28اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا سڀني شين ۾ انھن ماڻھن لاءِ ڀلائي رکي ٿو، جيڪي ساڻس پيار ڪن ٿا ۽ سندس مقصد لاءِ چونڊيا ويا آھن. 29ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي اڳي ئي ڄاتو ٿي ۽ کين پنھنجي فرزند جھڙو ٿيڻ لاءِ مخصوص ڪيو ھئائين تہ سندس فرزند گھڻن ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ پھريتو ٿئي. 30سو خدا جن کي مخصوص ڪيو ھو تن کي ئي چونڊيائين ۽ جن کي چونڊيائين تن کي پاڻ ڏانھن سچار بہ بڻايائين ۽ جن کي سچار بڻايائين تن کي پنھنجو جلوو بہ بخشيائين.

خدا جو عيسيٰ مسيح جي وسيلي پيار

31انھن سڀني ڳالھين جي نتيجي ۾ اسين ڇا چئون؟ جيڪڏھن خدا اسان سان آھي تہ ڪير اسان جو مخالف ٿي سگھندو؟ 32ھن تہ پنھنجو فرزند بہ اسان کان نہ وانجھيو، بلڪ کيس اسان سڀني جي خاطر موت جي حوالي ڪيو. جڏھن ھن پنھنجو فرزند اسان کي ڏنو تہ پوءِ ٻي ڪھڙي شيءِ آھي جا ھو اسان کي نہ بخشيندو؟ 33خدا جي چونڊيل ماڻھن تي ڪير تھمت ھڻندو؟ جڏھن خدا خود انھن کي پاڻ ڏانھن سچار ٿو بڻائي. 34پوءِ ڪير آھي جو اسان کي ڏوھدار بڻائيندو؟ جڏھن تہ عيسيٰ مسيح خود اسان جي خاطر مئو، بلڪ مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿيو. ھو خدا جي ساڄي پاسي آھي ۽ اسان جي شفاعت پيو ڪري. 35اسان کي مسيح جي پيار کان ڪير جدا ڪري ٿو سگھي؟ توڙي جو اسين مصيبت يا تنگيءَ ۾ ھجون، اسان کي ستايو وڃي يا اسين بک، غريبيءَ ۽ خطري ۾ ھجون يا اسان کي ماريو وڃي. 36 جيئن لکيل آھي تہ ”تنھنجي خاطر روزانو اسين موت جي خطري ۾ آھيون. اسان سان ڪوس جي رڍن وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.“ 37پر جنھن اسان کي پيار ڪيو، تنھن جي وسيلي انھن سڀني ڳالھين ۾ اسان جي مڪمل فتح آھي. 38ڇالاءِ⁠جو مون کي يقين آھي تہ نہ موت، نہ حياتي، نہ ملائڪ، نہ بدروح، نہ حال جون ۽ نہ مستقبل جون شيون، نہ طاقتون، 39نہ آسمان، نہ پاتال ۽ نہ ٻي ڪا مخلوق اسان کي خدا جي انھيءَ پيار کان جدا ڪري سگھندي، جيڪو اسان کي عيسيٰ مسيح جي وسيلي مليو آھي.

رومين 9

خدا ۽ بني اسرائيل جو لاڳاپو

1جيڪو آءٌ چوان ٿو سو سچ آھي. آءٌ مسيح جو آھيان ۽ ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان. منھنجي دل، جيڪا پاڪ روح جي وس ۾ آھي سا بہ مون سان گڏ شاھدي ٿي ڏئي تہ 2‏-3مون کي ڏاڍو ڏک آھي ۽ منھنجي دل ۾ پنھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن يعني پنھنجي قوم وارن لاءِ سدائين غم ۽ درد ٿو رھي. انھن جي خاطر منھنجي خواھش آھي تہ آءٌ لعنتي بڻجي مسيح کان جدا ٿيان. 4 اھي بني اسرائيل ئي آھن، جن کي خدا پنھنجا ٻار ڪري چونڊيو آھي. ھن کين پنھنجو جلوو ڏيکاريو ۽ کين پنھنجا عھد، شريعت، عبادت ۽ واعدا ڏنا اٿائين. 5قوم جا ابا ڏاڏا بہ انھن مان ئي آھن ۽ رت جي رشتي ڪري مسيح بہ انھن جو ئي آھي. خدا، جيڪو سڀني جي مٿان حاڪم آھي، شل ھميشہ انھيءَ جي واکاڻ ٿئي. آمين. 6آءٌ ائين نہ ٿو چوان تہ خدا جو واعدو اجايو آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي اسرائيل جو اولاد آھن، سي سڀ بني اسرائيل نہ آھن 7 ۽ نڪي ابراھيم جي نسل مان ھئڻ ڪري اھي سڀ سندس ٻار ليکيا ويا آھن. پر لکيل آھي تہ ”اسحاق مان ئي تنھنجو نسل سڏيو ويندو.“ 8ان جي معنيٰ تہ جسماني ٻار خدا جا ٻار نہ آھن، پر جيڪي ابراھيم سان خدا جي ڪيل واعدي موجب ٻار پيدا ٿيا سي ئي ابراھيم جو اولاد ليکجن ٿا. 9 ڇالاءِ⁠جو خدا ھنن لفظن ۾ واعدو ڪيو ھو تہ ”آءٌ مقرر وقت تي موٽي ايندس ۽ سارہ کي پٽ ڄمندو.“ 10نہ رڳو ايترو پر اسان جي وڏي اسحاق مان ربقہ کي ٻہ ٻار ٿيا. 11‏-12 ٻارن جي ڄمڻ ۽ انھن جي چڱي يا خراب ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ ربقہ کي ٻڌايو ويو تہ وڏو ننڍي جي خدمت ڪندو، انھيءَ لاءِ تہ ڏيکاريو وڃي تہ خدا جو چونڊڻ عملن تي نہ پر سندس مرضيءَ تي مدار رکي ٿو. 13 جيئن لکيل آھي تہ ”مون يعقوب سان محبت رکي پر عيسوءَ سان نہ.“ 14پوءِ اسين ائين چئون ڇا تہ خدا بي⁠انصاف آھي؟ نہ، بلڪل نہ، 15 ڇالاءِ⁠جو خدا موسيٰ کي چيو تہ ”جنھن تي آءٌ رحم ڪرڻ گھران تنھن تي رحم ڪندس ۽ جنھن تي ٻاجھہ ڪرڻ گھران تنھن تي ٻاجھہ ڪندس.“ 16تنھنڪري اُھو نہ انسان جي خواھش ڪرڻ تي ۽ نہ ڪوشش ڪرڻ تي مدار رکي ٿو، پر اھو سڀ خدا جي رحم ڪرم تي ڇڏيل آھي. 17 ڇالاءِ⁠جو پاڪ لکت ۾ خدا فرعون کي فرمائي ٿو تہ ”مون تو کي بادشاھہ انھيءَ لاءِ بڻايو آھي تہ آءٌ تنھنجي ڪري قدرت ظاھر ڪريان ۽ دنيا ۾ منھنجو نالو روشن ٿئي.“ 18سو خدا جنھن تي رحم ڪرڻ گھري ٿو، تنھن تي رحم ڪري ٿو ۽ جنھن کي سخت⁠دل ڪرڻ گھري ٿو تنھن کي سخت⁠دل ڪري ٿو.

خدا جو قھر ۽ رحم

19اوھين مون کي چوندا تہ پوءِ خدا ڇو ٿو ماڻھن کي ڏوھدار بڻائي؟ ڪنھن کي مجال آھي جو خدا جي مرضيءَ جي مخالفت ڪري سگھي؟ 20 پر اي انسان! تون ڪير ٿيندو آھين جو خدا سان سوال جواب ڪرين؟ ڇا خلقيل شيءِ خلقيندڙ کي چوندي تہ ”تو مون کي اھڙو ڇو خلقيو آھي؟“ 21ڇا ڪنڀر کي اھو اختيار نہ آھي جو ھو ساڳي مٽيءَ جي پنوڙي مان ھڪڙو قيمتي ٿانءُ بڻائي ۽ ٻيو خسيس؟ 22انھيءَ ۾ عجب جي ڪھڙي ڳالھہ آھي جو خدا پنھنجو غضب ۽ قدرت ظاھر ڪرڻ لاءِ انھن ٿانون سان صبر ۽ بردباريءَ سان پيش آيو، جيڪي ٿانوَ ڀڃي ناس ٿيڻ جي لائق ھئا. 23خدا اھو ڪم ھن لاءِ ڪيو تہ جيڪي رحم جا ٿانوَ سندس جلوي جي لاءِ اڳي ئي تيار ڪيا ويا آھن، تن تي ھو پنھنجي جلوي جي نعمت نازل ڪري، 24يعني اسان تي جن کي ھن نہ رڳو يھودين مان پر غير قومن مان بہ چونڊيو آھي. 25 جيئن خدا ھوسيع نبيءَ جي صحيفي ۾ فرمائي ٿو تہ ”جيڪا منھنجي قوم نہ ھئي، تنھن کي پنھنجي قوم سڏيندس ۽ جيڪا مون کي پياري نہ ھئي، تنھن کي پياري چوندس.“ 26 ”جنھن جاءِ تي انھن کي ائين چيو ويو تہ ’اوھين منھنجي قوم نہ آھيو،‘ انھيءَ ساڳي جاءِ تي ئي اھي زندہ خدا جا فرزند سڏبا.“ 27 يسعياہ بني اسرائيل لاءِ کليو کلايو چوي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ بني اسرائيل جو تعداد سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جي ذرڙن جيترو ھوندو، تہ بہ انھن مان ڪي ٿورا ئي وڃي بچندا. 28ڇالاءِ⁠جو خداوند دنيا تي جلد ئي پنھنجو آخري فيصلو پورو ڪندو.“ 29 جيئن يسعياہ نبي اڳي ئي چئي ويو آھي تہ ”جيڪڏھن قدرت وارو خداوند اسان جو ڪوبہ اولاد باقي نہ ڇڏي ھا، تہ اسان جو حال بہ سدوم ۽ عموراہ شھرن جھڙو ٿئي ھا.“

بني اسرائيل لاءِ بہ خوشخبري

30تڏھن اسين ڇا چئون؟ يعني ھي تہ غير قومون جن خدا ڏانھن سچار بڻجڻ جي ڪوشش نہ ڪئي، تن کي اھا سچائي ملي ۽ اھا کين ايمان جي وسيلي ملي. 31پر بني اسرائيل جيڪي اھڙيءَ شريعت جي ڳولا ۾ ھئا جنھن جي وسيلي ھو خدا ڏانھن سچار بڻجن، سي انھيءَ شريعت تائين بہ نہ پھتا. 32ڇو؟ ڇالاءِ⁠جو ھنن شريعت کي ايمان جي وسيلي نہ ڳوليو پر عملن جي وسيلي ڳوليائون. انھن ٿاٻڙائڻ واري پٿر تان ٿاٻو کاڌو. 33 جيئن لکيل آھي تہ ”ڏسو، صيئون ۾ ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني ماڻھن اڳيان ٺوڪر کائڻ واري ھڪ ڇپ کڙي ڪريان ٿو. پر جيڪو بہ ھن تي ايمان آڻيندو، سو ڪڏھن بہ مايوس نہ ڪيو ويندو.“

رومين 10

1اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منھنجي دلي خواھش آھي تہ شل بني اسرائيل کي ڇوٽڪارو ملي ۽ انھيءَ لاءِ آءٌ خدا جي در دعاڳو آھيان. 2ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ ھنن لاءِ اھا شاھدي ٿو ڏيان تہ کين خدا جي لاءِ ڏاڍو جذبو آھي، پر سمجھہ ڪانہ اٿن. 3انھن کي ڄاڻ نہ ھئي تہ ڪھڙيءَ طرح خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو، پر انھن پنھنجي منھن ڪوشش ڪئي، تنھنڪري اھي خدا جي سچائيءَ جا تابعدار نہ ٿيا. 4مسيح جي اچڻ سان شريعت پوري ٿي، انھيءَ لاءِ تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو تنھن کي خدا ڏانھن سچار بڻايو ويندو.

ڇوٽڪارو سڀني جي لاءِ

5 شريعت تي عمل ڪرڻ سان خدا ڏانھن سچار ٿيڻ جي باري ۾ موسيٰ لکي ٿو تہ ”شريعت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ماڻھو جيئرو رھندو.“ 6 پر جيڪو ايمان جي وسيلي خدا ڏانھن سچار ٿو بڻجي، تنھن بابت چيل آھي تہ ”تون پنھنجي دل ۾ ائين نہ چئُہ تہ ڪير آسمان تي چڙھندو.“ ان جو مطلب ٿيندو مسيح کي ھيٺ لاھي آڻڻ. 7يا ”ائين نہ چئُہ تہ ڪير پاتال ۾ لھي ويندو.“ ان جو مطلب ٿيندو مسيح کي مئلن مان موٽائي آڻڻ. 8پر ھيئن چئُہ تہ ”خدا جو ڪلام تنھنجي ويجھو آھي، بلڪ تنھنجي چپن تي ۽ تنھنجي دل ۾ آھي.“ يعني ايمان جو اُھو پيغام جنھن جي اسين تبليغ ڪريون ٿا تہ 9جيڪڏھن تون زبان سان اقرار ڪرين تہ ”عيسيٰ خداوند آھي“ ۽ دل ۾ ايمان آڻين تہ ”خدا کيس مئلن مان جيئرو ڪيو“ تہ پوءِ تو کي ڇوٽڪارو ملندو. 10ڇالاءِ⁠جو دل سان ايمان آڻڻ ڪري ماڻھو خدا ڏانھن سچار بڻايو وڃي ٿو ۽ زبان سان اقرار ڪرڻ ڪري ڇوٽڪارو ملي ٿو. 11 ڇالاءِ⁠جو اھو لکيل آھي تہ ”جيڪو بہ ھن تي ايمان آڻيندو تنھن کي مايوس نہ ڪيو ويندو.“ 12ھن ۾ ھر ھڪ اچي وڃي ٿو، ڇالاءِ⁠جو يھودين ۽ غير قومن ۾ ڪوبہ فرق نہ آھي. خدا سڀني جو خداوند آھي ۽ جيڪو بہ کيس پڪاري ٿو تنھن تي گھڻي نعمت نازل ڪري ٿو. 13 جيئن لکيل آھي تہ ”جيڪو بہ خداوند جو نالو وٺي پڪاريندو تنھن کي ڇوٽڪارو ملندو.“ 14پر اھي کيس ڪيئن پڪاريندا جنھن تي انھن ايمان ئي نہ آندو آھي؟ اھي مٿس ڪيئن ايمان آڻيندا جنھن جي باري ۾ ھنن ٻڌو ئي نہ آھي؟ اھي ڪيئن ٻڌي سگھندا جيڪڏھن ڪو پيغام ٻڌائڻ وارو ئي ڪونہ آھي؟ 15 اھي پيغام جي تبليغ ڪيئن ڪندا جيڪڏھن ھو موڪليا ئي نہ ويا آھن؟ جيئن لکيل آھي تہ ”جيڪي چڱيون ڳالھيون ٻڌائڻ اچن ٿا تن جا قدم ڪھڙا نہ سڳورا آھن.“ 16 پر بني اسرائيل جي سڀني ماڻھن اھا خوشخبري ڌيان ڏيئي نہ ٻڌي، ڇالاءِ⁠جو يسعياہ پاڻ چيو تہ ”اي خداوند! اسان جي پيغام تي ڪنھن ايمان آندو؟“ 17اھڙيءَ طرح ايمان پيغام ٻڌڻ سان اچي ٿو ۽ اھو پيغام آھي مسيح جو ڪلام. 18 پر آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا انھن پيغام نہ ٻڌو؟ انھن ضرور ٻڌو، جيئن لکيل آھي تہ ”انھن جو آواز سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي ويو، انھن جو پيغام ڌرتيءَ جي ڇيڙن تائين وڃي پھتو.“ 19 آءٌ وري پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل جي ماڻھن کي خبر نہ ھئي؟ موسيٰ جي وسيلي خدا اڳي ئي چيو تہ ”آءٌ اوھان کي انھن ماڻھن جي وسيلي غيرت ڏياريندس، جيڪي ڪا قوم ئي نہ آھن. آءٌ اوھان کي ان قوم جي وسيلي ڪاوڙائيندس، جيڪا بي⁠سمجھہ آھي.“ 20 يسعياہ جي وسيلي ھو صاف صاف چوي ٿو تہ ”جن مون کي نہ ڳوليو، تن مون کي لڌو. جيڪي مون لاءِ پڇن بہ نہ پيا، تن کي مون ڏيکاري ڏني.“ 21 پر بني اسرائيل بابت ھو چوي ٿو تہ ”آءٌ سڄو ڏينھن ھڪڙي نافرمان ۽ ضدي قوم ڏانھن پنھنجا ھٿ ڊگھيريندو رھيس.“

رومين 11

بني اسرائيل تي خدا جي رحمت

1 تڏھن آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا خدا پنھنجيءَ قوم کي رد ڪيو؟ نہ، بلڪل نہ. آءٌ پاڻ بہ تہ بني اسرائيل مان آھيان ۽ ابراھيم جي اولاد بنيامين جي قبيلي مان آھيان. 2خدا پنھنجي انھيءَ قوم کي رد ڪونہ ڪيو، جنھن کي اڳي ئي چونڊيو ھئائين. اوھين پاڻ پاڪ ڪتاب جي انھيءَ لکت بابت ڄاڻو ٿا، جنھن ۾ الياس بني اسرائيل جي خلاف خدا وٽ فرياد ٿو ڪري. 3 الياس چوي ٿو تہ ”اي خداوند! ھنن تنھنجي نبين کي ماريو آھي ۽ تنھنجين قربان⁠گاھن کي برباد ڪري ڇڏيو اٿئون، باقي آءٌ اڪيلو ئي وڃي بچيو آھيان ۽ منھنجي پٺيان بہ ھٿ ڌوئي ڪڍ لڳا آھن.“ 4 پر خدا کيس ڪھڙو جواب ڏنو؟ ھن جواب ڏنو تہ ”مون پنھنجي لاءِ ست ھزار ماڻھو بچائي ڇڏيا آھن، جن بعل بت جي اڳيان سجدو نہ ڪيو آھي.“ 5ھاڻي بہ اھڙيءَ طرح ڪي ٿورا ماڻھو وڃي بچيا آھن جن کي خدا پنھنجي فضل سان چونڊيو آھي. 6خدا جي چونڊ سندس فضل موجب ڪيل آھي، نہ ڪنھن ماڻھوءَ جي عملن موجب. ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن خدا جي چونڊ ڪنھن ماڻھوءَ جي عملن موجب ھجي ھا تہ پوءِ خدا جو فضل سچو فضل نہ ليکجي ھا. 7انھيءَ مان ڪھڙو نتيجو نڪتو؟ اھو تہ بني اسرائيل جنھن شيءِ جي ڳولا ۾ ھئا، سا کين نہ ملي. پر اھا خدا جي چونڊيلن کي ملي ويئي ۽ باقي ٻيا سخت⁠دل ڪيا ويا. 8 جيئن لکيل آھي تہ ”خدا انھن جي دل ۽ عقل تي تالو لڳائي ڇڏيو، ۽ اڄ ڏينھن تائين اھي اکين سان ڏسي ۽ ڪنن سان ٻڌي نہ ٿا سگھن.“ 9 دائود بہ چوي ٿو تہ ”شل اھي پنھنجي عيد وارن ڏينھن تي ڦاسجن ۽ پڪڙجن، يعني اھي ٿاٻو کائي ڪري پون ۽ کين سزا ملي. 10شل انھن جون اکيون انڌيون ٿين، تہ جيئن ھو ڏسي نہ سگھن، ۽ سندن پٺيون تڪليفن سان ھميشہ لاءِ جھڪي پون.“ 11پوءِ آءٌ پڇان ٿو تہ جڏھن يھودين ٿاٻو کاڌو تہ ڇا اھي برباد ٿي ويا؟ نہ، بلڪل نہ. پر انھن جي ڏوھہ ڪرڻ ڪري غير قومن کي ڇوٽڪارو ملي ويو، تہ جيئن يھودي انھن تي ساڙ کائين. 12يھودين جو ڏوھہ دنيا جي لاءِ فائدي وارو ٿئي ٿو ۽ سندن نقصان غيرقومن لاءِ فائديمند ٿئي ٿو. پر جڏھن سڀ يھودي فرمانبردار ٿيندا تہ خدا جي ڪيڏي نہ وڏي رحمت ٿيندي.

غير قومن لاءِ ڇوٽڪارو

13اي غير قومن وارؤ! ھاڻي آءٌ اوھان سان ڳالھائي رھيو آھيان، ڇالاءِ⁠جو آءٌ غير قومن ڏانھن رسول ڪري موڪليو ويو آھيان ۽ آءٌ پنھنجي ھن ڪم ۾ فخر محسوس ٿو ڪريان، 14انھيءَ لاءِ تہ شايد آءٌ پنھنجي قوم وارن کي غيرت ڏياريان ۽ اھڙيءَ طرح انھن مان ڪن کي ڇوٽڪارو ملي. 15پر جيڪڏھن انھن کي ڪڍي ڇڏڻ ڪري دنيا جو خدا سان ميلاپ ٿئي ٿو تہ پوءِ انھن کي خدا جي وري قبول ڪرڻ سان ڇا ٿيندو؟ اھو مئلن لاءِ زندگيءَ جي برابر ٿيندو. 16جيڪڏھن خدا کي ڏنل نذراني جو پھريون چاڻو پاڪ آھي تہ سڄو ڳوھيل اٽو بہ پاڪ آھي ۽ جيڪڏھن ڪنھن وڻ جي پاڙ پاڪ آھي تہ سندس ٽاريون بہ پاڪ آھن. 17پوکيل زيتون جون ڪي ٽاريون ڀڄي پيون ۽ اوھين غير قوم ھڪ جھنگلي زيتون جي ٽارين وانگر ساڻس پيوند ڪيا ويا، ھاڻي اوھين ان ساڳئي پوکيل زيتون جي پاڙ مان سڻڀي رس حاصل ڪريو ٿا. 18تہ پوءِ اوھين پاڻ کي انھن ٽارين کان وڌيڪ نہ سمجھو جيڪي ڀڄي پيون آھن. اوھين پاڻ کي ڪيئن وڌيڪ سمجھندا؟ اوھين تہ رڳو ٽاريون آھيو. اوھين پاڙ جي پرورش نہ ٿا ڪريو پر پاڙ اوھان جي پرورش ڪري ٿي. 19شايد اوھين چوندا تہ ”ٽاريون انھيءَ لاءِ ڀڳيون تہ جيئن اسين پيوند ٿيون.“ 20ھائو، اھو صحيح آھي. پر اھي انھيءَ ڪري ڀڳيون ويون، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن ايمان نہ آندو ۽ اوھين انھيءَ جاءِ تي بيٺا آھيو، ڇالاءِ⁠جو اوھان ايمان آندو آھي. سو اوھان کي انھيءَ تي فخر نہ، بلڪ خوف ڪرڻ گھرجي. 21ڇالاءِ⁠جو خدا يھودين کي بہ نہ ڇڏيو، جيڪي اصلي ٽارين وانگر ھئا، تہ پوءِ ھو اوھان کي ڪيئن ڇڏيندو؟ 22ڏسو، خدا ڪيڏو نہ مھربان ۽ سخت آھي. ھو انھن تي سخت آھي جيڪي گمراھہ ٿيا. پر اوھان تي ايستائين مھربان آھي جيستائين اوھين سندس مھربانيءَ تي قائم رھندا. پر جيڪڏھن اوھين قائم نہ رھندا تہ اوھين بہ ڀڳل ٽارين وانگر ٿيندا. 23يھودي بہ جيڪڏھن وري ايمان آڻيندا تہ انھن کي بہ پيوند ڪيو ويندو، ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي وري پيوند ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو. 24اوھين غير قومون انھيءَ جھنگلي وڻ جي ڀڳل ٽارين وانگر آھيو، جيڪي پوکيل زيتون سان غير طبعي طور پيوند ڪيون ويون آھن. يھودي پوکيل زيتون جي وڻ وانگر آھن، تہ پوءِ ھو ڪيترو نہ آسانيءَ سان پنھنجي اصلي زيتون جي وڻ سان پيوند ٿي سگھندا جنھن جون ھو ٽاريون آھن.

سڀني تي خدا جي رحمت

25اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ھڪ ڳجھو راز آھي. آءٌ سمجھان ٿو تہ اھو اوھان کي ڄاڻڻ گھرجي، شايد اھو اوھان کي فخر ڪرڻ کان بچائي. اھو راز ھيئن آھي تہ بني اسرائيل ۾ ڪجھہ سنگدلي پيدا ٿي آھي. پر اھا رڳو ايستائين رھندي جيستائين سڀ غير قومون خدا ڏانھن ڦري پون. 26 اھڙيءَ طرح سڀ بني اسرائيل ڇوٽڪارو حاصل ڪندا، جيئن لکيل آھي تہ ”صيئون مان ڇوٽڪارو ڏيندڙ ايندو. ھو يعقوب جي اولاد مان سندن بڇڙاين کي پري ڪندو. 27 جڏھن آءٌ ھنن جا گناھہ ميٽي ڇڏيندس، تڏھن ساڻن منھنجو اھو ھڪڙو عھد ٿيندو.“ 28خوشخبريءَ جي تبليغ تي يھودي خدا جا دشمن ٿيا ۽ اھو اوھان لاءِ فائدي وارو ٿيو. پر خدا جا چونڊيل ھئڻ سبب ۽ پنھنجن بزرگن جي ڪري اھي خدا جا پيارا آھن. 29ڇالاءِ⁠جو خدا جون بخششون ۽ سندس ڪيل چونڊ تبديل ٿيندڙ نہ آھي. 30اھو انھيءَ ڪري جو جھڙيءَ طرح اوھين گذريل وقت ۾ خدا جي نافرماني ڪندا ھئا، پر ھاڻي يھودين جي نافرمانيءَ سبب اوھان تي خدا جي رحمت ٿي. 31سو تھڙيءَ طرح ھاڻي ھو بہ نافرمان ٿيا آھن، تہ جيئن اوھان تي رحم ٿيو تيئن ھو بہ رحم حاصل ڪن. 32ڇالاءِ⁠جو خدا سڀني انسانن کي نافرمانيءَ واري ڦندي ۾ ڦاسڻ ڏنو، تہ جيئن ھو سڀني تي رحم ڪري.

خدا جي واکاڻ

33 خدا جي نعمت ڪيڏي نہ وڏي آھي! سندس ڏاھپ ۽ علم ڪيڏو نہ اونھو آھي! سندس فيصلا ڪيڏا نہ سمجھہ کان ٻاھر آھن ۽ سندس رستن جو پتو ئي پئجي نہ ٿو سگھي! 34 جيئن لکيل آھي تہ ”خداوند جي ارادي جي ڪنھن کي خبر آھي؟ ڪير سندس صلاحڪار ٿي سگھي ٿو؟ 35 ڇا ڪنھن کيس اڳ ۾ ڪا شيءِ ڏني آھي، جو بدلي ۾ ھو کيس ڪجھہ ڏئي؟“ 36 ڇالاءِ⁠جو سڀيئي شيون خدا جون ئي پيدا ڪيل آھن، انھيءَ جي ڪري ئي وجود ۾ آھن ۽ انھيءَ جي لاءِ ئي آھن. شل خدا جي ھميشہ واکاڻ ھجي. آمين.

رومين 12

خدا جي خدمت ۾ زندگي گذارڻ

1تنھنڪري اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيئن تہ خدا جي اسان تي وڏي رحمت آھي، سو آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين پنھنجي سڄي بدن کي اھڙي قرباني ٿيڻ لاءِ نذر ڪريو، جيڪا زندہ، پاڪ ۽ خدا کي پسند ھجي. اھو ئي عبادت جو صحيح طريقو آھي جيڪو اوھان کي ڪرڻ گھرجي. 2ھن جھان جو نمونو اختيار نہ ڪريو، بلڪ خدا جي ڏنل نئين سمجھہ وسيلي بدلجي وڃو. پوءِ اوھين سمجھي سگھندا تہ خدا جي چڱي، پسنديدہ ۽ ڪامل مرضي ڪھڙي آھي. 3آءٌ انھيءَ فضل جي ڪري جو مون کي مليو آھي، اوھان مان ھر ھڪ کي چوان ٿو تہ پنھنجو پاڻ کي وت کان وڌيڪ وڏو نہ سمجھو، بلڪ حليمائيءَ سان پاڻ کي اوترو وڌيڪ سمجھو جيترو خدا اوھان کي ايمان بخشيو آھي. 4 جھڙيءَ طرح جسم ۾ گھڻا ئي عضوا آھن ۽ ھر ھڪ عضوي جو پنھنجو پنھنجو ڪم آھي، 5تھڙيءَ طرح اسين بہ جيتوڻيڪ گھڻا ئي آھيون، پر مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ھڪ جسم ٿيا آھيون ۽ پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جا عضوا آھيون. 6 خدا جيڪو فضل اسان کي ڏنو، تنھن موجب اسان کي جدا جدا نعمتون مليون آھن. تنھنڪري جيڪڏھن ڪنھن کي خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت ملي آھي تہ ھو پنھنجي ايمان جي اندازي موجب خدا جو پيغام ٻڌائي. 7جيڪڏھن ڪنھن کي خدمت ڪرڻ جي نعمت ملي آھي تہ ھو خدمت ڪندو رھي. جيڪڏھن اھا نعمت تعليم ڏيڻ جي ھجي تہ ھو تعليم ڏيندو رھي. 8جيڪڏھن اھا نعمت نصيحت ڪرڻ جي ھجي تہ ھو نصيحت ڪندو رھي، جيڪڏھن خيرات ڏيڻ جي ھجي تہ سخاوت سان خيرات ڏيندو رھي. جيڪڏھن اھا اڳواڻي ڪرڻ جي ھجي تہ لياقت سان اڳواڻي ڪري يا جيڪڏھن اھا نعمت رحم ڪرڻ جي ھجي تہ خوشيءَ سان رحم ڪري. 9پيار ۾ رياڪاري نہ ھئڻ گھرجي. بڇڙائيءَ کان نفرت ڪريو ۽ نيڪيءَ سان دل لڳايو. 10ھڪ ٻئي سان ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر گھڻو پيار ڪريو ۽ ٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڏيو. 11محنت ۾ سستي نہ ڪريو ۽ روحاني جذبي سان خداوند جي خدمت ڪندا رھو. 12اميد ۾ خوش رھو، مصيبت ۾ صبر ڪريو ۽ دعا گھرڻ ۾ ھميشہ مشغول رھو. 13ايمان وارن جي اوکيءَ ويل مدد ڪريو ۽ مھمان⁠نوازيءَ جي پاڻ ۾ عادت وجھو. 14 جيڪي اوھان کي ستائين ٿا تن کي دعا ڪريو. ھائو، کين دعا ڪريو پر پٽ پاراتو نہ ڏيو. 15جيڪي خوشي ڪن تن سان خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان گڏجي روئو. 16 پاڻ ۾ ايڪو ڪريو. اوھين مغرور نہ ٿيو، بلڪ غريبن سان دوستي رکو. پنھنجو پاڻ کي داناءُ نہ سمجھو. 17جيڪو اوھان سان بڇڙائي ڪري تنھن سان بڇڙائي نہ ڪريو. اھڙي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو جنھن کي سڀ چڱو چون. 18جيڪڏھن ٿي سگھي تہ اوھين پنھنجي وس آھر سڀني ماڻھن سان صلح ۾ رھو. 19 اي منھنجا پيارا دوستو! پاڻ ڪڏھن بہ بدلو نہ وٺو، پر اھو خدا جي غضب تي ڇڏي ڏيو. ڇالاءِ⁠جو پاڪ لکتن ۾ خداوند فرمائي ٿو تہ ”وير وٺڻ منھنجو ڪم آھي ۽ آءٌ ئي سزا ڏيندس.“ 20 اھو بہ لکيل آھي تہ ”جيڪڏھن تنھنجو دشمن بکايل آھي تہ کيس کاراءِ ۽ اڃايل آھي تہ کيس پيار، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ سان تون ھن کي شرمسار ڪندين.“ 21اوھين بڇڙائيءَ کان شڪست نہ کائو، بلڪ نيڪيءَ جي وسيلي بڇڙائيءَ تي فتح حاصل ڪريو.

رومين 13

حڪومت جي تابعداري

1ھر ڪنھن شخص کي ملڪ جي حڪومتن جو تابعدار رھڻ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو اھڙي ڪابہ حڪومت ڪانھي جا خدا جي طرفان نہ ھجي. جيڪي ⁠بہ حڪومتون آھن سي خدا جي طرفان مقرر ٿيل آھن. 2تنھنڪري جيڪو بہ حڪومت جي مخالفت ڪري ٿو سو خدا جي حڪم جي مخالفت ٿو ڪري ۽ جيڪي خدا جي حڪم جي مخالفت ڪندا سي پنھنجي سزا ڀوڳيندا. 3چڱن ڪمن ڪندڙن کي حاڪمن کان ڊڄڻ نہ گھرجي، بلڪ انھن کي ڊڄڻ گھرجي جيڪي بڇڙا ڪم ٿا ڪن. سو جيڪڏھن تون حاڪم کان ڊڄڻ نہ ٿو گھرين، تہ پوءِ چڱا ڪم ڪر تہ ھو تنھنجي نيڪي ڪندو. 4ڇالاءِ⁠جو ھو تنھنجي ڀلي لاءِ خدا جو خادم آھي. پر جيڪڏھن تون بڇڙا ڪم ڪرين ٿو تہ ھن کان ڊڄ، ڇالاءِ⁠جو ھو بنا سبب تلوار نہ ٿو کڻي. ھو خدا جو خادم آھي ۽ سندس غضب موجب بدڪار کي سزا ٿو ڏئي. 5تنھنڪري نہ رڳو سزا ملڻ جي ڊپ کان، بلڪ پنھنجي ضمير جي خاطر اوھان کي حڪومتن جو تابعدار رھڻ گھرجي. 6 اھو ئي سبب آھي جو اوھين محصول ڏيندا آھيو، ڇالاءِ⁠جو حڪومتون جڏھن پنھنجا فرض پورا ٿيون ڪن تہ ڄڻڪ اھي خدا جي لاءِ ڪم ڪن ٿيون. 7سڀني جو حق ادا ڪريو. جنھن کي ڍل ڏيڻي ھجي تنھن کي ڍل ڏيو، جنھن کي محصول ڏيڻو ھجي تنھن کي محصول ڏيو، جنھن کان ڊڄڻ گھرجي تنھن کان ڊڄو ۽ جنھن جي عزت ڪرڻ گھرجي تنھن جي عزت ڪريو.

ھڪ ٻئي جا فرض

8سواءِ ھڪ ٻئي جي پيار جي ڪنھن جا بہ قرضدار نہ ٿيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪو ٻين سان پيار ڪري ٿو، سو شريعت جا حڪم پورا ٿو ڪري. 9 شريعت جا حڪم آھن تہ ”زنا نہ ڪر، خون نہ ڪر، چوري نہ ڪر ۽ لالچ نہ ڪر.“ ٻيا جيڪي حڪم آھن سي ھن ھڪڙيءَ ڳالھہ ۾ اچي وڃن ٿا تہ ”تون پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.“ 10جيڪو پنھنجي پاڙيسريءَ سان پيار ڪري ٿو سو ان سان بڇڙائي نہ ٿو ڪري. تنھنڪري پيار ڪرڻ ئي پوري شريعت تي عمل ڪرڻ آھي. 11اوھين وقت کي سڃاڻي ائين ڪريو، ڇالاءِ⁠جو ھاڻي اھو وقت اچي پھتو آھي، جنھن ۾ اوھان کي ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ گھرجي، ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن وقت اسان ايمان آندو ھو تنھن وقت جي نسبت ھاڻي اسان جو ڇوٽڪارو وڌيڪ ويجھو آھي. 12رات گھڻي گذري چڪي آھي ۽ ڏينھن ٿيڻ وارو آھي. تنھنڪري اچو تہ اونداھيءَ جا ڪم ڇڏي سوجھري جا ھٿيار ٻڌون. 13اھڙيءَ طرح فضيلت سان ھلون جيئن ڏينھن جو ھلبو آھي. نہ ناچ رنگ ۽ نہ نشي ۾، نہ زناڪاري ۽ نہ شھوت⁠پرستيءَ ۾، نہ جھيڙي ۽ نہ حسد ۾ ھلون. 14پر خداوند عيسيٰ مسيح کي پوشاڪ وانگر ڍڪيو ۽ جسماني خواھشن جي پورائيءَ لاءِ خيال نہ پچايو.

رومين 14

ھڪ ٻئي تي تھمت نہ ھڻجي

1 جنھن جو ايمان ڪمزور آھي تنھن جو آڌرڀاءُ ڪريو، پر انھيءَ سان اجايو بحث نہ ڪريو. 2ھڪڙي ماڻھوءَ جو اعتقاد آھي تہ ھر ڪا شيءِ کائڻ جائز آھي، پر ٻئي جو ايمان ڪمزور آھي سو رڳو ڀاڄي ٿو کائي. 3جيڪو سڀ ڪجھہ کائي ٿو سو نہ کائڻ واري کي گھٽ نہ سمجھي ۽ جيڪو نہ ٿو کائي سو کائڻ واري تي ڪابہ تھمت نہ ھڻي، ڇالاءِ⁠جو خدا ھن کي قبول ڪيو آھي. 4تون ڪير ٿيندو آھين جو ڪنھن ٻئي جي نوڪر تي تھمت ٿو ھڻين؟ انھيءَ جي ڪامياب يا ناڪام ھجڻ جي فيصلي جو اختيار سندس مالڪ کي ئي آھي. پر ھو ڪامياب ٿيندو، ڇالاءِ⁠جو خداوند ھن کي ڪامياب ڪري سگھي ٿو. 5ڪو ماڻھو سمجھي ٿو تہ فلاڻو ڏينھن ٻين ڏينھن کان وڌيڪ بھتر آھي. پر ٻئي ماڻھوءَ لاءِ سڀ ڏينھن ھڪ جھڙا آھن. ھر ھڪ کي پنھنجو پنھنجو پختو خيال ھئڻ گھرجي. 6جيڪڏھن ڪو ڪنھن ڏينھن کي سڀاڳو ٿو سمجھي تہ ھو خداوند جي ڪري ئي ائين ٿو سمجھي ۽ جيڪو گوشت ٿو کائي سو بہ خداوند جي ڪري ئي کائي ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھو انھيءَ لاءِ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪري. پر جيڪو نہ ٿو کائي سو بہ خداوند جي ڪري ئي نہ ٿو کائي ۽ ھو بہ انھيءَ لاءِ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪري. 7اسان مان ڪوبہ پنھنجي لاءِ نہ ٿو جيئي ۽ نڪي پنھنجي لاءِ ٿو مري. 8سو جيڪڏھن اسين جيئون ٿا تہ خداوند جي خاطر ۽ جي مرون ٿا تہ بہ خداوند جي خاطر. تنھنڪري اسين جيئون توڙي مرون تہ بہ خداوند جا ئي آھيون. 9مسيح انھيءَ لاءِ مئو ۽ وري جيئرو ٿي اٿيو تہ جيئن ھو مئلن توڙي جيئرن ٻنھي جو خداوند ٿئي. 10 تہ پوءِ تون پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ تي تھمت ڇو ٿو ھڻين؟ يا وري پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ کي گھٽ ڇو ٿو سمجھين؟ ڇالاءِ⁠جو اسين سڀ خدا جي آڏو حاضر ٿينداسين ۽ اھو ئي فيصلو ڪندو. 11 جيئن لکيل آھي تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’آءٌ جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ ھر ھڪ منھنجي اڳيان گوڏا کوڙيندو، ۽ سڀڪا زبان مون خدا جي واکاڻ ڪندي.‘“ 12اھڙيءَ طرح اسان مان ھر ھڪ خدا کي پنھنجو پنھنجو حساب ڏيندو.

ھڪ ٻئي کي گمراھہ نہ ڪريو

13تنھنڪري اسان کي گھرجي تہ ھڪ ٻئي تي تھمت نہ ھڻون، بلڪ اسان تي اھو فرض آھي تہ اسان مان ڪوبہ ماڻھو پنھنجي ڀاءُ لاءِ ڪا اھڙي ڳالھہ نہ ڪري جيڪا سندس ٿاٻو کائڻ يا گمراھہ ٿي وڃڻ جو سبب بڻجي. 14آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ خداوند عيسيٰ جي وسيلي مون کي يقين آھي تہ اھڙي ڪابہ شيءِ نہ آھي جيڪا خود ناپاڪ آھي. پر جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو اعتقاد آھي تہ فلاڻي شيءِ ناپاڪ آھي، تہ پوءِ اھا انھيءَ جي لاءِ ناپاڪ آھي. 15جيڪڏھن تنھنجي ڪجھہ کائڻ ڪري تنھنجي ڀاءُ کي رنج پھچي ٿو تہ پوءِ تون پيار جي اصولن تي نہ ٿو ھلين. جنھن شخص جي خاطر مسيح پنھنجي جان ڏني تنھن کي تون پنھنجي کاڌي جي ڪري برباد نہ ڪر. 16اھو خيال رک تہ جنھن شيءِ کي تون چڱو ٿو سمجھين تنھن کي ٻيا خراب نہ سمجھن. 17ڇالاءِ⁠جو خدا جي بادشاھت کائڻ پيئڻ تي مدار نہ ٿي رکي، بلڪ اھا سچائيءَ، ميل ميلاپ ۽ انھيءَ خوشيءَ تي ٻڌل آھي جيڪا پاڪ روح جي طرفان آھي. 18جيڪو بہ اھڙي نموني مسيح جي خدمت ٿو ڪري، سو خدا کي پسند آھي ۽ ماڻھن ۾ بہ مقبول آھي. 19پوءِ اچو تہ اسين اھڙا ڪم ڪريون، جن مان صلح پيدا ٿئي ۽ ھڪ ٻئي کي سڌاري سگھون. 20کاڌي جي ڪري خدا جي ڪم کي برباد نہ ڪريو. بيشڪ سڀ شيون پاڪ آھن، پر جنھن شيءِ جي کائڻ ڪري ڪو ٻيو ماڻھو گمراھہ ٿئي ٿو تہ اھا شيءِ انھيءَ ماڻھوءَ لاءِ خراب آھي. 21چڱو تہ ائين ٿيندو جو تون نہ گوشت کاءُ، نڪي مئي پيءُ ۽ نہ وري اھڙو ڪم ڪر، جنھن جي ڪري تنھنجو ڀاءُ گمراھہ ٿئي. 22ھنن ڳالھين بابت تنھنجو جيڪو اعتقاد آھي سو پنھنجيءَ دل ۾ ئي رک. سڀاڳو آھي اھو ماڻھو جيڪو انھيءَ ڪم جي ڪرڻ سان جيڪو سندس نظر ۾ چڱو آھي، پاڻ کي ڏوھاري نہ ٿو محسوس ڪري. 23پر جيڪو ڪنھن شيءِ ۾ شڪ رکندي بہ اھا کائيندو تہ اھو ڏوھاري ٿيندو، ڇالاءِ⁠جو ھو اھا شيءِ اعتقاد سان نہ ٿو کائي ۽ جيڪو ڪم اعتقاد سان نہ ڪيو وڃي سو گناھہ آھي.

رومين 15

ھڪ ٻئي جي مدد ڪريو

1اسان مان جن جو ايمان مضبوط آھي سي رڳو پنھنجي مرضيءَ تي نہ ھلن، پر ڪمزور ايمان وارن جي ڪمزورين کي برداشت ڪن. 2اسان مان ھر ھڪ کي پنھنجي پاڙيسريءَ جي مرضيءَ جو لحاظ رکڻ گھرجي، تہ جيئن ھن جي ايمان ۾ بہ واڌارو اچي. 3 ڇالاءِ⁠جو مسيح بہ پنھنجي مرضيءَ تي نہ ھليو، پر جيئن لکيل آھي تہ ”جن تو کي طعنا ھنيا تن جا طعنا مون تي اچي پيا.“ 4ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪي⁠بہ ڳالھيون اڳي لکيون ويون آھن سي اسان جي سيکارڻ لاءِ لکيون ويون آھن، تہ جيئن صبر ۽ تسلي، جيڪا اسان کي پاڪ لکت جي وسيلي ملي آھي تنھن مان اميد حاصل ٿئي. 5صبر ۽ تسلي ڏيڻ وارو خدا شل اوھان کي ھيءَ توفيق ڏئي جو اوھين عيسيٰ مسيح جي پيروي ڪري پاڻ ۾ ايڪي سان رھو، 6انھيءَ لاءِ تہ جيئن اوھين يڪدل ۽ يڪ⁠زبان ٿي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي واکاڻ ڪريو.

غير قومن لاءِ خوشخبري

7سو جيئن مسيح اوھان کي قبول ڪيو تيئن اوھين بہ ھڪ ٻئي کي قبول ڪريو، تہ جيئن خدا جي واکاڻ ڪئي وڃي. 8ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا جي سچائيءَ کي ظاھر ڪرڻ لاءِ مسيح يھودين جي خدمت ڪئي تہ جيئن انھيءَ سان ھو خدا جا اھي واعدا پورا ڪري جيڪي اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيا ويا ھئا، 9 ۽ غير قومون بہ خدا جي رحم ڪري سندس واکاڻ ڪن. جيئن لکيل آھي تہ ”تنھنڪري آءٌ غير قومن ۾ تنھنجي تعريف ڪندس ۽ تنھنجي نالي جا گيت ڳائيندس.“ 10 وري چيل آھي تہ ”اي غير قومون! خدا جي قوم سان گڏجي خوشي ڪريو.“ 11 وري بہ چيل آھي تہ ”اي غير قومون! اوھين سڀيئي خداوند جي واکاڻ ڪريو. اي سڀيئي قومون! اوھين سندس تعريف ڪريو.“ 12 وري يسعياہ نبي بہ چوي ٿو تہ ”يشيءَ جي اولاد مان ڪو ايندو، يعني ھو غير قومن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ ايندو ۽ اھي ھن ۾ اميد رکنديون.“ 13شل اميد بخشيندڙ خدا اوھان کي ايمان آڻڻ جي ڪري خوشي ۽ اطمينان سان ڀرپور ڪري، تہ جيئن پاڪ روح جي قدرت سان اوھين اميد ۾ وڌندا وڃو.

پولس جو دليريءَ سان لکڻ

14اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! مون کي پڪ آھي تہ اوھين نيڪيءَ سان ڀريل آھيو، علم سان ڀرپور آھيو ۽ ھڪ ٻئي کي نصيحت ڪري سگھو ٿا. 15پر ھن خط ۾ ڪٿي ڪٿي اوھان کي ياد ڏيارڻ لاءِ مون ڪجھہ دليريءَ سان لکيو آھي. خدا مون تي اھو ڪرم ڪيو آھي تہ 16آءٌ عيسيٰ مسيح جو خادم ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاھنن وانگر خدا جي خوشخبريءَ جي تبليغ ڪريان ٿو، انھيءَ لاءِ تہ غير قومون، جن کي پاڪ روح پاڪ ڪيو آھي سي خدا جي آڏو نذراني جي صورت ۾ قبول پون. 17تنھنڪري عيسيٰ مسيح جي وسيلي آءٌ خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ فخر ٿو ڪريان. 18آءٌ رڳو انھن ڪمن بابت دليريءَ سان ڳالھايان ٿو، جيڪي مسيح قول ۽ فعل جي وسيلي مون کان ڪرايا، تہ جيئن غير قومون خدا جون تابعدار ٿين. 19يعني اھي ڪم جيڪي ڪرامتن، معجزن جي طاقت ۽ پاڪ روح جي قدرت سان ڪيا ويا. اھڙيءَ طرح مون يروشلم کان وٺي ويندي اِلرڪم تائين چئني پاسن مسيح جي خوشخبريءَ جي چڱيءَ طرح منادي ڪئي آھي. 20مون اھو پڪو ارادو ڪيو آھي تہ جتي مسيح جو نالو اڳي نہ ورتو ويو آھي اُتي سندس خوشخبريءَ جي منادي ڪريان، انھيءَ لاءِ تہ ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ جي وڌل بنياد تي عمارت نہ اڏيان. 21 جيئن لکيل آھي تہ ”جن کي ھن جي خبر نہ آھي سي ڏسندا ۽ جن نہ ٻڌو آھي سي سمجھندا.“

پولس جو روم وڃڻ جو ارادو

22 انھيءَ ڪري مون کي اوھان ڏانھن اچڻ کان ڪيترائي دفعا روڪيو ويو. 23پر ھاڻي ھنن علائقن ۾ رھڻ لاءِ منھنجي ڪابہ ضرورت ڪانہ رھي آھي ۽ ڪيترن ئي ورھين کان سڪ اٿم تہ اوھان ڏانھن اچان. 24سو جڏھن آءٌ اسپين ڏانھن ويندس، تڏھن اميد آھي تہ رستي تي اوھان وٽان ٿيندو ويندس. پوءِ جڏھن اوھان جي محبت مان منھنجي دل ڪجھہ قدر ڀرجي تہ اوھين مون کي اسپين ڏانھن روانو ڪري ڇڏجو. 25 پر في⁠الحال آءٌ ايمان وارن جي خدمت ڪرڻ لاءِ يروشلم ڏانھن وڃي رھيو آھيان. 26ڇالاءِ⁠جو مڪدونيا ۽ اخيا وارن ڀائرن جي مرضي آھي تہ ھو يروشلم جي ايمان وارن ۾ جيڪي غريب آھن تن لاءِ چندو موڪلين. 27 انھن پاڻ اھو فيصلو ڪيو آھي. پر حقيقت ۾ بہ مٿن اھو فرض ھو، ڇالاءِ⁠جو يروشلم جي ايمان وارن، غير قومن کي پنھنجي روحاني برڪتن ۾ ڀائيوار ڪيو ھو. سو غير قومن تي واجب آھي تہ ھو پنھنجن مالي برڪتن سان انھن جي مدد ڪن. 28جڏھن آءٌ اھو ضروري ڪم ختم ڪندس ۽ جيڪو انھن لاءِ چندو گڏ ٿيو سو انھن جي حوالي ڪندس، تڏھن آءٌ اسپين ڏانھن ويندس ۽ رستي تي اوھان سان بہ ملندو ويندس. 29آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جڏھن آءٌ اوھان وٽ ايندس تہ مسيح جي ڪامل برڪت کنيو ايندس. 30اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ خداوند عيسيٰ مسيح جو واسطو ڏيئي ۽ پاڪ روح جي محبت ياد ڏياري اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون سان گڏجي دل ⁠وَ جان سان خدا کان منھنجي لاءِ دعا گھرو، 31تہ خدا مون کي يھوديہ ۾ انھن ماڻھن کان بچائي، جن عيسيٰ مسيح تي ايمان نہ آندو آھي ۽ يروشلم ۾ ايمان وارن وٽ منھنجي خدمت قبول پوي. 32پوءِ خدا جي مرضيءَ موجب خوشيءَ سان اوھان وٽ اچان ۽ اوھان سان گڏ آرام حاصل ڪريان. 33ھاڻي اطمينان ڏيڻ وارو خدا شل اوھان سڀني سان ھجي. آمين.

رومين 16

سڄڻن لاءِ سنيھا

1آءٌ اوھان کي فيبيءَ جي پارت ٿو ڪريان، جيڪا اسان جي ڀيڻ ۽ ڪنخريا شھر جي ڪليسيا جي خدمتگار آھي. 2اوھين کيس خداوند جي نالي قبول ڪريو، جيئن ايمان وارن تي واجب آھي ۽ جنھن ڳالھہ ۾ کيس اوھان جي ضرورت ھجي تنھن ۾ سندس مدد ڪريو، ڇالاءِ⁠جو ھن ڪيترن ئي ماڻھن جي ۽ خود منھنجي بہ مدد ڪئي آھي. 3 پرسڪلا ۽ اڪولا کي منھنجا سلام ڏجو، جن مون سان گڏ عيسيٰ مسيح جي خدمت ڪئي آھي، 4۽ جيڪي منھنجي حياتيءَ واسطي پنھنجا سر بہ ڏيڻ لاءِ تيار ھئا، تن جو نہ رڳو آءٌ پر غير قومن جون سڀ ڪليسيائون بہ ٿورائتيون آھن. 5جيڪا ڪليسيا سندن گھر ۾ آھي، تنھن کي بہ سلام ڏجو. منھنجي پياري دوست اپينتس کي سلام چئجو، جيڪو ايشيا جي علائقي ۾ پھريون شخص آھي جنھن مسيح تي ايمان آندو ھو. 6مريم کي منھنجا سلام ڏجو، جنھن اوھان جي لاءِ گھڻي محنت ڪئي آھي. 7منھنجي قوم وارن اندرنيڪس ۽ يونياس کي سلام ڏجو، جيڪي مون سان گڏ جيل ۾ ھئا ۽ جيڪي رسولن ۾ مشھور آھن ۽ مون کان اڳي مسيحي ٿيا ھئا. 8امپلياطس کي منھنجا سلام ڏجو، جيڪو مسيح جي معرفت منھنجو پيارو دوست آھي. 9اُربانس کي منھنجا سلام ڏجو، جيڪو مسيح جي خدمت ۾ مون سان گڏ آھي ۽ منھنجي پياري دوست استاخس کي بہ سلام ڏجو. 10اپليس کي سلام ڏجو، جنھن جي مسيح سان وفاداري ثابت ٿي چڪي آھي. ارستبولس جي گھر جي ڀاتين کي بہ منھنجا سلام ڏجو. 11منھنجي قوم واري ھيروديون کي منھنجا سلام ڏجو ۽ نرڪسس جي گھر وارن مسيحي ڀائرن کي بہ منھنجا سلام ڏجو. 12تروفينا ۽ تروفوسا، جيڪي خداوند جي خدمت ۾ محنت ڪن ٿيون تن کي منھنجا سلام ڏجو. پياري پرسس کي بہ منھنجا سلام ڏجو، جنھن خداوند لاءِ ڏاڍو ڪم ڪيو آھي. 13 روفس، جيڪو خداوند جو چونڊيل خادم آھي تنھن کي سلام ڏجو ۽ سندس ماءُ کي بہ منھنجا سلام ڏجو، جنھن مون کي پنھنجو پٽ ڪري ڀانئيو. 14اسنڪرتس، فلگون، ھرميس، پترباس، ھرماس ۽ ٻين مسيحي ڀائرن ۽ ڀينرن کي بہ منھنجا سلام ڏجو، جيڪي انھن سان گڏ آھن. 15فِللگس، يوليا، نيريوس ۽ سندس ڀيڻ، المپاس ۽ انھن سڀني ايمان وارن کي بہ جيڪي انھن سان گڏ آھن، منھنجا سلام ڏجو. 16ھڪ ٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام چئجو. مسيح جون سڀ ڪليسيائون اوھان کي سلام ڏين ٿيون.

آخري نصيحتون

17ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ جيڪا تعليم اوھان کي ملي آھي تنھن جي خلاف جيڪي ڏڦيڙ وجھن ٿا ۽ ماڻھن کي گمراھہ ڪن ٿا، تن کي نظر ۾ رکجو ۽ کانئن پري رھجو. 18ڇالاءِ⁠جو جيڪي اھڙا ڪم ڪن ٿا سي خداوند جي خدمت نہ ٿا ڪن، پر پنھنجي پيٽ جي پوڄا ٿا ڪن ۽ پنھنجي سڻڀي ۽ مٺيءَ زبان سان اٻوجھن جون دليون ٿا ٺڳين. 19مسيح سان اوھان جي وفاداري سڀني ماڻھن کي معلوم ٿي ويئي آھي، تنھنڪري آءٌ اوھان مان ڏاڍو خوش آھيان. پر منھنجي اھا بہ خواھش آھي تہ اوھين نيڪ ڪمن ۾ سياڻا ۽ خراب ڪمن ۾ اٻوجھہ ٿي رھو، 20تہ پوءِ خدا، جيڪو اطمينان ڏيڻ وارو آھي سو شيطان کي جلد ئي اوھان جي پيرن ھيٺ لتاڙي ڇڏيندو. اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل شل اوھان سڀني تي ھجي. 21 مون سان گڏ خدمت ڪندڙ تيمٿيس ۽ منھنجي قوم وارا لوڪيس، ياسون ۽ سوسيپطرس اوھان کي سلام ٿا چون. 22آءٌ ترتيس، جيڪو خط جو لکندڙ آھيان، سو بہ خداوند جي معرفت اوھان کي سلام ٿو ڏيان. 23 منھنجو ۽ ساريءَ ڪليسيا جو مھماندار گيُس بہ اوھان کي سلام ٿو چوي. شھر جو خزانچي اراستس ۽ اسان جو ڀاءُ ڪوارتس بہ اوھان کي سلام چئي رھيا آھن. 24اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل شل اوھان سڀني تي ھجي. آمين.

آخري دعا

25‏-26جيڪو راز گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو ھو، سو ھاڻي ابدي خدا جي حڪم موجب نبين جي صحيفن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آھي، انھيءَ لاءِ تہ ھو ايمان جا تابعدار ٿين. عيسيٰ مسيح جي جنھن خوشخبريءَ بابت آءٌ منادي ٿو ڪريان تنھن ۾ انھيءَ راز جي ظاھر ٿيڻ موجب شل خدا اوھان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري. 27انھيءَ واحد ۽ داناءَ خدا جي عيسيٰ مسيح جي وسيلي شل ھميشہ تائين واکاڻ ٿيندي رھي. آمين.

1.ڪرنٿين 1

1ھيءُ خط مون پولس ۽ اسان جي ڀاءُ سوسٿنيس جي طرفان آھي. مون کي خدا جي مرضيءَ موجب عيسيٰ مسيح جو رسول ڪري چونڊيو ويو. 2 ھي ڪرنٿس شھر ۾ خدا جي ڪليسيا ڏانھن موڪلجي ٿو، يعني انھن ماڻھن ڏانھن جيڪي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري پاڪ ڪيا ويا آھن ۽ خدا جا ماڻھو ڪري چونڊيا ويا آھن. ھي انھن سڀني جي نالي پڻ لکجي ٿو جيڪي ھر ھنڌ خداوند عيسيٰ مسيح جو نالو وٺن ٿا، جيڪو انھن جو ۽ اسان جو خداوند آھي. 3شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.

مسيح جي وسيلي برڪتون

4آءٌ اوھان لاءِ ھميشہ خدا جو شڪر ڪندو رھان ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھن عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان تي فضل ڪيو آھي، 5جو اوھين ساڻس گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ھر طرح جي ڪلام ڪرڻ ۽ علم جي لحاظ کان دولتمند ٿي ويا آھيو. 6تنھنڪري مسيح جي شاھدي اوھان ۾ قائم ٿي آھي، 7ايتري تائين جو جيستائين اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ظاھر ٿيڻ جا منتظر آھيو، اوھان ۾ ڪنھن بہ روحاني نعمت جي ڪمي ڪانہ ٿيندي. 8خدا اوھان کي پڇاڙيءَ تائين قائم بہ رکندو، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ڏينھن بي⁠داغ ٺھرايا وڃو. 9خدا سچو آھي، جنھن پنھنجي فرزند، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي صحبت لاءِ اوھان کي چونڊيو آھي.

ڀائرن ۾ اڻ⁠بڻت

10اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين سڀيئي پاڻ ۾ يڪ راءِ ٿيو، تہ جيئن اوھان ۾ ڪابہ اڻ⁠بڻت پيدا نہ ٿئي. اوھين يڪ دل ۽ يڪ راءِ ٿي پاڻ ۾ مڪمل ٻڌي ڪريو. 11جڏھن تہ ڪلوئيءَ جي گھر وارن مون کي ٻڌايو آھي تہ اوھان ڀائرن ۽ ڀينرن جا ھڪ ٻئي سان ڪافي جھيڙا جھڳڙا آھن. 12 منھنجي چوڻ جو مطلب ھي آھي تہ اوھان مان ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پولس جو آھيان،“ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ اپلوس جو آھيان،“ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پطرس جو آھيان“ ۽ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ مسيح جو آھيان.“ 13مسيح ورھائجي ويو آھي ڇا؟ ڇا پولس کي اوھان جي لاءِ صليب تي چاڙھي ماريو ويو؟ يا اوھان پولس جي نالي تي بپتسما ورتي ھئي ڇا؟ 14 آءٌ خدا جو شڪر ٿو ڪريان تہ مون اوھان مان سواءِ ڪرسپس ۽ گيُس جي ٻئي ڪنھن کي بہ بپتسما نہ ڏني آھي. 15سو ڪوبہ چئي نہ ٿو سگھي تہ کيس منھنجي نالي تي بپتسما ڏني ويئي ھئي. 16 ھا، مون استفناس ۽ سندس گھراڻي کي بہ بپتسما ڏني آھي. پر انھن کان سواءِ مون کي نہ ٿو سُجھي تہ ڪنھن ٻئي کي بپتسما ڏني ھجي. 17ڇالاءِ⁠جو مسيح مون کي بپتسما ڏيڻ لاءِ نہ پر خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ موڪليو آھي ۽ اھا بہ ڏاھپ جي لفظن سان نہ، متان مسيح جو صليب تي چڙھي جان ڏيڻ بي⁠اثر ٿئي.

مسيح، خدا جي قدرت ۽ ڏاھپ

18سو جيڪي برباد ٿي رھيا آھن، تن لاءِ صليب جو پيغام بي⁠وقوفي آھي. پر اسين جيڪي ڇوٽڪارو حاصل ڪري رھيا آھيون، تن لاءِ اھو خدا جي قدرت آھي. 19 ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ”آءٌ ڏاھن جي ڏاھپ بيڪار ڪندس ۽ عالمن جو علم رد ڪندس.“ 20 ڪٿي آھن ڏاھا؟ ڪٿي آھن شريعت جا عالم؟ ڪٿي آھن ھن زماني جا بحث ڪندڙ؟ ڇا خدا نہ ڏيکاريو آھي تہ جھان جي ڏاھپ بي⁠وقوفي آھي؟ 21ڇالاءِ⁠جو خدا پنھنجي ڏاھپ سان ماڻھن لاءِ اھو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ ھو پنھنجي ذاتي ڏاھپ سان کيس سڃاڻين. تنھنڪري خدا جي مرضي ٿي تہ ھو انھن کي بچائي جيڪي اسان جي پيغام تي ايمان آڻين، جيتوڻيڪ اھو پيغام دنيا جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي. 22يھودي تہ ثابتيءَ لاءِ معجزا گھرندا آھن ۽ يونان وارا ڏاھپ جا ڳولائو ھوندا آھن. 23پر اسين مسيح جو پيغام ٿا ڏيون، جنھن کي صليب تي چاڙھيو ويو، جيڪو يھودين جي نظر ۾ ڪراھت جھڙو ۽ غير قومن جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي. 24پر جيڪي خدا جا چونڊيل آھن، توڙي جو يھودي ھجن يا يوناني، تن لاءِ مسيح خدا جي قدرت ۽ خدا جي ڏاھپ آھي. 25ڇالاءِ⁠جو جيڪا خدا جي بي⁠وقوفي ڀانئجي ٿي، سا ماڻھن جي ڏاھپ کان وڌيڪ آھي ۽ جيڪا خدا جي ڪمزوري ليکجي ٿي، سا ماڻھن جي طاقت کان وڌيڪ آھي. 26ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ياد ڪريو تہ انھيءَ وقت اوھين ڇا ھئا، جڏھن خدا اوھان کي چونڊيو. ماڻھن جي نظر ۾ تہ اوھان مان ڪي ٿورا ڏاھا، ٿورا طاقتور ۽ ٿورا اميرزادا ھئا. 27پر خدا انھن کي چونڊيو جن کي جھان بي⁠وقوف ٿي سمجھيو، انھيءَ لاءِ تہ ڏاھن کي شرمندو ڪري. خدا انھن کي چونڊيو جن کي جھان ڪمزوري ٿي سمجھيو، انھيءَ لاءِ تہ طاقتورن کي شرمندو ڪري. 28خدا انھن کي چونڊيو جن کي جھان خسيس، حقير بلڪ ڪجھہ بہ نہ ٿي سمجھيو، انھيءَ لاءِ تہ خدا انھن کي ناس ڪري جن کي ماڻھو ڪا شيءِ سمجھن ٿا. 29مطلب تہ ڪوبہ انسان خدا جي آڏو فخر نہ ڪري. 30پر خدا اوھان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي ھڪ ڪري ڇڏيو آھي ۽ کيس اسان لاءِ حڪمت يعني سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو بڻايو اٿائين. 31 تنھنڪري لکيل آھي تہ ”جيڪو فخر ڪرڻ چاھي ٿو، سو خداوند تي فخر ڪري.“

1.ڪرنٿين 2

مسيح ۽ سندس صليب

1جڏھن آءٌ اوھان ڀائرن ۽ ڀينرن وٽ آيو ھوس تہ مون خدا جي پيغام جي تبليغ وڏن لفظن ۽ ڏاھپ کان سواءِ ڪئي ھئي. 2ڇالاءِ⁠جو مون پڪو ارادو ڪيو ھو تہ جڏھن اوھان وٽ رھان تہ عيسيٰ مسيح ۽ سندس صليب تي چڙھڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ نہ ڄاڻان. 3 آءٌ اوھان وٽ ڪمزوري، خوف ۽ ڏاڍي ڏڪڻيءَ جي حالت ۾ رھيس. 4منھنجي تقرير ۽ تبليغ، ڏاھپ جي دلفريب لفظن سان نہ، پر پاڪ روح جي قدرت سان يقين ڪرڻ جھڙيون ثابت ٿي ويون، 5انھيءَ لاءِ تہ جيئن اوھان جو ايمان ماڻھن جي ڏاھپ تي نہ، پر خدا جي قدرت تي قائم ھجي.

خدا جي ڏاھپ

6تنھن ھوندي بہ ڪامل ايمان وارن ماڻھن منجھہ اسين ڏاھپ جون ڳالھيون ٿا ڪريون، پر نہ ھن زماني جي ڏاھپ جون ۽ نڪي ھن زماني جي حاڪمن جي ڏاھپ جون، جيڪي ناس ٿي رھيا آھن. 7بلڪ، اسين خدا جي ڳجھي ڏاھپ بيان ڪري رھيا آھيون، جيڪا دنيا کان لڪل آھي ۽ جا خدا ھن زماني جي شروعات کان اڳي ئي اسان جي شان وَ شوڪت لاءِ مقرر ڪري ڇڏي ھئي. 8انھيءَ ڏاھپ کي ھن زماني جي حاڪمن نہ سمجھيو. جيڪڏھن اھي سمجھن ھا تہ جيڪر خداوند ذوالجلال کي ڪڏھن بہ صليب تي ڪين چاڙھين ھا. 9 پر جيئن لکيل آھي تہ ”جيڪا شيءِ ڪنھن بہ اک نہ ڏٺي آھي، ڪنھن بہ ڪن نہ ٻڌي آھي ۽ ڪنھن بہ دماغ نہ سوچي آھي، سا خدا پنھنجي پيار ڪندڙن لاءِ تيار ڪئي آھي.“ 10پر اسان تي خدا اھا پنھنجي پاڪ روح جي وسيلي ظاھر ڪئي آھي، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح سڀني ڳالھين کي، بلڪ خدا جي ڳجھين ڳالھين کي بہ پرکي ٿو وٺي. 11ماڻھوءَ جا خيال سندس روح کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نہ ٿو سمجھي سگھي. ساڳيءَ طرح خدا جا خيال سندس پاڪ روح کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نہ ٿو سمجھي سگھي. 12اسان کي دنياوي روح نہ، بلڪ خدا جي طرفان پاڪ روح مليل آھي، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اسين خدا جي بخشيل نعمتن کي سمجھي سگھون. 13اسين اھي ڳالھيون ماڻھن جي ڏاھپ جي سيکاريل لفظن ۾ نہ، پر پاڪ روح جي سيکاريل لفظن ۾ بيان ٿا ڪريون. اھڙيءَ طرح اسين روحاني ڳالھيون روحاني لفظن سان ئي سمجھايون ٿا. 14پر جنھن ماڻھوءَ کي پاڪ روح مليل نہ آھي، سو خدا جي پاڪ روح کان مليل ڳالھيون قبول نہ ڪندو، ڇالاءِ⁠جو اھي ھن لاءِ بي⁠وقوفي آھن. ھو انھن کي سمجھي نہ سگھندو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي روحاني طرح پرکيون وينديون آھن. 15روحاني ماڻھو سڀني ڳالھين کي پرکي ٿو سگھي، پر خود انھيءَ کي ڪوبہ پرکي نہ ٿو سگھي. 16 جيئن لکيل آھي تہ ”ڪير خداوند جي سمجھہ کي ڄاڻي ٿو، جو کيس صلاح ڏئي؟“ پر اسان کي تہ مسيح جي سمجھہ مليل آھي.

1.ڪرنٿين 3

خدا جا خدمتگار

1اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان سان روحاني ماڻھن وانگر نہ ڳالھائي سگھيس پر دنياوي ماڻھن وانگر، يعني مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ننڍڙن ٻارن وانگر ڳالھائي سگھيس. 2 مون اوھان کي کير پياريو پر کاڌو نہ کارايو، ڇالاءِ⁠جو اوھين اڃا انھيءَ لاءِ تيار نہ ھئا ۽ نڪي ھاڻي ئي تيار آھيو. 3اوھين اڃا تائين دنياوي ماڻھن وانگر آھيو. جيئن تہ اوھان ۾ حسد ۽ جھيڙو جھڳڙو آھي، سو اوھين جسماني نہ آھيو ڇا؟ اوھين دنياوي ماڻھن وانگر نہ ٿا ھلو ڇا؟ 4 جڏھن اوھان مان ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پولس جو آھيان“ ۽ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ اپلوس جو آھيان،“ تہ پوءِ اوھين دنياوي ماڻھن وانگر نہ آھيو ڇا؟ 5تہ پوءِ اپلوس ڪھڙي شيءِ آھي؟ ۽ پولس ڇا آھي؟ اھي تہ خدمتگار آھن، جن جي وسيلي اوھان ايمان آندو. ھر ڪو اھڙيءَ طرح ڪم ڪري ٿو جھڙيءَ طرح خداوند کيس ڏنو آھي. 6 مون پوکيو، اپلوس پاڻي ڏنو پر وڌايو خدا. 7سو نہ پوکيندڙ ۽ نڪي پاڻي ڏيندڙ ڪا شيءِ آھن، پر خدا آھي جيڪو وڌائي ٿو. 8پوکڻ وارو ۽ پاڻي ڏيڻ وارو ٻئي ھڪجھڙا آھن. ھر ڪنھن کي پنھنجي پورھئي آھر اجورو ملندو. 9ڇالاءِ⁠جو اسين خدا سان گڏ ڪم ڪندڙ آھيون ۽ اوھين خدا جي پوک ۽ خدا جي عمارت آھيو. 10خدا جو فضل جيڪو ھن مون کي عطا ڪيو، تنھن موجب مون ھڪڙي ماھر رازي وانگر بنياد وڌو ۽ ٻيو انھيءَ تي اڏاوت ٿو ڪري. پر ھر ھڪ کي خبردار رھڻ گھرجي تہ ھو انھيءَ تي ڪھڙي اڏاوت ٿو ڪري. 11سواءِ انھيءَ اڳ وڌل بنياد جي ڪوبہ ماڻھو ٻيو بنياد وجھي نہ سگھندو ۽ اھو بنياد يسوع مسيح آھي. 12پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو انھيءَ بنياد تي سون، چاندي، ھيرن جواھرن، ڪاٺ، گاھہ يا ڪکن جي اڏاوت ڪندو، 13تہ سندس ڪم ظاھر ٿي پوندو، ڇالاءِ⁠جو انھيءَ ڪم کي آخرت جو ڏينھن پڌرو ڪندو. اھو ڏينھن باھہ سان ظاھر ٿيندو ۽ اھا باھہ ھر ڪنھن جو ڪم پرکيندي تہ ڪھڙي قسم جو آھي. 14جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو انھيءَ بنياد تي اڏيل ڪم جٽاءُ ڪندو تہ کيس ان جو اجورو ملندو. 15جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو ڪم سڙي ويندو تہ کيس نقصان پوندو، پر ھو پاڻ سڙندي سڙندي بچي ويندو. 16 اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ اوھين خدا جو گھر آھيو ۽ خدا جو روح اوھان ۾ رھي ٿو؟ 17جيڪڏھن ڪو ماڻھو خدا جي گھر کي برباد ڪندو تہ خدا انھيءَ ماڻھوءَ کي برباد ڪندو، ڇالاءِ⁠جو خدا جو گھر پاڪ آھي ۽ اھو گھر اوھين ئي آھيو. 18ڪوبہ ماڻھو پاڻ کي نہ ٺڳي. جيڪڏھن اوھان منجھان ڪو ماڻھو ڀانئين تہ ھن زماني جي لحاظ کان ڏاھو ليکجان، تہ پوءِ کيس بي⁠وقوف بڻجڻ گھرجي تہ جيئن ھو ڏاھو ٿي پوي. 19 ڇالاءِ⁠جو ھن جھان جي ڏاھپ خدا جي آڏو بي⁠وقوفي آھي. جيئن لکيل آھي تہ ”خدا ڏاھن کي سندن چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي.“ 20 ٻي ھنڌ لکيل آھي تہ ”خداوند ڄاڻي ٿو تہ ڏاھن جا خيال اجايا آھن.“ 21تنھنڪري انسان تي ڪوبہ فخر نہ ڪري، ڇالاءِ⁠جو سڀ شيون اوھان جون آھن، 22جيئن تہ پولس، اپلوس، پطرس، ھيءَ دنيا، ھيءَ زندگي ۽ موت، حال ۽ مستقبل، اِھي سڀيئي اوھان جا آھن. 23اوھين سڀيئي مسيح جا آھيو ۽ مسيح خدا جو آھي.

1.ڪرنٿين 4

مسيح جا رسول

1ماڻھن کي گھرجي تہ اسان کي مسيح جا خادم سمجھن، جن کي خدا جا راز سونپيا ويا آھن، 2۽ جن کي ڪا شيءِ سونپي ويندي آھي تن جو فرض آھي تہ ايماندار رھن. 3منھنجي لاءِ اھا ڳالھہ خسيس آھي جو اوھين يا ڪا ٻي انساني ڪورٽ منھنجي جاچ ڪري، جڏھن تہ آءٌ پاڻ پنھنجي جاچ ڪري نہ ٿو سگھان، 4ڇالاءِ⁠جو منھنجو ضمير مون تي ڪا ملامت نہ ٿو ڪري. تنھن ھوندي بہ ان مان اھو ثابت نہ آھي تہ آءٌ ڪو سچ⁠پچ بي⁠ڏوھي آھيان. مون کي جاچڻ وارو تہ خداوند ئي آھي. 5تنھنڪري خداوند جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنھن بہ ڳالھہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اھو ئي اوندھہ ۾ لڪل شيون پڌريون ڪندو ۽ ماڻھن جي دلين جون رٿون ظاھر ڪندو. تڏھن خدا جي طرفان ھر ڪنھن جي پوري پوري ساراھہ ٿيندي. 6اي ڀائرو ۽ ڀينرون! مون ھنن ڳالھين ۾ اوھان جي خاطر پنھنجو ۽ اپلوس جو ذڪر مثال طور پيش ڪيو آھي، انھيءَ لاءِ تہ اوھين اسان کان سکو تہ ”جيڪي ڪجھہ لکيل آھي، تنھن کان ٻاھر نہ وڃو.“ اوھان مان ڪو ھڪڙي جي ڀر وٺي ٻئي جي خلاف ٻٽاڪون نہ ھڻي. 7تنھنجي ۽ ٻين جي وچ ۾ فرق ڪرڻ وارو ڪير آھي؟ ڇا تو وٽ اھڙي ڪا شيءِ آھي جيڪا تو کي انھيءَ کان نہ ملي ھجي؟ جيڪڏھن تو کي واقعي ملي آھي تہ پوءِ فخر ڇو ٿو ڪرين جو ڄڻ تہ تو کي ملي ئي ڪانھي؟ 8ھا اوھين تہ پھريون ئي آسودا ھئا. اوھين تہ اڳي ئي دولتمند ھئا ۽ اوھان اسان کان سواءِ بادشاھي ڪئي. ڪاش! اوھين سچ⁠پچ بادشاھي ڪريو ھا تہ من اسين بہ اوھان سان گڏ بادشاھي ڪريون ھا. 9منھنجي خيال ۾ خدا اسان رسولن کي سڀ کان ھيٺاھون ڪري انھن ماڻھن وانگر پيش ڪيو آھي، جن لاءِ سرِعام قتل جو حڪم ملي چڪو ھجي. اسين جھان، فرشتن ۽ ماڻھن لاءِ ھڪ تماشو بڻايا ويا آھيون. 10اسين تہ مسيح جي خاطر بي⁠وقوف ٿا سڏجون، پر اوھين مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري سياڻا ٿا ليکجو. اسين ھيڻا پر اوھين طاقتور، اوھين عزت وارا پر اسين بي⁠عزت ٿا ليکجون. 11اسين اڄ تائين بکايل، اڃايل ۽ اگھاڙا آھيون، در در ڌڪا کائيندا ٿا وتون ۽ رھڻ جي لاءِ ڪا جاءِ ڪانہ اٿئون. 12 اسين پنھنجن ھٿن سان پورھيو ڪيو پيا ھڄون. جڏھن ماڻھو اسان تي لعنتون ٿا وجھن تہ اسين کين دعائون ٿا ڪريون. جڏھن ھو اسان کي ستائين ٿا تہ اسين صبر سان ٿا سھون. 13جڏھن ھو اسان جي گلا ڪن ٿا تہ اسين سندن نيڪي ٿا ڪريون. اسين ھن وقت تائين جھان جو گند ڪچرو ۽ سڀني شين جو ٻھر پيا ليکجون. 14آءٌ ھي ڳالھيون اوھان کي شرمسار ڪرڻ خاطر نہ ٿو لکان، بلڪ پنھنجا پيارا ٻار سمجھي اوھان کي نصيحت ٿو ڪريان. 15جيتوڻيڪ مسيحي زندگيءَ ۾ اوھان جا ڏھہ ھزار استاد ھجن، پر اوھان جو پيءُ تہ رڳو ھڪڙو ئي آھي. ڇالاءِ⁠جو خوشخبريءَ جي وسيلي آءٌ ئي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان جو پيءُ ٿيس. 16 تنھنڪري آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين بہ مون جھڙي ھلت ڪريو. 17انھيءَ سبب ڪري آءٌ تيمٿيس کي اوھان ڏانھن موڪلي رھيو آھيان. ھو خداوند جو ھئڻ ڪري منھنجو پيارو ۽ وفادار فرزند آھي. ھو منھنجا اھي طريقا جيڪي مسيح جو ھجڻ ڪري منھنجي زندگيءَ ۾ آھن، اوھان کي ياد ڏياريندو، جھڙيءَ طرح آءٌ ھرھنڌ ھر ڪليسيا ۾ تعليم ڏيان ٿو. 18اوھان مان ڪن ٻٽاڪون ھنيون آھن، ڄڻ تہ آءٌ اوھان وٽ ايندس ئي ڪونہ. 19پر جي خداوند گھريو تہ آءٌ جلدي اوھان وٽ ايندس ۽ جيڪي ٻٽاڪي آھن، تن جي ڳالھين جي نہ، پر سندن طاقت جي خبر لھندس. 20ڇالاءِ⁠جو خدا جي بادشاھت ڳالھين تي نہ، پر طاقت تي مدار رکي ٿي. 21اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي تہ آءٌ اوھان وٽ ڏنڊي سان اچان يا پيار ۽ نماڻائيءَ واري روح سان؟

1.ڪرنٿين 5

ڪليسيا ۾ زناڪاري

1 ايتري قدر بہ ٻڌڻ ۾ ٿو اچي تہ اوھان ۾ زناڪاري آھي ۽ زناڪاري بہ اھڙي جيڪا غير قومن ۾ بہ ڪانھي، بلڪ اوھان مان تہ ھڪڙو پنھنجي پيءُ جي زال ويھاريو ويٺو آھي. 2جنھن اھڙو ڪم ڪيو آھي تنھن کي پنھنجي ٽولي مان اوھان کي ڪڍي ڇڏڻ گھربو ھو. پر اوھين تہ انھيءَ تي افسوس ڪرڻ بدران اٽلندو ٻٽاڪون ٿا ھڻو. 3جيتوڻيڪ منھنجو جسم اوھان وٽ حاضر نہ آھي پر منھنجو روح حاضر آھي. سو مون ڄڻ تہ پنھنجي موجودگيءَ ۾ اڳ ئي اھڙي ڪم ڪرڻ واري لاءِ فتويٰ ڏئي ڇڏي آھي. 4اھا فتويٰ ھيءَ آھي تہ اوھين منھنجي روح سان گڏجي اسان جي خداوند عيسيٰ جي نالي، سندس قدرت سان 5اھڙي شخص جي جسماني خواھشن کي برباد ڪرڻ لاءِ کيس شيطان جي حوالي ڪري ڇڏيو تہ جيئن سندس روح خداوند جي ڏينھن بچي وڃي. 6 اوھان جو فخر ڪرڻ چڱو نہ آھي. اوھين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ٿورڙو ئي خميرو ساري ڳوھيل اٽي کي ڦنڊائي ڇڏيندو آھي. 7 پراڻو خميرو ڪڍي ڇڏيو تہ جيئن اوھين نج اٽو بڻجي پئو. سچ⁠پچ تہ اوھين بي⁠خميرا آھيو، ڇالاءِ⁠جو اسان جي عيد فصح جو گھيٽو يعني مسيح قربان ٿي ويو آھي. 8 تنھنڪري اچو تہ عيد ڪريون، پر نہ پراڻي خميري يعني برائيءَ ۽ شرارت جي خميري سان، بلڪ صاف⁠دليءَ ۽ سچائيءَ جي بي⁠خميري مانيءَ سان. 9مون پنھنجي خط ۾ اوھان ڏانھن لکيو ھو تہ زناڪارن سان صحبت نہ رکجو. 10منھنجو مطلب اھو نہ آھي تہ اوھين ھن جھان جي زناڪارن، لالچين، دغابازن ۽ بت⁠پرستن سان لاڳاپا ئي لاھي ڇڏيو، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ سان اوھان کي ضرور ھن جھان مان نڪري وڃڻو پوندو. 11دراصل مون اوھان ڏانھن اھو لکيو ھو تہ جيڪڏھن ڪو ايمان آڻيندڙ سڏائي پر ھجي زناڪار، يا لالچي يا بت⁠پرست يا گاريل، يا شرابي يا دغاباز، تہ انھيءَ سان صحبت نہ رکجو، بلڪ اھڙي سان گڏ کاڌو بہ نہ کائجو. 12جيڪي ڌاريا آھن تن تي فتويٰ ڏيڻ سان منھنجو ڪھڙو واسطو؟ پر اوھين رڳو پنھنجن مان بڇڙائي ڪندڙ تي فتويٰ ڏيو. 13 ڇالاءِ⁠جو ڌارين تي خدا پاڻ فتويٰ ڏيندو. پر ”اوھين پنھنجي ٽولي مان انھيءَ بڇڙي ماڻھوءَ کي ڪڍي ڇڏيو.“جيئن پاڪ لکت ۾ آھي.

1.ڪرنٿين 6

ھڪ ٻئي تي ڪيس ڪرڻ

1اوھان مان ڪنھن کي ايتري جرئت آھي ڇا جو ڪنھن ٻئي ڀاءُ سان ڪو معاملو ھجيس تہ فيصلي لاءِ ايمان وارن وٽ نہ، پر بي⁠دينن وٽ وڃي؟ 2ڇا اوھان کي خبر نہ آھي تہ خدا جي قوم دنيا جو انصاف ڪندي؟ جيڪڏھن دنيا جو انصاف اوھان جي ھٿان ٿيڻو آھي، تہ پوءِ خسيس معاملن جي فيصلن جا بہ اوھين لائق نہ آھيو ڇا؟ 3ڇا اوھين ايترو نہ ٿا ڄاڻو تہ اسين ملائڪن جو انصاف ڪنداسين؟ تہ پوءِ ھن دنيا جا معاملا ڇو نہ فيصل ڪريون؟ 4تنھنڪري جيڪڏھن اوھان کي فيصلي ڪرائڻ لاءِ دنيا جا معاملا آھن تہ انھن فيصلن لاءِ اوھين اھڙن ججن وٽ ڇو ٿا وڃو جيڪي اوھان جي ڪليسيا جا ئي نہ آھن؟ 5آءٌ چوان ٿو تہ اوھان کي شرم اچڻ گھرجي. ڇا اوھان ۾ ڪوبہ اھڙو سياڻو ڪونھي جيڪو اوھان ايمان وارن جا پاڻ ۾ معاملا نبيري؟ 6پر اٽلندو ايمان وارو، ايمان واري تي ڪيس ٿو ڪري سو بہ بي⁠دينن وٽ. 7حقيقت ۾ اھا اوھان جي وڏي شڪست آھي جو اوھين ھڪٻئي تي ڪيس ٿا ڪريو. ظلم سھڻ ڇو نہ ٿا بھتر سمجھو؟ ڦُرجي وڃڻ ڇو نہ ٿا قبول ڪريو؟ 8بلڪ اوھين تہ خود ئي ظلم ڪريو ٿا ۽ ڦُريو ٿا، سو بہ پنھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن کي. 9اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ بدڪار خدا جي بادشاھت ۾ داخل نہ ٿيندا؟ سو ٺڳجي نہ وڃو، ڇالاءِ⁠جو نہ حرامڪار، نڪي بت⁠پرست، نڪي زناڪار، نڪي بدفعلي ڪرائيندڙ، نڪي لونڊي⁠باز، 10نڪي چور، نڪي لالچي، نڪي شرابي، نڪي گاريل ۽ نڪي دغاباز خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيندا. 11اوھان مان ڪي اھڙا ئي ھئا. پر اوھين گناھن کان ڌوپجي ويا. اوھين پاڪ ڪيا ويا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۽ اسان جي خدا جي پاڪ روح جي وسيلي خدا ڏانھن سچار بڻايا ويا.

اوھان جو بدن خدا جي جلوي لاءِ

12 اوھان مان ڪو سمجھي تہ ”سڀ شيون منھنجي لاءِ جائز آھن.“ ٺيڪ آھي، پر ھر ڪا شيءِ اوھان لاءِ فاعدي واري نہ آھي. جيڪڏھن آءٌ بہ چوان تہ ’سڀ شيون منھنجي لاءِ جائز آھن،‘ تہ بہ آءٌ ڪنھن بہ شيءِ جو غلام ڪين ٿيندس. 13ڪو ٻيو چوي تہ ”کاڌو پيٽ لاءِ آھي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ.“ سو بہ ٺيڪ آھي، پر خدا ٻنھي کي ناس ڪري ڇڏيندو. بدن زناڪاريءَ لاءِ نہ آھي، بلڪ خداوند جي خدمت لاءِ آھي ۽ خداوند پاڻ ئي بدن جي حفاظت ڪندو. 14خدا جھڙيءَ طرح خداوند عيسيٰ کي جيئرو ڪري اٿاريو، تھڙيءَ طرح ھو اسان کي بہ پنھنجي قدرت سان جيئرو ڪري اٿاريندو. 15ڇا پوءِ بہ اوھين نہ ٿا سمجھو تہ اوھان جا بدن مسيح جا عضوا آھن؟ تڏھن ڇا ڀلا آءٌ مسيح جي عضون کي ڪنھن ڪڃريءَ جي بدن جا عضوا بڻجڻ ڏيان؟ نہ، ھرگز نہ. 16 ڇا اوھين ايترو بہ نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪو ڪڃريءَ سان ملي ٿو، سو انھيءَ سان گڏجي ھڪ بدن ٿي پوي ٿو؟ ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ”اھي ٻئي گڏجي ھڪ جسم ٿي پوندا.“ 17پر جيڪو خداوند سان ملي ٿو سو روحاني طرح ساڻس گڏجي ھڪ ٿي وڃي ٿو. 18سو زناڪاريءَ کان ڀڄو. ٻيو ھر گناھہ، جيڪو ماڻھو ڪري ٿو سو بدن کان ٻاھر آھي، پر جيڪو زنا ڪري ٿو سو پاڻ پنھنجي بدن جو گناھہ ٿو ڪري. 19 اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ اوھان جو بدن انھيءَ پاڪ روح جو گھر آھي، جيڪو اوھان ۾ رھي ٿو ۽ اھو اوھان کي خدا کان عطا ٿيل آھي؟ سو اوھان کي پاڻ تي اختيار نہ آھي، 20ڇالاءِ⁠جو اوھين مُلھہ ورتل آھيو. تنھنڪري اوھين پنھنجي بدن سان خدا جو جلوو ظاھر ڪريو.

1.ڪرنٿين 7

شاديءَ بابت

1ھاڻي جن ڳالھين بابت اوھان لکي پڇيو آھي، تن مان ھڪڙي ھيءَ آھي تہ ’مرد لاءِ چڱو آھي تہ عورت کي ھٿ بہ نہ لائي.‘ 2پر ٻڌو، جيئن تہ زناڪاري گھڻي آھي، سو بلاشڪ ھر ڪنھن مرد کي پنھنجي زال ھجي ۽ ھر ڪنھن زال کي پنھنجو مڙس ھجي. 3ھر مڙس کي پنھنجيءَ زال جو حق ادا ڪرڻ گھرجي ۽ ساڳيءَ طرح ھر ڪنھن زال کي پنھنجي مڙس جو. 4زال پنھنجي جسم جي مالڪياڻي نہ آھي پر سندس مڙس ۽ ساڳيءَ طرح مڙس بہ پنھنجي جسم جو مالڪ نہ آھي پر سندس زال. 5اوھين ھڪ ٻئي کي حق ادائيءَ کان محروم نہ ڪريو، پر ڀلي ٿوري وقت لاءِ ھڪ ٻئي جي رضامنديءَ سان ائين ڪريو، تہ جيئن اوھان کي دعا گھرڻ لاءِ وقت ملي. پوءِ وري پاڻ ۾ ملو. متان پرھيزگاريءَ جي گھٽتائيءَ سبب شيطان اوھان کي برغلائي وجھي. 6انھيءَ ڳالھہ جي آءٌ اجازت ڏيان ٿو پر حڪم نہ ٿو ڪريان. 7تنھن ھوندي بہ منھنجي اھا خواھش آھي تہ سڀ ماڻھو مون وانگر ھجن. پر ھر ڪنھن ماڻھوءَ کي خدا کان پنھنجي پنھنجي ڏات مليل آھي، ڪنھن کي ڪھڙي تہ ڪنھن کي ڪھڙي. 8پر اڻ⁠پرڻيلن ۽ رنن⁠زالن کي منھنجو چوڻ آھي تہ انھن لاءِ اھو سٺو ٿيندو تہ جيئن آءٌ ٿو رھان تيئن ھو بہ رھن. 9پر جيڪڏھن ماڻھو پاڻ تي ضابطو رکي نہ ٿا سگھن تہ ڀلي پرڻجن، ڇالاءِ⁠جو شھوت ۾ سڙڻ کان پرڻجڻ بھتر آھي. 10 باقي جيڪي پرڻيل آھن تن کي آءٌ نہ، بلڪ خداوند حڪم ٿو ڏئي تہ زال پنھنجي مڙس کان جدا نہ ٿئي. 11پر جيڪڏھن ھوءَ کڻي جدا ٿئي ٿي تہ وري ٻي شادي نہ ڪري، بلڪ پنھنجي مڙس سان پرچي وڃي ۽ مڙس بہ پنھنجي زال کي طلاق نہ ڏئي. 12باقي ھنن لاءِ خداوند جو نہ، بلڪ منھنجو چوڻ آھي تہ جيڪڏھن ڪنھن ڀاءُ جي زال ايمان نہ آڻيندڙ ھجي ۽ اھا ساڻس گڏ رھڻ ۾ راضي ھجي تہ ھن کي اھا ڇڏڻ نہ گھرجي. 13يا جيڪڏھن ڪنھن عورت جو مڙس ايمان نہ آڻيندڙ ھجي ۽ اھو ساڻس گڏ رھڻ ۾ راضي ھجي تہ ھن کي اھو ڇڏڻ نہ گھرجي. 14ڇالاءِ⁠جو ديندار زال جي ڪري بي⁠دين مڙس پاڪ ٿئي ٿو ۽ ديندار مڙس جي ڪري بي⁠دين زال پاڪ ٿئي ٿي، ⁠نہ⁠تہ جيڪر اوھان جا ٻار پليت ھجن ھا، پر ھاڻي اھي پاڪ آھن. 15انھيءَ ھوندي بہ جيڪڏھن غير مذھب وارو ڪو مڙس يا زال جدا ٿيڻ گھري تہ ڀلي جدا ٿئي. اھڙين حالتن ۾ ديندار مڙس يا زال ٻڌل نہ آھي. پر خدا اسان کي صلح سان رھڻ لاءِ سڏيو آھي. 16ڇالاءِ⁠جو اي زال! تو کي ڪھڙي خبر تہ شايد تون پنھنجي مڙس کي ڇوٽڪارو ڏيارين؟ يا اي مڙس! تو کي ڪھڙي خبر تہ شايد تون پنھنجي زال کي ڇوٽڪارو ڏيارين؟

خدا جي مقرر ڪيل حياتي

17پر جيئن خداوند ھر ھڪ کي زندگيءَ جي نعمت عطا ڪئي آھي ۽ جھڙيءَ طرح خدا کيس چونڊيو آھي، تھڙيءَ طرح ھو زندگي گذاري. اھو حڪم آءٌ سڀني ڪليسيائن جي لاءِ ٿو ڏيان. 18جيڪڏھن خدا ڪنھن کي طھريل ئي چونڊيو آھي تہ ھو طھر جا نشان نہ لڪائي. پر جيڪڏھن خدا ڪنھن کي اڻ⁠طھريل چونڊيو آھي تہ ھو طھر نہ ڪرائي. 19طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آھي، پر خدا جي حڪمن تي ھلڻ ئي سڀ ڪجھہ آھي. 20جنھن کي خدا جھڙيءَ حالت ۾ سڏيو آھي، سو انھيءَ ئي حالت ۾ رھي. 21جيڪڏھن خدا جي سڏڻ وقت تون غلام آھين تہ فڪر نہ ڪر. پر جيڪڏھن تون آزاد ٿي سگھين ٿو تہ موقعو ھٿان نہ وڃاءِ. 22تنھن ھوندي بہ جڏھن ڪو غلام خداوند طرفان چونڊيو ويو آھي تہ ھو خداوند جو آزاد ڪيل آھي. ساڳيءَ طرح جڏھن ڪو آزاد ماڻھو خداوند طرفان چونڊيو ويو آھي تہ ھو مسيح جو غلام آھي. 23اوھين تہ مُلھہ ورتل آھيو، سو ماڻھن جا غلام نہ ٿيو. 24اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪو جنھن حالت ۾ چونڊيو ويو آھي، سو انھيءَ حالت ۾ خدا سان رھي.

اڻ⁠پرڻيلن ۽ رنن⁠زالن بابت

25ڪنوارپڻي بابت مون کي خداوند جو ڪوبہ حڪم مليل ڪونھي، پر خدا جي رحم سان ھڪ معتبر ماڻھوءَ وانگر آءٌ پنھنجي راءِ ٿو ڏيان. 26ھاڻوڪيءَ مصيبت جي ڪري آءٌ سمجھان ٿو تہ ماڻھو جھڙو آھي تھڙو ئي رھي تہ چڱو. 27جيڪڏھن پرڻيل آھين تہ زال کي ڇڏڻ جي ڪوشش نہ ڪر ۽ جيڪڏھن اڻ⁠پرڻيل آھين تہ پرڻجڻ جي ڪوشش نہ ڪر. 28پر جيڪڏھن تون شادي ڪندين تہ ڪو ڏوھہ ڪونہ ڪندين ۽ جيڪڏھن ڪا ڪنواري شادي ڪندي تہ اھا بہ ڪو ڏوھہ ڪونہ ڪندي. پر جيڪي شادي ڪن ٿا تن کي ھن زندگيءَ ۾ تڪليفون اچن ٿيون ۽ انھن کان آءٌ اوھان کي بچائڻ ٿو گھران. 29پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي ھيترو ٿو چوان تہ وقت تنگ ٿي چڪو آھي. ھاڻي کان وٺي زالن وارا ڇڙن جھڙا ٿي رھن. 30روئڻ وارا ائين روئن ڄڻ تہ روئن ئي نہ ٿا، خوشي ڪرڻ وارا ائين خوشي ڪن ڄڻ تہ خوشي ڪن ئي نہ ٿا، خريد ڪرڻ وارا ائين ٿين جو ڄڻ تہ وٽن ڪابہ ملڪيت ڪانھي. 31دنيا جو ڪاروبار ڪرڻ وارا انھيءَ ۾ ئي غلطان ٿي نہ وڃن، ڇالاءِ⁠جو ھن دنيا جو رنگ ڍنگ تبديل ٿيندو ٿو وڃي. 32منھنجي خواھش اھا آھي تہ جيئن اوھين فڪرن کان آزاد رھو. اڻ⁠پرڻيل کي خداوند جي ڳالھين بابت فڪر رھي تہ ھو ڪھڙيءَ طرح خداوند کي راضي ڪري. 33پر پرڻيل کي دنيا جي ڳالھين جو فڪر رھي ٿو تہ ھو ڪيئن پنھنجي زال کي راضي ڪري، تنھنڪري ھو ٻہ⁠دليو آھي. 34اڻ⁠پرڻيل يعني ڪنواري عورت خداوند جي ڳالھين بابت انھيءَ فڪر ۾ آھي تہ ھوءَ ڪيئن جسم ۽ روح جي لحاظ کان پاڪ رھي. پر جيڪا پرڻيل آھي، تنھن کي اھو فڪر آھي تہ ھوءَ ڪيئن مڙس کي راضي ڪري. 35اھو آءٌ اوھان کي اوھان جي فائدي لاءِ ٿو چوان نڪي ڦاسائڻ لاءِ، تہ جيئن اوھين يڪدلا ٿي خداوند جي خدمت ۾ مشغول رھو. 36جيڪڏھن ڪو سمجھي ٿو تہ ھن پنھنجي ڇوڪريءَ کي ڪنوارو رکي ساڻس سٺي ھلت نہ ڪئي آھي ۽ ھوءَ جوانيءَ کان بہ موٽي آھي ۽ ھاڻي کيس احساس ٿئي ٿو تہ انھيءَ جي شادي ٿيڻ گھرجي، تڏھن کيس اھو اختيار آھي. انھيءَ ۾ ڪوبہ گناھہ ڪونھي، سو ڀلي شادي ڪرائيس. 37پر جنھن ماڻھوءَ پنھنجي دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو آھي ۽ مجبور بہ نہ آھي، بلڪ پنھنجي ارادي جو مضبوط آھي ۽ دل ۾ اھو پڪو پھہ ڪيو اٿائين تہ پنھنجي ڇوڪري ڪنواري رکندس تہ ھو چڱو ٿو ڪري. 38اھڙيءَ طرح جيڪو پنھنجي ڪنواري ڇوڪريءَ کي پرڻائي ٿو سو چڱو ٿو ڪري ۽ جيڪو پنھنجي ڪنواري ڇوڪريءَ کي نہ ٿو پرڻائي سو وڌيڪ چڱو ٿو ڪري. 39زال ايتري وقت تائين ٻڌل آھي جيستائين سندس مڙس جيئرو آھي. پر جيڪڏھن سندس مڙس مري وڃي ٿو تہ ھوءَ آزاد آھي، جنھن سان وڻيس تنھن سان پرڻجي، بشرطيڪ اھو مرد خداوند عيسيٰ مسيح جو ھجي. 40منھنجي راءِ آھي تہ جيڪڏھن اھا نہ پرڻجي تہ وڌيڪ خوش رھندي ۽ آءٌ سمجھان ٿو تہ مون ۾ بہ خدا جو پاڪ روح آھي، جيڪو منھنجي ھدايت ڪري ٿو.

1.ڪرنٿين 8

بتن کي نذر ڪيل کاڌو

1جيڪو کاڌو بتن جي اڳيان نذر ڪجي ٿو، تنھن بابت اسين سمجھون ٿا تہ ”اسان سڀني کي علم آھي.“ اھو علم تہ انسان کي مغرور ڪري ٿو، پر محبت ترقي عطا ڪري ٿي. 2جيڪڏھن ڪو ماڻھو سمجھي ٿو تہ ”آءٌ ڪجھہ ڄاڻان ٿو،“ تہ ھو اڃا ايترو نہ ٿو ڄاڻي جيترو کيس ڄاڻڻ گھرجي. 3پر جيڪو خدا سان پيار ٿو ڪري، تنھن کي خدا پنھنجو ڄاڻي ٿو. 4تہ پوءِ بتن تي نذر ڪيل کاڌي بابت اسان کي خبر آھي تہ دنيا ۾ بتن جي ڪابہ حقيقت ناھي ۽ ھڪڙي خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪينھي. 5جيتوڻيڪ آسمان ۽ زمين ۾ گھڻا ئي خدا سڏجن ٿا ۽ ڪيترائي ڪوڙا خدا ۽ ڪيترائي ڪوڙا خداوند آھن، 6تنھن ھوندي بہ اسان جي لاءِ تہ ھڪڙو ئي خدا آھي يعني پيءُ، جنھن سڀ شيون پيدا ڪيون آھن ۽ اسين بہ انھيءَ جي لاءِ زندہ آھيون. اسان جو خداوند بہ ھڪڙو ئي آھي يعني عيسيٰ مسيح، جنھن جي وسيلي سڀ شيون موجود آھن ۽ اسين بہ انھيءَ جي وسيلي زندہ آھيون. 7پر سڀني ماڻھن کي اھا ڄاڻ نہ آھي، ايتري تائين جو اسان مان بہ ڪي اڃا تائين بت⁠پرستيءَ جي اثر ھيٺ آھن. سي ھن کاڌي کي بتن جي ئي قربانيءَ جي حيثيت سان کائين ٿا. جيئن تہ ھو چڱيءَ طرح نيڪيءَ ۽ بديءَ ۾ تميز نہ ٿا ڪري سگھن، تنھنڪري ھو پليت ٿي پون ٿا. 8کاڌو تہ اسان کي خدا سان ڪين ملائيندو. جيڪڏھن نہ کائينداسين تہ ڪو نقصان نہ پھچندو ۽ جيڪڏھن کائينداسين تہ ڪو فائدو بہ ڪونہ ٿيندو. 9پر خبردار رھجو، ائين نہ ٿئي جو اوھان جي ھيءَ آزادي، ڪمزور سمجھہ وارن لاءِ گمراھيءَ جو سبب بڻجي. 10فرض ڪريو تہ ڪو ڪمزور سمجھہ وارو اوھان علم وارن مان ڪنھن کي بت⁠خاني ۾ بتن تي چاڙھيل قربانيءَ واريون شيون کائيندي ڏسندو، تہ ھو بہ انھن شين کائڻ ۾ نہ ھمتائبو ڇا؟ 11مطلب تہ اوھان جي علم جي ڪري ڪمزور سمجھہ وارو شخص، يعني اھو ڀاءُ ڀيڻ برباد ٿو ٿئي جنھن جي خاطر مسيح مئو. 12اھڙيءَ طرح جڏھن اوھين ڀائرن ۽ ڀينرن جو گناھہ ٿا ڪريو تہ سندن ڪمزور ضمير کي زخمي ٿا ڪريو. ائين اوھين مسيح جو گناھہ ٿا ڪريو. 13سو جيڪڏھن گوشت کائڻ سان منھنجو ڪو ڀاءُ ڀيڻ گمراھہ ٿئي ٿو تہ آءٌ گوشت ڪڏھن بہ نہ کائيندس، متان پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ کي گمراھہ ڪريان.

1.ڪرنٿين 9

رسولن جا حق

1ڇا آءٌ آزاد نہ آھيان؟ ڇا آءٌ رسول نہ آھيان؟ ڇا مون عيسيٰ کي نہ ڏٺو آھي جيڪو اسان جو خداوند آھي؟ ڇا خداوند جي لاءِ اوھين منھنجي خدمت جو نتيجو نہ آھيو؟ 2جيڪڏھن ٻيا مون کي رسول نہ ٿا مڃين تہ ڀلي نہ مڃين، پر اوھان جو تہ رسول آھيان. جيئن تہ اوھين خداوند جا آھيو، سو اھا ئي منھنجي رسالت جي ثابتي آھي. 3جن کي مون تي اعتراض آھي، تن لاءِ منھنجو جواب ھي آھي تہ 4اسان کي کائڻ پيئڻ جو حق نہ آھي ڇا؟ 5اسان جو اھو حق نہ آھي ڇا تہ پنھنجين ديندار زالن کي پاڻ سان گڏ گھمائيندا رھون، جيئن ٻيا رسول، خداوند جا ڀائر ۽ پطرس جن ڪن ٿا؟ 6يا رڳو مون کي ۽ برنباس کي گذر سفر لاءِ پورھيو ڪرڻ گھرجي؟ 7ڇا ڪڏھن ڪو پنھنجي خرچ تي فوج ۾ نوڪري ڪندو آھي؟ ڇا اھڙو ڪو مالھي آھي جيڪو انگورن جو باغ تہ لڳائي ٿو، پر ان جو ميوو نہ ٿو کائي؟ ڇا اھڙو ڪو ڌنار آھي جيڪو ڌڻ تہ چاري ٿو، پر انھيءَ ڌڻ جو کير نہ ٿو ڪم آڻي؟ 8اھي ڳالھيون آءٌ انساني دستور موجب ٿو چوان. ڀلا شريعت بہ ائين نہ ٿي چوي ڇا؟ 9 ڇالاءِ⁠جو موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آھي تہ ”جڏھن ڪو ڍڳو ڳاھہ ۾ وھي، تڏھن ان جو ٻوٿ نہ ٻڌ.“ ڇا ڀلا خدا کي رڳو ڍڳن جي ڳڻتي آھي؟ 10يا ھو خاص اسان جي لاءِ ائين ٿو فرمائي؟ ھائو، اھو اسان جي لاءِ لکيو ويو آھي، تہ جيئن ھاري اميد رکي ھر ڪاھي ۽ جيڪو اَنُ ڳاھي ٿو تنھن کي اھا اميد رکڻ گھرجي تہ کيس پوک مان حصو ملندو. 11 جيڪڏھن اسان اوھان ۾ روحاني شيون پوکيون آھن، تہ پوءِ اھا ڪا وڏي ڳالھہ ناھي جو اوھان مان اسين مادي شيون لڻون. 12جيڪڏھن ٻيا اوھان جي حق مان حصو وٺن ٿا، تہ پوءِ اسان جو حق وڌيڪ نہ آھي ڇا؟ تنھن ھوندي بہ اسان اھو حق نہ ورتو. اٽلندو سڀ ڪجھہ سھندا رھون ٿا تہ متان عيسيٰ مسيح جي خوشخبري ڦھلائڻ ۾ ڪا رنڊڪ وجھون. 13 اوھان کي خبر ڪانھي ڇا تہ جيڪي ھيڪل ۾ ڪم ڪرڻ وارا آھن سي ھيڪل مان ٿا کائين ۽ جيڪي قربان⁠گاھہ جا خدمتگار آھن سي قربانيءَ مان ٿا حصو وٺن؟ 14 ساڳيءَ طرح خداوند حڪم ڏنو آھي تہ خوشخبريءَ جي منادي ڪرڻ وارن کي خوشخبريءَ جي وسيلي گذران ڪرڻ گھرجي. 15پر مون انھن مان ڪوبہ حق استعمال ڪونہ ڪيو آھي ۽ نڪي آءٌ ھي انھيءَ لاءِ لکي رھيو آھيان تہ اھڙيون شيون مون کي ملن. آءٌ ان کان پھريائين مرڻ بھتر سمجھان ٿو تہ متان ڪو مون کان اھو فخر کسي وٺي. 16جيڪڏھن آءٌ خوشخبريءَ جي منادي ٿو ڪريان تہ اھا مون لاءِ ڪا فخر جي ڳالھہ ڪانھي، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ منھنجي لاءِ تمام ضروري آھي. جيڪڏھن آءٌ خوشخبريءَ جي منادي نہ ٿو ڪريان تہ منھنجي حال تي افسوس آھي. 17سو جيڪڏھن آءٌ پنھنجي مرضيءَ سان ائين ڪريان تہ انھيءَ جو اجورو مون کي ملندو. پر جيئن تہ آءٌ پنھنجي مرضيءَ کان سواءِ ٿو ڪريان، تہ پوءِ ڄڻ تہ اھا ھڪ ذميواري آھي جا مون کي سونپي ويئي آھي. 18تہ پوءِ منھنجو اجورو اھو آھي تہ جڏھن خوشخبريءَ جي منادي ڪريان، تڏھن اھا مفت ٻڌايان ۽ خوشخبريءَ جي ٻڌائڻ ۾ جيڪي منھنجا حق آھن سي پوريءَ طرح ڪم نہ آڻيان. 19آءٌ ھڪ آزاد ماڻھو آھيان ۽ ڪنھن جو بہ غلام نہ آھيان. پر مون پاڻ کي ھر ڪنھن جو غلام بڻائي ڇڏيو آھي تہ جيئن گھڻي ۾ گھڻا ماڻھو ھٿ ڪريان. 20يھودين لاءِ آءٌ يھودين جھڙو بڻيس تہ جيئن يھودين کي ھٿ ڪريان. شريعت جي پابندن لاءِ آءٌ شريعت جو پابند بڻيس تہ جيئن شريعت جي پابندن کي ھٿ ڪريان، جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ شريعت جو پابند ڪين ھوس. 21غير قومون جيڪي شريعت کان سواءِ آھن، تن لاءِ آءٌ انھن جھڙو بڻيس تہ جيئن کين ھٿ ڪريان، جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ خدا جي شريعت کان سواءِ ڪين ھوس. اھو ائين جو آءٌ مسيح جي شريعت جو پابند ھوس. 22ڪمزورن لاءِ آءٌ ڪمزور بڻيس تہ جيئن ڪمزورن کي ھٿ ڪريان. مطلب تہ جيڪو جھڙو ھو تنھن لاءِ آءٌ تھڙو بڻيس، تہ جيئن ڪنھن نہ ڪنھن نموني آءٌ ڪن کي بچايان. 23اھو سڀ ڪجھہ آءٌ خوشخبريءَ جي خاطر ٿو ڪريان تہ جيئن انھيءَ جي بخشش ۾ حصيدار ٿيان. 24اوھان کي خبر ڪانھي ڇا تہ گوءِ جي ميدان تي ڊوڙندا تہ گھڻيئي آھن، پر انعام رڳو ھڪڙي کي ئي ملندو آھي؟ اوھين بہ ائين ئي ڊوڙو تہ جيئن انعام کٽو. 25ھر ڪو پھلوان سڀني ڳالھين ۾ پرھيز ٿو ڪري. اھي تہ فاني تاج ملڻ لاءِ ائين ٿا ڪن، پر اسين غير فاني تاج لاءِ. 26تنھنڪري آءٌ بنا مقصد جي نہ ٿو ڊوڙان ۽ نڪي آءٌ ھوا ۾ مڪون ٿو ھڻان، 27بلڪ آءٌ پنھنجي بدن کي ماري ڪُٽي کيس پوري ضابطي ۾ ٿو رکان. ائين نہ ٿئي جو ٻين کي تبليغ ڪندي آءٌ پاڻ قبول نہ پوان.

1.ڪرنٿين 10

تواريخ مان سبق

1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين ھن ڳالھہ کان باخبر رھو تہ اسان جا ابا ڏاڏا ڪڪر جي ڇانوَ ھيٺان ھئا ۽ سڀيئي سمنڊ مان لنگھي پار پيا. 2اھڙيءَ طرح ڪڪر ۽ سمنڊ ۾ سڀني ڄڻ تہ موسيٰ جي بپتسما ورتي. 3‏-4 جيتوڻيڪ سڀني اھا ساڳي خوراڪ کاڌي ۽ اھو ساڳيو پاڻي پيتو، جيڪو کين معجزي طور پئي مليو ۽ ھو اھو پاڻي انھيءَ روحاني ٽڪر مان پيئندا ھئا، جيڪو ساڻن گڏوگڏ ھلندو پئي ھليو ۽ اھو ٽڪر مسيح ھو، 5 تنھن ھوندي بہ خدا انھن مان گھڻن سان راضي نہ ھو، تنھنڪري اھي رڻ⁠پٽ ۾ مري کپي ويا. 6 ھي واقعا اسان جي لاءِ سبق آھن تہ جيئن اسين خراب شين جي خواھش نہ ڪريون، جھڙيءَ طرح انھن ٿي ڪئي. 7 نڪي اوھين بت⁠پرست ٿيو جيئن انھن مان ڪي ٿيا. ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ”ماڻھو کائڻ پيئڻ لاءِ ويٺا، ۽ بي⁠شرميءَ سان نچڻ ٽپڻ لاءِ اٿيا.“ 8 نڪي اسان کي حرامڪاري ڪرڻ گھرجي، جيئن انھن مان ڪن ماڻھن ڪئي ۽ ھڪڙي ئي ڏينھن ۾ ٽيويھہ ھزار ڪِري مري ويا. 9 نڪي اسان کي خداوند کي آزمائڻ گھرجي، جيئن انھن مان ڪن آزمايو ۽ نانگ ڏنگي کين ماري ڇڏيو. 10 نڪي اوھين ڪُرڪو ڪنجھو، جيئن انھن مان ڪي ڪُرڪيا ۽ موت جي فرشتي ھٿان مارجي ويا. 11ساڻن ھي واقعا انھيءَ لاءِ پيش آيا تہ جيئن اھي عبرت کائين ۽ اسين، جيڪي آخرين زماني ۾ آھيون، تن جي نصيحت لاءِ اھي ڳالھيون لکيون ويون آھن. 12تنھنڪري جيڪو پاڻ کي مضبوط بيٺل ٿو سمجھي، سو خبردار ٿئي متان ڪري نہ پوي. 13اوھان تي اھڙي آزمائش ڪانہ پيئي آھي جيڪا انسان لاءِ عام نہ ھجي. پر اوھين خدا تي ڀروسو رکي سگھو ٿا. ھو اوھان کي اھڙي آزمائش ۾ پوڻ ڪين ڏيندو جيڪا اوھان جي سھڻ جي طاقت کان ٻاھر ھجي، بلڪ آزمائش سان گڏ بچي نڪرڻ جو رستو بہ اوھان کي ٺاھي ڏيندو تہ جيئن اوھين ان کي برداشت ڪري سگھو.

بت⁠پرستيءَ خلاف چتاءُ

14تنھنڪري اي عزيزو! بت⁠پرستيءَ کان ڀڄو. 15سمجھدار ماڻھو سمجھي آءٌ اوھان سان ٿو ڳالھايان ۽ جيڪي آءٌ چوان ٿو تنھن کي جاچي ڏسو. 16 جڏھن اسين خداوند جي موت جي ياد ۾ پيالو پيئندي سندس شڪرانو ٿا ادا ڪريون، تڏھن مسيح جي رت ۾ شريڪ نہ آھيون ڇا؟ ۽ جڏھن اسين ماني ڀڃي کائون ٿا، تڏھن مسيح جي بدن ۾ شريڪ نہ آھيون ڇا؟ 17جيئن تہ ماني ھڪڙي آھي، تيئن جيتوڻيڪ، اسين گھڻا آھيون تہ بہ ھڪڙو بدن آھيون، ڇالاءِ⁠جو اسين سڀيئي انھيءَ ھڪڙيءَ مانيءَ ۾ شريڪ ٿا ٿيون. 18 يا وري بني اسرائيل تي نظر ڪريو. ڇا اھي قربانين کائڻ وارا قربان⁠گاھہ جي خدمت ۾ شريڪ نہ آھن؟ 19منھنجي چوڻ جو مقصد ھي ناھي تہ جيڪو کاڌو بتن تي قربان ڪجي ٿو سو ڪا شيءِ آھي يا بت پاڻ ڪا شيءِ آھي. 20 نہ، بلڪ منھنجو مقصد ھي آھي تہ جيڪي بتن تي قربانيون ڪيون وڃن ٿيون سي ڀوتن لاءِ آھن، نہ خدا لاءِ. سو آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ اوھين ڀوتن سان شريڪ ٿيو. 21اوھين خداوند جي پيالي ۽ ڀوتن جي پيالي ٻنھي مان پي نہ ٿا سگھو ۽ اوھين خداوند جي دسترخوان ۽ ڀوتن جي دسترخوان ٻنھي تي شريڪ ٿي نہ ٿا سگھو. 22 ڇا اسين خداوند کي ساڙ ٿا ڏياريون؟ ڇا اسين ھن کان وڌيڪ زورآور آھيون؟

ايمان وارن لاءِ آزادي

23 ڪن ماڻھن جي چوڻ مطابق ”سڀ شيون جائز آھن،“ ٺيڪ آھي، پر سڀيئي فائدي واريون نہ آھن. ”سڀ شيون جائز تہ آھن،“ ٺيڪ آھي، پر سڀيئي سڌارو نہ ٿيون آڻين. 24ھر ڪو ماڻھو پنھنجو ئي ڀلو نہ پر ٻئي جو ڀلو گھري. 25جيڪوبہ گوشت بازار ۾ وڪامي ٿو سو کائو، پر پنھنجي ضمير جي خاطر ڪوبہ سوال نہ پڇو. 26 جيئن لکيل آھي تہ ”زمين ۽ جيڪي ڪجھہ ان ۾ آھي، سو سڀ خداوند جو ئي آھي.“ 27جيڪڏھن ڪو غير مسيحي اوھان کي مانيءَ جي دعوت ڏئي ۽ اوھين قبول ڪريو تہ جيڪي ڪجھہ اوھان جي اڳيان رکيو وڃي، سو کائو ۽ پنھنجي ضمير خاطر ڪوبہ سوال نہ پڇو. 28پر جيڪڏھن ڪو اوھان کي ائين چوي تہ ”ھيءُ بتن تي قرباني ڪيل کاڌو آھي،“ تہ جنھن اوھان کي جتايو انھيءَ جي ڪري ۽ ضمير جي ڪري اھو نہ کائو. 29ضمير مان منھنجو مطلب اوھان جو ضمير نہ آھي، پر انھيءَ ٻئي ماڻھوءَ جو. ڀلا، منھنجي آزادي ٻئي جي ضمير جي ڪري ڇو ٿي پرکي وڃي؟ 30جيڪڏھن آءٌ شڪر ڪري ٿو کاوان تہ جنھن ڳالھہ جي لاءِ خدا جو شڪرانو ٿو ڪريان، تنھن جي ڪري مون کي ڇو ٿو بدنام ڪيو وڃي. 31تنھنڪري توڙي اوھين کائو يا پيئو، يا جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سڀ خدا جي جلوي خاطر ڪريو. 32اوھين ڪنھن کي بہ گمراھہ نہ ڪريو، توڙي جو اھي يھودي ھجن يا غير قوم يا خدا جي ڪليسيا. 33اھڙيءَ طرح آءٌ بہ ھر ڪنھن ڳالھہ ۾ سڀ ڪنھن کي راضي ٿو رکان. آءٌ پنھنجي فائدي جو نہ، پر گھڻن جي فائدي جو طالبو آھيان، انھيءَ لاءِ تہ جيئن کين ڇوٽڪارو ملي.

1.ڪرنٿين 11

1 اوھين منھنجي پيروي ڪريو، جيئن آءٌ مسيح جي پيروي ڪريان ٿو.

عورتن لاءِ عبادت جا آداب

2آءٌ اوھان جي ساراھہ انھيءَ لاءِ ٿو ڪريان جو اوھين سڀني ڳالھين ۾ مون کي ياد ڪندا آھيو ۽ جيڪي نصيحتون مون اوھان کي ڪيون آھن تن کي قائم رکندا ٿا اچو. 3آءٌ اوھان کي سمجھائڻ گھران ٿو تہ ھر مرد جو سر مسيح آھي، عورت جو سر مرد آھي ۽ مسيح جو سر خدا آھي. 4جيڪو مرد پنھنجو سر ڍڪي دعا ٿو گھري يا خدا جو ڪلام ٿو ٻڌائي، سو پنھنجي سر جي بي⁠حرمتي ٿو ڪري. 5جيڪا عورت پنھنجو سر اگھاڙو ڪري دعا ٿي گھري يا خدا جو ڪلام ٿي ٻڌائي، سا پنھنجي سر جي بي⁠حرمتي ٿي ڪري. اھو ائين آھي جيئن ڪنھن عورت جو مٿو ڪوڙيل ھجي. 6جيڪڏھن ڪا عورت پنھنجو سر نہ ٿي ڍڪي تہ وار بہ ڪترائي ڇڏي. پر جيڪڏھن ڪنھن عورت لاءِ وار ڪترائڻ يا ڪوڙائڻ شرم جھڙي ڳالھہ آھي، تہ پوءِ پنھنجو سر چادر سان ڍڪي. 7 مرد پنھنجو سر نہ ڍڪي، ڇالاءِ⁠جو ھو خدا جي صورت ۽ جلوو آھي، پر عورت مرد جو جلوو آھي. 8 ڇالاءِ⁠جو مرد عورت مان نہ، بلڪ عورت مرد مان ٺاھي ويئي آھي. 9ھائو، مرد عورت لاءِ نہ خلقيو ويو ھو، پر عورت مرد لاءِ خلقي وئي ھئي. 10سو ملائڪن جي اڳيان اختياري ڏيکارڻ لاءِ عورت کي سر ڍڪڻ گھرجي. 11تنھن ھوندي بہ خداوند جي پيرويءَ ۾ عورت مرد کان لاتعلق ناھي، نڪي مرد عورت کان لاتعلق آھي. 12ڇالاءِ⁠جو جيئن عورت مرد مان ٺاھي ويئي آھي، تيئن مرد عورت مان ڄڻيل آھي. پر سڀني شين جو ٺاھيندڙ خدا آھي. 13اوھين پاڻھي انصاف ڪري ڏسو. ڀلا اھو ڪو مناسب آھي ڇا تہ عورت مٿي اگھاڙي خدا کان دعا گھري؟ 14ڇا فطرت اوھان کي نہ ٿي سيکاري تہ وڏا وار مرد لاءِ بي⁠عزتيءَ جي شيءِ آھن؟ 15پر ڇا وڏا وار عورت لاءِ شان نہ آھن؟ ڇالاءِ⁠جو وڏا وار کيس پردي جي لاءِ ڏنا ويا آھن. 16جيڪڏھن ڪو انھيءَ بابت بحث مباحثو ڪرڻ گھري تہ کيس چئجو تہ ”مٿي اگھاڙي عورت جو دعا گھرڻ وارو دستور نہ اسان جو آھي نڪي خدا جي ڪليسيائن جو.“

خداوند جي يادگيريءَ ۾ ماني

17ھيٺين ھدايتن ۾ آءٌ اوھان جي ساراھہ نہ ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جي گڏ ٿيڻ سان فائدي کان وڌيڪ نقصان ٿو ٿئي. 18اول تہ مون کي ٻڌڻ ۾ آيو آھي تہ ڪليسيا جي گڏ ٿيڻ وقت اوھان ۾ اڻ⁠بڻت پيدا ٿئي ٿي ۽ انھيءَ ڳالھہ تي مون کي ٿورو گھڻو اعتبار بہ اچي ٿو. 19اوھان جي وچ ۾ تفرقا ضرور ھوندا تہ جيئن اھو صاف ظاھر ٿئي تہ اوھان مان ڪير سچا آھن. 20سو اوھين جڏھن بہ پاڻ ۾ گڏجو ٿا تڏھن اوھين جيڪي ڪجھہ کائو ٿا سو خداوند جي يادگيريءَ جي ماني ڪينھي. 21ڇالاءِ⁠جو جڏھن اوھين کائو ٿا، تڏھن ھر ڪو پنھنجي ماني ٻئي کان اڳ ۾ کايو ٿو وٺي. ھڪڙو بکايل رھجي وڃي ٿو تہ ٻيو نشي ۾ چور ٿيو پوي. 22ڇا کائڻ پيئڻ لاءِ اوھان کي پنھنجا گھر ڪونہ آھن؟ جن کي ڪابہ شيءِ ڪانہ آھي تن کي شرمندو ڪري ڪليسيا کي ڇو ٿا حقير سمجھو؟ آءٌ اوھان کي ڇا چوان؟ انھيءَ ڪري آءٌ اوھان جي ساراھہ ڪريان ڇا؟ يقيناً آءٌ اوھان جي ساراھہ ڪونہ ٿو ڪريان. 23جيئن تہ ھيءَ ڳالھہ مون کي خداوند کان ملي ۽ مون اھا اوھان تائين بہ پھچائي تہ جنھن رات خداوند عيسيٰ کي گرفتار ڪرايو ويو تنھن رات ھن ماني کنئي. 24پوءِ شڪرانو ادا ڪري ھن ماني ڀڃي چيو تہ ”ھي منھنجو بدن آھي، جيڪو اوھان جي واسطي آھي. منھنجي يادگيريءَ لاءِ ائين ڪندا رھجو.“ 25 اھڙيءَ طرح ھن کائڻ کان پوءِ پيالو بہ ورتو ۽ چيائين تہ ”ھيءُ پيالو اھو نئون عھد آھي جيڪو منھنجي رت جي وسيلي ڪيو ويو آھي. جڏھن بہ اھو پيئو تہ منھنجي يادگيريءَ لاءِ ائين ڪندا رھجو.“ 26مطلب تہ جڏھن بہ اوھين ھيءَ ماني کائو ٿا ۽ ھيءُ پيالو پيئو ٿا، تڏھن اوھين خداوند جي موت جو اظھار ٿا ڪريو، جيستائين ھو پاڻ موٽي اچي. 27تنھنڪري جيڪو بہ نالائقيءَ طور خداوند جي ماني کائيندو ۽ پيالو پيئندو، سو خداوند جو سندس بدن ۽ رت جي نسبت ۾ گنھگار ٿيندو. 28تنھنڪري پھريائين ھر ڪو ماڻھو پاڻ کي خيال سان جاچي ۽ پوءِ ھن مانيءَ مان کائي ۽ ھن پيالي مان پيئي. 29ڇالاءِ⁠جو جيڪو شخص کائي پيئي ٿو پر خداوند جي بدن جي صحيح سڃاڻپ نہ ٿو رکي، سو انھيءَ کائڻ پيئڻ ۾ پنھنجي لاءِ سزا ٿو ڪمائي. 30انھيءَ سبب ڪري اوھان مان گھڻا ڪمزور ۽ بيمار آھن ۽ ڪيترا تہ مري بہ ويا آھن. 31جيڪڏھن اسين پنھنجو پاڻ کي جاچيون ھا تہ اسان کي سزا نہ ملي ھا. 32جڏھن اسان کي سزا ٿي ملي تڏھن خداوند کان اسان جي تربيت ٿي ٿئي، تہ جيئن اسين دنيا سان گڏ ڏوھاري ثابت نہ ٿيون. 33تنھنڪري اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏھن اوھين کائڻ لاءِ گڏ ٿيو تہ ھڪ ٻئي لاءِ ترسو. 34جيڪڏھن ڪو بکايل ھجي تہ ڀلي پنھنجي گھر کائي، متان اوھان جو گڏ ٿيڻ سزا جو سبب نہ بڻجي. باقي ٻيون ڳالھيون جڏھن آءٌ ايندس تڏھن اچي ٺيڪ ڪندس.

1.ڪرنٿين 12

روحاني نعمتون

1ڀائرو ۽ ڀينرون، آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ روحاني نعمتن بابت اوھين بي⁠خبر رھو. 2اوھان کي خبر آھي تہ جڏھن اوھين ڪفر ۾ ھئا، تڏھن اوھان کي ڪنھن نہ ڪنھن نموني گمراھہ ڪري گونگن بتن ڏانھن نيو ويندو ھو. 3تنھنڪري آءٌ اوھان کي سمجھائڻ گھران ٿو تہ خدا جي روح جي اثر ھيٺ ڪوبہ نہ چوندو تہ عيسيٰ لعنتي آھي ۽ نہ وري ڪو پاڪ روح کان سواءِ چئي سگھندو تہ عيسيٰ خداوند آھي. 4 روحاني نعمتون تہ جدا جدا قسمن جون آھن، پر پاڪ روح تہ ھڪڙو ئي آھي. 5خدمتون جدا جدا قسمن جون آھن، پر خداوند تہ ھڪڙو ئي آھي. 6ڪم ڪرڻ جا طريقا جدا جدا قسمن جا آھن، پر خدا تہ ھڪڙو ئي آھي، جيڪو سڀني ماڻھن ۾ اھي سڀ ڪم ڪري ٿو. 7پر ھر ھڪ ماڻھوءَ مان پاڪ روح جو ظھور آھي، تہ جيئن سڀني جو فائدو ٿئي. 8ھڪڙي کي پاڪ روح جي وسيلي ڏاھپ جو ڪلام ڏنو وڃي ٿو ۽ ٻئي کي ساڳئي پاڪ روح جي وسيلي علميت جو ڪلام ڏنو وڃي ٿو. 9ڪنھن کي ساڳئي پاڪ روح جي وسيلي ايمان ٿو ملي ۽ ڪنھن کي انھيءَ ھڪڙي ئي پاڪ روح جي وسيلي شفا ڏيڻ جون نعمتون ملن ٿيون. 10پاڪ روح ڪنھن کي معجزن ڪرڻ جي طاقت ڏئي ٿو تہ ڪنھن کي پيغام ٻڌائڻ جي نعمت بخشي ٿو. ڪنھن کي سچن ۽ ڪوڙن روحن کي سڃاڻڻ جي لياقت ڏئي ٿو تہ ڪنھن کي قسمين قسمين ٻوليون ڳالھائڻ جي لياقت ڏئي ٿو ۽ ڪنھن کي انھن ٻولين جي ترجمي ڪرڻ جي قابليت ڏئي ٿو. 11پر اھي سڀيئي ڪم ھڪڙو ئي پاڪ روح ٿو ڪري، جيڪو پنھنجي مرضيءَ موجب ھر ڪنھن کي جدا جدا نعمتون ورھائي ٿو ڏئي.

عضوا گھڻا پر بدن ھڪ

12 جيئن بدن ھڪ ۽ ان جا عضوا گھڻا آھن ۽ بدن جا سڀ عضوا جيتوڻيڪ گھڻا آھن پر تڏھن بہ گڏجي ھڪڙو ئي بدن ٺاھن ٿا، تيئن مسيح بہ آھي. 13جھڙيءَ طرح اسان سڀني کي ھڪڙي ئي پاڪ روح جي وسيلي ھڪڙي ئي بدن ۾ بپتسما ملي آھي، توڙي جو ڪي يھودي، ڪي غير يھودي، ڪي غلام تہ ڪي آزاد ھئا، پر اسان سڀني کي ھڪڙو ئي پاڪ روح اندر ۾ ڏنو ويو. 14انسان جو بدن ھڪڙي عضوي جو نہ پر گھڻن جو ٺھيل آھي. 15جيڪڏھن پير چوي تہ ”آءٌ ھٿ نہ آھيان، تنھنڪري بدن جو حصو نہ آھيان،“ تہ ائين ٿي نہ ٿو سگھي تہ ھو بدن جو حصو نہ آھي. 16جيڪڏھن ڪن چوي تہ ”آءٌ اک نہ آھيان، تنھنڪري بدن جو حصو نہ آھيان،“ تہ ائين ٿي نہ ٿو سگھي تہ ھو بدن جو حصو نہ آھي. 17جيڪڏھن سڄو بدن اک ھجي ھا تہ ٻڌڻ ڪٿان ٿئي ھا؟ جيڪڏھن سڄو بدن ڪن ھجي ھا تہ سنگھڻ ڪٿان ٿئي ھا؟ 18حقيقت ۾ خدا عضون مان ھر ھڪ عضوي کي بدن ۾ پنھنجيءَ مرضيءَ موجب ترتيب سان رکيو آھي. 19جيڪڏھن اھي سڀ ھڪ عضوو ھجن ھا تہ بدن ڪٿي ھجي ھا؟ 20دراصل عضوا گھڻا آھن پر بدن ھڪڙو ئي آھي. 21اک ھٿ کي چئي نہ ٿي سگھي تہ ”مون کي تنھنجي ضرورت نہ آھي.“ يا وري مٿو پيرن کي چئي نہ ٿو سگھي تہ ”مون کي اوھان جي ضرورت ڪانھي.“ 22اٽلندو بدن جا اھي عضوا، جيڪي زيادہ نازڪ ڏسڻ ۾ ٿا اچن سي پاڻ وڌيڪ ضروري آھن. 23بدن جا اھي عضوا جن کي اسين خسيس ٿا سمجھون، تن جو ڏاڍو قدر ٿا ڪريون. اسان جا بي⁠زيبا عضوا ڏاڍي زيب وارا ٿا بڻجن. 24پر اسان جا زيب وارا عضوا خاص ڌيان جا محتاج نہ آھن. ڇالاءِ⁠جو خدا بدن کي اھڙيءَ طرح جوڙيو جو جيڪو خسيس عضوو ھو تنھن کي ڏاڍي عزت ڏنائين. 25انھيءَ لاءِ تہ جيئن بدن ۾ ڪو ڏڦيڙ نہ پوي ۽ سڀيئي عضوا ھڪ ٻئي جي ھڪجھڙي سنڀال ڪن. 26جيڪڏھن ھڪڙي عضوي کي ڏک رسي ٿو تہ سڀني عضون کي انھيءَ سان گڏ ڏک ٿو رسي. پر جيڪڏھن ھڪڙي عضوي جي خاص عزت ٿئي ٿي تہ انھيءَ سان گڏجي سڀ خوشي ڪن ٿا. 27سو اوھين سڀ گڏجي مسيح جو بدن آھيو ۽ ھر ھڪ سندس عضوو آھي. 28 خدا ڪليسيا ۾ الڳ الڳ شخص مقرر ڪيا آھن، پھريان رسول، ٻيا نبي، ٽيان استاد، پوءِ معجزا ڪندڙ، پوءِ شفا ڏيندڙ، مددگار، حڪومت ھلائيندڙ ۽ قسمين قسمين ٻوليون ڳالھائيندڙ. 29ڇا سڀيئي رسول آھن؟ ڇا سڀيئي نبي آھن؟ ڇا سڀيئي استاد آھن؟ ڇا سڀيئي معجزا ڪندڙ آھن؟ 30ڇا سڀني کي شفا ڏيڻ جون نعمتون مليل آھن؟ ڇا سڀيئي قسمين قسمين ٻوليون ڳالھائين ٿا؟ ڇا سڀيئي ترجمو ڪن ٿا؟ 31پر اوھين وڏين وڏين نعمتن جي خواھش ڪريو. ھاڻي آءٌ اوھان کي اڃا بہ وڌيڪ سٺو رستو ڏيکاريندس.

1.ڪرنٿين 13

محبت

1جيڪڏھن آءٌ ماڻھن توڙي ملائڪن جون ٻوليون ڳالھايان ٿو، پر مون ۾ محبت نہ آھي، تہ آءٌ وڄندڙ گھنڊ، يا ڇمڪندڙ جھانجھر آھيان. 2 جيڪڏھن مون کي نبين وانگر، ڳالھائڻ جي ڏات مليل ھجي، ۽ سڀيئي اسرار ۽ علم بہ ڄاڻيندو ھجان، ۽ مون ۾ جبلن کي ھٽائڻ جيترو ڪامل ايمان بہ ھجي، پر جيڪڏھن مون ۾ محبت نہ آھي، تہ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آھيان. 3جيڪڏھن آءٌ پنھنجو سڀ مال ملڪيت غريبن کي کارائي ڇڏيان، ۽ پنھنجي جان ڏيئي ڇڏيان، پر مون ۾ محبت نہ ھجي، تہ انھن مان مون کي ڪوبہ فائدو ڪونہ ٿيندو. 4محبت صبر ڪرڻ واري ۽ مھربان آھي، محبت حسد نہ ٿي ڪري. محبت پاڻ کي نہ ٿي پڏائي ۽ پنھنجي لاءِ ٻٽاڪون نہ ٿي ھڻي. 5محبت بدتميزي يا بي⁠ادبي نہ ٿي ڪري، محبت خودغرض نہ ٿي ٿئي، محبت جلدي نہ ٿي چڙي ۽ محبت بدگماني نہ ٿي ڪري. 6محبت بدڪاريءَ ۾ خوش نہ ٿي ٿئي، پر سچائيءَ ۾ خوش ٿئي ٿي. 7محبت پردو رکي ٿي، محبت يقين رکي ٿي، محبت اميد رکي ٿي، محبت سھي ٿي. 8محبت کي زوال ڪونھي. پر جتي بہ پيشنگوئيون ھونديون، سي ختم ٿي وينديون، يا جيڪي زبانون ھونديون، سي بند ٿي وينديون، يا جتي علم ھوندو تہ اتي اھو ميٽجي ويندو. 9ڇالاءِ⁠جو اسان جو علم ناقص ۽ اسان جي پيشنگوئي اڻ⁠پوري آھي. 10پر جڏھن ڪامل ايندو تہ ناقص ختم ٿي ويندو. 11جڏھن آءٌ ٻار ھوس، تڏھن ٻارن وانگر ڳالھائيندو ھوس، ٻارن وانگر سمجھندو ھوس، ۽ ٻارن وانگر خيال ڪندو ھوس. پر جڏھن آءٌ بالغ ٿيس، تڏھن ٻاراڻيون ڳالھيون ڇڏي ڏنم. 12ھاڻي اسين ڄڻ تہ آئيني ۾، چٽيءَ طرح نہ ٿا ڏسي سگھون، پر پوءِ روبرو ڏسنداسين. ھاڻي آءٌ ٿورو ٿورو سڃاڻان ٿو، پر پوءِ آءٌ پوريءَ طرح سڃاڻيندس، جھڙيءَ طرح خدا مون کي سڃاتو آھي. 13مطلب تہ ايمان، اميد ۽ محبت، اھي ٽيئي قائم آھن. پر انھن ٽنھي ۾، محبت اتم آھي.

1.ڪرنٿين 14

روحاني نعمتن بابت

1تہ پوءِ محبت جا طلبگار ٿيو ۽ شوق سان روحاني نعمتن لاءِ جاکوڙ ڪريو ۽ خاص ڪري خدا جي ڪلام ٻڌائڻ جي نعمت لاءِ. 2جيڪو عجيب ٻوليءَ ۾ ڳالھائي ٿو سو ماڻھن سان نہ پر خدا سان ڳالھائي ٿو، ڇاڪاڻ⁠تہ ڪوبہ سندس ڳالھہ نہ ٿو سمجھي. ھو روح جي وسيلي ڳجھيون ڳالھيون ٿو ڳالھائي. 3جيڪو خدا جو ڪلام ٻڌائي ٿو سو ماڻھن سان سندن سڌاري، نصيحت ۽ دلاسي جون ڳالھيون ٿو ڪري. 4جيڪو ماڻھو عجيب ٻوليءَ ۾ ٿو ڳالھائي سو رڳو پنھنجو سڌارو ٿو ڪري، پر جيڪو خدا جو ڪلام ٿو ٻڌائي سو ڪليسيا جو سڌارو ٿو ڪري. 5منھنجي مرضي آھي تہ اوھين سڀيئي عجيب ٻوليون ڳالھايو، پر وڌيڪ سٺو ائين آھي تہ خدا جو ڪلام ٻڌايو. جيڪو عجيب ٻوليون ٿو ڳالھائي سو جيڪڏھن ڪليسيا جي سڌاري لاءِ انھيءَ جو ترجمو نہ ٿو ڪري تہ انھيءَ کان خدا جو ڪلام ٻڌائيندڙ وڌيڪ سٺو آھي. 6اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن آءٌ اوھان وٽ اچان ۽ عجيب ٻوليون ڳالھايان تہ اوھان کي ڪھڙو فائدو پھچائيندس، جيستائين آءٌ اوھان سان ڪنھن مڪاشفي، يا علم، يا خدا جي ڪلام، يا تعليم جي وسيلي نہ ڳالھايان. 7بانسري ۽ سُرمنڊل جيڪي بي⁠جان شيون آھن، تن جي آوازن ۾ جيڪڏھن فرق نہ ھوندو تہ سُر جي خبر ڪيئن پئجي سگھندي؟ 8يا وري بگل جو آواز چِٽو نہ ھوندو تہ ڪير پاڻ کي جنگ جي لاءِ تيار ڪندو؟ 9اھڙيءَ طرح اوھين جيڪي زبان سان ڳالھائيندا سو جيستائين سمجھہ ۾ نہ ايندو، تيستائين ڪيئن خبر پوندي تہ اوھين ڇا ٿا ڳالھايو، ڄڻ تہ اوھين ھوا سان ٿا ڳالھايو. 10بيشڪ دنيا ۾ ڪيتريون ئي مختلف ٻوليون آھن، پر تن مان ڪابہ معنيٰ کان سواءِ نہ آھي. 11جيڪڏھن انھيءَ ٻوليءَ جي معنيٰ مون کي نہ ايندي تہ ڳالھائيندڙ منھنجي لاءِ ڌاريو ٿيندو ۽ آءٌ ڳالھائيندڙ لاءِ ڌاريو ٿيندس. 12سو اوھان، جن کي پاڪ روح جي نعمتن جي آرزو آھي، سي اھا ڪوشش ڪريو تہ اوھان جي روحاني نعمتن جي بھتر استعمال ڪري ڪليسيا جو سڌارو ٿئي. 13ھن ڪري تہ جيڪو ماڻھو عجيب ٻولي ڳالھائي ٿو، تنھن کي دعا گھرڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ ھو چوي ٿو تنھن جو ترجمو بہ ڪري سگھي. 14ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن آءٌ ڪنھن عجيب ٻوليءَ ۾ دعا گھرندس تہ منھنجو روح تہ دعا گھرندو پر عقل بيڪار رھندو. 15تڏھن آءٌ ڇا ڪندس؟ آءٌ روح سان بہ دعا گھرندس ۽ عقل سان بہ. آءٌ روح سان بہ ڳائيندس ۽ عقل سان بہ. 16پر جيڪڏھن تون رڳو روح سان دعا گھرندين تہ جنھن کي معنيٰ نہ ٿي اچي سو تنھنجي شڪراني جي دعا گھرڻ تي ڪيئن آمين چوندو؟ ڇاڪاڻ⁠تہ تون جيڪي چوين ٿو سو ھو سمجھي ئي ڪونہ ٿو. 17جيتوڻيڪ تون تہ چڱيءَ طرح خدا جو شڪرانو ٿو ڪرين پر ھن ٻئي جو تہ ڪوبہ سڌارو نہ ٿو ٿئي. 18آءٌ خدا جو شڪر ٿو ڪريان تہ آءٌ عجيب ٻوليون اوھان سڀني کان وڌيڪ ٿو ڳالھايان. 19پر ڪليسيا ۾ ٻين کي تعليم ڏيڻ لاءِ، ڏھہ ھزار عجيب ٻوليءَ وارا لفظ ڳالھائڻ جي بنسبت آءٌ پنج معنيٰ وارا لفظ ڳالھائڻ وڌيڪ پسند ٿو ڪريان. 20اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين ٻاراڻي سمجھہ نہ رکو. بڇڙائيءَ ۾ تہ ٻارڙا بڻجو، پر سمجھہ ۾ بالغ ٿيو. 21 شريعت ۾ لکيل آھي تہ ”آءٌ ھن قوم سان ڌاريون ٻوليون، ۽ ڌارين ماڻھن جي واتان ڳالھائيندس، تہ بہ ھو منھنجي نہ ٻڌندا.“ ھي خداوند فرمائي ٿو. 22تہ پوءِ عجيب ٻوليون ايمان وارن لاءِ نہ پر انھن لاءِ نشان آھن، جيڪي ايمان نہ ٿا آڻين ۽ خدا جو ڪلام ٻڌائڻ ايمان نہ آڻيندڙن لاءِ نہ، بلڪ ايمان وارن لاءِ نشان آھي. 23تنھن ھوندي بہ جيڪڏھن ساري ڪليسيا جا ماڻھو ھڪڙي ھنڌ گڏ ٿين ۽ سڀيئي عجيب ٻوليون ڳالھائين ۽ ڪي اوپرا ۽ ايمان نہ آڻيندڙ ماڻھو بہ اندر لنگھي اچن تہ ڇا اھي کين چريو نہ سمجھندا؟ 24پر جيڪڏھن سڀيئي خدا جو ڪلام ٻڌائيندا ۽ ڪو ايمان نہ آڻيندڙ يا اوپرو ماڻھو اندر لنگھي ايندو تہ اھو ٻڌي ھن کي پاڻ ۾ گناھہ نظر ايندا ۽ پرکجي ويندو. 25سندس دل جون لڪل ڳالھيون ظاھر ٿي پونديون ۽ ھو پيشاني رکي خدا جو سجدو ڪندو ۽ اقرار ڪندو تہ ”بيشڪ خدا اوھان ۾ آھي.“

ڪليسيا ۾ ترتيب

26تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آخر ڇا ڪجي؟ جڏھن اوھين گڏ ٿيو تڏھن ڪو گيت ڳائي، ڪو تعليم ڏئي، ڪو خدا جو ظاھر ڪيل پيغام ٻڌائي، ڪو عجيب ٻولي ڳالھائي ۽ ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر سڀ ڳالھيون ڪليسيا جي سڌاري لاءِ ھجڻ گھرجن. 27عجيب ٻوليءَ ۾ ٻہ يا لاچار ٽي ڄڻا ھڪ وقت واري واري تي ڳالھائين ۽ ڪوبہ ھڪ ڄڻو ترجمو ڪندو وڃي. 28پر جيڪڏھن ڪوبہ ترجمو ڪندڙ ڪونہ ھجي تہ ڳالھائيندڙ ماٺ ڪري ويھي رھي. ھو رڳو پاڻ سان ڳالھائي ۽ خدا سان. 29جيڪي خدا جو پيغام ٻڌائڻ چاھين، تن مان ٻہ يا ٽي ڳالھائين ۽ ٻين کي خيال سان پرکڻ گھرجي. 30پر جيڪڏھن ڪنھن ويٺل تي خدا جو پيغام ظاھر ٿئي تہ ڳالھائيندڙ بس ڪري کيس ڳالھائڻ ڏئي. 31اھڙيءَ طرح اوھين سڀيئي ھڪ ھڪ ٿي خدا جو پيغام ٻڌائي سگھو ٿا، تہ جيئن سڀيئي سکي سگھن ۽ سڀني جي ھمت⁠افزائي ٿئي. 32خدا جو پيغام ٻڌائيندڙن جا روح سندن ضابطي ھيٺ آھن. 33ڇالاءِ⁠جو خدا گڙٻڙ جو نہ، بلڪ امن امان جو خدا آھي. 34ايمان وارن جي سڀني ڪليسيائن موجب، ڪليسيائن جي گڏجاڻين ۾ عورتن کي چپ رھڻ گھرجي. ھنن کي ڳالھائڻ نہ کپي بلڪ کين تابعدار رھڻ گھرجي، جيئن شريعت ۾ بہ فرمايل آھي. 35جيڪڏھن اھي ڪجھہ بہ سکڻ گھرن تہ گھر ۾ پنھنجي پنھنجي مڙس کان پڇي معلوم ڪن. باقي ڪليسيا جي ميڙ ۾ ڳالھائڻ عورت لاءِ شرم جھڙي ڳالھہ آھي. 36ڇا خدا جو ڪلام اوھان کان شروع ٿي ھليو آھي؟ يا اھو رڳو اوھان وٽ ئي پھتو آھي؟ 37جيڪڏھن ڪو سمجھي ٿو تہ ھو خدا جو پيغام ٻڌائي سگھي ٿو، يا کيس روحاني نعمت مليل آھي تہ ان کي ڄاڻڻ کپي تہ جيڪي آءٌ لکان ٿو سي خداوند جا حڪم آھن. 38پر جيڪڏھن ڪو اھا ڳالھہ نہ ٿو مڃي تہ کيس نہ مڃجي. 39تنھنڪري اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! خدا جي ڪلام ٻڌائڻ ۾ دل لڳايو ۽ عجيب ٻوليون ڳالھائڻ کان منع نہ ڪريو. 40پر سڀ ڪجھہ چڱيءَ طرح ۽ ترتيب سان ھجڻ گھرجي.

1.ڪرنٿين 15

مسيح جو جِي اٿڻ

1ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اھا خوشخبري ياد ڏياريان ٿو، جيڪا اوھان کي ٻڌائي ھيم. اوھان اھا قبول ڪئي ۽ انھيءَ تي اوھين قائم بہ آھيو. 2اھا ئي خوشخبري آھي جا اوھان کي ٻڌائي ھيم. انھيءَ جي وسيلي اوھان کي نجات ملي ٿي، بشرطيڪ اوھين انھيءَ تي مضبوطيءَ سان پابند آھيو، نہ تہ اوھان جو ايمان آڻڻ اجايو آھي. 3 جيڪي مون کي مليو تنھن کي سڀ کان اھم سمجھي اوھان تائين پھچايم، تہ پاڪ لکتن موجب مسيح اسان جي گناھن جي واسطي مئو. 4 پوءِ ھو دفن ڪيو ويو ۽ پاڪ لکتن موجب ٽئين ڏينھن تي وري جي اٿيو. 5 ان سان گڏ پطرس ۽ بعد ۾ ٻارھن ئي رسولن کي ڏيکاري ڏنائين. 6تنھن کان پوءِ ھڪ ئي وقت پنجن سون کان وڌيڪ ايمان وارن کي ڏيکاري ڏنائين، جن منجھان گھڻا اڃا تائين جيئرا آھن، جيتوڻيڪ ڪجھہ مري ويا آھن. 7پوءِ وري ھن يعقوب ۽ بعد ۾ ٻين سڀني رسولن کي ڏيکاري ڏني. 8 سڀ کان پوءِ ھن مون کي بہ ڏيکاري ڏني، ڄڻ تہ آءٌ اڌوري وقت تي ڄائو ھوس. 9 ڇالاءِ⁠تہ آءٌ رسولن ۾ سڀني کان گھٽ آھيان ۽ رسول سڏجڻ جو بہ حقدار ناھيان، ڇوتہ خدا جي ڪليسيا کي ستايو ھوم. 10پر جيڪي ڪجھہ آھيان، سو خدا جي فضل سان آھيان ۽ خدا جو فضل مون تي اجايو نہ ھو. بلڪ مون ٻين سڀني رسولن کان وڌيڪ محنت ڪئي، تنھن ھوندي بہ آءٌ نہ، پر اھو خدا جو فضل ھو جيڪو مون ساڻ آھي. 11تہ پوءِ آءٌ ھجان يا اُھي، اسين سڀ ساڳي ئي تبليغ ڪريون ٿا ۽ اوھان انھيءَ تي ئي ايمان بہ آندو.

مُڙدن جو جِي اٿڻ

12ھاڻي جيڪڏھن تبليغ ڪجي ٿي تہ مسيح مئلن مان جِي اٿيو آھي، تہ اوھان مان ڪي ڪيئن چئي سگھن ٿا تہ مئل جيئرا ڪري نہ ٿا اٿارجن؟ 13پر جي مئل جيئرا ٿي نہ ٿا اٿن تہ پوءِ چئجي تہ مسيح بہ جِي ڪونہ اٿيو آھي. 14جيڪڏھن مسيح جِي ڪونہ اٿيو آھي، تہ پوءِ اسان جي تبليغ اجائي آھي ۽ اوھان جو ايمان بہ اجايو آھي. 15پوءِ تہ اسين خدا جي باري ۾ بہ ڪوڙا شاھد ٿي پياسين، ڇوتہ اسان شاھدي ڏني آھي تہ ھن مسيح کي جياريو. پر خدا کيس نہ اٿاريو، جيڪڏھن اھو سچ آھي تہ مئل نہ ٿا اٿارجن. 16جيڪڏھن مئل جياري نہ ٿا اٿارجن تہ پوءِ مسيح بہ نہ اٿاريو ويو آھي، 17۽ جيڪڏھن مسيح جياري نہ اٿاريو ويو آھي تہ اوھان جو ايمان اجايو آھي ۽ اوھين اڃا تائين پنھنجن گناھن ۾ غرق آھيو. 18تہ پوءِ چئجي تہ جيڪي⁠بہ مسيح تي ايمان آڻيندڙ مري چڪا آھن سي برباد ٿي ويا. 19جيڪڏھن اسان جي مسيح ۾ اميد رڳو ھن جھان لاءِ آھي تہ پوءِ اسين سڀني ماڻھن کان وڌيڪ رحم لائق آھيون. 20پر سچ⁠پچ مسيح مئلن مان جي اٿيو آھي ۽ سڀني مري ويلن جي پھرين مراد آھي. 21جھڙيءَ طرح ماڻھوءَ جي وسيلي موت آيو، تھڙيءَ طرح ماڻھوءَ جي ئي وسيلي مُڙدن جو جِي اٿڻ بہ آيو آھي. 22جيئن آدم جا ھئڻ ڪري سڀ مرن ٿا، تيئن ئي جيڪي مسيح جا ھوندا سي سڀ جياريا ويندا. 23پر ھر ڪو پنھنجي واري تي جياريو ويندو. ان جو پھريون ڦل مسيح آھي جيڪو جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ پوءِ ان جي وري اچڻ سان اُھي جيئرا ٿي اٿندا جيڪي مسيح جا آھن. 24پوءِ آخرت ٿيندي ۽ مسيح ھر حڪومت، ھر اختياريءَ ۽ طاقت کي برباد ڪري بادشاھت خدا يعني پيءُ جي حوالي ڪندو. 25 ڇالاءِ⁠جو مسيح کي تيستائين حڪمراني ڪرڻي آھي، جيستائين خدا سڀني دشمنن کي سندس قدمن ھيٺان نہ ڪري. 26آخري دشمن جيڪو ناس ٿيندو سو آھي موت. 27 ڇالاءِ⁠جو پاڪ ڪتابن ۾ لکيل آھي تہ ”خدا ھر ڪا شيءِ سندس قدمن ھيٺان ڪئي.“ ھاڻي جڏھن ائين چئجي ٿو تہ ھر ڪا شيءِ سندس ھٿ ھيٺ ڪئي ويئي آھي تہ ظاھر آھي تہ ان ۾ خدا پاڻ شامل نہ آھي، جنھن سڀڪا شيءِ مسيح جي ھٿ ھيٺ ڪئي آھي. 28ھاڻي جڏھن ھن ائين ڪيو آھي تہ پوءِ پٽ پنھنجو پاڻ خدا جي تابع ٿيندو. انھيءَ خدا سڀ شيون مسيح جي ھٿ ھيٺ ڪيون تہ جيئن سڀني ۾ خدا ئي سڀ ڪجھہ ھجي. 29جيڪڏھن مئل وري جِي نہ ٿا اٿن تہ مئلن جي حق ۾ بپتسما وٺندڙ ڇا ڪندا؟ جيڪڏھن مئل واقعي ئي جِي نہ ٿا اٿن تہ انھن جي حق ۾ ماڻھن کي بپتسما ڇو ٿي ڏني وڃي؟ 30جيستائين اسان جو واسطو آھي، اسين ھر گھڙيءَ پاڻ کي خطري ۾ ڇو ٿا رکون؟ 31اي ڀائرؤ! مون کي پنھنجي انھيءَ فخر جو قسم، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح سان گڏ ھئڻ ڪري اوھان تي آھي، تہ آءٌ ڏھاڙي موت جي منھن ۾ آھيان. 32 جيڪڏھن آءٌ اِفسس ۾ جھنگلي جانورن سان انساني خواھش جي ڪري وڙھيس تہ پوءِ مون کي ڪھڙو فائدو رسيو؟ جيڪڏھن مئل نہ ٿا اٿارجن تہ پوءِ ڇو نہ کائي پي وٺون، ڇوتہ سڀاڻي مري کپي وينداسين. 33ٺڳجي نہ وڃو. بري صحبت سٺيون عادتون بگاڙي ڇڏي ٿي. 34نيڪيءَ جي خاطر جاڳي پئو ۽ گناھہ نہ ڪريو، ڇاڪاڻ⁠تہ ڪي خدا کي نہ ٿا ڄاڻن. تنھنڪري ئي آءٌ چوان ٿو تہ اھا اوھان لاءِ شرم جي ڳالھہ آھي.

جيئرو ڪيل جسم

35ھاڻي ڪو چوندو تہ مئل ڪيئن اٿاريا وڃن ٿا؟ ۽ اھي وري ڪھڙي قسم جي بدن سان اچن ٿا؟ 36اي بي⁠وقوف! جيڪو ٻج پوکجي ٿو، سو جيستائين مري نہ ٿو تيستائين ڦٽي نہ ٿو. 37اھڙيءَ طرح جيڪو تون پوکين ٿو سو اھو جسم نہ آھي جيڪو پيدا ٿيڻ وارو آھي پر رڳو داڻو آھي، پوءِ اھو ڪڻڪ جو ھجي يا ڪنھن ٻي جنس جو. 38خدا کي جيئن وڻي ٿو تيئن انھيءَ ٻج کي جسم ڏئي ٿو، بلڪ ھر ھڪ ٻج کي پنھنجو پنھنجو جسم عطا ڪري ٿو. 39سڀني جو جسم ھڪجھڙو نہ ٿيندو آھي. انسانن جو جسم ھڪ قسم جو آھي تہ چوپاين جو ٻيءَ طرح، پکين جو ھڪڙو تہ مڇين جو ٻيو. 40آسماني جسم بہ آھن ۽ زميني بہ. پر آسمان وارن جو جلوو ھڪڙو آھي تہ زمين وارن جو وري ٻيو. 41سج جو ھڪ جلوو آھي تہ چنڊ جو وري ٻيو جلوو آھي ۽ تارن جو اڃا وري ٻيو جلوو آھي. ھر ھڪ تارو وري ٻئي تاري کان جلوي ۾ جدا جدا آھي. 42اھو ئي حال آھي مئلن جي جِي اٿڻ جو، يعني جيڪو جسم فنا جي حالت ۾ پورجي ٿو سو بقا جي حالت ۾ جيارجي ٿو. 43اھو بي⁠قدريءَ سان پورجي ٿو، پر جلوي سان جياريو وڃي ٿو. ڪمزوريءَ جي حالت ۾ پورجي ٿو ۽ طاقتور ڪري جياريو وڃي ٿو. 44نفساني جسم پورجي ٿو پر روحاني جسم ڪري جيارجي ٿو. جيڪڏھن نفساني جسم آھي تہ پوءِ روحاني جسم بہ آھي. 45 جيئن پاڪ لکتن ۾ آيل آھي تہ ”پھريون انسان آدم جيئرو جيءُ بڻيو.“ تہ پوءِ پويون آدم زندگي بخشيندڙ روح آھي. 46انھيءَ ھوندي بہ پھريائين روحاني نہ، پر جسماني ھو ۽ پوءِ روحاني ٿيو. 47پھريون ماڻھو زمين مان آيو ۽ خاڪي ھو، ٻيو ماڻھو آسمان مان آيو. 48جيڪي ڌرتيءَ وارا آھن سي انھيءَ وانگر آھن جيڪو مٽيءَ مان بڻيو ۽ جيڪي آسمان وارا آھن سي انھيءَ وانگر آھن جيڪو آسمان مان آيو. 49جھڙي نموني اسان کي ڌرتيءَ واري جي صورت ملي آھي، تھڙي نموني آسمان واري جي صورت بہ ملندي. 50اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منھنجي چوڻ جو مطلب آھي تہ خاڪي جسم وارو خدا جي بادشاھت جو وارث نہ ٿي سگھندو ۽ نہ ئي فاني، غير فانيءَ جو وارث بڻجي سگھي ٿو. 51 ٻڌو، آءٌ اوھان کي ھڪ راز ٻڌايان ٿو تہ اسين سڀ مري ڪونہ وينداسين پر سڀيئي بدلايا وينداسين، 52ھڪدم، اک ڇنڀ ۾، آخري صور جي ڦوڪڻ سان ئي. اھا صور ڦوڪي ويندي، مئل غير فاني حالت ۾ اٿاريا ويندا ۽ ائين اسين بدلايا وينداسين. 53جيڪو فاني آھي سو بقا جي پوشاڪ ضرور پائيندو ۽ مرڻ وارو دائمي حياتيءَ جي پوشاڪ پائيندو. 54 تنھنڪري جڏھن فانيءَ کي غير فاني ۽ مرڻ واري کي دائمي پوشاڪ پھرائي ويندي، تڏھن اھو لکيل قول سچو ثابت ٿيندو تہ ”موت نابود ٿي ويو، فتح پوري ٿي. 55 اي موت! ڪٿي آھي تنھنجي فتح؟ اي موت! ڪٿي آھي تنھنجو ڏنگ؟“ 56موت جو ڏنگ گناھہ ئي آھي ۽ گناھہ جي طاقت شريعت ئي آھي. 57پر خدا جو شڪر آھي جو ھو اسان کي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي فتح ٿو ڏئي. 58تہ پوءِ اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت⁠قدم رھو ۽ ھميشہ خداوند جي ڪم ۾ وڌندا ھلو، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ خداوند جي خدمت ۾ اوھان جو پورھيو اجايو نہ آھي.

1.ڪرنٿين 16

يروشلم جي ڪليسيا لاءِ چندو

1 ھاڻي آءٌ يروشلم جي ڪليسيا جي مدد لاءِ چندي بابت اوھان کي ٻڌايان ٿو. جيئن مون گلتيا جي ڪليسيائن کي ھدايت ڪئي ھئي، تيئن اوھين بہ ڪجو. 2ھر آچر جي ڏينھن تي اوھان مان ھر ھڪ پنھنجي ڪمائيءَ آھر ڪجھہ بچائي پاڻ وٽ رکي تہ جيئن منھنجي اچڻ تي چندي گڏ ڪرڻ جي ضرورت نہ پوي. 3پوءِ جڏھن آءٌ پھچان تڏھن اوھان جي مقرر ڪيل ماڻھن کي خط ڏيئي موڪليندس، تہ جيئن ھو اوھان جو نذرانو يروشلم ڏانھن کڻي وڃن. 4پر جيڪڏھن منھنجو وڃڻ بہ مناسب ٿي پيو تہ اھي مون سان گڏجي ھلندا.

مسافريءَ بابت رٿون

5 جيئن تہ منھنجو مڪدونيا وٽان گذرڻ جو ارادو آھي، سو آءٌ اتان ٿيندو پوءِ اوھان وٽ ايندس. 6شايد آءٌ اوھان وٽ ڪجھہ وقت ٽڪان، يا سڄو سيارو گذاريان، انھيءَ ڪري تہ جيئن مسافريءَ ۾ جيڏانھن بہ وڃان تہ اوھين مدد ڪري مون کي روانو ڪري سگھو. 7تنھنڪري آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ ھن وقت رستي ويندي اوھان سان ٿوري وقت لاءِ ملان. مون کي اميد آھي تہ جيڪڏھن خداوند چاھيو تہ اوھان سان ڪافي وقت گذاريندس. 8 پر اڃا آءٌ ھتي اِفسس ۾ پنتيڪُست جي عيد تائين رھندس. 9ڇالاءِ⁠جو ھتي اثرائتي ڪم ڪرڻ جو وڏو موقعو آھي، توڙي جو ڪيترائي مخالف آھن. 10 جيڪڏھن تيمٿيس اوھان وٽ اچي تہ خيال رکجو تہ جيئن ھو اوھان سان بي⁠ڊپو ٿي رھي، ڇالاءِ⁠جو ھو بہ خداوند جو ڪم ائين پيو ڪري جيئن آءٌ پيو ڪريان. 11تہ پوءِ ڪوبہ ھن کي گھٽ نہ سمجھي. کيس سک ۽ سلامتيءَ سان روانو ڪجو تہ جيئن ھو مون ڏانھن موٽي سگھي. ٻين ڀائرن سان سندس گڏجي اچڻ جو آءٌ انتظار پيو ڪريان. 12ھاڻي پنھنجي ڀاءُ اپلوس جي باري ۾ ھي آھي تہ مون ھن کي ڀائرن سان گڏجي اوھان ڏانھن اچڻ لاءِ زور ڀريو. ھن وقت سندس اچڻ جي مرضي اصلي ناھي پر موقعو مليس تہ ضرور ايندو.

آخري ھدايتون ۽ سلام

13سجاڳ رھو، ايمان تي قائم رھو، ھمت ڌاريو، مضبوط رھو. 14جيڪي ڪجھہ ڪريو سو پيار سان ڪريو. 15 اوھان کي استفناس ۽ سندس گھر جي ڀاتين بابت خبر آھي تہ اھي اخيا پرڳڻي ۾ پھريان شخص آھن جن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو. ھنن پاڻ کي خدا جي ماڻھن جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آھي. 16اي ڀائرؤ! آءٌ تاڪيد ٿو ڪريان تہ اھڙن ماڻھن ۽ جيڪي ⁠بہ انھن سان گڏجي ڪم ڪن ٿا، تن سڀني جي فرمانبرداري ڪريو. 17آءٌ استفناس، فرتُوناتس ۽ اخيڪُس جي اچڻ تي خوش آھيان، ڇوتہ انھن اھا جاءِ ڀري آھي جيڪا اوھان جي گھٽتائيءَ جي ڪري رھجي ويئي ھئي. 18ھنن منھنجي ۽ اوھان جي روح کي تازگي بخشي آھي. تنھنڪري اھڙن ماڻھن جو قدر ڪريو. 19 ايشيا پرڳڻي جون ڪليسيائون اوھان کي سلام ڏين ٿيون. اڪولا ۽ پرسڪلا ۽ سندن گھر ۾ گڏ ٿيندڙ ڪليسيا اوھان کي پرجوش مسيحي سلام ٿا ڏين. 20سڀيئي ڀائر ۽ ڀينرون اوھان کي سلام ٿا ڏين. ھڪ ٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام ڪجو. 21آءٌ پولس پنھنجن ھٿن سان ھي سلام لکان پيو. 22لعنت آھي ان تي جيڪو خداوند سان پيار نہ ٿو ڪري. اي اسان جا خداوند! اچ. 23شل اوھان تي خداوند عيسيٰ جو فضل ھجي. 24منھنجو پيار اوھان سڀني سان ھجي، جيڪي عيسيٰ مسيح جا آھيو. آمين.

2.ڪرنٿين 1

1 ھي خط پولس، جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب عيسيٰ مسيح جو رسول آھي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان لکجي ٿو. ھي خط ڪرنٿس شھر ۾ خدا جي ڪليسيا ۽ اخيا پرڳڻي ۾ رھندڙ سڀني ايمان وارن ڏانھن آھي. 2شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.

دلداري بخشيندڙ خدا

3ساراھہ ٿي ڪجي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي، جيڪو رحم وارو پيءُ ۽ پوريءَ طرح دلداري ڏيندڙ خدا آھي. 4ھو اسانجين سڀني مصيبتن ۾ اسان کي تسلي ٿو ڏئي، تہ جيئن اسين سندس مليل انھيءَ تسليءَ سان انھن کي دلداري ڏيئي سگھون، جيڪي ڪنھن مصيبت ۾ آھن. 5جيئن مسيح جا ڏک اسانجين زندگين ۾ حد کان وڌي وڃن ٿا، تيئن مسيح جي وسيلي اسان جي دلداري بہ حد کان وڌي وڃي ٿي. 6جيڪڏھن اسان تي مصيبت اچي ٿي تہ اھا اوھان جي دلداري ۽ ڇوٽڪاري لاءِ آھي. وري جيڪڏھن اسان کي دلداري ملي ٿي تہ اھا بہ اوھان جي ئي لاءِ آھي. اھا دلداري اوھان کي صبر سان ساڳين ڏکن کي سھڻ جي طاقت بخشي ٿي جيڪي اسين بہ سھون ٿا. 7اسان کي اوھان لاءِ پڪي اميد آھي، ڇوجو اسين ڄاڻون ٿا تہ اوھين جيئن اسان جي ڏکن ۾ شريڪ رھو ٿا تيئن اسان جي دلداريءَ ۾ بہ شريڪ رھندا. 8 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي انھن مصيبتن کان بي⁠خبر رکڻ نہ ٿا چاھيون، جيڪي ايشيا پرڳڻي ۾ ڀوڳيونسين. اسين برداشت کان ٻاھر بار ھيٺ دٻيل ھئاسين، ايتري تائين جو زندہ رھڻ جي اميد ئي ڇڏي ڏني ھئي سون. 9سچ⁠پچ تہ اسان پنھنجين دلين ۾ موت جي فتويٰ محسوس ڪئي، تان جو سکيوسين تہ پاڻ تي نہ، بلڪ خدا تي ڀاڙيون جيڪو مئلن کي جياري ٿو. 10سو ھن اسان کي موت جي اھڙي ڀوائتي تباھيءَ کان بچايو ۽ بچائيندو. ھن ۾ اميد آھي تہ اسان کي اڃا بہ بچائيندو رھندو. 11جيڪڏھن اوھين بہ پنھنجين دعائن جي وسيلي اسان جي مدد ڪندا، تہ پوءِ گھڻن ماڻھن جي دعائن سان جيڪا نعمت ملي آھي انھيءَ لاءِ اسان جي پاران گھڻا ماڻھو شڪرانو بجاءِ آڻيندا.

پولس جي رٿن ۾ ڦيرڦار

12اسان کي فخر آھي تہ اسان جو ضمير اسان کي پڪ ٿو ڏئي تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوھان سان جيڪو ورتاءُ ڪيو آھي، سو پاڪائيءَ ۽ سچائيءَ سان آھي. اھو سڀ ڪجھہ خدا جي طرفان آھي. اسان ائين دنياوي ڏاھپ موجب نہ، بلڪ خدا جي فضل موجب ڪيو آھي. 13اسين اوھان ڏانھن ڪا اھڙي ڳالھہ ڪونہ ٿا لکون، جيڪا اوھين پڙھي يا سمجھي نہ ٿا سگھو. 14اميد اٿم تہ اوھين پوريءَ طرح سمجھي ويندا. ھاڻي اوھين اسان کي رڳو ٿورو گھڻو سمجھو ٿا. پر جيئن خداوند عيسيٰ جي ڏينھن اوھين اسان تي فخر ڪري سگھو ٿا، تيئن اسين اوھان تي فخر ڪنداسين. 15جيئن ⁠تہ مون کي انھيءَ سموري ڳالھہ جي پڪ ھئي، تنھنڪري سڀ کان اڳ ۾ اوھان سان ملڻ جو ارادو ڪيم، تہ جيئن اوھان کي ٻٽيون برڪتون ملن. 16 تنھنڪري سوچيم تہ مڪدونيا ڏانھن ويندي ۽ وري اتان موٽندي اوھان سان ملان، تہ جيئن اوھين مون کي يھوديہ ڏانھن روانو ڪريو. 17تہ پوءِ جڏھن مون اھو ارادو ڪيو تہ ڪا ڦيرڦار ڪيم ڇا؟ يا جيڪي ڳالھيون آءٌ رٿيان ٿو سي دنياوي ماڻھن وانگر رٿيان ٿو ڇا؟ جو ڪڏھن ”ھا، ھا“ بہ ڪريان تہ ساڳئي وقت ”نہ، نہ“ بہ؟ 18پر قسم آھي خدا جي سچائيءَ جو تہ جيڪي ڪجھہ اسين اوھان کي چئون ٿا، ان ۾ ”ھائو“ ۽ ”نہ“ ٻہ معنائون ڪين آھن. 19 ڇالاءِ⁠جو خدا جو فرزند عيسيٰ مسيح جنھن جي تبليغ مون، سيلاس ۽ تيمٿيس اوھان ۾ ڪئي ھئي، اھو ”ھائو“ ۽ ”نہ“ ٻئي ڪين ھئا، پر ان ۾ ھميشہ ”ھائو“ ئي آھي. 20ڇالاءِ⁠جو خدا جا جيترا بہ واعدا آھن، سي سڀ مسيح جي ڪري ”ھائو“ سان آھن. انھيءَ ڪري ان جي وسيلي اسان کان ”آمين“ بہ ٿي، تہ جيئن خدا جو جلال ظاھر ٿئي. 21اھو خدا ئي آھي، جيڪو اسان ۽ اوھان کي مسيح سان گڏي ھڪ ڪري قائم ڪري ٿو. 22انھيءَ خدا اسان کي چونڊيو ۽ اسان جي دلين تي پنھنجي مالڪيءَ جي مُھر بہ ھنئي ۽ پاڪ روح اسان جي دلين ۾ وڌائين، جيڪو آئيندہ واعدي ڪيل نعمتن جو پھريون حصو آھي. 23آءٌ خدا کي شاھد ڄاڻي چوان ٿو تہ آءٌ ڪرنٿس ۾ انھيءَ لاءِ نہ آيس تہ متان اوھين رنج ٿيو. 24اسين ايمان جي باري ۾ اوھان تي حڪومت نہ ٿا ھلايون. پر اوھان جي خوشيءَ ۾ اوھان جا مددگار آھيون، ڇالاءِ⁠تہ ايمان جي وسيلي اوھين قائم آھيو.

2.ڪرنٿين 2

1مون پنھنجيءَ دل ۾ اھو پڪو ارادو ڪيو آھي تہ آءٌ وري اوھان وٽ غمگين ٿي نہ ايندس. 2ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن آءٌ اوھان کي غمگين ڪريان تہ مون کي سواءِ انھيءَ جي ڪير خوش ڪندو، جيڪو منھنجي ڪري غمگين ٿيو آھي، 3۽ مون انھيءَ ڪري اوھان کي لکيو ھو تہ متان جڏھن آءٌ اچان تہ جن کان مون کي خوشي ٿيڻ گھرجي، تن کان مون کي ڏک پھچي. ڇالاءِ⁠جو اوھان سڀني جي لاءِ آءٌ يقين رکان ٿو تہ منھنجي خوشيءَ ۾ ئي اوھان سڀني جي خوشي آھي. 4مون اوھان ڏانھن گھڻي ڏک ۽ دلگيريءَ سان ڳوڙھا ڳاڙيندي خط لکيو، انھيءَ لاءِ نہ، تہ اوھان کي غمگين ڪريان، پر ان ڪري جو اوھين ڄاڻو تہ منھنجو اوھان سان ڪيترو نہ گھڻو پيار آھي.

گنھگار لاءِ معافي

5جيڪڏھن ڪنھن مون کي رنجايو آھي تہ انھيءَ رڳو مون کي نہ، پر ٿورو گھڻو اوھان سڀني کي بہ رنجايو آھي. پر آءٌ انھيءَ ڳالھہ کي وڌائڻ نہ ٿو چاھيان. 6اھا سزا جيڪا اوھان مان گھڻن ماڻھن جي طرفان کيس ملي، سا اھڙي ماڻھوءَ لاءِ ڪافي آھي. 7ھاڻي ان جي بدران اوھان کي گھرجي تہ کيس معاف ڪريو ۽ تسلي ڏيو، متان اھو ماڻھو غم ۾ غرق نہ ٿي وڃي. 8تنھنڪري آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ کيس يقين ڏياريو تہ اوھين ساڻس پيار ٿا ڪريو. 9سو مون انھيءَ لاءِ اوھان کي لکيو تہ جيئن اوھان کي آزمايان ۽ ڏسان تہ اوھين سڀني ڳالھين ۾ منھنجا فرمانبردار آھيو يا نہ. 10جڏھن اوھين ڪنھن کي ڪا ڳالھہ معاف ڪريو ٿا تہ آءٌ بہ ان کي معاف ڪريان ٿو ۽ جيڪي مون معاف ڪيو آھي، جيڪڏھن ڪا معاف ڪرڻ جوڳي ڳالھہ ھئي تہ مسيح جي حضور ۾ اوھان جي خاطر معاف ڪئي اٿم. 11انھيءَ ڪري تہ متان اسين شيطان جي فريب ۾ ڦاسي نہ پئون، ڇوجو اسين سندس منصوبن کان بي⁠خبر نہ آھيون.

مسيح جي وسيلي فتح

12 جڏھن آءٌ مسيح جي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ تروآس ۾ آيس تہ خداوند جي طرفان مون لاءِ ھڪڙو در کلي پيو. 13تڏھن بہ منھنجي دل کي آرام نہ آيو، ڇالاءِ⁠جو مون پنھنجي ڀاءُ طيطس کي نہ ڏٺو. پوءِ اتان جي ماڻھن کان موڪلائي مڪدونيا ۾ ھليو آيس. 14پر خدا جو شڪر آھي، جيڪو اسان کي مسيح سان گڏي ھڪ ڪري سدائين سوڀ واري جلوس ۾ گھمائي ٿو ۽ اھڙيءَ طرح پنھنجي علم جي خوشبوءِ اسان جي وسيلي ھر ھنڌ پکيڙي ٿو. 15انھيءَ ڪري اسين خدا جي آڏو ڇوٽڪارو پائيندڙن ۽ تباھي حاصل ڪرڻ وارن ٻنھي لاءِ مسيح جي سرھاڻ آھيون. 16ھڪڙن جي واسطي مرڻ لاءِ موت جي بوءِ ۽ ٻين جي واسطي جيئڻ لاءِ زندگيءَ جي خوشبوءِ آھيون. ڪير اھا ذميواري کڻڻ جي لائق آھي؟ 17اسين انھن گھڻن ماڻھن وانگر نہ آھيون، جيڪي پنھنجي نفعي لاءِ خدا جي ڪلام جو غلط استعمال ڪن ٿا. پر اسين خدا جي طرفان ۽ دل جي سچائيءَ سان خدا کي حاضر ڄاڻي مسيح سان شامل ٿي ڳالھايون ٿا.

2.ڪرنٿين 3

نئين عھد جا خدمتگار

1اسين وري پنھنجي ساراھہ پاڻ ٿا ڪريون ڇا؟ يا اسان کي ڪن ماڻھن وانگر سفارشي خط اوھان وٽ آڻڻ يا وٺي وڃڻ جي ضرورت آھي ڇا؟ 2نہ، اسان جو خط تہ اوھين ئي آھيو، جيڪو اسان جي دلين تي لکيل آھي ۽ ان کي سڀ ماڻھو پڙھي ۽ سمجھي سگھن ٿا. 3 اھا ڳالھہ ظاھر آھي تہ اوھين مسيح جو لکيل خط آھيو، جيڪو اسان جي خدمت جي وسيلي موڪليو ويو آھي. اھو خط مس سان نہ پر زندہ خدا جي روح سان، پٿر جي سليٽن تي نہ پر ماڻھن جي دلين تي لکيل آھي. 4اسين مسيح جي وسيلي خدا تي اھڙو ئي يقين رکڻ جي دعويٰ ڪري سگھون ٿا. 5ائين نہ آھي تہ اسين پنھنجو پاڻ انھيءَ لائق آھيون جو ڪنھن ڪم جي دعويٰ ڪري سگھون، پر اسان جي لياقت خدا جي طرفان آھي. 6 اھو ئي آھي، جنھن اسان کي نئين عھد جي خادم ھئڻ جي لائق ڪيو. اھو عھد اکرن جو نہ پر پاڪ روح جو آھي، ڇالاءِ⁠جو اکر مارين ٿا پر روح جياري ٿو.

نئين عھد جو جلوو

7 ھاڻي موت وارو اھو عھد جيڪو پٿرن تي اُڪريل ھو، سو اھڙي تہ جلوي وارو ٿيو جو بني اسرائيل موسيٰ جي چمڪندڙ منھن ڏانھن غور سان نھاري نہ ٿي سگھيا، جيتوڻيڪ اھو جلوو جھڪو ٿيندو ٿي ويو. 8جيڪڏھن اھو موت وارو عھد ايترو جلوي وارو ھو، تہ پوءِ پاڪ روح جو عھد ڪيترو نہ وڌيڪ جلوي وارو ھوندو! 9جيڪڏھن اھو عھد جيڪو ڏوھاري ٿو بڻائي سو ايڏي جلوي وارو آھي، تہ پوءِ جنھن عھد جي ڪري ماڻھو سچار ٿو بڻجي سو تہ ضرور انھيءَ کان بہ وڌيڪ جلوي وارو ھوندو. 10ڇالاءِ⁠جو حقيقت ڪري جيڪو اڳ جلوي وارو ھو، سو ھن ٻئي تمام وڌيڪ جلوي واري جي ڀيٽ ۾ ڄڻ تہ بي⁠جلوي ٿي پيو. 11سو جيڪڏھن اھا فنا ٿيندڙ شيءِ جلوي واري ھئي تہ ھي بقا واري شيءِ ڪيترو نہ وڌيڪ جلوي واري ھوندي! 12تنھنڪري اسين اھڙي اميد جي ڪري وڏي دليريءَ سان ڳالھايون ٿا. 13 اسين موسيٰ وانگر نہ آھيون، جنھن پنھنجي منھن تي پردو وڌو تہ متان بني اسرائيل جلوي کي گھٽجندي ۽ فنا ٿيندي ڏسن. 14پر ھنن جون دليون موڳيون ٿي ويون، ڇوتہ اڄ ڏينھن تائين پراڻي عھدنامي جي پڙھڻ وقت اھو ساڳيو پردو رھي ٿو. اھو پردو انھن تان ايستائين نہ ٿو کڄي، جيستائين اھي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي نہ ٿا وڃن. 15پر اڄ ڏينھن تائين بہ جڏھن ھو موسيٰ جو ڪتاب پڙھن ٿا، تڏھن سندن دلين تي پردو پيل رھي ٿو. 16 مگر جڏھن بہ ڪنھن جي دل خداوند ڏانھن ڦري ايندي تڏھن اھو پردو کڄي ويندو. 17ھاڻي، اھو خداوند پاڪ روح آھي ۽ جتي خداوند جو اھو روح آھي اتي آزادي آھي. 18پر اسان جي چھرن تي پردو پيل نہ آھي، تنھنڪري اسين سڀيئي خداوند جي جلال کي آئيني وانگر ڏسندي ڏسندي سندس جلالي صورت ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون. اھو ڪم خداوند جو آھي جيڪو پاڪ روح آھي.

2.ڪرنٿين 4

مٽيءَ جي ٿانون ۾ روحاني خزانو

1سو اسان تي خدا جو اھڙو رحم ٿيو آھي، جو اسان کي ھيءَ خدمت ملي آھي. تنھنڪري اسين ھمت نہ ٿا ھاريون، 2بلڪ اسان بي⁠شرميءَ واريون ۽ لڪل ڳالھيون ڇڏي ڏنيون آھن. اسين ٺڳيءَ سان نہ ٿا ھلون ۽ نڪي خدا جي ڪلام ۾ ڦيرڦار ٿا ڪريون. اٽلندو سچ کي پڌرو ڪري خدا جي آڏو ھر ھڪ ماڻھوءَ جي دل ۾ پنھنجي نيڪي ٿا ڄمايون. 3پر جيڪڏھن اسان جي خوشخبريءَ تي پردو پيل آھي تہ اھا خوشخبري انھن جي ئي لاءِ ڍڪيل آھي جيڪي ناس ٿي رھيا آھن. 4اھي ايمان نہ ٿا آڻين، ڇالاءِ⁠تہ جنھن کي ھن زماني جا ماڻھو خدا ڪري مڃين ٿا ان خدا، يعني شيطان انھن جي عقل کي انڌو ڪري ڇڏيو آھي. ھو نہ ٿو چاھي تہ مسيح جيڪو خدا جي صورت آھي، تنھن جي جلال جي باري ۾ خوشخبريءَ جي روشني انھن تي پوي. 5ڏسو، اسين پنھنجي نہ پر عيسيٰ مسيح جي تبليغ ڪريون ٿا تہ ھو خداوند آھي. پنھنجي لاءِ ھيئن ٿا چئون تہ عيسيٰ جي خاطر اسين اوھان جا خادم آھيون. 6 ڇاڪاڻ⁠تہ خدا، جنھن فرمايو تہ ”اونداھيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنھن اھا اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن اسين عيسيٰ مسيح جي چھري کي ڏسي ڪري خدا جي شان کي سڃاڻي سگھون. 7پر اھو روحاني خزانو مٽيءَ جي ٿانون، يعني اسان جي جسمن ۾ رکيل آھي تہ جيئن خبر پوي تہ اھا تمام گھڻي قدرت اسان جي نہ پر خدا جي آھي. 8اسين ھر طرف کان مصيبتن ۾ دٻايا وڃون ٿا، پر چيڀاٽجي ڪونہ ٿا وڃون، پريشان تہ ٿيون ٿا پر نااميد نہ ٿا ٿيون. 9ستايل آھيون پر اڪيلا نہ ٿا ڇڏيا وڃون، ڪيرايل آھيون تڏھن بہ ناس نہ ٿيا آھيون. 10جھڙيءَ طرح عيسيٰ موت جھڙي زندگي گذاريندو ھو، تھڙيءَ طرح اسين بہ ھر وقت موت جي منھن ۾ آھيون، تہ جيئن عيسيٰ جي زندگي بہ اسان جي جسم ۾ ظاھر ٿئي. 11ڇالاءِ⁠جو اسين ھميشہ عيسيٰ جي خاطر جيئري ئي موت جي حوالي ڪيا ٿا وڃون، تہ جيئن عيسيٰ جي زندگي بہ اسان جي فاني جسم ۾ ظاھر ٿئي. 12ائين اسان ۾ موت، پر اوھان ۾ زندگي اثر ڪري ٿي. 13 پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ ”مون ايمان آندو، تنھنڪري مون ڳالھايو.“ اسان جو ايمان بہ ساڳيو ئي آھي. اھڙيءَ ريت اسين ايمان آڻيون ٿا، تنھنڪري ڳالھايون ٿا. 14اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جنھن خداوند عيسيٰ مسيح کي مئلن مان جياريو، سو اسان کي بہ عيسيٰ سان گڏ جياريندو ۽ اوھان سان گڏ پاڻ وٽ حاضر ڪندو. 15ھي سڀ ڪجھہ اوھان جي واسطي آھي. جيئن گھڻن ماڻھن جي ڪري فضل وڌيڪ ٿيندو پيو وڃي، تيئن شڪرانو بہ وڌندو پيو وڃي، جنھن سان خدا جي واکاڻ ٿئي ٿي.

ايمان سان زندگي گذارڻ

16تنھنڪري اسين ھمت نہ ٿا ھاريون. جيتوڻيڪ جسماني طرح اسين فنا ٿيندا ٿا وڃون، تڏھن بہ روحاني طرح ڏينھون ڏينھن نوبنو ٿيندا پيا وڃون. 17جيڪا مصيبت اسين سھون ٿا اھا ھلڪي ۽ ٿوري دير جي لاءِ آھي. اھا اسان جي لاءِ اھڙو دائمي جلوو پيدا ٿي ڪري جيڪو حد کان وڌيڪ ڳؤرو آھي. 18سو اسين ڏٺل شين تي نہ، بلڪ اڻ⁠ڏٺل شين تي نظر ڪريون ٿا. ڇالاءِ⁠جو جيڪي شيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون سي عارضي آھن ۽ جيڪي نہ ٿيون ڏسجن سي دائمي آھن.

2.ڪرنٿين 5

1ڇالاءِ⁠جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪڏھن اسان جو جسم جيڪو جھوپڙيءَ جھڙو ڪچو گھر آھي، ڊاھيو ويندو تہ اسان کي خدا کان آسمان تي ھڪڙو پڪو گھر ملندو. اھو ھٿن سان جوڙيل نہ آھي، بلڪ ھميشہ قائم رھندڙ آھي. 2ھاڻي اسين ڪنجھي رھيا آھيون ۽ ڪيڏي نہ وڏي تمنا پيا ڪريون تہ پنھنجي آسماني گھر کي پوشاڪ وانگر پھري ڇڏيون. 3جيڪڏھن ان کي اسان تي پھرايو ويو تہ اسين اگھاڙا نہ ٿينداسين. 4ڇالاءِ⁠جو اسين ھن جھوپڙيءَ ۾ رھي بار جي ھيٺان دٻجي ڪنجھي رھيا آھيون. اسين موجودہ جسم کي ڇڏڻ نہ ٿا چاھيون، پر ان تي آسماني گھر کي پوشاڪ وانگر پھرڻ چاھيون ٿا، تہ جيئن مرڻ ھارڪو جسم حياتيءَ ۾ بدلجي وڃي. 5اھو خدا ئي آھي، جنھن اسان کي انھيءَ تبديليءَ لاءِ تيار ڪيو آھي ۽ اڳواٽ ئي پاڪ روح ڏنو آھي. 6تنھنڪري اسان کي ھميشہ پوري خاطري ٿي رھي ۽ ڄاڻون ٿا تہ جيستائين ھي جسم اسان جو گھر آھي تيستائين اسين خداوند کان پري آھيون. 7ڇالاءِ⁠جو اسين جيڪا زندگي گذاري رھيا آھيون سا ايمان جي وسيلي آھي، اکين سان ڏسڻ جي ڪري نہ. 8مطلب تہ اسان کي پوري خاطري آھي ۽ ھن جسم واري گھر کي ڇڏي خداوند سان گڏ رھڻ وڌيڪ پسند ڪريون ٿا. 9بحرحال توڙي اسين پنھنجي جسم واري گھر ۾ ھجون يا نہ ھجون، اسان جو سڀ کان وڏو مقصد ھي آھي تہ خداوند کي خوش ڪريون. 10 ڇالاءِ⁠جو اسان سڀني کي مسيح جي عدالت اڳيان پيش ٿيڻو آھي، تہ جيئن ھر ڪنھن کي انھن ڪمن جو بدلو ملي، جيڪي ھن جسم ۾ رھي ڪيا آھن، پوءِ اھي چڱا ھجن يا بڇڙا.

صلح جو پيغام

11تنھنڪري خداوند جو خوف ڪندي اسين ماڻھن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اسان جو حال خدا کي معلوم آھي ۽ مون کي اميد آھي تہ اھو اوھان جي دلين تي بہ صاف ظاھر ٿيو ھوندو. 12اسين اوھان سان وري پنھنجي ساراھہ نہ ٿا ڪريون، پر اوھان کي وجھہ ٿا ڏيون تہ اسان تي فخر ڪريو، جيئن انھن ماڻھن کي جواب ڏيئي سگھو جيڪي دل تي نہ پر ظاھري ڳالھين تي فخر ڪن ٿا. 13جيڪڏھن ڪي سمجھن ٿا تہ اسين بي⁠خوديءَ جي حالت ۾ آھيون تہ خدا جي خاطر آھيون، پر جيڪڏھن ٺيڪ دماغ سان آھيون تہ اوھان جي خاطر آھيون. 14ھر حال ۾ مسيح جي محبت اسان کي مجبور ٿي ڪري، ڇالاءِ⁠جو اسين ھن نتيجي تي پھتا آھيون تہ جڏھن ھڪ شخص سڀني جي لاءِ مئو تہ سڀ مري ويا. 15ھو سڀني جي لاءِ انھيءَ ڪري مئو تہ جيڪي جيئرا آھن سي اڳتي پنھنجي لاءِ نہ پر ھن جي لاءِ جيئن، جيڪو انھن جي خاطر مري ويو ۽ وري جيئرو ٿي اٿيو. 16تنھنڪري ھن کان پوءِ اسين ڪنھن کي بہ جسماني طور نہ ٿا سڃاڻون. جيتوڻيڪ اسان مسيح کي بہ جسماني طور ڄاتو ھو، پر ھاڻي اسين ھن کي ائين نہ ٿا سڃاڻون. 17تنھنڪري جيڪڏھن ڪو مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھي تہ ھو نئون خلقيل آھي. پراڻيون ڳالھيون گذري ويون، ڏسو، ان جي نئين حالت شروع ٿي ويئي. 18ھي سڀ ڪجھہ خدا جي طرفان آھي، جنھن مسيح جي وسيلي اسان کي پاڻ سان ملايو ۽ صلح ڪرائڻ جي خدمت اسان جي حوالي ڪئي. 19منھنجو مطلب آھي تہ خدا مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ڪري سڀني ماڻھن کي پاڻ سان ملايو. سندن ڏوھن جو ڪو حساب نہ ڪيائين ۽ ميل ميلاپ جو پيغام اسان کي ڏيئي ڇڏيائين. 20تنھنڪري اسين مسيح جي پاران ايلچي آھيون، ڄڻ تہ خدا اسان جي وسيلي گھُر ٿو ڪري. سو اسين مسيح جي پاران اوھان کي منٿ ٿا ڪريون تہ خدا سان صلح ڪريو. 21مسيح گناھہ کان واقف نہ ھو، پوءِ بہ خدا کيس اسان جي بدلي گناھہ جي قرباني ٺھرايو، تہ جيئن مسيح سان گڏجي ھڪ ھئڻ ڪري اسان مان خدا جي سچائي ظاھر ٿئي.

2.ڪرنٿين 6

1اسين جيڪي خدا سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا آھيون، سي ھيءَ بہ منٿ ڪريون ٿا تہ خدا جو فضل جيڪو اوھان تي ٿيو آھي سو اجايو نہ وڃايو. 2 ڇالاءِ⁠جو خدا چوي ٿو تہ ”قبوليت جي وقت مون اوھان جي ٻڌي، ۽ ڇوٽڪاري جي ڏينھن مون اوھان جي مدد ڪئي.“ ڏسو، ھاڻي قبول پوڻ جو وقت آھي، ڏسو، ھاڻي ڇوٽڪاري جو ڏينھن آھي. 3اسين ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ ٿاٻڙجڻ جو وجھہ نہ ٿا ڏيون، متان اسان جي خدمت مان عيب نڪري. 4پر ھر حالت ۾ پاڻ کي خدا جا خادم ڄاڻائڻ لاءِ اسين ڏاڍي صبر سان مصيبتن، ضرورتن ۽ تنگ حالتن کي منھن ٿا ڏيون. 5 اسان کي چھبڪن سان ماريو ويو، قيد ڪيو ويو ۽ اسان تي حملو ڪيو ويو. اسان کان سخت محنت ڪرائي ويئي، اوجاڳا ۽ فاقا ڪڍايا ويا. 6تڏھن بہ پاڪيزگي، علم، بردباري، مھرباني، پاڪ روح جي موجودگي ۽ خالص محبت ذريعي اسان پاڻ کي خدا جو خادم ثابت ڪيو. 7اسين سچو ڪلام خدا جي قدرت سان ٻڌايون ٿا. حملي ۽ بچاءَ لاءِ اسان کي سچائيءَ جا ھٿيار آھن. 8اسان جي عزت بہ ڪئي وڃي ٿي ۽ بي⁠عزتي بہ. اسان جي بدنامي بہ ڪئي وڃي ٿي ۽ نيڪنامي بہ. ڪي اسان کي ٺڳ سمجھن ٿا، جيتوڻيڪ اسين سچار آھيون. 9اسين گمنام سمجھيا وڃون ٿا تڏھن بہ مشھور آھيون. مُڙدن وانگر آھيون تڏھن بہ ڏسو، اسين جيئون پيا. اسين سزا کاڌل آھيون تڏھن بہ ماري وڌل نہ آھيون. 10اسين ڏک تہ سھون ٿا، پر تڏھن بہ ھميشہ خوش ٿا رھون. غريب سمجھيا وڃون ٿا تڏھن بہ گھڻن کي شاھوڪار ٿا ڪريون. سڃا⁠سکڻا آھيون تڏھن بہ اسان وٽ سڀ ڪجھہ آھي. 11اي ڪرنٿس جا دوستو! اسان کُليءَ طرح اوھان سان ڳالھايو آھي ۽ اسان جون دليون اوھان لاءِ ڪشاديون آھن. 12اوھان لاءِ اسان جون دليون تنگ نہ آھن، پر اوھان جي دلين ۾ اسان لاءِ تنگي آھي. 13ھاڻي آءٌ اوھان کي پنھنجا ٻار سمجھي چوان ٿو تہ اوھين بہ ساڳيءَ طرح پنھنجون دليون ڪشاديون ڪريو. ايمان نہ آڻيندڙن جي اثر کان خبردار رھو 14جيڪي مسيح تي ايمان نہ ٿا رکن تن جو ساٿ نہ ڏيو، ڇالاءِ⁠جو سچائي ۽ بدڪاري ڪيئن گڏ رھنديون؟ يا روشني ۽ اونداھيءَ جي وچ ۾ ڪھڙو لاڳاپو آھي؟ 15مسيح جي شيطان سان ڪھڙي برابري آھي؟ مسيح تي ايمان آڻيندڙ جو ايمان نہ آڻيندڙ سان ڪھڙو واسطو آھي؟ 16 خدا جي گھر جو بتن سان ڪھڙو لاڳاپو آھي؟ ڇالاءِ⁠جو اسين جيئري خدا جو گھر آھيون. جھڙيءَ طرح خدا فرمايو آھي تہ ”آءٌ انھن ۾ رھندس ۽ انھن ۾ گھمندس ڦرندس، آءٌ انھن جو خدا ٿيندس ۽ ھو منھنجا ماڻھو ٿيندا.“ 17 تنھنڪري خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوھين انھن مان نڪري اچو ۽ الڳ ٿي وڃو، ۽ ڪنھن بہ پليت شيءِ کي ھٿ نہ لايو، تہ آءٌ اوھان کي قبول ڪندس. 18 آءٌ اوھان جو پيءُ ٿيندس ۽ اوھين منھنجا پٽ ۽ ڌيئرون ٿيندا. خداوند قادرِمطلق ائين ٿو فرمائي.“

2.ڪرنٿين 7

1اي پيارا دوستو! جڏھن اسان سان اھڙا واعدا ڪيا ويا آھن، تہ پوءِ اچو تہ پاڻ کي ھر انھيءَ شيءِ کان پاڪ ڪريون جيڪا اسان جي جسم ۽ روح ٻنھي کي پليت ڪري ٿي ۽ خدا جو خوف رکندي مڪمل طرح پاڪ ٿي وڃون.

پولس جي خوشي ۽ تسلي

2اسان کي پنھنجين دلين ۾ جاءِ ڏيو. اسان ڪنھن سان بہ ظلم نہ ڪيو آھي، نڪي ڪنھن کي بگاڙيو آھي ۽ نڪي ڪنھن کي ٺڳيو آھي. 3آءٌ اوھان تي الزام ھڻڻ خاطر ائين نہ ٿو چوان، ڇالاءِ⁠جو مون اڳي ئي چئي ڇڏيو آھي تہ اوھان لاءِ اسانجين دلين ۾ اھڙي جاءِ آھي جو اسين جيئڻ ۽ مرڻ ۾ ھميشہ گڏ آھيون. 4مون کي اوھان تي تمام گھڻو اعتبار آھي. آءٌ اوھان تي ڏاڍو فخر ٿو ڪريان. مون کي پوري تسلي آھي. تنھنڪري جيڪا بہ مصيبت اسان تي اچي ٿي، تنھن ۾ آءٌ تمام گھڻو خوش رھندو آھيان. 5 جڏھن اسين مڪدونيا ۾ آياسين تڏھن بہ اسان کي آرام نہ مليو، پر ھر طرف کان مصيبت ۾ گرفتار ٿي وياسين. ٻاھر جھيڙا جھڳڙا ھئا ۽ اندر خوف خطرا. 6پر خدا، جيڪو دلگيرن کي تسلي ڏيندڙ آھي، تنھن طيطس جي اچڻ تي اسان کي تسلي ڏني. 7اسان کي نہ رڳو ھن جي اچڻ ڪري تسلي ملي، پر انھيءَ تسليءَ جي ڪري بہ جيڪا ھن کي اوھان کان ملي. ھن اسان کي ٻڌايو تہ اوھين مون کي ڏسڻ لاءِ ڪيترو نہ شوق رکو ٿا، ڪيڏو نہ غم اٿوَ ۽ منھنجي ساٿ ڏيڻ لاءِ ڪيترو نہ تيار آھيو. انھيءَ ڪري آءٌ اڃا بہ وڌيڪ خوش ٿيس. 8جيتوڻيڪ منھنجي خط اوھان کي غمگين ڪيو، تڏھن بہ ان لکئي تي آءٌ نہ ٿو پڇتايان. جيڪڏھن پڇتايو ھوم تہ اھو ڏسي ڪري تہ خط اوھان کي صرف ٿوري دير لاءِ غمگين ڪيو. 9ھاڻي آءٌ خوش آھيان، انھيءَ لاءِ نہ تہ اوھين غمگين ٿيا آھيو، پر انھيءَ لاءِ تہ اوھان جي غمگينيءَ جو اھو نتيجو نڪتو جو اوھان توبھہ ڪئي. سو اوھان جي غمگيني خدا جي مرضيءَ موجب ھئي، تنھنڪري اسان جي طرفان اوھان کي ڪنھن بہ قسم جو نقصان نہ پھتو. 10ڇالاءِ⁠جو اھڙو غم جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب آھي سو توبھہ پيدا ٿو ڪري. اھڙي توبھہ جنھن جو نتيجو ڇوٽڪارو آھي، تنھن ۾ ڪوبہ پڇتاءُ نہ ٿو ٿئي. پر دنياوي غم موت پيدا ٿو ڪري. 11ڏسو، اوھان جي غمگيني جيڪا خدا جي مرضيءَ موجب ھئي، تنھن اوھان ۾ ڪھڙي نہ سرگرمي ۽ پاڻ کي بي⁠ڏوھي ثابت ڪرڻ لاءِ شوق پيدا ڪيو، ڪھڙي نہ رنجش، ڪھڙو نہ خوف، ڪھڙي نہ سڪ ۽ ڪھڙو نہ شوق پيدا ڪيو ۽ اوھين ڪھڙيءَ طرح بدڪار کي سيکت ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا. اوھان ھر طرح سان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ اوھين ھن معاملي ۾ بي⁠ڏوھي آھيو. 12جيتوڻيڪ مون اوھان ڏانھن لکيو ھو، سو نہ تہ انھيءَ لاءِ جنھن ڏوھہ ڪيو ۽ نڪي ان لاءِ جنھن جو ڏوھہ ڪيائين. پر لکڻ جو مقصد ھو تہ اوھان کي جيڪا اسان لاءِ ڳڻتي آھي سا خدا جي آڏو اوھان تي ظاھر ٿئي. 13تنھنڪري اسان کي تسلي ملي آھي. انھيءَ تسليءَ کان سواءِ اسان کي طيطس جي خوشيءَ جي ڪري بہ نھايت گھڻي خوشي ٿي. ڇالاءِ⁠جو اوھان سڀني جي مدد سان ھن جي دل کي سڪون مليو آھي. 14پر جيڪڏھن مون ھن جي اڳيان اوھان جي بابت ڪو فخر ظاھر ڪيو ھو تہ آءٌ شرمندو نہ ٿيو ھوس. ڇالاءِ⁠جو جيئن اسان اوھان کي سڀ ڳالھيون سچائيءَ سان چيون آھن، تيئن جيڪو فخر مون طيطس جي اڳيان ڪيو ھو سو بہ سچو ثابت ٿيو. 15جڏھن ھن کي اوھان سڀني جي فرمانبرداري ياد ٿي اچي تہ ڪھڙيءَ طرح ادب ۽ تابعداري ڪندي اوھان ھن سان گڏيا ھئا، تڏھن سندس دلي محبت اوھان لاءِ گھڻي وڌي ٿي وڃي. 16آءٌ خوش آھيان، ڇالاءِ⁠جو ھر ڳالھہ ۾ مون کي اوھان جي طرفان خاطري آھي.

2.ڪرنٿين 8

سخاوت ڪرڻ

1 ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي خدا جي انھيءَ فضل بابت ٻڌايون ٿا، جيڪو مڪدونيا جي ڪليسيائن تي ٿيو آھي. 2مصيبت جي وڏي آزمائش ۾ انھن جي خوشي وڌي ويئي ۽ بيحد غريب ھوندي بہ سندن سخاوت جي دولت گھڻي وڌي ويئي. 3آءٌ شاھدي ٿو ڏيان تہ انھن پنھنجي حيثيت آھر، بلڪ پنھنجي حيثيت کان بہ وڌيڪ ڏنو ۽ پاڻمرادو ڏنو. 4ھنن اسان کي ڏاڍي منٿ ۽ زاريءَ سان عرض ڪيو تہ کين ھي موقعو ڏنو وڃي تہ جيئن ھو يھوديہ جي ايمان وارن لاءِ خدمت ۾ شريڪ ٿي سگھن. 5انھن نہ رڳو اسان جي اميد آھر ڏنو، بلڪ پنھنجو پاڻ کي پھريائين خداوند جي ۽ پوءِ خدا جي مرضيءَ موجب اسان جي حوالي ڪيائون. 6تنھنڪري اسان طيطس کي ھدايت ڪئي تہ جيئن ھن پھريائين اھو سخا جو ڪم شروع ڪيو ھو، تيئن اوھان ۾ پورو بہ ڪري. 7پر جيئن اوھان ھر ڳالھہ ۾ يعني ايمان آڻڻ ۽ ڪلام ڪرڻ ۾، علم ۽ ھر طرح جي سرگرميءَ ۾ ۽ انھيءَ محبت ۾ جيڪا اسان سان رکو ٿا وڌندا ٿا وڃو، تيئن ھن سخاوت جي ڪم ۾ بہ وڌندا وڃو. 8آءٌ اوھان کي حڪم ڏيندي ائين نہ ٿو چوان، پر انھيءَ لاءِ چوان ٿو تہ ٻين جي سرگرميءَ سان اوھان جي محبت جي سچائيءَ کي بہ آزمايان. 9ڇالاءِ⁠جو اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي فضل کي ڄاڻو ٿا. جيتوڻيڪ ھو دولتمند ھو تڏھن بہ اوھان جي خاطر غريب ٿي ويو، تہ جيئن سندس غريبيءَ جي ڪري اوھين دولتمند ٿي وڃو. 10انھيءَ ڳالھہ بابت آءٌ پنھنجي راءِ ٿو ڏيان، جيڪا اوھان جي لاءِ فائدي واري آھي. اوھين گذريل سال نہ رڳو انھيءَ ڪم شروع ڪرڻ ۾، پر ارادي ڪرڻ ۾ بہ پھريان ھئا. 11تنھنڪري ھاڻي انھيءَ ڪم کي پورو ڪريو، ڇالاءِ⁠جو جيئن اوھان شوق سان ارادو ڪيو ھو تيئن پنھنجي طاقت آھر انھيءَ کي پورو بہ ڪريو. 12ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ڏيڻ جي نيت ھوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنھن ماڻھوءَ وٽ ھوندو تنھن موجب سندس نذرانو خدا قبول ڪندو، نہ انھيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آھي. 13آءٌ ائين نہ ٿو چاھيان تہ ٻين کي آرام ملي ۽ اوھان کي تڪليف ملي، پر ھڪجھڙائي ھجي. 14ھن وقت جيڪا اوھان وٽ گھڻائي آھي سا ھنن جي گھرج پوري ڪري، تہ جيئن ھنن وٽ جيڪا گھڻائي ٿئي سا اوھان جي ڪمي پوري ڪري. اھڙيءَ طرح ھڪجھڙائي ٿي ويندي. 15 جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ ”جنھن گھڻو گڏ ڪيو، تنھن وٽ وڌيڪ نہ بچيو، ۽ جنھن ٿورو گڏ ڪيو، تنھن وٽ گھٽتائي ڪانہ ٿي.“

طيطس ۽ ان جا ساٿي

16خدا جو شڪر آھي، جيڪو طيطس جي دل ۾ اوھان لاءِ مون جھڙي سرگرمي پيدا ڪري ٿو. 17ڇالاءِ⁠جو ھن نہ رڳو اسان جي ھدايت کي مڃيو پر ڏاڍي سرگرميءَ ۽ پنھنجي خوشيءَ سان اوھان ڏانھن اچي رھيو آھي. 18ھن سان گڏ اسان انھيءَ ڀاءُ کي بہ موڪليون ٿا، جنھن جي تعريف خوشخبري ڦھلائڻ جي ڪري سڀني ڪليسيائن ۾ ٿيندي آھي. 19نہ رڳو ايترو پر ڪليسيائن ھن نذراني کي پھچائڻ جي لاءِ کيس اسان سان گڏ سفر ڪرڻ واسطي مقرر ڪيو ھو. اسين ھيءَ خدمت انھيءَ لاءِ ٿا ڪريون تہ جيئن انھيءَ منجھان اسان جو شوق ظاھر ٿئي ۽ خدا جي واکاڻ ٿئي. 20اسين اھا خبرداري ٿا ڪريون تہ متان اسان کي انھيءَ وڏيءَ بخشش جي خدمت جي باري ۾ ڪوبہ ماڻھو الزام ڏئي. 21 ڇالاءِ⁠جو اسان جو مقصد ھي آھي تہ اسين اھي ڳالھيون ڪريون، جيڪي نہ رڳو خداوند جي نظر ۾ پر ماڻھن جي نظر ۾ بہ چڱيون ھجن. 22اسين انھن سان گڏ پنھنجي ھڪڙي ٻئي ڀاءُ کي موڪليون ٿا. ھن کي ڪيترائي ڀيرا اسان گھڻين ڳالھين ۾ آزمائي سرگرم ڏٺو آھي. ھاڻي تہ ھو وڌيڪ سرگرم آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ کيس اوھان تي وڏو ڀروسو آھي. 23طيطس جي باري ۾ ھي آھي تہ ھو منھنجو شريڪ ۽ اوھان جي خدمت ڪرڻ ۾ مون سان گڏ آھي. اسان جي ٻين ڀائرن جي باري ۾ ھي آھي تہ اھي ڪليسيائن جا نمائندا آھن ۽ مسيح جي واکاڻ جو سبب آھن. 24تنھنڪري اوھين پنھنجي محبت ۽ اوھان تي اسان کي جيڪو فخر آھي، سو ڪليسيائن جي آڏو انھن کي ثابت ڪري ڏيکاريو.

2.ڪرنٿين 9

ايمان وارن لاءِ امداد

1ايمان وارن لاءِ جيڪا خدمت ڪجي ٿي، تنھن بابت مون کي اوھان ڏانھن لکڻ جي ڪابہ ضرورت نہ آھي. 2ڇالاءِ⁠جو مون کي خبر آھي تہ اوھين مدد ڪرڻ لاءِ شوق رکو ٿا. جنھن جي ڪري آءٌ مڪدونيا پرڳڻي جي ماڻھن اڳيان اوھان تي فخر ٿو ڪريان تہ اوھين اخيا پرڳڻي جا ماڻھو گذريل سال کان مدد ڪرڻ لاءِ تيار آھيو. اوھان جي سرگرميءَ انھن مان گھڻن کي جوش ڏياريو آھي. 3پر مون پنھنجن ڀائرن کي انھيءَ لاءِ موڪليو آھي تہ جيڪو فخر آءٌ اوھان تي ڪريان ٿو سو ھن ڳالھہ ۾ خالي لفظن وانگر ثابت نہ ٿئي، بلڪ جيئن مون چيو آھي تيئن اوھين تيار رھجو. 4ائين نہ ٿئي جو جيڪڏھن مڪدونيا جا ڪي ماڻھو مون سان گڏ اچن ۽ اوھان کي تيار نہ ڏسن، تہ پوءِ اوھان تي ڪيل اعتبار جي ڪري نہ رڳو اسان کي پر اوھان کي بہ شرمندو ٿيڻو پوي. 5تنھنڪري مون ڀائرن کي اھو تاڪيد ڪرڻ ضروري سمجھيو تہ ھو اڳواٽ اوھان وٽ اچن ۽ جنھن نذراني جو اوھان انجام ڪيو آھي، سو پھريائين تيار ڪري رکن، تہ جيئن اھو زور زبردستيءَ سان گڏ ڪيل نہ، پر بخشش وانگر معلوم ٿئي. 6ياد رکو تہ جيڪو ٿورو ٻج ٿو پوکي سو لڻندو بہ ٿورو ۽ جيڪو گھڻو ٿو پوکي سو لڻندو بہ گھڻو. 7جيئن ھر ڪنھن ماڻھوءَ دل ۾ جيترو ڏيڻ جو ارادو ڪيو آھي تيئن اوترو ئي ڏئي، نہ ڪُرڪي ڪنجھي ۽ نڪي لاچاريءَ سان، ڇوتہ خدا خوشيءَ سان ڏيڻ واري کي پيار ٿو ڪري. 8خدا اوھان تي ھر طرح جو فضل وڌائي سگھي ٿو، تہ جيئن ھر شيءِ اوھان وٽ ھر وقت ۽ ھر حالت ۾ اوھان جي ضرورت کان گھڻي ھجي ۽ اوھين ھر نيڪ ڪم ۾ وڌندا وڃو. 9 جيئن پاڪ لکت ۾ آھي تہ ”ھن ڪثرت سان ورھايو آھي، ھن غريبن کي ڏنو آھي،

ھن جي سخاوت ھميشہ تائين

قائم رھندي.“ 10 خدا، جيڪو پوکيندڙ کي ٻج ۽ کائڻ لاءِ ماني ٿو ڏئي، سو اوھان کي بہ پوکڻ لاءِ ٻج ڏيندو ۽ انھيءَ کي وڌائيندو. اھو ئي اوھان جي سخاوت جو ڦل بہ وڌائيندو. 11اوھين ھر شيءِ ۾ آسودگي ڏسي ھر طرح جي سخاوت ڪندا، جيڪا اسان جي معرفت خدا جي شڪرگذاريءَ جو سبب ھوندي. 12ڇالاءِ⁠جو ھن خدمت انجام ڏيڻ سان نہ رڳو ايمان وارن جون گھرجون پوريون ٿين ٿيون، بلڪ اھا گھڻن ماڻھن جي طرفان خدا جي شڪرگذارين جي ڪري گھڻي وڌي بہ وڃي ٿي. 13انھيءَ خدمت مان ماڻھن کي اھو ثبوت ملندو، تہ ڪيئن نہ اوھين مسيح جي خوشخبريءَ جو اقرار ڪندي تابعداري ڪري ٿا ڏيکاريو. اھي انھيءَ ڪري خدا جي تعريف ڪندا ۽ انھيءَ ڪري بہ تہ اوھين ھنن جي بلڪ سڀني ماڻھن جي مدد ڪرڻ ۾ سخاوت سان شريڪ ٿيو ٿا. 14ھو اوھان لاءِ ڏاڍي محبت سان دعا ٿا گھرن، ڇاڪاڻ⁠تہ خدا جو اوھان تي تمام گھڻو فضل آھي. 15خدا جو شڪر آھي، سندس انھيءَ بخشش لاءِ جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاھر آھي.

2.ڪرنٿين 10

پولس جو پاڻ لاءِ بچاءُ

1ھاڻي آءٌ پولس، جيڪو اوھان جي روبرو نِوڙت وارو آھيان پر اوھان جي پرپٺ اوھان جي واسطي وڏيءَ ھمت وارو آھيان، سو مسيح جي نھٺائيءَ ۽ نرميءَ جو واسطو وجھي اوھان کي منٿ ٿو ڪريان. 2ھائو، آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ جڏھن اوھان وٽ اچان تڏھن مون کي دليري ڏيکارڻ لاءِ زور نہ ڀرجو. ڇالاءِ⁠جو مون کي يقين آھي تہ ڪن اھڙن ماڻھن کي آءٌ دليري بہ ڏيکاري سگھان ٿو، جيڪي سمجھن ٿا تہ اسين دنياوي نيت سان زندگي ٿا گذاريون. 3جيتوڻيڪ اسين دنيا ۾ رھون ٿا، تنھن ھوندي بہ دنياوي نيت سان نہ ٿا وڙھون. 4ڇالاءِ⁠جو اسان جي لڙائيءَ جا ھٿيار دنياوي نہ آھن پر خدائي طاقت وارا آھن، جيڪي مضبوط قلعن کي بہ ڊاھيو وجھن. 5اسين اجاين دليلن ۽ ھر ان وڏي رڪاوٽ کي ڊاھيون ٿا، جيڪا خدا جي سڃاڻپ جي برخلاف اڀري ٿي. اسين ھر ھڪ خيال کي قيد ڪري مسيح جو فرمانبردار ٿا بڻايون. 6اسين تيار ٿا رھون تہ جڏھن اوھان جي فرمانبرداري مڪمل ٿئي، تڏھن ھر طرح جي نافرماني ڪندڙ کي سزا ڏيون. 7اوھين رڳو انھن شين تي نظر ڪريو ٿا جيڪي اوھان جي اکين اڳيان آھن. جيڪڏھن ڪنھن کي پاڻ تي اھو يقين آھي تہ ھو مسيح جو آھي، تہ انھيءَ کي وري دل ۾ اھو بہ سوچڻ گھرجي تہ جھڙيءَ طرح ھو پاڻ مسيح جو آھي، تھڙيءَ طرح اسين بہ آھيون. 8ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن آءٌ کڻي انھيءَ اختيار تي گھڻو فخر ڪريان، جيڪو خداوند اسان کي اوھان جي روحاني واڌاري لاءِ ڏنو آھي، نہ ڊاھي ڇڏڻ لاءِ، تڏھن بہ آءٌ شرمندو ڪين ٿيندس. 9ھي آءٌ انھيءَ لاءِ ٿو چوان تہ متان اوھين سمجھو تہ آءٌ اوھان کي پنھنجن خطن ذريعي ڊيڄاريان ٿو. 10ڇالاءِ⁠جو ڪو چوي ٿو تہ ”پولس جا خط بيشڪ اثر وارا ۽ زبردست آھن، پر جڏھن پاڻ حاضر ٿو ٿئي تہ ھن ۾ رعب تاب ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي ۽ تقرير ڪين جھڙي اٿس.“ 11اھڙي ماڻھوءَ کي سمجھڻ گھرجي تہ جھڙو پرپٺ خطن ۾ اسان جو ڪلام آھي اھڙو ئي روبرو اسان جو ڪم بہ ھوندو. 12ڇالاءِ⁠جو اسان کي اھا جرئت ڪانھي جو پاڻ کي انھن ڪجھہ ماڻھن ۾ شمار ڪريون يا انھن سان ڀيٽيون جيڪي پنھنجي تعريف پاڻ ٿا ڪن. پر اھي پنھنجو پاڻ ۾ ھڪ ٻئي کي آزمائي ۽ پاڻ سان ڀيٽ ڪري نادان ٿا ٿين. 13مگر اسين حد کان وڌيڪ فخر نہ ڪنداسين، پر خدمت جي باري ۾ اسان جو فخر انھيءَ حد جي اندر ھوندو جيڪا خدا اسان لاءِ مقرر ڪئي آھي ۽ اوھين بہ ان ۾ شامل آھيو. 14ڇالاءِ⁠جو اسين اوھان تي حد کان وڌيڪ فخر نہ ٿا ڪريون، جھڙيءَ طرح اوھان تائين نہ پھچڻ جي حالت ۾ ٿئي ھا، پر اسان تہ مسيح جي خوشخبري ڏيندي اوھان تائين پھريائين پھچي ويا ھئاسين. 15اسين ٻين جي محنت تي حد کان وڌيڪ فخر نہ ٿا ڪريون، پر اميد ٿا رکون تہ جيئن جيئن اوھان جو ايمان وڌندو ويندو، تيئن تيئن اسان جو ڪم مقرر ڪيل حد مطابق اوھان ۾ وڌندو ويندو. 16سو اسين اوھان جي سرحد کان بہ پري وارن علائقن ۾ خوشخبري ٻڌائينداسين. ڪنھن ٻئي جي علائقي ۾ سندس ڪيل ڪم تي فخر نہ ڪنداسين. 17 جيئن لکيل آھي تہ ”جيڪو فخر ڪري سو خداوند تي فخر ڪري.“ 18ڇالاءِ⁠جو جيڪو پنھنجي تعريف پاڻ ٿو ڪري سو قبول نہ ٿو پوي، پر اھو ئي قبول پوي ٿو جنھن جي تعريف خداوند ٿو ڪري.

2.ڪرنٿين 11

پولس ۽ ڪوڙا رسول

1ڪاش! اوھين منھنجي ٿورڙي بي⁠وقوفيءَ کي برداشت ڪري سگھو. ھا، ضرور برداشت ڪريو. 2مون کي اوھان لاءِ خدا جھڙي غيرت آھي. انھيءَ ڪري ئي مون اوھان کي ھڪڙي مڙس، يعني مسيح سان مڱايو، تہ جيئن اوھان کي پاڪدامن ڪنواريءَ وانگر ھن وٽ حاضر ڪريان. 3 پر مون کي اھو ڊپ آھي تہ جيئن نانگ پنھنجي مڪاريءَ سان حوا کي برغلايو، تيئن متان ڪنھن نموني اوھان جون دليون بہ انھيءَ سادگيءَ ۽ پاڪائيءَ کان بگڙي وڃن جيڪي مسيح لاءِ ھئڻ گھرجن. 4جيڪڏھن ڪو اوھان وٽ اچي ڪنھن ٻئي عيسيٰ جي منادي ٿو ڪري جنھن جي اسان نہ ڪئي، يا جيڪڏھن ڪو ٻيو روح اوھان کي ملي ٿو جيڪو مليل پاڪ روح کان مختلف آھي، يا ٻي ڪا خوشخبري ٿي ملي جيڪا اوھان قبول نہ ڪئي ھئي، تہ پوءِ اھو چڱو ٿا ڪريو ڇا جو انھيءَ کي برداشت ٿا ڪريو؟ 5ڇالاءِ⁠جو جن رسولن کي اوھين تمام وڏو ٿا چئو، آءٌ پاڻ کي تن کان ذرو بہ گھٽ نہ ٿو سمجھان. 6پر جيڪڏھن آءٌ تقرير ۾ بي⁠ھنر آھيان تہ بہ علم ۾ اھڙو نہ آھيان. اھا ڳالھہ اسان ھر وقت ۽ ھر حالت ۾ اوھان جي اڳيان ظاھر ڪري ڇڏي آھي. 7مون اوھان کي خدا جي خوشخبري مفت ۾ ٻڌائي ۽ پنھنجو پاڻ کي ھيٺ ڪيو تہ جيئن اوھين مٿي ٿيو. ڇا اھو ئي منھنجو گناھہ آھي؟ 8مون ٻين ڪليسيائن کي ڄڻ تہ ڦريو، يعني انھن کان اجورو ورتم تہ جيئن اوھان جي خدمت ڪريان. 9 جڏھن آءٌ اوھان وٽ ھوس ۽ محتاج ٿي پيس تڏھن بہ آءٌ ڪنھن تي بار ڪين ٿيس. ڇالاءِ⁠جو مڪدونيا مان ايمان وارن اچي منھنجون سڀ گھرجون پوريون ڪيون. مون ھر ڳالھہ ۾ اوھان تي بار وجھڻ کان پاڻ کي باز رکيو ۽ آئيندہ بہ باز رکندو رھندس. 10مسيح جي سچائي جيڪا مون ۾ آھي، تنھن موجب چوان ٿو تہ اخيا جي سمورن علائقن ۾ مون کي انھيءَ فخر ڪرڻ کان ڪوبہ نہ روڪيندو. 11آءٌ ائين ڇو ٿو چوان؟ ڇا انھيءَ لاءِ تہ آءٌ اوھان سان پيار نہ ٿو ڪريان؟ خدا ڄاڻي ٿو تہ آءٌ اوھان سان ڪيڏو نہ پيار ٿو ڪريان. 12پر جيڪي ڪجھہ آءٌ ڪريان ٿو سو ئي ڪندو رھندس، تہ جيئن موقعي جي تاڙ ۾ رھندڙن کي ڪوبہ موقعو نہ ڏيان جو اھي فخر سان چون تہ ھو اسان جھڙي ئي خدمت ڪن ٿا. 13ڇالاءِ⁠جو اھڙا ماڻھو ڪوڙا رسول ۽ دغابازيءَ سان ڪم ڪندڙ آھن. اھي ويس مٽائي پنھنجو پاڻ کي مسيح جي رسولن جھڙو ٿا بڻائين. 14انھيءَ ۾ ڪوبہ عجب ڪونھي، ڇالاءِ⁠جو شيطان بہ ويس مٽائي پنھنجو پاڻ کي ھڪ نوراني ملائڪ جھڙو بڻائي ٿو. 15تنھنڪري جيڪڏھن شيطان جا خادم بہ پنھنجو ويس مٽائي پاڻ کي سچائيءَ جي خادمن جھڙو ٿا بڻائين تہ ڪو عجب ڪونھي. پر انھن جي پڇاڙي سندن ڪمن جھڙي ٿيندي.

پولس جا ڏک ڏاکڙا

16آءٌ وري بہ ٿو چوان تہ مون کي ڪوبہ بي⁠وقوف نہ سمجھي. پر جيڪڏھن اوھين ائين سمجھو ٿا تہ مون کي بي⁠وقوف ئي سمجھي قبول ڪريو، تہ جيئن آءٌ بہ ٿورو فخر تہ ڪريان. 17جيڪي ڪجھہ آءٌ ھاڻي چوان ٿو سو خداوند جي طرفان نہ، بلڪ ڄڻ تہ ھڪ بي⁠وقوف وانگر پنھنجو پاڻ تي فخر ڪري چوان ٿو. 18جڏھن تہ ٻيا گھڻا ئي ماڻھو جسماني طور فخر ڪن ٿا، تڏھن آءٌ بہ فخر ڪندس. 19ڇالاءِ⁠جو اوھين پاڻ ايترا ڏاھا ھوندي بہ خوشيءَ سان بي⁠وقوفن جون ڳالھيون برداشت ڪريو ٿا. 20ھن ڪري جو جيڪڏھن ڪو اوھان کي غلام ٿو بڻائي، يا اوھان کان غير واجبي فائدو ٿو وٺي، يا اوھان کي دوکو ٿو ڏئي، يا پنھنجي وڏائي ٿو ڪري يا اوھان جي منھن تي چماٽ ٿو ھڻي تہ اوھين برداشت ٿا ڪريو. 21آءٌ شرمندگيءَ سان چوان ٿو تہ ڄڻ تہ اسين ائين ڪرڻ ۾ ڪمزور ھئاسين. پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪنھن ڳالھہ تي فخر ڪرڻ ۾ دلير آھي تہ آءٌ بي⁠وقوفيءَ سان ئي چوان ٿو تہ آءٌ بہ دلير آھيان. 22ڇا ھو ئي عبراني آھن؟ آءٌ بہ آھيان. ڇا ھو ئي بني اسرائيل آھن؟ آءٌ بہ آھيان. ڇا ھو ئي ابراھيم جي نسل مان آھن؟ آءٌ بہ آھيان. 23 ڇا ھو ئي مسيح جا خادم آھن؟ آءٌ ديواني وانگر ڳالھايان ٿو تہ آءٌ انھن کان بھتر خادم آھيان. مون انھن کان وڌيڪ سخت محنت ڪئي آھي. آءٌ انھن کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ قيد ۾ رھيو آھيان. مون انھن کان وڌيڪ چھبڪ کاڌا آھن. آءٌ گھڻا ئي دفعا موت جي منھن ۾ ويو آھيان. 24 مون يھودين جي ھٿان پنج دفعا اوڻيتاليھہ اوڻيتاليھہ چھبڪ کاڌا. 25 ٽي دفعا مون کي لڪڻن سان مار ملي، ھڪ دفعو پٿر ھنيا ويا، ٽي دفعا سامونڊي جھاز ڀڄڻ جي مصيبت ۾ ڦاٿس ۽ ھڪ رات ۽ ھڪ ڏينھن وچ سمنڊ ۾ گذاريم. 26 آءٌ گھڻا ئي دفعا مسافري ڪندي خطرن ۾ رھيو آھيان، يعني دريائن جي خطرن ۾، ڌاڙيلن جي خطرن ۾، پنھنجي قوم جي خطرن ۾، غير قومن جي خطرن ۾، شھر جي خطرن ۾، بيابان جي خطرن ۾، سمنڊ جي خطرن ۾ ۽ ڪوڙن ڀائرن جي خطرن ۾. 27مون محنت ۽ مشقت ڪئي آھي، اڪثر اوجاڳا ڪاٽيا آھن، بک ۽ اُڃ ۾ اڪثر فاقن ۾ گذاريو آھي ۽ سرديءَ ۽ اگھاڙپ ۾ رھيو آھيان. 28ٻين ڳالھين کان سواءِ ھيءَ ڳالھہ ھر روز مون تي بار وانگر ٿي رھي، يعني سڀني ڪليسيائن جي ڳڻتي. 29ڪنھن کي ڪمزور ڏسي آءٌ ڪمزوري محسوس نہ ٿو ڪريان ڇا؟ جڏھن ڪو گمراھہ ٿو ٿئي تہ ڇا منھنجي دل نہ ٿي جلي؟ 30جيڪڏھن مون کي فخر ڪرڻو پيو تہ آءٌ انھن ڳالھين تي فخر ڪندس، جيڪي منھنجي ڪمزوري ظاھر ڪن ٿيون. 31خداوند عيسيٰ جو خدا ۽ پيءُ، جنھن جي ھميشہ تائين واکاڻ ھجي، سو ڄاڻي ٿو تہ آءٌ ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان. 32 دمشق جي گورنر، جيڪو اريتاس بادشاھہ جي ھٿ ھيٺ ھو، تنھن مون کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ دمشقين جي شھر تي پھرو بيھاري ڇڏيو ھو. 33پر آءٌ ھڪڙي دريءَ مان ٽوڪري جي ذريعي ڀت تان ھيٺ لاٿو ويس ۽ ھن جي ھٿان بچي نڪتس.

2.ڪرنٿين 12

پولس جا مڪاشفا ۽ رويائون

1مون کي فخر ڪرڻو ٿو پوي، جيتوڻيڪ انھيءَ مان ڪوبہ فائدو ڪونھي. سو جيڪي رويائون ۽ مڪاشفا مون کي خداوند کان عنايت ٿيا آھن، ھاڻي آءٌ تن جو ذڪر ڪندس. 2آءٌ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل ھڪڙي شخص کي ڄاڻان ٿو، جيڪو چوڏھن سال اڳي اوچتو ٽئين آسمان تي کنيو ويو. مون کي خبر نہ آھي تہ بدن سميت يا بدن کان سواءِ کنيو ويو. اھو خدا ئي ڄاڻي ٿو. 3آءٌ اھو بہ ڄاڻان ٿو تہ اھو ماڻھو اوچتو بھشت تائين کنيو ويو. مون کي خبر ناھي تہ بدن سميت يا بدن کان سواءِ. اھو خدا ڄاڻي ٿو. 4اتي ھن اھڙيون ڳالھيون ٻڌيون جيڪي بيان ڪرڻ جون نہ آھن ۽ جن جو چوڻ ماڻھوءَ کي جائز نہ آھي. 5اھڙي شخص تي تہ آءٌ فخر ڪندس، پر سواءِ پنھنجين ڪمزورين جي آءٌ پنھنجو پاڻ تي فخر نہ ڪندس. 6پر جيڪڏھن آءٌ فخر ڪرڻ گھران بہ، تہ بي⁠وقوف نہ ٿيندس، ڇالاءِ⁠جو آءٌ سچ ڳالھايان ٿو. تڏھن بہ آءٌ پاڻ کي روڪيان ٿو تہ متان ڪو ماڻھو، جھڙو مون کي ڏسي ٿو يا ٻڌي ٿو تنھن کان وڌيڪ سمجھي. 7مڪاشفن جي نھايت گھڻائيءَ ڪري متان آءٌ ڦونڊجي وڃان، تنھنڪري منھنجي بدن ۾ ھڪ ڪنڊو ھنيو ويو، يعني شيطان جو قاصد، جيڪو مون کي تنگ ڪري تہ جيئن آءٌ ڦونڊجي نہ وڃان. 8ھن بابت مون ٽي دفعا خداوند کي منٿ ڪئي تہ اھو مون کان پري ڪيو وڃي. 9پر ھن مون کي چيو تہ ”منھنجو فضل تنھنجي لاءِ ڪافي آھي، ڇالاءِ⁠جو منھنجي قدرت ڪمزوريءَ ۾ مڪمل ٿي ٿئي.“ تنھنڪري آءٌ وڏي خوشيءَ سان پنھنجين ڪمزورين تي فخر ڪندس، تہ جيئن مسيح جي قدرت منھنجي مٿان ڇانيل رھي. 10سو آءٌ مسيح جي خاطر ڪمزورين ۾، بي⁠عزتين ۾، گھُرجن ۾، مشڪلاتن ۾ ۽ ستائجڻ ۾ خوش ٿو رھان. ڇالاءِ⁠جو جڏھن آءٌ ڪمزور ھوندو آھيان تڏھن آءٌ طاقتور ھوندو آھيان.

ڪرنٿين لاءِ پولس جي ڳڻتي

11آءٌ بي⁠وقوف تہ برابر ٿيو آھيان، پر انھيءَ لاءِ اوھان ئي مون کي مجبور ڪيو آھي. ڇالاءِ⁠جو اوھان کي منھنجي تعريف ڪرڻ گھربي ھئي. جيتوڻيڪ آءٌ ڪي ڪين آھيان، تڏھن بہ اوھان جي تمام وڏن رسولن کان ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ گھٽ نہ آھيان. 12حقيقت ۾ مون رسول ھئڻ جون علامتون وڏي صبر سان نشانين، عجيب ڪمن ۽ معجزن سان اوھان تي ظاھر ڪيون. 13ڪھڙيءَ ڳالھہ ۾ اوھان ٻين ڪليسيائن کان گھٽ ٿيا، سواءِ ھن جي تہ آءٌ اوھان تي بار نہ ٿيس؟ جي اھا غلطي سمجھو ٿا تہ مون کي معافي ڏجو. 14ھاڻي آءٌ ٽيون دفعو اوھان وٽ اچڻ لاءِ تيار آھيان ۽ اوھان تي بار نہ ٿيندس. ڇالاءِ⁠جو مون کي اوھان جي مال جي نہ بلڪ اوھان جي ضرورت آھي. ھن ڪري جو ٻارن کي ماءُ⁠پيءُ جي لاءِ نہ، بلڪ ماءُ⁠پيءُ کي ٻارن جي لاءِ گڏ ڪري رکڻ گھرجي. 15تنھنڪري آءٌ اوھان جي روحاني فائدي لاءِ ڏاڍي خوشيءَ سان سڀ ڪجھہ خرچ ڪندس، بلڪ پاڻ بہ خرچ ٿي ويندس. جڏھن تہ آءٌ اوھان کي گھڻو پيار ڪريان ٿو، تہ پوءِ اوھين ڪو مون کي گھٽ پيار ڪندا ڇا؟ 16اوھين قبول ڪندا تہ مون پاڻ اوھان تي بار نہ وڌو، تنھن ھوندي بہ متان ڪو ائين چوي تہ مون چالاڪي ڪري اوھان کي ٺڳيءَ سان ڦاسايو. 17ڀلا مون پنھنجن موڪليل ماڻھن مان ڪنھن جي بہ وسيلي اوھان کان ڪو ناجائز فائدو ورتو ڇا؟ 18مون طيطس کي اوھان ڏانھن اچڻ لاءِ منٿ ڪئي ۽ ساڻس گڏ ٻيو ڀاءُ بہ موڪليم. پوءِ طيطس اوھان مان ڪو ناجائز فائدو ورتو ڇا؟ اسان ٻنھي ساڳيءَ ئي نيت سان ڪم نہ ڪيو ڇا؟ اسين ٻئي ساڳئي ئي پير تي نہ ھلياسين ڇا؟ 19اوھين اڃا تائين شايد ائين سمجھندا ھوندا تہ اسين اوھان جي اڳيان پنھنجو بچاءُ ڪري رھيا آھيون. پر اسين خدا کي حاضرناظر ڄاڻي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ڪري ڳالھايون ٿا. اي عزيزو! ھي سڀ ڪجھہ اوھان جي سڌاري لاءِ آھي. 20ڇالاءِ⁠جو آءٌ ڊڄان ٿو تہ متان اتي اچان ۽ جيئن آءٌ چاھيان ٿو تيئن اوھان کي نہ ڏسان ۽ جيئن اوھين نہ ٿا چاھيو تيئن مون کي ڏسو. مون کي ڊپ آھي تہ متان اوھان ۾ جھيڙا جھڳڙا، حسد، ڪاوڙ، تفرقا، گلائون، غيبتون، ھٺ ۽ فساد ٿين. 21آءٌ ڊڄان ٿو تہ جڏھن آءٌ وري اوھان وٽ اچان تہ متان منھنجو خدا مون کي اوھان جي اڳيان شرمندو ڪري. متان مون کي اھڙن گھڻن ماڻھن جي ڪري افسوس ڪرڻو پوي جن ھيستائين ناپاڪيءَ، زناڪاريءَ ۽ فحاشيءَ وارا ڪم ڪري گناھہ پئي ڪيا آھن ۽ انھن کان توبھہ نہ ڪئي اٿن.

2.ڪرنٿين 13

آخري تاڪيد

1 ھي ٽيون دفعو آھي جو آءٌ اوھان ڏانھن پيو اچان. ٻن يا ٽن شاھدن جي واتان سڀڪا ڳالھہ ضرور ثابت ٿي پوندي، جيئن توريت ۾ لکيل آھي. 2جڏھن اڳئين دفعي آءٌ اوھان وٽ موجود ھوس، تڏھن اوھان کي ان وقت ئي تاڪيد ڪيو ھوم. ھاڻي آءٌ غيرحاضريءَ ۾ بہ انھن ماڻھن کي، جن ھيستائين گناھہ پئي ڪيا آھن ۽ اھڙن ٻين سڀني کي ٻيھر تاڪيد ٿو ڪريان تہ جڏھن آءٌ وري ايندس تڏھن ڪنھن کي بہ نہ ڇڏيندس. 3انھيءَ مان اوھان کي پنھنجي گھربل ثابتي ملندي تہ مسيح منھنجي معرفت ڳالھائي ٿو. ھو اوھان سان واسطي رکڻ ۾ ڪمزور نہ آھي، پر اوھان ۾ زورآور آھي. 4جيتوڻيڪ ھو ڪمزوريءَ جي ڪري صليب تي چاڙھيو ويو، تڏھن بہ خدا جي قدرت سان جيئرو آھي. اھڙيءَ طرح اسين بہ مسيح سان گڏجي ھڪ ھئڻ ڪري ڪمزور آھيون، پر خدا جي قدرت سان اوھان جي خدمت لاءِ ساڻس گڏ جيئنداسين. 5اوھين پاڻ کي جاچي ڏسو تہ ايمان تي آھيو يا نہ ۽ پاڻ کي آزمايو. ڇا اوھين پاڻ بابت ھي نہ ٿا ڄاڻو تہ عيسيٰ مسيح اوھان ۾ آھي؟ جيڪڏھن نہ، تہ اوھين آزمائش ۾ بلڪل ناڪام آھيو. 6پر مون کي اميد آھي تہ اوھان کي خبر پوندي تہ اسين ناڪام نہ آھيون. 7ھاڻي اسين خدا کان دعا ٿا گھرون تہ اوھين ڪا بڇڙائي نہ ڪريو. انھيءَ لاءِ نہ، تہ اسين ڪامياب ڏسڻ ۾ اچون، پر انھيءَ لاءِ تہ اوھين اھو ئي ڪريو جيڪو چڱو ھجي، توڙي اسين ناڪام ئي سمجھيا وڃون. 8ڇالاءِ⁠جو اسين سچائيءَ جي خلاف ڪجھہ بہ نہ ٿا ڪري سگھون، پر رڳو ھن جي حق ۾ ئي ڪري ٿا سگھون. 9جڏھن اسين ڪمزور آھيون ۽ اوھين زورآوار آھيو تڏھن اسين خوش ٿا ٿيون. اسين اھا بہ دعا ٿا گھرون تہ اوھان ۾ مڪمل سڌارو اچي. 10آءٌ پنھنجي غيرحاضريءَ ۾ ھي ڳالھيون لکان ٿو تہ جڏھن اوھان وٽ اچان تڏھن مون کي اختيار موجب اوھان تي سختي ڪرڻي نہ پوي. اھو اختيار خداوند مون کي اوھان جي بگاڙڻ جي لاءِ نہ، بلڪ سڌارڻ لاءِ ڏنو آھي.

آخري دعا سلام

11آخر ۾ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! شل خوش ھجو. سڌرندا رھو. منھنجي نصيحت ٻڌو. ايڪي سان رھو. امن ۾ رھو. اھڙيءَ طرح خدا جيڪو پيار ۽ امن وارو آھي سو اوھان سان ھوندو. 12ھڪ ٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام ڪجو. سڀ ايمان وارا اوھان کي سلام ٿا ڏين. 13شل خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ۽ خدا جو پيار ۽ پاڪ روح جي صحبت اوھان سڀني سان ھجي.

گلتين 1

Sسلام

1ھي خط پولس رسول جي طرفان آھي، جيڪو نہ ماڻھن جي پاران نڪي ماڻھن جي وسيلي رسول چونڊيو ويو آھي، پر عيسيٰ مسيح ۽ انھيءَ خدا پيءُ جي طرفان، جنھن مسيح کي مئلن مان جيئرو ڪري اٿاريو. 2جيڪي ايمان وارا ھتي مون سان گڏ آھن سي سڀ گلتيا پرڳڻي جي ڪليسيائن ڏانھن سلام موڪلين ٿا. 3اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي. 4مسيح اسان جي گناھن جي لاءِ پنھنجو پاڻ ڏيئي ڇڏيو، تہ جيئن ھو اسان کي ھن ھاڻوڪي خراب زماني مان اسان جي خدا ۽ پيءُ جي مرضيءَ موجب آزاد ڪري. 5انھيءَ خدا جي واکاڻ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين.

خوشخبري ھڪڙي ئي آھي

6مون کي عجب ٿو لڳي تہ جنھن اوھان کي مسيح جي فضل جي وسيلي سڏيو، تنھن کان اوھين ايترو جلد ڦري ڪنھن ٻئي قسم جي خوشخبريءَ ڏانھن ٿا وڃو، 7جا حقيقت ۾ خوشخبري آھي ئي نہ. پر رڳو ڪي اھڙا ماڻھو آھن جيڪي اوھان کي پريشان ڪرڻ خاطر مسيح جي خوشخبريءَ کي بگاڙڻ ٿا گھرن. 8پر جيڪڏھن اسين يا آسمان جو ڪو ملائڪ انھيءَ خوشخبريءَ جي بجاءِ جيڪا اسان اوھان کي ٻڌائي، ڪا ٻي خوشخبري ٻڌائي تہ انھيءَ تي شل لعنت ھجي. 9جيئن اسان اڳي ئي چيو آھي تيئن آءٌ ھاڻي وري بہ چوان ٿو تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو اوھان کي مليل خوشخبريءَ جي بجاءِ ڪا ٻي خوشخبري ٻڌائي ٿو تہ انھيءَ ماڻھوءَ تي لعنت ھجي. 10ڇا آءٌ ائين چئي ماڻھن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھيان يا خدا کي؟ ڇا آءٌ ماڻھن کي خوش ڪرڻ ٿو گھران؟ جيڪڏھن ھن مھل تائين ماڻھن کي خوش ڪندو رھان ھا تہ جيڪر مسيح جو ٻانھو نہ ھجان ھا.

پولس جو رسول بڻجڻ

11اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي کولي ٻڌائڻ ٿو گھران تہ جيڪا خوشخبري مون اوھان کي ٻڌائي، سا انسان جي طرفان نہ آھي. 12ڇالاءِ⁠تہ مون کي اھا خوشخبري ڪنھن انسان کان نہ ملي آھي، نڪي ڪنھن مون کي سيکاري آھي. پر اھا عيسيٰ مسيح پاڻ مون تي ظاھر ڪئي آھي. 13 سو اوھين ٻڌي چڪا آھيو تہ جڏھن آءٌ يھودي مذھب ۾ ھوس تہ منھنجي ڪھڙي ھلت چلت ھئي. آءٌ خدا جي ڪليسيا کي حد کان وڌيڪ ستائيندو ھوس ۽ ان کي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھوس. 14 آءٌ يھودي مذھب ۾ رھندي ان وقت پنھنجي قوم جي گھڻن ھڪ جيڏن کان وڌيڪ ترقي ڪري رھيو ھوس. آءٌ پنھنجن ابن ڏاڏن جي ريتن رسمن تي نھايت ئي سرگرميءَ سان ھلندو ھوس. 15 پر خدا مون کي ماءُ جي پيٽان ئي مخصوص ڪري پنھنجي فضل سان سڏيو. سو جڏھن ان جي مرضي ٿي 16تہ پنھنجي فرزند کي مون تي ظاھر ڪري تہ جيئن آءٌ غير قومن ۾ مسيح جي خوشخبريءَ جي تبليغ ڪريان، تڏھن مون ڪنھن انسان کان صلاح نہ ورتي، 17نڪي آءٌ يروشلم ۾ انھن وٽ ويس جيڪي مون کان اڳي رسول ھئا. پر آءٌ ھڪدم عربستان ڏانھن ھليو ويس ۽ پوءِ اتان موٽي دمشق شھر ۾ آيس. 18 ٽن سالن کان پوءِ آءٌ پطرس سان ملڻ لاءِ يروشلم ويس ۽ پندرھن ڏينھن ساڻس گڏ رھيس. 19پر ٻين رسولن مان خداوند جي ڀاءُ يعقوب کان سواءِ مون ڪنھن کي بہ ڪونہ ڏٺو. 20جيڪي ڳالھيون آءٌ اوھان ڏانھن لکي رھيو آھيان تن بابت خدا کي حاضر ڄاڻي چوان ٿو تہ ڪوڙيون نہ آھن. 21تنھن کان پوءِ آءٌ شام ۽ ڪلڪيا جي علائقن ۾ آيس. 22ان وقت يھوديہ جي علائقن ۾ جيڪي مسيحي ڪليسيائون ھيون، تن منھنجي شڪل بہ نہ ڏٺي ھئي. 23پر اھي ماڻھو رڳو ايترو ٻڌندا ھئا تہ ”پولس جيڪو اڳي اسان کي ستائيندو ھو، سو ھاڻي انھيءَ عقيدي جي تبليغ ڪري رھيو آھي جنھن کي ھو تباھہ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھو.“ 24سو اھي منھنجي ڪري خدا جي وڏائي ظاھر ڪندا ھئا.

گلتين 2

پولس ۽ ٻيا رسول

1 آخر چوڏھن سالن کان پوءِ آءٌ برنباس سان گڏجي وري يروشلم ڏانھن ويس ۽ طيطس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويس. 2آءٌ انھيءَ ڪري اوڏانھن ويس جو خدا مون تي الھام ڪيو تہ تو کي وڃڻ گھرجي. مون اڪيلائيءَ ۾ انھن جي اڳيان جيڪي معتبر سمجھيا ويندا ھئا، اھا خوشخبري پيش ڪئي جنھن جي آءٌ غير قومن ۾ تبليغ ڪندو آھيان. مون نہ ٿي چاھيو تہ منھنجي ھاڻوڪي يا اڳوڻي ڊڪ ڊوڙ اجائي ٿئي. 3جيتوڻيڪ طيطس، جيڪو مون سان گڏ ھو، سو يوناني ھو تڏھن بہ انھن کيس طھر ڪرائڻ لاءِ زور نہ ڀريو. 4اھو سوال رڳو انھن ڪوڙن ڀائرن جي ڪري اٿيو، جيڪي لڪي ڇپي اسان ۾ داخل ٿيا ھئا. اھي انھيءَ ڪري چوريءَ گھڙي آيا ھئا تہ جيڪا آزادي اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ملي آھي، تنھن جي جاسوسي ڪري اسان کي غلام بڻائين. 5انھن جي تابع رھڻ اسان ھڪڙي گھڙي بہ قبول نہ ڪيو، تہ جيئن خوشخبريءَ جي سچائي اوھان ۾ قائم رھي. 6 پر ڪي ماڻھو معتبر ليکيا ويندا ھئا، پوءِ اھي ڪھڙا بہ ھئا تنھن سان منھنجو واسطو ڪونھي، ڇالاءِ⁠جو خدا ماڻھوءَ جي ظاھري حالت کي نہ ٿو ڏسي. انھن ماڻھن مان مون کي خوشخبريءَ بابت ڪابہ ڳالھہ حاصل نہ ٿي. 7ان جي برعڪس انھن ڏٺو تہ خدا غير يھودين کي خوشخبري ٻڌائڻ جو ڪم منھنجي حوالي ڪيو آھي، جيئن ھن يھودين کي خوشخبري ٻڌائڻ جو ڪم پطرس جي حوالي ڪيو ھو. 8ڇالاءِ⁠جو جنھن خدا يھودين جي رسول ٿيڻ لاءِ پطرس ۾ اثر پيدا ڪيو، تنھن غير يھودين جي رسول ٿيڻ لاءِ وري مون ۾ اثر پيدا ڪيو. 9يعقوب، پطرس ۽ يوحنا جيڪي ڪليسيا جا ٿنڀا ليکيا ويندا ھئا، تن کي جڏھن معلوم ٿيو تہ مون کي خدمت جي توفيق ڏني ويئي آھي تڏھن انھن برنباس ۽ مون سان ساڄو ھٿ ملائي پاڻ سان شريڪ ڪيو. پوءِ ٺاھہ ٿيو تہ اسين غير يھودين ڏانھن ۽ ھو يھودين ڏانھن وڃن. 10ھنن رڳو ايترو چيو تہ ”غريبن کي ياد رکجو.“ پر انھيءَ ڪم لاءِ تہ آءٌ اڳي ئي سرگرم ھوس.

پولس جو پطرس کي ڇينڀڻ

11جڏھن پطرس انتاخيا ۾ آيو تہ مون آمھون سامھون سندس مخالفت ڪئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو صفا غلطيءَ تي ھو. 12ڇالاءِ⁠جو يعقوب وٽان ڪن ماڻھن جي اچڻ کان اڳي پطرس غير يھودين سان کائيندو ھو. پر جڏھن اھي آيا تڏھن ھن غير يھودين سان کائڻ ڇڏي ڏنو، بلڪ انھن کان ڌار ٿي ويو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو انھن ماڻھن کان ڊڄندو ھو جيڪي طھر ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪندا ھئا. 13باقي ٻين يھودين، جيڪي مسيحي ٿيا ھئا تن پطرس سان ملي ڪري رياڪاري ڪئي. ايتري قدر جو خود برنباس بہ انھن جي رياڪاريءَ ۾ ڦاسي پيو. 14جڏھن مون ڏٺو تہ اھي خوشخبريءَ جي سچائيءَ موجب سنئين راھہ تي نہ ٿا ھلن، تڏھن مون انھن سڀني جي اڳيان پطرس کي چيو تہ ”جيتوڻيڪ تون يھودي آھين تڏھن بہ غير يھودين وانگر ٿو گذارين، نڪي يھودين وانگر. تہ پوءِ تون ڪيئن غير يھودين کي زور ٿو ڀرين تہ ھو يھودين وانگر گذارين؟“

ايمان جي وسيلي ڇوٽڪارو

15حقيقت ۾ اسين ڄائي ڄم کان يھودي آھيون ۽ غير قومون نہ آھيون، جن کي گنھگار چون ٿا. 16 تنھن ھوندي بہ اسان کي خبر آھي تہ ڪوبہ ماڻھو شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان سچار بڻجي ٿو. تنھنڪري اسان بہ عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو تہ جيئن شريعت تي عمل ڪرڻ سبب نہ، پر مسيح تي ايمان آڻڻ سبب سچار بڻجون. ڇالاءِ⁠جو شريعت جي ڪمن سبب ڪوبہ انسان سچار نہ بڻبو. 17پر اسين جيڪي مسيح جي وسيلي سچار بڻجڻ ٿا گھرون، جيڪڏھن پاڻ ئي گنھگار نڪري پئون تہ ڇا مسيح گناھہ جو ڪارڻ آھي؟ ھرگز نہ. 18ڇالاءِ⁠جو جيڪي شيون مون ڊاھيون آھن، سي جيڪڏھن آءٌ وري ٺاھيندس تہ پاڻ کي قصوروار ثابت ڪندس. 19سو آءٌ شريعت جي وسيلي مري ويس، تنھنڪري شريعت جي بنسبت آءٌ مئل آھيان، انھيءَ لاءِ تہ خدا جي لاءِ جيئرو رھان. 20آءٌ مسيح سان گڏ صليب تي چاڙھيو ويو آھيان. ھاڻي آءٌ جيئرو نہ رھيو آھيان، پر مسيح مون ۾ جيئرو آھي. سو جيڪا زندگي ھاڻي آءٌ جسم ۾ گذاريان ٿو سا خدا جي فرزند تي ايمان آڻڻ ڪري گذاري رھيو آھيان. ھن مون سان پيار ڪيو ۽ منھنجي بدران پنھنجي جان ڏني. 21آءٌ خدا جي فضل کي بيڪار نہ ٿو وڃايان، ڇاڪاڻ⁠تہ سچائي جيڪڏھن شريعت جي وسيلي ملي ھا تہ پوءِ مسيح جو مرڻ اجايو ٿئي ھا.

گلتين 3

شريعت يا ايمان

1اي نادان گلتيو! ڪنھن اوھان تي جادو ڪيو آھي؟ اوھان جي اکين اڳيان تہ عيسيٰ مسيح کي صليب تي چاڙھي سندس موت جو منظر ظاھر ظھور ڏيکاريو ويو. 2آءٌ اوھان کان رڳو ايترو معلوم ڪرڻ ٿو گھران تہ پاڪ روح اوھان کي خوشخبري ٻڌي ايمان آڻڻ ڪري مليو يا شريعت جي ڪمن ڪرڻ ڪري؟ 3اوھين ايترا نادان آھيو ڇا جو پاڪ روح جي وسيلي نئين زندگي شروع ڪري ھاڻي جسماني طور ان جي پڄاڻي ڪرڻ چاھيو ٿا؟ 4اوھان ھيتريون تڪليفون اجايو سٺيون ڇا؟ اھي سچ⁠پچ اجايو ھيون ڇا؟ 5خدا اوھان کي پاڪ روح بخشي ٿو ۽ اوھان ۾ معجزا ڪري ٿو. پوءِ ڇا ھو اھو ڪم اوھان جي شريعت جي ڪمن ڪرڻ سبب ٿو ڪري يا خوشخبري ٻڌي ايمان آڻڻ سبب؟ 6 ابراھيم جو مثال وٺو، جنھن خدا تي ايمان آندو ۽ سندس اھو ايمان ھن لاءِ سچائي ليکيو ويو. 7 سو ائين سمجھو تہ جيڪي ايمان وارا آھن، حقيقت ۾ اھي ئي ابراھيم جو اولاد آھن. 8 پاڪ ڪلام جي پيشنگوئي ھئي تہ خدا غير قومن کي ايمان جي وسيلي سچار بڻائيندو. سو ھن اڳي ئي اھا خوشخبري ابراھيم کي ٻڌائي تہ ”تنھنجي وسيلي سڀني قومن کي برڪت ملندي.“ 9تنھنڪري جيڪي ايمان وارا آھن تن کي ابراھيم سان گڏ برڪت ٿي ملي، جيڪو خود ايمان وارو ھو. 10 ڇالاءِ⁠جو جيڪي ⁠بہ شريعت جي ڪمن تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت ھيٺ اچن ٿا. ھن ڪري جو لکيل آھي تہ ”جيڪو انھن سڀني ڳالھين تي عمل ڪرڻ ۾

قائم نہ ٿو رھي،

جيڪي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آھن، سو لعنتي آھي.“ 11 ھاڻي اھا ڳالھہ صاف ظاھر آھي تہ ڪوبہ ماڻھو شريعت جي ڪري خدا جي نظر ۾ سچار نہ ٿو بڻجي. ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ”جيڪو ايمان جي وسيلي سچار ٿو بڻجي، اھو ئي شخص جيئرو رھندو.“ 12 شريعت جو ايمان سان ڪو واسطو ڪونھي، بلڪ لکيل آھي تہ ”جيڪو شريعت جي ڳالھين تي عمل ڪري ٿو، سو انھن جي ڪري ئي جيئرو رھندو.“ 13 مسيح اسان کي خريد ڪري شريعت جي لعنت کان ڇڏايو ۽ پاڻ اسان جي بدران لعنتي بڻيو. ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آھي.“ 14ھي انھيءَ ڪري ٿيو تہ جيئن ابراھيم کي مليل برڪت عيسيٰ مسيح جي وسيلي غير قومن تائين پھچي ۽ اسان کي ايمان جي وسيلي اھو پاڪ روح ملي، جنھن جو واعدو ٿيل آھي.

شريعت ۽ خدا جو واعدو

15اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي روزاني زندگيءَ جو ھڪ مثال ڏيان ٿو تہ انسان جي تصديق ڪيل عھدنامي کي ڪوبہ رد نہ ٿو ڪري سگھي ۽ نہ ئي ان کي وڌائي سگھي ٿو. 16 ھاڻي خدا ابراھيم ۽ سندس نسل سان واعدا ڪيا. ان موقعي تي پاڪ ڪلام ائين نہ ٿو چوي تہ ”نسلن سان،“ جنھن مان سندس مطلب گھڻا ماڻھو ھجن. پر ھو چوي ٿو تہ ”تنھنجي نسل سان،“ جنھن مان ھن جو مطلب ھڪڙو شخص آھي ۽ اھو مسيح آھي. 17 ھاڻي آءٌ ائين ٿو چوان تہ جنھن عھد جي خدا پھريائين ئي تصديق ڪئي ھئي تنھن کي شريعت، جيڪا چار سو ٽيھن سالن کان پوءِ آئي، سا رد ڪري نہ ٿي سگھي. اھڙيءَ طرح اھا خدا جي واعدي کي بيڪار نہ ٿي ڪري. 18 ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ميراث شريعت جي ڪري ملي آھي تہ اھا واعدي جي ڪري ناھي. پر خدا واعدي جي ڪري ئي اھا ابراھيم کي بخشي. 19تہ پوءِ شريعت جو مقصد ڇا آھي؟ بعد ۾ شريعت انھيءَ لاءِ ڳنڍي ويئي تہ اھو ظاھر ٿئي تہ حقيقت ۾ گناھہ ڇا آھي؟ شريعت جو مدو ابراھيم جي انھيءَ نسل جي اچڻ تائين ھو جنھن سان خدا واعدو ڪيو ھو. اھا شريعت ملائڪن جي وسيلي ھڪ وچ واري جي معرفت ڏني ويئي. 20پر رڳو ھڪ ڌر جي لاءِ وچ واري جي ضرورت نہ ٿيندي آھي ۽ خدا ھڪڙو آھي. 21تہ پوءِ شريعت خدا جي واعدن جي برخلاف آھي ڇا؟ ھرگز نہ. ڇالاءِ⁠تہ جيڪڏھن ڪا اھڙي شريعت ڏني وڃي ھا جيڪا حياتي بخشي سگھي ھا تہ جيڪر سچائي شريعت جي وسيلي ملي ھا. 22پر پاڪ ڪتاب جي بيان مطابق سڄي دنيا گناھہ جي قيد ۾ آھي، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اھا بخشش، جنھن جو واعدو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري ڪيو ويو آھي سا ايمان آڻيندڙن کي ڏني وڃي.

غلام ۽ فرزند

23پر انھيءَ ايمان جي اچڻ کان اڳ اسين شريعت جي نگھبانيءَ ۾ قيد ھئاسين ۽ ايمان جي اچڻ تائين، جيڪو پوءِ ظاھر ٿيڻ وارو ھو، اسين شريعت جا پابند رھياسين. 24سو شريعت مسيح جي اچڻ تائين اسان جي نگھبان ٿي، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اسين ايمان جي وسيلي سچار بڻايا وڃون. 25ھاڻي جڏھن ايمان اچي ويو آھي تہ پوءِ اسين نگھبان جي سنڀال ھيٺ نہ آھيون. 26ڇالاءِ⁠جو اوھين سڀيئي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري خدا جا ٻار آھيو. 27انھيءَ لاءِ تہ اوھان مان جيترن بہ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي وڃڻ جي بپتسما ورتي تن مسيح کي پوشاڪ وانگر پھري ڇڏيو. 28تہ پوءِ يھودي ۽ غير يھوديءَ ۾، غلام ۽ آزاد ۾، مرد ۽ عورت ۾ ڪوبہ فرق نہ آھي. ڇالاءِ⁠جو اوھين سڀيئي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھيو. 29 جيڪڏھن اوھين مسيح جا آھيو تہ پوءِ ابراھيم جو نسل آھيو ۽ خدا جي واعدي موجب وارث بہ آھيو.

گلتين 4

1پر منھنجي چوڻ جو مطلب ھي آھي تہ وارث جيستائين ٻار آھي، جيتوڻيڪ ھو ھر شيءِ جو مالڪ آھي، تنھن ھوندي بہ انھيءَ ۾ ۽ غلام ۾ ڪوبہ فرق ڪونھي. 2پر جيڪو وقت پيءُ مقرر ڪيو آھي، انھيءَ وقت تائين ھو سنڀاليندڙن ۽ مختيارن جي وس ۾ رھندو آھي. 3ساڳيءَ طرح اسين بہ جڏھن ٻار ھئاسين تڏھن دنيا جي ابتدائي اصولن جا پابند ٿي غلاميءَ جي حالت ۾ رھياسين. 4پر جڏھن وقت پورو ٿيو تہ خدا پنھنجو فرزند موڪليو جيڪو عورت جي پيٽان پيدا ٿيو ۽ شريعت جي ماتحت پيدا ٿيو. 5 انھيءَ لاءِ تہ جيڪي شريعت جي ماتحت ھئا تن کي ھو مُلھہ ڏيئي ڇڏائي، تہ جيئن اسان کي گود ورتل ٻار ٿيڻ جو درجو حاصل ٿئي. 6جيئن تہ اوھين خدا جا ٻار آھيو، تنھنڪري خدا پنھنجي فرزند جو روح اوھان جي دلين ۾ بہ موڪليو آھي. اھو روح ”اي منھنجا بابا!“ چئي پڪاري ٿو. 7تنھنڪري اڳتي اوھين غلام نہ، بلڪ ٻار آھيو. ھاڻي جڏھن تہ ٻار آھيو، تڏھن خدا اوھان کي وارث بہ بڻايو آھي.

گلتين لاءِ پولس جي ڳڻتي

8بيشڪ اڳئين زماني ۾ خدا جي ڄاڻ نہ ھوندي اوھين انھن شين جي غلاميءَ ۾ ھئا جيڪي حقيقت ۾ خدا نہ آھن. 9پر ھاڻي جڏھن اوھين خدا کي ڄاڻو ٿا، بلڪ خدا اوھان کي ڄاتو آھي تہ پوءِ وري اوھين انھن ڪمزور ۽ خسيس ابتدائي اصولن ڏانھن ڇو ٿا ڦرو؟ ڇا اوھين ٻيھر انھن جي غلاميءَ ۾ رھڻ جي خواھش ٿا ڪريو؟ 10اوھين خاص ڏينھن، مھينن، وقتن ۽ سالن کي مڃيندا ٿا رھو. 11مون کي اوھان بابت ڊپ آھي تہ متان ائين نہ ٿئي جو جيڪا محنت مون اوھان تي ڪئي آھي سا اجائي ٿي وڃي. 12اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين مون جھڙا ٿيو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ بہ اوھان جھڙو ٿيو آھيان. اوھان مون کي ڪوبہ نقصان نہ رسايو آھي. 13جيئن تہ اوھين ڄاڻو ٿا تہ مون پھرين دفعي جسم جي ھيڻائيءَ ۽ بيماريءَ سبب اوھان کي خوشخبري ٻڌائي ھئي. 14جيتوڻيڪ منھنجي جسماني حالت اوھان لاءِ ھڪ آزمائش ھئي تڏھن بہ اوھان مون کي نہ ڪي حقير سمجھيو، نڪي ڌڪاريو. پر اوھان مون کي خدا جي ملائڪ وانگر، بلڪ عيسيٰ مسيح وانگر قبول ڪيو. 15پوءِ اوھان جي اھا سرھائي ڪٿي آھي؟ ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان جو شاھد آھيان تہ جي ائين ٿي سگھي ھا تہ جيڪر اوھين پنھنجيون اکيون بہ ڪڍي مون کي ڏيو ھا. 16تڏھن ھاڻي سچ چوڻ ڪري آءٌ اوھان جو دشمن ٿي پيو آھيان ڇا؟ 17اھي شريعت جا پابند اوھان کي پنھنجو بنائڻ جي ڪوشش تہ ڪن ٿا، پر سندن نيت صاف نہ آھي. اھي اوھان کي مون کان ڌار ڪرڻ چاھين ٿا تہ جيئن اوھين رڳو انھن کي ئي پنھنجو سمجھو. 18پنھنجي طرف ڪرڻ جو جذبو تہ سٺي ڳالھہ آھي، بشرطيڪ نيت صاف ھجي. پر ائين ھميشہ ڪيو وڃي، نہ رڳو تڏھن جڏھن آءٌ اوھان ۾ موجود ھجان. 19اي منھنجا ٻارڙؤ! آءٌ اوھان جي لاءِ وري ٻار ڄڻيندڙ عورت وانگر سور محسوس ڪريان ٿو، جيستائين اوھين پوريءَ طرح مسيح جھڙا بڻجي نہ ٿا وڃو. 20شل ھاڻي ئي آءٌ اوھان وٽ حاضر ٿي ڪنھن ٻئي نموني ڳالھايان، ڇالاءِ⁠جو مون کي اوھان بابت ڏاڍو مونجھارو آھي.

ھاجرہ ۽ سارہ جو مثال

21اوھين جيڪي شريعت جي تابع رھڻ ٿا گھرو، سي مون کي ٻڌايو تہ اوھين شريعت جون ڳالھيون نہ ٿا ٻڌو ڇا؟ 22 ڇالاءِ⁠جو ان ۾ لکيل آھي تہ ابراھيم کي ٻہ پٽ ھئا، ھڪڙو ٻانھيءَ مان ۽ ٻيو سندس زال مان جيڪا ٻانھي نہ ھئي. 23ٻانھيءَ وارو پٽ جسماني طرح ڄائو ھو، پر آزاد زال وارو پٽ خدا جي واعدي موجب ڄائو ھو. 24انھن ڳالھين مان ھڪڙو مثال وٺجي ٿو، ڇالاءِ⁠جو اھي ٻہ عورتون ڄڻ تہ ٻہ عھد آھن. انھن مان ھڪڙو سينا جبل وارو آھي، جنھن ڪري غلام ئي پيدا ٿين ٿا ۽ اھا آھي ھاجرہ. 25ھاڻي اھا ھاجرہ عربستان جي سينا جبل جي مثل آھي ۽ ان جي ڀيٽ ھاڻوڪي يروشلم سان ڪري سگھجي ٿي، ڇالاءِ⁠جو اھو شھر بہ پنھنجي رھاڪن سميت غلاميءَ ۾ آھي. 26پر آسماني يروشلم آزاد آھي ۽ اھا اسان جي ماءُ آھي. 27 ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ”اي سنڍ زال! تون جا ٻار نہ ٿي ڄڻين، سا خوشي ڪر. تون، جنھن کي ڪڏھن بہ ويم جا سور نہ ٿيا آھن، سا خوشيءَ سان وڏي واڪي پڪار، ڇالاءِ⁠جو نڌڻڪيءَ زال جا ٻار مڙس واري زال جي ٻارن کان گھڻا آھن.“ 28ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اسحاق وانگر خدا جي واعدي موجب پيدا ٿيل اولاد آھيون. 29 پر جيئن انھيءَ وقت جسماني طرح پيدا ٿيل ٻار، پاڪ روح موجب پيدا ٿيل ٻار کي ستائيندو ھو، تيئن ئي ھاڻي بہ ٿئي ٿو. 30 مگر پاڪ ڪتاب ڇا ٿو چوي؟ اھو تہ ”ٻانھيءَ ۽ سندس پٽ کي ڪڍي ڇڏ. ڇالاءِ⁠جو ٻانھيءَ جو پٽ، آزاد زال جي پٽ سان گڏ ھرگز وارث نہ ٿيندو.“ 31تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين ٻانھيءَ جا نہ بلڪ آزاد زال جا ٻار آھيون.

گلتين 5

مسيح سان آزاد گذارڻ

1مسيح اسان کي آزاد رھڻ لاءِ ئي آزادي ڏني آھي. تنھنڪري اوھين انھيءَ آزاديءَ کي قائم رکو ۽ پاڻ کي وري غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ نہ جوٽيو. 2ڌيان سان ٻڌو، آءٌ پولس اوھان کي چوان ٿو تہ جيڪڏھن اوھين طھر ڪرائيندا تہ مسيح کان اوھان کي ڪوبہ فائدو نہ پھچندو. 3آءٌ ھر ھڪ طھر ڪرائيندڙ شخص کي ٻيھر چتاءُ ٿو ڏيان تہ اھو ساري شريعت تي عمل ڪرڻ لاءِ ٻڌل آھي. 4اوھين جيڪي شريعت جي وسيلي خدا ڏانھن سچار بڻجڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو، سي مسيح کان جدا ۽ خدا جي فضل کان محروم ٿي ويا آھيو. 5پر اسين پاڪ روح جي وسيلي ايمان جي ڪري سچار بڻايا وينداسين. انھيءَ اميد جي پوري ٿيڻ جو اسين وڏي چاھہ سان انتظار ڪري رھيا آھيون. 6ڇالاءِ⁠جو جڏھن اسين عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھيون، تڏھن طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنھن ڪم جو نہ آھي. پر رڳو ايمان ئي ڪم جو آھي، جيڪو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري. 7اوھين تہ ايمان جي ڊوڙ چڱيءَ طرح ڊوڙي رھيا ھئا. پوءِ ڪنھن اوھان کي سچ کي مڃڻ کان روڪي ڇڏيو؟ 8اھو ڪم اوھان جي سڏڻ واري خدا جي طرفان نہ آھي. 9 چوندا آھن تہ ٿورڙو ئي خميرو سڄي ڳوھيل اٽي کي ڦنڊائي ڇڏيندو آھي. 10اسان جي خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري مون کي اوھان بابت يقين آھي تہ اوھين ٻيءَ طرح جو ڪوبہ خيال نہ ڪندا. پر جيڪو ماڻھو اوھان کي پريشان ٿو ڪري سو ڪير بہ ھوندو تہ سزا پائيندو. 11اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن ھن وقت تائين آءٌ اھا تبليغ ڪريان ٿو تہ طھر ڪرائڻ ضروري آھي، تہ پوءِ آءٌ ڇو ٿو اڃا تائين ستايو وڃان؟ جيڪڏھن ائين ھو تہ پوءِ منھنجي صليب جي تبليغ ٿاٻڙائڻ جو باعث نہ رھي. 12شل جيڪي اوھان کي بي⁠آرام ڪن ٿا، سي پنھنجو پاڻ کي ڪپي نامرد بڻائي ڇڏين تہ چڱو. 13اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آھيو. پر پنھنجي انھيءَ آزاديءَ کي جسماني خواھشن جي پورائي لاءِ ڪم نہ آڻيو، بلڪ محبت جي رستي ھڪ ٻئي جي خدمت ڪريو. 14 ڇالاءِ⁠جو سڄي شريعت ھن ھڪڙيءَ ئي ڳالھہ ۾ پوري ٿئي ٿي تہ ”تون پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.“ 15پر جيڪڏھن اوھين ھڪ ٻئي کي چڪ ھڻندا ۽ ڳھندا ٿا وڃو تہ خبردار ٿجو متان ھڪ ٻئي کي چٽ نہ ڪري ڇڏيو.

پاڪ روح ۽ انساني فطرت

16پر آءٌ چوان ٿو تہ پاڪ روح جي ھدايتن تي ھلو، تہ پوءِ اوھين انساني فطرت جي خواھشن کي ڪڏھن بہ پورو نہ ڪندا. 17 ڇالاءِ⁠جو انساني فطرت پاڪ روح جي برخلاف خواھش ڪري ٿي ۽ پاڪ روح انساني فطرت جي برخلاف. ھي ٻئي ھڪٻئي جا دشمن آھن، انھيءَ ڪري جيڪي اوھين ڪرڻ چاھيو ٿا سو نہ ٿا ڪريو. 18پر جيڪڏھن اوھين پاڪ روح جي ھدايتن تي ھلو ٿا تہ شريعت جي تابع نہ آھيو. 19ھاڻي انساني فطرت جا ڪم ظاھر آھن، يعني حرامڪاري، ناپاڪي ۽ شھوت⁠پرستي، 20بت⁠پرستي، جادوگري، دشمني ۽ جھيڙو جھڳڙو، حسد، ڪاوڙ، مفادپرستي، جدايون ۽ ڌڙابندي، 21بغض، نشي⁠بازي، عيش⁠پرستي ۽ ٻيا اھڙا ڪم. انھن بابت جيئن اڳي بہ مون اوھان کي خبردار ڪيو ھو، تيئن ھاڻي بہ خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪي اھڙا ڪم ڪن ٿا سي خدا جي بادشاھت جا وارث ڪين ٿيندا. 22پر پاڪ روح جو ڦل آھي پيار، خوشي، اطمينان، صبر، مھرباني، نيڪي، ايمانداري، 23نماڻائي ۽ پرھيزگاري. اھڙين ڳالھين جي خلاف ڪابہ شريعت نہ آھي. 24جيڪي عيسيٰ مسيح جا آھن، تن انساني فطرت کي ان جي لاڙن ۽ برين خواھشن سميت صليب تي چاڙھي ڇڏيو آھي. 25جڏھن تہ اسين پاڪ روح جي ڪري جيئرا آھيون، تڏھن اسان کي ھلڻ بہ پاڪ روح جي ھدايتن موجب کپي. 26اسان کي گھرجي تہ اجايو فخر نہ ڪريون، نہ ھڪٻئي کي چيڙايون ۽ نڪي ھڪٻئي ڏانھن بغض رکون.

گلتين 6

ھڪٻئي جي مدد ڪريو

1اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪنھن ڏوھہ ۾ پڪڙجي پوي تہ اوھين جيڪي روحاني آھيو، تنھن کي نرم⁠مزاجيءَ سان سڌاريو. ان سان گڏ پنھنجو بہ خيال ڪريو، متان اوھين بہ آزمائش ۾ پئجي وڃو. 2اوھين ھڪٻئي جا بار کڻو، اھڙيءَ طرح مسيح جي شريعت کي پورو ڪريو. 3جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجو پاڻ کي ڪا شيءِ سمجھي ٿو، پر ھو ڪجھہ بہ نہ آھي تہ ھو پنھنجو پاڻ کي ٺڳي ٿو. 4تنھنڪري ھر ڪنھن ماڻھوءَ کي پنھنجا ڪم پاڻ جاچڻ گھرجن. انھيءَ حالت ۾ ھو رڳو پنھنجو پاڻ تي فخر ڪري سگھي ٿو ۽ پوءِ ھن کي ڪنھن ٻئي سان پنھنجي ڀيٽ ڪرڻ جي ضرورت نہ ٿيندي. 5ڇالاءِ⁠جو ھر ڪو ماڻھو پنھنجو بار پاڻ کڻندو. 6جيڪو پاڪ ڪلام جي تعليم حاصل ٿو ڪري، تنھن کي گھرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ سان شريڪ ڪري. 7فريب نہ کائو، ڪوبہ خدا کي ٺڳي نہ ٿو سگھي. ڇالاءِ⁠جو ماڻھو جيڪي پوکي ٿو سو ئي لڻندو. 8جيڪو پنھنجي جسماني فطرت جي لاءِ پوکي ٿو، سو انھيءَ فطرت مان موت جو فصل لڻندو. پر جيڪو پاڪ روح جي لاءِ پوکي ٿو، سو پاڪ روح مان دائمي زندگيءَ جو فصل لڻندو. 9اسان کي نيڪي ڪرڻ ۾ ٿڪجڻ نہ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ھمت نہ ھارينداسين تہ پوري وقت تي لابارو لاھينداسين. 10تنھنڪري جيتري قدر موقعو ملي تہ اسين سڀني ماڻھن سان نيڪي ڪريون، خاص ڪري انھن سان جيڪي ايمان جي وسيلي اسان سان ھڪ ئي خاندان ۾ شريڪ آھن.

آخري تاڪيد ۽ سلام

11ڏسو، ڪھڙن نہ وڏن وڏن اکرن سان آءٌ پنھنجي ھٿ سان اوھان ڏانھن لکي رھيو آھيان. 12جيڪي ماڻھو ظاھري ڏيک پسند ڪن ٿا، سي اوھان کي طھر ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن. ھو رڳو انھيءَ لاءِ ائين ڪن ٿا تہ جيئن مسيح جي صليب جي خاطر ستايا نہ وڃن. 13ڇالاءِ⁠جو طھر ڪرائڻ وارا پاڻ بہ شريعت تي پوريءَ طرح عمل نہ ٿا ڪن. پر ھو اوھان کي طھر ڪرائڻ لاءِ انھيءَ ڪري مجبور ٿا ڪن تہ جيئن اوھان جي انھيءَ جسماني رسم کي قبول ڪرڻ تي اھي فخر ڪري سگھن. 14پر خدا نہ ڪري جو آءٌ ڪنھن ٻيءَ شيءِ تي فخر ڪريان، سواءِ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي صليب جي. ڇالاءِ⁠جو صليب جي ڪري دنيا منھنجي لاءِ مئل آھي ۽ آءٌ دنيا جي لاءِ. 15انھيءَ ڪري طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آھي، پر اھم ڳالھہ نئون خلقيل ھجڻ آھي. 16جيڪي ⁠بہ انھيءَ قاعدي تي ھلن ٿا، تن تي ۽ خدا جي قوم بني اسرائيل تي شل رحم ۽ سلامتي ھجي. 17اڄ کان پوءِ ڪوبہ ماڻھو مون کي تڪليف نہ ڏئي، ڇالاءِ⁠جو منھنجي بدن تي جيڪي داغ آھن سي ظاھر ڪن ٿا تہ آءٌ مسيح جو غلام آھيان. 18اي ڀائرو ۽ ڀينرون! شل اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل اوھان سان ھجي. آمين.

اِفسين 1

1 ھي خط پولس جي طرفان آھي، جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب عيسيٰ مسيح جو رسول آھي. ھي اِفسس شھر ۾ رھندڙ انھن ايمان وارن ڏانھن لکجي ٿو، جيڪي عيسيٰ مسيح جا وفادار پوئلڳ آھن. 2شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.

روحاني برڪتون

3اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي ساراھہ ٿي ڪجي. ھن اسان کي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري آسمان جي ھر ھڪ روحاني برڪت سان نوازيو آھي. 4ڇالاءِ⁠جو خدا جھان بنائڻ کان اڳ ئي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اسان کي چونڊيو ھو، تہ جيئن اسين خدا جي آڏو پاڪ ۽ بي⁠عيب ھجون. 5ھن محبت جي ڪري پنھنجي خوشيءَ ۽ مرضيءَ سان اسان کي عيسيٰ مسيح جي وسيلي پنھنجا گود ورتل ٻار بنائڻ لاءِ اڳي ئي مقرر ڪري ڇڏيو ھو. 6انھيءَ لاءِ تہ خدا جي جلوي سان ڀريل انھيءَ فضل جي ساراھہ ٿئي، جيڪو ھن پنھنجي پياري يعني مسيح جي وسيلي اسان کي مفت بخشي ڏنو. 7 اسان کي مسيح جي رت جي وسيلي ڇوٽڪارو ملي ٿو، يعني اسان جا گناھہ معاف ڪيا وڃن ٿا. 8اھو خدا جي ان فضل جي دولت موجب آھي جيڪو ھن تمام گھڻي انداز ۾ اسان تي نازل ڪيو آھي. 9خدا پوريءَ حڪمت ۽ دانائيءَ سان پنھنجي مرضيءَ جو لڪل ارادو اسان تي ظاھر ڪيو، جيڪو ھن مسيح جي وسيلي پوري ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي طئي ڪري ڇڏيو ھو. 10انھيءَ لاءِ تہ جيئن زمانن جي پوري ٿيڻ تي اھڙو بندوبست ٿئي جو سڀ شيون جيڪي آسمان توڙي زمين تي آھن سي مسيح جي سنڀال ھيٺ گڏجي وڃن. 11اسين بہ جيڪي اڳي ئي مقرر ڪيا ويا ھئاسين، سي مسيح سان گڏجي ھڪ ھئڻ ڪري خدا جا ماڻھو ڪري چونڊيا وياسين. اھو خدا جي ارادي موافق ٿيو جيڪو سڀ ڪجھہ پنھنجي مرضيءَ جي مصلحت موجب ڪري ٿو. 12خدا جي مرضي ھئي تہ اسان، جن اڳواٽ ئي مسيح ۾ اميد رکي ھئي، سي سندس جلال جي تعريف جو سبب ٿيون. 13اوھين بہ مسيح جا ٿيا جڏھن اوھان سچائيءَ جو ڪلام يعني اھا خوشخبري ٻڌي، جيڪا اوھان لاءِ ڇوٽڪاري جو سبب بڻي. اوھان مسيح تي ايمان آندو ۽ خدا پنھنجو واعدو پورو ڪندي اوھان کي پاڪ روح ڏنو، جيڪو سندس مالڪيءَ جي مُھر آھي. 14اھو روح اسان جي ميراث جو پھريون حصو آھي، جيستائين انھن ماڻھن جو پوريءَ طرح ڇوٽڪارو ٿئي جيڪي خدا جي ملڪيت آھن، انھيءَ لاءِ تہ خدا جي جلال جي تعريف ٿئي.

شڪرگذاري ۽ دعا

15تنھنڪري ئي اوھان جو عيسيٰ مسيح تي ايمان ۽ خدا جي سڄي قوم لاءِ محبت جيڪا ظاھر ڪريو ٿا، تن بابت ٻڌي 16آءٌ اوھان لاءِ خدا جو شڪر ڪرڻ کان باز نہ ٿو اچان، ۽ پنھنجين دعائن ۾ اوھان کي ياد ڪندو رھندو آھيان. 17آءٌ خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا، جيڪو جلال ڀريو پيءُ آھي تنھن کان دعا گھرندو آھيان تہ ھو اوھان کي دانائيءَ وارو روح عطا ڪري جيڪو خدا کي اوھان تي ظاھر ڪري تہ جيئن اوھين ھن کي پوريءَ طرح سڃاڻو. 18آءٌ ھيءَ بہ دعا گھرندو آھيان تہ اوھان جون روحاني اکيون روشن ٿين، تہ جيئن اوھان کي خبر پوي تہ ھن ڪھڙي اميد رکڻ لاءِ اوھان کي سڏيو آھي. سندس جلال ڀري ميراث، جيڪا ھن پنھنجي قوم لاءِ رکي آھي سا ڪيڏي نہ وڏي دولت آھي، 19۽ ھن جي وڏي قدرت اسان ايمان وارن لاءِ ڪھڙي نہ بي⁠انداز آھي. 20 اھا قدرت خدا جي زبردست طاقت جي ان اثر موجب آھي جيڪو ھن مسيح ۾ ظاھر ڪيو، جڏھن کيس مئلن مان جيئرو ڪري اٿاريائين ۽ آسمان ۾ پنھنجي ساڄي پاسي ويھاريائين. 21اُتي مسيح ھر طرح جي حڪومت، اختياري، طاقت ۽ بادشاھت کان گھڻو مٿاھون آھي. ڪوبہ اختياريءَ وارو لقب جيڪو نہ رڳو ھن زماني ۾ بلڪ ايندڙ زماني ۾ بہ ڪنھن کي حاصل ٿيندو، تنھن کان مسيح جو لقب مٿاھون آھي. 22 اھڙيءَ طرح خدا سڀ ڪجھہ مسيح جي پيرن ھيٺ ڪري ڇڏيو ۽ کيس ڪليسيا جي ھر ڳالھہ جو سر بڻايو. 23اھا ڪليسيا مسيح جو بدن ۽ سندس ڀرپوري آھي. ھو پاڻ ئي ھر شيءِ کي ھر طرح سان ڀرپور ڪري ٿو.

اِفسين 2

موت کان زندگيءَ ڏانھن

1 گذريل وقت ۾ اوھين پنھنجين نافرمانين ۽ گناھن جي ڪري مئل ھئا. 2انھيءَ وقت اوھين دنيا جي دستور موجب ھلندا ھئا ۽ ھوا ۾ اختياري ھلائيندڙ حڪمران، يعني شيطان جا پوئلڳ ھئا. ھيءُ اھو ئي روح آھي، جيڪو ھاڻي انھن ماڻھن تي حڪومت ڪري ٿو جيڪي خدا جا نافرمان آھن. 3ان وقت اسين سڀيئي بہ انھن سان گڏ پنھنجي انساني فطرت جي جسماني خواھشن موجب زندگي گذاريندا ھئاسين ۽ پنھنجي جسم ۽ دل جون خواھشون پوريون ڪندا ھئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين سڀني وانگر خدا جي ناراضپي جا حقدار ھئاسين. 4پر خدا، جيڪو رحم سان ڀرپور آھي تنھن پنھنجي گھڻي پيار سببان جيڪو ھن اسان سان ڪيو، 5اسان کي مسيح سان گڏ جيئرو ڪيو، جڏھن تہ اسين اڃا ڏوھن جي ڪري مئل ھئاسين. خدا جي فضل جي ڪري ئي اوھين بچي ويا آھيو. 6خدا اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏ اٿاريو ۽ ھن سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اسان کي آسماني جاين تي ساڻس گڏ ويھاريائين. 7انھيءَ لاءِ تہ ھو پنھنجي انھيءَ مھربانيءَ جي وسيلي جيڪا عيسيٰ مسيح جي ڪري اسان تي آھي، ايندڙ زمانن ۾ پنھنجي فضل جي بي⁠انداز دولت کي ظاھر ڪري. 8ڇالاءِ⁠جو خدا جي فضل جي ڪري ئي اوھان کي ايمان جي وسيلي ڇوٽڪارو مليو آھي. اھو اوھان جي ڪوششن جي ڪري نہ آھي، بلڪ خدا جي بخشش آھي، 9سو اھو اوھان جي عملن جي ڪري نہ آھي جو متان ڪو فخر ڪري. 10ڇالاءِ⁠جو اسين خدا جي ڪاريگري آھيون. ھن اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي ڪري انھن چڱن ڪمن لاءِ پيدا ڪيو جيڪي ھن اڳي ئي اسان جي ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا ھئا.

مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ

11تنھنڪري ياد رکو تہ اڳي پيدائشي طور اوھين غير قوم ھئا ۽ جيڪي ماڻھو جسماني طور ھٿ سان ڪرايل طھر جي ڪري پاڻ کي طھريل ٿا سڏين، سي اوھان کي اڻ⁠طھريل سڏيندا ھئا. 12انھيءَ وقت اوھين مسيح کان ڌار ۽ بني اسرائيل جي جماعت کان ٻاھر ھئا. اوھين خدا جي واعدي ڪيل عھدن کان اڻ⁠واقف، دنيا ۾ نااميد ۽ خدا کان جدا زندگي گذاريندا ھئا. 13پر اوھين جيڪي پھريائين گھڻو پري ھئا سي ھاڻي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري سندس رت جي وسيلي ويجھو ٿي پيا آھيو. 14ڇالاءِ⁠جو مسيح ئي اسان جو صلح آھي، جنھن يھودين ۽ غير يھودين ٻنھي کي ھڪ ڪري ڇڏيو. ھن جدائيءَ جي ڀت جيڪا وچ ۾ ھئي سا ڊاھي ڇڏي، جنھن ٻنھي کي ھڪ ٻئي جو دشمن بڻائي ڇڏيو ھو. 15 سو ھن اھا دشمني جيڪا شريعت جي حڪمن وارن قانونن ۾ ھئي سا پنھنجي جسم جي وسيلي ڪڍي ڇڏي، تہ جيئن کين پاڻ سان ملائي ٻنھي مان ھڪڙو نئون انسان پيدا ڪري صلح ڪرائي. 16 مسيح پنھنجي صليبي موت جي وسيلي انھن جي دشمني ختم ڪري ڇڏي ۽ ٻنھي کي ھڪڙو بدن ڪري خدا سان ملائي ڇڏيائين. 17 سو مسيح آيو ۽ اوھين جيڪي پري ھئا ۽ اھي جيڪي ويجھا ھئا، ٻنھي کي صلح جي خوشخبري ٻڌايائين. 18ڇالاءِ⁠جو مسيح جي وسيلي اسان ٻنھي يعني يھودين ۽ غير يھودين کي ھڪڙي ئي پاڪ روح جي ڪري پيءُ تائين پھچ حاصل ٿي آھي. 19تنھنڪري اوھين ھاڻي ڌاريا ۽ پرديسي نہ رھيا آھيو، بلڪ خدا جي قوم جا ھم⁠وطن ۽ خدا جي گھر جا ڀاتي آھيو. 20اوھين ڄڻ تہ ھڪ عمارت آھيو، جنھن جو بنياد رسولن ۽ نبين تي اڏيل آھي ۽ انھيءَ بنياد جو سڀ کان اھم پٿر پاڻ عيسيٰ مسيح آھي. 21اھو ئي سموري اڏاوت کي ڳنڍي ٿو ۽ اھڙيءَ طرح خداوند جو ھڪ پاڪ گھر ٺھندو ۽ وڌندو ٿو وڃي. 22مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي ڪري اوھين بہ اھڙي جڳھہ ۾ گڏ جڙندا ۽ اڏبا ٿا وڃو، جنھن ۾ خدا پنھنجي پاڪ روح جي صورت ۾ رھي ٿو.

اِفسين 3

غير قومن ۾ پولس جي تبليغ

1انھيءَ سبب آءٌ پولس، جيڪو اوھان غير قومن جي خاطر ۽ عيسيٰ مسيح جي ڪري قيدي آھيان، دعا ٿو گھران. 2اوھان ٻڌو ھوندو تہ خدا اوھان لاءِ پنھنجي فضل جو خاص ڪم منھنجي حوالي ڪيو آھي. 3خدا پنھنجو ھي راز الھام جي ذريعي مون کي ٻڌايو، جنھن جو احوال مختصر طور اڳي ئي اوھان ڏانھن لکيو اٿم. 4 جنھن کي پڙھي اوھين ڄاڻي سگھو ٿا تہ آءٌ مسيح جو اھو راز ڪيتري قدر سمجھان ٿو. 5اڳئين زماني ۾ ماڻھن کي ھي راز اھڙيءَ طرح نہ ٻڌايو ويو ھو، جھڙيءَ طرح ھاڻي خدا جي پاڪ رسولن ۽ نبين تي پاڪ روح جي وسيلي ظاھر ٿيو آھي. 6اھو راز ھي آھي تہ غير قومون عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري خوشخبريءَ جي وسيلي يھودين سان گڏ خدا جي ميراث ۾ شريڪ آھن، ھڪ ئي بدن جا عضوا آھن ۽ خدا جي واعدي ۾ حصيدار آھن. 7خدا جي فضل جي انھيءَ بخشش سان، جيڪا سندس قدرت جي اثر ڪري مون کي عطا ٿي ھئي، آءٌ انھيءَ خوشخبريءَ جو خادم بڻايو ويس. 8جيتوڻيڪ آءٌ خدا جي قوم ۾ سڀني کان گھٽ آھيان، تنھن ھوندي بہ اھو فضل مون کي عطا ڪيو ويو تہ آءٌ غير قومن کي مسيح جي بي⁠انداز دولت جي خوشخبري ٻڌايان، 9۽ سڀني ماڻھن تي اھا ڳالھہ روشن ڪريان تہ جيڪو راز ازل کان سڀني شين جي خلقيندڙ خدا وٽ ڳجھو رکيل ھو تنھن جو انتظام ڪھڙو آھي. 10خدا جو مقصد ھو تہ ھاڻي ڪليسيا جي وسيلي سندس طرح طرح جي حڪمت انھن حڪومت ۽ اختياريءَ وارن کي معلوم ٿي وڃي، جيڪي آسماني جاين ۾ آھن. 11ھي سڀ خدا جي انھيءَ ازلي ارادي موجب ٿيو، جيڪو ھن اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي پورو ڪيو. 12مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ۽ مٿس ايمان آڻڻ جي ڪري دليريءَ ۽ ڀروسي سان خدا جي حضور ۾ اسان کي پھچ حاصل ٿئي ٿي. 13تنھنڪري آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جيڪي مصيبتون اوھان جي خاطر سھان ٿو تن جي ڪري بي⁠ھمت نہ ٿيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي اوھان لاءِ فائدي جو باعث آھن.

پولس جي اِفسين لاءِ دعا

14انھيءَ سبب ڪري آءٌ آسماني پيءُ جي اڳيان سجدو ڪريان ٿو، 15جنھن کان آسمان ۾ ۽ زمين تي، ايمان وارن جي سموري خاندان کي نالو ٿو ملي. 16منھنجي دعا آھي تہ ھو پنھنجي جلال ڀري دولت موجب اوھان کي پنھنجي پاڪ روح جي وسيلي طاقت عطا ڪري تہ اوھين پنھنجي اندر ۾ زورآوار ٿيو ۽ ايمان جي وسيلي مسيح اوھان جي دلين ۾ رھي. 17منھنجي ھيءَ بہ دعا آھي تہ اوھين محبت ۾ پاڙ ھڻي ۽ پيڙھہ ڄمائي اھڙا مضبوط ٿيو 18جو خدا جي سڄي قوم سان گڏجي پوريءَ طرح سمجھي سگھو تہ مسيح جي محبت جي ويڪرائي، ڊگھائي، اوچائي ۽ اونھائي ڪيتري آھي. 19يعني مسيح جي انھيءَ محبت کي ڄاڻي سگھو جيڪا سمجھہ کان ٻاھر آھي، تہ جيئن اوھين خدا جي ساري ڀرپوريءَ تائين ڀرپور ٿيو. 20واکاڻ ٿي ڪجي انھيءَ خدا جي، جيڪو پنھنجي قدرت موجب جا اسان ۾ اثر ڪري ٿي، اسان جي گھرڻ ۽ سوچڻ کان وڌيڪ ڪم ڪري سگھي ٿو. 21شل ڪليسيا ۽ عيسيٰ مسيح جي وسيلي پيڙھي بہ پيڙھي ھميشہ تائين سندس واکاڻ ٿيندي رھي. آمين.

اِفسين 4

بدن ۾ ھيڪڙائي

1تنھنڪري آءٌ، جيڪو خداوند جي خاطر قيدي آھيان، اوھان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جنھن مقصد لاءِ خدا اوھان کي سڏيو آھي انھيءَ جي لائق زندگي گذاريو. 2 ڏاڍي نھٺائيءَ ۽ نِوڙت سان رھو، صبر ڪريو ۽ پيار سان ھڪ ٻئي جي برداشت ڪريو. 3انھيءَ ايڪي کي جيڪو پاڪ روح اوھان کي بخشي ٿو، صلح جي ٻنڌڻ وسيلي قائم رکڻ جي دل سان ڪوشش ڪريو. 4ھڪڙو ئي بدن آھي ۽ ھڪڙو ئي پاڪ روح، جيئن اوھين بہ ھڪڙي ئي اميد لاءِ سڏيا ويا آھيو. 5ھڪڙو ئي خداوند، ھڪڙو ئي ايمان ۽ ھڪڙي ئي بپتسما آھي. 6سڀني جو خدا ۽ پيءُ ھڪڙو ئي آھي جيڪو سڀني جي مٿان آھي، سڀني جي وسيلي ڪم ڪري ٿو ۽ سڀني ۾ رھي ٿو. 7پر اسان مان ھر ھڪ کي اھڙيءَ طرح فضل عطا ٿيو آھي جھڙيءَ طرح مسيح انھيءَ کي پنھنجي انداز موجب ورھايو. 8 جنھن ڪري پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ ”جڏھن ھو مٿي چڙھي ويو، تڏھن قيدين کي پاڻ سان وٺي ويو، ۽ ماڻھن کي سوکڙيون ڏنائين.“ 9ھاڻي سندس مٿي چڙھي وڃڻ جو مطلب ھن کان سواءِ ٻيو ڇا آھي تہ ھو پھريائين ھيٺ زمين تي بہ لٿو. 10ھو جيڪو ھيٺ لٿو سو اھو ساڳيو ئي آھي جيڪو سڀني آسمانن کان بہ تمام مٿي چڙھي ويو، انھيءَ لاءِ تہ ھو سموري ڪائنات کي ڀرپور ڪري. 11ھن ڪن کي رسول، ڪن کي نبي، ڪن کي خوشخبري ڏيندڙ، ڪن کي پاسبان ۽ استاد مقرر ڪري ڏنو. 12انھيءَ لاءِ تہ خدا جي سڄي قوم خدمت جي ڪم لاءِ تيار ٿئي، تہ جيئن مسيح جو بدن يعني ڪليسيا ترقي ڪري. 13ايستائين جو اسين سڀ خدا جي فرزند کي ڄاڻڻ ۽ مٿس ايمان رکڻ ۾ ھڪ ٿي ڪامل انسان بڻجون. اھڙيءَ طرح اسين ايمان ۾ بالغ ٿيون يعني مسيح وانگر پوريءَ طرح ڪامل بڻجي وڃون. 14انھيءَ کان پوءِ اڳتي اسين ٻارڙا نہ رھون ۽ ماڻھن جي ٺڳي ۽ مڪاريءَ جي ڪري سندن گمراھہ ڪندڙ منصوبن پٺيان ھر قسم جي تعليم جي جھوٽي سان ڇولين وانگر ھيڏي ھوڏي گھلبا ۽ لڙھندا نہ وتون. 15پر اٽلندو پيار جي جذبي سان سچ تي ھلي سڀني ڳالھين ۾ مسيح سان ڳنڍجڻ لاءِ وڌندا وڃون، جيڪو ڪليسيا جو سر آھي. 16 اتان ئي سارو بدن، سنڌ سنڌ جي ڳنڍجڻ سان جڙي ٿو. سو جيڪڏھن ھر ھڪ عضوو صحيح نموني ۾ ڪم ڪري ٿو تہ سارو بدن وڌي ٿو ۽ پنھنجو پاڻ کي پيار جي وسيلي ترقي وٺائيندو رھي ٿو.

پراڻي ۽ نئين زندگي

17تنھنڪري آءٌ خداوند جي نالي اوھان کي زور ڏيندي چوان ٿو تہ اوھين اڳتي اھڙيءَ طرح نہ ھلو، جھڙيءَ طرح غير قومون پنھنجن اجاين خيالن موجب ھلن ٿيون. 18اھي عقل جا انڌا آھن ۽ خدا جي ڏنل زندگيءَ ۾ ڪوبہ حصو ڪونہ اٿن، ڇاڪاڻ⁠تہ سندن دلين جي سختيءَ جي ڪري انھن ۾ جاھليت اچي ويئي آھي. 19اھي بي⁠شرم ٿي چڪا آھن ۽ پاڻ کي شھوت⁠پرستيءَ جي حوالي ڪيو اٿن، انھيءَ لاءِ تہ جيئن ھر قسم جا گندا ڪم گھڻي حرص سان ڪندا رھن. 20پر اوھان کي مسيح جي اھڙي تعليم ڪانہ ملي. 21يقيناً اوھان ھن بابت ٻڌو آھي ۽ مسيح سان گڏجي ھڪ ھئڻ ڪري انھيءَ سچائيءَ موجب جيڪا عيسيٰ ۾ آھي اوھان کي سيکاريو ويو، 22 تہ پنھنجي پراڻي فطرت کي سندس اڳوڻي ھلت چلت سميت لاھي ڇڏيو، جيڪا برين خواھشن جي فريب سبب بگڙندي ٿي وڃي. 23اوھان جي دل ۽ دماغ پوريءَ طرح نئون ٿيڻ گھرجي. 24 اوھين نئين فطرت ڍڪيو، جيڪا خدا جي مرضيءَ موجب حقيقي سچائيءَ ۽ پاڪيزگيءَ ۾ پيدا ڪئي ويئي آھي.

نئين زندگيءَ جا اصول

25 تنھنڪري ڪوڙ کي ڇڏي اوھان مان ھر ڪو پنھنجي پاڙيسريءَ سان سچ ڳالھائي، ڇاڪاڻ⁠تہ اسين سڀ ھڪ ئي بدن جا عضوا آھيون. 26 جيڪڏھن اوھان کي ڪاوڙ اچي وڃي تہ گناھہ نہ ڪريو ۽ سج لھڻ تائين اوھان کي ڪاوڙ نہ رھي. 27شيطان کي ڪوبہ موقعو نہ ڏيو. 28چوري ڪرڻ وارو اڳتي چوري نہ ڪري، بلڪ چڱو ڪم اختيار ڪندي پنھنجن ھٿن سان محنت ڪري تہ جيئن ڪنھن محتاج کي ڏيڻ لاءِ وٽس ڪجھہ ھجي. 29اوھان جي وات مان ڪابہ گندي ڳالھہ نہ نڪري. پر اھڙي ڳالھہ نڪري جيڪا ضرورت مطابق ٻين جي سڌاري جو سبب بڻجي تہ جيئن ٻڌڻ وارن کي انھيءَ مان برڪت حاصل ٿئي. 30انھيءَ سان گڏ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو. ڇالاءِ⁠جو اھو روح اوھان تي انھيءَ ڏينھن لاءِ خدا جي مُھر آھي، جنھن ڏينھن تي اوھان جو پوريءَ طرح ڇوٽڪارو ٿيندو. 31ھر قسم جي ڪيني، غضب، ڪاوڙ، گوڙ ۽ گلا کي ھر طرح جي بدخواھيءَ سميت پاڻ کان پري ڪريو. 32 ھڪ ٻئي تي مھربان ۽ نرم دل ٿيو ۽ جھڙيءَ طرح خدا مسيح جي وسيلي اوھان کي معاف ڪيو، تھڙيءَ طرح اوھين بہ ھڪ ٻئي کي معاف ڪندا رھو.

اِفسين 5

1اوھين خدا جا پيارا ٻار آھيو، تنھنڪري سندس پيروي ڪريو 2 ۽ پيار ڀري زندگي گذاريو، جھڙيءَ طرح مسيح اسان کي پيار ڏنو ۽ اسان جي لاءِ پنھنجو پاڻ کي خدا جي آڏو خوشبودار نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين. 3پر زناڪاري ۽ ڪنھن بہ قسم جي ناپاڪي يا لالچ جو نالو بہ اوھان ۾ نہ ھئڻ کپي، ڇالاءِ⁠جو خدا وارن لاءِ اھو مناسب نہ آھي. 4بي⁠شرمي، اجائي بڪ بڪ ۽ گندي چرچي بازي نہ ھئڻ کپي. اھي نالائقيءَ جھڙيون ڳالھيون آھن، پر اٽلندو شڪرگذاري ڪرڻ کپي. 5اوھين پڪ ڄاڻو تہ ڪوبہ زناڪار يا ناپاڪ يا لالچي ماڻھو جيڪو حقيقت ۾ بت⁠پرست آھي، تنھن جو مسيح ۽ خدا جي بادشاھيءَ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونھي.

روشنيءَ ۾ زندگي گذارڻ

6متان ڪو ماڻھو سکڻيون ڳالھيون ڪري اوھان کي ٺڳي وڃي، ڇالاءِ⁠جو اھڙن گناھن جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو. 7تنھنڪري اوھين انھن جا شريڪ نہ ٿيو. 8ڇالاءِ⁠جو اڳي اوھين اوندھہ مثل ھئا، پر ھاڻي اوھين خداوند جا ماڻھو ھئڻ ڪري روشنيءَ مثل آھيو. سو اوھان کي انھن ماڻھن وانگر زندگي گذارڻ گھرجي جيڪي روشنيءَ وارا آھن. 9ھن ڪري جو روشنيءَ جو ڦل ھر طرح جي چڱائيءَ، صداقت ۽ سچائيءَ ۾ آھي. 10آزمودي سان معلوم ڪندا رھو تہ خداوند کي ڇا ٿو وڻي. 11اونداھيءَ جي اجاين ڪمن سان ڪو واسطو نہ رکو، پر اٽلندو انھن کي پڌرو ڪريو. 12ڇالاءِ⁠جو جيڪي ڪم اھي ڳُجھہ⁠ڳوھہ ۾ ڪن ٿا، تن جو ذڪر ڪرڻ بہ شرم جھڙي ڳالھہ آھي. 13سڀڪا شيءِ جيڪا ڦٽڪار ھيٺ اچي ٿي سا روشنيءَ جي ڪري پڌري ٿيو پوي. 14ڇالاءِ⁠جو اھا روشني ئي آھي، جيڪا ھر شيءِ کي روشن ڪري ٿي ڏيکاري. تنھنڪري چيو ويو آھي تہ ”اي ستل! جاڳي پئُہ، مئلن منجھان جي اُٿ، تہ مسيح تو تي نور چمڪائيندو.“ 15تنھنڪري تمام خبرداريءَ سان ڏسو تہ ڪيئن ٿا ھلو. نادانن وانگر نہ، پر دانائن وانگر زندگي گذاريو. 16 وقت جو پورو پورو فائدو وٺو، ڇالاءِ⁠جو زمانو خراب آھي. 17تنھنڪري بي⁠وقوف نہ ٿيو، پر سمجھو تہ خداوند جي مرضي ڪھڙي آھي. 18مئي پي الوٽ نہ ٿيو، ڇوجو انھيءَ سان بڇڙائي پيدا ٿي ٿئي. پر اٽلندو پاڪ روح سان ڀرپور ٿيندا وڃو. 19 اوھين پاڻ ۾ زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳايو ۽ پنھنجي دل سان خداوند جي ساراھہ ۾ ڳايو وڄايو. 20ھميشہ سڀني ڳالھين ۾ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي، خدا پيءُ جا شڪرانا بجاءِ آڻيندا رھو.

ھڪ ٻئي جي تابع رھڻ

21مسيح جي ادب جي ڪري ھڪ ٻئي جي تابع رھو. 22 اي زالون! اوھين پنھنجن مڙسن جون اھڙيون تابعدار رھو جھڙيون خداوند جون. 23ڇالاءِ⁠جو مڙس زال جو سرآھي، جھڙيءَ طرح مسيح ڪليسيا يعني بدن جو سر ۽ انھيءَ بدن جو بچائيندڙ آھي. 24تنھنڪري جھڙيءَ طرح ڪليسيا مسيح جي تابع آھي، تھڙيءَ طرح زالن کي بہ سڀ ڪنھن ڳالھہ ۾ پنھنجن مڙسن جي تابع رھڻ گھرجي. 25 اي مڙسؤ! پنھنجين زالن سان محبت رکو، جھڙيءَ طرح مسيح ڪليسيا سان محبت رکي ۽ ان جي خاطر پنھنجي جان ڏيئي ڇڏيائين. 26ھن انھيءَ ڪري ائين ڪيو تہ جيئن ڪليسيا کي پاڪ ڪلام جي وسيلي ۽ پاڻيءَ سان غسل ڪرائي صاف ڪري پاڪ بڻائي. 27ھن جو مقصد ھو تہ ھڪڙي اھڙي جلوي واري ڪليسيا پنھنجي اڳيان پيش ڪري، جنھن تي ڪوبہ داغ يا گھنج يا ڪا ٻي اھڙي شيءِ نہ ھجي، بلڪ اھا پاڪ ۽ بي⁠عيب ھجي. 28ساڳئي نموني مڙسن کي بہ پنھنجين زالن سان اھڙيءَ طرح محبت رکڻ کپي، جھڙيءَ طرح ھو پنھنجن جسمن سان رکن ٿا. جيڪو پنھنجيءَ زال سان محبت رکي ٿو سو پاڻ سان محبت رکي ٿو. 29مطلب تہ ڪوبہ ماڻھو ڪڏھن بہ پنھنجي جسم سان نفرت نہ ٿو ڪري، اٽلندو انھيءَ کي کارائي پيئاري ٿو ۽ انھيءَ جي پالنا ڪري ٿو، جھڙيءَ طرح مسيح ڪليسيا کي سنڀالي ٿو. 30ڇالاءِ⁠جو اسين سندس بدن جا عضوا آھيون. 31 جيئن لکيل آھي تہ ”انھيءَ سبب ماڻھو پنھنجي پيءُ ۽ ماءُ کي ڇڏي، پنھنجيءَ زال سان گڏجي رھندو ۽ ٻئي ھڪ جسم ٿي ويندا.“ 32اھو ھڪڙو وڏو راز آھي. پر آءٌ چوان ٿو تہ انھيءَ راز جو تعلق مسيح ۽ ڪليسيا سان آھي. 33اھو اوھان سان بہ لاڳاپو رکي ٿو تہ اوھان مان ھر ھڪ مڙس کي پنھنجيءَ زال سان اھڙي محبت ڪرڻ گھرجي جھڙي ھو پاڻ سان ٿو ڪري ۽ زال کي بہ پنھنجي مڙس جو ادب ڪرڻ گھرجي.

اِفسين 6

ٻار ۽ ماءُ⁠پيءُ

1 اي ٻارؤ! خداوند جا ھئڻ ڪري پنھنجي ماءُ⁠پيءُ جي فرمانبرداري ڪريو، ڇوتہ ائين ڪرڻ واجب آھي. 2 ھي پھريون حڪم آھي جنھن سان واعدو شامل آھي تہ ”پنھنجي پيءُ ۽ ماءُ جي عزت ڪريو، 3تہ جيئن توھان جو ڀلو ٿئي، ۽ انھيءَ ملڪ ۾ اوھين وڏي عرصي تائين رھو.“ 4 اي پيئرؤ! اوھين پنھنجن ٻارن کي چڙ ڏياري نہ ڪاوڙايو، بلڪ کين اھڙي تربيت ۽ نصيحت ڏيئي سندن پالنا ڪريو جيڪا خداوند کي پسند ھجي.

غلامَ ۽ مالڪَ

5 اي غلامؤ! اوھين صاف⁠دليءَ سان، ادب ۽ تابعداري ڪندي پنھنجن دنياوي مالڪن جا اھڙا فرمانبردار رھو جھڙا مسيح جا. 6ماڻھن کي خوش ڪندڙن وانگر ظاھري ڏيکاءَ لاءِ خدمت نہ ڪريو، پر مسيح جي غلامن وانگر دل سان خدا جي مرضي پوري ڪريو. 7دل ⁠وَ جان سان خدمت ڪريو، ڄڻ تہ خداوند جي ٿا ڪريو، نہ ماڻھن جي. 8ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ ڪوبہ ماڻھو جيڪو بہ چڱو ڪم ڪندو، تنھن جو اجر خداوند کان ملندس، پوءِ کڻي اھو غلام ھجي يا آزاد. 9 اي مالڪؤ! اوھين بہ پنھنجن غلامن سان ساڳيو سلوڪ ڪريو. کين ڌمڪايو نہ، ڇوتہ اوھين ڄاڻو ٿا تہ انھن جو ۽ اوھان جو، ٻنھي جو مالڪ آسمان ۾ آھي ۽ اھو ڪنھن جي بہ طرفداري ڪونہ ڪندو آھي.

برائيءَ خلاف جنگ

10مطلب تہ خداوند جا ھئڻ ڪري ۽ سندس قدرت جي زور جي ڪري زورآوار ٿيو. 11خدا جا سڀ ھٿيار ٻَڌو، تہ جيئن شيطان جي سازشن جو مقابلو ڪري سگھو. 12ڇالاءِ⁠جو اسان جي جنگ انسان سان نہ آھي. پر اسين ھن اونداھيءَ دنيا وارين طاقتن سان، اختياريءَ وارن سان، حاڪمن سان ۽ آسماني جاين وارن بڇڙن روحن جي لشڪرن سان وڙھون ٿا. 13تنھنڪري خدا جا سڀ ھٿيار ٻڌو، تہ جيئن برائيءَ جي ڏينھن ۾ مقابلو ڪري سگھو ۽ سڀ ڪجھہ ڪرڻ کان پوءِ بہ مضبوطيءَ سان قائم رھو. 14 تہ پوءِ ثابت قدم رھو، سچ جو سندرو چيلھہ سان ٻڌو ۽ ڇاتيءَ تي سچائيءَ جي زرہ ڍڪيو. 15 پنھنجي پيرن ۾ اھا جتي پائي تيار رھو، جنھن جي ڪري صلح جي خوشخبري ٻڌائي سگھو. 16انھيءَ سان گڏ ايمان جي ڍال کڻو، جنھن سان اوھين انھيءَ بدڪار يعني شيطان جا سڀ ٻرندڙ تير اُجھائي سگھو. 17 ڇوٽڪاري جو لوھو ٽوپ ۽ پاڪ روح جي تلوار يعني خدا جو ڪلام بہ کڻو. 18پاڪ روح جي ھدايت موجب ھر وقت ۽ ھر قسم جي دعائن ۽ منٿن سان خدا کان مدد گھرندا رھو. انھيءَ مقصد لاءِ سجاڳ رھو ۽ سڀني ايمان وارن لاءِ ھميشہ دعا گھرندا رھو. 19منھنجي لاءِ بہ دعا ڪريو تہ ڳالھائڻ وقت مون کي ڪلام ٻڌائڻ جي توفيق ملي، تہ جيئن آءٌ خوشخبريءَ جو راز دليريءَ سان ظاھر ڪريان. 20انھيءَ خوشخبريءَ خاطر آءٌ زنجيرن سان ٻڌل ايلچي آھيان. دعا ڪريو تہ اھا بنا ڪنھن ڊپ جي ٻڌائي سگھان، جيئن مون کي ٻڌائڻ کپي.

آخري دعا سلام

21 تُخِڪُس، جيڪو خداوند جو ھئڻ ڪري پيارو ڀاءُ ۽ سچو خدمتگار آھي، سو اوھان کي منھنجون سڀ ڳالھيون ٻڌائيندو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين بہ منھنجي حال کان واقف ٿيو تہ آءٌ ڪيئن ٿو گذاريان. 22آءٌ ھن کي اوھان ڏانھن انھيءَ مقصد لاءِ موڪلي رھيو آھيان تہ اوھان کي معلوم ٿئي تہ اسين ڪيئن آھيون ۽ اھو بہ تہ جيئن ھو اوھان جي دلين کي ھمتائي. 23خدا پيءُ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان شل ڀائرن ۽ ڀينرن کي اطمينان ۽ ايمان سان گڏ محبت حاصل ٿئي. 24شل انھن سڀني تي فضل ھجي، جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح سان لازوال محبت رکن ٿا.

فلپين 1

1 ھي خط عيسيٰ مسيح جي ٻانھن، پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان آھي، جيڪو نگھبانن ۽ خادمن سميت فلپي شھر ۾ رھندڙ عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل سڀني ايمان وارن ڏانھن لکجي ٿو. 2شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.

فلپين لاءِ پولس جي دعا

3جڏھن بہ اوھين ياد اچو ٿا، تڏھن آءٌ پنھنجي خدا جو شڪر ٿو ڪريان. 4ھر اھا دعا، جيڪا اوھان سڀني لاءِ ٿو گھران سا ھميشہ خوشيءَ سان گھرندو آھيان، 5ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان پھرين ڏينھن کان وٺي اڄ تائين خوشخبري ڦھلائڻ ۾ منھنجو ساٿ ڏنو آھي. 6مون کي انھيءَ ڳالھہ جو يقين آھي تہ خدا، جنھن اوھان ۾ چڱو ڪم شروع ڪيو آھي، سو انھيءَ کي عيسيٰ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينھن تائين پورو ڪندو. 7تنھنڪري واجب آھي تہ آءٌ اوھان سڀني جي باري ۾ ائين ئي سمجھان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين منھنجيءَ دل ۾ موجود آھيو. منھنجي قيد ۾ توڙي خوشخبريءَ کي سچي ثابت ڪرڻ ۽ ان کي پڪيءَ طرح قائم ڪرڻ ۾، اوھين سڀ خدا جي ڏنل فضل ۾ مون سان ڀاڱي ڀائيوار آھيو. 8خدا منھنجو شاھد آھي تہ عيسيٰ مسيح جھڙي الفت جيان اوھان سڀني لاءِ ڪيڏي نہ سڪ اٿم. 9آءٌ ھيءَ دعا ٿو گھران تہ علم ۽ ھر طرح جي سمجھہ سان گڏ اوھان جي محبت بہ گھڻي کان گھڻي وڌندي وڃي، 10تہ جيئن اوھين چڱين ڳالھين کي سمجھي پسند ڪريو ۽ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينھن تائين صاف⁠دل ۽ بي⁠ڏوھي رھو. 11شل اوھين سچائيءَ جي انھيءَ ڦل سان ڀريل رھو، جيڪو عيسيٰ مسيح جي وسيلي آھي، تہ جيئن خدا جو جلال ظاھر ٿئي ۽ سندس واکاڻ ٿئي.

خوشخبري ڦھلائڻ

12ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين ڄاڻي وٺو تہ جيڪي ڪجھہ مون تي ٿي گذريو آھي، سو حقيقت ۾ خوشخبريءَ جي واڌاري جو سبب بڻيو آھي. 13 ايتري قدر جو شاھي پلٽڻ جي سڀني سپاھين ۽ ٻين سڀني ماڻھن ۾ مشھور ٿي ويو آھي تہ آءٌ مسيح جي خاطر قيد ۾ پيو آھيان. 14منھنجي قيد ۾ ھجڻ جي ڪري گھڻن ايمان وارن کي خداوند ۾ ڀروسو حاصل ٿيو آھي، ايتري قدر جو اھي وڌيڪ ھمت ۽ بي⁠خوفيءَ سان خدا جو ڪلام ٻڌائين ٿا. 15البت ڪي حسد ۽ جھيڙي جي ڪري تبليغ ٿا ڪن تہ ڪي نيڪ⁠نيتيءَ سان. 16نيڪ⁠نيتيءَ وارا محبت جي ڪري ائين ٿا ڪن. اھي ڄاڻن ٿا تہ آءٌ خوشخبريءَ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيل آھيان. 17پر ٻيا ذاتي لالچ جي ڪري مسيح جي منادي ٿا ڪن، سچيءَ نيت سان نہ ، بلڪ انھيءَ خيال سان تہ منھنجي لاءِ قيد ۾ وڌيڪ مصيبت پيدا ڪن. 18پر اھا ڪا وڏي ڳالھہ ناھي. وڏي ڳالھہ ھيءَ آھي تہ مسيح جي پڌرائي ھر طرح سان ٿئي ٿي، پوءِ اھا ڪوڙي نيت سان ھجي يا سچيءَ سان. انھيءَ سبب آءٌ خوش آھيان، ھائو، آءٌ خوش ٿيندو رھندس. 19ڇالاءِ⁠جو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوھان جي دعائن ۽ عيسيٰ مسيح جي روح جي مدد سان آءٌ ڇڏائجي ويندس. 20منھنجي دل جي آرزو، بلڪ اميد اٿم تہ ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ شرمندو نہ ٿيندس. پر منھنجي وڏي دليريءَ جي ڪري ھميشہ وانگر ھاڻي بہ منھنجي بدن جي وسيلي مسيح جي وڏائي ٿيندي، پوءِ توڙي جيئرو رھان يا مري وڃان. 21ڇالاءِ⁠جو مون لاءِ جيئري رھڻ جي معنيٰ آھي مسيح ۽ مرڻ جي معنيٰ آھي نفعو. 22پر جيڪڏھن ھن جسم ۾ جيئرو رھان تہ آءٌ چڱو ڪم ڪري سگھان ٿو. تنھن ھوندي بہ آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ ڇا کي پسند ڪريان. 23آءٌ ٻنھي ڳالھين جي وچ ۾ ڦاٿل آھيان. منھنجي خواھش تہ اھا آھي تہ ھن دنيا کي ڇڏي وڃي مسيح سان رھان، ڇالاءِ⁠جو اھو سڀ کان بھتر آھي. 24پر منھنجو بدن ۾ رھڻ اوھان جي خاطر وڌيڪ ضروري آھي. 25انھيءَ ڳالھہ جي پڪ ھئڻ ڪري آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ جيئرو رھندس، بلڪ اوھان سڀني سان گڏ گذاريندس، تہ جيئن اوھان جي ايمان ۾ واڌارو ٿئي ۽ اوھين ان ۾ خوش رھو. 26سو جڏھن آءٌ ٻيھر اوھان وٽ اچي حاضر ٿيان تہ مون بابت اوھان جو فخر عيسيٰ مسيح جي ڪري گھڻو وڌي وڃي. 27ڇا بہ ٿي پوي اوھين پنھنجي روزاني زندگي مسيح جي خوشخبريءَ جي لائق گذاريو. پوءِ آءٌ اچي اوھان سان گڏجان يا نہ، تہ بہ احوال اھو ٻڌان تہ اوھين ھڪڙي ئي روح ۾ قائم آھيو ۽ ھڪ دل ٿي ڪري گڏجي جانفشاني ڪندا ٿا رھو تہ ماڻھو خوشخبريءَ تي ايمان آڻين. 28پنھنجن مخالفن کان ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ نہ ڊڄو. اھا ڳالھہ ھنن جي لاءِ برباديءَ جي صاف نشاني آھي، پر اوھان جي لاءِ ڇوٽڪاري جي ۽ اھو خدا جي طرفان آھي. 29ڇالاءِ⁠جو مسيح جي خاطر اوھان تي اھا ٻاجھہ ٿي آھي تہ نہ رڳو مٿس ايمان آڻيو، پر ھن جي لاءِ ڏک بہ سھو. 30 اوھين بہ خوشخبريءَ لاءِ ساڳيءَ طرح جانفشاني ٿا ڪريو، جيئن اوھان مون کي ڪندي ڏٺو ھو ۽ ھاڻي بہ ٻڌو ٿا تہ ائين ئي پيو ڪريان.

فلپين 2

مسيح جي نماڻائي

1جيڪڏھن اوھان کي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي ڪري ڪا دلداري ملي آھي ۽ سندس محبت مان ڪا تسلي ٿي آھي ۽ پاڪ روح جي ڪا صحبت ۽ ڪا رحمدلي ۽ ھمدردي ملي اٿوَ، 2تہ پوءِ منھنجي ھيءَ خوشي پوري ڪريو تہ ھڪ دل ٿي ۽ ھڪ جھڙي محبت رکي، ھڪ روح ٿيو ۽ ھم⁠خيال رھو. 3ذاتي لالچ ۽ اجائي ھٺ کان ڪجھہ بہ نہ ڪريو، بلڪ نماڻائيءَ سان ھڪ ٻئي کي پاڻ کان بھتر سمجھو. 4اوھان مان ھر ھڪ رڳو پنھنجين ڳالھين تي نہ، پر ٻين جي ڳالھين تي بہ ڌيان ڏئي. 5اوھين اھڙو ئي سڀاءُ رکو جھڙو عيسيٰ مسيح جو ھو. 6جيتوڻيڪ ھو بذاتِ⁠خود خدا ھو، تہ بہ ھن خدا سان برابر ھئڻ جي درجي کي زوريءَ پنھنجي قبضي ۾ رکڻ جي شيءِ نہ سمجھيو. 7اٽلندو پاڻ کي خالي ڪري ڇڏيائين، ۽ غلام جي صورت اختيار ڪري انسانن جھڙو ٿي ويو. 8انساني شڪل ۾ ظاھر ٿي ڪري ھن پاڻ کي ھيٺاھون ڪيو، ۽ ايستائين فرمانبردار رھيو جو موت، بلڪ صليبي موت قبول ڪيائين. 9تنھنڪري خدا ھن کي تمام گھڻو سربلند ڪيو، ۽ کيس اھو نالو عطا ڪيائين، جيڪو سڀني نالن کان اعليٰ آھي. 10 انھيءَ لاءِ تہ انسان، جيڪي ڄاوا آھن يا جيڪي ڄمندا، سي سڀيئي عيسيٰ جي نالي تي گوڏا کوڙين، 11۽ ھر ھڪ زبان اقرار ڪري تہ عيسيٰ مسيح خداوند آھي، تان تہ خدا پيءُ جي واکاڻ ٿئي.

دنيا جي لاءِ روشني

12تنھنڪري اي منھنجا پيارا دوستو! جيئن اوھين ھميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آھيو تيئن نہ رڳو منھنجي موجودگيءَ ۾ پر ھاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ، انھيءَ ڪم کي ادب ۽ تابعداري ڪندي پورو ڪندا رھو، جيڪو ڇوٽڪاري جي ڪري ڪريو ٿا. 13جڏھن تہ اھو خدا ئي آھي جيڪو پنھنجي نيڪ ارادي موجب اوھان ۾ ڪم ڪندو رھي ٿو، تہ جيئن اوھين سندس مرضي قبول ڪريو ۽ ھن تي عمل بہ ڪريو. 14سڀ ڪم شڪايت ۽ تڪرار ڪرڻ کان سواءِ ڪندا رھو، 15 تہ جيئن اوھين بي⁠ڏوھي ۽ معصوم ٿي ڪري ڏنگن ۽ نرڄن ماڻھن جي ھن زماني ۾ خدا جا بي⁠عيب ٻار ٿي رھو. انھن جي وچ ۾ اوھين ائين ٿا چمڪو جيئن دنيا ۾ روشني، 16۽ اوھين کين زندگيءَ جو ڪلام پيش ٿا ڪريو. جيڪڏھن اوھين اھو سڀ ڪجھہ ڪريو ٿا تہ آءٌ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينھن تي فخر ڪري سگھندس تہ منھنجي ڊڪ ڊوڙ ۽ محنت اجائي نہ ٿي. 17پر جيڪڏھن اوھان جي ايمان واري خدمت ۽ قربانيءَ تي مون کي پنھنجو رت بہ وھائڻو پوي تہ بہ آءٌ خوش آھيان ۽ اوھان سڀني سان گڏ خوشي ٿو ڪريان. 18اوھين بہ ساڳيءَ طرح خوش ٿيو ۽ مون سان گڏ خوشي ڪريو.

تيمٿيس ۽ اِپفروديتس

19مون کي خداوند عيسيٰ ۾ اميد آھي تہ تيمٿيس کي جلد ئي اوھان ڏانھن موڪليندس، تہ جيئن اوھان جو احوال معلوم ڪري مون کي بہ دلجاءِ ٿئي. 20مون وٽ ھن جھڙو ٻيو ڪوبہ ھم⁠خيال ماڻھو ڪونھي، جنھن کي سچ⁠پچ اوھان جي ڀلائيءَ لاءِ ڳڻتي ھجي. 21ڇالاءِ⁠جو ھر ڪو پنھنجي مطلب جي ڳالھين کي ٿو ڏسي، نہ عيسيٰ مسيح جي ڳالھين کي. 22پر اوھان کي تيمٿيس جي لائق ھجڻ جي خبر آھي، ڇوتہ جيئن ڪو پٽ پيءُ سان گڏجي ڪم ڪري تيئن ھن مون سان گڏجي خوشخبري ڦھلائڻ جي خدمت ڪئي آھي. 23تنھنڪري اميد اٿم تہ جڏھن آءٌ ڏسندس تہ منھنجو ڪھڙو فيصلو ٿو ٿئي، تڏھن کيس ھڪدم اوھان ڏانھن روانو ڪندس. 24بلڪ مون کي خداوند تي ڀروسو آھي تہ آءٌ پاڻ بہ جلد ايندس. 25پر آءٌ اھو ضروري ٿو سمجھان تہ اِپفروديتس کي واپس اوھان ڏانھن موڪليان، جيڪو منھنجو مسيحي ڀاءُ، ھم⁠خدمت ۽ ھم⁠سپاھہ آھي. ھي اوھان جو قاصد بہ آھي، جنھن کي اوھان منھنجين ضرورتن جي سنڀال ڪرڻ لاءِ مون ڏانھن موڪليو ھو. 26ھن کي اوھان سڀني جي ڏاڍي سڪ آھي ۽ بي⁠قرار ٿو رھي، ڇالاءِ⁠جو اوھان سندس بيماريءَ بابت ٻڌو ھو. 27سچ⁠پچ ھو بيمار ھو ۽ مرڻ تي ھو. پر خدا مٿس رحم ڪيو، نہ رڳو ھن تي پر مون تي بہ، جو مون کي ڏک پٺيان ڏک کان بچايائين. 28تنھنڪري کيس موڪلڻ جو مون کي اڃا بہ وڌيڪ شوق ٿيو، تہ جيئن اوھين کيس وري ڏسي خوش ٿيو ۽ منھنجو فڪر بہ گھٽجي وڃي. 29سو خداوند جا ھئڻ ڪري کيس ڀاءُ سمجھي وڏي خوشيءَ سان سندس آڌرڀاءُ ڪجو ۽ اھڙن شخصن کي عزت ڏيندا رھجو. 30ڇاڪاڻ⁠تہ ھو مسيح جي ڪم خاطر مرڻ تي ھو ۽ پنھنجي جان جوکي ۾ وڌائين، انھيءَ لاءِ تہ منھنجي خدمت ۾ اوھان جي طرفان جيڪا گھٽتائي ھئي سا پوري ڪري.

فلپين 3

حقيقي سچائي

1آخر ۾، اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي حالت ۾ اوھين خوش رھو. ساڳيون ڳالھيون اوھان ڏانھن وري لکندي مون کي ڪابہ تڪليف ڪونہ ٿي ٿئي، پر اٽلندو انھيءَ ۾ اوھان جي لاءِ سلامتي آھي. 2ڪتن کان خبردار رھجو، يعني انھن ماڻھن کان جيڪي برائي ٿا ڪن ۽ جيڪي بدن کي وڍائڻ لاءِ زور ٿا ڪن. 3ڇالاءِ⁠جو حقيقي طھر ڪرايل اسين آھيون، جيڪي خدا جي روح جي وسيلي سندس عبادت ڪريون ٿا. اسين عيسيٰ مسيح تي فخر ٿا ڪريون ۽ جسماني ڳالھين تي ويساھہ نہ ٿا رکون، 4جيتوڻيڪ آءٌ اھڙين ڳالھين تي بہ ويساھہ رکي ٿو سگھان. جيڪڏھن ڪو ٻيو ماڻھو سمجھي ٿو تہ ھو جسماني ڳالھين تي ويساھہ رکي ٿو سگھي، تہ آءٌ انھيءَ کان بہ وڌيڪ رکي ٿو سگھان. 5 انھيءَ لاءِ جو اٺين ڏينھن منھنجو طھر ٿيو، آءٌ بني اسرائيل جي قوم ۽ بنيامين جي قبيلي ۾ پيدا ٿيس، آءٌ عبرانين جو پڪو عبراني ۽ شريعت جي لحاظ کان فريسي ھوس. 6 مذھبي جوش جي لحاظ کان ڪليسيا جو ستائيندڙ ھوس ۽ جيستائين شريعت جي سچائيءَ جو سوال آھي تہ ان لحاظ کان آءٌ بي⁠عيب ھوس. 7پر جيڪي ⁠بہ ڳالھيون منھنجي فائدي جون ھيون، سي مون مسيح جي خاطر نقصان سمجھيون آھن. 8سچ تہ آءٌ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي سڃاڻپ واري وڏي خوبيءَ جي ڀيٽ ۾ ھر ھڪ شيءِ کي نقصان واري ٿو سمجھان. ھن جي خاطر مون سڀني شين جو نقصان سٺو آھي ۽ انھن کي آءٌ گند ٿو ڄاڻان، انھيءَ لاءِ تہ مسيح کي حاصل ڪريان، 9۽ ھن سان پوريءَ طرح گڏيل ثابت ٿيان، پنھنجي انھيءَ سچائيءَ رکڻ سان نہ جيڪا شريعت کان آھي، پر انھيءَ سچائيءَ سبب جيڪا مسيح تي ايمان آڻڻ جي وسيلي حاصل ٿئي ٿي. اھا سچائي ايمان جي ڪري خدا کان ملي ٿي. 10آءٌ چاھيان ٿو تہ مسيح ۽ سندس وري جي اٿڻ جي قدرت کي ڄاڻان. آءٌ ھن جي ڏکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو تجربو حاصل ڪرڻ ۽ سندس موت ۾ ھن وانگر ٿيڻ چاھيان ٿو. 11انھيءَ لاءِ تہ من ڪنھن طرح مئلن منجھان جي اٿڻ جي درجي کي حاصل ڪريان.

منزل ڏانھن ڊوڙڻ

12آءٌ ھي نہ ٿو چوان تہ اھا منزل اڳي ئي حاصل ڪئي اٿم، يا آءٌ اڳي ئي ڪامل ٿي چڪو آھيان، پر انھيءَ شيءِ کي ھٿ ڪرڻ لاءِ اڳتي ڪاھيندو ٿو وڃان، جنھن لاءِ عيسيٰ مسيح مون کي ھٿ ڪيو ھو. 13اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ نہ ٿو سمجھان تہ ڪو اڃا تائين مون اھا شيءِ ھٿ ڪئي آھي. پر ھڪ ڳالھہ سو آءٌ ڪريان ٿو تہ جيڪي شيون پٺتي رھجي ويون آھن تن کي وساري، جيڪي اڳيان آھن تن ڏانھن زور لڳائيندو وڌندو پيو وڃان. 14سو آءٌ انھيءَ نشان ڏانھن ڪاھيندو ٿو وڃان، تہ جيئن اھو انعام کٽان جنھن لاءِ خدا مون کي عيسيٰ مسيح جي وسيلي آسمان ڏانھن سڏيو آھي. 15تنھنڪري اسان مان جيڪي روحاني طور بالغ آھن، تن کي اھو ئي خيال رکڻ گھرجي. جيڪڏھن ڪنھن ڳالھہ ۾ اوھان جو ڪو ٻيو خيال ھجي تہ خدا انھيءَ کي بہ اوھان تي ظاھر ڪندو. 16پر اسان کي رڳو ايترو ڪرڻ کپي تہ جنھن منزل تائين پھتا آھيون، تنھن موجب ھلندا ھلون. 17 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين سڀيئي گڏجي مون وانگر ھلو ۽ انھن ماڻھن کي ڌيان ۾ رکو، جيڪي اھڙي نموني ٿا ھلن جھڙو اسان اوھان کي ڏنو آھي. 18ڇالاءِ⁠جو گھڻا ئي اھڙا آھن، جن بابت اڳ ڪيترائي دفعا مون اوھان کي ٻڌايو آھي ۽ ھاڻي وري بہ روئي روئي ٿو چوان تہ اھي پنھنجي ھلت چلت سان مسيح جي صليب جا دشمن آھن. 19انھن جي پڇاڙي بربادي آھي، انھن جو خدا سندن پيٽ آھي، اھي پنھنجي شرم وارين ڳالھين تي فخر ٿا ڪن ۽ کين رڳو دنياوي شين جو فڪر ٿو رھي. 20پر اسان جو وطن آسمان تي آھي ۽ اسين وڏي چاھہ سان ھڪڙي نجات ڏيندڙ، يعني خداوند عيسيٰ مسيح جي اتان اچڻ جو انتظار ٿا ڪريون. 21ھو پنھنجي انھيءَ قوت سان، جنھن ذريعي ھر شيءِ کي پنھنجي ھٿ ھيٺ آڻي ٿو سگھي، اسان جي خسيس بدن کي بدلائي پنھنجي جلال واري بدن جي صورت جھڙو ڪندو.

فلپين 4

ھدايتون

1تنھنڪري اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين، جن جو آءٌ مشتاق آھيان ۽ جيڪي منھنجي خوشي ۽ تاج آھيو، سي اي عزيزو! خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري انھيءَ طرح ئي قائم رھو. 2آءٌ يووئديا کي گذارش ٿو ڪريان ۽ صنتخيءَ کي بہ، تہ خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري يڪدل ٿي رھن. 3اي سچا ھم⁠خدمت! آءٌ تو کي بہ عرض ٿو ڪريان تہ انھن عورتن جي مدد ڪر، ڇالاءِ⁠جو انھن مون سان توڙي ڪليمنس ۽ منھنجي ٻين ھم⁠خدمت ساٿين سان گڏ خوشخبري ڦھلائڻ ۾ جانفشاني ڪئي آھي. ھنن سڀني جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ درج آھن. 4خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي حالت ۾ اوھين ھر وقت خوش رھو. آءٌ وري بہ چوندس تہ خوش رھو. 5اوھان جي بردباري سڀني ماڻھن تي ظاھر ٿئي. خداوند ويجھو آھي. 6ڪنھن بہ ڳالھہ جو فڪر نہ ڪريو، بلڪ سڀ ڪنھن ڳالھہ ۾ اوھين پنھنجا عرض، دعا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪرڻ سان خدا جي حضور ۾ پيش ڪندا ڪريو. 7تڏھن خدائي اطمينان، جيڪو سمجھہ کان بلڪل ٻاھر آھي، سو عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي حالت ۾ اوھان جي دلين ۽ دماغن جي نگھباني ڪندو. 8ھاڻي، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي⁠بہ ڳالھيون سچيون آھن، جيڪي⁠بہ ڳالھيون اشرافت جھڙيون آھن، جيڪي⁠بہ ڳالھيون درست آھن، جيڪي⁠بہ ڳالھيون پاڪ آھن، جيڪي⁠بہ ڳالھيون وڻندڙ آھن، جيڪي⁠بہ ڳالھيون ساراھہ جوڳيون آھن، مطلب تہ جيڪي⁠بہ نيڪيءَ واريون ۽ تعريف جي لائق ڳالھيون آھن انھن تي ويچار ڪندا رھجو. 9جيڪي⁠بہ ڳالھيون اوھان مون کان سکيون، حاصل ڪيون يا ٻڌيون يا مون ۾ ڏٺيون آھن، تن تي عمل ڪجو. پوءِ اطمينان بخشيندڙ خدا اوھان سان رھندو.

امداد لاءِ شڪرگذاري

10آءٌ خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي حالت ۾ نھايت ئي خوش آھيان، جو نيٺ اوھان کي مون لاءِ نئين سر ڳڻتي جاڳي. بيشڪ اڳي بہ اوھان کي اھڙي ڳڻتي ھئي، پر انھيءَ کي ظاھر ڪرڻ جو اوھان کي وجھہ نہ ٿي مليو. 11ھيءَ ڳالھہ آءٌ ضرورتمند ھجڻ ڪري نہ ٿو چوان، ڇالاءِ⁠جو مون ھر حالت ۾ راضي رھڻ سکيو آھي. 12آءٌ اڻ⁠ھوند کي بہ ڄاڻان ٿو ۽ جھجھي مقدار ۾ ھئڻ کي بہ ڄاڻان ٿو. مون سڀ ڪنھن ڳالھہ ۾ ۽ ھر حالت ۾ راضي رھڻ جو ڀيد سکيو آھي، ڍاول ھجان توڙي بکايل، سائو ھجان توڙي سڃو. 13خداوند، جيڪو مون کي طاقت ٿو بخشي تنھن جي وسيلي آءٌ ھر ڳالھہ کي منھن ڏيئي ٿو سگھان. 14تنھن ھوندي بہ اوھان چڱو ڪيو جو منھنجي تڪليفن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيا. 15 اي فلپيو! اوھين پاڻ بہ ڄاڻو ٿا تہ خوشخبريءَ جي تبليغ وارن شروعاتي ڏينھن ۾ جڏھن آءٌ مڪدونيا پرڳڻي مان روانو ٿيس تہ رڳو اوھان کان سواءِ ڪابہ ڪليسيا، ڏيڻ وٺڻ جي معاملي ۾ مون سان ڀاڱي ڀائيوار نہ ٿي. 16 بلڪ جڏھن آءٌ ٿسلونيڪي شھر ۾ ھوس، تڏھن منھنجي ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ اوھان ھڪ دفعي کان وڌيڪ مون ڏانھن مدد موڪلي. 17ائين نہ آھي تہ آءٌ بخشش ٿو گھران. پر آءٌ اھڙو اجر ٿو گھران جيڪو اوھان جي حساب ۾ وڌندو وڃي. 18 مون کي پورو پورو اُجورو مليو آھي، بلڪ اڃا بہ وڌيڪ. اوھان جون موڪليل شيون اِپفروديتس جي ھٿان مون کي مليون آھن، جنھن ڪري آءٌ بلڪل آسودو ٿيو آھيان. اھا امداد خوشبودار ۽ اھڙي قبول پوندڙ قرباني آھي، جنھن کي خدا پسند ٿو ڪري. 19منھنجو خدا پنھنجي برڪت ڀرئي خزاني مان عيسيٰ مسيح جي وسيلي اوھان جي ھر ھڪ ضرورت کي پورو ڪندو. 20شل اسان جي خدا ۽ پيءُ جي واکاڻ ھميشہ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين.

آخر ۾ دعا سلام

21عيسيٰ مسيح جي سڀني ايمان وارن کي سلام ڏجو. جيڪي ايمان وارا مون سان گڏ آھن سي اوھان سڀني کي سلام ٿا ڏين. 22سمورا ايمان وارا، خاص ڪري اھي جيڪي قيصر جي محل ۾ آھن، اوھان کي سلام ٿا چون. 23شل خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل اوھان سڀني تي ھجي.

ڪلسين 1

1ھي خط پولس، جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب عيسيٰ مسيح جو رسول آھي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان آھي. 2ڪلسي شھر ۾ رھندڙ انھن ايمان وارن ڏانھن ھي خط لکجي ٿو، جيڪي مسيح جا وفادار پوئلڳ آھن. شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.

شڪرگذاري ۽ دعا

3اسين جڏھن بہ اوھان لاءِ دعا ٿا گھرون، تڏھن ھميشہ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي پيءُ، يعني خدا جا شڪرانا بجاءِ ٿا آڻيون. 4ڇالاءِ⁠جو اسان ٻڌو آھي تہ اوھان عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو آھي ۽ خدا جي سڄي قوم سان محبت ٿا رکو. 5اوھان جي انھيءَ ايمان ۽ محبت جو مدار انھيءَ اميد تي آھي، جيڪا خدا اوھان لاءِ آسمان ۾ پوري ڪندو ۽ جنھن جو ذڪر اوھان اڳي ئي خوشخبريءَ جي سچي ڪلام ۾ ٻڌو آھي. 6اھا خوشخبري اوھان ڏانھن آيل آھي. جھڙيءَ طرح سڄيءَ دنيا ۾ تھڙيءَ طرح انھيءَ ڏينھن کان وٺي اوھان ۾ بہ اھا ڦل پيدا ڪندي ۽ وڌندي ٿي رھي، جڏھن اوھان ان کي ٻڌو ۽ حقيقت ۾ خدا جي فضل کي سمجھيو. 7 انھيءَ جي تعليم اوھان اسان جي پياري ھم⁠خدمت اِپفراس کان حاصل ڪئي، جيڪو اسان جي پاران مسيح جو وفادار خادم آھي. 8ھن اسان کي اوھان جي انھيءَ محبت بابت بہ ٻڌايو، جيڪا پاڪ روح کان اوھان کي ملي آھي. 9انھيءَ ڪري جنھن ڏينھن کان وٺي اسان اوھان جي باري ۾ ٻڌو آھي، اوھان لاءِ خدا کان دعا گھرڻ ۽ ھي عرض ڪرڻ کان بس نہ ٿا ڪريون تہ شل ھو سموري روحاني سياڻپ ۽ سمجھہ وسيلي اوھان کي پنھنجي مرضيءَ جي سڃاڻپ سان ڀري ڇڏي. 10اھا دعا اسين انھيءَ لاءِ ٿا گھرون تہ جيئن اوھين پنھنجي زندگي خداوند جي لائق گذاري سگھو، ھن کي ھر طرح خوش رکي سگھو ۽ ھر ڪنھن چڱي ڪم ۾ ڦلدار ٿيندي خدا جي سڃاڻپ ۾ وڌندا وڃو. 11شل اوھين ھن جي جلال واري قدرت موجب ھر طرح جي طاقت سان مضبوط ٿيندا وڃو، تہ جيئن خوشيءَ سان صبر ۽ تحمل ڪري سگھو. 12خدا پيءُ جا شڪرانا ڪندا رھو، جنھن اوھان کي روشنيءَ واري بادشاھت ۾ پنھنجي قوم سان گڏ ورثي جا حصيدار ٿيڻ جي لائق ڪيو آھي. 13ھن اسان کي اونداھيءَ جي چنبي مان ڇڏائي پنھنجي پياري فرزند جي بادشاھت ۾ آندو، 14 جنھن جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو، يعني گناھن جي معافي ملي آھي.

مسيح جي عظمت

15خدا جيڪو ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي، تنھن جي ظاھري صورت مسيح آھي. ھو ساري مخلوقات کان مٿاھون آھي. 16ڇالاءِ⁠جو ھن جي وسيلي سڀ شيون، آسمان ۾ توڙي زمين تي، ڏسڻ ۾ ايندڙ توڙي ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ پيدا ڪيون ويون. تخت ھجن توڙي طاقتون، حڪومتون ھجن توڙي اختياريون، سموريون شيون ھن جي وسيلي ۽ ھن جي لاءِ پيدا ٿيون آھن. 17اھو ئي سڀني شين کان اڳي موجود آھي ۽ سڀ شيون ھن سان گڏ ھئڻ ڪري قائم رھن ٿيون. 18 اھو ئي بدن، يعني ڪليسيا جو سر آھي. اھو ئي منڍ آھي ۽ اھو ئي پھريون شخص آھي جيڪو مئلن منجھان جي اٿيو آھي، انھيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالھين ۾ ھن کي اول درجو ھجي. 19ڇالاءِ⁠جو خدا کي اھو وڻيو تہ سندس ساري ڀرپوري انھيءَ ۾ رھي. 20 خدا چاھيو ٿي تہ مسيح جي صليب تي وھايل رت جي وسيلي صلح ڪري سندس معرفت سڀني شين جو پاڻ سان صحيح رابطو قائم ڪري، پوءِ اھي زمين تي ھجن توڙي آسمان ۾. 21ڪنھن وقت اوھين خدا کان ڇڄي ڌار ٿيل ھئا ۽ پنھنجن بڇڙن ڪمن جي ڪري پنھنجيءَ دل ۾ سندس دشمن ٿي پيا ھئا. 22پر ھاڻي ھن اوھان کي مسيح جي جسماني موت جي وسيلي پاڻ سان صحيح رابطي ۾ آندو آھي. انھيءَ لاءِ تہ ھو اوھان کي پاڪ، بي⁠عيب ۽ بي⁠ڏوھہ بڻائي پنھنجي حضور ۾ حاضر ڪري، 23بشرطيڪ اوھين پنھنجي ايمان جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رھو ۽ جيڪا خوشخبري اوھان ٻڌي آھي تنھن جي اميد نہ ڇڏيو. انھيءَ خوشخبريءَ جي منادي آسمان ھيٺان رھندڙ ھر ڪنھن ماڻھوءَ ۾ ڪئي ويئي آھي، جنھن جو آءٌ پولس خادم ٿيو آھيان.

پولس جي ڪليسيا لاءِ خدمت

24ھاڻي آءٌ انھن ڏکن جي ڪري خوش آھيان، جيڪي اوھان جي خاطر پيو سھان. اھڙيءَ طرح آءٌ مسيح جي مصيبتن جي ڪمي سندس بدن، يعني ڪليسيا جي لاءِ پنھنجي جسم ۾ پوري پيو ڪريان. 25آءٌ خدا جي ڏنل اختياريءَ موجب ڪليسيا جو خادم ٿيو آھيان، تہ جيئن خدا جي ڪلام کي اوھان وٽ پوريءَ طرح پيش ڪريان. 26انھيءَ پيغام ۾ ھڪ راز آھي، جيڪو زمانن ۽ پيڙھين کان ڳجھو رکيو ويو ھو. پر ھاڻي اھو خدا جي قوم تي ظاھر ڪيو ويو آھي. 27انھن تي خدا اھو ظاھر ڪرڻ ٿي چاھيو تہ انھيءَ راز جي جلال ڀري دولت سڀني قومن لاءِ ڪيڏي نہ آھي. اھو راز ھي آھي تہ مسيح اوھان ۾ رھي ٿو ۽ اھا ڳالھہ اچڻ واري جلال جي اميد آھي. 28اسين ھن جي ئي منادي ٿا ڪريون ۽ پوريءَ ڏاھپ سان ھر ڪنھن کي نصيحت ڪريون ۽ سيکاريون ٿا، تہ جيئن ھرھڪ کي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ڪامل بڻائي پيش ڪريون. 29انھيءَ مقصد لاءِ آءٌ سندس انھيءَ طاقت موجب جانفشانيءَ سان محنت ٿو ڪريان، جيڪا مون ۾ زور سان اثر ڪري ٿي.

ڪلسين 2

1آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھان کي خبر پوي تہ اوھان لاءِ، لوديڪيا ۾ رھندڙن لاءِ ۽ انھن سڀني لاءِ جن ذاتي طور منھنجو منھن نہ ڏٺو آھي، آءٌ ڪيتري قدر سخت محنت ٿو ڪريان. 2اھو آءٌ ھن ڪري ٿو ڪريان تہ سندن دلين ۾ ھمت پيدا ٿئي ۽ اھي محبت سان پاڻ ۾ ھڪ ٿي رھن ۽ پوري سمجھہ جي ڀرپور دولت حاصل ڪن، تہ من خدا جي راز، يعني مسيح کان واقف ٿين. 3ھن ۾ ئي ڏاھپ ۽ علم جا سڀ خزانا لڪل آھن. 4ھي آءٌ انھيءَ ڪري ٿو چوان تہ متان ڪو ماڻھو گمراھہ ڪندڙ مٺڙيون ڳالھيون ڪري اوھان کي ڀلائي نہ وجھي. 5ڇالاءِ⁠جو جيتوڻيڪ آءٌ جسماني طور اوھان وٽ موجود نہ آھيان، تڏھن بہ روحاني طور اوھان وٽ موجود آھيان. آءٌ اوھان جي قاعدي پٽاندڙ ھلڻ ۽ مسيح تي اوھان جي ايمان جي پختائي ڏسي خوش ٿو ٿيان.

ڀرپور زندگي

6تنھنڪري جھڙيءَ طرح اوھان عيسيٰ مسيح کي خداوند ڪري قبول ڪيو آھي، تھڙيءَ طرح ساڻس گڏجي ھڪ ٿي زندگي گذاريندا رھو. 7مسيح ۾ پاڙ ڄمائيندا ۽ مٿس پنھنجي زندگي اڏيندا وڃو. جيئن اوھان کي تعليم ملي آھي، تيئن ايمان ۾ مضبوط ٿيندا وڃو ۽ بيحد شڪرگذاري ڪندا رھو. 8خبردار رھجو، متان ڪو ماڻھو انھيءَ اجائي ۽ گمراھہ ڪندڙ فيلسوفيءَ سان اوھان کي شڪار ڪري نہ وٺي، جيڪا ماڻھن جي روايتن ۽ ھن دنيا جي ابتدائي اصولن موجب آھي نہ مسيح موجب. 9ڇالاءِ⁠جو خدا جي ذات جي ساري ڀرپوري، مجسم طور مسيح ۾ ٿي رھي. 10مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان کي ڀرپور زندگي ملي آھي. ھو ھر حڪومت ۽ اختيار جو سر آھي. 11انھيءَ سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان جو اھڙو طھر ٿيو آھي جيڪو ماڻھن جي ھٿن سان نہ، بلڪ مسيح کان ٿيو آھي. انھيءَ طھر سان اوھان جي گناھن سان ڀريل فطرت کي لاٿو ويو آھي. 12 اوھين بپتسما جي وسيلي مسيح سان گڏ دفن ٿيا ۽ خدا، جنھن کيس مئلن مان جياريو تنھن جي قدرت تي ايمان رکڻ جي ڪري اوھين ساڻس گڏ جياري اٿاريا ويا. 13 جڏھن اوھين پنھنجي گناھن جي ڪري ۽ پنھنجي گناھن سان ڀريل فطرت جي اڻ⁠طھريل ھجڻ ڪري مئل ھئا، تڏھن خدا اوھان کي مسيح سان گڏ جيئرو ڪيو. ھن اسان جا سڀيئي گناھہ بخشي ڇڏيا، 14 ۽ پنھنجي حڪمن جي انھيءَ دستاويز کي رد ڪري ڇڏيائين جيڪو اسان بابت ۽ اسان جي خلاف ھو. ھن انھيءَ کي صليب تي ڪوڪا ھڻي پري ڪري ڇڏيو. 15خدا حڪومتن ۽ اختيار وارن کان ھٿيار کسي کين کليو کلايو تماشو بڻايو ۽ صليب جي وسيلي انھن تي، جيڪي قيدين وانگر ھئا، فتحيابيءَ جو شادمانو وڄايائين. 16 تنھنڪري ڪوبہ ماڻھو کاڌي پيتي، عيد، نئين چنڊ يا سبت جي ڏينھن جي رسمن بابت اوھان تي تھمت نہ ھڻي. 17اھي شيون انھن شين جو رڳو پاڇو آھن جيڪي بعد ۾ اچڻ واريون ھيون، پر حقيقت تہ مسيح پاڻ آھي. 18ائين نہ ٿئي جو ڪو ماڻھو ڪُوڙي نِوڙت ڪري ۽ ملائڪن جي عبادت ڪرڻ کي پسند ڪري اوھان کي انعام کٽڻ کان محروم رکي. اھڙو ماڻھو ڏٺل شين ۾ محو ٿي پنھنجي جسماني عقل تي اجايو ڦونڊجي ٿو. 19 اھو ماڻھو بدن جي سر يعني مسيح سان لاڳاپو نہ ٿو رکي، جنھن سان سارو بدن، سنڌن ۽ ٻنڌن جي وسيلي پاڻ ۾ ڳنڍجي ٿو ۽ پرورش پائي خدا جي مرضيءَ سان وڌندو ٿو وڃي.

مسيح سان گڏ مرڻ ۽ جيئڻ

20جڏھن اوھين مسيح سان گڏ ھن دنيا جي ابتدائي اصولن بنسبت مري ويا آھيو، تہ پوءِ ڇو اھڙي زندگي ٿا گذاريو جو ڄڻ تہ اوھين ھن دنيا جا آھيو؟ ڇو اھڙن قاعدن جي تابعداري ٿا ڪريو جيڪي چون ٿا تہ 21ھن شيءِ کي ھٿ نہ لايو، ھن کي نہ چکو، ھن کي نہ ڇُھو؟ 22اھي سڀ شيون ڪم آڻڻ سان ناس ٿي وڃن ٿيون ۽ اھڙي قسم جا حڪم ۽ اھڙي تعليم انسانن جي ٺاھيل آھي. 23اھڙا قانون حقيقت ۾ پنھنجي ٺاھيل عبادت، ڪُوڙي نِوڙت ۽ بدن کي سختي ڏيڻ جي رستي سياڻپ جو رڳو ڏيک رکن ٿا، پر جسماني خواھشن کي روڪڻ لاءِ اھي ڪنھن بہ ڪم جا نہ آھن.

ڪلسين 3

پراڻي ۽ نئين زندگي

1 تنھنڪري جڏھن تہ اوھين مسيح سان گڏ جياريا ويا آھيو، تڏھن انھن شين جي ڳولا ۾ رھو جيڪي آسمان ۾ آھن، جتي مسيح خدا جي ساڄي پاسي ويٺو آھي. 2اوھين انھن شين سان دل لڳايو جيڪي آسمان ۾ آھن، نہ انھن سان جيڪي زمين تي آھن، 3ڇالاءِ⁠جو اوھين مري ويا آھيو ۽ اوھان جي زندگي ھاڻي مسيح سان گڏ خدا جي حضور ۾ لڪل آھي. 4جڏھن مسيح، جيڪو اوھان جي زندگي آھي، سو ظاھر ٿيندو تڏھن اوھين بہ ساڻس گڏ جلوي ۾ ظاھر ٿي پوندا. 5تنھنڪري اوھين پنھنجين انھن عادتن کي ماري ڇڏيو جيڪي زمين تي آھن، يعني زناڪاري، ناپاڪي، شھوت⁠پرستي، بريون خواھشون ۽ لالچ، جيڪا بت⁠پرستيءَ جي برابر آھي. 6ڇالاءِ⁠جو انھن ڳالھين جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو. 7اڳي اوھان ۾ بہ اھڙيون خواھشون ھيون، جڏھن اوھين انھن موجب زندگي گذاريندا ھئا. 8پر ھاڻي اوھين اھڙيون سڀ ڳالھيون يعني ڪاوڙ، غضب، بدخواھي، گلا ۽ گاريون ڏيڻ ڇڏي ڏيو. 9 ھڪ ٻئي سان ڪوڙ نہ ڳالھايو، ڇوتہ اوھان پراڻي انسانيت کي سندس عادتن سميت لاھي ڇڏيو آھي، 10 ۽ نئين انسانيت کي پھري ڇڏيو آھي، جيڪا خدا جي پوري ڄاڻ سان پنھنجي خالق جي صورت موافق نئين ٿيندي ٿي وڃي. 11اتي نہ ڪو يوناني آھي نہ يھودي، نہ ڪو طھريل آھي نہ اڻ⁠طھريل، نہ ڪو جھنگلي آھي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آھي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آھي ۽ اوھان سڀني ۾ آھي. 12 تنھنڪري جيئن خدا جا چونڊيل، پاڪ ۽ پيارا آھيو، تيئن رحمدليءَ، مھربانيءَ، نِوڙت، حليمائيءَ ۽ صبر کي پوشاڪ وانگر پھري ڇڏيو. 13 جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو ڪنھن ڏانھن رنج ھجي تہ ھڪ ٻئي جي برداشت ڪريو ۽ ھڪ ٻئي کي معاف ڪريو. جيئن خداوند اوھان کي معاف ڪيو آھي تيئن اوھين بہ ڪريو. 14انھن سڀني خوبين جي مٿان محبت کي ڪمربند وانگر ٻڌو، جيڪا انھن کي مڪمل طور ٻڌيءَ ۾ رکي ٿي. 15مسيح جو اطمينان، جنھن لاءِ اوھين ھڪ بدن ڪري سڏيا ويا آھيو، سو شل اوھان جي دلين تي حڪومت ڪري ۽ اوھين شڪرگذار رھو. 16 مسيح جي ڪلام کي پاڻ ۾ جھجھي انداز ۾ رھڻ ڏيو ۽ پوريءَ سياڻپ سان ھڪ ٻئي کي تعليم ڏيو ۽ نصيحت ڪريو. ان سان گڏ دل سان خدا جي شڪرگذاري ڪندي زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳايو. 17اوھين جيڪي⁠بہ ڪريو، چوڻ يا ڪم ڪرڻ، سو سڀ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ڪريو ۽ سندس ئي وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا بجاءِ آڻيو.

گھرو معاملن بابت

18 اي زالون! پنھنجن مڙسن جي تابعداريءَ ۾ رھو، ڇوتہ خداوند جون ھئڻ ڪري اوھان لاءِ اھو مناسب آھي. 19 اي مڙسؤ! پنھنجين زالن سان محبت رکو ۽ انھن تي سختي نہ ڪريو. 20 اي ٻارؤ! ھر ڳالھہ ۾ پنھنجي ماءُ⁠پيءُ جي فرمانبرداري ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اھا ڳالھہ خداوند کي ڏاڍي پسند آھي. 21 اي پيئرؤ! پنھنجن ٻارن کي ڪڪ نہ ڪريو، متان ھو بي⁠ھمت ٿي پون. 22 اي غلامؤ! پنھنجي دنياوي مالڪن جا ھر ڳالھہ ۾ فرمانبردار رھو. ماڻھن کي خوش ڪندڙن وانگر ڏيکاءَ لاءِ نہ، پر صاف⁠دليءَ سان ۽ خداوند جو خوف رکندي سندن خدمت ڪريو. 23جيڪي⁠بہ ڪريو سو دل سان ڪريو، ائين سمجھي تہ خداوند جي لاءِ ٿا ڪريو، نہ ماڻھن جي لاءِ. 24ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ انھيءَ جي عيوض ۾ اوھان کي خداوند کان ميراث ملندي. اوھين خداوند مسيح جي خدمت ٿا ڪريو. 25 جيڪو برائي ڪري ٿو تنھن کي پنھنجي برائيءَ جو بدلو ملندو، ڇالاءِ⁠جو اتي ڪنھن جي بہ طرفداري ڪانہ ٿي ٿئي.

ڪلسين 4

1 اي مالڪؤ! پنھنجن غلامن سان عدل ۽ انصاف جي ھلت ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اوھان جو بہ ھڪڙو مالڪ آھي جيڪو آسمان ۾ آھي.

وڌيڪ ھدايتون

2دعا ۾ مشغول رھو ۽ شڪرگذاريءَ سان انھيءَ ۾ ھوشيار رھو. 3انھيءَ سان گڏ اسان جي لاءِ بہ دعا گھرندا ڪريو تہ خدا اسان لاءِ ڪلام ٻڌائڻ جو دروازو کولي، تہ جيئن اسين مسيح جي انھيءَ راز کي بيان ڪري سگھون جنھن جي ڪري آءٌ قيد ۾ آھيان. 4دعا ڪريو تہ انھيءَ کي صاف طور پڌرو ڪريان، جيئن مون کي ڪرڻ گھرجي. 5 ھرھڪ موقعي جو فائدو وٺندي جيڪي ڪليسيا کان ٻاھر آھن، تن سان سياڻپ سان ھلت ڪريو. 6اوھان جي ڳالھہ ٻولھہ ھميشہ فضيلت واري ۽ سلوڻي ھئڻ کپي، تہ جيئن اوھان کي خبر پوي تہ ھرھڪ کي ڪيئن مناسب جواب ڏجي.

آخر ۾ دعا سلام

7 تُخِڪُس اوھان کي منھنجو سارو احوال ٻڌائيندو. ھو پيارو ڀاءُ، سچو خدمتگار ۽ خداوند جو ھئڻ ڪري اسان جو ھم⁠خدمت آھي. 8ھن کي آءٌ انھيءَ مقصد لاءِ اوھان ڏانھن موڪلي رھيو آھيان تہ اوھين اسان جي حالتن بابت ڄاڻو ۽ ھو اوھان جي دلين کي ھمتائي. 9 ھن سان گڏ اُنيسمس کي بہ موڪلي رھيو آھيان. ھو اسان جو سچو ۽ پيارو ڀاءُ آھي ۽ اوھان مان ئي ھڪڙو آھي. اُھي اوھان کي ھتي جون سڀ ڳالھيون ٻڌائيندا. 10 ارسترخس، جيڪو مون سان گڏ قيد ۾ آھي، اوھان کي سلام چوي ٿو. مرقس بہ، جيڪو برنباس جو سوٽ آھي اوھان کي سلام چوي ٿو. ھن بابت اوھان کي ھدايتون ٿيل آھن تہ جيڪڏھن ھو اوھان وٽ اچي تہ سندس آڌرڀاءُ ڪجو. 11يشوع جنھن کي يوستُس ڪري سڏيندا آھن، تنھن بہ اوھان کي سلام ڏنا آھن. يھودين مان رڳو ھي ٽي ماڻھو آھن، جن خدا جي بادشاھيءَ لاءِ مون سان گڏجي ڪم ڪيو آھي. اھي منھنجي گھڻي تسليءَ جو سبب پئي ٿيا آھن. 12 اِپفراس جيڪو اوھان مان ھڪڙو آھي ۽ عيسيٰ مسيح جو غلام آھي، سو اوھان کي سلام ٿو چوي. ھو اوھان جي لاءِ ھميشہ گرم⁠جوشيءَ سان دعا ٿو گھري، تہ جيئن اوھين ڪامل ٿي، پوري يقين سان ھرھڪ ڳالھہ ۾ خدا جي مرضيءَ تي قائم رھو. 13آءٌ سندس شاھدي ٿو ڏيان تہ ھو اوھان جي ۽ انھن جي لاءِ، جيڪي لوديڪيا ۽ ھيراپلس ۾ آھن سخت محنت ٿو ڪري. 14 اسان جو پيارو دوست ڊاڪٽر لوقا ۽ ديماس اوھان کي سلام ٿا ڏين. 15لوديڪيا شھر جي ڀائرن ۽ ڀينرن ۽ ڀيڻ نمفا ۽ سندس گھر ۾ جيڪا ڪليسيا آھي، تن کي منھنجا سلام ڏجو. 16جڏھن ھي خط اوھين پڙھي وڃو، تڏھن انھيءَ کي لوديڪيا جي ڪليسيا ۾ بہ پڙھيو وڃي. وري جيڪو خط لوديڪيا ڏانھن موڪليو ويو آھي، اھو اوھين بہ پڙھجو. 17 ان کان سواءِ ارخپس کي چئجو تہ جيڪو ڪم خداوند جي خدمت لاءِ تو کي مليو آھي، تنھن کي ضرور پورو ڪجانءِ. 18آءٌ پولس، ھاڻي پنھنجي ھٿ سان ھي سلام لکي رھيو آھيان. منھنجي قيد جي زنجيرن کي ياد رکجو. شل اوھان تي فضل ٿيندو رھي.

1.ٿسلونيڪين 1

1 ھي خط پولس، سيلاس ۽ تيمٿيس جي طرفان آھي. ھي ٿسلونيڪا شھر جي ڪليسيا ڏانھن لکجي ٿو، جيڪا خدا پيءُ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھي. شل اوھان تي فضل ۽ سلامتي ھجي.

ٿسلونيڪين جو ايمان ۽ مثالي زندگي

2اسين ھميشہ اوھان سڀني جي لاءِ خدا جا شڪرانا بجاءِ ٿا آڻيون ۽ پنھنجين دعائن ۾ اوھان کي ياد پيا ڪريون. 3اسين پنھنجي خدا ۽ پيءُ جي اڳيان اوھان جي ايمان جي ڪم، محبت واري محنت ۽ انھيءَ صبر کي جيڪو اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آھي، سدائين ياد پيا ڪريون. 4اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين ڄاڻون ٿا تہ اوھين خدا جا پيارا ۽ چونڊيل آھيو. 5ڇالاءِ⁠جو اسان جي خوشخبري اوھان وٽ نہ رڳو لفظي طور پر قدرت، پاڪ روح ۽ پوري يقين سان پھتي آھي. اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسين جڏھن اوھان وٽ ھئاسين تہ اوھان جي خاطر ڪھڙي زندگي گذاريسين. 6 اوھين اسان وانگر ھليا ۽ خداوند جا پيروي ڪندڙ ٿي ويا، ڇوتہ گھڻي مصيبت جي ھوندي بہ اوھان پاڪ روح جي مليل خوشيءَ سان خدا جو ڪلام قبول ڪيو. 7ايتري قدر جو اوھين مڪدونيا ۽ اخيا پرڳڻن جي سڀني ايمان آڻيندڙن لاءِ نمونو ٿيا. 8اوھان کان نہ رڳو مڪدونيا ۽ اخيا ۾ خداوند جو پيغام ڦھليو آھي، بلڪ اوھان جو ايمان، جيڪو خدا تي آھي سو ھر ھنڌ مشھور ٿي ويو آھي. تنھنڪري انھيءَ بابت اسان کي ڪجھہ بہ چوڻ جي ضرورت ڪانھي. 9ڇالاءِ⁠جو اھي ماڻھو پاڻ ذڪر ٿا ڪن تہ ڪھڙيءَ طرح اوھان اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو. اھي ٻڌائين ٿا تہ ڪيئن اوھان بتن کي ڇڏي خدا ڏانھن ڦريا، تہ جيئن سچي ۽ زندہ خدا جي بندگي ڪريو 10۽ آسمان مان سندس فرزند يعني عيسيٰ مسيح جي اچڻ جو انتظار ڪندا رھو، جنھن کي ھن مئلن مان جياريو. ھو اسان کي خدا جي ايندڙ غضب کان بچائي ٿو.

1.ٿسلونيڪين 2

پولس جو خدمت ڪرڻ

1اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ اسان جو اوھان وٽ اچڻ اجايو ڪين ٿيو. 2 اوھان کي خبر آھي تہ فلپي شھر ۾ ڏکن سھڻ ۽ بي⁠عزت ٿيڻ کان پوءِ بہ خدا اسان کي ھمت ڏني، جو سخت مخالفت جي باوجود اسان اوھان کي سندس خوشخبري ٻڌائي. 3ڇالاءِ⁠جو اسان جي نصيحت گمراھہ ڪندڙ ناھي، نڪي ناپاڪيءَ يا ٺڳيءَ واري آھي. 4بلڪ جيئن خدا اسان کي قبول ڪري خوشخبري اسان جي حوالي ڪئي، تيئن ئي اسين بيان ٿا ڪريون. اسين ماڻھن کي نہ پر خدا کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون، جيڪو اسان جي دلين کي آزمائي ٿو. 5ڇالاءِ⁠جو اوھان کي خبر آھي تہ اسان ڪڏھن بہ خوشامند جي ڳالھہ نہ ڪئي آھي ۽ نہ ڪنھن ڳالھہ کي لالچ جو پردو ڪيو اٿئون. انھيءَ جو خدا شاھد آھي. 6اسان ماڻھن کان پنھنجي تعريف ڪرائڻ نہ گھري، نہ اوھان کان، نہ ئي ڪنھن ٻئي کان، جيتوڻيڪ اسين مسيح جا رسول ٿي اوھان تي اھڙو بار وجھي ٿي سگھياسين. 7پر اسين اوھان منجھہ اھڙي نرميءَ سان رھياسين، جھڙيءَ طرح ماءُ پنھنجن ٻارڙن کي پاليندي آھي. 8انھيءَ طرح اسان کي اوھان سان ايتري محبت ھئي جو نہ رڳو خدا جي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ پر اوھان جي زندگيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ بہ راضي ھئاسين، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين اسان کي ايڏا پيارا ٿي لڳا. 9اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان کي اسان جي محنت ۽ مشقت ضرور ياد ھوندي، ڇالاءِ⁠جو اسان ڪنھن تي بہ بار نہ ٿيڻ لاءِ رات ڏينھن پورھيو ڪري اوھان کي خدا جي خوشخبري ٻڌائي. 10اوھين شاھد آھيو ۽ خدا بہ، تہ ڪھڙيءَ طرح اسين اوھان ايمان آڻيندڙن سان پاڪ، سچار ۽ بي⁠عيب ٿي ھلياسين. 11ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ جھڙيءَ طرح ڪو پيءُ پنھنجي ٻار سان ھلندو آھي، تھڙيءَ طرح اسين بہ اوھان مان ھر ھڪ سان ھلياسين. 12اسين اوھان کي ھمتائيندا، دلداري ڏيندا ۽ سمجھائيندا رھياسين تہ اوھين خدا جي لائق زندگي گذاريو، جيڪو اوھان کي پنھنجي بادشاھت ۽ جلال ڏانھن سڏي ٿو. 13انھيءَ ڪري اسين بہ ھميشہ خدا جو شڪر ٿا ڪريون تہ جڏھن اوھان کي خدا جو پيغام مليو جيڪو اوھان اسان کان ٻڌو، تڏھن اوھان اھو ماڻھن جو ڪلام نہ پر جيئن حقيقت ۾ آھي تيئن خدا جو ڪلام سمجھي قبول ڪيو. اھو ڪلام اوھان ايمان آڻيندڙن تي اثر بہ ڪري ٿو. 14 ڇالاءِ⁠جو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين خدا جي انھن ڪليسيائن جا پوئلڳ ٿيا، جيڪي يھوديہ ۾ عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھن. اوھان بہ پنھنجي ھم⁠وطن ماڻھن کان ساڳيون ئي تڪليفون سٺيون، جھڙيون انھن ڪليسيائن يھودين کان سٺيون ھيون. 15 يھودين خداوند عيسيٰ کي توڙي نبين کي ماري وڌو ۽ اسان کي بہ ستائي لوڌي ڪڍيائون. اھي خدا کي نہ ٿا وڻن ۽ سڀني ماڻھن جي خلاف آھن. 16اھي اسان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تہ اسين غير قومن کي سندن ڇوٽڪاري جو ڪلام نہ ٻڌايون. اھڙيءَ طرح اھي پنھنجن گناھن جي گھَڙي کي ھميشہ ڀريندا ٿا رھن. پر نيٺ انھن تي خدا جو ڀرپور غضب اچي ڪڙڪيو آھي.

ٿسلونيڪين سان ملڻ لاءِ پولس جي سڪ

17اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏھن اسين ٿوري عرصي جي لاءِ اوھان کان دلي طور نہ پر رڳو جسماني طور جدا ٿياسين، تڏھن ڏاڍي سڪ سان اوھان جي منھن ڏسڻ لاءِ تمام گھڻي ڪوشش ڪئي سون. 18انھيءَ لاءِ اسان ۽ خاص طور مون پولس، ھڪ کان وڌيڪ دفعا اوھان وٽ اچڻ جي خواھش بہ ڪئي، پر شيطان اسان کي روڪيو. 19ڀلا، اسان جي اميد، اسان جي خوشي ۽ اسان جي فخر جو تاج ڪير آھي؟ ڇا اسان جي خداوند عيسيٰ جي اڳيان سندس اچڻ وقت اھي اوھين ئي نہ ھوندا؟ 20سچ⁠پچ اوھين ئي اسان جو فخر ۽ خوشي آھيو.

1.ٿسلونيڪين 3

1 تنھنڪري جڏھن اسين اوھان کان جدا رھڻ وڌيڪ برداشت ڪري نہ سگھياسين، تڏھن اسان بھتر سمجھيو تہ اٿينس شھر ۾ اڪيلا ئي رھجي وڃون. 2سو تيمٿيس، جيڪو اسان جي ڀاءُ ۽ مسيح جي خوشخبري ڦھلائڻ ۾ خدا سان گڏ ڪم ڪندڙ آھي، تنھن کي اوھان ڏانھن موڪليوسين، انھيءَ لاءِ تہ ھو اوھان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري ۽ ان جي باري ۾ اوھان کي ھمتائي. 3اسين نہ ٿا چاھيون تہ انھن مصيبتن جي ڪري ڪنھن جي دل ھارجي، ڇالاءِ⁠جو اوھين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ اسين انھن لاءِ ئي مقرر ٿيا آھيون. 4حقيقت ۾ جڏھن اسين اوھان وٽ ھئاسين تڏھن اوھان کي اڳي ئي چيو ھوسين تہ اسان کي مصيبت سھڻي پوندي. اوھين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ ائين ئي ٿيو. 5انھيءَ سبب جڏھن آءٌ وڌيڪ برداشت ڪري نہ سگھيس، تڏھن اوھان جي ايمان بابت معلوم ڪرڻ لاءِ تيمٿيس کي موڪليم. مون کي ڊپ ھو تہ متان ڪنھن طرح آزمائڻ واري، يعني شيطان اوھان کي آزمايو ھجي ۽ اسان جي محنت بيڪار ويئي ھجي.

تيمٿيس جو ھمتائيندڙ احوال

6 پر ھاڻي تيمٿيس اوھان وٽان ٿي واپس آيو ۽ اوھان جي ايمان ۽ محبت جي باري ۾ سٺي خبر ڏنائين. ھن اسان کي ٻڌايو آھي تہ اوھين اسان کي ھميشہ دل سان ياد پيا ڪريو ۽ اسان جي ڏسڻ جي گھڻي سڪ اٿوَ، جھڙيءَ طرح اسان کي بہ اوھان جي آھي. 7تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان کي پنھنجي گھڻي تنگيءَ ۽ مصيبت ۾ بہ اوھان جي ايمان جي ڪري اوھان بابت تسلي ٿي. 8ھاڻي اسين حقيقي زندگي گذاريون ٿا، ڇالاءِ⁠جو اوھين خداوند تي ايمان آڻي قائم رھو ٿا. 9اسان کي پنھنجي خدا جي آڏو اوھان جي ڪري ڪيڏي نہ خوشي حاصل ٿي آھي. انھيءَ خوشيءَ جي ڪري اسين ڪھڙيءَ طرح اوھان لاءِ خدا جي شڪرگذاري ادا ڪريون؟ 10اسين رات ڏينھن تمام گھڻي دعا گھرندا ٿا رھون تہ شل وري اوھان جو منھن ڏسون ۽ اوھان جي ايمان ۾ جيڪا گھٽتائي آھي سا پوري ڪريون. 11ھاڻي شل اسان جو خدا ۽ پيءُ پاڻ ۽ اسان جو خداوند عيسيٰ اوھان وٽ اچڻ لاءِ اسان جي راھہ تيار ڪري. 12جھڙيءَ طرح اسان کي اوھان سان محبت آھي، تھڙيءَ طرح خداوند شل اوھان جي محبت بہ ھڪ ٻئي لاءِ، بلڪ سڀني لاءِ گھڻي ڪري ۽ بيحد وڌائي. 13شل ھو اوھان جي دلين کي اھڙو مضبوط ڪري جو جڏھن اسان جو خداوند عيسيٰ پنھنجي سڀني پوئلڳن سان اچي، تڏھن اسان جي خدا ۽ پيءُ جي اڳيان اوھين پاڪ ۽ بي⁠عيب ھجو.

1.ٿسلونيڪين 4

خدا کي وڻندڙ زندگي

1مطلب تہ، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان اوھان کي سيکاريو ھو تہ خدا کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن زندگي گذارجي. سچ⁠پچ تہ اوھين اھڙي زندگي گذاري بہ رھيا آھيو. ھاڻي اسين اوھان کي خداوند عيسيٰ جي نالي تي منٿ ٿا ڪريون ۽ نصيحت ٿا ڏيون تہ اوھين انھيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو. 2ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسان اوھان کي خداوند عيسيٰ جي طرفان ڪھڙا ڪھڙا حڪم ڏنا. 3سو خدا جي مرضي اھا آھي تہ اوھين پاڪ رھو ۽ زناڪاريءَ کان پوريءَ طرح پاسو ڪريو. 4اوھان مان ھر ڪو ماڻھو پنھنجي بدن کي پاڪ ۽ عزت واري نموني ۾ تابع رکڻ سکي، 5يعني شھوت جي جوش ۾ انھن قومن وانگر نہ گذاريو، جيڪي خدا کي نہ ٿيون سڃاڻين. 6سو انھيءَ معاملي ۾ ڪوبہ ماڻھو پنھنجي ھم⁠ايمان سان زيادتي يا ٺڳي نہ ڪري. جيئن تہ اسان اڳي ئي اوھان کي ٻڌايو ۽ خبردار ڪيو آھي تہ خداوند اھڙن سڀني گناھن جي سزا ڏيندو. 7ڇالاءِ⁠جو خدا اسان کي ناپاڪ زندگي گذارڻ لاءِ نہ، بلڪ پاڪ زندگي گذارڻ لاءِ سڏيو آھي. 8تنھنڪري جيڪو ھيءَ تعليم رد ٿو ڪري سو ماڻھوءَ کي نہ بلڪ خدا کي رد ٿو ڪري، جيڪو اوھان کي پنھنجو پاڪ روح ڏئي ٿو. 9ھاڻي ڀائرن واري محبت بابت اوھان ڏانھن ڪجھہ لکڻ جي ضرورت ڪانھي، ڇالاءِ⁠جو ھڪ ٻئي سان محبت ڪرڻ جي تعليم اوھان پاڻ خدا کان حاصل ڪئي آھي. 10سچ⁠پچ تہ اوھين پوري مڪدونيا جي سڀني ايمان وارن سان محبت ڪريو بہ ٿا. تڏھن بہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي تاڪيد ٿا ڪريون تہ انھيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو. 11جھڙيءَ طرح اسان اوھان کي ٻڌايو آھي، تھڙيءَ طرح ڪوشش ڪري صبر سان زندگي گذاريو، پنھنجي ڪم سان ڪم رکو ۽ پنھنجن ھٿن سان پورھيو ڪريو. 12انھيءَ طرح اوھان کي پنھنجي روزاني ھلت جي ڪري ڪليسيا کان ٻاھر وارن کان عزت حاصل ٿيندي ۽ اوھين ڪنھن جا بہ محتاج نہ ٿيندا.

خداوند جو اچڻ

13ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين نہ ٿا چاھيون تہ جيڪي مري ويا آھن تن بابت اوھين بي⁠خبر رھو، يا انھن وانگر غمگين ٿيو جن کي اميد ئي ڪانھي. 14ڇالاءِ⁠جو جيئن اسين ھي مڃون ٿا تہ عيسيٰ مري ويو ۽ وري جي اٿيو، تيئن اسين ھي بہ مڃون ٿا تہ جيڪي عيسيٰ جي ايمان ۾ مري ويا آھن، تن کي بہ خدا عيسيٰ سان گڏ پاڻ وٽ گھرائيندو. 15 انھيءَ ڪري اسين اوھان کي خداوند جي ڪلام موجب ٿا چئون تہ اسين، جيڪي اڃا تائين جيئرا آھيون ۽ خداوند جي اچڻ تائين ڇڏيا ويا آھيون سي انھن کان، جيڪي مري ويا آھن، ڪنھن بہ طرح اڳتي ڪين ٿي وينداسين. 16ڇالاءِ⁠جو وڏي واڪي سان، وڏي ملائڪ جي آواز سان ۽ خدا جي بگل وڄڻ سان خداوند پاڻ آسمان مان ھيٺ لھندو. پوءِ جيڪي مسيح جي ايمان ۾ مري ويا آھن سي پھريائين جي اٿندا. 17انھيءَ کان پوءِ اسين، جيڪي اڃا تائين جيئرا ۽ ڇڏيل ھونداسين سي انھن سان گڏ مٿي ڪڪرن ۾ کنيا وينداسين، تہ جيئن ھوا ۾ خداوند سان ملاقات ڪريون. اھڙيءَ طرح اسين ھميشہ خداوند سان گڏ رھنداسين. 18تنھنڪري اوھين انھن ڳالھين سان ھڪ ٻئي کي ھمتائيندا رھو.

1.ٿسلونيڪين 5

خداوند جي اچڻ لاءِ سجاڳ رھو

1ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان کي وقتن ۽ زمانن جي باري ۾ اوھان ڏانھن ڪجھہ لکڻ جي ضرورت ڪانھي. 2 ڇالاءِ⁠جو اوھين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ جيئن رات جو ڪو چور ٿو اچي تيئن خداوند جو ڏينھن اوچتو ايندو. 3جنھن وقت ماڻھو پيا چوندا تہ امن ۽ سلامتي آھي، انھيءَ وقت جيئن پيٽ واري عورت کي سور ٿيندا آھن تيئن اوچتو ئي اوچتو مٿن تباھي اچي نازل ٿيندي ۽ اھي ھرگز نہ بچندا. 4پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين اونداھيءَ ۾ نہ آھيو جو اھو ڏينھن چور وانگر اوھان مٿان اچي پوي. 5بلڪ اوھان سڀني جو روشنيءَ ۽ ڏينھن سان گھاٽو تعلق آھي. اسان جو رات يا اونداھيءَ سان ڪوبہ تعلق ڪونھي. 6تنھنڪري اسين ٻين وانگر سمھي نہ رھون، پر اچو تہ جاڳندا ۽ ھوشيار رھون. 7ڇالاءِ⁠جو جيڪي سمھي رھن ٿا سي رات جو ئي ٿا سمھن ۽ جيڪي نشي ۾ چور ٿا ٿين سي رات جو ئي نشو ٿا ڪن. 8 پر اسين ڏينھن وارا آھيون، تنھنڪري اچو تہ ايمان ۽ محبت جي زرہ ڍڪي ۽ ڇوٽڪاري جي اميد جو لوھو ٽوپ پائي ھوشيار رھون. 9ڇالاءِ⁠جو خدا اسان کي غضب سھڻ لاءِ نہ، بلڪ انھيءَ لاءِ مقرر ڪيو آھي تہ اسين پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي ڇوٽڪارو حاصل ڪريون. 10ھو اسان جي خاطر مئو، انھيءَ لاءِ تہ اسين جيئرا ھجون يا مئل، تہ بہ ساڻس گڏ جيئون. 11تنھنڪري ھڪ ٻئي کي ھمتائيندا ۽ ھڪ ٻئي جي ترقيءَ جو باعث ٿيندا رھو، جيئن سچ⁠پچ اوھين ڪريو بہ پيا.

آخري ھدايتون

12اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي عرض ٿا ڪريون تہ انھن ماڻھن جي عزت ڪريو، جيڪي اوھان منجھہ سخت محنت ٿا ڪن. اھي خداوند جا ھئڻ ڪري اوھان جا اڳواڻ آھن ۽ اوھان کي نصيحت ٿا ڪن. 13سندن محنت جي ڪري محبت سان کين وڏي عزت ڏيو. اوھين پاڻ ۾ صلح سانت سان رھو. 14اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي نصيحت ٿا ڪريون تہ اجايو وقت وڃائڻ وارن کي سمجھايو، بزدل ماڻھن کي ھمتايو، ھيڻن جي مدد ڪريو ۽ سڀني سان ڏاڍي صبر سان پيش اچو. 15خبردار، ڪوبہ ڪنھن سان بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪري، بلڪ ھڪ ٻئي سان ۽ سڀني ماڻھن سان ھميشہ نيڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. 16ھر وقت خوش رھو. 17سدائين دعا گھرندا رھو. 18ھر حالت ۾ شڪرگذاري ڪريو، ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ مسيح جا ھئڻ ڪري اوھان بابت خدا جي اھا ئي مرضي آھي. 19پاڪ روح، جيڪو باھہ مثل آھي تنھن کي نہ وسايو. 20جيڪڏھن ڪو نبين وانگر خدا جو پيغام ٻڌائي ٿو تہ ان پيغام کي اجايو نہ سمجھو. 21سڀني ڳالھين کي پرکيو، جيڪا چڱي ھجي تنھن کي اختيار ڪريو. 22ھر قسم جي برائيءَ کان پاسو ڪريو.

دعا سلام

23شل اطمينان بخشيندڙ خدا پاڻ اوھان کي پوريءَ طرح پاڪ ڪري. شل ھو اوھان جي روح، جان ۽ بدن کي، يعني اوھان کي مڪمل طور اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي اچڻ تائين بي⁠عيب رکي. 24جنھن اوھان کي سڏيو آھي، سو سچو آھي ۽ ھو ائين ئي ڪندو. 25اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي لاءِ دعا گھرو. 26سڀني ايمان وارن کي پيار سان ملي سلام ڏجو، 27۽ آءٌ خداوند کي حاضرناظر ڄاڻي اوھان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ ھي خط کين پڙھي ٻڌائجو. 28شل اوھان تي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ھجي.

2.ٿسلونيڪين 1

1 ھي خط پولس، سيلاس ۽ تيمٿيس جي طرفان آھي. ھي ٿسلونيڪا شھر جي ڪليسيا ڏانھن لکجي ٿو، جيڪا اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھي. 2خدا پيءُ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان شل اوھان تي فضل ۽ سلامتي ھجي.

حوصلو رکو، انصاف ٿيندو

3اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جو فرض آھي تہ اوھان جي لاءِ ھميشہ خدا جو شڪر ڪريون. ھي انھيءَ ڪري مناسب آھي تہ اوھان جو ايمان گھڻو وڌندو ٿو وڃي ۽ اوھان سڀني جي محبت ھڪ ٻئي لاءِ زيادہ ٿيندي وڃي ٿي. 4تنھنڪري اسين پاڻ خدا جي ڪليسيائن ۾ اوھان بابت فخر ٿا ڪريون جو جيڪي ظلم ۽ مصيبتون اوھين سھو ٿا، تن سڀني ۾ اوھان جو صبر ۽ ايمان ظاھر ٿو ٿئي. 5انھن ڳالھين مان ثابت آھي تہ خدا جو انصاف سچو آھي. انھيءَ جي نتيجي ۾ اوھين خدا جي بادشاھت جي لائق ليکبا، جنھن جي لاءِ اوھين ڏک بہ سھو ٿا پيا. 6خدا عادل آھي. ھو اوھان جي ڏک ڏيڻ وارن کي بدلي ۾ ڏک ڏيندو 7۽ اوھان ڏک سھڻ وارن کي اسان سان گڏ آرام ڏيندو. ھي انھيءَ وقت ٿيندو جڏھن خداوند عيسيٰ پنھنجي طاقتور ملائڪن سان گڏ ڀڙڪندڙ باھہ ۾ آسمان مان ظاھر ٿيندو. 8ھو انھن کي سزا ڏيندو جيڪي خدا کي نہ ٿا سڃاڻين ۽ جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين. 9 اھي خداوند جي حضور کان ۽ سندس قدرت جي عظمت کان پري رھندا ۽ کين ھميشہ جي لاءِ برباد ٿيڻ جي سزا ملندي. 10اھو مسيح جي اچڻ واري ڏينھن تي ٿيندو، جڏھن ھن جا پاڪ ٿيل، يعني جن ايمان آندو آھي سي سڀ سندس واکاڻ ۽ تعظيم ڪندا. انھن ۾ اوھين بہ شامل ھوندا، ڇالاءِ⁠جو اوھان اسان جي شاھديءَ تي ايمان آندو. 11انھيءَ ڪري اسين ھميشہ اوھان لاءِ دعا گھرندا رھندا آھيون، تہ شل اسان جو خدا اوھان کي پنھنجي ڪوٺ جي لائق ڄاڻي. شل ھو پنھنجي قدرت سان اوھان جي ھر نيڪ خواھش ۽ ايمان واري ڪم کي پورو ڪري. 12اسين ھيءَ دعا انھيءَ لاءِ گھرندا آھيون تہ جيئن اسان جي خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي فضل موجب، اسان جي خداوند عيسيٰ جو نالو اوھان جي وسيلي ۽ اوھين ھن جي وسيلي عزت پايو.

2.ٿسلونيڪين 2

وڳوڙي ماڻھو

1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي اچڻ ۽ ھن وٽ اسان جي گڏ ٿيڻ بابت اوھان کي منٿ ٿا ڪريون، 2تہ اوھين اھو سمجھي ڄڻ تہ خداوند جو ڏينھن اڳي ئي اچي ويو آھي، پنھنجن خيالن ۾ سولائيءَ سان ڊانوانڊول نہ ٿيو. نڪي اوھين پريشان ٿيو، نہ ڪنھن اڳڪٿيءَ کان، نہ ڪنھن افواھہ کان ۽ نہ ڪنھن خط کان جيڪو اسان وٽان آيل سمجھو. 3ڪنھن بہ طرح ڪنھن ماڻھوءَ جي فريب ۾ نہ اچجو. ڇالاءِ⁠جو اھو ڏينھن تيستائين نہ ايندو، جيستائين ماڻھو پھرين خدا کان ڦري نہ وڃن ۽ وڳوڙي ماڻھو جنھن جي پڇاڙي بربادي آھي ظاھر نہ ٿئي. 4 ھو پاڻ کي انھن سڀني کان مٿاھون ڄاڻيندڙ ۽ انھن جي مخالفت ڪندڙ آھي، جيڪي خدا يا معبود ٿا سڏجن، ايتري قدر جو ھو خدا جي ھيڪل ۾ ويھي پاڻ کي خدا مشھور ڪندو. 5اوھان کي ياد ناھي ڇا تہ جڏھن آءٌ اوھان وٽ ھوس، تڏھن اوھان کي اھي ڳالھيون ٻڌائيندو ھوس؟ 6ھاڻ اوھين ڄاڻو ٿا تہ اھا ڪھڙي طاقت آھي جيڪا ھن وڳوڙيءَ کي روڪيو بيٺي آھي، انھيءَ لاءِ تہ ھو پنھنجي پوري وقت تي ظاھر ٿئي. 7جيئن تہ وڳوڙ جي ڳجھي طاقت اڳي ئي اثر ڪندي ٿي رھي، پر ھاڻي ان کي ھڪ روڪڻ وارو آھي، جيڪو کيس تيستائين روڪيندو رھندو، جيستائين ھن کي رستي کان ھٽايو نہ ويندو. 8 تنھن کان پوءِ اھو وڳوڙي ظاھر ٿيندو، جنھن کي خداوند عيسيٰ پنھنجي وات جي ڦوڪ سان ماري وجھندو ۽ پنھنجي اچڻ جي جلوي سان چٽ ڪري ڇڏيندو. 9 انھيءَ وڳوڙيءَ جو اچڻ شيطان جي عمل موجب ٿيندو، جنھن جي پوري طاقت سان ھو ڪوڙيون ڪرامتون ۽ عجيب مگر ڪوڙا ڪم ڪري ڏيکاريندو. 10ھو برباد ٿيڻ وارن کي ھر قسم جي بڇڙائيءَ سان فريب ڏيندو. اھي ماڻھو انھيءَ ڪري برباد ٿيندا جو سچ جي محبت اختيار نہ ڪيائون، جنھن سان سندن ڇوٽڪارو ٿئي ھا. 11اھو ئي سبب آھي جو خدا ھنن تي گمراھيءَ جو اثر وجھندو، تہ جيئن ھو ان ڪوڙ کي مڃين. 12انھيءَ لاءِ تہ جيڪي سچ تي ايمان نہ ٿا آڻين ۽ بڇڙائيءَ ۾ خوش ٿا رھن، تن سڀني کي ڏوھي ٺھرايو وڃي.

ثابت قدم رھو

13پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند جا پيارؤ! اسان جو فرض آھي تہ اوھان جي لاءِ خدا جا شڪرانا بجا آڻيون، ڇالاءِ⁠جو خدا شروع کان ئي اوھان کي انھيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو ھو تہ روح جي وسيلي پاڪ ٿي ۽ سچ تي ايمان آڻي ڇوٽڪارو حاصل ڪريو. 14ھن اوھان کي اسان جي خوشخبريءَ جي وسيلي انھيءَ لاءِ سڏيو، تہ جيئن اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي عظمت ۾ ڀائيوار ٿيو. 15تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ثابت قدم رھو ۽ انھن ڳالھين تي قائم رھو، جيڪي اسان اوھان کي زباني يا خط جي وسيلي سيکاريون آھن. 16شل اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح پاڻ ۽ اسان جو پيءُ خدا، جنھن اسان سان محبت رکي ۽ پنھنجي فضل جي ڪري اسان کي ھميشہ جي تسلي ۽ چڱي اميد ڏني، 17سو اوھان جي دلين کي ھمت ڏئي ۽ ھر چڱي ڪم ڪرڻ ۽ چوڻ جي طاقت بخشي.

2.ٿسلونيڪين 3

اسان لاءِ دعا گھرو

1مطلب تہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي لاءِ دعا گھرو تہ خداوند جو پيغام جلد ڦھلجي ۽ عزت سان قبول ڪيو وڃي، جيئن اوھان منجھہ آھي. 2ھيءَ بہ دعا گھرو تہ اسين ڏنگن ۽ بڇڙن ماڻھن کان بچيل رھون، ڇالاءِ⁠جو سڀ ڪنھن ۾ ايمان ڪونھي. 3پر خداوند سچو آھي. ھو اوھان کي مضبوط ڪندو ۽ انھيءَ بڇڙي کان بچائيندو. 4خداوند جا ھئڻ ڪري اسان کي اوھان بابت اھو يقين آھي تہ جيڪي حڪم اسين اوھان کي ڏيون ٿا، تن تي اوھين عمل ڪريو ٿا ۽ اڳتي بہ ڪندا رھندا. 5شل خداوند اوھان جي دلين کي اھڙي ھدايت ڪري جو اوھين خدا جي محبت ۽ مسيح جو صبر حاصل ڪريو.

چستيءَ لاءِ تاڪيد

6اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي تي اوھان کي حڪم ٿا ڏيون تہ اوھين ھر انھيءَ ڀاءُ کان پاسو ڪريو، جيڪو اجايو وقت ٿو وڃائي ۽ اسان کان مليل تعليم موجب زندگي نہ ٿو گذاري. 7اوھين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ ڪھڙيءَ طرح اوھان کي اسان جي پيروي ڪرڻ گھرجي. ڇالاءِ⁠جو اسين جڏھن اوھان وٽ ھئاسين تہ اجايو وقت نہ وڃايوسين. 8ڪنھن جي ماني مفت نہ کاڌيسين بلڪ محنت ۽ مشقت ڪري رات ڏينھن پورھيو ڪيوسين، انھيءَ لاءِ تہ اوھان مان ڪنھن تي بہ بار نہ ٿيون. 9اسان ائين انھيءَ لاءِ نہ ڪيوسين تہ اسان کي اھڙي مدد وٺڻ جو حق نہ ھو، بلڪ انھيءَ لاءِ ڪيوسين تہ اسين پاڻ کي اوھان جي لاءِ نمونو بڻايون تہ جيئن اوھين اسان جي پيروي ڪريو. 10جڏھن اسين اوھان وٽ ھئاسين، تڏھن بہ اوھان کي اھو حڪم ڏنو ھوسين تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪم ڪرڻ نہ چاھي تہ اھو کائي بہ نہ. 11پر اسين ٻڌون ٿا تہ اوھان مان ڪي ماڻھو اجايو وقت ٿا وڃائين. اھي ڪوبہ ڪم ڪونہ ٿا ڪن، بلڪ ٻين جي ڪمن ۾ ٽپيو ٿا پون. 12اسين خداوند عيسيٰ مسيح جي اختيار سان اھڙن ماڻھن کي حڪم ٿا ڏيون ۽ نصيحت ٿا ڪريون تہ اھي ماٺ ڪري گذارين ۽ پورھيو ڪري پنھنجي ماني کائين. 13پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين نيڪي ڪرڻ ۾ ڪڏھن نہ ٿڪجو. 14جيڪڏھن ڪو ماڻھو اسان جي ھن خط واري ڳالھہ کي نہ مڃي تہ انھيءَ کي ڌيان ۾ رکو ۽ ساڻس صحبت نہ رکو، تہ جيئن ھو شرمندو ٿئي. 15تنھن ھوندي بہ ھن کي دشمن نہ سمجھو، بلڪ ايمان وارو سمجھي کيس تنبيھہ ڪريو.

آخر ۾ دعا سلام

16ھاڻي اطمينان بخشيندڙ خداوند پاڻ ئي اوھان کي ھميشہ ۽ ھر طرح سان اطمينان ڏئي. شل خداوند اوھان سڀني ساڻ ھجي. 17آءٌ پولس، پنھنجي ھٿ سان ھي سلام لکي رھيو آھيان. منھنجي ھر خط ۾ اھا نشاني آھي. آءٌ ائين ئي لکندو آھيان. 18شل اوھان سڀني تي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ھجي.

1.تيمٿيس 1

1ھي خط پولس جي طرفان آھي، جيڪو اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا ۽ اسان جي اميد، عيسيٰ مسيح جي حڪم سان عيسيٰ مسيح جو رسول آھي. 2 ھي تيمٿيس ڏانھن لکجي ٿو، جيڪو ايمان جي ڪري منھنجو سچو فرزند آھي. شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل، رحم ۽ سلامتي ھجي.

غلط تعليم خلاف تاڪيد

3جيئن مون مڪدونيا وڃڻ وقت تو کي تاڪيد ڪيو ھو، تيئن تون اِفسس شھر ۾ رھجانءِ، انھيءَ لاءِ تہ ڪن ماڻھن کي حڪم ڏئين تہ غلط قسم جي تعليم نہ ڏين. 4نڪي انھن ڪوڙين آکاڻين ۽ بي⁠انتھا نسب⁠نامن تي ڌيان ڏين. اھي رڳو تڪرار جو باعث ٿين ٿا، نہ خدا جي انھيءَ انتظام جو جيڪو ايمان تي منحصر آھي. 5انھيءَ حڪم جو مقصد اھا محبت پيدا ڪرڻ آھي، جيڪا صاف⁠دليءَ، نيڪ⁠نيتيءَ ۽ سچي ايمان کان پيدا ٿئي ٿي. 6ڪي ماڻھو انھن ڳالھين کان ڀٽڪي پري ٿي اجائي بحث ۾ وڃي پيا آھن. 7اھي شريعت جا عالم تہ ٿيڻ چاھين ٿا، پر کين اھا بہ خبر ڪانھي تہ ھو ڇا بابت ٿا ڳالھائين ۽ ڪھڙين ڳالھين جي وڏي يقين سان دعويٰ ٿا ڪن. 8اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت چڱي آھي، بشرطيڪ ڪو ماڻھو انھيءَ کي صحيح نموني ۾ استعمال ڪري. 9اسين ھي بہ ڄاڻون ٿا تہ شريعت نيڪ ماڻھن لاءِ نہ ٺھي آھي. پر اھا نافرمانن ۽ فسادين، بدڪارن ۽ گنھگارن، ناپاڪن ۽ ڪفر بڪندڙن لاءِ ۽ انھن لاءِ ٺھي آھي جيڪي پيءُ ۽ ماءُ جا قاتل آھن ۽ جيڪي خوني آھن. 10اھا زناڪارن ۽ لونڊي⁠بازن لاءِ، انسانن جو اغوا ڪندڙن لاءِ، ڪوڙن لاءِ ۽ ڪوڙا قسم کڻڻ وارن لاءِ آھي. انھن کان سواءِ جيڪي صحيح تعليم جي برخلاف آھن، اھا تن لاءِ آھي. 11اھا تعليم، سڳوري خدا جي جلال جي خوشخبريءَ موجب آھي، جيڪا ھن منھنجي حوالي ڪئي.

رحم لاءِ شڪرگذاري

12آءٌ، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جيڪو مون کي طاقت ٿو ڏئي ۽ جنھن مون کي وفادار سمجھي پنھنجيءَ خدمت لاءِ مقرر ڪيو. 13 جيتوڻيڪ آءٌ اڳي ڪفر بڪندڙ، ستائيندڙ ۽ بي⁠عزت ڪندڙ ھوس، تنھن ھوندي بہ مون تي رحم ٿيو، ڇالاءِ⁠جو مون جيڪي ڪجھہ ڪيو سو ايمان نہ ھئڻ سبب ۽ اڻ⁠ڄاڻائيءَ ڪري ڪيو. 14انھيءَ ايمان ۽ پيار سان گڏ جيڪو عيسيٰ مسيح جي طرفان آھي، اسان جي خداوند جو فضل مون تي نھايت ئي گھڻو ٿيو. 15اھا ڳالھہ سچي ۽ ھر طرح قبول ڪرڻ جي لائق آھي تہ عيسيٰ مسيح گنھگارن کي ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ دنيا ۾ آيو، جن مان بدترين آءٌ آھيان. 16پر مون تي انھيءَ ڪري رحم ٿيو تہ جيئن عيسيٰ مسيح مون وڏي گنھگار ۾ پنھنجو بي⁠انتھا تحمل ظاھر ڪري ۽ آءٌ انھن لاءِ نمونو ٿيان، جيڪي پوءِ مٿس ايمان آڻي دائمي زندگي حاصل ڪندا. 17ھاڻي دائمي بادشاھہ يعني غير فاني، ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ ۽ واحد خدا جي عزت ۽ واکاڻ ھميشہ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين. 18اي منھنجا فرزند تيمٿيس! آءٌ تو کي اھو حڪم سپرد ٿو ڪريان تہ انھن اڳڪٿين موجب جيڪي اڳي تو بابت ڪيون ويون ھيون، تون چڱي جنگ وڙھندو رھہ ۽ ايمان ۽ صاف ضمير کي قائم رک. 19ڪن ماڻھن ضمير کي ڇڏي پنھنجي ايمان جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آھي. 20ھمنيوس ۽ سڪندر انھن مان ئي آھن، جن کي مون شيطان جي حوالي ڪري ڇڏيو، تہ جيئن ڪفر بڪڻ کان باز رھڻ سکن.

1.تيمٿيس 2

عبادت بابت ھدايتون

1تنھنڪري، آءٌ سڀ کان پھريائين ھيءَ نصيحت ٿو ڪريان تہ منٿون، دعائون، گذارشون ۽ شڪرگذاريون سڀني ماڻھن لاءِ ڪيون وڃن. 2خاص طرح بادشاھن ۽ سڀني اختياريءَ وارن لاءِ دعا گھرو، انھيءَ لاءِ تہ اسين پوري دينداريءَ ۽ سنجيدگيءَ سان امن ۽ آرام جي زندگي گذاريون. 3اھا ڳالھہ چڱي ۽ اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي نظر ۾ وڻندڙ آھي. 4ھو چاھي ٿو تہ سڀني ماڻھن کي ڇوٽڪارو ملي ۽ کين سچائيءَ جي ڄاڻ پوي. 5ڇالاءِ⁠جو خدا ھڪڙو آھي ۽ خدا ۽ ماڻھن جو وچ وارو بہ ھڪڙو ئي آھي، يعني عيسيٰ مسيح جيڪو انسان آھي. 6ھن سڀني ماڻھن جي ڇوٽڪاري جي لاءِ پنھنجو پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيو. انھيءَ ڳالھہ جي مناسب موقعي تي شاھدي ڏني ويئي. 7 انھيءَ مقصد لاءِ ئي آءٌ تبليغ ڪندڙ، رسول ۽ غير قومن کي ايمان ۽ سچائيءَ جي تعليم ڏيندڙ مقرر ٿيس. آءٌ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان. 8منھنجي مرضي آھي تہ مرد ھر ھنڌ ڪاوڙ ۽ تڪرار کان سواءِ پاڪ ھٿ کڻي دعا گھرن. 9 ساڳيءَ طرح عورتن کي گھرجي تہ حياءَ واري پوشاڪ ڍڪي، لڄ ۽ پرھيزگاريءَ سان پاڻ کي سينگارين، نہ وارن کي ڳتڻ يا سون يا موتين يا قيمتي ڪپڙن پھرڻ سان. 10بلڪ اھي پاڻ کي چڱن ڪمن سان سينگارين، جيئن انھن عورتن کي مناسب آھي، جيڪي پاڻ کي خداپرست ٿيون چوائين. 11عورت کي گھرجي تہ ماٺ ڪري پوري تابعداريءَ سان تعليم حاصل ڪري. 12آءٌ اجازت نہ ٿو ڏيان تہ عورت مرد کي تعليم ڏئي يا مٿس حڪم ھلائي، بلڪ خاموش رھي. 13 ڇالاءِ⁠جو پھريائين آدم جوڙيو ويو ۽ پوءِ حوا. 14 جيئن تہ آدم ٺڳيو نہ ويو، پر عورت ٺڳجي ويئي ۽ گناھہ ۾ گرفتار ٿي. 15تنھن ھوندي بہ ٻارن ڄڻڻ سان عورت بچي ويندي، بشرطيڪ ھوءَ ايمان، محبت ۽ پاڪيزگيءَ تي پرھيزگاريءَ سان قائم رھي.

1.تيمٿيس 3

ڪليسيا جا نگھبان

1اھا ڳالھہ سچي آھي تہ جيڪو ماڻھو نگھبان جو عھدو وٺڻ گھري ٿو، سو چڱي ڪم جي خواھش ٿو ڪري. 2 تنھنڪري نگھبان کي گھرجي تہ مٿس ڪو الزام نہ ھجي. ھو ھڪڙيءَ زال جو مڙس ھجڻ سان گڏ پرھيزگار، سمجھُو، اصول وارو، مھمان⁠نواز ۽ تعليم ڏيڻ جي لائق ھجي. 3ھو شرابي نہ ھجي، نہ ئي مار ڪٽ ڪندڙ، بلڪ حليم ھجي. جھيڙو ڪندڙ يا پيسي جو لالچي نہ ھجي. 4ھو پنھنجي گھر جو چڱيءَ طرح سنڀاليندڙ ۽ پنھنجي ٻارن کي پوري سنجيدگيءَ سان تابع رکڻ وارو ھجي. 5پر جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ کي پنھنجي گھر سنڀالڻ جي خبر ناھي تہ اھو خدا جي ڪليسيا جو ڪھڙو بندوبست رکي سگھندو؟ 6ھو تازو ايمان آڻيندڙ نہ ھجي، متان ڦونڊ ۾ اچي شيطان واري سزا ۾ پوي. 7تنھن کان سواءِ جيڪي ڪليسيا کان ٻاھر آھن، تن وٽ بہ کيس نيڪ ناموس ھئڻ گھرجي، انھيءَ لاءِ تہ متان ملامت ھيٺ اچي ۽ شيطان جي ڦندي ۾ ڦاسي پوي.

ڪليسيا جا خادم

8ساڳيءَ طرح خادمن کي بہ سنجيدو ھئڻ گھرجي. اھي ٻہ⁠چاپڙا، مئي جا عادي ۽ ناجائز نفعي جا لالچي نہ ھجن. 9انھن کي گھرجي تہ ايمان جي راز کي صاف ضمير سان سنڀالي رکن. 10پھريائين انھن جو آزمودو ورتو وڃي، پوءِ جيڪڏھن سندن خلاف ڪو الزام ثابت نہ ٿئي تہ ڀلي خادم طور ڪم ڪن. 11ساڳئي نموني خدمتگار عورتن کي بہ سنجيدہ رھڻ گھرجي. اھي گلا ڪندڙ نہ، بلڪ پرھيزگار ۽ ھر ڳالھہ ۾ ڀروسي جھڙيون ھجن. 12خادمن کي رڳو ھڪ ھڪ زال جو مڙس ھئڻ کپي ۽ کين پنھنجن ٻارن ۽ پنھنجي گھر جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪرڻ گھرجي. 13ڇالاءِ⁠جو جيڪي خادم چڱيءَ طرح خدمت ٿا ڪن، سي چڱو درجو ٿا ماڻين ۽ جيڪو ايمان کين عيسيٰ مسيح تي آھي تنھن ۾ وڏي دليري حاصل ڪن ٿا.

دينداريءَ جو وڏو راز

14جيئن ھي ھدايتون تو ڏانھن لکي رھيو آھيان، تيئن اميد اٿم تہ جلد تو سان اچي ملندس. 15پر جيڪڏھن مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ ھنن ھدايتن مان تو کي معلوم ٿي وڃي تہ خدا جي گھراڻي يعني جيئري خدا جي ڪليسيا، جيڪا سچ جو ٿنڀو ۽ بنياد آھي، تنھن ۾ ماڻھن کي ڪھڙيءَ طرح ھلت ڪرڻ کپي. 16انھيءَ ۾ ڪو شڪ ناھي تہ دينداريءَ جو راز وڏو آھي، يعني:

ھو جسم ۾ ظاھر ٿيو

۽ پاڪ روح جي ڪري سچو ثابت ٿيو.

ھو ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو

۽ قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي. دنيا ۾ مٿس ايمان آندو ويو ۽ آسمان ڏانھن ھو مٿي کنيو ويو.

1.تيمٿيس 4

ايمان کان ڦرڻ جي اڳڪٿي

1پاڪ روح صاف طور چوي ٿو تہ ايندڙ زمانن ۾ ڪي ماڻھو ايمان کان ڦري ويندا ۽ گمراھہ ڪندڙ روحن ۽ ڀوتن جي تعليم تي ڌيان ڏيندا. 2اھڙيون ڳالھيون انھن ڪوڙن ماڻھن جي رياڪاريءَ ڪري ٿينديون، جن جو ضمير مئل آھي، ڄڻ تہ گرم لوھہ سان ڏنڀيل آھي. 3اھڙا ماڻھو شادي ڪرڻ کان منع ٿا ڪن ۽ ڪن کاڌن کائڻ کان پرھيز ڪرڻ جو حڪم ٿا ڏين. پر خدا اھي کاڌا انھيءَ لاءِ پيدا ڪيا آھن تہ جيڪي ماڻھو ايمان آڻين ٿا ۽ سچ کي سڃاڻين ٿا سي انھن کي شڪرگذاريءَ سان کائين. 4ڇالاءِ⁠جو خدا جي پيدا ڪيل ھر شيءِ چڱي آھي ۽ ڪابہ رد ڪرڻ جھڙي ناھي، بشرطيڪ اھا شڪرگذاريءَ سان قبول ڪئي وڃي. 5ھن ڪري جو اھا خدا جي ڪلام ۽ دعا جي ڪري پاڪ ٿيو پوي.

خدمتگار لاءِ ھدايتون

6جيڪڏھن تون ايمان وارن کي اھي ڳالھيون ياد ڏياريندين تہ عيسيٰ مسيح جو سٺو خدمتگار ٿيندين. انھيءَ سان گڏ ايمان جي ڳالھين ۽ سٺي تعليم سان پرورش پائيندين، جن تي تون ھلندو رھيو آھين. 7پر اجاين ۽ پوڙھين عورتن وارين آکاڻين کي نہ مڃ، اٽلندو پاڻ کي دينداريءَ جي لاءِ تربيت ڏي. 8ڇالاءِ⁠جو جسماني ورزش مان ڪو ٿورو فائدو آھي، پر دينداري سڀني ڳالھين لاءِ فائدي واري آھي. انھيءَ ڪري جو ھاڻوڪي ۽ آئيندہ زندگيءَ جو واعدو بہ انھيءَ جي ڪري ٿيل آھي. 9اھا ڳالھہ سچي ۽ ھر طرح قبول ڪرڻ جي لائق آھي. 10انھيءَ لاءِ ئي اسين محنت ۽ جانفشاني ٿا ڪريون، جو اسان جي اميد انھيءَ جيئري خدا تي رکيل آھي جيڪو سڀني ماڻھن، خاص ڪري ايمان آڻڻ وارن کي ڇوٽڪارو ڏيندڙ آھي. 11انھن ڳالھين جو حڪم ڪر ۽ انھن جي تعليم ڏي. 12ڪوبہ ماڻھو تو کي جوانيءَ سبب حقارت جي نظر سان نہ ڏسي، بلڪ تون ڳالھہ ٻولھہ ۾، ھلت چلت ۾، محبت ۾، ايمان ۾ ۽ پاڪيزگيءَ ۾، ايمان وارن لاءِ نمونو ٿيءُ. 13جيسين آءٌ اچان تيسين ماڻھن ۾ ڪلام پڙھڻ، نصيحت ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ ۾ مشغول رھہ. 14جيڪا نعمت تو کي نبوت واري پيغام جي وسيلي بزرگن جي ھٿن رکڻ سان ملي ھئي، تنھن کان غافل نہ رھہ. 15انھن ڳالھين کي ڌيان ۾ رک ۽ پاڻ کي انھن جي حوالي ڪري ڇڏ، تہ جيئن ھر ڪنھن ماڻھوءَ تي تنھنجي ترقي ظاھر ٿئي. 16پاڻ کي ۽ پنھنجي تعليم کي جاچيندو رھہ. انھن ھدايتن تي ثابت قدم رھہ، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ سان تون پاڻ کي ۽ پنھنجي ٻڌڻ وارن کي بچائڻ جو سبب ٿيندين.

1.تيمٿيس 5

1ڪنھن وڏيءَ عمر واري ماڻھوءَ کي سختيءَ سان ڇڙٻ نہ ڏي، بلڪ انھيءَ کي پيءُ وانگر سمجھي ساڻس سلوڪ ڪر. نوجوانن سان ڀائرن وانگر ھل. 2وڏيءَ عمر وارين عورتن کي ماءُ وانگر سمجھہ ۽ جوان عورتن کي ڀينرن وانگر سمجھي ساڻن پوريءَ پاڪيزگيءَ سان پيش اچ.

رنن⁠زالن بابت نصيحت

3انھن رنن⁠زالن جو پورو قدر ڪر، جيڪي سچ⁠پچ نڌڻڪيون آھن. 4پر جيڪڏھن ڪنھن رن⁠زال کي ڌيئر پٽ، يا انھن جا ٻار ھجن تہ اھي سڀ کان پھريائين پنھنجي گھراڻي سان دينداريءَ واري ھلت ڪرڻ ۽ پنھنجي ماءُ⁠پيءُ ۽ وڏن جو حق ادا ڪرڻ سکن، ڇالاءِ⁠جو خدا کي اھو پسند آھي. 5اھا رن⁠زال جيڪا سچ⁠پچ رن⁠زال ۽ بلڪل اڪيلي آھي، سا خدا تي آسرو ٿي رکي ۽ مدد لاءِ رات ڏينھن خدا کي منٿون ڪرڻ ۽ دعا گھرڻ ۾ مشغول ٿي رھي. 6پر جيڪا رن⁠زال عيش عشرت ۾ ٿي گذاري، سا جيئري ئي مئل آھي. 7انھن ڳالھين لاءِ کين ھدايت بہ ڪر تہ جيئن مٿن ڪوبہ الزام نہ ھڻي. 8جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجن مائٽن ۽ خاص ڪري پنھنجي گھر ٻار جو بندوبست نہ ٿو ڪري، تہ اھو ايمان کان انڪاري ٿيو ۽ انھيءَ کان بہ وڌيڪ خراب آھي جنھن جو ڪو ايمان ڪونھي. 9رنن⁠زالن جي ياداشت ۾ انھيءَ رن⁠زال جو نالو لکيو وڃي، جنھن جي عمر سٺ سالن کان گھٽ نہ ھجي ۽ جيڪا رڳو ھڪڙي مڙس جي زال ٿي رھي ھجي. 10اھا چڱن ڪمن ڪرڻ ڪري مشھور ھجي، ٻارن جي پالنا ۽ مسافرن جي مھمان⁠نوازي ڪئي ھجائين. ھن ايمان وارن جا پير ڌوتا ھجن، ڏکويلن جي مدد ڪئي ھجائين ۽ سڀني چڱي قسم جي ڪمن لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو ھجائين. 11پر جوان رنن⁠زالن کي انھيءَ ياداشت ۾ داخل نہ ڪيو وڃي، ڇالاءِ⁠جو جڏھن اھي مسيح کان ڦري پنھنجي نفساني خواھشن جي تابع ٿين ٿيون تڏھن شادي ڪرڻ گھرن ٿيون. 12اھڙيءَ طرح اھي پنھنجو پھريون واعدو ڀڃي پاڻ کي سزا جي لائق ٿيون بڻائين. 13تنھن کان سواءِ اھي گھر گھر وڃي اجايو وقت وڃائڻ سکن ٿيون. نہ رڳو اجايو وقت وڃائڻ بلڪ اجائي بڪ بڪ ڪرڻ، ٻين جي ڪمن ۾ ٽپي پوڻ ۽ اھڙيون ڳالھيون ڪرڻ بہ سکن ٿيون، جيڪي ڪرڻ نہ گھرجن. 14تنھنڪري آءٌ جوان رنن⁠زالن کي صلاح ٿو ڏيان تہ ڀلي شادي ڪن، ٻار ڄڻين، پنھنجا گھر سنڀالين ۽ دشمن کي گلا ڪرڻ جو وجھہ نہ ڏين. 15ڇالاءِ⁠جو ھن کان اڳ ئي ڪي رنون⁠زالون گمراھہ ٿي ڪري شيطان جي پيروي ڪرڻ لڳيون آھن. 16جيڪڏھن ڪنھن ايمان واري عورت جي گھراڻي ۾ رنون⁠زالون ھجن، تہ اھا ئي سندن پرگھور لھي ۽ ڪليسيا تي انھن جو بار پوڻ نہ کپي، انھيءَ لاءِ تہ ڪليسيا انھن رنن⁠زالن جي مدد ڪري سگھي جيڪي نڌڻڪيون آھن.

بزرگن بابت نصيحت

17جيڪي بزرگ ڪليسيا جو انتظام چڱيءَ طرح ٿا ھلائين، خاص ڪري اھي جيڪي تبليغ ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ جو ڪم ٿا ڪن، سي عزت سان گڏ مدد جي لائق بہ سمجھڻ گھرجن. 18 ڇالاءِ⁠جو پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”جڏھن ڪو ڍڳو ڳاھہ ۾ وھي، تڏھن ان جو ٻوٿ نہ ٻڌ.“ ۽ ”مزور پنھنجي مزوريءَ جو حقدار آھي.“ 19 ڪنھن بزرگ تي ڪا تھمت اچي تہ اھا ٻن يا ٽن شاھدن کان سواءِ نہ ٻڌ. 20جيڪي گناھہ ڪندا ٿا رھن، تن کي سڀني ماڻھن جي اڳيان ملامت ڪر تہ جيئن ٻين کي بہ ڪو ڊپ ٿئي. 21خدا، عيسيٰ مسيح ۽ چونڊيل ملائڪن کي حاضر ڄاڻي آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ انھن ھدايتن تي بنا تعصب جي عمل ڪر ۽ ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ طرفداري نہ ڪر. 22ڪنھن ماڻھوءَ تي ھٿ رکڻ ۾ اُٻھرو نہ ٿيءُ ۽ نڪي ٻين جي گناھن ۾ شريڪ ٿيءُ. پاڻ کي پاڪ رک. 23ھاڻي رڳو پاڻي نہ پيءُ، پر پنھنجي معدي ۽ اڪثر بيمار رھڻ جي ڪري ٿوري مئي استعمال ڪندو ڪر. 24ڪن ماڻھن جا گناھہ سندن عدالت ۾ پھچڻ کان اڳي ئي صاف ظاھر ٿا ٿين، پر ڪن جا گناھہ آخر ۾ ظاھر ٿين ٿا. 25ساڳيءَ طرح چڱا ڪم بہ صاف ظاھر ٿا ٿين ۽ جيڪي ظاھر نہ آھن سي بہ لڪل نہ ٿا رھي سگھن.

1.تيمٿيس 6

غلامن بابت نصيحت

1جيڪي غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ جوٽيل آھن، سي سڀيئي پنھنجن مالڪن کي پوريءَ عزت جي لائق سمجھن، انھيءَ لاءِ تہ خدا جي نالي جي ۽ اسان جي تعليم جي بدنامي نہ ٿئي. 2جن جا مالڪ ايمان وارا آھن سي انھن مالڪن کي حقير نہ سمجھن، ڇوجو اھي سندن ھم⁠ايمان آھن. ان جي بدران اھي مالڪن جي بھتر خدمت ڪن، ڇالاءِ⁠جو جن کي انھن جي خدمت جو فائدو ٿو ملي سي ايمان وارا ۽ سندن پيارا آھن. انھن ڳالھين جي تون تعليم ڏي ۽ نصيحت ڪر.

ڪُوڙي تعليم ۽ حقيقي دولت

3جيڪڏھن ڪو ماڻھو ٻئي قسم جي تعليم ٿو ڏئي ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي صحيح ڳالھين ۽ دينداريءَ واري تعليم کي نہ ٿو مڃي، 4تہ اھو مغرور آھي ۽ ڪجھہ بہ نہ ٿو ڄاڻي. ھن کي بحث مباحثي ۽ لفظي تڪرار ڪرڻ جو مرض آھي، جنھن جي نتيجي ۾ حسد، جھيڙو، بدزبانيون ۽ بدگمانيون پيدا ٿين ٿيون. 5اھڙن بدنيت ماڻھن جي وچ ۾ سدائين اڻ⁠بڻت پيدا ٿيندي ٿي رھي. اھي سچ کان محروم آھن ۽ دينداريءَ کي مالي فائدي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجھن ٿا. 6بيشڪ دينداري وڏي فائدي واري آھي، بشرطيڪ ان سان گڏ قناعت بہ ھجي. 7ڇالاءِ⁠جو اسان دنيا ۾ نہ ڪجھہ آندو آھي ۽ نہ ئي ڪجھہ منجھانئس کڻي وڃي ٿا سگھون. 8سو جيڪڏھن اسان وٽ خوراڪ ۽ پوشاڪ موجود آھي تہ انھيءَ تي ئي راضي رھون. 9پر جيڪي ماڻھو دولتمند ٿيڻ ٿا گھرن، سي آزمائش ۽ ڦندي ۾ ۽ گھڻين بي⁠وقوفيءَ ۽ نقصان وارين خواھشن ۾ ڦاسيو ٿا وڃن. اھي خواھشون ماڻھن کي تباھيءَ ۽ برباديءَ ۾ غرق ڪريو ڇڏين. 10ڇالاءِ⁠جو پيسي سان پيار رکڻ، ھر قسم جي برائيءَ جي پاڙ آھي. ڪي ماڻھو پيسي جا طلبگار ٿي ايمان کان گمراھہ ٿي ويا ۽ طرح طرح جي ڏکن ۾ پاڻ کي وڪوڙي ڇڏيائون.

تيمٿيس کي نصيحتون

11پر اي خدا جا بندا! تون انھن ڳالھين کان پري ڀڄ ۽ سچائيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، صبر ۽ حليمائيءَ جو طلبگار ٿيءُ. 12ايمان جي لڙائي چڱيءَ طرح وڙھہ. دائمي زندگيءَ کي ھٿ ڪر، جنھن جي لاءِ تون سڏيو ويو ھئين، جڏھن تو گھڻن شاھدن جي روبرو ايمان جو چڱو اقرار ڪيو ھو. 13 آءٌ انھيءَ خدا کي، جيڪو ھر شيءِ کي زندگي ٿو بخشي ۽ انھيءَ عيسيٰ مسيح کي جنھن پنطيس⁠پلاطس جي اڳيان سچائيءَ جو اقرار ڪري شاھدي ڏني ھئي، حاضر ناظر ڄاڻي تو کي تاڪيد ٿو ڪريان، 14تہ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ظاھر ٿيڻ تائين انھيءَ حڪم تي بي⁠داغ ۽ بي⁠قصور رھي عمل ڪر. 15خدا پنھنجي مقرر وقت تي مسيح کي ظاھر ڪندو، اھو خدا جيڪو سڳورو ۽ واحد حاڪم آھي. اھو ئي بادشاھن جو بادشاھہ ۽ خداوندن جو خداوند آھي. 16رڳو اھو ئي بقا وارو آھي ۽ ھو انھيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رھي، جنھن تائين ڪوبہ پھچي نہ ٿو سگھي. خدا کي نہ ڪنھن ماڻھوءَ ڏٺو آھي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. انھيءَ جي عزت ۽ قدرت ھميشہ تائين قائم رھي. آمين. 17جيڪي ھن موجودہ دنيا ۾ دولتمند آھن، تن کي حڪم ڏي تہ مغرور نہ ٿين ۽ بي⁠بقا دولت تي نہ، بلڪ انھيءَ خدا تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون. 18انھن کي حڪم ڪر تہ نيڪي ڪن ۽ چڱن ڪمن ۾ دولتمند ٿين، سخي ٿين ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار رھن. 19انھيءَ طرح اھي ايندڙ وقت لاءِ پنھنجي واسطي اھڙي دولت ميڙيندا جيڪا پختي بنياد واري ھوندي، انھيءَ لاءِ تہ اھي اھڙي زندگي ھٿ ڪري سگھن جيڪا حقيقي آھي. 20اي تيمٿيس! جيڪي ڪجھہ سنڀال لاءِ تو کي سونپيو ويو، تنھن جي حفاظت ڪر. اجائي بڪ بڪ ۽ انھيءَ علم جي اختلافن کان پاسو ڪر، جنھن کي علم چوڻ ئي غلط آھي. 21ڪي ماڻھو انھيءَ علم کي قبول ڪري ايمان کان گمراھہ ٿي ويا آھن. اوھان سڀني تي فضل ھجي.

2.تيمٿيس 1

1ھي خط پولس جي طرفان آھي، جيڪو انھيءَ زندگيءَ جي واعدي موجب، جا عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ سان آھي، خدا جي مرضيءَ سان عيسيٰ مسيح جو رسول آھي. 2 ھي منھنجي پياري فرزند تيمٿيس ڏانھن لکجي ٿو. شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل، رحم ۽ سلامتي ھجي.

شڪرگذاري ۽ ھمت⁠افزائي

3جنھن خدا جي عبادت منھنجي ابن ڏاڏن ڪئي، آءٌ بہ انھيءَ جي عبادت صاف⁠دليءَ سان ڪندي ۽ پنھنجين دعائن ۾ رات ڏينھن سدائين تو کي ياد ڪندي خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان. 4تنھنجي ڳوڙھن کي ياد ڪري تنھنجي ڏسڻ لاءِ سڪان ٿو، انھيءَ لاءِ تہ خوشيءَ سان ڀرجي وڃان. 5 مون کي تنھنجو اھو سچو ايمان ياد آھي، جيڪو پھريائين تنھنجي نانيءَ لوئس ۽ تنھنجي ماءُ يونيڪيءَ جو ھو ۽ مون کي يقين آھي تہ تنھنجو بہ ساڳيو ايمان آھي. 6انھيءَ سبب ڪري آءٌ تو کي ياد ٿو ڏياريان تہ تون خدا جي انھيءَ نعمت کي شعلي وانگر ڀڙڪاءِ، جيڪا منھنجي ھٿن رکڻ جي ڪري تو کي مليل آھي. 7ڇالاءِ⁠جو خدا اسان کي بزدليءَ وارو روح نہ ڏنو آھي، بلڪ طاقت وارو، محبت وارو ۽ خود ضابطي وارو روح ڏنو اٿس. 8تنھنڪري اسان جي خداوند بابت شاھدي ڏيڻ کان توڙي مون کان، جيڪو سندس قيدي آھيان شرم نہ ڪر، بلڪ خدا کان ملندڙ طاقت موجب خوشخبريءَ جي لاءِ مون سان گڏ ڏک سھُہ. 9انھيءَ خدا اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو ۽ پاڪ زندگيءَ ڏانھن سڏيو، اسان جي عملن جي ڪري نہ، بلڪ پنھنجي خاص ارادي ۽ فضل موجب. اھو فضل اسان تي عيسيٰ مسيح جي وسيلي ازل کان وٺي ڪيو ويو ھو. 10پر اھو ھاڻي اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي اچڻ ڪري ظاھر ٿيو، جنھن موت کي ناس ڪري زندگيءَ ۽ بقا کي خوشخبريءَ جي وسيلي روشنيءَ ۾ آندو. 11 انھيءَ خوشخبريءَ جو آءٌ منادي ڪندڙ، رسول ۽ استاد مقرر ٿيس. 12انھيءَ سبب ڪري ئي آءٌ ھي ڏک بہ ٿو سھان. تنھن ھوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن تي مون ايمان آندو آھي، تنھن کي آءٌ سڃاڻان ٿو. مون کي يقين آھي تہ جيڪي ڪجھہ ھن منھنجي حوالي ڪيو آھي، تنھن جي ھو انھيءَ ڏينھن تائين حفاظت ڪري ٿو سگھي. 13جيڪي صحيح ڳالھيون تو مون کان ٻڌيون، تن جو نمونو انھيءَ ايمان ۽ پيار سان گڏ دل ۾ سانڍي ڇڏ، جيڪو مسيح جو ھئڻ ڪري تو کي آھي. 14جيڪي چڱيون ڳالھيون تو کي سونپيون ويون آھن تن جي حفاظت ڪر. ھا، انھن جي حفاظت پاڪ روح جي مدد سان ڪر، جيڪو اسان ۾ رھي ٿو. 15تو کي خبر آھي تہ ايشيا پرڳڻي جا سڀ ماڻھو، فوگلس ۽ ھرموگنيس سميت مون کان ڦري ويا آھن. 16خدا شل اُنيسفرس جي گھراڻي تي رحم ڪري، ڇالاءِ⁠جو ھن ڪيترائي ڀيرا مون کي تازو توانو ڪيو ۽ منھنجي قيدي ھئڻ جي ڪري ڪو عار نہ ڪيائين. 17اٽلندو جڏھن ھو روم شھر ۾ آيو تہ منھنجي ڏاڍي ڳولا ڪيائين، تان جو مون کي اچي لڌائين. 18شل خداوند ھن کي انھيءَ ڏينھن تي پنھنجو رحم عطا ڪري. تو کي چڱيءَ طرح خبر آھي تہ ھن اِفسس شھر ۾ منھنجي ڪيتري نہ مدد ڪئي.

2.تيمٿيس 2

عيسيٰ مسيح جو سچو سپاھي

1تنھنڪري اي منھنجا فرزند! جيڪو فضل عيسيٰ مسيح جي طرفان آھي، تنھن جي وسيلي پختو ٿيءُ. 2جيڪي ڳالھيون تو گھڻن شاھدن جي روبرو مون کان ٻڌيون آھن، سي اھڙن ڀروسي وارن ماڻھن جي حوالي ڪر جيڪي ٻين کي بہ سيکارڻ جي لائق ھجن. 3عيسيٰ مسيح جي سٺي سپاھيءَ جي حيثيت ۾ اسان سان گڏ سختي سھُہ. 4ڪوبہ سپاھگيري ڪندڙ پاڻ کي دنيا جي معاملن ۾ نہ ٿو ڦاسائي، انھيءَ لاءِ تہ جنھن آفيسر کيس ڀرتي ڪيو آھي تنھن کي خوش ڪري. 5ساڳيءَ طرح جيڪڏھن ڪو ماڻھو پھلوانيءَ جو مقابلو ٿو ڪري تہ اھو بہ جيسين قاعدي موجب نہ ٿو وڙھي تيسين فتحيابيءَ جو انعام حاصل نہ ٿو ڪري. 6ھاري، جيڪو سخت محنت ٿو ڪري، تنھن کي سڀ کان پھريائين فصل جو حصو ملڻ گھرجي. 7جيڪي آءٌ چوان ٿو تنھن تي غور ڪر، ڇالاءِ⁠جو خداوند تو کي انھن سڀني ڳالھين جي سمجھہ ڏيندو. 8عيسيٰ مسيح کي ياد رک، جيڪو دائود جي نسل مان آھي ۽ مئلن مان جي اٿيو. اھا ئي منھنجي خوشخبري آھي. 9انھيءَ جي ڪري ئي آءٌ ڏک ٿو سھان، ايتري قدر جو ڪنھن ڏوھاريءَ وانگر قيد ۾ پيو آھيان. پر خدا جو ڪلام قيد نہ آھي. 10تنھنڪري آءٌ چونڊيل ماڻھن جي خاطر سڀ ڪجھہ سھان ٿو، تہ جيئن جيڪو ڇوٽڪارو عيسيٰ مسيح جي وسيلي ٿو ملي، تنھن کي اھي بہ ابدي عظمت سميت حاصل ڪن. 11اھا ڳالھہ سچي آھي تہ ”جيڪڏھن اسين ھن سان گڏ مئاسين، تہ پوءِ ھن سان گڏ جيئنداسين بہ. 12 جيڪڏھن اسين ڏک سھندا رھون، تہ ھن سان گڏ بادشاھي بہ ڪنداسين. جيڪڏھن اسين ھن کي پنھنجو نہ سمجھنداسين، تہ ھو بہ اسان کي پنھنجو نہ سمجھندو. 13جيڪڏھن اسين بي⁠وفا ٿا ٿيون، تڏھن بہ ھو وفا ڪندو رھندو، ڇالاءِ⁠جو ھو پنھنجو انڪار ڪري نہ ٿو سگھي.“

خدا کي وڻيل پورھيت

14اھي ڳالھيون ماڻھن کي ياد ڏيار. خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي انھن کي تاڪيد ڪر تہ اھي لفظن بابت تڪرار نہ ڪن. ڇالاءِ⁠جو انھيءَ مان ڪجھہ بہ حاصل ٿيڻو ناھي، سواءِ انھيءَ جي جو ٻڌڻ وارا برباد ٿيو وڃن. 15ڪوشش ڪر تہ تون خدا وٽ وڻيل ۽ اھڙو پورھيت ثابت ٿئين جنھن کي شرمندو ٿيڻو نہ پوي ۽ جيڪو حق جو ڪلام صحيح نموني ۾ استعمال ٿو ڪري. 16اجائي بڪ بڪ کان پاسو ڪر، ڇالاءِ⁠جو جيڪي ماڻھو انھيءَ ۾ ڪاھي ٿا پون، سي بدڪاريءَ ۾ اڃا بہ وڌندا ويندا. 17انھن جي تعليم ناسور وانگر پکڙبي رھندي. ھمنيوس ۽ فليتس انھن ماڻھن مان آھن. 18اھي سچ کان گمراھہ ٿي ويا آھن ۽ چون ٿا تہ قيامت اڳي ئي ٿي چڪي آھي. اھڙيءَ طرح اھي ڪن ماڻھن جو ايمان بگاڙين ٿا. 19 تنھن ھوندي بہ خدا جو وڌل مضبوط بنياد قائم رھي ٿو. انھيءَ تي ھنن لفظن جي مُھر لڳل آھي تہ ”خداوند پنھنجن کي سڃاڻي ٿو.“ ۽ ”جيڪو خداوند جي نالي جو اقرار ڪري ٿو، تنھن کي بڇڙائيءَ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.“ 20ڪنھن وڏي گھر ۾ نہ رڳو سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ ھوندا آھن، بلڪ ڪاٺ ۽ ٺڪر جا بہ. انھن مان ڪي اعليٰ ڪمن لاءِ آھن ۽ ڪي ذليل ڪمن لاءِ. 21تنھنڪري جيڪڏھن ڪو ماڻھو پاڻ کي ذليل ڪمن کان صاف سٿرو ٿو رکي تہ اھو عزت وارو ۽ خاص ٿانءُ ٿيندو، جيڪو پنھنجي مالڪ لاءِ مفيد ۽ ھر چڱي ڪم لاءِ تيار ھوندو. 22جوانيءَ جي برين خواھشن کان پري ڀڄ. انھيءَ کان سواءِ جيڪي پاڪ دل سان خداوند کي ٿا پڪارين، تن سان گڏجي سچائي، ايمان، محبت ۽ صلح جو طلبگار ٿيءُ. 23بي⁠وقوفيءَ ۽ نادانيءَ جي مباحثن کان پاسو ڪر، ڇالاءِ⁠جو تون ڄاڻين ٿو تہ اھي جھيڙا جھڳڙا پيدا ڪن ٿا. 24خداوند جي ٻانھي کي جھيڙو ڪرڻ نہ ٿو جڳائي. ان جي بدران کيس گھرجي تہ سڀني سان نرميءَ سان پيش اچي، تعليم ڏيڻ جي لائق ھجي ۽ بردبار ھجي. 25جيڪي سندس مخالف آھن تن کي ھو نرميءَ سان سمجھائي، شايد خدا انھن کي توبھہ جي توفيق بخشي تہ ھو سچ کي سڃاڻين. 26انھيءَ لاءِ تہ اھي پنھنجي ھوش ۾ اچي شيطان جي ڦندي مان ڇٽن، جنھن کين پنھنجي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ قيدي بڻايو آھي.

2.تيمٿيس 3

آخري زمانو

1پر ھي ڄاڻي ڇڏ تہ آخري زماني ۾ ڏاڍا ڏکيا ڏينھن ايندا. 2ڇالاءِ⁠جو ماڻھو خود⁠غرض، پيسي جا يار، ٻٽاڪي، مغرور، بدزبان، ماءُ⁠پيءُ جا نافرمان، بي⁠شڪرا ۽ ناپاڪ ٿي پوندا. 3اھي محبت کان خالي، بي⁠رحم، بدنامي ڪندڙ، پاڻ تي ضابطو نہ رکندڙ، وحشي ۽ نيڪيءَ جا دشمن ھوندا. 4اھي دغاباز، اُٻھرا، وڏائي⁠خور ۽ خدا جي بدران عيش عشرت کي پسند ڪرڻ وارا ھوندا. 5اھي دينداريءَ جو ظاھري نمونو تہ رکندا، پر انھيءَ جو اثر قبول نہ ڪندا. اھڙن ماڻھن کان پاسو ڪجانءِ. 6اھڙي ئي قسم جي ماڻھن مان ڪي گھرن ۾ لڪ چوريءَ گھڙي سادين عورتن کي پنھنجي چنبي ۾ آڻين ٿا. اھي عورتون گناھن جي ھيٺان دٻجي طرح طرح جي برين خواھشن ۾ ڦاسيو وڃن. 7اھي ھميشہ سکنديون تہ رھن ٿيون، پر ڪڏھن بہ سچ جي سڃاڻپ تائين پھچي نہ ٿيون سگھن. 8 جھڙيءَ طرح ينيس ۽ يمبريس موسيٰ جي مخالفت ڪئي ھئي، تھڙيءَ طرح ھي ماڻھو بہ سچ جي مخالفت ڪن ٿا. ھي اھڙا ماڻھو آھن جن جو عقل بگڙيل آھي ۽ جيڪي ڪوڙي ايمان رکڻ جي ڪري رد ٿيل آھن. 9اھي اڳتي وڌي ڪين سگھندا، ڇالاءِ⁠جو سندن بي⁠عقلي سڀني ماڻھن تي ظاھر ٿيندي، جھڙيءَ طرح انھن ٻنھي جي بہ ٿي ھئي.

تيمٿيس کي آخري نصيحت

10پر تو منھنجي تعليم، ھلت چلت، ارادي، ايمان، تحمل، محبت ۽ صبر جي پيروي ڪئي آھي. 11 تون ڄاڻين ٿو تہ ڪيئن مون کي ستايو ويو ۽ ڪھڙيءَ طرح مون ڏک ڏٺا، يعني اھي آزار جيڪي مون انتاخيا، اِڪونيم ۽ لسترا ۾ برداشت ڪيا. پر خدا مون کي انھن سڀني مان ڇڏايو. 12سچ⁠پچ تہ جيڪي⁠بہ عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي دينداريءَ سان زندگي گذارڻ چاھين ٿا، سي ستايا ويندا. 13پر بدڪار ۽ ٺڳ ماڻھو ٻين کي ٺڳيندي ۽ پاڻ بہ ٺڳجندي وڌيڪ خراب ٿيندا ويندا. 14پر تون انھن ڳالھين تي قائم رھہ، جيڪي سکيون اٿيئي ۽ جن جو تو کي پورو يقين آھي، ڇالاءِ⁠جو تون انھن کي ڄاڻين ٿو جن کان تو اھي سکيون آھن. 15تون ننڍپڻ کان انھن پاڪ لکتن کان واقف آھين، جيڪي تو کي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ دانائي بخشي ٿيون سگھن. 16ھر ڪا پاڪ لکت الھامي آھي ۽ اھا تعليم ڏيڻ، تنبيھہ ڪرڻ، سڌارڻ ۽ سچائيءَ جي تربيت ڏيڻ لاءِ فائدي واري آھي. 17انھيءَ لاءِ تہ خدا جو بندو ڪامل ٿئي ۽ ھر چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ پوريءَ طرح تيار رھي.

2.تيمٿيس 4

1خدا ۽ انھيءَ عيسيٰ مسيح کي، جيڪو جيئرن ۽ مئلن جي عدالت ڪندو، حاضر ناظر ڄاڻي ۽ سندس ظاھر ٿيڻ ۽ بادشاھت ڪرڻ جي ڪري آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ 2ڪلام جي تبليغ ڪر ۽ وقت بي⁠وقت انھيءَ جي لاءِ تيار رھہ. پوري صبر ۽ سکيا سان ماڻھن کي سمجھاءِ، ملامت ڪر ۽ کين نصيحت ڪر. 3ڇالاءِ⁠جو اھڙو وقت ايندو، جڏھن ماڻھو صحيح تعليم برداشت نہ ڪندا. پر ھو پنھنجين خواھشن جي پورائي لاءِ پنھنجي چوڌاري گھڻا ئي اھڙا استاد آڻي گڏ ڪندا، جيڪي کين اھو ئي ڪجھہ ٻڌائيندا جيڪو سندن خارش وارا ڪن ٻڌڻ چاھين ٿا. 4اھي پنھنجا ڪن سچ ٻڌڻ کان بند ڪري ڇڏيندا ۽ ڪوڙين آکاڻين ڏانھن ڌيان ڏيندا. 5پر تون ھر حالت ۾ ھوشيار رھہ، سختي سھُہ، بشارت ڏيڻ جو ڪم ڪر ۽ پنھنجي خدمت پوري ڪر. 6ھاڻي آءٌ قربان ٿيڻ تي آھيان ۽ منھنجي لاڏاڻي جو وقت اچي پھتو آھي. 7آءٌ چڱي ويڙھہ وڙھي چڪو آھيان. آءٌ پوري ڊوڙ ڊوڙي چڪو آھيان. آءٌ پنھنجي ايمان تي قائم رھيو آھيان. 8ھاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آھي. اھو تاج، خداوند، جيڪو عادل جج آھي سو عدالت واري ڏينھن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انھن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاھر ٿيڻ لاءِ واجھائي رھيا آھن.

ذاتي ھدايتون

9مون وٽ جلد اچڻ جي ڪوشش ڪر. 10 ڇالاءِ⁠جو ديماس ھن دنيا تي موھت ٿي ڪري مون کي ڇڏي ڏنو ۽ ٿسلونيڪا ڏانھن ھليو ويو. ڪريسڪينس گلتيا ڏانھن ۽ طيطس دلمتيا ڏانھن ھليو ويو. 11 رڳو لوقا مون وٽ آھي. تون مرقس کي پاڻ سان وٺيو اچج، ڇالاءِ⁠جو ھو خدمت واري ڪم ۾ منھنجو سٺو مددگار آھي. 12 تُخِڪُس کي مون اِفسس شھر ڏانھن موڪليو آھي. 13 جيڪو جبو مون تروآس ۾ ڪرپس وٽ ڇڏيو ھو، جڏھن اچين تہ اھو کنيو اچجانءِ، ان سان گڏ منھنجا ڪتاب بہ، خاص ڪري چمڙي جا ورق. 14 سڪندر ٺاٺاري مون سان ڏاڍي بڇڙائي ڪئي. خداوند ھن کي پنھنجو ڪيتو لوڙائيندو. 15تون بہ انھيءَ کان خبردار رھجانءِ، ڇالاءِ⁠جو ھن اسان جي پيغام جي گھڻي مخالفت ڪئي آھي. 16ڪورٽ ۾ منھنجي بچاءَ واري پھرين حاضريءَ ۾ ڪنھن بہ منھنجو طرف نہ ورتو، بلڪ سڀني مون کي ڇڏي ڏنو. شل کين انھيءَ جو حساب ڏيڻو نہ پوي. 17پر خداوند منھنجو طرف ورتو ۽ مون کي طاقت بخشيائين، انھيءَ لاءِ تہ منھنجي وسيلي خوشخبريءَ جي منادي پوري ٿئي ۽ سڀ غير قومون ان کي ٻڌن. سو آءٌ شينھن جي وات مان ڇڏايو ويس. 18خداوند مون کي ھر بري ڪم کان بچائيندو ۽ پنھنجي آسماني بادشاھت ۾ صحيح سلامت پھچائيندو. شل سندس واکاڻ ھميشہ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين.

آخر ۾ دعا سلام

19 پرسڪلا، اڪولا ۽ اُنيسفرس جي گھر وارن کي سلام ڏج. 20 اراستس، ڪرنٿس شھر ۾ رھي پيو ۽ تروفيمس کي بيمار ھئڻ ڪري مون مليتس شھر ۾ ڇڏيو. 21سياري کان اڳ مون وٽ اچڻ جي ڪوشش ڪر. يوبولس، پودينس، لينس، ڀيڻ ڪلوديا ۽ ٻيا سڀ ايمان وارا بہ تو کي سلام ٿا چون. 22شل خداوند تو سان ھجي. اوھان سڀني تي فضل ٿيندو رھي.

طيطس 1

1ھي خط پولس جي طرفان آھي، جيڪو خدا جو ٻانھو ۽ عيسيٰ مسيح جو رسول آھي. آءٌ انھيءَ ڪري مقرر ڪيو ويو آھيان تہ خدا جي چونڊيلن جي ايمان ڏانھن رھنمائي ڪريان ۽ کين انھيءَ سچائيءَ جي سڃاڻپ ڪرايان، جيڪا دينداريءَ جو رستو ٿي ڏيکاري. 2انھيءَ ايمان ۽ سڃاڻپ جو بنياد دائمي زندگيءَ جي اميد تي رکيل آھي. خدا، جيڪو ڪوڙ ڳالھائي نہ ٿو سگھي، تنھن ازل کان وٺي اھڙي زندگيءَ جو واعدو ڪيو. 3سو ھن مناسب وقت تي پنھنجي ڪلام کي انھيءَ تبليغ جي وسيلي ظاھر ڪيو، جيڪا اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي حڪم سان منھنجي حوالي ڪئي ويئي. 4 ھي خط طيطس ڏانھن لکجي ٿو، جيڪو ايمان ۾ شريڪ ھئڻ ڪري منھنجو سچو فرزند آھي. شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.

ڪريتي ٻيٽ ۾ طيطس جو ڪم

5مون تو کي ڪريتي ۾ انھيءَ لاءِ ڇڏيو ھو تہ تون باقي رھيل ڳالھين کي درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون تو کي ھدايت ڪئي ھئي، تيئن ھر ھڪ شھر ۾ بزرگ مقرر ڪرين. 6 ھر بزرگ بي⁠عيب ھجي ۽ ھڪڙيءَ زال جو مڙس ھجي. سندس ٻار ايمان وارا ھجن ۽ بدچاليءَ ۽ نافرمانيءَ جي تھمت کان پاڪ ھجن. 7ڇالاءِ⁠جو نگھبان، جيڪو خدا جو خدمتگار آھي، سو بي⁠عيب ھئڻ گھرجي. ھو نہ ھٺيلو ھجي، نہ چيڙاڪ، نہ شرابي ھجي، نہ مار ڪٽ ڪندڙ ۽ نہ وري ناجائز نفعي جو لالچي ھجي. 8اٽلندو ھو مھمان⁠نواز، نيڪيءَ سان پيار رکندڙ، سمجھُو، انصاف پسند، پاڪ ۽ پاڻ تي ضابطو رکندڙ ھجي. 9ھن کي گھرجي تہ انھيءَ ڀروسي جھڙي ڪلام تي قائم رھي، جيڪو کيس سيکاريو ويو آھي. اھڙيءَ طرح ھو صحيح تعليم سان ٻين کي نصيحت ڪري سگھي ٿو ۽ مخالفن کي قائل بہ ڪري سگھي ٿو. 10ڇالاءِ⁠جو گھڻا ئي ماڻھو نافرمان، اجائي بڪ ڪندڙ ۽ دغاباز آھن، خاص ڪري انھن مان جيڪي طھر ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڀرين. 11انھن جو وات بند ڪرڻ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو اھڙا ماڻھو ناجائز نفعي جي خاطر نامناسب ڳالھيون سيکاري گھرن جا گھر ڦٽائي ٿا ڇڏين. 12ڪريتين جي ئي نبين مان ھڪڙي چيو آھي تہ ”ڪريتي جا ماڻھو ھميشہ ڪوڙا، بڇڙا جانور ۽ سست پيٽوڙي آھن.“ 13اھا شاھدي سچي آھي، تنھنڪري انھن کي سختيءَ سان ملامت ڪر، تہ جيئن سندن ايمان درست ٿئي، 14۽ اھي يھودين جي جڙتو آکاڻين يا انھن ماڻھن جي حڪمن تي ڌيان نہ ڏين جيڪي سچ کان منھن ٿا موڙين. 15پاڪ ماڻھن لاءِ سڀ شيون پاڪ آھن، پر جيڪي پليت ۽ ايمان نہ آڻيندڙ آھن، تن جي لاءِ ڪابہ شيءِ پاڪ ناھي. حقيقت ۾ انھن جو عقل توڙي ضمير ٻئي پليت آھن. 16اھي خدا کي سڃاڻڻ جي دعويٰ تہ ڪن ٿا، پر پنھنجن ڪمن سان انھيءَ جو انڪار ٿا ڪن، ڇالاءِ⁠جو اھي نفرت جوڳا، نافرمان ۽ ڪنھن نيڪ ڪم ڪرڻ جي لائق نہ آھن.

طيطس 2

صحيح تعليم ڏيڻ

1پر تون اھي ڳالھيون بيان ڪندو رھہ، جيڪي صحيح تعليم جي موافق آھن. 2پوڙھن مردن کي سمجھاءِ تہ اھي پرھيزگار، مانائتا ۽ پاڻ تي ضابطو رکندڙ ٿين ۽ ايمان، محبت ۽ صبر تي قائم رھن. 3ساڳيءَ طرح پوڙھين عورتن کي سمجھاءِ تہ اھي ھلت چلت ۾ پاڪيزہ ھجن. اھي گلا ڪندڙ يا مئي جون عادي نہ ھجن، بلڪ چڱيون ڳالھيون سيکارڻ واريون ھجن. 4انھيءَ ڪري جو اھي جوان عورتن کي تربيت ڏين تہ پنھنجن مڙسن ۽ ٻارن سان پيار ڪن، 5سمجھُو ۽ پاڪدامن ھجن، گھر ۾ ڪم ڪار ڪندڙ، مھربان ۽ پنھنجن مڙسن جون تابعدار ھجن تہ جيئن خدا جو ڪلام بدنام نہ ٿئي. 6ساڳي ئي طرح جوان مردن کي نصيحت ڪر تہ اھي پاڻ تي ضابطو رکندڙ ٿين. 7سڀني ڳالھين ۾ تون پاڻ کي چڱن ڪمن جو نمونو ڪري ڏيکار. تنھنجي تعليم ڏيڻ مان ايمانداري ۽ سنجيدگي ظاھر ٿئي. 8اھڙي صحيح تعليم ڏي جيڪا ملامت جوڳي نہ ھجي، انھيءَ لاءِ تہ مخالف ماڻھو اسان تي عيب لائڻ جو ڪوبہ سبب نہ ڏسي شرمندو ٿئي. 9غلامن کي نصيحت ڪر تہ ھر ڳالھہ ۾ پنھنجن مالڪن جي تابع رھن، کين خوش رکڻ جي ڪوشش ڪن ۽ ساڻن گستاخي نہ ڪن. 10نہ ئي اھي چوري چڪاري ڪن، بلڪ ھر طرح سان چڱا ۽ ديانتدار ٿي پيش اچن، انھيءَ لاءِ تہ اھي اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي تعليم کي ھر طرح سان سينگاريندا رھن. 11ڇالاءِ⁠جو خدا جو اھو فضل ظاھر ٿيو آھي، جيڪو سڀني ماڻھن جي ڇوٽڪاري جو باعث آھي. 12اھو اسان کي سيکاري ٿو تہ بدڪاريءَ ۽ دنياوي خواھشن کان انڪار ڪري ھن موجودہ دنيا ۾ پرھيزگاريءَ، سچائيءَ ۽ دينداريءَ سان زندگي گذاريون. 13ان سان گڏ اسين انھيءَ برڪت ڀري اميد، يعني پنھنجي عظيم خدا ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي جلوي جي ظاھر ٿيڻ جو انتظار ڪريون. 14 ھن اسان جي خاطر پنھنجي جان ڏيئي ڇڏي، انھيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي ھر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنھنجي لاءِ ھڪ اھڙي خاص امت بڻائي، جيڪا نيڪ ڪمن ڪرڻ ۾ سرگرم ھجي. 15سو اھي ڳالھيون آھن، جيڪي تو کي سيکارڻيون آھن. پوري اختياريءَ سان ماڻھن کي نصيحت ڪر ۽ ملامت ڪر. ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي پنھنجي حقارت ڪرڻ نہ ڏي.

طيطس 3

ايمان وارن جي ھلت چلت

1ماڻھن کي ياد ڏيار تہ حاڪمن ۽ اختياريءَ وارن جا تابعدار رھن، سندن حڪم مڃين ۽ ھر چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار رھن. 2انھن کي سمجھاءِ تہ ڪنھن جي بہ گلا غيبت نہ ڪن، نہ ئي جھيڙو ڪندڙ ٿين، بلڪ نرم طبيعت جا ٿين ۽ سڀني ماڻھن سان پوري حليمائيءَ سان پيش اچن. 3ڇالاءِ⁠جو اسين بہ ڪنھن وقت نادان، نافرمان، گمراھہ ۽ طرح طرح جي نفساني خواھشن ۽ عياشين جا غلام ھئاسين. اسين بغض ۽ حسد جي حالت ۾ گذاريندا ھئاسين، نفرت جي لائق ھئاسين ۽ ھڪٻئي سان بہ نفرت ڪندا ھئاسين. 4پر جڏھن اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي مھرباني ۽ انسان لاءِ سندس محبت ظاھر ٿي، 5تڏھن ھن اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو. اھو اسان جي سچائيءَ جي ڪمن ڪرڻ ڪري نہ، بلڪ سندس رحم جي ڪري ٿيو. ھن اسان کي روحاني طور نئين سر پيدا ڪرڻ جي غسل ۽ پاڪ روح سان نئين زندگي ڏيڻ جي وسيلي ڇوٽڪارو ڏنو. 6اھو روح اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جھجھي انداز ۾ اسان تي اوتيو. 7انھيءَ لاءِ تہ اسين سندس فضل جي ڪري سچار بڻجون ۽ دائمي زندگيءَ جا وارث ٿيون، جنھن جي اسين اميد رکون ٿا. 8اھا ڳالھہ سچي آھي. سو منھنجي مرضي آھي تہ تون انھن ڳالھين تي زور ڏي، انھيءَ لاءِ تہ جن خدا تي ايمان آندو آھي، سي چڱن ڪمن ۾ مشغول رھڻ جي ڳڻتي رکن. اھي ڳالھيون چڱيون ۽ ماڻھن لاءِ فائديمند آھن. 9پر بي⁠وقوفيءَ جي بحث مباحثن، نسب⁠نامن، جھيڙن جھڳڙن ۽ شريعت بابت تڪرارن کان پاسو ڪر، ڇالاءِ⁠جو اھي بي⁠فائدا ۽ اجايا آھن. 10تفرقا پيدا ڪندڙ ماڻھوءَ کي پھريون ۽ پوءِ ٻيو دفعو بہ نصيحت ڪر، تنھن کان پوءِ ساڻس ڪوبہ تعلق نہ رک. 11تون ڄاڻي ڇڏ تہ اھڙو ماڻھو بگڙيل ۽ گنھگار آھي ۽ پاڻ کي ڏوھي ٿو ٺھرائي.

ذاتي ھدايتون

12 جڏھن آءٌ ارتماس يا تُخِڪُس کي تو وٽ موڪليان، تڏھن تون مون وٽ نڪوپلس شھر ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪج، ڇالاءِ⁠جو مون سيارو اتي گذارڻ جو فيصلو ڪيو آھي. 13 زيناس وڪيل ۽ اپلوس کي اھڙي بندوبست سان روانو ڪج جيئن ھو ڪنھن شيءِ جا محتاج نہ ھجن. 14اسان جي ماڻھن کي بہ گھرجي تہ چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ مشغول رھڻ سکن، انھيءَ لاءِ تہ ھو پنھنجين توڙي ٻين جي ضرورتن جو پورائو ڪري سگھن ۽ بي⁠فائدہ زندگي نہ گذارين. 15جيڪي مون سان گڏ آھن، سي سڀ تو کي سلام ٿا ڏين. ايمان وارا جيڪي اسان سان محبت ٿا رکن، تن کي سلام ڏج. شل اوھان سڀني تي فضل ھجي.

فليمون 1

1ھي خط عيسيٰ مسيح جي ڪري قيد ٿيل پولس ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان آھي. ھي خط تو، فليمون اسان جي پياري دوست ۽ گڏجي ڪم ڪندڙ ڏانھن، 2 ۽ اسان جي ڀيڻ افيا ۽ اسان وانگر مسيح جي سپاھي ارخپس ڏانھن موڪلجي ٿو. انھيءَ کان سواءِ ھي تنھنجي گھر ۾ گڏ ٿيندڙ ڪليسيا ڏانھن پڻ آھي. 3شل اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ۽ سلامتي اوھان تي ٿيندي رھي.

فليمون جي محبت ۽ ايمان

4جڏھن بہ آءٌ دعا ٿو گھران، تڏھن تو کي ياد ٿو رکان ۽ ھميشہ خدا جو شڪر ٿو ڪريان. 5ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ تنھنجي باري ۾ ٻڌندو آھيان تہ تون خداوند عيسيٰ سان محبت ڪرين ٿو ۽ مٿس ايمان رکين ٿو ۽ سڀني ايمان وارن سان بہ محبت ڪرين ٿو. 6منھنجي دعا آھي تہ تون سرگرميءَ سان پنھنجو عقيدو ونڊين، ڇوتہ ائين ڪرڻ سان اسان ۾ موجود مسيح وارين برڪتن جي تو ۾ پوري پوري ڄاڻ پيدا ٿيندي. 7تنھنجيءَ محبت مون کي وڏي خوشي ۽ تسلي ڏني آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ ادا، تو ائين ايمان وارن جي دلين کي تازگي بخشي آھي.

اُنيسمس جي باري ۾ پولس جو عرض

8آءٌ مسيح جي ڪري ايترو دلير ٿي سگھيس ٿي جو تو کي ان ڪم ڪرڻ جو حڪم ڪريان جيڪو تو کي ڪرڻو آھي. 9پر تنھن ھوندي بہ آءٌ پيرسن پولس ۽ ھاڻي عيسيٰ مسيح جي ڪري قيد ٿيل، تو کي پيار مان عرض ٿو ڪريان. 10 منھنجو عرض اُنيسمس جي باري ۾ آھي، جنھن کي مون قيد ۾ ھوندي پنھنجو پٽ بڻايو آھي. 11ھو اڳي تہ تنھنجي ڪنھن بہ ڪم جو ڪونہ ھو، پر ھاڻي تنھنجي توڙي منھنجي، ٻنھي جي ڪم جو آھي. 12آءٌ اُنيسمس کي تو ڏانھن موٽائي ٿو موڪليان، جنھن سان منھنجي ڏاڍي دل آھي. 13آءٌ ھن کي پاڻ وٽ جيڪر خوشيءَ سان رکان ھا، جيستائين آءٌ ھتي خوشخبريءَ جي ڪري قيد ۾ آھيان، تہ جيئن ھي تنھنجي پاران منھنجي خدمت ڪري سگھي ھا، 14پر تنھنجي مرضيءَ جي ابتڙ مون ڪجھہ بہ ڪرڻ ڪين گھريو، انھيءَ لاءِ تہ جيئن منھنجي مدد مجبوريءَ سان نہ، پر تنھنجي خوشيءَ سان ٿئي. 15شايد اُنيسمس تو کان ٿوري وقت لاءِ انھيءَ ڪري ڌار ٿيو تہ جيئن پوءِ ھو تو وٽ ھميشہ لاءِ رھي. 16ھو ھڪ غلام وانگر نہ، پر غلام کان بھتر ھڪ پياري ڀاءُ وانگر اچي رھي. ھو مون کي تمام پيارو آھي. پر غلام ۽ وري مسيحي ڀاءُ ھجڻ ڪري تہ تو کي اڃا بہ وڌيڪ پيارو آھي. 17سو جيڪڏھن تون مون کي پنھنجو ساٿي ٿو سمجھين تہ ھن جو آڌرڀاءُ ائين ڪج جيئن جيڪر منھنجو ڪرين ھا. 18جيڪڏھن ھن تنھنجي ڪا غلطي ڪئي آھي، يا تنھنجو ڪو لھڻو ليکو اٿس تہ اھو منھنجي کاتي سمجھہ. 19آءٌ پولس پنھنجي ھٿ سان لکي ٿو ڏيان تہ ھن جو ھرج⁠نرج آءٌ پاڻ ڀري ڏيندس. باقي ائين دھرائڻ جو ڪو ضرور ئي ڪونھي تہ تنھنجي جان ئي منھنجي ٿڌي ٿوري آھي. 20اسين خداوند جا آھيون. تنھنڪري اي ادا! منھنجي خواھش آھي تہ تو کان مون کي خوشي ملي. مسيحي ڀاءُ ھجڻ ڪري تون منھنجي دل کي حوصلو ڏي. 21آءٌ تو ڏانھن انھيءَ يقين سان ٿو لکان تہ تون منھنجو عرض پورو ڪندين، بلڪ منھنجي چوڻ کان بہ وڌيڪ ڪري ڏيکاريندين. 22ٻي ڳالھہ تہ منھنجي ٽڪڻ لاءِ ھڪ ڪمرو تيار رکج، ڇوتہ اميد ٿو ڪريان تہ اوھانجين دعائن جي بدلي ۾ خداوند مون کي آزاد ڪري اوھان وٽ آڻيندو.

آخر ۾ دعا سلام

23‏-24 اِپفراس، جيڪو مون سان گڏ عيسيٰ مسيح جي ڪري قيدي آھي ۽ مرقس، ارسترخس، ديماس ۽ لوقا جيڪي مون سان گڏ ڪم ڪندڙ آھن، سي سڀ تو کي سلام ٿا ڏين. 25شل خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل اوھان سڀني تي ھجي. آمين.

عبرانين 1

خدا جو پنھنجي فرزند جي معرفت ڳالھائڻ

1اڳئين زماني ۾ خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان وقت بہ وقت ۽ مختلف طريقن سان نبين جي معرفت ڳالھايو. 2پر ھاڻي ھن زماني جي آخر ۾ خدا اسان سان پنھنجي فرزند جي معرفت ڳالھايو، جنھن کي ھن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي ڪائنات خلقيائين. 3اھو فرزند خدا جي جلال جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنھنجي قدرت واري ڪلام سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. ھو گنھگارن کي پاڪ ڪرڻ کان پوءِ عرش تي قادرِمطلق جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.

فرزند ملائڪن کان مٿاھون

4اھڙيءَ طرح ھو ملائڪن کان اوتري قدر اعليٰ ٿيو، جيتري قدر کيس اعليٰ نالو ورثي ۾ مليو. 5 ڇا خدا ڪڏھن ملائڪن مان ڪنھن کي ھيئن چيو تہ ”تون منھنجو فرزند آھين، اڄ کان پوءِ آءٌ تنھنجو پيءُ آھيان؟“ نڪي ھي ملائڪن بابت چيو اٿائين تہ ”آءٌ ھن جو پيءُ ٿيندس ۽ ھو منھنجو فرزند ٿيندو؟“ 6 وري جڏھن خدا پنھنجي پھريتي کي دنيا ۾ آڻي ٿو تڏھن چوي ٿو تہ ”خدا جا سڀ ملائڪ ھن کي سجدو ڪن.“ 7 ملائڪن بابت ھو چوي ٿو تہ ”ھو پنھنجي ملائڪن کي ھوائون ۽ پنھنجن خادمن کي باھہ جا شعلا ٿو بڻائي.“ 8 پر پنھنجي فرزند بابت ھو چوي ٿو تہ ”اي خدا! تنھنجو تخت ھميشہ تائين قائم رھندو، ۽ تون انصاف سان حڪومت ڪرين ٿو. 9تو سچائيءَ سان محبت، ۽ بڇڙائيءَ سان دشمني رکي. تنھنڪري خدا، يعني تنھنجي خدا، خوشيءَ جي تيل سان مسح ڪري تو کي چونڊيو، ۽ تنھنجي سنگتين کان تو کي مٿاھون ڪيو.“ 10 ھن ھيئن بہ چيو تہ ”اي خداوند! شروع ۾ تو زمين کي بڻايو ۽ پنھنجي ھٿن سان آسمان کي پيدا ڪيو. 11اھي سڀ ناس ٿي ويندا، پر تون ئي باقي رھندين. اھي سڀ پوشاڪ وانگر پراڻا ٿي ويندا. 12تون انھن کي چادر وانگر ويڙھي ڇڏيندين ۽ اھي پوشاڪ وانگر بدلجي ويندا. پر تون ھميشہ اھو ئي ساڳيو آھين، ۽ تنھنجا سال ڪڏھن بہ کٽڻ جا ناھن.“ 13 ڇا خدا ملائڪن مان ڪڏھن بہ ڪنھن کي چيو تہ ”تون منھنجي ساڄي پاسي ويھہ، جيستائين آءٌ تنھنجي دشمنن کي تنھنجي پيرن جي صندلي نہ بڻايان؟“ 14ڇا اھي سڀ ملائڪ خدمت ڪندڙ روح نہ آھن، جيڪي ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ وارن جي لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟

عبرانين 2

ڌيان ڏيڻ لاءِ تاڪيد

1تنھنڪري جيڪي ڳالھيون اسان ٻڌيون آھن، تن تي اسان کي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گھرجي، انھيءَ لاءِ تہ متان لڙھي انھن کان پري نڪري نہ وڃون. 2ڇالاءِ⁠جو جيڪو ڪلام ملائڪن جي معرفت ٻڌايو ويو، سو قائم رھيو ۽ جنھن ان ڪلام کي نہ مڃيو ۽ ان جي نافرماني ڪئي تنھن کي جوڳي سزا ڏني ويئي. 3تہ پوءِ جيڪڏھن ھيڏي وڏي ڇوٽڪاري کان غافل رھياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ ڇالاءِ⁠جو انھيءَ ڇوٽڪاري جي پڌرائي پھريائين خداوند ئي ڪئي ھئي ۽ جن ماڻھن اھا ٻڌي تن انھيءَ جي تصديق ڪئي. 4خدا بہ نشانين، عجيب ڪمن ۽ طرح طرح جي معجزن سان پنھنجي مرضيءَ موجب پاڪ روح جون نعمتون ورھائيندي انھيءَ ڇوٽڪاري جي شاھدي ڏيندو رھيو.

ڇوٽڪاري جو اڳواڻ

5سو ايندڙ جھان، جنھن جو اسين ذڪر ٿا ڪريون، تنھن کي خدا ملائڪن جي تابع نہ ڪيو. 6 پر پاڪ ڪلام ۾ ڪنھن شاھدي ڏني آھي تہ ”انسان ڇا آھي، جو تون ھن کي ياد ڪرين، يا انسان جو اولاد ڇا آھي، جو تون ھن جو فڪر ڪرين. 7تو ھن کي ملائڪن کان ٿورڙو گھٽ ڪيو. تو ھن کي عزت ۽ عظمت وارو تاج پارايو. 8تو سڀ شيون ھن جي پيرن ھيٺ ڪري ڇڏيون.“ خدا سڀ شيون انسان جي تابع ڪيون آھن ۽ ڪابہ اھڙي شيءِ نہ ڇڏي اٿس جا سندس تابع نہ ھجي، پر اڃا تائين اسين سڀ شيون ھن جي تابع نہ ٿا ڏسون. 9مگر اسين عيسيٰ کي ڏسون ٿا، جنھن کي موت سھڻ ڪري عزت ۽ عظمت وارو تاج پارايو ويو آھي. ھن کي ملائڪن کان انھيءَ ڪري ٿورڙو گھٽ ڪيو ويو ھو، تہ جيئن ھو خدا جي فضل سان ھر انسان لاءِ موت جو مزو چکي. 10جنھن جي لاءِ ۽ جنھن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آھن، تنھن خدا لاءِ اھو مناسب ھو تہ جڏھن گھڻن ٻارن کي عظمت ۾ داخل ڪري تڏھن انھن جي ڇوٽڪاري جي اڳواڻ کي ڏکن جي وسيلي ڪامل ڪري. 11جيئن تہ پاڪ ڪرڻ وارو ۽ پاڪ ٿيڻ وارا ٻئي ساڳئي ئي گھراڻي جا آھن، تنھنڪري عيسيٰ انھن کي ڀاءُ ڀيڻ ڪري سڏڻ کان نہ ٿو شرمائي. 12 بلڪ ھو چوي ٿو تہ ”آءٌ پنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ تنھنجو نالو پڌرو ڪندس. جماعت ۾ آءٌ تنھنجي ساراھہ جا گيت ڳائيندس.“ 13 ھو وري چوي ٿو تہ ”آءٌ ھن تي ڀروسو ڪندس.“ ھو ائين بہ چوي ٿو تہ ”اِجھو، آءٌ آھيان ۽ اھي ٻار پڻ، جيڪي خدا مون کي ڏنا آھن.“ 14جھڙيءَ طرح ھن جا اھي ٻار انسان آھن، تھڙيءَ طرح عيسيٰ بہ انھن وانگر ٿيو تہ جيئن پنھنجي موت جي وسيلي شيطان کي ناس ڪري، جنھن کي موت تي اختيار آھي. 15ان سان گڏ ھو انھن سڀني کي آزاد ڪري، جيڪي موت جي ڊپ کان سڄي عمر غلاميءَ ۾ گرفتار ھئا. 16حقيقت ۾ ھو ملائڪن جي نہ، بلڪ ابراھيم جي نسل جي مدد ٿو ڪري. 17تنھنڪري اھو ضروري ھو تہ ھو ھر طرح پنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر ٿئي، انھيءَ لاءِ تہ خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ ھو اھڙو وڏو سردار ڪاھن ٿئي، جيڪو رحمدل ۽ وفادار ھجي ۽ ماڻھن جي گناھن جو ڪفارو ادا ڪري. 18ڇالاءِ⁠جو جڏھن مٿس آزمائش پئي تہ ھن پاڻ ڏک سَٺا، تنھنڪري ھو انھن جي بہ مدد ڪري سگھي ٿو جيڪي آزمائش ۾ پون ٿا.

عبرانين 3

موسيٰ کان عيسيٰ مٿاھون آھي

1تنھنڪري اي پاڪ ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي آسماني ڪوٺ ۾ شريڪ آھيو، اوھين انھيءَ رسول ۽ وڏي سردار ڪاھن عيسيٰ تي غور ڪريو، جنھن کي اسين مڃون ٿا. 2 ھو پنھنجي مقرر ڪرڻ واري سان اھڙو وفادار رھيو، جھڙو موسيٰ خدا جي سڄي گھراڻي سان وفادار ھو. 3جيئن ڪنھن گھر جو جوڙيندڙ انھيءَ گھر کان وڌيڪ عزت وارو ٿئي ٿو، تيئن عيسيٰ بہ موسيٰ کان وڌيڪ عزت جي لائق ليکيو ويو. 4ڇالاءِ⁠جو ھر گھر جو ڪو نہ ڪو جوڙيندڙ ھوندو آھي، پر جنھن سڀ ڪجھہ بڻايو سو خدا ئي آھي. 5ھاڻي موسيٰ خادم جي حيثيت ۾ خدا جي سڄي گھراڻي سان وفادار رھيو، انھيءَ لاءِ تہ جيڪي ڳالھيون پوءِ بيان ٿيڻيون ھيون، تن جي شاھدي ڏئي. 6پر مسيح فرزند جي حيثيت ۾ خدا جي گھر جو مختيار ھوندي وفادار رھيو. ھاڻي خدا جو گھراڻو اسين آھيون، بشرطيڪ اسين پنھنجيءَ ھمت ۽ انھيءَ اميد تي قائم رھون، جنھن تي اسان کي فخر آھي.

بي⁠اعتباريءَ خلاف تاڪيد

7 جيئن پاڪ روح فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏھن اڄ اوھين ھن جو آواز ٻڌو، 8تہ پنھنجون دليون سخت نہ ڪجو، جيئن چڙ ڏيارڻ واري مھل، يعني آزمائش جي ڏينھن اوھان رڻ⁠پٽ ۾ ڪيو. 9اتي اوھان جي ابن ڏاڏن منھنجي آزمائش ورتي، مون کي پرکيو ۽ چاليھن سالن تائين منھنجا ڪم ڏٺائون. 10تنھنڪري انھيءَ پيڙھيءَ کان آءٌ ناراض ٿيس، ۽ چيم تہ ’انھن ماڻھن جون دليون ھميشہ گمراھہ ٿينديون رھن ٿيون. انھن منھنجي واٽن کي ڪين سڃاتو.‘ 11تنھنڪري مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ ’ھو منھنجي آرام ۾ ڪڏھن بہ داخل نہ ٿيندا.‘“ 12اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خبردار رھجو، متان اوھان مان ڪنھن جي دل بڇڙي ۽ منڪر ٿي زندہ خدا کان ڦري نہ وڃي. 13پر اوھين جيسين اڄوڪو ڏينھن چوڻ ۾ اچي ٿو، تيسين ھر روز ھڪ ٻئي کي ھمتائيندا رھجو، انھيءَ لاءِ تہ متان اوھان مان ڪو گناھہ جي فريب ۾ اچي سخت⁠دل نہ ٿي پوي. 14ڇالاءِ⁠جو اسين مسيح سان شريڪ ٿيا آھيون، بشرطيڪ اسين پنھنجي شروع واري يقين تي پڇاڙيءَ تائين مضبوطيءَ سان قائم رھون. 15 جيئن چيو ويو آھي تہ ”جيڪڏھن اڄ اوھين ھن جو آواز ٻڌو، تہ پنھنجون دليون سخت نہ ڪجو، جيئن اوھان چڙ ڏيارڻ واري مھل ڪيو ھو.“ 16 اھي ڪير ھئا جن آواز ٻڌي خدا کي چڙ ڏياري؟ ڇا اھي سڀيئي نہ ھئا جيڪي موسيٰ جي اڳواڻيءَ ۾ مصر مان نڪتا ھئا؟ 17اھي ڪير ھئا جن کان ھو چاليھن سالن تائين ناراض رھيو؟ ڇا ھو اھي نہ ھئا جن گناھہ ڪيو ۽ جن جا لاش رڻ⁠پٽ ۾ پيا رھيا؟ 18۽ اھي ڪير ھئا جن لاءِ خدا قسم کڻي چيو تہ ”ھو منھنجي آرام ۾ ڪڏھن بہ داخل نہ ٿيندا“؟ ڇا ھو اھي نہ ھئا جن نافرماني ڪئي؟ 19اھڙيءَ طرح اسين ڏسون ٿا تہ اھي ايمان نہ آڻڻ جي ڪري داخل ٿي نہ سگھيا.

عبرانين 4

خدا جي ماڻھن لاءِ آرام

1جڏھن تہ خدا جي آرام ۾ داخل ٿيڻ جو واعدو اڃا باقي رھيل آھي، تڏھن اسان کي خبردار رھڻ گھرجي تہ متان ائين نہ ٿئي جو اوھان مان ڪو پوئتي رھيل نظر اچي. 2ڇالاءِ⁠جو اسان کي بہ انھن وانگر ئي خوشخبري ٻڌائي ويئي. پر جيڪو پيغام انھن ٻڌو تنھن کين ڪو فائدو نہ رسايو، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن ايمان سان نہ ٻڌو. 3 ھاڻي اسين ايمان آڻيندڙ انھيءَ آرام ۾ داخل ٿا ٿيون، جھڙيءَ طرح خدا فرمايو آھي تہ ”تنھنڪري مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ ’ھو منھنجي آرام ۾ ڪڏھن بہ داخل نہ ٿيندا.‘“ جيتوڻيڪ دنيا جي بنائڻ وقت ھن جا ڪم پورا ٿي چڪا ھئا. 4 ڇالاءِ⁠جو پاڪ ڪلام ۾ ستين ڏينھن بابت ھيئن فرمايو ويو آھي تہ ”خدا پنھنجي سڀني ڪمن کي پورو ڪري ستين ڏينھن آرام ڪيو.“ 5 جيئن خدا اڳي ئي فرمايو آھي تہ ”ھو منھنجي آرام ۾ ڪڏھن بہ داخل نہ ٿيندا.“ 6سو اھا ڳالھہ اڃا باقي آھي تہ ڪي ماڻھو انھيءَ آرام ۾ داخل ٿيندا. پر اھي جن کي پھريائين خوشخبري ٻڌائي ويئي ھئي، سي پنھنجي نافرمانيءَ جي ڪري داخل نہ ٿيا. 7 تنھنڪري گھڻي وقت کان پوءِ خدا وري ھڪڙو خاص ڏينھن مقرر ڪيو جنھن کي ”اڄ“ سڏيو ويو، جڏھن دائود جي وسيلي اڳي وانگر فرمايو ويو تہ ”جيڪڏھن اڄ اوھين ھن جو آواز ٻڌو تہ پنھنجون دليون سخت نہ ڪجو.“ 8 سو جيڪڏھن يشوع انھن کي آرام ۾ داخل ڪري ھا تہ خدا انھيءَ کان پوءِ ڪنھن ٻئي ڏينھن جو ذڪر نہ ڪري ھا. 9تنھنڪري خدا جي ماڻھن لاءِ سبت جو آرام باقي رھيل آھي. 10 ڇالاءِ⁠جو جيڪو خدا جي آرام ۾ داخل ٿئي ٿو، سو بہ پنھنجي ڪمن کان پوءِ ائين آرام ڪري ٿو جيئن خدا ڪيو. 11تنھنڪري اچو تہ اسين انھيءَ آرام ۾ داخل ٿيڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪريون، انھيءَ لاءِ تہ متان ائين نہ ٿئي تہ ڪو انھن وانگر نافرمانيءَ جي ڪري گمراھہ ٿئي. 12ڇالاءِ⁠جو خدا جو ڪلام جيئرو ۽ اثرائتو آھي. اھو ٻہ⁠منھين تلوار کان بہ تکو آھي، اھڙو اندر ۾ چڀيو وڃي جو جان کي روح کان ۽ سنڌن کي مِکُ کان ڌار ڪيو ڇڏي. اھو دل جي خيالن ۽ ارادن کي جاچي ٿو. 13ڪابہ خلقيل شيءِ خدا کان لڪل ڪانھي، بلڪ جنھن کي اسين حساب ڏينداسين تنھن جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کليل آھن.

عيسيٰ وڏو سردار ڪاھن

14تنھنڪري جڏھن تہ اسان جو ھڪڙو وڏو سردار ڪاھن آھي، يعني خدا جو فرزند عيسيٰ، جيڪو آسمانن مان لنگھي ويو آھي، تڏھن اچو تہ اسين پنھنجي اقرار تي مضبوطيءَ سان قائم رھون. 15ڇالاءِ⁠جو اسان جو سردار ڪاھن اھڙو ناھي جو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان جو ھمدرد نہ ٿي سگھي، پر ھو اھڙو آھي جو ھر طرح سان اسان وانگر آزمايو ويو آھي، تڏھن بہ بي⁠گناھہ ثابت ٿيو. 16تنھنڪري اچو تہ دليريءَ سان فضل واري تخت کي ھلي ويجھا ٿيون، تہ جيئن اسان تي رحم ٿئي ۽ اسين اھو فضل حاصل ڪريون جيڪو ضرورت جي وقت اسان جي مدد ڪري.

عبرانين 5

1حقيقت ۾ ھر ڪو سردار ڪاھن جيڪو ماڻھن مان ٿو چونڊجي، سو ماڻھن جي ئي لاءِ خدا سان تعلق رکندڙ ڳالھين واسطي مقرر ٿو ڪجي، انھيءَ لاءِ تہ ھو نذر ۽ گناھن لاءِ قربانيون ادا ڪري. 2ھو جاھلن ۽ گمراھہ ٿيندڙن سان نرميءَ واري ھلت ڪري ٿو سگھي، ڇوتہ ھو پاڻ بہ ڪمزوريءَ ۾ مبتلا آھي. 3 انھيءَ ڪري مٿس اھو فرض آھي تہ جھڙيءَ طرح پنھنجي گناھن واسطي قرباني ادا ڪري ٿو، تھڙيءَ طرح ماڻھن جي گناھن لاءِ بہ ڪري. 4 ڪوبہ ماڻھو پنھنجو پاڻ اھا عزت ھٿ ڪري نہ ٿو سگھي، جيستائين خدا کيس ھارون وانگر نہ چونڊي. 5 ساڳيءَ طرح مسيح بہ پاڻ کي سردار ڪاھن ٿيڻ جي عزت پاڻ نہ ڏني، بلڪ خدا کيس چيو تہ ”تون منھنجو فرزند آھين، اڄ کان پوءِ آءٌ تنھنجو پيءُ آھيان.“ 6 اھڙيءَ طرح ھو ٻي ھنڌ بہ چوي ٿو تہ ”تون ملڪصدق جي طريقي موجب ھميشہ لاءِ ڪاھن آھين.“ 7 عيسيٰ پنھنجي جسماني زندگيءَ ۾ زارون زار روئي ۽ دانھون ڪري خدا کان دعائون گھريون ۽ منٿون ڪيون، جيڪو کيس موت کان بچائي ٿي سگھيو. انھيءَ ادب واري تابعداريءَ جي ڪري سندس دعائون قبول پيون. 8جيتوڻيڪ ھو فرزند ھو، تڏھن بہ ھن ڏک سھي ڪري فرمانبرداري سکي. 9پوءِ ڪامل بڻجي ھو پنھنجي سڀني فرمانبردارن لاءِ دائمي ڇوٽڪاري جو باني بڻيو. 10ان سان گڏ خدا جي طرفان ملڪصدق جي طريقي موجب سردار ڪاھن مقرر ڪيو ويو.

ايمان ڇڏڻ خلاف تاڪيد

11انھيءَ باري ۾ اسان کي گھڻو ڪجھہ چوڻو آھي، پر اوھان کي سمجھائڻ مشڪل آھي، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڪنن کان گھٻرا ٿي پيا آھيو. 12 حقيقت ۾ وقت جي لحاظ کان تہ اوھان کي استاد ٿيڻ گھربو ھو، پر اوھين اڃا تائين انھيءَ ڳالھہ جا محتاج آھيو تہ ڪو ماڻھو وري اوھان کي خدا جي ڪلام جي ابتدائي اصولن جي تعليم ڏئي. سو اوھان کي سخت کاڌي بدران اڃا کير جي گھرج آھي. 13ھاڻي جيڪو رڳو کير تي ٿو پلي، سو اڃا ٻارڙو آھي ۽ ھن کي سچائيءَ جي تعليم بابت ڪو آزمودو ڪونھي. 14پر سخت کاڌو پوريءَ عمر وارن جي لاءِ آھي، جيڪي آزمودي وسيلي ان لائق ٿي ويا آھن جو نيڪيءَ ۽ بديءَ جو فرق سمجھي سگھن.

عبرانين 6

1تنھنڪري اچو تہ مسيح جي باري ۾ ابتدائي ڳالھين کي ڇڏي ڪماليت ڏانھن وڌندا ھلون. موت ڏانھن وٺي ويندڙ ڪمن کان توبھہ ڪرڻ ۽ خدا تي ايمان آڻڻ جو ٻيھر بنياد ئي نہ وجھون، 2نڪي بپتسمائن ۽ ھٿن رکڻ، مئلن جي وري جيئري ٿيڻ ۽ دائمي عدالت جي تعليم جو بنياد ٻيھر وجھون. 3جيڪڏھن خدا گھريو تہ ائين ئي ڪنداسين. 4سو انھن جي حال تي غور ڪريو جيڪي ھڪ ئي دفعي روشن دل ٿيا آھن، جن آسمان واري بخشش جو سواد چکيو آھي ۽ جيڪي پاڪ روح جي برڪت ۾ شريڪ ٿيا آھن 5۽ جن خدا جي چڱي ڪلام ۽ ايندڙ جھان جي طاقتن جو تجربو حاصل ڪيو آھي. 6پوءِ جيڪڏھن اھي گمراھہ ٿي وڃن تہ ٻيھر انھن جو توبھہ ڪرڻ ناممڪن آھي. ڇالاءِ⁠جو اھڙيءَ طرح اھي خدا جي فرزند کي نئين سر صليب تي چاڙھي ظاھر ظھور ھن کي بي⁠عزت ٿا ڪن. 7مثال طور جيڪا زمين پاڻ تي ھر ھر پوندڙ مينھن جو پاڻي ٿي پيئي ۽ پنھنجي پوکيندڙ لاءِ ڪمائتو فصل ٿي اُپائي، تنھن تي خدا جي برڪت ٿي نازل ٿئي. 8 پر جيڪا زمين ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا ٿي اُپائي، سا ڪنھن ڪم جي ناھي ۽ لعنت پوڻ کي ويجھو ٿي ٿئي. آخر ڪار اھا ساڙي وڃي ٿي. 9پر اي عزيزو! جيتوڻيڪ اسين اھي ڳالھيون ڪريون ٿا، تڏھن بہ توھان جي باري ۾ بھترين ۽ ڇوٽڪاري سان لاڳو ٿيندڙ ڳالھين جو يقين ٿا رکون، 10ڇالاءِ⁠جو خدا بي⁠انصاف ناھي. ھو اوھان جي محنت ۽ انھيءَ محبت کي نہ وساريندو، جيڪا اوھان سندس نالي تي اھڙيءَ طرح ڏيکاري جو ايمان وارن جي خدمت ڪئي اٿوَ ۽ اڃا تائين ڪندا ٿا رھو. 11اسان جي خواھش آھي تہ اوھان مان ھر ڪو پنھنجيءَ اميد کي يقيني بنائڻ لاءِ پڇاڙيءَ تائين ساڳيءَ طرح ڪوشش ڪندو رھي. 12اسين چاھيون ٿا تہ اوھين سست نہ ٿيو، پر انھن جا پيروي ڪندڙ ٿيو، جيڪي ايمان ۽ صبر جي ڪري خدا جي ڪيل واعدن جا وارث ٿا ٿين.

خدا جو پڪو واعدو

13خدا جڏھن ابراھيم سان واعدو ڪيو تڏھن ھن پنھنجو ئي قسم کنيو، ڇالاءِ⁠جو کانئس وڏو ڪوبہ نہ ھو. 14 خدا فرمايو تہ ”يقيناً آءٌ تو کي برڪتون ڏيندو رھندس ۽ تنھنجو اولاد گھڻو وڌائيندس.“ 15اھڙيءَ طرح ابراھيم صبر ڪري اھا واعدي ڪيل برڪت حاصل ڪئي. 16ماڻھو پاڻ کان ڪنھن وڏي جو ئي قسم کڻندا آھن ۽ سندن ھر ڳالھہ ۽ ھر تڪرار جي آخرين ثابتي قسم ئي ھوندو آھي. 17تنھنڪري خدا انھن کي جيڪي ڪيل واعدي جي برڪت حاصل ڪندا، اھو وڌيڪ صفائيءَ سان ڏيکارڻ گھريو تہ سندس ارادي ۾ ڪابہ ڦيرگھير ڪانہ ٿيندي، انھيءَ ڪري قسم بہ کنيائين. 18سو خدا جو واعدو ۽ قسم ٻئي اھڙيون شيون آھن جيڪي بدلجي نہ ٿيون سگھن ۽ جن جي باري ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آھي. ھاڻي خدا ائين ھن ڪري ڪيو تہ اسين، جيڪي سندس پناھہ وٺڻ لاءِ ڊوڙيا آھيون، تن کي پڪيءَ طرح خاطري ٿئي تہ انھيءَ اميد کي جيڪا اسان جي اڳيان رکي آھي ھٿ ڪري سگھون. 19 اھا اميد اسان جي جان لاءِ اھڙي لنگر مثل آھي، جيڪو مضبوط ۽ قائم آھي. اھا پردي جي پٺيان اندرين ھيڪل تائين بہ وڃي پھچي ٿي. 20 اتي عيسيٰ ملڪصدق جي طريقي موجب ھميشہ جي لاءِ سردار ڪاھن ٿي اسان جي خاطر، اسان جي پيشوا جي حيثيت ۾ داخل ٿيو آھي.

عبرانين 7

ڪاھن ملڪصدق

1 ملڪصدق شاليم جو بادشاھہ ۽ خدا تعاليٰ جو ڪاھن ھو. جڏھن ابراھيم بادشاھن کي شڪست ڏيئي موٽيو پئي آيو تہ ملڪصدق ساڻس گڏيو ۽ کيس دعائون ڏنائين. 2ابراھيم ھن کي سڀني شين جو ڏھون حصو ورھائي ڏنو. ملڪصدق پنھنجي نالي جي معنيٰ موجب پھريائين ”سچائيءَ جو بادشاھہ“ آھي، تنھن کان پوءِ شاليم جو بادشاھہ بہ آھي، يعني ”سلامتيءَ جو بادشاھہ.“ 3ھو بنا پيءُ، بنا ماءُ ۽ بنا شجري جي آھي. نہ سندس عمر جي شروعات آھي، نڪي زندگيءَ جي پڄاڻي، بلڪ ھو خدا جي فرزند جھڙو ڪيو ويو تہ جيئن ھميشہ لاءِ ڪاھن رھندو اچي. 4سو غور ڪري ڏسو تہ اھو شخص ڪيڏو نہ عظيم ھو، جو قوم جي بزرگ ابراھيم غنيمت جي مال مان بہ کيس ڏھون حصو ڏنو. 5 لاويءَ جي اولاد مان جن کي ڪاھن جو عھدو ٿو ملي تن کي حڪم آھي تہ شريعت موجب پنھنجي قوم بني اسرائيل کان ڏھون حصو اڳاڙين، جيتوڻيڪ اھي بہ ابراھيم جي نسل مان ئي آھن. 6پر ملڪصدق جيئن تہ لاويءَ جي نسل مان نہ ھو، تنھن ھوندي بہ ابراھيم کان ڏھون حصو ورتائين ۽ جنھن سان واعدا ڪيا ويا ھئا، تنھن کي دعائون ڏنائين. 7انھيءَ ۾ ڪوبہ شڪ ڪونھي تہ دعائون ڏيڻ وارو دعائون وٺڻ واري کان مٿاھون آھي. 8ڪٿي تہ ڏھون حصو فاني انسان ٿا وٺن، پر ھتي اھو شخص ٿو وٺي جنھن جي باري ۾ شاھدي ڏني وڃي ٿي تہ ھو جيئرو آھي. 9تنھنڪري اسين چئي سگھون ٿا تہ لاوي، جيڪو ڏھون حصو اڳاڙي ٿو تنھن بہ ابراھيم جي وسيلي ڏھون حصو ڏنو. 10ڇالاءِ⁠جو جڏھن ملڪصدق ابراھيم سان گڏيو، تڏھن لاوي اڃا پنھنجي ابي ڏاڏي جي بدن ۾ ھو. 11لاويءَ واري ڪاھنيءَ جي بنياد تي قوم کي شريعت ملي ھئي. سو جيڪڏھن انھيءَ ڪاھنيءَ جي وسيلي ڪا ڪماليت ھجي ھا تہ پوءِ ٻئي ڪاھن جي اچڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي جيڪو ھارون جي نہ، پر ملڪصدق جي طريقي ۾ شمار ڪيو وڃي. 12ڇالاءِ⁠جو جڏھن ڪاھني بدلجي ٿي، تڏھن شريعت جو بدلجڻ بہ لازمي ٿيو پوي. 13جنھن بابت اھي ڳالھيون ڪيون ويون، سو ٻي قبيلي جو آھي ۽ انھيءَ قبيلي مان ڪنھن بہ ماڻھوءَ قربان⁠گاھہ جي خدمت ڪانہ ڪئي. 14ڇالاءِ⁠جو اھا ڳالھہ صاف ظاھر آھي تہ اسان جو خداوند يھوداہ قبيلي مان آھي، جنھن قبيلي بابت موسيٰ ڪاھنن جي باري ۾ ڪجھہ ڪونہ چيو.

عيسيٰ ملڪصدق جھڙو ڪاھن

15اھا ڳالھہ اڃا بہ وڌيڪ صاف ٿئي ٿي، جڏھن ملڪصدق جھڙو ھڪ ٻيو ڪاھن ظاھر ٿيو. 16ھو جسماني قاعدن موجب نہ، پر غير فاني زندگيءَ جي طاقت موجب مقرر ٿيو. 17 ڇالاءِ⁠جو انھيءَ بابت پاڪ ڪلام ۾ شاھدي ڏني ويئي آھي تہ ”تون ملڪصدق جي طريقي موجب ھميشہ جي لاءِ ڪاھن آھين.“ 18تنھنڪري پھريون حڪم ڪمزور ۽ بي⁠فائدي ھئڻ ڪري رد ٿي ويو، 19ڇالاءِ⁠جو شريعت ڪنھن کي بہ ڪامل ڪري نہ سگھي. سو انھيءَ جي بدران اسان کي ھڪ بھتر اميد ڏني ويئي آھي، جنھن جي وسيلي اسين خدا کي ويجھو وڃي ٿا سگھون. 20اھو سڀ قسم کڻڻ کان سواءِ نہ ٿيو. جيتوڻيڪ ٻيا قسم کان سواءِ ڪاھن مقرر ٿيا، 21 پر عيسيٰ قسم ساڻ ڪاھن مقرر ٿيو، جڏھن خدا کيس چيو تہ ”خداوند قسم کنيو آھي، جنھن کان ھو ڪڏھن ڪين ڦرندو تہ ’تون ھميشہ جي لاءِ ڪاھن آھين.‘“ 22انھيءَ قسم جي ڪري عيسيٰ ھڪ بھتر عھد جو ضامن ٿيو. 23پر اھي تہ گھڻا ئي ڪاھن مقرر ٿيا، انھيءَ ڪري جو موت کين قائم رھڻ نہ ٿي ڏنو. 24مگر عيسيٰ جيئن تہ ھميشہ تائين جيئرو رھڻ وارو آھي، تنھنڪري سندس ڪاھني لازوال آھي. 25انھيءَ ڪري ئي جيڪي سندس وسيلي خدا جي طرف ٿا اچن، تن کي ھو پوريءَ طرح بچائي ٿو سگھي، ڇالاءِ⁠جو انھن جي شفاعت لاءِ ھو ھميشہ جيئرو آھي. 26سو اھڙي ئي سردار ڪاھن جي اسان کي گھرج ھئي جيڪو پاڪ، بي⁠ڏوھہ، بي⁠عيب، گنھگارن کان ڌار ۽ آسمانن کان بہ بلند ڪيو ويو ھجي. 27 ٻين سردار ڪاھنن وانگر ھو انھيءَ ڳالھہ جو محتاج نہ ھجي جو ھر روز پھريائين پنھنجن گناھن ۽ پوءِ قوم جي گناھن واسطي قربانيون ڪري. ڇالاءِ⁠جو ھن سندن گناھن واسطي ھڪڙي ئي ڀيري ھميشہ جي قرباني ڪئي، جڏھن پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيائين. 28ھن ڪري جو شريعت تہ انھن ماڻھن کي سردار ڪاھن مقرر ڪري ٿي جيڪي ڪمزور آھن، پر اھو قسم، جيڪو شريعت کان پوءِ کنيو ويو، سو انھيءَ فرزند کي مقرر ٿو ڪري جيڪو ھميشہ جي لاءِ ڪامل ڪيو ويو آھي.

عبرانين 8

عيسيٰ وڏو سردار ڪاھن

1 انھن ڳالھين جو خاص مطلب ھي آھي تہ اسان جو ھڪڙو اھڙو سردار ڪاھن آھي، جيڪو آسمان تي قادرِمطلق جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺوآھي. 2ھو انھيءَ مقدس خيمي ۾ خدمت ٿو ڪري، جيڪو سچو مقدس خيمو آھي ۽ جنھن کي انسان نہ پر خداوند کوڙيو آھي. 3جيئن تہ ھر ڪو سردار ڪاھن نذرانن ۽ قربانين چاڙھڻ لاءِ مقرر ٿيندو آھي، انھيءَ ڪري اھو ضروري ھو تہ ھن سردار ڪاھن وٽ بہ چاڙھڻ لاءِ ڪي ڪجھہ ھجي. 4سو جيڪڏھن ھو اڃا زمين تي ھجي ھا تہ ڪڏھن بہ ڪاھن نہ ٿئي ھا، ڇالاءِ⁠جو اھڙا ماڻھو اڳي ئي موجود آھن جيڪي شريعت موجب نذرانا ٿا چاڙھين. 5 اھي جيڪا خدمت ھتي ڪن ٿا، سا آسماني شين جو رڳو نقل ۽ پاڇو آھي. اھو ئي سبب آھي جو جڏھن موسيٰ مقدس خيمو ٿي جوڙيو، تڏھن کيس تاڪيد فرمايو ويو تہ ”ڏس، ھر شيءِ انھيءَ نموني ٺاھجانءِ، جيڪو تو کي جبل تي ڏيکاريو ويو ھو.“

نئون ۽ بھتر عھد

6پر ھاڻي عيسيٰ کي انھن ڪاھنن کان ايتري قدر بھتر خدمت ملي آھي، جيتري قدر پراڻي عھد کان اھو عھد بھتر آھي جنھن جو ھو وچ وارو آھي. اھو عھد بھتر واعدن جي بنياد تي قائم ڪيو ويو آھي. 7ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اھو پھريون عھد بي⁠عيب ھجي ھا تہ ڪنھن ٻئي عھد جي ڳولا ئي نہ ڪرڻي پوي ھا. 8 پر خدا ماڻھن جا عيب ڏيکاري چوي ٿو تہ ”ڏس، خداوند فرمائي ٿو تہ ’اھي ڏينھن اچن ٿا، جڏھن آءٌ بني اسرائيل جي گھراڻي سان ۽ يھوداہ جي گھراڻي سان ھڪ نئون عھد ڪندس. 9اھو انھيءَ عھد وانگر نہ ھوندو، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن سان انھيءَ ڏينھن ڪيو، جڏھن کين مصر جي ملڪ مان ڪڍي آڻڻ لاءِ سندن ھٿ جھليو ھوم.‘ خداوند فرمائي ٿو تہ ’اھي منھنجي عھد تي قائم نہ رھيا، انھيءَ ڪري مون بہ انھن ڏانھن ڌيان ڪونہ ڏنو.‘ 10وري خداوند فرمائي ٿو تہ ’جيڪو عھد آءٌ بني اسرائيل جي گھراڻي سان انھن ڏينھن کان پوءِ ڪندس، سو اھو آھي تہ آءٌ پنھنجا قانون ھنن جي ذھنن ۾ وجھندس، ۽ اھي سندن دلين تي بہ لکندس. آءٌ سندن خدا ٿيندس، ۽ ھو منھنجي قوم ٿيندا. 11پوءِ ڪنھن کي بہ اھا ضرورت نہ ٿيندي، جو پنھنجي پاڙيسريءَ يا پنھنجي برادريءَ واري کي اھو چئي سيکاري تہ ’خداوند کي سڃاڻ.‘ ڇالاءِ⁠جو انھن مان ننڍا توڙي وڏا سڀ مون کي سڃاڻيندا. 12انھيءَ ڪري جو آءٌ سندن بڇڙاين کي معاف ڪندس ۽ سندن گناھن کي وري ڪڏھن ياد نہ ڪندس.‘“ 13خدا ھن عھد کي نئون چئي، پھرين عھد کي پراڻو ٺھرايو ۽ جيڪا شيءِ پراڻي ۽ جھوني ٿي ويندي آھي، سا مٽجڻ کي ويجھو ھوندي آھي.

عبرانين 9

زميني ۽ آسماني عبادت⁠گاھون

1مطلب تہ پھرين عھد ۾ بہ عبادت جا قانون ھئا ۽ ھڪ زميني عبادت⁠گاھہ بہ ھئي، 2 يعني ھڪ مقدس خيمو کوڙيو ويو ھو، جنھن جي پھرين ڪمري ۾ شمعدان، ميز ۽ نذراني جون مانيون رکيل ھيون. انھيءَ کي مقدس جاءِ سڏيو ويندو ھو. 3 ٻئي پردي جي پٺيان اھو ڪمرو ھو جنھن کي مقدس ترين جاءِ سڏبو ھو. 4 انھيءَ ۾ لوبان ساڙڻ واري سوني قربان⁠گاھہ ھئي ۽ چئني پاسن کان سون سان مڙھيل عھد واري صندوق رکيل ھئي. انھيءَ صندوق ۾ مَنَ سان ڀريل ھڪ سونو ٿانءُ، ھارون جي لٺ جنھن مکڙيون جھليون ھيون ۽ عھدنامي جون پٿريليون تختيون ھيون. 5 صندوق جي مٿان پردار آسماني مخلوق جھڙيون شڪليون ٺھيل ھيون، جيڪي خدا جي موجودگيءَ جي نشاني ھيون ۽ اھي ڪفارہ⁠گاھہ تي ڇانوَ ڪيو بيٺيون ھيون. پر ھن وقت انھن ڳالھين جي تفصيل بيان ڪرڻ جو موقعو ناھي. 6 سو انھن شين جي اھڙيءَ طرح تيار ٿي وڃڻ کان پوءِ مقدس خيمي جي پھرين ڪمري ۾ ڪاھن خدمت بجاءِ آڻڻ لاءِ ھر وقت داخل ٿيندا رھن ٿا. 7 پر اندرين ڪمري ۾ رڳو سردار ڪاھن سال ۾ فقط ھڪڙو ڀيرو داخل ٿيندو آھي. سو بہ انھيءَ رت کان سواءِ نہ ويندو آھي، جيڪو ھو پنھنجي ۽ پنھنجي قوم وارن جي اڻ⁠ڄاڻائيءَ وارن گناھن لاءِ نذرانو ڪري ڏيندو آھي. 8انھيءَ مان پاڪ روح ھي اشارو ٿو ڏئي تہ جيستائين مقدس خيمي جو پھريون ڪمرو بيٺو آھي، تيستائين مقدس ترين جاءِ جو رستو کليل نہ آھي. 9اھو ھاڻوڪي زماني لاءِ ھڪڙو مثال آھي، جنھن مان ظاھر ٿو ٿئي تہ جيڪي نذرانا ۽ قربانيون ڏنيون وينديون ھيون، سي عبادت ڪندڙ جي ضمير کي ڪامل ڪري نہ ٿيون سگھن. 10ڇالاءِ⁠جو اھي رڳو کائڻ پيئڻ ۽ مختلف طريقن سان پاڪ صاف ٿيڻ جون رسمون آھن ۽ اھڙا ظاھري قانون آھن جيڪي نئين سڌاري جي وقت تائين مقرر ڪيا ويا ھئا.

مسيح جو رت

11پر جڏھن مسيح اڳ ۾ موجود چڱين شين جو سردار ڪاھن ٿي آيو، تڏھن ھو وڌيڪ وڏي ۽ ڪامل خيمي جي رستي داخل ٿيو. اھو خيمو انسان جو ٺاھيل نہ آھي، يعني زميني نہ آھي. 12مسيح انھيءَ مقدس ترين جاءِ ۾ ھڪڙو ئي ڀيرو داخل ٿيو. ھن ٻڪرين ۽ گابن جي رت جي وسيلي نہ، بلڪ خود پنھنجي رت جي وسيلي داخل ٿي اسان جي لاءِ ھميشہ جو ڇوٽڪارو حاصل ڪيو. 13 ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ٻڪرين ۽ ڏاندن جو رت ۽ وھڙي جي رک ناپاڪن تي ڇٽڪارڻ سان کين جسماني طور پاڪ ڪري سگھجي ٿو، 14تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ پاڪ ڪندو، جنھن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي آڏو بي⁠عيب قربانيءَ طور ڏيئي ڇڏيو. سندس رت اسان جي دلين کي اھڙن ڪمن کان پاڪ ڪندو جن جي پڇاڙي موت آھي، تہ جيئن اسين زندہ خدا جي عبادت ڪريون. 15انھيءَ ڪري ئي مسيح نئين عھد جو وچ وارو آھي. جن ماڻھن پھرين عھد جي زماني ۾ ڏوھہ ڪيا ھئا، تن کي ھن پنھنجي جان ڏيئي آزاد ڪرايو. انھيءَ لاءِ تہ جن کي سڏيو ويو آھي، سي واعدي ڪيل دائمي ورثو حاصل ڪن. 16ڇالاءِ⁠جو وصيت⁠نامي جي معاملي ۾ اھو ضروري آھي تہ وصيت ڪندڙ جو موت ثابت ٿئي. 17وصيت ڪرڻ واري جو جيئري وصيت⁠نامو ڪنھن ڪم جو نہ آھي. ھن ڪري جو وصيت⁠نامو تڏھن عمل ۾ ٿو اچي جڏھن ڪو ماڻھو مري ٿو. 18اھو ئي سبب آھي جو پھريون عھد بہ رت کان سواءِ قائم نہ ڪيو ويو. 19 جڏھن موسيٰ شريعت جو ھر حڪم ساريءَ قوم کي ٻڌائي چڪو، تڏھن ھن گابن ۽ ٻڪرين جو رت کڻي پاڻيءَ سان گڏي، قرمزي اُن ۽ زوفا جي ٽارين سان شريعت جي ڪتاب ۽ ساريءَ قوم تي ڇٽڪاريو. 20ھن اھو بہ چيو تہ ”ھي انھيءَ عھد جو رت آھي، جنھن جو خدا اوھان کي حڪم ڏنو آھي.“ 21 ساڳيءَ طرح موسيٰ مقدس خيمي ۽ عبادت جي سڀني شين تي رت ڇٽڪاريو. 22 حقيقت ۾ شريعت موجب گھڻو ڪري سڀ شيون رت سان پاڪ ٿي وڃن ٿيون ۽ رت وھائڻ کان سواءِ معافي نہ ٿي ملي.

مسيح گناھہ کڻي وڃڻ لاءِ قربان ٿيو

23تنھنڪري اھو ضروري ھو تہ آسماني شين جا نقل اھڙين قربانين جي وسيلي پاڪ ڪيا وڃن، بلڪ خود آسماني شيون انھن کان بھتر قربانين جي وسيلي پاڪ ڪجن. 24ڇالاءِ⁠جو مسيح انسان جي ٺاھيل مقدس جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جيڪا حقيقي مقدس جاءِ جو رڳو نقل ھئي. پر ھو آسمان ۾ ئي داخل ٿيو، تہ جيئن خدا جي حضور ۾ اسان جي خاطر حاضر ٿئي. 25سردار ڪاھن ھر سال مقدس ترين جاءِ ۾ پنھنجو نہ پر ٻئي جو رت کڻي ٿو وڃي. پر مسيح پاڻ کي وري وري قربان ڪرڻ لاءِ آسمان ۾ داخل نہ ٿو ٿئي، 26⁠نہ⁠تہ جھان جي شروعات کان وٺي ڪيترائي ڀيرا کيس ڏک سھڻو پوي ھا. پر ھاڻي زمانن جي پڇاڙيءَ ۾ ھو ھڪڙو ئي ڀيرو ظاھر ٿيو، انھيءَ لاءِ تہ پاڻ کي قربان ڪرڻ سان گناھہ کي مٽائي ڇڏي. 27جھڙيءَ طرح انسان جو ھڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ انھيءَ کان پوءِ عدالت جي اڳيان پيش ٿيڻ مقرر ٿيل آھي، 28 تھڙيءَ طرح مسيح بہ ھڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻھن جي گناھن کڻي وڃڻ لاءِ قربان ٿيو. پر جڏھن ھو ٻيھر ظاھر ٿيندو تہ گناھہ کڻڻ لاءِ نہ، بلڪ انھن کي ڇوٽڪارو ڏيڻ لاءِ ايندو جيڪي سندس واٽ پيا نھارين.

عبرانين 10

مسيح جي ھڪڙي ئي قرباني

1حقيقت ۾ شريعت اچڻ وارين چڱين شين جو رڳو پاڇو آھي، انھن جي اصلي صورت ناھي. تنھنڪري سال⁠بسال جيڪي ساڳيون ئي قربانيون ھميشہ ڪيون وڃن ٿيون، تن جي وسيلي اھا شريعت خدا ڏانھن ويجھو ايندڙ ماڻھن کي ڪڏھن بہ ڪامل نہ ٿي ڪري سگھي. 2جيڪڏھن شريعت ائين ڪري سگھي ھا تہ ڇا اھي قربانيون چاڙھڻ بند نہ ڪري ڇڏين ھا؟ ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن عبادت ڪندڙ ھڪ ئي دفعي بلڪل پاڪ ٿي وڃن ھا، تہ پوءِ اڳتي ھنن کي گناھن جي يادگيري بہ ڪانہ رھي ھا. 3پر اھي قربانيون سال⁠بسال گناھن جي ياد ڏيارين ٿيون. 4ڇالاءِ⁠جو ائين ٿي نہ ٿو سگھي جو ڏاندن ۽ ٻڪرين جو رت گناھن کي مٽائي ڇڏي. 5 تنھنڪري ئي مسيح دنيا ۾ اچڻ مھل چيو تہ ”تو قربانيءَ ۽ نذراني کي نہ چاھيو، پر تو منھنجي لاءِ ھڪڙو بدن تيار ڪيو.

6ساڙڻ وارين قربانين

۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانين کان تون خوش نہ ٿئين. 7تڏھن مون چيو جيئن پاڪ ڪتاب ۾ منھنجي باري ۾ لکيل آھي تہ ’ڏس، آءٌ آيو آھيان، انھيءَ لاءِ تہ اي خدا! تنھنجي مرضي پوري ڪريان.‘“ 8پھريائين تہ مسيح چيو تہ ”قربانيون، نذرانا، ساڙڻ واريون قربانيون ۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون تو نہ چاھيون، نڪي تون انھن مان خوش ٿئين، جيتوڻيڪ اھي شريعت موجب چاڙھيون وڃن ٿيون.“ 9پوءِ وري چيائين تہ ”ڏس، آءٌ آيو آھيان، انھيءَ لاءِ تہ تنھنجي مرضي پوري ڪريان.“ اھڙي نموني خدا اڳين قربانين کي رد ڪري مسيح جي قربانيءَ کي قائم ڪري ٿو. 10خدا جي انھيءَ مرضيءَ جي نتيجي ۾ اسين عيسيٰ مسيح جي بدن جي ھڪڙي ئي دفعي قربان ٿيڻ جي وسيلي پاڪ ڪيا ويا آھيون. 11 ھر ھڪ ڪاھن روزانو بيھي ديني خدمت ٿو ڪري ۽ ھر ھر ساڳيون ئي قربانيون ٿو چاڙھي، جيڪي ڪڏھن بہ گناھن کي مٽائي نہ ٿيون سگھن. 12 پر مسيح گناھن جي لاءِ ھڪڙي ئي قرباني ھميشہ جي واسطي چاڙھي خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو. 13انھيءَ وقت کان وٺي ھو انتظار ۾ آھي تہ سندس دشمنن کي سندس پيرن جي صندلي بڻايو وڃي. 14ڇالاءِ⁠جو ھن ھڪڙي قرباني چاڙھڻ سان انھن کي ھميشہ جي لاءِ ڪامل ڪري ڇڏيو آھي، جيڪي پاڪ ڪيا ٿا وڃن. 15پاڪ روح بہ انھيءَ باري ۾ اسان کي شاھدي ڏيئي چوي ٿو تہ 16 ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’ھي اھو عھد آھي، جيڪو انھن ڏينھن کان پوءِ آءٌ ھنن سان ڪندس. آءٌ پنھنجا قانون سندن دلين ۾ وجھندس، ۽ سندن ذھنن تي اھي نقش ڪندس.‘“ 17 ھو وڌيڪ چوي ٿو تہ ”ھنن جا گناھہ ۽ ھنن جون بڇڙايون آءٌ وري ياد نہ ڪندس.“ 18ھاڻي جڏھن تہ ھنن جي معافي ٿي ويئي آھي تڏھن وري گناھن لاءِ قربانيءَ جي ضرورت نہ آھي.

نصيحت ۽ تاڪيد

19تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان کي پورو ڀروسو آھي تہ اسين عيسيٰ جي رت جي ڪري انھيءَ مقدس ترين جاءِ ۾ داخل ٿي سگھون ٿا. 20عيسيٰ اسان جي لاءِ پردي منجھان ھڪ نئون ۽ جيئرو رستو کوليو آھي ۽ اھو پردو سندس جسم آھي. 21ھو اسان جو اھڙو وڏو ڪاھن آھي، جيڪو خدا جي گھر جو مختيار آھي. 22 ھاڻي جيئن تہ اسان جو ضمير گناھن کان پاڪ ٿيل آھي ۽ اسان جو جسم صاف پاڻيءَ سان ڌوتل آھي، تنھنڪري اچو تہ سچيءَ دل سان ۽ پوري يقين سان خدا کي ويجھا ٿيون. 23اچو تہ جنھن اميد جو اسين اقرار ٿا ڪريون تنھن کي سوگھو جھليون، ڇالاءِ⁠جو جنھن واعدو ڪيو آھي سو سچو آھي. 24اچو تہ اسين محبت ۽ چڱن ڪمن جو شوق ڏيارڻ لاءِ ھڪ ٻئي جو خيال رکون. 25اسين پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ ڇڏي نہ ڏيون، جيئن ڪن ماڻھن جي عادت آھي، بلڪ اچو تہ ھڪ ٻئي کي ھمتائيندا رھون. جيئن جيئن اوھين خداوند جو ڏينھن ويجھو ايندو ٿا ڏسو، تيئن تيئن اھڙيون ڳالھيون وڌيڪ ڪندا رھو. 26پر جيڪڏھن اسين سچ جي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ کان پوءِ بہ ڄاڻي⁠ٻجھي گناھہ ڪريون تہ گناھن لاءِ ڪابہ قرباني اڳتي باقي نہ رھندي. 27 پر عدالت جي ڏينھن جو ۽ انھيءَ قھر واري باھہ جو خوف ۽ انتظار باقي آھي، جيڪا خدا جي دشمنن کي کائي کپائي ڇڏيندي. 28 جڏھن ڪو ماڻھو موسيٰ جي شريعت کي نہ ٿو مڃي تہ ھن کي ٻن يا ٽن ماڻھن جي شاھديءَ تي بي⁠رحميءَ سان ماريو ٿو وڃي، 29 تڏھن اوھين خيال ڪريو تہ ان شخص جو ڇا حشر ٿيندو، جنھن خدا جي فرزند کي پيرن ھيٺ لتاڙيو، عھد جي انھيءَ رت کي ناپاڪ سمجھيو، جنھن سان ھن کي پاڪ ڪيو ويو ھو ۽ فضل بخشيندڙ روح کي بي⁠عزت ڪيائين؟ 30 ڇالاءِ⁠جو اسين انھيءَ کي ڄاڻون ٿا جنھن چيو تہ ”وير وٺڻ منھنجو ڪم آھي، آءٌ ئي بدلو وٺندس.“ ۽ وري ھي تہ ”خداوند پنھنجي قوم جو انصاف ڪندو.“ 31زندہ خدا جي ھٿن ۾ اچڻ ھڪ وڏي خوفناڪ ڳالھہ آھي. 32پر انھن اڳوڻن ڏينھن کي ياد ڪريو، جڏھن روشني حاصل ڪرڻ کان پوءِ اوھان ڏاڍا ڏک سٺا، پوءِ بہ ثابت⁠قدم رھيا. 33ڪڏھن تہ اوھان طعنن ۽ مصيبتن جي ڪري تماشو بڻيا ۽ ڪڏھن وري اوھان انھن جو ساٿ ڏنو جن سان اھڙي ھلت ٿي. 34جيڪي قيد ۾ ھئا، تن سان اوھان ھمدردي ڪئي ۽ پنھنجي مال ملڪيت جو لٽجي وڃڻ بہ خوشيءَ سان قبول ڪيو. ڇالاءِ⁠جو اوھان کي خبر ھئي تہ اوھان وٽ بھتر ۽ پائدار ملڪيت موجود آھي. 35تنھنڪري اوھين پنھنجي ھمت نہ ھاريو، ڇالاءِ⁠جو انھيءَ جو وڏو اجر آھي. 36اوھان کي صبر ڪرڻ گھرجي، انھيءَ لاءِ تہ خدا جي مرضي پوري ڪري اوھين اھو ڪجھہ حاصل ڪريو، جنھن جو ھن واعدو ڪيو آھي. جيئن لکيل آھي تہ 37 ”تمام ٿوري مدت باقي آھي، جو اچڻ وارو ايندو ۽ دير نہ ڪندو. 38منھنجا سچار ٻانھو ايمان جي ڪري جيئرو رھندا، پر جيڪڏھن انھن مان ڪو پوئتي ھٽندو، تہ آءٌ ھن کان خوش نہ ٿيندس.“ 39مگر اسين انھن مان نہ آھيون جيڪي پوئتي ھٽي ناس ٿا ٿين، بلڪ انھن مان آھيون جيڪي ايمان آڻي پاڻ کي بچائين ٿا.

عبرانين 11

ايمان

1ايمان مان مراد آھي انھن شين جي ملڻ جي خاطري، جن جي اميد ڪئي اٿئون ۽ انھن شين تي يقين، جيڪي نہ ڏٺيون اٿئون. 2اھو انھن جو ايمان ئي ھو جو اڳئين زماني جي ماڻھن خدا جي رضا حاصل ڪئي ھئي. 3 ايمان جي ڪري ئي اسين سمجھون ٿا تہ ڪائنات خدا جي حڪم سان بڻي آھي، يعني جيڪي ڪجھہ ڏسڻ ۾ اچي ٿو سو ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ شين مان بڻيو آھي. 4 ايمان جي ڪري ئي ھابيل خدا وٽ قابيل کان وڌيڪ سٺي قرباني چاڙھي. انھيءَ جي ئي ڪري خدا سندس نذرانو قبول ڪري ظاھر ڪيو تہ ھو سچار ھو. جيتوڻيڪ ھو مري ويو آھي تہ بہ ايمان جي ئي وسيلي اڃا تائين ڳالھائي پيو. 5 ايمان جي ڪري ئي حنوڪ مٿي کنيو ويو، تہ جيئن موت کي نہ ڏسي. ھن جو ڪوبہ پتو ڪونہ پيو، ڇالاءِ⁠جو خدا مٿي کڻي ورتس. ھن ڪري جو سندس کڄي وڃڻ کان اڳ ھن بابت اھا شاھدي ڏني ويئي ھئي تہ ھو خدا کي پسند آيو آھي. 6ايمان کان سواءِ خدا کي پسند اچڻ ناممڪن آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪو خدا وٽ ٿو اچي، تنھن لاءِ اھو ايمان آڻڻ ضروري آھي تہ خدا موجود آھي ۽ جيڪي کيس چاھہ سان ڳولين ٿا تن کي اجر ڏئي ٿو. 7 ايمان جي ڪري ئي نوح کي انھن ڳالھين جي باري ۾ خدا خبردار ڪيو جيڪي اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون ھيون ۽ ھن خدا جي خوف کان پنھنجي خاندان جي بچاءَ لاءِ ھڪڙو ٻيڙو ٺاھيو. اھڙيءَ طرح ھن دنيا کي ڏوھي ٺھرايو ۽ انھيءَ سچائيءَ جو وارث ٿيو، جيڪا ايمان جي ڪري آھي. 8 جڏھن ابراھيم کي سڏيو ويو تہ ايمان جي ڪري ئي ھو خدا جو حڪم مڃي انھيءَ جاءِ ڏانھن ھليو ويو، جيڪا بعد ۾ کيس ميراث طور ملڻي ھئي. جيتوڻيڪ ھن کي اھا خبر نہ ھئي تہ ڪيڏانھن ٿو وڃي، پر تڏھن بہ ھو اٿي روانو ٿيو. 9 ايمان جي ڪري ئي ھو خدا جي واعدي ڪيل ملڪ ۾ ھڪ پرديسيءَ وانگر رھيو. اسحاق ۽ يعقوب جيڪي خدا جي ساڳئي واعدي ۾ ساڻس گڏ وارث ھئا، سي بہ ابراھيم وانگر تنبن ۾ رھندا ھئا. 10ڇالاءِ⁠جو ابراھيم انھيءَ شھر جو اميدوار ھو، جنھن جو بنياد پيل آھي ۽ جنھن جو تخليق ڪندڙ ۽ اڏيندڙ خود خدا آھي. 11 ايمان جي ڪري ئي ابراھيم پيءُ ٿيڻ جي لائق ٿيو، جيتوڻيڪ ھو تمام پيرسن ھو ۽ سارہ بہ سنڍ ھئي. ابراھيم کي واعدي ڪرڻ واري تي پورو پورو يقين ھو. 12 اھڙيءَ طرح ھڪڙي اھڙي شخص مان جيڪو تمام پيرسن ھو، آسمان جي تارن جيترا ۽ سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جيترا بيشمار ماڻھو پيدا ٿيا. 13 اھو ايمان ئي ھو جنھن تي اھي سڀ ماڻھو سڄي عمر قائم رھيا. جيتوڻيڪ کين واعدي ڪيل شيون نہ مليون، مگر انھن کي پري کان ئي ڏسي سندن مرحبا ڪيائون. ان سان گڏ ھنن قبول ڪيو تہ اسين ڌرتيءَ تي مھمان ۽ مسافر آھيون. 14جيڪي ماڻھو اھڙيون ڳالھيون ڪندا آھن، سي ظاھر ڪندا آھن تہ اسين پنھنجي وطن جي ڳولا ۾ آھيون. 15جيڪڏھن ھو انھيءَ ملڪ کي ياد ڪن ھا، جنھن مان نڪري آيا ھئا تہ جيڪر کين موٽي وڃڻ جو وجھہ ملي ھا. 16پر ھاڻي ھو انھيءَ کان بھتر يعني آسماني ملڪ جي لاءِ واجھائي رھيا آھن. تنھنڪري خدا، انھن جو خدا سڏجڻ کان شرمائي نہ ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھن انھن جي لاءِ ھڪڙو شھر تيار ڪري ڇڏيو آھي. 17 ايمان جي ڪري ئي پنھنجي آزمائش وقت ابراھيم اسحاق کي نذراني طور قربان ڪيو. اھو ئي ابراھيم جنھن خدا جا واعدا قبول ڪيا ھئا، سو پنھنجي پياري پٽ کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. 18 انھيءَ ئي پٽ جي باري ۾ خدا چيو ھوس تہ ”اسحاق مان ئي تنھنجو نسل جاري ٿيندو.“ 19ڇالاءِ⁠جو ھن سمجھيو تہ خدا کي مئلن مان جيارڻ جي قدرت آھي، سو انھن مان ئي ھن اسحاق کي مثالي طرح وري حاصل ڪيو. 20 ايمان جي ڪري ئي اسحاق يعقوب ۽ عيسوءَ کي سندن مستقبل جي برڪت ڏني. 21 ايمان جي ڪري ئي يعقوب مرڻ مھل يوسف جي ٻنھي پٽن کي برڪت ڏني ۽ پنھنجي لٺ جي چوٽيءَ تي مٿو رکي سجدو ڪيائين. 22 ايمان جي ڪري ئي يوسف مرڻ مھل بني اسرائيل جي مصر ملڪ مان نڪرڻ جو ذڪر ڪيو ۽ پنھنجين ھڏين بابت حڪم ڏنائين. 23 ايمان جي ڪري ئي موسيٰ جي ماءُ⁠پيءُ سندس ڄمڻ کان پوءِ کيس ٽن مھينن تائين لڪائي رکيو، ڇالاءِ⁠جو ھنن ڏٺو تہ ٻار خوبصورت آھي ۽ اھي بادشاھہ جي حڪم کان ڪين ڊنا. 24 ايمان جي ڪري ئي موسيٰ وڏي ٿيڻ تي فرعون جي ڌيءَ جو پٽ سڏائڻ کان انڪار ڪيو. 25ھن ڪري جو ٿوري وقت تائين گناھہ جي خوشين ماڻڻ جي بدران ھن خدا جي قوم سان گڏ ڏک سھڻ کي وڌيڪ پسند ڪيو. 26ھن مسيح جي خاطر بي⁠عزت ٿيڻ کي مصر جي خزانن کان وڏي دولت سمجھيو، ڇالاءِ⁠جو ھن جي نظر ملڻ واري اجر تي ھئي. 27 ايمان جي ڪري ئي موسيٰ بادشاھہ جي ڪاوڙ جي پرواھہ نہ ڪئي ۽ مصر ڇڏي ڏنائين. ھو ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ خدا کي ڄڻڪ ڏسي ڪري ثابت⁠قدم رھيو. 28 ايمان جي ڪري ئي ھن عيد فصح جي قرباني ڪئي ۽ رت ڇٽڪاريائين، انھيءَ لاءِ تہ موت جو ملائڪ بني اسرائيل جي پھريتن ٻارن کي ھٿ نہ لائي. 29 ايمان جي ڪري ئي بني اسرائيل ڳاڙھي سمنڊ مان ائين لنگھي ويا جيئن سڪيءَ تان لنگھبو آھي. پر جڏھن مصرين بہ ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ اھي ٻڏي مئا. 30 ايمان جي ڪري ئي يريحو شھر جون ڀتيون، جڏھن بني اسرائيل انھن جي چوڌاري ست ڏينھن ڦيرا ڏنا تہ اھي ڪري پيون. 31 ايمان جي ڪري ئي راحب ڪسبياڻي نافرمانن سان گڏ ماري نہ ويئي، ڇالاءِ⁠جو ھن جاسوسن کي پاڻ وٽ صحيح سلامت رکيو ھو. 32 ھاڻي وڌيڪ آءٌ ڇا ٻڌايان؟ ايتري واندڪائي ڪانہ اٿم جو گدعون، باراق، سمسون، يفٿاح، دائود، شموايل ۽ ٻين نبين جو ذڪر ڪريان. 33 انھن ايمان جي ڪري ئي بادشاھتون فتح ڪيون، سچائيءَ جا ڪم ڪيا، واعدي ڪيل شين کي حاصل ڪيو ۽ شينھن جا وات بند ڪيائون. 34 ھنن سخت باھہ کي اُجھايو ۽ تلوار جي ڌار کان بہ بچي نڪتا. اھي ڪمزوريءَ مان زورآوار ٿيا، جنگ ۾ بھادر ٿيا ۽ ڌارين فوجن کي ڀڄائي ڪڍيائون. 35 عورتن کي سندن مري ويل وري جيئرا ٿي مليا ۽ ٻيا عذاب سھندي سھندي مري ويا، پر آزادي قبول نہ ڪيائون، انھيءَ لاءِ تہ ٻيھر جيئرا ٿي بھتر زندگي حاصل ڪن. 36 ڪن ماڻھن جي وري کِل ٺٺولي ڪرڻ سان ۽ چھبڪن ھڻڻ سان آزمائش ورتي ويئي، ايتري تائين جو کين زنجيرن سان ٻڌي قيد ۾ وڌو ويو. 37 ھو سنگسار ڪيا ويا، ڪرٽ سان چيريا ويا، تلوار سان قتل ڪيا ويا ۽ آزمايا ويا. ھو رڍن ۽ ٻڪرين جون کلون پائي محتاجيءَ، مصيبت ۽ بدسلوڪيءَ جي حالت ۾ ڀٽڪندا رھيا. 38دنيا انھن جي لائق نہ ھئي. ھو بيابانن، جبلن، غارن ۽ زمين جي چُرن ۾ رلندا رھيا. 39انھن سڀني کي سندن ايمان جي ڪري ساراھيو ويو، تڏھن بہ انھن مان ڪنھن کي بہ واعدي ڪيل شيءِ ڪانہ ملي. 40ڇالاءِ⁠جو خدا اسان جي لاءِ اڳي ئي بھتر سوچيو ھو تہ اھي اسان سان گڏجڻ سان ئي ڪامل ڪيا وڃن.

عبرانين 12

خدا اسان جو روحاني پيءُ

1جڏھن تہ شاھدن جي ھيڏي وڏي ڪڪر اسان جو اچي گھيرو ڪيو آھي، تنھنڪري اچو تہ اسين بہ ھر ھڪ رڪاوٽ ۽ انھيءَ گناھہ کي جيڪو اسان کي آسانيءَ سان منجھائي ٿو، پاسي ڪريون ۽ ثابت⁠قدميءَ سان انھيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙون جيڪا اسان جي اڳيان آھي. 2اچو تہ اسين عيسيٰ ڏانھن نھاريندا رھون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آھي. ھن انھيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا بعد ۾ کيس ملڻي ھئي، شرمندگيءَ جي پرواھہ نہ ڪري صليب جو ڏک سٺو ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو. 3انھيءَ تي غور ڪريو، جنھن گنھگارن جي طرفان ايتري مخالفت برداشت ڪئي، تان تہ اوھين بيزار ٿي ھمت نہ ھاريو. 4اوھان گناھہ جي خلاف وڙھڻ ۾ اڃا تائين اھڙو مقابلو نہ ڪيو آھي جو اوھان جو رت وھايو ويو ھجي. 5 اوھين انھيءَ ھمتائيندڙ نصيحت کي وساري ويٺا آھيو، جيڪا اوھان کي ٻارن وانگر ڪئي ويئي آھي تہ ”اي منھنجا ٻچا! خداوند جي سيکت کي خسيس نہ سمجھہ، ۽ جڏھن ھو تو کي تنبيھہ ڪري، تڏھن ھمت نہ ھار. 6جنھن سان خداوند محبت ٿو رکي، تنھن کي ھو سيکت بہ ڏئي ٿو، ۽ جنھن کي ٻار ٿو بڻائي، تنھن کي سزا بہ ڏئي ٿو.“ 7انھيءَ سيکت کي برداشت ڪندا رھو، خدا اوھان سان ٻچن جھڙي ھلت ٿو ڪري. ڇالاءِ⁠جو اھو ڪھڙو ٻار آھي، جنھن کي سندس پيءُ سيکت نہ ٿو ڏئي؟ 8پر جيڪڏھن اوھان کي اھا سيکت نہ ڏبي، جيڪا ھر ڪو ٻار ٿو سھي، تڏھن اوھين حرامزادا ٿيا، نڪي سچا ٻار. 9تنھن کان سواءِ جڏھن اسان جا جسماني پيئر اسان کي سيکت ڏيندا ھئا، تڏھن انھن جي تعظيم ڪندا ھئاسون، تہ پوءِ اسين پنھنجي روحاني پيءُ جي ڇو نہ وڌيڪ تابعداري ڪريون تہ جيئن جيئرا رھون؟ 10اسان جا جسماني پيئر ٿورن ڏينھن جي لاءِ جيئن مناسب سمجھندا ھئا تيئن اسان کي سيکت ڏيندا ھئا، پر خدا اسان جي ڀلائيءَ جي لاءِ اسان کي سيکت ٿو ڏئي، تہ جيئن اسين سندس پاڪائيءَ ۾ شامل ٿيون. 11ڪابہ سيکت جڏھن ڏني وڃي ٿي، تڏھن خوشيءَ جو نہ، بلڪ غم جو سبب ٿي معلوم ٿئي. پر اھا آخر ۾، جيڪي برداشت ڪري پڪا ٿي ويا، تن کي سچائيءَ جو ڦل ٿي بخشي، جنھن سان اطمينان حاصل ٿئي ٿو. 12 تنھنڪري ڍلا ھٿ ۽ ڪمزور گوڏا مضبوط ڪريو. 13 پنھنجي پيرن لاءِ رستا سنوان ڪريو، انھيءَ لاءِ تہ ڪو منڊو ٿاٻو نہ کائي، بلڪ ڇٽي چڱو ڀلو ٿئي.

خدائي ڳالھين جي انڪار بابت چتاءُ

14سڀني ماڻھن سان صلح سان رھڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ انھيءَ پاڪائيءَ جا طلبگار ٿيو، جنھن کانسواءِ ڪوبہ خداوند کي نہ ڏسندو. 15 خيال رکو تہ ڪوبہ ماڻھو خدا جي فضل کان محروم نہ رھجي وڃي، متان ڪا ڪڙي پاڙ ڦُٽي اوھان کي تڪليف ڏئي ۽ انھيءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻھو پليت ٿي پون. 16 خيال رکو تہ متان ڪو زناڪار يا عيسوءَ وانگر بي⁠دين نہ ٿئي، جنھن ھڪڙي وقت جي کاڌي جي عيوض پنھنجي پھريتي ٿيڻ جو حق وڪڻي ڇڏيو. 17 اوھين ڄاڻو ٿا تہ انھيءَ کان پوءِ جڏھن ھن برڪت جو وارث ٿيڻ ٿي گھريو تہ کيس رد ڪيو ويو. ھن کي توبھہ ڪرڻ جو موقعو بہ نہ مليو، جيتوڻيڪ ھن ڳوڙھا ڳاڙيندي انھيءَ برڪت کي ھٿ ڪرڻ جي تمام گھڻي ڳولا ڪئي. 18 اوھين سينا جبل وٽ نہ آيا، جنھن کي ڇھي سگھڻ ممڪن ھو. اھو جبل باھہ سان پئي ٻريو ۽ مٿس ڪاراڻ، اونداھي ۽ طوفان ھو. 19انھيءَ تي نفيل جو شور ۽ ڪلام ٻڌائيندڙ جو اھڙو آواز ھو، جنھن جي ٻڌڻ وارن عرض ڪيو تہ کين وڌيڪ ڪلام نہ ٻڌايو وڃي. 20 ڇالاءِ⁠جو ھو اھو حڪم برداشت ڪري نہ سگھيا، جنھن ۾ کين چيو ويو ھو تہ ”جيڪڏھن ڪو جانور بہ انھيءَ جبل کي ڇھي تہ کيس سنگسار ڪيو وڃي.“ 21 اھو نظارو اھڙو تہ خوفناڪ ھو جو موسيٰ چيو تہ ”آءٌ ڏاڍو ڊڄان ۽ ڏڪان ٿو.“ 22پر اوھين صيئون جبل تي زندہ خدا جي شھر، يعني آسماني يروشلم وٽ ۽ ملائڪن جي بيشمار لشڪر وٽ آيا آھيو. 23اوھين انھن پھريتن جي جماعت، يعني ڪليسيا ۾ آيا آھيو، جن جا نالا آسمان ۾ لکيل آھن. اوھين سڀني جي منصف خدا وٽ ۽ ڪامل ڪيل سچارن جي روحن وٽ آيا آھيو. 24 اوھين نئين عھد جي وچ واري عيسيٰ وٽ ۽ انھيءَ ڇٽڪاريل رت وٽ آيا آھيو، جيڪو ھابيل جي رت کان بھتر ڳالھيون ٿو ڪري. 25 خبردار، انھيءَ ڳالھائڻ واري جو انڪار نہ ڪجو، ڇالاءِ⁠جو جن ماڻھن زمين تي ھدايت ڪرڻ واري جو انڪار ڪيو تہ اھي بچي نہ سگھيا، تہ پوءِ اسين ڪيئن بچي سگھنداسين، جيڪڏھن انھيءَ کان منھن موڙينداسين جيڪو آسمان مان ھدايت ٿو ڪري؟ 26 سندس آواز انھيءَ وقت زمين کي لوڏي ڇڏيو ھو. پر ھاڻي ھن اھو واعدو ڪيو آھي تہ ”ھڪڙو دفعو اڃا بہ، نہ رڳو زمين کي، بلڪ آسمان کي بہ لوڏي ڇڏيندس.“ 27سو اھي لفظ تہ ”ھڪڙو دفعو اڃا بہ،“ اھو ظاھر ٿا ڪن تہ جيڪي شيون لوڏيون وڃن ٿيون، سي خلقيل شين وانگر گم ٿي وينديون. انھيءَ لاءِ تہ جيڪي شيون نہ ٿيون لڏن سي قائم رھن. 28تنھنڪري اچو تہ اھڙي بادشاھت حاصل ڪريون، جيڪا لڏي وڃڻ واري ناھي. اسين شڪرگذار ٿيون ۽ اھڙي ادب ۽ خوف سان عبادت ڪريون جو اھا خدا کي پسند اچي. 29 ڇالاءِ⁠جو اسان جو خدا ساڙي رک ڪرڻ واري باھہ آھي.

عبرانين 13

خدا کي وڻندڙ خدمت

1ھڪ ٻئي کي ھڪ ڪٽنب جا سمجھي محبت ڪندا رھو. 2 مسافرن جي مھمان⁠نوازي ڪندا رھو، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ سان ڪن ماڻھن بي⁠خبريءَ ۾ ملائڪن جي مھمانداري ڪئي آھي. 3قيدين کي ياد رکو جو ڄڻ تہ اوھين بہ انھن سان گڏ قيد ۾ آھيو. جن سان بدسلوڪي ڪئي وڃي ٿي تن کي بہ ياد ڪريو، جو ڄڻ تہ اوھين بہ انھن سان گڏ ڏک سھو ٿا. 4سڀني ماڻھن جي نظر ۾ شادي عزت جي ڳالھہ ھئڻ کپي ۽ زال مڙس کي ھڪ ٻئي سان وفادار ھئڻ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو خدا زناڪارن ۽ حرامڪارن کي سزا ڏيندو. 5 پيسي سان پيار نہ رکو، جيڪي اوھان وٽ آھي تنھن تي راضي رھو. ڇالاءِ⁠جو خدا پاڻ چيو آھي تہ ”آءٌ تو کي ڪڏھن بہ ڇڏي نہ ڏيندس، ۽ نڪي ڪڏھن تو کي وساريندس.“ 6 تنھنڪري اسين پوري يقين سان چئي ٿا سگھون تہ ”خداوند منھنجو مددگار آھي، آءٌ ڪين ڊڄندس. انسان مون کي ڇا ٿو ڪري سگھي؟“ 7اوھين پنھنجي اڳواڻن کي ياد ڪريو، جن اوھان کي خدا جو ڪلام ٻڌايو. انھن جي زندگي گذارڻ ۽ سندن موت تي غور ڪري انھن جھڙو ايمان ڌاريو. 8عيسيٰ مسيح ڪالھہ توڙي اڄ، بلڪ ھميشہ تائين ساڳيو ئي آھي. 9جدا جدا قسمن جي عجيب تعليم تي لڳي گمراھہ نہ ٿيو. ڇالاءِ⁠جو اوھان جي لاءِ اھو چڱو آھي تہ دلين کي فضل جي وسيلي پختو رکو، نڪي انھن رسمي کاڌن جي وسيلي، جن مان انھن جي کائڻ وارن کي ڪوبہ فائدو حاصل ڪونہ ٿيو. 10اسان جي تہ ھڪڙي اھڙي قربان⁠گاھہ آھي، جنھن مان پھرين عھد جي ڪاھنن کي کائڻ جو ڪوبہ حق ڪونھي. 11 ڇالاءِ⁠جو جن جانورن جو رت سردار ڪاھن گناھن جي ڪفاري جي لاءِ مقدس ترين جاءِ ۾ کڻي ٿو وڃي، تن جا بدن خيمي⁠گاھہ جي ٻاھران ساڙيا ٿا وڃن. 12انھيءَ ڪري عيسيٰ بہ شھر جي دروازي جي ٻاھران ڏک سٺو، تہ جيئن پنھنجي رت جي وسيلي پنھنجيءَ امت کي پاڪ ڪري. 13تنھنڪري اچو تہ اسين سندس خواري پاڻ تي کڻي خيمي⁠گاھہ کان ٻاھر ھن وٽ ھلون. 14ڇالاءِ⁠جو ھتي اسان جو ڪو قائم رھڻ وارو شھر ڪونھي، بلڪ اسين اھڙي شھر جي ڳولا ۾ آھيون جيڪو اچڻ وارو آھي. 15تنھنڪري اچو تہ اسين عيسيٰ جي وسيلي سدائين خدا جي واکاڻ جي قرباني ڪندا رھون، يعني انھيءَ زبان جو ڦل نذر ڪريون، جيڪا سندس نالي جو اقرار ٿي ڪري. 16پر نيڪي ڪرڻ ۽ ھڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ کي نہ وساريو، ڇالاءِ⁠جو اھڙيون قربانيون خدا کي پسند آھن. 17اوھين پنھنجي اڳواڻن جا فرمانبردار ۽ تابعدار ٿي رھو، ڇالاءِ⁠جو اھي اوھان جي روحاني فائدي لاءِ حساب ڏيندڙن وانگر سجاڳ ٿا رھن. سندن فرمانبرداري ڪريو، تہ جيئن ھو اھو ڪم خوشيءَ سان ڪن ۽ نہ رنج سان، نہ تہ اوھان کي ڪوبہ فائدو ڪونہ ٿيندو. 18اسان جي لاءِ دعا گھرندا رھو، ڇالاءِ⁠جو اسان کي پڪ آھي تہ اسان جي نيت صاف آھي ۽ اسين ھر طرح ايمانداريءَ سان زندگي گذارڻ ٿا چاھيون. 19آءٌ اوھان کي خاص طور ھن ڪري منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين دعا ڪريو، تہ جيئن آءٌ جلد اوھان وٽ وري اچي سگھان.

آخر ۾ دعا سلام

20اطمينان ڏيندڙ خدا دائمي عھد جي رت جي وسيلي، اسان جي خداوند عيسيٰ کي رڍن جو وڏو ڌنار ڪري مئلن مان وري جياري اٿاريو. 21شل اھو ئي خدا ھر چڱي ڪم ۾ پنھنجي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ اوھان کي ڪامل ڪري، شل ھو اسان ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي اھو ڪجھہ پيدا ڪري، جيڪو کيس پسند آھي. سندس واکاڻ ھميشہ ھميشہ تائين قائم رھي. آمين. 22اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي گذارش ٿو ڪريان تہ ھن نصيحت جي ڳالھہ کي برداشت ڪريو، ڇالاءِ⁠جو مون اوھان ڏانھن مختصر طور لکيو آھي. 23آءٌ اوھان کي ٻڌائڻ ٿو چاھيان تہ اسان جو ڀاءُ تيمٿيس آزاد ڪيو ويو آھي. جيڪڏھن ھو جلد آيو تہ ساڻس گڏ آءٌ بہ اوھان سان اچي ملندس. 24پنھنجي سڀني اڳواڻن ۽ سڀني ايمان وارن کي سلام ڏجو. اٽليءَ وارا بہ اوھان کي سلام ٿا چون. 25شل اوھان سڀني تي فضل ھجي. آمين.

يعقوب 1

1 ھي خط يعقوب جي طرفان آھي، جيڪو خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو ٻانھو آھي. آءٌ انھن خدا جي چونڊيل ماڻھن کي، جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ پکڙيل آھن سلام ٿو چوان.

ايمان ۽ دانائي

2اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏھن اوھين طرح طرح جي آزمائشن ۾ پئو، تڏھن انھيءَ کي وڏي خوشيءَ جي ڳالھہ ڪري سمجھو. 3ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اوھان جي ايمان جي پرک صبر پيدا ڪري ٿي. 4انھيءَ صبر کي پنھنجو ڪم پورو ڪرڻ ڏيو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين ڪامل ۽ ڀرپور ٿيو ۽ اوھان ۾ ڪنھن بہ ڳالھہ جي ڪمي نہ رھي. 5جيڪڏھن اوھان مان ڪنھن ۾ دانائيءَ جي ڪمي آھي تہ اھو خدا کان گھري. ھو کيس ڏيندو، ڇالاءِ⁠جو خدا سڀني کي بي⁠انداز ٿو ڏئي ۽ طعنا نہ ٿو ھڻي. 6پر جڏھن ھو گھري تہ مٿس ويساھہ رکي گھري ۽ ڪوبہ شڪ نہ آڻي. ڇالاءِ⁠جو جيڪو شڪ ٿو آڻي سو سمنڊ جي انھيءَ ڇوليءَ وانگر آھي، جيڪا ھوا سان ڌڪجي ۽ اڇلجي ٿي. 7اھڙو ماڻھو ائين نہ سمجھي تہ کيس خداوند کان ڪي ڪجھہ ملندو. 8ڇالاءِ⁠جو اھو ٻہ⁠دليو ماڻھو آھي، جيڪو پنھنجي ڪنھن بہ ڳالھہ تي قائم نہ ٿو رھي.

غربت ۽ دولت

9مسڪين ايمان واري کي پنھنجي اعليٰ مرتبي تي فخر ڪرڻ گھرجي. 10 پر دولتمند کي ھيٺاھين درجي تي فخر ڪرڻ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو ھو گاھہ جي گل وانگر ڪومائجي ويندو. 11ھن ڪري جو سج اڀرڻ سان جھولو شروع ٿئي ٿو ۽ اھو گاھہ کي سڪائي ٿو ڇڏي. گاھہ جو گل ڇڻيو پوي ۽ سندس خوبصورتي ختم ٿيو وڃي. ساڳيءَ طرح دولتمند ماڻھو بہ پنھنجو ڌنڌو ڪندي ڪندي زوال ھيٺ اچي ويندو.

آزمائش ۽ امتحان

12سڀاڳو آھي اھو ماڻھو، جيڪو آزمائش ۾ ثابت قدم ٿو رھي. ڇالاءِ⁠جو جڏھن ھو انھيءَ امتحان ۾ پاس ٿيو تہ کيس فتح جو تاج، يعني اھا زندگي حاصل ٿيندي جنھن جو خدا پنھنجي محبت ڪرڻ وارن سان واعدو ڪيو آھي. 13جيڪڏھن ڪو ماڻھو آزمائش ۾ پوي تڏھن کيس ائين چوڻ نہ گھرجي تہ ”آءٌ خدا جي طرفان آزمايو ٿو وڃان.“ ڇالاءِ⁠جو خدا بڇڙائيءَ سان نہ پاڻ آزمائجي ٿو سگھي ۽ نہ ڪنھن ماڻھوءَ کي ٿو آزمائي. 14پر ھر ماڻھو پنھنجين ئي برين خواھشن سان ڇڪجي ۽ لالچجي آزمائش ۾ پوي ٿو. 15تنھن کان پوءِ اھا بري خواھش ڍُڪي ٿي ڪري گناھہ کي ٿي ڄڻي ۽ گناھہ جڏھن وڌي وڏو ٿئي ٿو، تڏھن موت پيدا ٿو ڪري. 16اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! دوکو نہ کائو. 17ھر چڱي بخشش ۽ ھر ڪامل انعام مٿان ٿو اچي، يعني انھيءَ خدا پيءُ وٽان ھيٺ ٿو لھي، جيڪو آسماني روشنين جو پيدا ڪندڙ آھي. ھو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي. 18ھن پنھنجي ارادي سان اسان کي سچ جي ڪلام جي وسيلي پيدا ڪيو، انھيءَ لاءِ تہ اسين سندس ساري مخلوقات ۾ اول درجو حاصل ڪريون.

ٻڌڻ ۽ عمل ڪرڻ

19اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اھا ڳالھہ ياد رکو تہ ھر ھڪ ماڻھو ٻڌڻ ۾ تکو، ڳالھائڻ ۾ ڍرو ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ٿڌو ٿئي. 20ڇالاءِ⁠جو ماڻھوءَ جي ڪاوڙ مان اھڙا ڪم ٿي نہ ٿا سگھن جيڪي خدا جي سچائيءَ موجب آھن. 21تنھنڪري سموري گندگيءَ ۽ بڇڙائيءَ جي ڪثرت کي پري اڇلائي، نماڻائيءَ سان انھيءَ ڪلام کي قبول ڪريو، جيڪو اوھان ۾ پوکيل آھي ۽ جيڪو اوھان کي بچائي ٿو سگھي. 22پاڪ ڪلام جا رڳو ٻڌندڙ نہ ٿيو، ڇوتہ ائين اوھين پنھنجو پاڻ کي ٺڳيو ٿا. اوھين انھيءَ ڪلام تي عمل ڪندڙ ٿيو. 23ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪلام کي رڳو ٻڌي ٿو پر ان تي عمل نہ ٿو ڪري، تہ اھو انھيءَ ماڻھوءَ وانگر آھي جيڪو پنھنجي ظاھري شڪل آئيني ۾ ٿو ڏسي. 24ھو پاڻ کي ڏسي ھليو وڃي ٿو ۽ جلد ئي وساري ٿو ڇڏي تہ ھو ڪيئن ھو. 25پر جيڪو ماڻھو آزادي ڏيندڙ ڪامل شريعت کي غور سان ڏسندو ٿو رھي، سو ٻُڌي ڪري وسارڻ وارو ناھي، بلڪ عمل ڪرڻ وارو آھي ۽ اھو ئي پنھنجن ڪمن ۾ برڪت وارو ٿيندو. 26جيڪڏھن ڪو ماڻھو پاڻ کي ديندار ٿو سمجھي ۽ پنھنجي زبان کي لغام نہ ٿو ڏئي تہ اھو پاڻ کي ٺڳي ٿو ۽ سندس دينداري اجائي آھي. 27اسان جي پيءُ خدا جي نظر ۾ خالص ۽ بي⁠عيب دينداري اھا آھي تہ يتيمن ۽ رنن⁠زالن جي سندن مصيبت جي وقت سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا جي داغن کان بہ بچائي رکجي.

يعقوب 2

طرفداري نہ ڪرڻ

1اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي خداوند ذوالجلال عيسيٰ مسيح جا ايمان آڻڻ وارا ٿي ڪري اوھين طرفداري نہ ڪريو. 2فرض ڪريو تہ ڪو ماڻھو سوني منڊي ۽ عمدا ڪپڙا پائي اوھان جي جماعت ۾ اچي ٿو ۽ ٻيو ميرن ۽ ڦاٽل ڪپڙن وارو ھڪڙو غريب ماڻھو بہ اچي ٿو. 3ھاڻي جيڪڏھن اوھين عمدي پوشاڪ واري جو خاص لحاظ ڪري چئو تہ ”تون ھِتي چڱيءَ جاءِ تي اچي ويھہ،“ پر ھن غريب ماڻھوءَ کي چئو تہ ”تون ھُتي بيھہ،“ يا ”ھِتي منھنجي پيرن جي صندليءَ وٽ ويھي رھہ،“ 4تڏھن ڇا اوھان پاڻ ۾ طرفداري نہ ڪئي؟ ۽ ڇا اوھين بري نيت وارا منصف نہ ٿيا؟ 5منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا خدا ھن دنيا جي غريب ماڻھن کي ايمان ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ انھيءَ بادشاھت جا وارث ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آھي، جنھن جو ھن پنھنجي محبت ڪرڻ وارن سان واعدو ڪيو آھي؟ 6پر اوھان غريبن کي بي⁠عزت ڪيو آھي. مگر ڇا دولتمند اوھان تي ظلم نہ ٿا ڪن؟ ڇا اھي اوھان کي ڪورٽ ۾ گھلي وٺي نہ ٿا وڃن؟ 7ڇا ھو اھي ئي نہ آھن، جيڪي انھيءَ عزت واري نالي بابت ڪفر ٿا بڪن، جنھن سان اوھين سڏيا ٿا وڃو. 8 تنھن ھوندي بہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ ”پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.“ سو جيڪڏھن اوھين اھا شاھي شريعت پوري ڪريو ٿا، تہ پوءِ چڱو ٿا ڪريو. 9پر جيڪڏھن اوھين طرفداري ٿا ڪريو تہ گناھہ ٿا ڪريو ۽ شريعت اوھان کي ڏوھاري ثابت ڪري ٿي. 10ڇالاءِ⁠جو جيڪو ساري شريعت تي عمل ڪري ٿو، پر رڳو ھڪڙيءَ ڳالھہ ۾ خطا ٿو ڪري تہ اھو ساري شريعت جي ڀڃڪڙي ڪري ڏوھي ٿيو. 11 ھن ڪري جو جنھن چيو آھي تہ ”زنا نہ ڪر،“ تنھن ھيئن بہ چيو آھي تہ ”خون نہ ڪر.“ سو جيڪڏھن تون زنا نہ ڪرين پر خون ڪرين تہ تون شريعت جو ڏوھاري ٿي چڪين. 12اوھان جو ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ ھلت چلت انھن ماڻھن وانگر ھجي، جن جو آزادي ڏيندڙ شريعت جي وسيلي انصاف ٿيڻو آھي. 13ڇالاءِ⁠جو جنھن پاڻ رحم نہ ڪيو آھي، تنھن جو انصاف بي⁠رحميءَ سان ٿيندو. پر رحم انصاف تي غالب ٿو پوي.

ايمان ۽ عمل

14اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن ڪو ماڻھو چوي ٿو تہ ”مون کي ايمان آھي،“ پر ھن کي عمل نہ ھجي، تہ پوءِ سندس ائين چوڻ مان ڪھڙو فائدو؟ ڇا اھڙو ايمان ھن کي بچائي ٿو سگھي؟ 15فرض ڪريو تہ ڪو ڀاءُ يا ڀيڻ لڱين اگھاڙو آھي ۽ روزاني کاڌي لاءِ محتاج آھي. 16ھاڻي جيڪڏھن اوھان مان ڪو کيس چوي تہ ”سلامتيءَ سان وڃ، گرم ۽ ڍاول رھہ،“ پر کيس اھي شيون نہ ڏئي جيڪي سندس جسم لاءِ ضروري آھن، تہ پوءِ ائين چوڻ مان ڪھڙو فائدو؟ 17ساڳيءَ طرح ايمان جيڪڏھن عمل کان سواءِ آھي تہ اھو پنھنجو پاڻ ئي مئل آھي. 18پر ڪو ماڻھو چئي سگھي ٿو تہ ”تو وٽ ايمان آھي ۽ مون وٽ عمل آھي.“ ”چڱو ڀلا، تون عمل کان سواءِ پنھنجو ايمان مون کي ڏيکار ۽ آءٌ پنھنجن عمل سان تو کي پنھنجو ايمان ڏيکاريندس.“ 19تون ايمان ٿو آڻين تہ خدا ھڪڙو آھي، ٺيڪ آھي. اھا ڳالھہ تہ بدروح بہ مڃين ٿا ۽ اھي ڏڪن بہ ٿا. 20پر اي بيوقوف ماڻھو! ڇا تون ايترو نہ ٿو سمجھي سگھين تہ عمل کان سواءِ ايمان بيڪار آھي؟ 21 ڇا اسان جو پيءُ ابراھيم عمل جي ڪري سچار نہ بڻايو ويو، جڏھن ھن پنھنجي پٽ اسحاق کي قربان⁠گاھہ تي نذر ٿي ڪيو؟ 22ھاڻي تون سمجھي ٿو سگھين تہ ابراھيم جي ايمان سندس عمل سان گڏجي ڪم ٿي ڪيو ۽ عمل جي ڪري ئي سندس ايمان ڪامل ٿيو. 23 اھڙيءَ طرح پاڪ ڪلام جي اھا ڳالھہ پوري ٿي تہ ”ابراھيم خدا تي ايمان آندو ۽ اھو ايمان ھن لاءِ سچائي ليکيو ويو.“ انھيءَ ڪري ھو خدا جو دوست سڏيو ويو. 24سو اوھين ڏسو ٿا تہ ماڻھو رڳو ايمان جي ڪري نہ، بلڪ عمل جي ڪري سچار ٿو بڻجي. 25 ساڳي ئي طرح راحب جيڪا ڪسبياڻي ھئي، تنھن بہ جڏھن قاصدن کي پاڻ وٽ ٽڪايو ۽ کين ٻئي رستي کان روانو ڪري ڇڏيو، تڏھن ڇا ھوءَ پنھنجن عملن جي ڪري سچار نہ بڻي؟ 26تنھنڪري جيئن روح کان سواءِ بدن مئل آھي، تيئن عمل کان سواءِ ايمان بہ مئل آھي.

يعقوب 3

زبان تي ضابطو رکڻ

1اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان مان گھڻا استاد ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪن، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسين جيڪي استاد آھيون تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ٿيندي. 2اسين سڀيئي گھڻين ئي ڳالھين ۾ ٿاٻڙجي خطا ٿا ڪريون. پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڳالھائڻ ۾ ڪڏھن بہ خطا نہ ٿو ڪري تہ اھو ڪامل آھي ۽ پنھنجي سڄي بدن کي ضابطي ۾ رکي ٿو سگھي. 3جڏھن اسين گھوڙن کي تابعدار بنائڻ لاءِ سندن وات ۾ لغام ٿا وجھون، تڏھن انھن جي سڄي بدن کي بہ ڦيري ٿا سگھون. 4سامونڊي جھازن جو ئي کڻي مثال وٺو، جيتوڻيڪ اھي تمام وڏا ٿا ٿين ۽ تيز ھوائن سان ڌڪجي ٿا ھلن، تڏھن بہ تمام ننڍي ونجھہ جي وسيلي، انھن کي ھلائڻ وارو جيڏانھن بہ چاھي ڦيرائي ٿو سگھي. 5ساڳيءَ طرح زبان بہ ھڪڙو ننڍو عضوو آھي، پر وڏيون وڏيون ٻٽاڪون ٿي ھڻي. غور ڪريو تہ ھڪ ننڍڙي چڻنگ جي وسيلي ڪيڏي نہ وڏي ٻيلي کي باھہ ٿي لڳي. 6زبان حقيقت ۾ ھڪ باھہ آھي. اھا اسان جي عضون منجھہ بڇڙائيءَ جو ھڪ جھان آھي. زبان اسان جي سڄي بدن کي خراب ٿي ڪري ۽ اسان جي زندگيءَ جي ساري چرخي کي باھہ ٿي لڳائي، ڇالاءِ⁠جو کيس ئي دوزخ کان باھہ ٿي لڳي. 7اھا حقيقت آھي تہ ھر قسم جا جانور، پکي، جيت ۽ سامونڊي ساھوارا وس ۾ آڻي سگھجن ٿا، بلڪ ماڻھن انھن کي وس ۾ آندو بہ آھي. 8پر زبان کي ڪوبہ ماڻھو وس ۾ آڻي نہ ٿو سگھي. اھا ھڪ اھڙي بلا آھي جا روڪڻ جي ئي ڪونھي. اھا موتمار زھر سان ڀريل آھي. 9 جنھن زبان سان اسين خداوند ۽ پيءُ جي واکاڻ ٿا ڪريون تنھن سان ئي ماڻھن کي پاراتو ٿا ڏيون، جيڪي خدا جي صورت تي پيدا ٿيل آھن. 10سو ساڳئي ئي وات مان دعا بہ ٿي نڪري ۽ پاراتو بہ. اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ائين ٿيڻ نہ گھرجي. 11ڇا چشمي جي ھڪڙي ئي منھن مان مٺو ۽ کارو پاڻي نڪري سگھي ٿو؟ 12اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ڇا انجير جي وڻ مان زيتون، يا انگورن جي ول مان انجير پيدا ٿي سگھن ٿا؟ اھڙيءَ طرح کاري پاڻيءَ جو چشمو مٺو پاڻي نہ ٿو ڏئي سگھي.

آسماني ڏاھپ

13اوھان ۾ ڏاھو ۽ سمجھو ڪير آھي؟ انھيءَ کي گھرجي تہ ھو پنھنجي چڱيءَ ھلت چلت جي وسيلي ڏاھپ واري نماڻائيءَ سان پنھنجو عمل ڏيکاري. 14پر جيڪڏھن اوھين پنھنجين دلين ۾ سخت حسد ۽ نفاق رکو ٿا، تہ فخر نہ ڪريو ۽ نڪي سچ جي خلاف ڪوڙ ڳالھايو. 15اھڙي ڏاھپ آسمان کان نہ ٿي اچي، بلڪ اھا دنياوي، جسماني ۽ شيطاني آھي. 16ڇالاءِ⁠جو جتي حسد ۽ نفاق ھوندو آھي، اتي فساد ۽ ھر طرح جو بڇڙو ڪم بہ ھوندو آھي. 17پر جيڪا ڏاھپ آسمان کان ٿي اچي، سا پھريائين تہ پاڪ آھي، پوءِ صلح پسند، حليم ۽ تابعدار ھئڻ سان گڏ رحم ۽ ھر قسم جي چڱي ڦل سان ڀريل آھي. منجھس نہ طرفداري آھي ۽ نہ دوکو. 18جيڪي صلح ٿا ڪرائين، سي صلح سان گڏ اھڙو ٻج ٿا پوکين، جيڪو سچائيءَ جو ڦل پيدا ٿو ڪري.

يعقوب 4

دنيا سان دوستي

1اوھان ۾ جنگيون ۽ جھيڙا ڪٿان ٿا اچن؟ ڇا انھن عيش عشرت وارين خواھشن مان نہ ٿا نڪرن، جيڪي اوھان جي عضون ۾ فساد پيدا ٿيون ڪن؟ 2اوھين ڪنھن شيءِ جي خواھش تہ ڪريو ٿا، پر مليوَ ڪجھہ بہ ڪونہ ٿو. اوھين خون ٿا ڪريو، لالچ ٿا ڪريو، پر حاصل ڪجھہ بہ نہ ٿا ڪري سگھو. اوھين جھيڙا ۽ جنگيون ٿا ڪريو، پر اوھان کي ڪجھہ بہ ھٿ نہ ٿو اچي، ڇالاءِ⁠جو اوھين خدا کان ڪونہ ٿا گھرو. 3جڏھن اوھين گھرو ٿا تڏھن بہ ڪونہ ٿو مليوَ، ڇوتہ اوھين بري نيت سان ٿا گھرو، انھيءَ لاءِ تہ پنھنجي عيش عشرت ۾ خرچ ڪريو. 4اي بي⁠وفا انسانو! ڇا اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ دنيا جي دوستي خدا سان دشمني آھي؟ تنھنڪري جيڪو ماڻھو دنيا جو دوست ٿيڻ ٿو گھري، سو پاڻ کي خدا جو دشمن ٿو بڻائي. 5ڇا اوھين ائين ٿا سمجھو تہ پاڪ ڪلام جو ائين چوڻ اجايو آھي تہ ”جيڪو پاڪ روح ھن اسان ۾ رھڻ لاءِ وڌو، سو سخت غيرتمند آھي؟“ 6 پر خدا اسان کي وڌيڪ فضل ٿو ڏئي. انھيءَ ڪري ئي پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“ 7تنھنڪري پاڻ کي خدا جي تابع رکو. شيطان جو مقابلو ڪريو تہ ھو اوھان وٽان ڀڄي ويندو. 8خدا جي ويجھو وڃو تہ ھو اوھان جي ويجھو ايندو. اي گنھگارو! پنھنجا ھٿ ڌوئو. اي ٻہ⁠دليؤ! پنھنجين دلين کي پاڪ ڪريو. 9افسوس ڪريو، سوڳ ڪريو ۽ روئو. اوھين پنھنجو کلڻ روئڻ ۾ بدلايو ۽ خوشي اداسيءَ ۾. 10خداوند جي آڏو پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ ھو اوھان کي سربلند ڪندو.

عيب⁠جوئي نہ ڪريو

11اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ھڪ ٻئي جي عيب⁠جوئي نہ ڪريو. جيڪو پنھنجي ڀاءُ جي خلاف ٿو ڳالھائي، يا مٿس ڪا تھمت ٿو ھڻي، سو شريعت جي خلاف ٿو ڳالھائي ۽ ان تي تھمت ٿو ھڻي. ھاڻي جڏھن تون شريعت تي تھمت ٿو ھڻين تڏھن تون شريعت تي عمل ڪرڻ وارو نہ، بلڪ انھيءَ مٿان عدالت ڪرڻ وارو بڻجي ويٺو آھين. 12شريعت ڏيڻ وارو ۽ عدالت ڪرڻ وارو تہ رڳو ھڪڙو آھي. اھو ئي بچائي ۽ ماري ٿو سگھي. پر تون آھين ڪير جو پنھنجي پاڙيسريءَ تي تھمت ٿو ھڻين؟

ٻٽاڪ نہ ھڻو

13 ھاڻي اوھين ٻڌو، جيڪي چئو ٿا تہ ”اڄ يا سڀاڻي فلاڻي شھر ۾ وينداسين، ھڪڙو سال اتي وڃي گذارينداسين ۽ ڌنڌو ڌاڙي ڪري پيسا ڪمائينداسين.“ 14پر اوھان کي تہ ايتري بہ خبر ڪانھي تہ سڀاڻي ڇا ٿيندو. اوھان جي زندگي آھي ئي ڇا؟ اوھين تہ ھڪڙي ٻاڦ آھيو، جيڪا ٿوري وقت تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ پوءِ گم ٿيو وڃي. 15انھيءَ جي بدران اوھان کي ھيئن چوڻ گھرجي تہ ”جيڪڏھن خداوند گھريو تہ اسين جيئرا بہ رھنداسين ۽ فلاڻو فلاڻو ڪم بہ ڪنداسين.“ 16پر ھاڻي اوھين پنھنجين ٻٽاڪن تي فخر ٿا ڪريو. اھڙو سمورو فخر برو آھي. 17تنھنڪري جيڪو ماڻھو چڱائي ڪرڻ ڄاڻي ٿو پر ڪري نہ ٿو، انھيءَ جي لاءِ اھو گناھہ آھي.

يعقوب 5

دولتمندن کي چتاءُ

1ھاڻي اي دولتمندو! اوھين ٻڌو، انھن مصيبتن جي ڪري روئو ۽ رڙيون ڪريو، جيڪي اوھان تي اچڻيون آھن. 2 اوھان جو مال ملڪيت سڙي ڪنو ٿي ويو ۽ اوھان جا ڪپڙا ڪينئان کائي ويا. 3اوھان جي سون ۽ چانديءَ تي ڪٽ چڙھي ويئي. اھا ڪٽ اوھان تي شاھدي ڏيندي ۽ باھہ وانگر اوھان جو ماس کائيندي. اوھان پوين ڏينھن ۾ دولت ميڙي آھي. 4 ڏسو، جن مزورن اوھان جي ٻنين ۾ لابارو ڪيو، تن جي مزوري جيڪا اوھان ٺڳي ڪري رکي ڇڏي آھي، سا رڙيون پيئي ڪري. لاباري ڪرڻ وارن جون دانھون قدرت واري خداوند جي ڪنن تائين وڃي پھتيون آھن. 5اوھين زمين تي عيش عشرت ۾ رھيا آھيو ۽ موجون ماڻيون اٿوَ. درحقيقت اوھان پاڻ کي ڪوس واري ڏينھن لاءِ ٿلھو متارو ڪيو آھي. 6اوھان سچار کي ڏوھي ٺھرايو آھي ۽ قتل ڪيو آھي. پر سچار اوھان جي مخالفت نہ ٿو ڪري.

ڏکن ۾ صبر ڪرڻ

7تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند جي اچڻ تائين صبر ڪريو. ڏسو، ھاري زمين جي قيمتي پيدائش لاءِ ڪيڏو نہ انتظار ٿو ڪري. ھو آڳاٽي ۽ پاڇاٽي مينھن پوڻ تائين صبر ٿو ڪري. 8اوھين بہ صبر ڪريو ۽ ثابت⁠قدم رھو، ڇالاءِ⁠جو خداوند جو اچڻ ويجھو آھي. 9اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ھڪ ٻئي جي خلاف ڪُرڪو نہ، متان اوھان کي سزاوار ٺھرايو وڃي. ڏسو، انصاف ڪرڻ وارو در تي بيٺو آھي. 10اي ڀائرو ۽ ڀينرون! انھن نبين کي ڏک سھڻ ۽ صبر ڪرڻ جو نمونو ڪري سمجھو، جن خداوند جي نالي تي ڪلام ڪيو. 11 اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسين صبر ڪرڻ وارن کي سڀاڳو ٿا سڏيون. اوھان ايوب جي صبر جو حال تہ ٻڌو آھي ۽ اھا بہ خبر اٿوَ تہ پڇاڙيءَ ۾ خداوند ھن لاءِ ڇا ڇا ڪيو. انھيءَ مان ظاھر آھي تہ خداوند نھايت ٻاجھارو ۽ رحم وارو آھي. 12 اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! سڀ کان پھرين ڳالھہ ھيءَ آھي تہ قسم نہ کڻو، نہ آسمان جو نہ زمين جو ۽ نہ وري ڪنھن ٻيءَ شيءِ جو. پر اوھان کي ”ھائو“ جي جاءِ تي ”ھائو“ ۽ ”نہ“ جي جاءِ تي ”نہ“ چوڻ کپي، تہ جيئن اوھين سزا ھيٺ نہ اچو.

ايمان سان دعا گھرڻ

13ڇا اوھان مان ڪو ماڻھو تڪليف ۾ آھي؟ انھيءَ کي دعا گھرڻ کپي. ڇا ڪو خوش آھي؟ انھيءَ کي تعريف جا گيت ڳائڻ گھرجن. 14 ڇا اوھان مان ڪو بيمار آھي؟ اھو ڪليسيا جي بزرگن کي گھرائي ۽ اھي بزرگ خداوند جي نالي ۾ انھيءَ بيمار کي زيتون جو تيل مکي مٿس دعا گھرن. 15اھڙي دعا جيڪا ايمان سان گھري ويندي، سا بيمار کي شفا ڏيندي ۽ خداوند انھيءَ کي اٿاري کڙو ڪندو. جيڪڏھن ھن گناھہ ڪيا ھوندا تہ کيس انھن جي بہ معافي ملندي. 16تنھنڪري پنھنجا گناھہ ھڪ ٻئي اڳيان باسيو ۽ ھڪ ٻئي لاءِ دعا گھرو تہ جيئن شفا پايو، ڇالاءِ⁠جو سچار ماڻھوءَ جي دعا نھايت اثر واري ٿئي ٿي. 17 الياس نبي بہ اسان جھڙي طبيعت جو ماڻھو ھو. ھن دل⁠وجان سان دعا گھري تہ مينھن نہ وسي، پوءِ ساڍن ٽن سالن تائين زمين تي مينھن نہ پيو. 18 وري جڏھن ھن دعا گھري تڏھن آسمان مان مينھن پيو ۽ زمين پنھنجا فصل اپايا. 19اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن اوھان مان ڪو حق کان گمراھہ ٿي وڃي ۽ ٻيو جيڪو انھيءَ کي ڦيرائي راھہ تي آڻي، 20 تڏھن اوھين ڄاڻي ڇڏيو تہ اھو جيڪو ڪنھن گنھگار کي گمراھيءَ کان ڦيرائي راھہ تي ٿو آڻي، سو انھيءَ جي روح کي موت کان بچائيندو ۽ گھڻا گناھہ ڍڪي ڇڏيندس.

1.پطرس 1

1ھي خط پطرس جي طرفان آھي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو رسول آھي. ھي خدا جي انھن چونڊيل ماڻھن ڏانھن ٿو لکجي، جيڪي جلاوطن جي حيثيت ۾ پنطس، گلتيا، ڪپدڪيا، ايشيا ۽ بٿونيا پرڳڻن ۾ پکڙيل آھن. 2خدا پيءُ اڳ ۾ ئي اوھان کي ڄاتو ۽ پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ڪري اوھان کي چونڊيو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين عيسيٰ مسيح جا فرمانبردار ٿيو ۽ سندس رت ڇٽڪارڻ سان پاڪ صاف ڪيا وڃو. شل اوھان تي فضل ۽ سلامتي وڌندي رھي.

جيئري اميد

3اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي واکاڻ ھجي. ھن پنھنجي وڏيءَ رحمت سان، عيسيٰ مسيح جي مئلن مان وري جي اٿڻ جي وسيلي اسان کي نئين سر پيدا ڪيو. اھڙيءَ طرح اسان ۾ جيئري اميد پيدا ڪئي ويئي، 4تہ اسين ھڪ غيرفاني، بي⁠داغ ۽ لازوال ورثو حاصل ڪريون، جيڪو اوھان جي لاءِ آسمان ۾ رکيل آھي. 5اوھين خدا جي قدرت سان ايمان جي وسيلي حفاظت ۾ آھيو، انھيءَ لاءِ تہ اھو ڇوٽڪارو حاصل ڪريو جيڪو آخري وقت ۾ ظاھر ٿيڻ لاءِ تيار آھي. 6انھن ڳالھين جي ڪري اوھين گھڻي خوشي ٿا ڪريو، جيتوڻيڪ ھاڻي ٿوري وقت لاءِ ضرورت جي ڪري اوھين طرح طرح جي آزمائشن ۾ پئي ڏکي ٿيا آھيو. 7انھن آزمائشن جو مقصد اھو آھي تہ اوھان جو ايمان جيڪو باھہ سان پرکيل فاني سون کان بہ تمام گھڻو قيمتي آھي، سو آزمائڻ سان خالص ثابت ٿي عيسيٰ مسيح جي ظاھر ٿيڻ وقت واکاڻ، عظمت ۽ عزت جي لائق ٺھري. 8جيتوڻيڪ اوھان عيسيٰ کي نہ ڏٺو آھي، تڏھن بہ کيس پيار ٿا ڪريو. اوھين ھاڻي بہ کيس نہ ٿا ڏسو، تڏھن بہ مٿس ايمان ٿا آڻيو ۽ ايتري تہ عظيم خوشيءَ سان ڀرپور آھيو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاھر آھي، 9ڇالاءِ⁠جو اوھين پنھنجي ايمان جو مقصد، يعني پنھنجن روحن جو ڇوٽڪارو حاصل ڪريو ٿا. 10انھيءَ ڇوٽڪاري جي باري ۾ نبين بہ وڏي ڳولا ۽ کوجنا ڪئي ۽ پيشنگوئي ڪري انھيءَ فضل جو ذڪر ڪيائون، جيڪو اوھان تي ٿيڻ وارو ھو. 11اھي کوجنا ۾ ھئا تہ مسيح جو روح، جيڪو منجھن ھو تنھن ڪھڙي وقت ۽ حالتن ڏانھن اشارو ڪري اڳڪٿي ٿي ڪئي تہ مسيح ڏک سھندو ۽ پوءِ جلال حاصل ڪندو. 12انھن نبين تي ھيءَ ڳالھہ ظاھر ڪئي ويئي تہ اھي پنھنجي نہ، پر اوھان جي خدمت لاءِ اھي ڳالھيون بيان ڪندا ھئا، جن جي خبر ھاڻي اوھان کي انھن پيغمبرن جي معرفت ملي، جن آسمان مان موڪليل پاڪ روح جي وسيلي اوھان کي خوشخبري ٻڌائي. ھي ڳالھيون اھڙيون آھن جن کي ملائڪ بہ سمجھڻ جا خواھشمند آھن.

پاڪ زندگي گذارڻ

13تنھنڪري سمجھہ جو سندرو ٻڌي ھوشيار ٿيو ۽ جيڪو فضل عيسيٰ مسيح جي ظاھر ٿيڻ وقت اوھان تي ٿيندو، تنھن جي پوريءَ طرح اميد رکو. 14اوھين فرمانبردار ٻارن وانگر زندگي گذاريو. اھي بريون خواھشون اختيار نہ ڪريو، جيڪي اوھان جي جاھليت واري زماني ۾ اوھان منجھہ ھيون. 15پر جيئن اوھان جو سڏڻ وارو پاڪ آھي، تيئن اوھين بہ پنھنجي سموري ھلت چلت ۾ پاڪ ٿيو. 16 ھن ڪري جو لکيل آھي تہ ”اوھين پاڪ ٿيو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ پاڪ آھيان.“ 17ھاڻي جيڪڏھن اوھين انھيءَ کي پيءُ ڪري سڏيو ٿا، جيڪو ھرھڪ ماڻھوءَ جي ڪم موجب بنا طرفداريءَ جي انصاف ٿو ڪري، تہ پوءِ پنھنجي ھيءَ مسافرن واري زندگي خدا جي خوف ۾ گذاريو. 18اوھين ڄاڻو ٿا تہ اھا اجائي ھلت چلت جيڪا ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ ملي اٿوَ، تنھن کان اوھان کي ڇڏائڻ جي قيمت سون ۽ چانديءَ جھڙيون فاني شيون نہ ھيون. 19پر مسيح جي قيمتي رت سان اوھان کي ڇڏايو ويو، جيڪو بي⁠عيب ۽ بي⁠داغ گھيٽي وانگر قربان ٿيو. 20دنيا جي بنائڻ کان اڳ ۾ ئي مسيح کي چونڊيو ويو ھو. پر ھن آخري زماني ۾ اوھان جي خاطر کيس ظاھر ڪيو ويو. 21اوھان مسيح جي ئي وسيلي خدا تي ايمان آندو آھي. ھن کي خدا مئلن مان جياري اٿاريو ۽ جلال بخشيائينس، انھيءَ لاءِ تہ اوھان جو ايمان ۽ آسرو خدا تي ھجي. 22ھاڻي جڏھن تہ اوھان حق جي تابعداريءَ سان پاڻ کي پاڪ ڪيو آھي ۽ ڀائرن لاءِ حقيقي محبت پيدا ٿي اٿوَ، تڏھن دل⁠وجان سان پاڻ ۾ گَھري محبت رکو. 23ڇالاءِ⁠جو اوھان فاني ٻج مان نہ، بلڪ غير فاني ٻج مان نئين سر پيدا ٿيا آھيو، يعني خدا جي انھيءَ ڪلام جي وسيلي جيڪو جيئرو ۽ بقا وارو آھي. 24 جيئن پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”سڀ انسان گاھہ وانگر آھن، ۽ انھن جو سمورو شان گاھہ جي گل وانگر آھي. گاھہ سڪي وڃي ٿو ۽ گل ڪري ٿو پوي. 25پر خداوند جو ڪلام ھميشہ تائين قائم رھندو.“ ھي اھو ئي خوشخبريءَ جو ڪلام آھي، جيڪو اوھان کي ٻڌايو ويو آھي.

1.پطرس 2

جيئرو پٿر ۽ پاڪ قوم

1تنھنڪري ھر طرح جي بدخواھي، سموري ٺڳي، رياڪاري، حسد ۽ ھر قسم جي گلا غيبت کي پاڻ مان ڪڍي ڇڏيو. 2جيئن نوان ڄاول ٻارڙا نج کير جا طلبگار ٿا ٿين، تيئن اوھين بہ نج روحاني کير جا طلبگار ٿيو، تہ انھيءَ جي وسيلي وڌي اوھين ڇوٽڪارو حاصل ڪريو. 3 ڇالاءِ⁠جو اوھان خداوند جي مھربان ھئڻ جو سواد چکيو آھي. 4انھيءَ جيئري پٿر، يعني مسيح وٽ اچو جنھن کي ماڻھن تہ رد ڪري ڇڏيو، پر خدا ان کي قيمتي ڄاڻي چونڊيو. 5اوھين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين پاڪ ڪاھنن جي حيثيت ۾ اھڙيون روحاني قربانيون پيش ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون. 6 ڇالاءِ⁠جو پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ ھڪ پٿر رکان ٿو، جيڪو چونڊيل، قيمتي ۽ سڀ کان اھم پٿر آھي. جيڪو ماڻھو انھيءَ تي ايمان آڻيندو، سو ڪڏھن بہ شرمندو نہ ٿيندو.“ 7 تنھنڪري اوھين، جن ايمان آندو آھي، تن جي لاءِ اھو قيمتي پٿر آھي. پر جيڪي ايمان نہ ٿا آڻين تن جي لاءِ اھو لکيل آھي تہ ”جنھن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو.“ 8 ٻئي ھنڌ لکيل آھي تہ ”اھو ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني ماڻھن لاءِ ٺوڪر کائڻ واري ڇپ ٿيو.“ سو اھي ماڻھو ڪلام جا نافرمان ٿي ان تان ٿاٻڙجن ٿا ۽ انھيءَ جي لاءِ اھي مقرر بہ ڪيا ويا آھن. 9 پر اوھين ھڪڙو چونڊيل نسل، شاھي ڪاھنن جي جماعت، پاڪ قوم ۽ خدا جا اھڙا چونڊيل ماڻھو آھيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آھن. اوھين انھيءَ لاءِ چونڊيا ويا آھيو تہ خدا جون خوبيون ظاھر ڪريو، جنھن اوھان کي اونداھيءَ مان ڪڍي پنھنجي عجيب روشنيءَ ڏانھن سڏيو آھي. 10 اڳي اوھين ڇڙوڇڙ ھئا، پر ھاڻي اوھين خدا جي قوم آھيو. اڳي اوھان تي رحمت ڪونہ ٿي ھئي، پر ھاڻي رحمت ٿي اٿوَ. 11اي پيارا دوستو! آءٌ اوھان کي ھن دنيا ۾ پرديسي ۽ جلاوطن سمجھي منٿ ٿو ڪريان تہ انھن جسماني برين خواھشن کان پري رھو، جيڪي اوھان جي روح سان جنگ ٿيون جوٽين. 12غير قومن ۾ پنھنجي ھلت چلت چڱي رکو، تہ جيئن جيڪي اوھان تي بدڪار ھئڻ جي تھمت ٿا ھڻن سي اوھان جا چڱا ڪم ڏسي انھيءَ ڏينھن تي خدا جي واکاڻ ڪن جڏھن خداوند اچي عدالت ڪندو.

حاڪمن ۽ مالڪن جي تابعداري ڪرڻ

13خداوند جي خاطر ھر انساني اختياريءَ جا تابعدار رھو، مثال طور شھنشاھہ جا انھيءَ ڪري جو ھو سڀني کان مٿاھون آھي. 14اھڙيءَ طرح گورنرن جا انھيءَ ڪري تابعدار رھو جو اھي شھنشاھہ جا موڪليل آھن، انھيءَ لاءِ تہ بدڪارن کي سزا ڏين ۽ نيڪي ڪرڻ وارن جي ساراھہ ڪن. 15ڇالاءِ⁠جو خدا جي مرضي اھا آھي تہ نيڪي ڪرڻ سان اوھين بي⁠وقوف ماڻھن جي نادانيءَ وارين ڳالھين کي ٻنجو ڏيئي ڇڏيو. 16آزاد ماڻھن وانگر زندگي گذاريو. پر پنھنجي انھيءَ آزاديءَ کي بڇڙائيءَ جو بھانو نہ بڻايو، البت پاڻ کي خدا جا ٻانھا سمجھو. 17سڀني ماڻھن جي عزت ڪريو، پنھنجي ھم⁠ايمان برادريءَ سان محبت رکو، خدا کان ڊڄو ۽ بادشاھہ جو احترام ڪريو.

ڏکن سھڻ ۾ مسيح جو نمونو

18اي نوڪرؤ! ڏاڍي ادب سان پنھنجن مالڪن جي تابع رھو، نہ رڳو نيڪن ۽ نرم طبيعت وارن جي، بلڪ سخت طبيعت وارن جي بہ. 19ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ڪو ماڻھو خدا کي ڄاڻيندي بي⁠انصافيءَ جي ڪري ڏک سھي ۽ تڪليفون برداشت ڪري تہ اھا ڳالھہ تعريف جوڳي آھي. 20ھن ڪري جو جيڪڏھن اوھان گناھہ ڪري مار کاڌي ۽ صبر ڪيو تہ انھيءَ ۾ ڪھڙو فخر آھي؟ پر جيڪڏھن اوھين نيڪي ڪري ڏک ڀوڳيو ۽ صبر ڪريو ٿا تہ اھا ڳالھہ خدا جي نظر ۾ تعريف جوڳي آھي. 21انھيءَ ڳالھہ لاءِ ئي اوھين سڏيا ويا آھيو، ڇالاءِ⁠جو مسيح بہ اوھان جي خاطر ڏک سھي اوھان کي ھڪڙو نمونو ڏيئي ويو آھي، تہ جيئن اوھين سندس نقشِ⁠قدم تي ھلندا رھو. 22 جھڙيءَ طرح لکيل آھي تہ ”ھن نڪي ڪو گناھہ ڪيو ۽ نہ ئي سندس وات مان ڪا ٺڳيءَ جي ڳالھہ نڪتي.“ 23 ھو گاريون کائي بہ موٽ ۾ ڪنھن کي گار نہ ڏيندو ھو ۽ ڏک سھي بہ ڪنھن کي ڪونہ ڌمڪائيندو ھو، بلڪ پاڻ کي سچي انصاف ڪرڻ واري جي حوالي ڪندو ھو. 24 ھو پاڻ اسان جا گناھہ پنھنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙھيو، انھيءَ لاءِ تہ اسين گناھن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي خاطر جيئون. ھن جي مار کائي زخمي ٿيڻ جي ڪري اوھين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا. 25 ڇالاءِ⁠جو اڳي اوھين ڀٽڪيل رڍن وانگر ھئا پر ھاڻي پنھنجن روحن جي ڌنار ۽ نگھبان وٽ موٽي آيا آھيو.

1.پطرس 3

زالن ۽ مڙسن لاءِ نصيحت

1 اي زالون! ساڳيءَ طرح اوھين بہ پنھنجن مڙسن جون تابعدار رھو، انھيءَ لاءِ تہ جيڪڏھن انھن مان ڪي پاڪ ڪلام کي نہ مڃيندا ھجن تہ اھي پنھنجين زالن جي ھلت چلت جي ڪري، چوڻ کان سواءِ ئي خدا جي طرف ڇڪجي اچن، 2يعني جڏھن اھي اوھان جي پاڪيزہ ۽ ادب واري ھلت چلت ڏسن. 3 اوھان جو سينگار، وارن ڳتڻ، سونا زيور پائڻ ۽ عمدن ڪپڙن ڍڪڻ وارو ظاھري سينگار نہ ھئڻ گھرجي. 4ان جي بدران اوھان جي باطني انسانيت، حليم ۽ غريب طبيعت جي غيرفاني سينگار سان سينگاريل ھجي. خدا جي نظر ۾ انھيءَ جو وڏو قدر آھي. 5اڳئين زماني ۾ بہ پاڪ عورتون جيڪي خدا ۾ اميد رکنديون ھيون، سي پنھنجي پنھنجي مڙس جون تابعدار رھي انھيءَ ريت پاڻ کي سينگارينديون ھيون. 6 اھڙيءَ طرح سارہ ابراھيم جي حڪم ۾ رھندي ھئي ۽ کيس پنھنجو آقا چوندي ھئي. اوھين بہ انھيءَ جون ڌيئر آھيو، بشرطيڪ نيڪي ڪريو ۽ ڪنھن بہ خوف جو شڪار نہ ٿيو. 7 اي مڙسؤ! اوھين بہ ساڳيءَ طرح پنھنجين زالن سان عقلمنديءَ سان ھلو. عورت ذات کي نازڪ سمجھي کيس عزت ڏيو ۽ ڄاڻو تہ اھي بہ اوھان جي زندگيءَ جي نعمت ۾ وارث آھن. ائين ڪرڻ سان اوھان جون دعائون بي⁠اثر نہ ٿينديون.

سچائيءَ خاطر ڏک سھڻ

8مطلب تہ اوھين سڀيئي پاڻ ۾ ھڪ دل ٿي گذاريو ۽ ھمدرد ٿيو. ھڪ ٻئي کي ڀائر سمجھي پيار ڪريو، نرم دل ۽ نماڻي طبيعت وارا ٿيو. 9بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو ۽ گار جي بدران گار نہ ڏيو، اٽلندو دعا ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اوھين انھيءَ لاءِ سڏيا ويا آھيو تہ برڪت جا وارث ٿيو. 10 جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ ”جيڪوبہ ڀانئين تہ حياتي سکي گذاريان ۽ چڱا ڏينھن ڏسان، سو پنھنجي زبان کي بڇڙائيءَ کان ۽ پنھنجن چپن کي ٺڳيءَ جھڙي ڳالھہ ڪرڻ کان روڪي. 11ھو بدي ڪرڻ کان پاسو ڪري ۽ نيڪي ڪري. ھو صلح کي ڳولي لھي ۽ انھيءَ جي ڪڍ لڳي. 12ڇالاءِ⁠جو خداوند جون اکيون سچارن تي آھن ۽ سندس ڪن انھن جي التجا تي. پر جيڪي بدي ڪن ٿا، خدا انھن کان منھن موڙي ٿو.“ 13جيڪڏھن اوھين نيڪي ڪرڻ ۾ سرگرم آھيو تہ ڪير اوھان کي ڏکوئيندو؟ 14 پر جي سچائيءَ جي ڪري کڻي ڏک سھو بہ تہ اوھين سڀاڳا آھيو. سو ماڻھن جي ڌمڪين کان نہ ڊڄو، نڪي پريشان ٿيو. 15پر مسيح کي پنھنجين دلين ۾ خداوند ڄاڻي سندس احترام ڪريو. جيڪو ماڻھو اوھان کان انھيءَ اميد جو سبب پڇي، جيڪا اوھان کي آھي تہ کيس جواب ڏيڻ لاءِ ھميشہ تيار رھو، مگر حليمائيءَ ۽ ادب سان. 16پنھنجي نيت بہ صاف رکو، انھيءَ لاءِ تہ جيڪي ماڻھو اوھان کي مسيح جي پوئلڳ ھئڻ ڪري اوھان جي چڱي ھلت چلت بنسبت گھٽ وڌ ٿا ڳالھائين، سي پنھنجي انھيءَ بدگوئيءَ تي شرمندا ٿين. 17ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن خدا جي اھا ئي مرضي ھجي تہ اوھين نيڪي ڪرڻ سبب ڏک سھو، تہ اھا ڳالھہ بدي ڪرڻ سبب ڏک سھڻ کان بھتر آھي. 18تنھنڪري مسيح بہ ھڪڙي ئي ڀيري اوھان جي گناھن جي ڪري مئو يعني سچار گنھگارن لاءِ، انھيءَ لاءِ تہ اوھان کي خدا تائين پھچائي. ھو جسم جي اعتبار کان تہ ماريو ويو، پر روح جي اعتبار کان جيئرو ڪيو ويو. 19انھيءَ روح واري حالت ۾ بہ ھن وڃي انھن روحن وٽ تبليغ ڪئي جيڪي قيد ۾ پيا ھئا. 20 ھي اھي ھئا جن اڳي نافرماني ڪئي ھئي. ان وقت نوح جي زماني ۾ خدا صبر ڪري انتظار ٿي ڪيو ۽ ٻيڙو تيار پئي ٿيو. پر انھيءَ ۾ رڳو ٿورا ماڻھو، يعني اٺ ڄڻا پاڻيءَ منجھان بچي ويا. 21انھيءَ جو صحيح مثال بپتسما آھي، جيڪا ھاڻي بہ اوھان کي بچائي ٿي. بپتسما مان مراد اھا ناھي تہ بدن جي ميراڻ صاف ٿئي، بلڪ اھا آھي تہ نيڪ⁠نيتيءَ سان خدا جو طلبگار ٿجي. اھا بپتسما عيسيٰ مسيح جي وري جي اٿڻ جي وسيلي اوھان کي بچائي ٿي. 22ھو آسمان ۾ ويو ۽ خدا جي ساڄي پاسي آھي، جتي ملائڪ، اختياريءَ وارا ۽ قدرتون سندس تابع ڪيون ويون آھن.

1.پطرس 4

خدا لاءِ جيئڻ

1تنھنڪري، جڏھن تہ مسيح جسماني طور ڏک سٺو، تڏھن اوھين بہ ساڳي طبيعت اختيار ڪري تيار ٿيو، ڇالاءِ⁠جو جنھن جسماني طور ڏک سٺو آھي تنھن گناھہ کان بس ڪئي آھي. 2مطلب تہ ھو اڳتي پنھنجي باقي جسماني زندگي انساني خواھشن موجب نہ، بلڪ خدا جي مرضيءَ موجب گذاري. 3ڇالاءِ⁠جو جيترو وقت اوھان غير قومن جي مرضيءَ موجب ھلت ڪئي، يعني شھوت⁠پرستيءَ، برين خواھشن، شراب⁠خوريءَ، نشي⁠بازيءَ، راڳ روپ ۽ ڪراھت جھڙي بت⁠پرستيءَ ۾ گذاريو، ايترو ئي بس آھي. 4انھن کي عجب ٿو لڳي تہ ھاڻي اوھين سندن اھڙي سخت بدچاليءَ جي ڊوڙ ۾ ساڻن شامل ڇو نہ ٿا ٿيو، تنھنڪري ھو اوھان جي گلا ٿا ڪن. 5پر کين انھيءَ کي حساب ڏيڻو پوندو، جيڪو جيئرن ۽ مئلن جو انصاف ڪرڻ لاءِ تيار آھي. 6انھيءَ ئي مطلب لاءِ مئلن کي بہ خوشخبري ٻڌائي ويئي ھئي تہ انھن جو جسماني طور تہ ماڻھن وانگر انصاف ٿئي، پر روحاني طور اھي خدا وانگر جيئرا رھن. 7سڀني شين جو خاتمو جلد ٿيڻ وارو آھي. تنھنڪري اوھين ھوشيار رھو ۽ دعا گھرڻ لاءِ سجاڳ ٿيو. 8 سڀ کان وڌيڪ اھم ڳالھہ ھيءَ آھي تہ ھڪ ٻئي سان گھڻي محبت رکو، ڇالاءِ⁠جو محبت گھڻن ئي گناھن کي ڍڪي ٿي ڇڏي. 9بنا ڪرڪڻ جي ھڪ ٻئي جي مھمان⁠نوازي ڪريو. 10ھر ماڻھوءَ کي جيڪا نعمت ملي آھي سو انھيءَ نعمت کي، خدا جي فضل جي مختلف نعمتن جو چڱو مختيار ٿي ھڪ ٻئي جي خدمت لاءِ ڪم آڻي. 11جيڪڏھن ڪو ماڻھو پيغام ڏئي تہ سندس پيغام اھڙو ھجي جھڙو خدا جو ڪلام آھي. جيڪڏھن ڪو خدمت ڪري تہ انھيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا خدا کيس بخشي ٿو، انھيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالھين ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جي واکاڻ ٿئي. سندس وڏائي ۽ بادشاھي ھميشہ ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.

مسيحي ھئڻ سبب ڏک سھڻ

12اي پيارا دوستو! مصيبت جي باھہ جيڪا اوھان جي آزمائش لاءِ اوھان تي آئي آھي، تنھن بابت تعجب نہ ڪريو جو ڄڻ تہ ڪا عجيب ڳالھہ اوھان تي اچي پيئي آھي. 13پر جيئن جيئن اوھين مسيح جي ڏکن ۾ شريڪ ٿا ٿيو تيئن تيئن خوشي ڪريو، انھيءَ لاءِ تہ جڏھن سندس جلال ظاھر ٿئي تڏھن اوھين ڏاڍا خوش ۽ سرھا ھجو. 14جيڪڏھن مسيح جي نالي جي ڪري اوھان کي بي⁠عزت ڪيو ٿو وڃي تہ اوھين سڀاڳا آھيو، ڇالاءِ⁠جو خداءِ⁠ذوالجلال جي روح جي اوھان تي ڇانوَ آھي. 15ائين نہ ٿئي جو اوھان مان ڪو خوني، چور، بدڪار يا ٻين جي ڪمن ۾ دست⁠اندازي ڪندڙ ٿي ڏک سھي. 16پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو مسيحي ھئڻ سببان ڏک سھي تہ شرمندو نہ ٿئي، بلڪ انھيءَ نالي جي ڪري خدا جي واکاڻ ڪندو رھي. 17ھاڻي اھو وقت اچي پھتو آھي تہ خدا جي گھراڻي وٽان عدالت شروع ٿئي. سو جيڪڏھن اھا اسان کان ئي شروع ٿئي ٿي تہ پڇاڙيءَ ۾ انھن جو ڇا حال ٿيندو جيڪي خدا جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين؟ 18 جيئن لکيل آھي تہ ”جيڪڏھن سچار کي ئي وڏي مشڪل سان ڇوٽڪارو ملندو، تہ پوءِ بدڪارن ۽ گنھگارن جو ڪھڙو حال ٿيندو؟“ 19تنھنڪري جيڪي خدا جي مرضيءَ موجب ڏک ٿا سھن، سي نيڪي ڪرڻ سان پنھنجيون جانيون سچي خالق جي حوالي ڪن.

1.پطرس 5

خدا جو ڌڻ

1اوھان ۾ جيڪي بزرگ آھن تن کي آءٌ، جيڪو انھن بزرگن مان ھڪڙو مسيح جي ڏکن جو شاھد ۽ سندس جيڪو جلال ظاھر ٿيڻ وارو آھي، تنھن ۾ پڻ شريڪ آھيان ، سو نصيحت ٿو ڪريان تہ 2 خدا جو ڌڻ جيڪو اوھان جي سنڀال ھيٺ آھي، تنھن کي اوھين چاريو ۽ انھيءَ جي نگھباني ڪريو. ھي ڪم جيئن خدا چاھي ٿو، تيئن خوشيءَ سان ڪريو، نڪي لاچاريءَ سبب. دل جي شوق سان ڪريو، نڪي پيسي جي لالچ تي. 3جيڪي ماڻھو اوھان جي حوالي ڪيا ويا آھن تن تي حڪم نہ ھلايو، بلڪ انھيءَ ڌڻ جي لاءِ پاڻ کي نمونو بڻايو. 4پوءِ جڏھن وڏو ڌنار ظاھر ٿيندو، تڏھن اوھان کي اھڙو جلويدار تاج ملندو جيڪو ڪڏھن بہ جھَڪو نہ ٿيندو. 5 ساڳيءَ طرح اي جوانو! اوھين بزرگن جي تابع رھو. اوھين سڀيئي ھڪ ٻئي اڳيان نماڻائيءَ سان پھريل رھو، ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“ 6 تنھنڪري خدا جي قدرت واري ھٿ ھيٺ پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ ھو اوھان کي مناسب وقت تي سربلند ڪري. 7پنھنجي سڄي ڳڻتي انھيءَ تي رکو، ڇالاءِ⁠جو ھن کي اوھان جو فڪر آھي. 8ھوشيار ۽ سجاڳ رھو. اوھان جو دشمن شيطان گجندڙ شينھن وانگر چوڌاري گھمي وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنھن کي ڦاڙي کائي. 9اوھين ايمان تي قائم رھي سندس مقابلو ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اوھان جا ڀائر جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ آھن، سي بہ اھڙن ئي ڏکن ۾ پيا گذارين. 10ھاڻي خدا، جيڪو ھر طرح جي فضل جو سرچشمو آھي ۽ جنھن اوھان کي مسيح جا ھئڻ ڪري پنھنجي دائمي عظمت ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ سڏيو آھي، سو اوھان جي ٿوري وقت تائين ڏکن سھڻ کان پوءِ پاڻھي اوھان کي ڪامل، قائم، مضبوط ۽ پڪو ڪندو. 11انھيءَ جي بادشاھي ھميشہ ھميشہ تائين رھي. آمين.

آخر ۾ دعا سلام

12 آءٌ اوھان ڏانھن ھي مختصر خط سيلاس جي معرفت لکي رھيو آھيان، جنھن کي آءٌ وفادار ڀاءُ سمجھان ٿو. آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھان کي ھمتايان ۽ شاھدي بہ ڏيان تہ خدا جو سچو فضل اھو ئي آھي. اوھين انھيءَ تي قائم رھو. 13 اوھان سان گڏ چونڊيل ڪليسيا، جيڪا بابل ۾ آھي سا اوھان کي سلام ٿي ڏئي ۽ منھنجو فرزند مرقس بہ. 14ھڪ ٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام ڪجو. شل اوھان سڀني تي، جيڪي مسيح جا آھيو سلامتي ھجي.

2.پطرس 1

1ھي خط عيسيٰ مسيح جي ٻانھي ۽ رسول شمعون پطرس جي طرفان انھن ڏانھن ٿو لکجي، جن اسان جي خدا ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي سچائيءَ جي وسيلي اسان جھڙو قيمتي ايمان حاصل ڪيو آھي. 2شل خدا ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ جي سڃاڻپ جي وسيلي اوھان تي فضل ۽ سلامتي گھڻي کان گھڻي ٿيندي رھي.

خدا جو سڏڻ ۽ چونڊڻ

3خدا پنھنجي الاھي قدرت سان اھي سڀ شيون پنھنجي سڃاڻپ جي وسيلي اسان کي ڏنيون آھن، جن جو تعلق زندگيءَ ۽ دينداريءَ سان آھي. ھن اسان کي انھيءَ لاءِ سڏيو آھي تہ جيئن اسين کانئس عظمت ۽ نيڪي ماڻيون. 4اھڙيءَ طرح ھن اسان سان نھايت وڏا ۽ قيمتي واعدا ڪيا آھن، تہ جيئن انھن جي وسيلي اوھين دنيا جي خرابيءَ کان بچي وڃو، جيڪا برين خواھشن جي ڪري آھي ۽ الاھي ذات ۾ شريڪ ٿي وڃو. 5سو انھيءَ ڪري اوھين تمام گھڻي ڪوشش ڪري پنھنجي ايمان سان گڏ نيڪيءَ ۾ واڌارو آڻيو ۽ نيڪيءَ سان علم ۾، 6پنھنجي علم سان پرھيزگاري، پرھيزگاريءَ سان صبر ۽ صبر سان دينداريءَ ۾ واڌارو آڻيو. 7اوھين دينداريءَ سان ڀائيچارو ۽ ڀائيچاري سان محبت وڌايو. 8ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اھي خوبيون اوھان ۾ موجود ھونديون ۽ وڌنديون رھنديون، تہ اھي اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي سڃاڻڻ ۾ بيڪار ۽ بي⁠ڦل ٿيڻ نہ ڏينديون. 9پر جنھن ماڻھوءَ ۾ اھي خوبيون نہ آھن، سو ڪوتاھہ نظر بلڪ انڌو آھي. ھو پنھنجن اڳوڻن گناھن جي ڌوپي صاف ٿيڻ واري ڳالھہ کي وساري ويٺو آھي. 10تنھنڪري، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پنھنجي ڪوٺ ۽ چونڊ کي يقيني بنائڻ لاءِ زيادہ ڪوشش ڪريو، ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اوھين ائين ڪندا تہ ڪڏھن بہ ٿاٻو نہ کائيندا. 11اھڙيءَ طرح اوھين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي دائمي بادشاھت ۾ پوريءَ طرح داخل ڪيا ويندا. 12تنھنڪري آءٌ اوھان کي اھي ڳالھيون ھميشہ ياد ڏياريندو رھندس، جيتوڻيڪ اوھان کي انھن جي خبر آھي ۽ انھيءَ سچائيءَ تي مضبوطيءَ سان قائم آھيو، جيڪا اوھان کي مليل آھي. 13آءٌ اھا ڳالھہ ضروري ٿو سمجھان تہ جيستائين آءٌ جيئرو آھيان تيستائين اوھان جي دلين کي اُڀارڻ لاءِ يادگيري ڏياريندي ھوشيار ڪندو رھان. 14ڇالاءِ⁠جو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منھنجي مرڻ جو وقت ويجھو آھي، جيئن اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح بہ مون تي اھو ظاھر ڪيو آھي. 15سو آءٌ اھا ئي ڪوشش ڪندس تہ منھنجي مري وڃڻ کان پوءِ اوھين ھر وقت اھي ڳالھيون ياد رکي سگھو.

مسيح جي عظمت جا اکين ڏٺا شاھد

16جڏھن اسان اوھان کي پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي قدرت ۽ اچڻ جي خبر ڏني ھئي، تڏھن بناوٽي آکاڻين تي ڪونہ لڳا ھئاسين. پر سندس عظمت جا اکين ڏٺا شاھد ھئاسين. 17 ھائو، جڏھن عيسيٰ کي خدا پيءُ عزت ۽ عظمت بخشي، تڏھن انھيءَ خداءِ⁠ذوالجلال وٽان اتي ھي آواز آيو تہ ”ھي منھنجو پيارو فرزند آھي ۽ ھن مان آءٌ گھڻو خوش آھيان.“ 18ان وقت اسين ھن سان گڏ پاڪ جبل تي ھئاسون ۽ اسان پاڻ اھو آواز آسمان مان ايندي ٻڌو. 19اھڙيءَ طرح اسان وٽ جيڪو نبين جو ڪلام آھي، سو وڌيڪ اعتقاد جوڳو آھي. اوھين چڱو ٿا ڪريو جو انھيءَ تي ڌيان ٿا ڏيو، ڇالاءِ⁠جو اھو ھڪ ڏيئي وانگر آھي جيڪو اونداھيءَ جاءِ ۾ تيستائين روشني پيو ڪري، جيستائين پرھہ ڦٽي ۽ صبح جو تارو اوھان جي دلين ۾ چمڪي. 20سڀني ڳالھين کان پھريائين ھي ڄاڻي ڇڏيو تہ پاڪ ڪتاب ۾ نبين جي ڪابہ ڳالھہ ڪنھن جي بہ ذاتي مطلب سان نہ ٿي ٿئي، 21ڇالاءِ⁠جو نبين جي ڪابہ ڳالھہ ڪڏھن بہ انسان جي پنھنجي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي، بلڪ ماڻھو پاڪ روح جي رھنمائيءَ سان خدا جي طرفان ڳالھائيندا ھئا.

2.پطرس 2

ڪوڙا استاد

1پر جيئن تہ بني اسرائيل ۾ پڻ نبي سڏائيندڙ ھئا جيڪي حقيقي نبي نہ ھئا، تيئن اوھان ۾ بہ ڪوڙا استاد پيدا ٿيندا. اھي ڳُجھہ⁠ڳوھہ ۾ برباد ڪندڙ بدعتون شروع ڪندا. ايتري قدر جو انھيءَ مالڪ جو بہ انڪار ڪندا، جنھن کين خريد ڪيو آھي. ائين ھو پاڻ کي جلد ئي برباد ڪري ڇڏيندا. 2ڪيترا ئي ماڻھو انھن جي شھوت⁠پرستيءَ جي پيروي ڪندا، جن جي ڪري حق جي راھہ جي بدنامي ٿيندي. 3اھي لالچ جي ڪري بناوٽي ڳالھيون ٺاھي اوھان مان ناجائز فائدو حاصل ڪندا. گھڻو وقت اڳي انھن تي جنھن سزا جو حڪم ٿي چڪو ھو، تنھن جي اچڻ ۾ دير ڪانھي ۽ سندن بربادي ويجھي آھي. 4ڇالاءِ⁠جو خدا گناھہ ڪندڙ ملائڪن کي بہ نہ بخشيو، بلڪ کين دوزخ ۾ وڌائين ۽ اونداھين غارن ۾ بند ڪيائين، انھيءَ لاءِ تہ عدالت جي ڏينھن تائين قيد ۾ رھن. 5 خدا پراڻي زماني جي ماڻھن کي بہ نہ بخشيو، بلڪ انھيءَ بدڪار دنيا تي طوفان آندائين ۽ رڳو سچائيءَ جي تبليغ ڪندڙ نوح ۽ ٻين ستن ڄڻن کي بچايائين. 6 خدا سدوم ۽ عموراہ جي شھرن کي برباديءَ جي سزا ڏيئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، انھيءَ لاءِ تہ اھي ايندڙ زماني جي بدڪارن لاءِ عبرت جو مثال ٿين. 7 خدا لوط کي بچائي ورتو، جيڪو سچار شخص ھو ۽ بدڪارن جي گندي ھلت چلت کان تنگ ٿيو ھو. 8ڇالاءِ⁠جو اھو سچار ماڻھو انھن ۾ رھي ھر روز انھن جا غير شرعي ڪم ڏسي ۽ ٻڌي پنھنجي سچيءَ دل ۾ پيو پريشان ٿيندو ھو. 9سو خداوند ڄاڻي ٿو تہ ديندارن کي آزمائش کان ڪيئن بچائي ۽ بدڪارن کي عدالت جي ڏينھن تائين ڪھڙيءَ طرح سزا ھيٺ رکي، 10خاص ڪري انھن کي جيڪي جسم جي ناپاڪ خواھشن جي پيروي ٿا ڪن ۽ خدا جي اختياريءَ کي ڪين جھڙو ٿا ڄاڻن. اُھي اھڙا تہ گستاخ ۽ ھٺيلا آھن جو عظيم آسماني ھستين جي گلا ڪرڻ کان بہ نہ ٿا ڊڄن. 11جيتوڻيڪ ملائڪ انھن ڪوڙن استادن کان طاقت ۽ قدرت ۾ وڌيڪ آھن، سي بہ خداوند جي آڏو انھن تي گلا جھڙي تھمت نہ ٿا ھڻن. 12پر اھي ماڻھو بي⁠عقل جانورن وانگر آھن، جيڪي رڳو پڪڙجڻ ۽ ناس ٿيڻ لاءِ پيدا ٿيا آھن ۽ جن ڳالھين کان ناواقف آھن تن جي باري ۾ ڪفر ٿا بڪن. اھي جانورن وانگر ناس ٿي ويندا. 13جيڪا برائي ھنن ڪئي آھي، تنھن جو بدلو کين برائيءَ سان ڏنو ويندو. اھي ڏينھن ڏٺي جو عيش عشرت ڪندي خوش ٿا ٿين. اھي ماڻھو اوھان ۾ داغ ۽ عيب آھن، جيڪي اوھان سان گڏ کائيندي پيئندي پنھنجي دغابازين سان وڃي موجون پيا ماڻين. 14انھن جي اکين مان زناڪاري پيئي ظاھر ٿئي ۽ گناھہ ڪرڻ کان بس نہ ٿا ڪن. جيڪي ماڻھو ثابت⁠قدم نہ آھن، تن کي ھو ڦاسايو ٿا وٺن. اھي لالچ جا ماھر ۽ لعنتي ٻار آھن. 15 اھي سنئون رستو ڇڏي گمراھہ ٿي ويا آھن ۽ بعور جي پٽ بلعام جي پيروي ٿا ڪن، جنھن کي بڇڙائيءَ جي مزوري پسند ھوندي ھئي. 16پر ھن پنھنجي قصور جي ڪري پاڻ تي اھا لعنت کنئي جو ھڪ گگدام گڏھہ، انسان وانگر ڳالھائي بلعام کي چريائيءَ کان روڪي ڇڏيو. 17اھي ماڻھو اھڙا چشما آھن، جن جو پاڻي سڪي ويو آھي ۽ اھي اھڙو ڪوھيڙو آھن، جنھن کي طوفان اڏائي ڇڏيو آھي. انھن جي لاءِ گھُگھُہ اونداھي رکي ويئي آھي. 18ڇالاءِ⁠جو اھي مغروريءَ جون نھايت بيھوديون ڳالھيون ڪري، شھوت⁠پرستيءَ جي وسيلي انھن ماڻھن کي جسماني خواھشن ۾ ڦاسائين ٿا، جيڪي گمراھہ ٿيل ماڻھن کان ھاڻي آزاد ٿيا آھن. 19ھو انھن کي آزاديءَ جو واعدو تہ ڏين ٿا، پر پاڻ بڇڙائيءَ جا غلام بڻيا وتن. ڇالاءِ⁠جو جيڪا شيءِ انسان تي غالب اچي ٿي تہ انسان انھيءَ جو غلام ٿي وڃي ٿو. 20سو جيڪي ماڻھو اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي سڃاڻپ جي ڪري دنيا جي بڇڙاين کان بچي ويا آھن، جيڪڏھن اھي وري انھن ۾ ڦاسي پون تہ انھن جي پوئين حالت اڳينءَ کان بہ وڌيڪ خراب ٿيندي. 21ڇالاءِ⁠جو انھن سچائيءَ جي واٽ کي ڄاتو تہ سھي پر انھيءَ پاڪ حڪم کان ڦري ويا، جيڪو کين سونپيو ويو ھو. تنھنڪري انھن لاءِ سٺو ٿئي ھا جو اھي ان واٽ کي ڄاڻن ئي نہ ھا. 22 ھي سچو پھاڪو انھن سان لاڳو ٿو ٿئي تہ ”ڪتو الٽي ڪري وري انھيءَ ڏانھن ٿو موٽي، ۽ وھنتل سوئر وري وڃيو گپ ۾ ليٽي.“

2.پطرس 3

خداوند جي ٻيھر اچڻ جو واعدو

1اي عزيزو! ھاڻي آءٌ اوھان ڏانھن ھي ٻيو خط ٿو لکان. ٻنھي خطن ۾ اوھان کي يادگيري ڏياري، اوھان جي سچيءَ دل کي اُڀارڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. 2آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين انھن ڳالھين کي، جيڪي پاڪ نبي اڳي ڪري ويا آھن ۽ اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ جي انھيءَ حڪم کي ياد رکو، جيڪو اوھان کي رسولن جي وسيلي ڏنو ويو ھو. 3 سڀ کان پھريائين اوھان کي اھو ڄاڻڻ گھرجي تہ آخري ڏينھن ۾ اھڙا ٺٺوليون ڪندڙ ايندا، جيڪي پنھنجين برين خواھشن موجب ھلندا. 4اھي چوندا تہ ”انھيءَ وري اچڻ جو واعدو نہ ڪيو ھو ڇا؟ پوءِ ھو ڪٿي آھي؟ ڇالاءِ⁠جو جڏھن کان اسان جا ابا ڏاڏا مري ويا آھن، تڏھن کان وٺي سڀ ڪجھہ ائين ئي پيو ھلي جيئن دنيا جي پيدا ٿيڻ وقت ھو.“ 5 پر ھيءَ ڳالھہ انھن ڄاڻي⁠ٻجھي وساري ڇڏي آھي تہ خدا جي حڪم سان پراڻي زماني کان آسمان موجود آھن ۽ زمين پاڻيءَ منجھان ٺھي ۽ پاڻيءَ جي وچ ۾ آھي. 6 پاڻيءَ جي وسيلي انھيءَ زماني جي دنيا پاڻيءَ ۾ ٻڏي چٽ ٿي ويئي. 7انھيءَ ساڳئي حڪم جي وسيلي موجودہ آسمان ۽ زمين انھيءَ لاءِ بچائي رکيا ويا آھن تہ ساڙيا وڃن. اھي عدالت جي ڏينھن تائين موجود رھندا، جنھن ڏينھن بدڪار ماڻھن کي ناس ڪيو ويندو. 8 پر اي عزيزو! ھيءَ ڳالھہ ڪڏھن بہ نہ وسارجو تہ خداوند جي آڏو ھڪڙو ڏينھن ھزار سالن جي برابر آھي ۽ ھزار سال ھڪڙي ڏينھن جي برابر. 9خداوند پنھنجي واعدي پوري ڪرڻ ۾ دير ڪين ڪندو آھي، جھڙي دير ڪي ماڻھو سمجھن ٿا. پر ھو اوھان جي باري ۾ صبر ڪري ٿو، انھيءَ ڪري جو ھو نہ ٿو چاھي تہ ڪوبہ ناس ٿئي، بلڪ ھو چاھي ٿو تہ سڀيئي توبھہ ڪن. 10 پر خداوند جو ڏينھن چور وانگر اوچتو ايندو. انھيءَ ڏينھن آسمان وڏي ڪڙڪي سان گم ٿي ويندا، آسماني شيون سخت باھہ جي ڪري ڳري وينديون ۽ زمين ۽ جيڪي ڪجھہ مٿس آھي سو سڀ سڙي ويندو. 11جڏھن تہ ھي سڀ شيون اھڙيءَ طرح ڳري وڃڻيون آھن، تڏھن اوھان کي ڪھڙي قسم جو ماڻھو ٿيڻ گھرجي؟ اوھان کي گھرجي تہ اوھين پاڪ ۽ ديندار زندگي گذاريو. 12ان سان گڏ اوھان کي خدا جي انھيءَ ڏينھن جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ گھرجي، بلڪ انھيءَ ڏينھن جي جلد اچڻ جو سبب بڻجڻ گھرجي. انھيءَ ڏينھن جي اچڻ ڪري آسمان باھہ ۾ سڙي ڳري ويندا ۽ آسماني شيون سخت گرميءَ جي ڪري پگھرجي وينديون. 13 پر خدا جي ڪيل واعدي موجب اسين نئين آسمان ۽ نئين زمين جي انتظار ۾ آھيون، جن ۾ سچائي رھي ٿي. 14تنھنڪري اي عزيزو! جڏھن تہ اوھين انھن ڳالھين جو انتظار پيا ڪريو، تڏھن ڪوشش ڪريو تہ خدا اوھان کي صلح جي حالت ۾ بي⁠داغ ۽ بي⁠عيب ڏسي. 15اسان جي خداوند جي صبر کي ڇوٽڪارو ڪري سمجھو، جھڙيءَ طرح اسان جي پياري ڀاءُ پولس بہ انھيءَ ڏاھپ سان اوھان ڏانھن لکيو آھي، جيڪا کيس عطا ٿيل آھي. 16ھن پنھنجي سڀني خطن ۾ انھن ڳالھين بابت اھڙي ئي نموني ذڪر ڪيو آھي. ھن جي خطن ۾ ڪي ڳالھيون اھڙيون بہ آھن جن جو سمجھڻ مشڪل آھي ۽ جاھل ۽ جيڪي ثابت⁠قدم نہ ٿا رھن، سي انھن جي معنيٰ کي بہ ٻين پاڪ ڪتابن وانگر ڦيرائي ابتي پيا ڪن. اھڙيءَ طرح اھي پنھنجي لاءِ تباھي ٿا پيدا ڪن. 17تنھنڪري اي عزيزو! جڏھن تہ اوھان کي انھن ڳالھين جي اڳي ئي خبر آھي، تڏھن خبردار رھو، ائين نہ ٿئي جو اوھين بدڪار ماڻھن جي گمراھيءَ ڏانھن ڇڪجي پنھنجي ثابت⁠قدميءَ کي ڇڏي ڏيو. 18پر اوھين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي فضل ۽ سڃاڻپ جي وسيلي وڌندا رھو. شل انھيءَ جي واکاڻ ھاڻي بہ ٿئي ۽ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين.

1.يوحنا 1

زندگيءَ جو ڪلام

1 اوھان ڏانھن اسين زندگيءَ جي ڪلام بابت لکون ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي ھو. اسان اھو ٻڌو ۽ پنھنجين اکين سان ڏٺو آھي. ھائو، اسان نہ رڳو ڏٺو آھي بلڪ پنھنجن ھٿن سان ڇھيو بہ آھي. 2 ڇالاءِ⁠جو اھا ئي تہ زندگي ھئي، جيڪا پيءُ سان ھئي ۽ اسان تي ظاھر ٿي. اسان اھا ڏٺي ۽ ان جا اکين ڏٺا شاھد آھيون. 3جيڪي⁠بہ اسان ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، سو اوھان کي ٻڌايون ٿا تہ جيئن اوھين اسان سان انھيءَ صحبت ۾ شامل ٿيو، جيڪا اسان کي پيءُ ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان آھي. 4ھي ڳالھيون اسين انھيءَ لاءِ لکي رھيا آھيون تہ جيئن اسان کي پوري پوري خوشي حاصل ٿئي.

روشنيءَ ۾ ھلڻ

5ھاڻي، جيڪو پيغام اسان سندس فرزند کان ٻڌو آھي، سو اوھان کي ڏيون ٿا تہ ”خدا روشني آھي ۽ منجھس اوندھہ تہ اصل آھي ئي ڪانہ.“ 6پوءِ جيڪڏھن اسان جي خدا سان صحبت آھي ۽ ھلون وري اوندھہ ۾، تہ اسين ڪوڙ ٿا ڳالھايون ۽ سچ تي عمل نہ ٿا ڪريون. 7پر جيڪڏھن اسين روشنيءَ ۾ ھلون ٿا، جيئن خدا پاڻ بہ روشنيءَ ۾ آھي، تہ پوءِ اسان جي ھڪ ٻئي سان صحبت آھي ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح جو رت اسان کي سڀني گناھن کان پاڪ ڪري ٿو ڇڏي. 8جيڪڏھن اسين چئون تہ اسان ۾ گناھہ ڪونہ آھي، تہ پوءِ اسين پاڻ کي ٺڳيون ٿا ۽ اسان ۾ سچائي ڪانھي. 9پر جيڪڏھن اسين پنھنجا گناھہ باسينداسين تہ خدا پنھنجو واعدو پاڙيندو ۽ انصاف ڪري اسان جا گناھہ معاف ڪندو ۽ اسان کي ساري بڇڙائيءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيندو. 10جيڪڏھن اسين چئون تہ اسان گناھہ ڪونہ ڪيو آھي، تڏھن اسين ڄڻ خدا کي ڪوڙو ٿا ڪريون ۽ اسان ۾ سندس ڪلام موجود نہ آھي.

1.يوحنا 2

مسيح اسان جو مددگار

1منھنجا پيارا ٻارو، آءٌ ھي اوھان ڏانھن انھيءَ لاءِ لکي رھيو آھيان، تہ جيئن اوھين گناھہ نہ ڪريو. پر جيڪڏھن ڪو شخص گناھہ ڪري ٿو تہ پيءُ وٽ اسان جو ھڪڙو مددگار موجود آھي يعني عيسيٰ مسيح، جيڪو انصاف ڪرڻ وارو آھي. 2مسيح پاڻ اھڙي قرباني آھي، جيڪا اسان جا گناھہ کڻي وڃي ٿي، نہ رڳو اسان جا پر سڄي جھان جا گناھہ. 3جيڪڏھن اسين خدا جي حڪمن تي عمل ڪنداسين، تہ پوءِ اسان کي يقين ٿي ويندو تہ اسين کيس سڃاڻون ٿا. 4جيڪڏھن ڪو ماڻھو چوي تہ ”آءٌ خدا کي سڃاڻان ٿو،“ پر سندس حڪمن تي عمل نہ ٿو ڪري تہ اھو شخص ڪوڙو آھي ۽ ھن ۾ سچائي اصل ڪانہ آھي. 5پر جيڪو ھن جي ڪلام تي عمل ڪري ٿو، تہ بيشڪ انھيءَ شخص ۾ خدا جي محبت ڪامل ٿي آھي. انھيءَ مان اسان کي يقين آھي تہ اسين خدا سان گڏجي ھڪ ٿي ويا آھيون. 6جيڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ خدا سان گڏجي ھڪ ٿي ويو آھيان.“ تنھن کي اھڙيءَ طرح ھلڻ گھرجي جھڙيءَ طرح مسيح پاڻ ھلندو ھو.

نئون حڪم

7 پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان ڏانھن ڪو نئون حڪم نہ پر اھو پراڻو حڪم لکان ٿو، جيڪو شروعات کان وٺي اوھان وٽ ھو. ھي پراڻو حڪم اھو پيغام آھي، جيڪو اوھين ٻڌي چڪا آھيو. 8تڏھن بہ جيڪو حڪم آءٌ اوھان ڏانھن لکي رھيو آھيان، سو نئون آھي. انھيءَ جي سچائي مسيح ۽ اوھان ٻنھي ۾ ڏسجي ٿي. ڇاڪاڻ⁠تہ اونداھي گذرندي ٿي وڃي ۽ حقيقي روشني اڳي ئي چمڪي رھي آھي. 9جيڪو دعويٰ ٿو ڪري تہ ”آءٌ روشنيءَ ۾ آھيان.“ پر پنھنجي ھم⁠ايمان سان دشمني ٿو ڪري، سو اڃا تائين اونداھيءَ ۾ آھي. 10جيڪو پنھنجي ھم⁠ايمان سان پيار ٿو ڪري، سو روشنيءَ ۾ ٿو رھي ۽ ھن ۾ اھڙي ڪابہ شيءِ نہ آھي جيڪا کيس گمراھہ ڪري. 11پر جيڪو پنھنجي ھم⁠ايمان سان دشمني ٿو ڪري، سو اوندھہ ۾ آھي ۽ اوندھہ ۾ گھمي ٿو. کيس خبر نہ آھي تہ ڪيڏانھن ٿو وڃان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوندھہ سندس اکين کي انڌو ڪري ڇڏيو آھي. 12اي منھنجا پيارا ٻارؤ! آءٌ اوھان ڏانھن انھيءَ لاءِ ٿو لکان، جو مسيح جي نالي جي ڪري اوھان جا گناھہ معاف ڪيا ويا آھن. 13اي پوڙھؤ! آءٌ اوھان ڏانھن انھيءَ لاءِ لکي رھيو آھيان، جو اوھان انھيءَ کي سڃاتو آھي، جيڪو شروعات کان وٺي آھي. اي نوجوانو! آءٌ اوھان ڏانھن انھيءَ لاءِ لکي رھيو آھيان، جو اوھين شيطان تي فتحياب ٿيا آھيو. 14اي پيارا ٻارؤ! مون اوھان ڏانھن انھيءَ ڪري لکيو آھي، جو اوھان پيءُ کي سڃاتو آھي. اي پوڙھؤ! مون اوھان ڏانھن انھيءَ ڪري لکيو آھي، جو اوھان انھيءَ کي سڃاتو آھي، جيڪو شروعات کان وٺي آھي. اي نوجوانو! مون اوھان ڏانھن انھيءَ ڪري لکيو آھي، جو اوھين مضبوط آھيو ۽ خدا جو ڪلام اوھان ۾ رھي ٿو ۽ اوھين شيطان تي فتحياب ٿيا آھيو.

دنيا سان پيار نہ ڪريو

15نہ دنيا سان پيار ڪريو، نڪي انھن شين سان جيڪي دنيا جون آھن. جيڪڏھن ڪنھن کي دنيا سان پيار آھي تہ انھيءَ ۾ پيءُ جو پيار ڪونہ آھي. 16ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪي ڪجھہ دنيا جو آھي، يعني خراب انساني خواھش، نظر جو گناھہ، دنياوي مغروري، سي پيءُ جي طرفان نہ آھن پر دنيا جي طرفان آھن. 17دنيا ۽ سندس موھيندڙ شيون فنا ٿينديون ٿيون وڃن، پر جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب ھلي ٿو تنھن کي دائمي زندگي ملي ٿي.

مسيح جا دشمن

18پيارا ٻارؤ! ھي آخري وقت آھي. جيئن تہ اوھان ٻڌو آھي تہ مسيح جو ھڪ دشمن اچڻ وارو آھي، تيئن ئي ھاڻي مسيح جا ڪيترا ئي دشمن ظاھر ٿي چڪا آھن، جنھن مان اسان کي خبر پوي ٿي تہ ھيءُ ئي آخري وقت آھي. 19مسيح جا اِھي دشمن نڪتا تہ اسان منجھان ئي آھن، پر حقيقت ۾ اھي اسان منجھان نہ ھئا، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪڏھن ھو اسان منجھان ھجن ھا تہ اسان سان گڏ رھن ھا. ھو اسان کي انھيءَ لاءِ ڇڏي ويا تہ جيئن ظاھر ٿئي تہ انھن مان ڪنھن جو بہ اسان سان ڪو واسطو ڪونہ ھو. 20اوھان ۾ پاڪ روح وڌو ويو آھي، تنھنڪري اوھان سڀني کي سچائيءَ جي خبر آھي. 21مون اوھان ڏانھن ھن ڪري نہ لکيو آھي تہ اوھين ڪي سچ کان بي⁠خبر آھيو. اوھين تہ چڱيءَ طرح سچ کي ڄاڻو ٿا، پر مون انھيءَ لاءِ لکيو آھي تہ ڪوبہ ڪوڙ سچ مان نہ ٿو نڪري. 22تہ پوءِ ڪير ڪوڙو آھي؟ سواءِ انھيءَ جي جيڪو انڪار ڪري چوي ٿو تہ ”عيسيٰ اھو مسيح نہ آھي.“ اِھو ئي مسيح جو دشمن آھي، ڇوتہ ھو پيءُ ۽ سندس فرزند ٻنھي جو انڪار ڪري ٿو. 23جيڪو فرزند کي مڃي ٿو تنھن وٽ پيءُ بہ آھي، پر جيڪو فرزند کي نہ ٿو مڃي تنھن وٽ پيءُ بہ نہ آھي. 24جيڪو ڪجھہ اوھان کي شروع ۾ ٻڌايو ويو آھي، سو اوھان جي دلين ۾ رھڻ گھرجي. جيڪڏھن اھو اوھان کي ياد رھيو تہ اوھين بہ پيءُ ۽ سندس فرزند ٻنھي سان گڏجي ھڪ ٿي ويندا. 25ھيءُ اُھو واعدو آھي جيڪو مسيح اسان سان ڪيو آھي، يعني دائمي زندگي. 26مون ھي ڳالھيون اوھان ڏانھن انھن ماڻھن بابت لکيون آھن، جيڪي اوھان کي گمراھہ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. 27پر اوھان ۾ تہ مسيح پاڪ روح وڌو آھي، جيڪو اوھان ۾ رھي ٿو ۽ اوھان کي انھيءَ ڳالھہ جي ضرورت ڪانھي تہ ڪو اوھان کي سيکاري. پر ھن جو پاڪ روح اوھان کي سڀني ڳالھين بابت سيکاري ٿو. اھو سچو آھي ۽ ڪوڙو ڪونھي. جيئن ھن اوھان کي سيکاريو آھي، تيئن اوھين مسيح ۾ قائم رھندا اچو.

خدا جا ٻار

28ھاڻي اي ننڍڙا ٻارؤ! مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي قائم رھندا اچو تہ جڏھن ھو ظاھر ٿئي، تڏھن اسان کي ھمت ھجي ۽ اسين سندس اچڻ مھل ھن جي اڳيان شرمندا نہ ٿيون. 29اوھين ڄاڻو ٿا تہ خدا سچار آھي، تہ پوءِ اھا بہ خبر اٿوَ تہ جيڪوبہ سچائيءَ جا ڪم ٿو ڪري سو ھن مان پيدا ٿيو آھي.

1.يوحنا 3

1 ڏسو، پيءُ جو اسان سان ڪيترو نہ پيار آھي. ھن جو اسان سان ايترو تہ پيار آھي جو اسين خدا جا ٻار ٿا سڏجون ۽ حقيقت ۾ اسين آھيون بہ. اِھو ئي سبب آھي جو دنيا اسان کي نہ ٿي سڃاڻي، ڇالاءِ⁠جو ھن کيس بہ نہ سڃاتو آھي. 2پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ھاڻي اسين خدا جا ٻار آھيون ۽ اڃا اھا ڳالھہ ظاھر ڪانہ ٿي آھي تہ اسين ڇا ٿينداسين. پر ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏھن مسيح ظاھر ٿيندو تہ اسين بہ ھن جھڙا ٿي پونداسين، ڇالاءِ⁠جو اسين کيس ائين ڏسنداسين جيئن ھو حقيقت ۾ آھي. 3جنھن کي بہ مسيح ۾ اھڙي اميد آھي، سو پاڻ کي اھڙو پاڪ ڪري جھڙو مسيح پاڪ آھي. 4جيڪوبہ گناھہ ڪري ٿو سو خدا جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو ڏوھدار آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ گناھہ خدا جي قانون جي ڀڃڪڙي آھي. 5 اوھان کي خبر آھي تہ مسيح انھيءَ لاءِ ظاھر ٿيو ھو تہ جيئن گناھن کي کڻي وڃي ۽ منجھس گناھہ تہ اصل آھي ئي ڪونہ. 6جيڪو منجھس قائم رھي ٿو، سو گناھہ نہ ڪندو آھي، جيڪو گناھہ ڪندو آھي تنھن نہ کيس ڏٺو آھي ۽ نڪي کيس سڃاتو آھي. 7پيارا ٻارؤ! متان ڪو اوھان کي گمراھہ ڪري. جيڪو سچا ڪم ڪندو رھي ٿو سو سچار آھي، جيئن مسيح پاڻ سچار آھي. 8جيڪو گناھہ ڪري ٿو سو شيطان مان آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ شيطان شروع کان وٺي گناھہ ڪندو ٿو اچي. خدا جو فرزند انھيءَ لاءِ ظاھر ٿيو تہ جيئن شيطان جي ڪمن کي ناس ڪري. 9جيڪو خدا جو ٻار آھي سو گناھہ نہ ڪندو آھي، ڇالاءِ⁠جو خدا جي فطرت منجھس رھي ٿي. جيئن تہ ھو خدا مان پيدا ٿيل آھي تنھنڪري ھو گناھہ ڪري ئي نہ سگھندو. 10انھيءَ مان اسان کي خبر پوي ٿي تہ ڪير خدا جا ۽ ڪير شيطان جا ٻار آھن، ڇالاءِ⁠جو جيڪو سچائي نہ ٿو ڪري سو خدا جو ٻار نہ آھي ۽ نڪي اھو جيڪو پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري.

ھڪ ٻئي سان پيار

11 جيڪو پيغام اوھان شروعات کان ٻڌو آھي، سو ھي آھي تہ اسان کي ھڪ ٻئي سان پيار ڪرڻ گھرجي. 12 اوھين قابيل وانگر نہ ٿجو، جيڪو شيطان جو ھو ۽ پنھنجي ڀاءُ جو خون ڪيائين. ھن پنھنجي ڀاءُ جو خون ڇو ڪيو؟ ڇاڪاڻ⁠تہ قابيل جا ڪم بڇڙا ھئا پر سندس ڀاءُ جا ڪم نيڪ ھئا. 13منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن دنيا اوھان سان دشمني ٿي ڪري تہ عجب نہ کائو. 14 اسين ڄاڻون ٿا تہ موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيا آھيون، ڇالاءِ⁠جو اسين پنھنجن ڀائرن سان پيار ڪريون ٿا. جيڪو پيار نہ ٿو ڪري سو موت جي حالت ۾ آھي. 15جيڪوبہ پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان دشمني ٿو رکي سو خوني آھي ۽ اوھان کي خبر آھي تہ ڪنھن بہ خونيءَ کي دائمي زندگي حاصل نہ آھي. 16انھيءَ مان اسان کي پيار جي خبر پيئي آھي تہ مسيح اسان جي خاطر پنھنجي جان ڏني ۽ اسان تي بہ واجب آھي تہ پنھنجن ڀائرن لاءِ جان ڏيون. 17پر جنھن وٽ دنيا جو مال اسباب آھي ۽ پنھنجي ڀاءُ کي گھرج ۾ ڏسي بہ مٿس رحم نہ ٿو ڪري، تنھن ۾ ڀلا خدا جو پيار ڪيئن رھي سگھندو؟ 18اي پيارا ٻارؤ! اسان کي رڳو ڳالھين ۽ زبان سان نہ، پر عمل ۽ سچائيءَ جي وسيلي بہ پيار ڪرڻ گھرجي.

خدا جي آڏو ھمت

19انھيءَ مان اسان کي خبر پوندي تہ اسين حق تي آھيون ۽ خدا جي حضور ۾ اسان جي دل کي خاطري ٿيندي. 20خاص ڪري انھن ڳالھين ۾ جن ۾ اسان جي دل اسان کي ملامت ڪري ٿي، ڇالاءِ⁠جو خدا اسان جي دلين کان وڌيڪ ڄاڻي ٿو ۽ کيس سڀني ڳالھين جي خبر آھي. 21اي پيارا عزيزو! جيڪڏھن اسان جون دليون اسان کي ملامت نہ ٿيون ڪن، تہ پوءِ خدا جي آڏو اسين ھمت ڪري سگھون ٿا. 22جو ڪجھہ بہ اسين کانئس گھرون ٿا، سو اسان کي وٽانئس ملي ٿو، ڇالاءِ⁠جو اسين سندس حڪمن تي عمل ڪريون ٿا ۽ اھي ڪم ڪريون ٿا، جيڪي ھن کي پسند آھن. 23 ھن جو حڪم ھيءُ آھي تہ اسين سندس فرزند عيسيٰ مسيح جي نالي تي ايمان آڻيون ۽ ھڪ ٻئي سان ائين پيار ڪريون جيئن ھن اسان کي حڪم ڏنو آھي. 24جيڪي خدا جي حڪمن تي عمل ڪن ٿا، سي منجھس رھن ٿا ۽ ھو انھن ۾ رھي ٿو. اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا اسان ۾ رھي ٿو. اھو اسين انھيءَ ڪري ڄاڻون ٿا تہ ھن اسان کي پاڪ روح ڏنو آھي.

1.يوحنا 4

سچا ۽ ڪوڙا روح

1اي عزيزو! سڀڪنھن روح تي يقين نہ ڪريو، پر روحن کي آزمائي ڏسو تہ اُھي خدا جي طرفان آھن يا نہ، ڇالاءِ⁠جو ڪيترائي اھڙا ماڻھو دنيا ۾ نڪري پيا آھن، جيڪي پاڻ کي نبي سڏائين ٿا. 2خدا جي روح کي اوھين ھن طرح سڃاڻي سگھو ٿا تہ جيڪو روح قبول ڪري ٿو تہ عيسيٰ مسيح انساني صورت ۾ آيو، سو خدا جي طرفان آھي. 3پر جيڪو روح عيسيٰ کي نہ ٿو مڃي، سو خدا جي طرفان نہ آھي ۽ اھو ئي مسيح جي دشمن جو روح آھي، جنھن جي بابت اوھان ٻڌو آھي تہ اچڻ وارو آھي، بلڪ ھاڻي اچي چڪو آھي. 4پيارا ٻارؤ! اوھين خدا جا آھيو ۽ انھن نبي سڏائيندڙن تي فتحياب ٿيا آھيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪو اوھان ۾ آھي سو انھيءَ کان وڌيڪ طاقتور آھي جيڪو دنيا ۾ آھي. 5ھو دنيا جا آھن، تنھنڪري ھو دنيا جون ڳالھيون ڪن ٿا ۽ دنيا انھن جي ٻڌي ٿي. 6اسين خدا جا آھيون. جيڪو خدا کي سڃاڻي ٿو سو اسان جي ٻڌي ٿو. جيڪو خدا جو نہ آھي سو اسان جي نہ ٿو ٻڌي. انھيءَ مان اسان کي حق جي روح ۽ گمراھيءَ جي روح جي خبر پوي ٿي.

خدا پيار آھي

7اي عزيزو! اچو تہ ھڪ ٻئي کي پيار ڪريون. ڇالاءِ⁠جو پيار خدا جي طرفان آھي ۽ جيڪو پيار ڪري ٿو، سو خدا جو ٻار آھي ۽ ھو خدا کي سڃاڻي ٿو. 8جيڪو پيار نہ ٿو ڪري سو خدا کي نہ ٿو سڃاڻي، ڇالاءِ⁠جو خدا پيار آھي. 9خدا پنھنجو پيار اسان سان ھن طرح ظاھر ڪيو جو ھن پنھنجو ھڪڙو ئي فرزند دنيا ۾ موڪليو، تہ جيئن انھيءَ جي وسيلي اسين جيئرا رھون. 10پيار اھو نہ آھي تہ اسان خدا کي پيار ڪيو، پر ھي آھي تہ خدا اسان کي پيار ڪيو ۽ پنھنجي فرزند جي قرباني ڏنائين، جيڪا اسان جا گناھہ کڻي وڃي ٿي. 11اي عزيزو! جڏھن خدا ئي اسان سان اھڙو پيار ڪيو، تہ پوءِ اسان کي بہ گھرجي تہ ھڪ ٻئي سان پيار ڪريون. 12 ڪنھن بہ انسانذات ڪڏھن بہ خدا کي نہ ڏٺو آھي. پر جيڪڏھن اسين ھڪ ٻئي سان پيار ڪريون ٿا تہ خدا اسان ۾ رھي ٿو ۽ سندس پيار اسان ۾ مڪمل ٿئي ٿو. 13اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا اسان ۾ رھي ٿو ۽ اسان خدا ۾ رھون ٿا، ڇالاءِ⁠جو ھن اسان کي پنھنجو پاڪ روح ڏنو آھي. 14اسان ڏٺو آھي ۽ انھيءَ جي شاھدي ٿا ڏيون تہ پيءُ پنھنجي فرزند کي جھان جو ڇوٽڪاري ڏيندڙ ڪري موڪليو آھي. 15جيڪو اقرار ڪري ٿو تہ عيسيٰ خدا جو فرزند آھي، تہ خدا انھيءَ ۾ رھي ٿو ۽ ھو خدا ۾. 16اسان کي خبر آھي ۽ اھو يقين اٿئون تہ خدا جو اسان سان پيار آھي. خدا پيار آھي، جيڪو پيار ۾ رھي ٿو سو خدا ۾ رھي ٿو ۽ خدا بہ انھيءَ ۾ رھي ٿو. 17انھيءَ سبب پيار کي اسان ۾ مڪمل ڪيو ويو آھي تہ جيئن عدالت جي ڏينھن اسان کي تسلي ھجي، ڇالاءِ⁠جو ھن ئي دنيا ۾ اسين مسيح وانگر آھيون. 18پيار ۾ ڪوبہ خوف ڪونھي، پر مڪمل پيار تہ خوف ڪڍي ٿو ڇڏي. ڇالاءِ⁠جو خوف سزا جي ڪري ٿئي ٿو ۽ جيڪو ڊڄي ٿو سو پيار ۾ ڪامل نہ ٿيو آھي. 19اسين پيار انھيءَ لاءِ ٿا ڪريون، جو پھريائين خدا اسان سان پيار ڪيو آھي. 20جيڪڏھن ڪو ماڻھو چوي تہ ”آءٌ خدا سان پيار ٿو ڪريان،“ پر ھو پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري جنھن کي ھن ڏٺو آھي، سو خدا سان پيار ڪين ڪري سگھندو، جنھن کي ھن ڏٺو ئي ڪينھي. 21جڏھن تہ مسيح جو اھو حڪم آھي تہ جيڪو خدا سان پيار ٿو ڪري تنھن کي پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان بہ پيار ڪرڻ گھرجي.

1.يوحنا 5

دنيا تي ايمان جي فتح

1جنھن کي اھو يقين آھي تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي، سو خدا جو ٻار آھي ۽ جيڪو پيءُ سان پيار ٿو ڪري، سو سندس ٻار سان بہ پيار ٿو ڪري. 2جڏھن اسين خدا سان پيار ڪريون ٿا ۽ سندس حڪمن تي عمل ٿا ڪريون، تہ انھيءَ مان معلوم ٿئي ٿو تہ خدا جي ٻارن سان بہ پيار ٿا ڪريون. 3 خدا سان پيار ڪرڻ، معنيٰ اسان جو سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ آھي ۽ ھن جا حڪم ڏکيا نہ آھن. 4ڇالاءِ⁠جو جيڪو خدا جو ٻار آھي، سو دنيا تي فتح حاصل ڪري ٿو. اھا سوڀ جنھن دنيا کي فتح ڪيو آھي سا آھي اسان جو ايمان. 5دنيا کي ڪير فتح ڪري سگھي ٿو، سواءِ انھيءَ جي جيڪو ايمان آڻي ٿو تہ عيسيٰ خدا جو فرزند آھي؟

عيسيٰ مسيح بابت شاھدي

6ھي اھو ئي آھي جيڪو پاڻيءَ ۽ رت جي وسيلي آيو، يعني عيسيٰ مسيح. ھو نہ رڳو پاڻيءَ جي وسيلي، پر پاڻيءَ ۽ رت ٻنھي جي وسيلي آيو آھي. 7اھو شاھدي ڏيڻ وارو پاڪ روح آھي، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح حق آھي. بلڪ شاھدي ڏيڻ وارا تہ ٽي آھن: 8پاڪ روح، پاڻي ۽ رت، جيڪي سڀيئي ھڪڙي ئي ڳالھہ ٿا ڪن. 9اسين ماڻھن جي شاھدي قبول ڪريون ٿا. پر خدا جي شاھدي تہ انھيءَ کان وڌيڪ آھي، ڇالاءِ⁠جو اھا خدا جي شاھدي آھي، جيڪا ھن پنھنجي فرزند جي حق ۾ ڏني آھي. 10جيڪو خدا جي فرزند تي ايمان آڻي ٿو، تنھن جي دل ۾ اھا شاھدي موجود آھي. جيڪو خدا تي ايمان نہ ٿو آڻي سو کيس ڪوڙو ٿو ڪري، ڇالاءِ⁠جو ھن انھيءَ شاھديءَ تي ايمان نہ آندو آھي، جيڪا خدا پنھنجي فرزند جي حق ۾ ڏني آھي. 11 اھا شاھدي ھيءَ آھي تہ خدا اسان کي دائمي زندگي ڏني آھي ۽ اھا زندگي خدا جي فرزند جي وسيلي آھي. 12جنھن وٽ خدا جو فرزند آھي تنھن وٽ زندگي آھي ۽ جنھن وٽ خدا جو فرزند نہ آھي تنھن وٽ زندگي بہ ڪانھي.

دائمي زندگي

13اوھين جيڪي خدا جي فرزند جي نالي تي ايمان آڻيو ٿا، تن ڏانھن مون ھي ڳالھيون انھيءَ لاءِ لکيون آھن تہ جيئن اوھان کي خبر پوي تہ اوھان کي دائمي زندگي مليل آھي. 14اسان کي خدا جي حضور ۾ پورو پورو ڀروسو آھي تہ جيڪڏھن اسين سندس مرضيءَ موجب ڪا شيءِ گھرنداسين تہ ھو اسان جي ٻڌندو. 15جيڪڏھن اسان کي خبر آھي تہ ھو اسان جي ٻڌي ٿو، تہ پوءِ اسين اھو بہ ڄاڻون ٿا تہ جيڪو بہ اسان کانئس گھريو آھي سو اسان کي مليو آھي. 16جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجي ھم⁠ايمان کي اھڙو گناھہ ڪندو ڏسي، جنھن جو نتيجو موت نہ آھي تہ کيس ھن لاءِ خدا کان دعا گھرڻ کپي، جيڪو کيس زندگي بخشيندو. ھي انھن لاءِ آھي جيڪي اھڙا گناھہ نہ ٿا ڪن جن جو نتيجو موت آھي. اھڙو بہ گناھہ آھي، جنھن جو نتيجو موت آھي. آءٌ نہ ٿو چوان تہ کيس انھيءَ گناھہ بابت دعا گھرڻ کپي. 17سڀڪا بڇڙائي گناھہ آھي، پر اھڙو بہ گناھہ آھي جنھن جو نتيجو موت نہ آھي. 18اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جنھن کي پنھنجو ٻار بڻايو آھي، سو گناھہ نہ ڪندو آھي، ڇالاءِ⁠جو خدا جو فرزند سندس حفاظت ڪري ٿو ۽ شيطان کيس ھٿ بہ لائي نہ ٿو سگھي. 19اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين خدا جا ٻار آھيون، جيتوڻيڪ ٻي سڄي دنيا شيطان جي قبضي ۾ آھي. 20اسين اھو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آھي. ھن اسان کي سمجھہ بخشي آھي تہ اسين انھيءَ خدا کي سڃاڻون جيڪو حق آھي ۽ اسين انھيءَ حقيقي خدا جا آھيون، تھڙيءَ ئي طرح سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل پڻ آھيون. اھو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آھي. 21پيارا ٻارؤ! بتن يعني ڪوڙن معبودن کان پاڻ کي بچائجو.

2.يوحنا 1

سلام

1ھن بزرگ جي طرفان تو خدا جي چونڊيل شريف عورت ۽ تنھنجي ٻارن ڏانھن سلام، جن کي آءٌ سچائيءَ سبب پيار ٿو ڪريان. نہ رڳو آءٌ پر اُھي سڀيئي جيڪي سچ کي سڃاڻن ٿا، سي بہ اوھان سان پيار ڪن ٿا، 2ڇاڪاڻ⁠تہ سچ اسان ۾ رھي ٿو ۽ ھميشہ اسان سان گڏ رھندو. 3شل اسان تي سچائيءَ ۽ پيار سان گڏ خدا پيءُ ۽ پيءُ جي فرزند عيسيٰ مسيح طرفان فضل، رحم ۽ سلامتي ھجي.

سچائي ۽ پيار

4آءٌ ڪيڏو نہ خوش ٿيس جڏھن مون ڏٺو تہ تنھنجا ڪي ٻار ائين سچ تي ھلي رھيا آھن، جيئن پيءُ اسان کي حڪم ڏنو آھي. 5 پياري ڀيڻ، عرض تہ آءٌ تو ڏانھن ڪو نئون حڪم نہ، بلڪ اھو پراڻو حڪم لکي رھيو آھيان، جيڪو شروع کان اسان کي مليو ھو تہ اسين ھڪ ٻئي سان پيار ڪريون. 6پيار جو مطلب اھو آھي تہ اسان کي خدا جي حڪمن تي عمل ڪرڻ گھرجي. سو جيڪو حڪم اوھان شروع کان ٻڌو آھي سو ھي آھي تہ اوھين پيار ۾ زندگي گذاريو.

مسيح جا دشمن

7ڇالاءِ⁠جو ڪيئي گمراھہ ڪندڙ دنيا ۾ نڪري پيا آھن، جيڪي عيسيٰ مسيح جي انساني صورت ۾ اچڻ جو انڪار ٿا ڪن. اھڙي قسم جو شخص گمراھہ ڪندڙ ۽ مسيح جو دشمن آھي. 8خبردار، اوھان جيڪي ڪم ڪيا آھن سي متان برباد ڪري ڇڏيو، بلڪ اوھان کي پورو پورو اجر ملي. 9جيڪو مسيح جي تعليم کان اڳتي وڌي وڃي ٿو، تنھن وٽ خدا موجود نہ آھي. پر جيڪو مسيح جي تعليم تي قائم رھي ٿو، تنھن وٽ پيءُ ۽ فرزند ٻئي موجود آھن. 10جيڪڏھن ڪو اوھان وٽ اچي ۽ ھيءَ تعليم نہ ڏئي تہ اھڙي شخص کي گھر ۾ اچڻ نہ ڏيو ۽ نڪي کيس سلام ڪريو. 11جيڪو کيس سلام ڪري ٿو، سو سندس بڇڙن ڪمن ۾ شريڪ ٿئي ٿو.

پڄاڻي

12مون کي ڪيتريون ئي ڳالھيون اوھان کي ٻڌائڻيون آھن، جيڪي مس سان ۽ ڪاغذ تي لکڻ نہ ٿو چاھيان. پر اميد اٿم تہ روبرو اوھان سان ملي ڳالھيون ڪريان تہ جيئن اسان جي خوشي پوري ٿئي. 13خدا جي چونڊيل تنھنجي ڀيڻ جا ٻار تو کي سلام ڏين ٿا.

3.يوحنا 1

سلام

1 مون بزرگ جي طرفان گايس ڏانھن، جنھن کي آءٌ سچائيءَ سبب پيار ٿو ڪريان. 2اي پيارا! منھنجي اھا دعا آھي تہ شل تون ائين خوشحال ۽ تندرست ھجين، جيئن تنھنجو روح آھي. 3جڏھن ڪن ايمان وارن اچي اھا شاھدي ڏني تہ تون سچ جو وفادار آھين ۽ سچائيءَ سان زندگي گذاري رھيو آھين، تڏھن مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. 4منھنجي لاءِ ھن کان وڌيڪ ٻي ڪابہ خوشي ڪانھي، جڏھن آءٌ ٻڌان تہ منھنجا ٻار سچ تي ھلي رھيا آھن.

گايس جي تعريف

5اي پيارا! جيڪي ايمان وارا تو وٽ اچن ٿا، خاص ڪري جيڪي تنھنجا اڳ ڏٺل بہ نہ آھن، تڏھن بہ تون سچائيءَ سان انھن جي خدمت ڪرين ٿو. 6ڪليسيا جي اڳيان انھن تنھنجي پيار جي شاھدي ڏني آھي. اھو چڱو ٿيندو جيڪڏھن تون اھڙيءَ طرح سندن مدد ڪري سفر لاءِ روانو ڪندين جھڙيءَ طرح خدا کي جڳائي. 7ڇالاءِ⁠جو ھو مسيح جي نالي تي نڪتا آھن ۽ جيڪي ايماندار نہ آھن، تن جي مدد قبول نہ ڪئي اٿائون. 8تہ پوءِ اسان کي اھڙن ماڻھن جي مدد ڪرڻ گھرجي، تہ جيئن اسين ھن سچائيءَ جي ڪم ۾ ساڻن شريڪ ٿيون.

دياترفيس ۽ دميتريس

9مون ڪليسيا ڏانھن ڪي ڪجھہ لکيو آھي. پر دياترفيس جيڪو وڏو ٿيڻ گھري ٿو، سو اسان کي قبول نہ ٿو ڪري. 10سو جيڪڏھن آءٌ آيس تہ جيڪي ڪم دياترفيس ڪري ٿو، تن کي اچي ظاھر ڪندس تہ ھو ڪيئن اسان جي خلاف بڪواس ڪري ٿو. ھو ايتري تي بہ راضي نہ ٿو ٿئي، بلڪ پاڻ تہ ايمان وارن کي قبول نہ ٿو ڪري، پر جيڪي قبول ڪرڻ گھرن ٿا تن کي بہ منع ڪري ٿو ۽ کين ڪليسيا مان ڪڍي ڇڏي ٿو. 11پيارا! بڇڙائيءَ جي نہ، بلڪ چڱائيءَ جي پيروي ڪر. جيڪو نيڪي ڪري ٿو، سو خدا جو ٻار آھي ۽ جيڪو بڇڙائي ڪري ٿو تنھن خدا کي ڪڏھن بہ نہ ڄاتو آھي. 12دميتريس جي ھر ڪو نيڪي ڪري ٿو ۽ سندس نيڪي ڪرڻ حق بہ آھي. اسين بہ سندس شاھدي ڏيون ٿا ۽ اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسان جي شاھدي سچي آھي.

آخري سلام

13مون کي ڪيتريون ئي ڳالھيون تو کي ٻڌائڻيون ھيون، پر آءٌ اُھي مس ۽ قلم سان لکڻ نہ ٿو گھران. 14اميد اٿم تہ جلد ئي اچي تو سان ملندس ۽ پوءِ روبرو ڳالھائينداسين. 15شل تو کي اطمينان ھجي. ھتان جا دوست تو کي سلام چون ٿا. تون ايڏانھن وارن دوستن کي نالي وار سلام چئجانءِ.

يهوداہ 1

سلام

1 ھي خط عيسيٰ مسيح جي ٻانھي ۽ يعقوب جي ڀاءُ يھوداہ جي طرفان آھي. ھي انھن ڏانھن لکجي ٿو، جيڪي چونڊيا ويا آھن ۽ ساڻن پيءُ خدا جو پيار آھي ۽ عيسيٰ مسيح جي وسيلي حفاظت ۾ آھن. 2شل اوھان تي رحم، سلامتي ۽ پيار جھجھي انداز ۾ ھجي.

ڪوڙا استاد

3پيارا دوستو! مون کي اوھان ڏانھن انھيءَ ڇوٽڪاري جي باري ۾ لکڻ جو تمام گھڻو چاھہ ھو، جنھن ۾ اسان سڀ شريڪ آھيون. سو مون اھو لکڻ ضروري سمجھيو تہ اوھان کي ھمتايان تہ انھيءَ ايمان لاءِ سخت مقابلو ڪريو، جيڪو خدا ھميشہ لاءِ پنھنجي قوم کي ڏيئي ڇڏيو آھي. 4ڇالاءِ⁠جو ڪي ماڻھو لڪي ڇپي اوھان منجھہ گھڙي آيا آھن. اُھي قديم زماني کان پاڪ ڪلام موجب ھن سزا لاءِ مقرر ڪيا ويا ھئا. ھو بدڪار ماڻھو آھن، جيڪي خدا جي فضل کي ڦيرائي پنھنجي شھوت⁠پرستيءَ جو بھانو بڻائين ٿا. اُھي اسان جي ھڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو انڪار ٿا ڪن. 5 جيتوڻيڪ اوھين اڳي ئي اھو سڀ ڄاڻو ٿا، تنھن ھوندي بہ آءٌ اوھان کي ياد ڏيارڻ ٿو چاھيان تہ ڪيئن خداوند ھڪ قوم کي مصر ملڪ مان بچائي ورتو ۽ پوءِ وري جن ايمان نہ آندو تن کي تباھہ ڪيائين. 6اھڙيءَ طرح جن ملائڪن پنھنجي اختيار واري حيثيت قائم نہ رکي پر پنھنجي خاص رھڻ جي جاءِ ڇڏي ڏني، تن کي خدا ابدي زنجيرن سان قيد ڪري عظيم ڏينھن واري عدالت تائين اونداھيءَ منجھہ رکيو آھي. 7 ساڳئي نموني سدوم ۽ عموراہ ۽ انھن جي آس⁠پاس وارا شھر زناڪاري ۽ بدفعليءَ جي پٺيان پيا. اُھي دائمي باھہ جي سزا پيا ڀوڳين تہ جيئن ٻين لاءِ عبرت جو مثال ٿين. 8بلڪل ساڳئي نموني اھي ماڻھو بہ پنھنجن خوابن خيالن ۾ محو ٿي پنھنجن جسمن کي ناپاڪ ٿا ڪن، اختياريءَ کي حقير ٿا ڄاڻن ۽ عظيم آسماني ھستين جي بي⁠حرمتي ٿا ڪن. 9 مگر وڏي ملائڪ ميڪائيل جڏھن موسيٰ جي لاش بابت شيطان سان جھيڙو ۽ تڪرار پئي ڪيو، تڏھن کيس ايتري ھمت نہ ٿي جو شيطان تي ڦٽڪار ڪري سگھي. پر رڳو ايترو چيائين تہ ”خداوند تو تي ملامت ڪري.“ 10پر ھي ماڻھو انھن ڳالھين تي ڦٽڪار ٿا ڪن، جن کي ھو نہ ٿا ڄاڻن ۽ جن ڳالھين کي ھو بي⁠عقل جانورن وانگر طبعي ٿا سمجھن. اھي ئي کين تباھہ ڪن ٿيون. 11 افسوس آھي انھن تي! ڇالاءِ⁠جو ھو قابيل جي واٽ تي ھليا، نفعي جي خاطر بلعام جھڙي گمراھيءَ ۾ ڪاھي پيا ۽ قوراہ وانگر بغاوت ڪري برباد ٿيا. 12ھي بدڪار ماڻھو اوھان جي محبت ڀرين مجلسن لاءِ نقصانڪار آھن، جيڪي بنا ڪنھن ڊپ⁠ڊاءَ جي رڳو پنھنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ اوھان سان گڏ کائين پيئن ٿا. اِھي بي⁠آب ڪڪر آھن، جن کي ھوائون کنيو اُڏائينديون وتن. اِھي سرءُ جا وڻ آھن جيڪي پوريءَ طرح مئل آھن، يعني بي⁠ڦل ۽ پاڙؤن پٽيل آھن. 13اِھي سمنڊ جون بي⁠قابو ڇوليون آھن، جيڪي پنھنجي بي⁠شرميءَ جي گَج ٿيون اڇلائين. ھو ڀٽڪندڙ تارا آھن، جن لاءِ ھميشہ گھُگھُہ اوندھہ رکي ويئي آھي. 14 انھن ماڻھن جي باري ۾ ئي حنوڪ، جيڪو آدم جي ستين پيڙھيءَ ۾ ھو، اڳڪٿي ڪري چيو تہ ”ياد رکو، خداوند پنھنجي لکين ملائڪن سان اچي ٿو. 15ھو انھيءَ لاءِ ٿو اچي تہ جيئن ھر ھڪ سان انصاف ڪري ۽ انھن سڀني بدڪارن کي سزا ڏئي، جن بدڪاريءَ جو طريقو اختيار ڪري بدڪاريءَ جا ڪم ڪيا. ھو انھن سڀني سخت ڳالھين لاءِ کين ڏوھاري ٺھرائيندو، جيڪي ھنن وڏن گنھگارن سندس برخلاف ڪيون آھن.“ 16اُھي ماڻھو ڪُرڪندڙ، شڪايت ڪندڙ ۽ پنھنجين برين خواھشن تي ھلندڙ آھن. اِھي پنھنجي لاءِ ٻٽاڪون ھڻندڙ ۽ پنھنجي فائدي لاءِ ٻين جي خوشامند ڪندڙ آھن.

تاڪيد ۽ نصيحتون

17پر اي عزيزو! اھي ڳالھيون ياد رکو، جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي رسولن اڳي ئي ٻڌائي ڇڏيون آھن. 18 اُھي اوھان کي چوندا ھئا تہ ”آخري زماني ۾ ڪي ٺٺوليون ڪندڙ ماڻھو ھوندا، جيڪي پنھنجين بدڪاريءَ وارين خواھشن جي پيروي ڪندا.“ 19ھي اُھي ماڻھو آھن جيڪي جدايون ٿا وجھن. ھي نفس⁠پرست آھن جن ۾ پاڪ روح نہ آھي. 20پر اي عزيزو! اوھين پنھنجي نھايت ئي پاڪ ايمان ۾ مضبوط ٿيندا رھو ۽ پاڪ روح جي مدد سان دعا گھرندا رھو. 21پنھنجو پاڻ کي خدا جي پيار ۾ قائم رکو ۽ ھميشہ جي زندگيءَ لاءِ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي رحم جا منتظر رھو. 22جيڪي ماڻھو شڪ شبھو رکن ٿا، تن تي رحم ڪجو. 23ڪن کي ڇڪي باھہ مان ڪڍي بچايو ۽ ٻين تي خوف کائيندي رحم ڪريو. پر جسماني خواھشن وسيلي پليت ٿيل ڪپڙن کان بہ نفرت ڪجو.

واکاڻ

24خدا جيڪو اوھان کي ٿاٻي کائڻ کان بچائي سگھي ٿو ۽ پنھنجي جلال واري حضور ۾ نھايت خوشيءَ سان بي⁠عيب ڪري بيھاري سگھي ٿو، 25انھيءَ واحد خدا، اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ کي، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي جلال ۽ عظمت، قدرت ۽ اختيار سونھي، جيئن ازل کان ھو، ھاڻي آھي ۽ ھميشہ تائين ھوندو. آمين.

مڪاشفو 1

ديباچو

1ھن ڪتاب ۾ انھن ڳالھين جو بيان آھي، جيڪي عيسيٰ مسيح ظاھر ڪيون. اھو مڪاشفو خدا ھن کي انھيءَ لاءِ ڏنو تہ پنھنجي ٻانھن کي اھي ڳالھيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آھن. مسيح پنھنجي ملائڪ جي وسيلي پنھنجي غلام يوحنا تي اھي ڳالھيون ظاھر ڪيون. 2پوءِ يوحنا انھن ڳالھين جي گواھي ڏني جيڪي ھن ڏٺيون، يعني خدا جو ڪلام ۽ عيسيٰ مسيح جي شاھدي. 3سڀاڳو آھي اھو شخص، جيڪو ھن پيشنگوئيءَ جون ڳالھيون پڙھي ٿو ۽ اھي جيڪي ٻڌن ٿا ۽ انھيءَ ۾ لکيل ڳالھين تي عمل ڪن ٿا. ڇالاءِ⁠جو انھن ڳالھين جي پوري ٿيڻ جو وقت ويجھو آھي.

ڪليسيائن ڏانھن سلام

4 ھي پيغام يوحنا جي طرفان ايشيا پرڳڻي جي ستن ڪليسيائن ڏانھن آھي. شال اوھان تي انھيءَ جو فضل ۽ اطمينان ھجي، جيڪو آھي، جيڪو ھو ۽ جيڪو اچڻو آھي. اھي برڪتون اوھان ڏانھن انھن ستن روحن وٽان بہ آھن جيڪي خدا جي تخت جي اڳيان آھن، 5 ۽ عيسيٰ مسيح وٽان بہ آھن جيڪو سچو شاھد، جيڪي مئلن مان جيئرا ٿيا تن ۾ پھريتو ۽ دنيا جي بادشاھن تي حڪم ھلائيندڙ آھي. ھو اسان کي پيار ٿو ڪري ۽ ھن پنھنجو رت وھائي اسان کي گناھن کان ڇوٽڪارو ڏنو آھي. 6 ھن اسان کي ڪاھنن جي ھڪڙي بادشاھت بڻايو تہ جيئن اسين سندس خدا ۽ پيءُ جي خدمت ڪري سگھون. شل انھيءَ جي وڏائي ۽ قدرت ھميشہ تائين قائم رھي. آمين. 7 ڏسو، ھو ڪڪرن تي ٿو اچي، ھر ھڪ اک ھن کي ڏسندي. اھي بہ کيس ڏسندا جن ھن کي چيڀاٽي ماريو، ۽ دنيا جون سڀ قومون ساڻس پنھنجي ڪئي تي ماتم ڪنديون، بيشڪ. آمين. 8 خداوند خدا، جيڪو آھي، جيڪو ھو ۽ جيڪو اچڻو آھي، اھو قادرِمطلق فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اول ۽ آخر آھيان.“

يوحنا کي مسيح جو ديدار

9آءٌ يوحنا اوھان جو ڀاءُ ۽ عيسيٰ جي مصيبت، بادشاھت ۽ صبر ۾ اوھان سان شريڪ آھيان. آءٌ خدا جي ڪلام ٻڌائڻ ۽ عيسيٰ جي شاھدي ڏيڻ ڪري انھيءَ ٻيٽ ۾ قيد ھوس جيڪو پتمس ٿو سڏجي. 10خداوند واري ڏينھن آءٌ رويا جي حالت ۾ اچي ويس ۽ پنھنجي پٺيان ھڪڙو اھڙو وڏو آواز ٻڌم جيڪو توتاري جي آواز وانگر ھو، 11جنھن چيو تہ ”جيڪي تون ڏسين ٿو، سو ڪتاب ۾ لک ۽ اھو ستن ئي ڪليسيائن ڏانھن ڏياري موڪل، يعني اِفسس، سمرنا، پرگمن، ٿواتيرہ، سرديس، فلدلفيا ۽ لوديڪيا ڏانھن.“ 12آءٌ پوئتي مڙيس تہ جيئن اھو ڏسي سگھان جنھن مون سان ٿي ڳالھايو، تڏھن مون ست سونا شمعدان ڏٺا. 13 انھن شمعدانن جي وچ ۾ مون ابن⁠آدم جھڙو ھڪڙو شخص ڏٺو، جو پيرن تائين ھڪ ئي پوشاڪ پھريل ھو ۽ ڇاتيءَ تي ھڪڙو سونو سينابند ٻڌل ھوس. 14 انھيءَ جو مٿو ۽ وار اھڙا اڇا ھئا جھڙو کير، بلڪ نور جھڙا. سندس اکيون مشعل وانگر ٻرن پيون. 15 انھيءَ جا پير صاف پتل جھڙا ھئا جيڪو پتل ڄڻ تہ بٺيءَ مان تپي اُجرو ٿي نڪتل ھجي، سندس آواز زور سان وھندڙ پاڻيءَ جھڙو ھو. 16ھن جي ساڄي ھٿ ۾ ست تارا ھئا ۽ وات مان ھڪڙي ٻہ⁠منھين تلوار ٿي نڪتس ۽ سندس شڪل چمڪندڙ سج جھڙي ھئي. 17 جڏھن مون ھن کي ڏٺو تہ سندس پيرن تي ڪري مُڙدي وانگر پئجي رھيس. ھن پنھنجو ساڄو ھٿ مون تي رکي چيو تہ ”ڊڄ نہ، آءٌ اول ۽ آخر آھيان. 18آءٌ جيئرو آھيان، مري تہ ويو ھوس، پر ڏس آءٌ ھميشہ تائين جيئرو رھندس. موت ۽ عالم ارواح جون ڪنجيون مون وٽ آھن. 19تنھنڪري جيڪي تو ھن وقت ڏٺو ۽ اُھي ڳالھيون جيڪي ھن کان پوءِ جلد ٿيڻيون آھن، سي سڀيئي لک. 20اُھي ست تارا جيڪي تو منھنجي ساڄي ھٿ ۾ ڏٺا تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو راز ھي آھي تہ ست تارا ستن ڪليسيائن جا ملائڪ آھن ۽ ست شمعدان ست ڪليسيائون آھن.“

مڪاشفو 2

اِفسس واري ڪليسيا ڏانھن پيغام

1ھن چيو تہ ”اِفسس واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جنھن کي پنھنجي ساڄي ھٿ ۾ ست تارا آھن ۽ جيڪو ستن سونن شمعدانن جي وچ ۾ ھلي ٿو، سو چوي ٿو تہ 2مون کي اوھان جي ڪمن، اوھان جي محنت ۽ صبر جي خبر آھي ۽ اھو بہ ڄاڻان ٿو تہ اوھين بڇڙائي ڪندڙن کي برداشت ڪري نہ ٿا سگھو. جيڪي پاڻ کي رسول ٿا سڏائين پر آھن ڪين، تن کي اوھان آزمائي ڏٺو تہ اھي ڪوڙا نڪتا. 3منھنجي نالي جي ڪري اوھين سختيون سھندي سھندي بہ ڪين ٿڪيا آھيو، بلڪ بردباريءَ سان ھلندا ٿا رھو. 4پر اوھان جي باري ۾ آءٌ ايترو چوندس تہ اوھان مون سان پھريون پيار ڇڏي ڏنو آھي. 5تنھنڪري ياد ڪريو تہ اوھين ڪٿان ڪريا آھيو ۽ پوءِ توبھہ⁠تائب ٿي اڳي جھڙا ڪم ڪريو. جيڪڏھن اوھان توبھہ نہ ڪئي تہ آءٌ اوھان وٽ ايندس ۽ اوھان جو شمعدان مقرر جاءِ تان ھٽائي ڇڏيندس. 6پر اوھان ۾ اوھان جي فائدي جي ھڪڙي ڳالھہ آھي تہ اوھين نڪولين جي ڪمن کان نفرت ڪريو ٿا، جن کان مون کي بہ نفرت آھي. 7 جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيا کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنھن کي آءٌ زندگيءَ جي انھيءَ وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ ڏيندس جيڪو بھشت ۾ آھي.“

سمرنا واري ڪليسيا ڏانھن پيغام

8 ”سمرنا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جيڪو اول ۽ آخر آھي، جيڪو مري ويو ھو ۽ وري جيئرو ٿيو، سو چوي ٿو تہ 9مون کي اوھان جي مصيبت ۽ غريبيءَ جي خبر آھي، پر اوھين دولتمند آھيو. جيڪي اوھان جي گلا پيا ڪن تن کي بہ آءٌ ڄاڻان ٿو. اُھي پاڻ کي يھودي ٿا سڏائين پر آھن ڪين، اھي شيطان جو ٽولو آھن. 10جيڪي ڏک اوھان کي سھڻا آھن تن کان نہ ڊڄو. ياد رکو، شيطان اوھان مان ڪن کي قيد ۾ وجھندو تہ جيئن اوھان جي آزمائش ٿئي. اوھان ڏھن ڏينھن تائين مصيبت برداشت ڪندا. اوھين مرڻ گھڙيءَ تائين ايمان تي قائم رھو تہ آءٌ اوھان کي زندگيءَ جو تاج ڏيندس. 11 جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنھن کي ٻئي موت جو ايذاءُ نہ رسندو.“

پرگمن واري ڪليسيا ڏانھن پيغام

12”پرگمن واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جنھن وٽ ٻہ⁠منھين تکي تلوار آھي سو چوي ٿو تہ 13مون کي خبر آھي تہ اوھين ڪٿي ٿا رھو، يعني اتي جتي شيطان جو تخت آھي. اوھين منھنجي نالي تي قائم آھيو ۽ اوھان انھن ڏينھن ۾ بہ مون تي ايمان آڻڻ نہ ڇڏيو، جڏھن اوھان منجھان منھنجو وفادار شاھد انتيپاس ان جاءِ تي ماريو ويو جتي شيطان رھي ٿو. 14 پر مون کي اوھان جي باري ۾ ڪجھہ ڳالھيون چوڻيون آھن. ڇالاءِ⁠جو اوھان وٽ ڪي اھڙا ماڻھو آھن جيڪي بلعام جي تعليم تي عمل ڪن ٿا، جنھن بلق کي سيکاريو تہ بني اسرائيل جي رستي تي ٿاٻڙائڻ جھڙي شيءِ رکي تہ جيئن ھو بتن جي قربانيءَ جون شيون کائين ۽ زنا ڪن. 15اھڙيءَ طرح اوھان وٽ ڪي اھڙا ماڻھو بہ آھن، جيڪي نڪولين جي تعليم تي عمل ڪن ٿا. 16تنھنڪري توبھہ⁠تائب ٿيو، نہ تہ آءٌ جلد اوھان وٽ ايندس ۽ پنھنجي وات جي تلوار سان انھن سان وڙھندس. 17 جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنھن کي آءٌ لڪل مَنَ مان ڪجھہ ڏيندس ۽ ھڪڙو تجليدار پٿر بہ ڏيندوسانس. انھيءَ پٿر تي ھڪڙو نئون نالو لکيل ھوندو، جنھن کي ٻيو ڪوبہ نہ ڄاڻيندو سواءِ انھيءَ جي جنھن کي ملندو.“

ٿواتيرہ واري ڪليسيا ڏانھن پيغام

18”ٿواتيرہ واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ خدا جو فرزند جنھن جون اکيون مشعل وانگر ٻرن ٿيون ۽ جنھن جا پير صاف ٿيل پتل جھڙا آھن، 19سو چوي ٿو تہ مون کي اوھان جي ڪمن، اوھان جي پيار ۽ ايمان، خدمت ۽ صبر جي خبر آھي. آءٌ اھو بہ ڄاڻان ٿو تہ اوھان جا پويان ڪم پھرين کان وڌيڪ آھن. 20 پر مون کي اوھان جي باري ۾ ھي چوڻو آھي تہ اھا عورت اِيزبل، جيڪا پاڻ کي نبياڻي ٿي سڏائي، تنھن کي اوھين برداشت ڪريو ٿا، جيتوڻيڪ اھا منھنجي ٻانھن کي زنا ڪرڻ ۽ بتن تي چاڙھيل قربانيءَ جي شين کائڻ جي تعليم ڏيئي گمراھہ ٿي ڪري. 21مون انھيءَ کي مھلت ڏني تہ توبھہ⁠تائب ٿئي، پر ھوءَ پنھنجي زناڪاريءَ کان توبھہ ڪرڻ نہ ٿي چاھي. 22ڏسو، آءٌ ھن کي بستري داخل ٿو ڪريان ۽ جيڪي ساڻس زنا ٿا ڪن سي جيڪڏھن پنھنجن ڪمن کان توبھہ نہ ڪندا تہ کين بہ وڏيءَ مصيبت ۾ وجھندس. 23 آءٌ انھيءَ عورت جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀني ڪليسيائن کي خبر پوندي تہ آءٌ اھو آھيان جيڪو اندر جا خيال ۽ دلين جا راز ڄاڻيان ٿو. آءٌ اوھان مان ھر ھڪ کي سندس ڪمن جو اجر ڏيندس. 24پر اوھان ٿواتيرہ جا باقي ماڻھو، جيڪي انھيءَ تعليم تي عمل نہ ٿا ڪريو ۽ انھن ڳالھين کان اڻ⁠ڄاڻ آھيو جن کي شيطان جون اونھيون ڳالھيون ٿا چون، آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ اوھان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھندس. 25پر جيڪي اوھان کي مليو تنھن کي سوگھو جھليو جيستائين آءٌ اچان. 26 جيڪو غالب پوندو ۽ منھنجي مرضيءَ مطابق توڙ نڀائيندو، تنھن کي آءٌ قومن تي اختيار ڏيندس، 27جيئن مون کي پنھنجي پيءُ کان اختيار مليل آھن. ھو لوھہ جي لٺ سان انھن تي حڪم ھلائيندو ۽ کين ٺڪر جي ٿانوَ وانگر ڀڃي ڀورا ڪندو. 28آءٌ ھن کي صبح جو چمڪندڙ تارو ڏيندس. 29جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي.“

مڪاشفو 3

سرديس واري ڪليسيا ڏانھن پيغام

1”سرديس واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جنھن وٽ خدا جا ست روح ۽ ست تارا آھن، سو ھيئن چوي ٿو تہ آءٌ اوھان جي ڪمن کي ڄاڻان ٿو. ماڻھو اوھان کي جيئرو سمجھندا آھن، پر اوھين تہ مئل آھيو. 2اوھين سجاڳ ٿيو ۽ جيڪي شيون اوھان وٽ باقي آھن تن کي سوگھو جھليو، ڇالاءِ⁠جو اھي ناس ٿيڻ تي آھن. مون اوھان جي ڪنھن بہ ڪم کي پنھنجي خدا جي آڏو پورو ٿيل نہ ڏٺو. 3 تنھنڪري جيڪي اوھان کي مليو آھي ۽ جيڪي ٻڌو اٿوَ، تنھن تي عمل ڪريو ۽ توبھہ⁠تائب ٿيو. جيڪڏھن اوھين سجاڳ نہ ٿيندا تہ آءٌ چور وانگر ايندس ۽ اوھان کي خبر ئي ڪانہ پوندي تہ ڪھڙي وقت اچي اوھان جي مٿان ڪڙڪندس. 4پر سرديس ۾ اوھان وٽ ڪي اھڙا ماڻھو بہ آھن، جن پنھنجا ڪپڙا پليت نہ ڪيا آھن. اُھي پاڪ صاف ڪپڙا پائي مون سان گڏ گھمندا، ڇالاءِ⁠جو اُھي انھيءَ لائق آھن. 5 جيڪو غالب پوندو، تنھن کي اھڙيءَ طرح پاڪ صاف ڪپڙا پھرايا ويندا. آءٌ سندس نالو زندگيءَ جي ڪتاب مان اصل ڪونہ ڪڍندس، بلڪ آءٌ پنھنجي پيءُ ۽ سندس ملائڪن جي اڳيان اقرار ڪندس تہ اھو شخص منھنجو آھي. 6جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي.“

فلدلفيا واري ڪليسيا ڏانھن پيغام

7 ”فلدلفيا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جيڪو پاڪ ۽ سچو آھي، جنھن وٽ دائود جي ڪنجي آھي، جنھن جي کوليل کي ڪو بند نہ ڪندو ۽ جنھن جي بند ڪيل کي ڪوبہ کولي نہ سگھندو، سو ھيئن ٿو چوي تہ 8مون کي اوھان جي ڪمن جي خبر آھي ۽ ڄاڻان ٿو تہ اوھان ۾ ٿوري طاقت آھي. اوھان منھنجي ڪلام تي عمل ڪيو ۽ منھنجي نالي کان انڪار ڪين ڪيو. سو مون اوھان جي اڳيان ھڪڙو دروازو کولي ڇڏيو آھي، جنھن کي ڪوبہ بند ڪري نہ ٿو سگھي. 9 ڏسو، ڪي ڪوڙا پاڻ کي يھودي ٿا سڏائين، پر حقيقت ۾ آھن ڪونہ بلڪ اھي شيطان جو ٽولو آھن. انھن کي آءٌ اوھان جي حوالي ڪندس. ھو اچي اوھان جي پيرن تي ڪرندا، پوءِ کين خبر پوندي تہ آءٌ اوھان سان پيار ڪريان ٿو. 10جيئن تہ اوھان منھنجو حڪم مڃي صبر ڪيو، تنھنڪري آءٌ بہ اوھان کي آزمائش جي گھڙيءَ کان بچائيندس، جيڪا ڌرتيءَ تي رھڻ وارن جي آزمائش لاءِ ساري جھان تي اچڻي آھي. 11آءٌ جلد اچڻو آھيان، جيڪي اوھان وٽ آھي سو سنڀالي رکو تہ ڪوبہ اوھان جو تاج کسي نہ وٺي. 12 جيڪو غالب پوندو، تنھن کي آءٌ ھيڪل جو ھڪ ٿنڀو بڻائيندس. اھو ھيڪل کان ڪڏھن بہ ٻاھر نہ نڪرندو. آءٌ پنھنجي خدا جو نالو ۽ پنھنجي خدا جي شھر، يعني نئين يروشلم جو نالو ۽ خود پنھنجو نالو انھيءَ شخص تي لکندس. اھو شھر منھنجي خدا وٽان آسمان کان ھيٺ لھي ايندو. 13جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي.“

لوديڪيا واري ڪليسيا ڏانھن پيغام

14 ”لوديڪيا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جيڪو امين، وفادار ۽ سچو شاھد آھي ۽ جنھن جي وسيلي خدا سڀ ڪجھہ بڻايو، سو ھيئن ٿو چوي تہ 15مون کي اوھان جي ڪمن جي خبر آھي. اوھين نہ ٿڌا آھيو نڪي گرم، اوھين ٿڌا يا گرم ھجو ھا تہ چڱو ٿئي ھا. 16پر اوھين نہ گرم نڪي ٿڌا، بلڪ نيم گرم آھيو. تنھنڪري آءٌ اوھان کي پنھنجي وات مان ٿوڪاري ڇڏيندس. 17اوھين چئو ٿا تہ اسين دولتمند آھيون ۽ گھڻي دولت گڏ ڪئي اٿئون ۽ ڪنھن بہ شيءِ جي گھرج ڪانہ اٿئون. پر اوھان کي اھا خبر ڪانھي تہ اوھين بد⁠بخت، ڏکيا، ڪنگال، انڌا ۽ اگھاڙا آھيو. 18تنھنڪري آءٌ اوھان کي صلاح ٿو ڏيان تہ باھہ ۾ صاف ٿيل نج سون مون کان خريد ڪريو تہ دولتمند ٿيو ۽ پاڪ صاف پوشاڪ بہ وٺو تہ پنھنجي اوگھڙ ڍڪي سگھو ۽ شرمسار نہ ٿيو. پنھنجي اکين لاءِ سرمو وٺو تہ ڏسي سگھو. 19 آءٌ جن سان پيار ڪندو آھيان تن کي تنبيھہ ۽ سيکت بہ ڏيندو آھيان، تنھنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبھہ⁠تائب ٿيو. 20ڏسو، آءٌ دروازي وٽ بيھي کڙڪايان ٿو، جيڪڏھن ڪو ماڻھو منھنجو آواز ٻڌي دروازو کوليندو تہ آءٌ اندر لنگھي ايندس ۽ انھيءَ سان گڏ ماني کائيندس ۽ اھو مون سان گڏ کائيندو. 21جيڪو غالب پوندو تنھن کي آءٌ پاڻ سان گڏ تخت تي ويھاريندس، جھڙيءَ طرح آءٌ پاڻ غالب پيس ۽ پنھنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس. 22جنھن کي ڪن آھن، سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي.“

مڪاشفو 4

عرش تي عبادت

1انھن ڳالھين کان پوءِ مون نھاريو تہ آسمان ۾ ھڪڙو کليل دروازو ڏٺم، ۽ اھو توتاري جھڙو آواز جيڪو مون اڳ ۾ ٻڌو ھو، سو وري ٻڌڻ ۾ آيو ۽ چيائين تہ ”ھيڏانھن اچ تہ آءٌ تو کي اھي ڳالھيون ڏيکاريان، جيڪي ھن کان پوءِ ٿيڻ واريون آھن.“ 2 ھڪدم آءٌ رويا جي حالت ۾ اچي ويس ۽ ڏٺم تہ آسمان ۾ ھڪڙو تخت رکيل ھو ۽ انھيءَ تخت تي ڪو ويٺو ھو. 3جيڪو انھيءَ تي ويٺو ھو، سو زبرجد ۽ عقيق جھڙو نظر پئي آيو ۽ تخت جي چوڌاري انڊلٺ ھئي جا ڏسڻ ۾ زمرد جھڙي ھئي. 4انھيءَ تخت جي چوڌاري چوويھہ تخت ٻيا بہ ھئا ۽ انھن تختن تي مون چوويھہ بزرگ ويٺل ڏٺا، جن کي نوراني پوشاڪ پھريل ھئي ۽ انھن جي مٿن تي سونا تاج ھئا. 5 انھيءَ تخت مان کوڻيون، آواز ۽ گجگوڙون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باھہ جا مشعل پئي ٻريا، جيڪي خدا جا ست روح آھن. 6 تخت جي اڳيان بلور جھڙو ڄڻ تہ ھڪڙو شيشي جو سمنڊ ھو. تخت جي چوڌاري چئني پاسن تي چار ساھوارا ھئا، جن کي اڳيان توڙي پٺيان اکيون ئي اکيون ھيون. 7پھريون ساھوارو شينھن جھڙو ھو، ٻيو گابي جھڙو، ٽئين جو منھن ماڻھوءَ جھڙو ھو ۽ چوٿون ساھوارو اڏامندڙ عقاب جھڙو ھو. 8 انھن چئني ساھوارن مان ھر ھڪ کي ڇھہ پر ھئا ۽ چوڌاري ٻاھر توڙي اندر اکين سان ڀريا پيا ھئا. اھي رات ڏينھن سدائين پيا ڳائين تہ ”قدوس، قدوس، قدوس، خداوند خدا قادرِمطلق، جيڪو آھي، جيڪو ھو ۽ جيڪو اچڻ وارو آھي.“ 9جڏھن اھي ساھوارا انھيءَ جي تعظيم، عزت ۽ شڪرگذاريءَ جا گيت ڳائين ٿا جيڪو تخت تي ويٺو آھي ۽ ھميشہ زندہ رھندو، 10تڏھن اھي چوويھہ بزرگ منھن ڀر ڪري انھيءَ کي سجدو ٿا ڪن، جيڪو تخت تي ويٺو آھي ۽ ھميشہ زندہ رھندو. اُھي سجدو ڪري پنھنجا تاج ان تخت جي اڳيان رکن ٿا ۽ ڳائي چون ٿا تہ 11”اي اسان جا خداوند ۽ خدا! تون تعظيم، عزت ۽ قدرت جي لائق آھين، ڇالاءِ⁠جو تو ئي سڀ شيون پيدا ڪيون ۽ تنھنجيءَ ئي مرضيءَ سان پيدا ٿيون ۽ وجود ۾ آيون.“

مڪاشفو 5

ڪتاب ۽ گھيٽو

1 پوءِ مون تخت تي ويٺل جي ساڄي ھٿ ۾ ھڪڙو ڪتاب ڏٺو، جيڪو اندران ۽ ٻاھران لکيل ھو. اھو ستن مُھرن سان بند ٿيل ھو. 2مون ھڪڙي زورآوار ملائڪ کي ڏٺو، جنھن وڏي واڪي سان ھي اعلان ڪندي چيو تہ ”ڪير آھي جيڪو ھن ڪتاب جي کولڻ ۽ انھيءَ جي مُھرن ٽوڙڻ جي لائق ھجي؟“ 3پر ڪوبہ شخص آسمان ۾، يا زمين تي، يا زمين جي ھيٺان انھيءَ ڪتاب کي کولي يا ان ۾ نھاري نہ ٿي سگھيو. 4آءٌ زاروزار روئڻ لڳس جو ڪوبہ انھيءَ ڪتاب کي کولڻ يا اُن ۾ نھارڻ جي لائق نہ نڪتو. 5 تڏھن بزرگن مان ھڪڙي مون کي چيو تہ ”روءُ نہ، ڏس، ھو يھوداہ قبيلي جو شينھن جيڪو دائود جي نسل مان آھي ۽ غالب پيو آھي، سو ئي انھيءَ ڪتاب کي کولي ۽ ستن ئي مُھرن کي ٽوڙي ٿو سگھي.“ 6 مون انھيءَ تخت ۽ چئن ساھوارن ۽ انھن بزرگن جي وچ ۾ ھڪڙو گھيٽو بيٺل ڏٺو، جنھن کي ڄڻ تہ ڪُٺو ويو ھو. انھيءَ کي ست سڱ ۽ ست اکيون ھيون. اُھي خدا جا ست روح آھن جيڪي ساري جھان ۾ موڪليا ويا آھن. 7گھيٽو آيو ۽ جيڪو تخت تي ويٺو ھو، تنھن جي ساڄي ھٿ مان ڪتاب ورتائين. 8 جڏھن ھن ڪتاب ورتو تہ اُھي چارئي ساھوارا ۽ چوويھہ بزرگ انھيءَ گھيٽي جي پيرن تي ڪري پيا. انھن مان ھر ھڪ وٽ ھڪڙو تنبورو ھو ۽ لوبان سان ڀريل سونا پيالا ھئا. اُھي خدا جي قوم جون دعائون آھن. 9 پوءِ اُھي ھڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اھو ڪتاب وٺڻ ۽ ان جي مُھرن ٽوڙڻ جي لائق آھين. ڇالاءِ⁠جو تون ڪُٺو ويو ھئين، ۽ سڀ ڪنھن قبيلي، ٻوليءَ، امت ۽ قوم منجھان، ماڻھن کي تو پنھنجي رت سان خدا جي لاءِ خريد ڪيو آھي. 10 تو انھن کي ھڪ اھڙي بادشاھت بڻايو، جنھن جو ھر فرد ڪاھن آھي، تہ جيئن ھو اسان جي خدا جي خدمت ڪري، اُھي زمين تي بادشاھي ڪندا.“ 11 ڏسندي ڏسندي مون تخت، ساھوارن ۽ بزرگن جي چوڌاري تمام گھڻن ملائڪن جا آواز ٻڌا، انھن جو تعداد لکن ۽ ڪروڙن ۾ ھو. 12اُھي وڏي آواز سان ڳائي رھيا ھئا تہ ”گھيٽو جو ڪٺو ويو آھي، سو ئي قدرت، دولت، حڪمت، طاقت، عزت، جلال ۽ تعريف جي لائق آھي.“ 13پوءِ مون آسمان، زمين، زمين جي ھيٺان ۽ سمنڊ جي سڀني خلقيل شين کي ھي چوندي ٻڌو تہ ”جيڪو تخت تي ويٺو آھي، تنھن جي ۽ گھيٽي جي تعريف، عزت، جلال ۽ حڪومت، شل ھميشہ تائين قائم رھي.“ 14انھن چئني ساھوارن چيو ”آمين.“ پوءِ اُھي بزرگ منھن ڀر ڪري سجدو ڪرڻ لڳا.

مڪاشفو 6

گھيٽي جو مُھرن کي ٽوڙڻ

1پوءِ مون ڏٺو تہ جڏھن گھيٽي انھن ستن مُھرن مان ھڪ کي ٽوڙيو، تڏھن انھن چئن ساھوارن مان ھڪڙي کي گجگوڙ جھڙي آواز سان چوندي ٻڌم تہ ”اچ.“ 2 مون ڏٺو تہ ھڪڙو اڇو گھوڙو نظر آيو ۽ ان جي سوار وٽ تيرڪمان ھئا. کيس ھڪڙو تاج ڏنو ويو ۽ ھو فاتح جي انداز ۾ نڪتو تہ جيئن وڌيڪ فتح ڪري. 3جڏھن گھيٽي ٻي مُھر ٽوڙي تہ مون ٻئي ساھواري کي چوندي ٻڌو تہ ”اچ.“ 4 ايتري ۾ ٻيو گھوڙو نڪتو جيڪو ڳاڙھو ھو. ان جي سوار کي ھي اختيار ڏنو ويو تہ ھو زمين تي صلح کي رھڻ نہ ڏئي، تہ جيئن ماڻھو ھڪٻئي کي ماري ڇڏين. انھيءَ مقصد لاءِ ھن کي ھڪ وڏي تلوار ڏني ويئي. 5 جڏھن گھيٽي ٽئين مُھر ٽوڙي تہ مون ٽئين ساھواري کي چوندي ٻڌو تہ ”اچ“ ۽ مون ڏٺو تہ ھڪڙو ڪارو گھوڙو نظر آيو. ان جي سوار جي ھٿ ۾ تارازي ھئي. 6مون ڄڻ تہ چئني ساھوارن جي وچ مان ھي آواز ٻڌو تہ ”ھڪ ڏينھن جي مزوريءَ جي عيوض ھڪ ڪلوگرام ڪڻڪ يا ٽي ڪلوگرام جوَ ملندا. پر زيتون جي تيل ۽ مئي کي زيان نہ ڪر.“ 7جڏھن گھيٽي چوٿين مُھر ٽوڙي تہ مون چوٿين ساھواري کي ھي چوندي ٻڌو تہ ”اچ،“ 8 ۽ مون کي پيلي رنگ جو گھوڙو نظر آيو. اُن جي سوار جو نالو موت آھي ۽ عالم ارواح سندس پٺيان پئي آيو. موت ۽ عالم ارواح کي زمين جي چوٿين حصي تي اھو اختيار ڏنو ويو تہ جنگ، ڏڪار، بيماريءَ ۽ زمين جي جھنگلي جانورن سان ماڻھن کي ماري ڇڏين. 9جڏھن گھيٽي پنجين مُھر ٽوڙي تڏھن مون قربان⁠گاھہ جي ھيٺان انھن جا روح ڏٺا، جيڪي خدا جي ڪلام ۽ ان جي شاھديءَ تي قائم رھڻ سبب قتل ڪيا ويا ھئا. 10انھن وڏي آواز سان رڙيون ڪري چيو تہ ”اي پاڪ ۽ سچا خداوند! تون ڪيستائين عدالت نہ ڪندين ۽ زمين تي رھڻ وارن کان اسان جي خون جو بدلو نہ وٺندين؟“ 11انھن مان ھر ھڪ کي پاڪ صاف پھراڻ ڏنو ويو ۽ کين چيو ويو تہ ”اوھين اڃا ٿوري وقت تائين آرام ڪريو، جيستائين اوھان سان گڏ خدمت ڪندڙ ۽ اوھان جي ڀائرن ۽ ڀينرن جو تعداد پورو نہ ٿئي، جيڪي اوھان وانگر قتل ڪيا ويندا.“ 12 جڏھن گھيٽي ڇھين مُھر ٽوڙي تڏھن مون ڏٺو تہ ھڪڙو وڏو زلزلو آيو. سج ڏاس جي کٿي جھڙو ڪارو ٿي پيو ۽ سڄو چنڊ رت جھڙو ٿي پيو. 13 آسمان جا تارا زمين تي ڪري پيا، جيئن زوردار طوفان جي ڪري انجير جي وڻ جو ڪچو ڦل ڪري پوندو آھي. 14 آسمان ائين گم ٿي ويو، جيئن لکيل ڪاغذ جو ورق اٿلائبو آھي ۽ سڀيئي جبل ۽ ٻيٽ پنھنجي جاين تان ھٽي ويا. 15 دنيا جا بادشاھہ، حاڪم، وڏا سردار، دولتمند ۽ پھلوان، سڀيئي ٻانھا ۽ آزاد ماڻھو غارن ۽ جبلن جي ڇپن ۾ وڃي لڪا. 16 اھي جبلن ۽ ڇپن کي چوڻ لڳا تہ ”اسان تي ڪري پئو ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آھي، تنھن جي نظر کان ۽ گھيٽي جي غضب کان اسان کي لڪايو. 17 ڇاڪاڻ⁠تہ انھن جي ڪاوڙ جو زبردست ڏينھن اچي پھتو آھي، ڪير ٿو بيھي سگھي؟“

مڪاشفو 7

بني اسرائيل تي مُھر

1 انھيءَ کان پوءِ مون زمين جي چئني ڪنڊن وٽ چار ملائڪ بيٺل ڏٺا، جيڪي زمين جي چئني ھوائن کي روڪيو بيٺا ھئا تہ جيئن زمين، سمنڊ يا ڪنھن بہ وڻ کي ھوا نہ لڳي. 2پوءِ مون ھڪ ٻئي ملائڪ کي زندہ خدا جي مُھر کنيو اڀرندي کان مٿي ايندي ڏٺو ۽ جن چئن ملائڪن کي اھو اختيار ڏنو ويو ھو تہ اھي زمين ۽ سمنڊ کي نقصان رسائين، تن کي انھيءَ ملائڪ وڏي آواز سان چيو تہ 3 ”جيستائين اسين پنھنجي خدا جي ٻانھن جي پيشانين تي مُھر نہ ھڻون، تيستائين اوھين نہ زمين، نہ سمنڊ ۽ نڪي وڻن کي نقصان رسايو.“ 4مون ٻڌو تہ جن کي مُھر ھنئي ويئي، تن جو تعداد ھڪ لک چوئيتاليھہ ھزار ھو. اھي بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن مان ھئا، يعني: 5يھوداہ جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي مُھر لڳي، روبن جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي، گد جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي، 6آشر جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي، نفتاليءَ جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي، منسيءَ جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي، 7شمعون جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي، لاويءَ جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي، اِسڪار جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي، 8زبولون جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي، يوسف جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي، ۽ بنيامين جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي مُھر لڳي.

ھڪ وڏو ميڙ

9انھن ڳالھين کان پوءِ مون کي ھڪ وڏو ميڙ نظر آيو، جيڪو ھر قوم، قبيلي، امت ۽ ھر ٻوليءَ مان ھو ۽ جنھن کي ڪوبہ شمار ڪري نہ ٿي سگھيو. اُھي پاڪ صاف پھراڻ پايو، کجيءَ جون ٽاريون ھٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽي جي اڳيان بيٺا ھئا. 10اُھي وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ ”ڇوٽڪارو اسان جي خداوند جي طرفان آھي، جيڪو تخت تي ويٺو آھي، ۽ گھيٽي جي طرفان بہ.“ 11سڀيئي ملائڪ ان تخت، انھن بزرگن ۽ چئني ساھوارن جي چوڌاري بيھي رھيا ۽ تخت جي اڳيان منھن ڀر ڪري خدا کي سجدو ڪري 12چوڻ لڳا تہ ”آمين، اسان جي خدا جي تعريف، جلال، حڪمت، شڪرگذاري، عزت، قدرت ۽ طاقت، ھميشہ ھميشہ تائين ھجي. آمين.“ 13انھن بزرگن مان ھڪڙي مون کان پڇيو تہ ”جيڪي پاڪ صاف پھراڻ پايو بيٺا آھن، اُھي ڪير آھن ۽ ڪٿان آيا آھن؟“ 14 مون جواب ڏنو تہ ”اي منھنجا سائين! توھان ئي ڄاڻو ٿا.“ ھن مون کي چيو تہ ”ھي اُھي آھن جيڪي وڏيءَ مصيبت مان نڪري آيا آھن. انھن پنھنجا پھراڻ ڌوتا ۽ گھيٽي جي رت ۾ پاڪ صاف ڪيا آھن. 15انھيءَ ڪري ھي خدا جي تخت جي اڳيان آھن ۽ رات ڏينھن سندس ھيڪل ۾ عبادت پيا ڪن ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آھي، سو ھنن جي مٿان تنبوءَ وانگر ڇانوَ ڪندو. 16 انھن کي وري ڪڏھن بہ بک يا اڃ نہ لڳندي ۽ نہ وري کين اُس يا گرمي ستائيندي. 17 ڇالاءِ⁠جو گھيٽو جيڪو تخت جي وچ ۾ آھي، سو ھنن جو ڌنار ٿيندو ۽ کين آبِ⁠حيات جي چشمن وٽ وٺي ويندو ۽ خدا سندن اکين مان ڳوڙھا اُگھي ڇڏيندو.“

مڪاشفو 8

ستين مُھر ٽوڙڻ

1جڏھن گھيٽي ستين مُھر ٽوڙي تہ اٽڪل اڌ ڪلاڪ تائين آسمان ۾ ماٺ ٿي ويئي. 2پوءِ مون اُھي ست ملائڪ ڏٺا، جيڪي خدا جي آڏو بيٺا ھوندا آھن. انھن کي ست توتارا ڏنا ويا. 3 ھڪڙو ٻيو ملائڪ آيو، جنھن جي ھٿ ۾ سونو خوشبودان ھو. اھو قربان⁠گاھہ وٽ اچي بيٺو ۽ کيس گھڻو لوبان ڏنو ويو، تہ جيئن خدا جي سڄي قوم جي دعائن سان گڏ انھيءَ سوني قربان⁠گاھہ تي چاڙھي جيڪا تخت جي اڳيان ھئي. 4اھو لوبان جو دونھون خدا جي قوم جي دعائن سان گڏ انھيءَ ملائڪ جي ھٿان مٿي ويو، جيڪو خدا جي آڏو بيٺو آھي. 5 پوءِ ملائڪ اھو خوشبودان کڻي، انھيءَ کي قربان⁠گاھہ جي باھہ سان ڀري زمين تي اڇلائي ڇڏيو، جنھن تي گجگوڙون، آواز ۽ کنوڻيون ٿيڻ لڳيون ۽ زلزلو آيو.

توتارا

6تنھن کان پوءِ جن ستن ملائڪن وٽ ست توتارا ھئا، تن اُھي وڄائڻ جي تياري ڪئي. 7 پھرين ملائڪ توتارو وڄايو تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باھہ پيدا ٿي ۽ زمين تي اڇلائي ويئي تہ زمين جو ٽيون حصو ۽ وڻن جو ٽيون حصو ۽ سڀ سائو گاھہ سڙي ويو. 8ٻئي ملائڪ توتارو وڄايو تہ ڄڻ باھہ سان ٻرندڙ ھڪڙو وڏو جبل سمنڊ ۾ اڇلايو ويو ۽ سمنڊ جو ٽيون حصو رت ٿي پيو. 9سمنڊ جي مخلوق جو ٽيون حصو مري ويو ۽ جھازن جو بہ ٽيون حصو تباھہ ٿي ويو. 10 جڏھن ٽئين ملائڪ توتارو وڄايو تہ ھڪڙو مشعل وانگر ٻرندڙ وڏو تارو آسمان مان دريائن جي ٽئين حصي ۽ پاڻيءَ جي چشمن مٿان ڪري پيو. 11 انھيءَ تاري جو نالو ”گوماندر“ آھي، جنھن سان پاڻيءَ جو ٽيون حصو ڪڙو ٿي پيو ۽ پاڻي ڪڙي ٿيڻ ڪري ڪيترائي ماڻھو مري ويا. 12 چوٿين ملائڪ توتارو وڄايو تہ سج، چنڊ ۽ تارن جي ٽئين حصي کي نقصان پھتو، جنھن ڪري انھن جو ٽيون حصو اونداھو ٿي پيو ۽ ڏينھن ۽ رات جو بہ ٽيون حصو اونداھو ٿي پيو. 13پوءِ مون آسمان جي وچ ۾ ھڪڙي عقاب کي اڏامندي ڏٺو ۽ کيس وڏي آواز سان چوندي ٻڌم تہ ”ٽن ملائڪن جا توتارا وڄائڻ اڃا باقي آھن ۽ جڏھن اُھي وڄايا ويندا تہ زمين تي رھڻ وارن تي ڪيڏو نہ افسوس ٿيندو، ھا افسوس صد افسوس.“

مڪاشفو 9

1جڏھن پنجين ملائڪ توتارو وڄايو تہ مون آسمان مان زمين تي ھڪ تارو ڪريل ڏٺو. اُن تاري کي اوڙاھہ واري کڏ جي ڪنجي ڏني ويئي. 2 ھُن اوڙاھہ واري کڏ کولي تہ اُن مان وڏي کُوري وانگر دونھون نڪرڻ لڳو. انھيءَ کڏ جي دونھين جي ڪري سج ۽ ھوا اونداھا ٿي پيا. 3 اُن دونھين مان زمين تي مڪڙ نڪري آيا ۽ کين ايتري طاقت ڏني ويئي، جيتري زمين جي وِڇُن کي آھي. 4 انھن مڪڙن کي چيو ويو تہ ”زمين جي گاھہ يا ڪنھن سائي شيءِ يا ڪنھن وڻ کي نقصان نہ رسائجو ۽ رڳو انھن ماڻھن کي نقصان رسائجو، جن جي پيشانين تي خدا جي مُھر لڳل نہ ھجي.“ 5مڪڙن کي اھو اختيار نہ ڏنو ويو تہ انھن کي صفا ماري ڇڏين، پر کين پنجن مھينن تائين عذاب ڏيندا رھن. ھنن جو عذاب اھڙو ھو جھڙو وِڇُونءَ جو ماڻھن کي ڏنگڻ. 6 انھن ڏينھن ۾ ماڻھو موت کي ڳوليندا پر لھي نہ سگھندا، ھو مرڻ چاھيندا پر موت کانئن پيو ڀڄندو. 7 اھي مڪڙ ائين نظر اچي رھيا ھئا، جھڙا جنگ لاءِ تيار ڪيل گھوڙا. انھن جي مٿن تي ڄڻ تہ سون جھڙا تاج ھئا ۽ سندن منھن انسانن جھڙا ھئا. 8 انھن جا وار عورتن جھڙا ھئا ۽ سندن ڏند شينھن جي ڏندن جھڙا ھئا. 9 انھن وٽ لوھہ جھڙيون زرھون ھيون ۽ سندن پرن جي آواز مان ائين پئي معلوم ٿيو ڄڻ تہ ڪيتريون ئي جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ گھوڙا جنگ ۾ ڪاھي پيا ھجن. 10انھن جا پڇ ۽ ڏنگ وِڇن جھڙا ھئا ۽ انھن جي پڇن ۾ ماڻھن کي پنجن مھينن تائين ايذاءُ رسائڻ جي طاقت ھئي. 11اوڙاھہ وارو ملائڪ انھن جو بادشاھہ ھو. انھيءَ جو نالو عبراني ٻوليءَ ۾ ابدون ۽ يوناني ٻوليءَ ۾ اپليون آھي، جن جي معنيٰ آھي ”ناس ڪندڙ.“ 12پھرين مصيبت گذري ويئي، پر ٻہ ٻيون مصيبتون اڃا باقي آھن، جيڪي ھن کان پوءِ اينديون. 13 جڏھن ڇھين ملائڪ توتارو وڄايو تہ مون ھڪڙو آواز ٻڌو. اھو آواز انھيءَ سوني قربان⁠گاھہ جي سڱن وارين چئني ڪنڊن کان اچي رھيو ھو، جيڪا خدا جي آڏو رکيل ھئي. 14اُن آواز انھيءَ توتاري واري ڇھين ملائڪ کي چيو تہ ”جيڪي چار ملائڪ وڏي درياءَ فرات وٽ ٻڌل آھن، تن کي ڇوڙي ڇڏ.“ 15پوءِ انھن چئني ملائڪن کي ڇوڙيو ويو تہ جيئن انسانن جي ٽئين حصي کي ماري ڇڏين. اُھي ملائڪ ان خاص مھل، ڏينھن، مھيني ۽ سال جي لاءِ تيار ڪيا ويا ھئا. 16مون ٻڌو تہ گھوڙي سوارن جو تعداد ويھہ ڪروڙ ھو. 17مون رويا ۾ گھوڙا ۽ سندن سوار ڏٺا، جن جي زرھن جو رنگ ڄڻ تہ باھہ وانگر ڳاڙھو، نيرو ۽ گندرف جھڙو پيلو ھو. انھن گھوڙن جا منھن شينھن جي منھن جھڙا ھئا ۽ سندن وات مان باھہ، دونھون ۽ گندرف پئي نڪتو. 18اُھي ٽيئي آفتون يعني باھہ، دونھون ۽ گندرف جيڪي گھوڙن جي منھن مان پئي نڪتيون، تن انسانن جو ٽيون حصو ماري ڇڏيو. 19انھن گھوڙن جو زور سندن واتن ۽ پڇن ۾ ھو، ڇالاءِ⁠جو انھن جا پڇ نانگن جھڙا ھئا ۽ انھن پڇن ۾ سسيون بہ ھيون جن سان ھنن ايذاءُ ٿي رسايو. 20 جيڪي ماڻھو باقي بچيا جن کي انھن آفتن نہ ماريو، تن نہ توبھہ ڪئي ۽ نڪي ھنن پنھنجن بڻايل بتن کي ڇڏيو. اُھي بدروحن ۽ سون، چانديءَ، پتل، پٿر ۽ ڪاٺ جي ٺھيل بتن جي پوڄا ڪرڻ کان نہ مڙيا، جيتوڻيڪ اھڙيون شيون نہ ڏسي سگھن ٿيون، نہ ٻڌي سگھن ٿيون ۽ نڪي گھمي ڦري سگھن ٿيون. 21انھيءَ کان سواءِ ھنن قتل، جادوگريءَ، حرامڪاريءَ ۽ چوريءَ جي ڪمن کان بہ توبھہ نہ ڪئي.

مڪاشفو 10

ملائڪ ۽ ننڍڙو ڪتاب

1پوءِ مون ھڪڙي زورآوار ملائڪ کي آسمان مان لھندي ڏٺو، جيڪو ڪڪر سان ڍڪيل ھو ۽ سندس مٿي تي انڊلٺ ھئي. ھن جو منھن سج جھڙو ھو ۽ سندس ٽنگون باھہ جي ٿنڀن جھڙيون ھيون. 2ھن جي ھٿ ۾ ھڪڙو ننڍڙو کليل ڪتاب ھو. ھن پنھنجو ساڄو پير سمنڊ تي ۽ کاٻو پير زمين تي رکيو. 3پوءِ ھن وڏي آواز سان اھڙي رڙ ڪئي جھڙي شينھن جي گجگوڙ ۽ جڏھن ھن رڙ ڪئي تہ گجگوڙن جا ست آواز ٿيا. 4جڏھن گجگوڙن جا ست آواز ٻڌڻ ۾ آيا تہ مون لکڻ جو ارادو ڪيو. پر آسمان مان ھڪڙو آواز ٻڌم جنھن چيو تہ ”جيڪي ڳالھيون انھن ستن گجگوڙن ڪيون، تن کي راز ۾ رک ۽ لک نہ.“ 5 ان کان پوءِ جنھن ملائڪ کي مون سمنڊ ۽ زمين تي بيٺو ڏٺو، تنھن پنھنجو ساڄو ھٿ آسمان ڏانھن کنيو، 6۽ سدائين زندہ خدا جنھن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ جيڪي منجھن آھي تن کي پيدا ڪيو آھي، انھيءَ جو قسم کڻي چيائين تہ ”ھاڻي وڌيڪ دير نہ ٿيندي. 7پر انھيءَ وقت جڏھن ستون ملائڪ توتارو وڄائڻ وارو ھوندو تڏھن خدا جو راز پورو ٿيندو، جيڪو ھن پنھنجي ٻانھن يعني نبين تي ظاھر ڪيو ھو.“ 8 پوءِ جيڪو آواز مون آسمان مان ٻڌو ھو، تنھن وري مون کي چيو تہ ”وڃ ۽ جيڪو ملائڪ سمنڊ ۽ زمين تي بيٺو آھي، تنھن جي ھٿ مان اھو کليل ڪتاب وڃي وٺ.“ 9آءٌ انھيءَ ملائڪ وٽ ويس ۽ کيس چيم تہ ”اھو ننڍڙو ڪتاب مون کي ڏي.“ ھن مون کي چيو تہ ”وٺ ۽ کاءُ، اھو تنھنجو پيٽ ڪڙو ڪندو، پر تنھنجو وات اھڙو مٺو ٿيندو جھڙي ماکي.“ 10مون اھو ننڍڙو ڪتاب ملائڪ کان ورتو ۽ کاڌم. اھو منھنجي وات ۾ ماکيءَ جھڙو مٺو لڳو. پر جڏھن کائي بس ڪيم تہ منھنجو پيٽ ڪڙو ٿي پيو. 11پوءِ مون کي چيو ويو تہ ”تو کي ھڪ دفعو وري اُمتن، قومن، ٻولين ۽ بادشاھن جي باري ۾ پيشنگوئي ڪرڻي پوندي.“

مڪاشفو 11

ٻہ شاھد

1 مون کي ماپ ڪرڻ لاءِ ھڪڙو ڪانو ڏنو ويو ۽ چيو ويو تہ ”اُٿ ۽ وڃي خدا جي ھيڪل ۽ قربان⁠گاھہ جي ماپ ڪر ۽ جيڪي اُن ۾ عبادت ڪن ٿا تن کي ڳڻ. 2 پر ھيڪل جي اڱڻ کي ڇڏي ڏي ۽ ان جي ماپ نہ ڪر، ڇاڪاڻ⁠تہ اھو غير قومن کي ڏنو ويو آھي ۽ اھي پاڪ شھر کي ٻائيتاليھن مھينن تائين لتاڙيندا. 3آءٌ پنھنجي ٻن شاھدن کي اختيار ڏيندس ۽ اھي کٿو ڍڪي ھڪ ھزار ٻہ ⁠سؤ سٺ ڏينھن تائين پيشنگوئي ڪندا.“ 4 اُھي ٻہ شاھد ٻہ زيتون جا وڻ ۽ ٻہ شمعدان آھن، جيڪي ڌرتيءَ جي مالڪ جي حضور ۾ بيٺا آھن. 5جيڪڏھن ڪو انھن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ انھن جي وات مان باھہ ٿي نڪري، جيڪا سندن دشمنن کي ساڙي ٿي ڇڏي. سو جيڪڏھن ڪو ماڻھو انھن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ اھو بہ اھڙيءَ طرح مارجي ويندو. 6 انھن شاھدن کي اختيار آھي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين ۽ جيستائين ھو پيشنگوئي ڪندا رھن، تيستائين مينھن نہ وسي. انھن کي پاڻيءَ تي اختيار آھي تہ ان کي بدلائي رت بڻائي ڇڏين ۽ جيترا دفعا چاھين زمين تي ھر طرح جون آفتون آڻين. 7 جڏھن اُھي پنھنجي شاھدي پوري ڪندا، تڏھن ھڪڙو حيوان اوڙاھہ مان نڪرندو، جيڪو ساڻن وڙھندو ۽ مٿن غالب پئي کين ماري وجھندو. 8 سندن لاش انھيءَ وڏي شھر جي رستي تي پيا ھوندا، جتي انھن جي خداوند کي صليب تي چاڙھيو ويو ھو. انھيءَ شھر کي مثالي طرح سدوم ۽ مصر ٿا سڏين. 9انھن جي لاشن کي سڀني اُمتن، قبيلن، ٻولين ۽ قومن جا ماڻھو ساڍن ٽن ڏينھن تائين ڏسندا رھندا ۽ قبر ۾ دفن ٿيڻ نہ ڏيندا. 10زمين تي رھڻ وارا انھن جي موت تي خوشيون ۽ تماشا ڪندا ۽ ھڪ ٻئي ڏانھن سوکڙيون موڪليندا، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن ٻنھي نبين ماڻھن کي ڏاڍو پريشان ڪيو ھو. 11 ساڍن ٽن ڏينھن کان پوءِ خدا انھن ۾ وري حياتيءَ جو روح ڦوڪيو ۽ اُھي اٿي کڙا ٿيا ۽ کين ڏسڻ وارن کي ڏاڍو خوف ٿيو. 12 انھن نبين آسمان مان ھڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنھن کين چيو تہ ”ھيڏانھن اچو.“ ھو ڪڪر تي سوار ٿي آسمان ڏانھن ويا ۽ دشمن کين ڏسندا رھيا. 13 انھيءَ مھل ھڪڙو وڏو زلزلو آيو ۽ شھر جو ڏھون حصو ڪري پيو. انھيءَ زلزلي ۾ ست ھزار ماڻھو مري ويا ۽ باقي ٻيا ڊڄي ڪري عرش عظيم جي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. 14ٻي مصيبت لنگھي ويئي ۽ ٽئين مصيبت جلد اچڻ واري آھي.

ستون توتارو

15 جڏھن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان تي وڏا آواز ٿيڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ ”اسان جي خداوند ۽ سندس مسيح جي دنيا تي بادشاھت قائم ٿي ويئي آھي ۽ ھو ھميشہ ھميشہ تائين بادشاھي ڪندو رھندو.“ 16پوءِ اُھي چوويھہ بزرگ جيڪي خدا جي آڏو پنھنجي پنھنجي تخت تي ويٺا ھئا، سي منھن ڀر ڪري خدا کي سجدو ڪري 17چوڻ لڳا تہ ”اي خداوند، قادرِمطلق خدا! تون آھين ۽ تون ھئين. اسين تنھنجا شڪرانا بجاءِ آڻيون ٿا، ڇالاءِ⁠جو تون پنھنجي وڏي قدرت ڏيکاري بادشاھي ڪرڻ لڳو آھين. 18 قومن کي ڪاوڙ لڳي ۽ تنھنجو غضب نازل ٿيو. اھو وقت اچي ويو آھي، جڏھن مري ويلن جو انصاف ٿيندو. تنھنجي ٻانھن، يعني نبين ۽ چونڊيلن، ۽ ننڍن توڙي وڏن، جيڪي تنھنجي نالي کان ڊڄن ٿا، تن کي سندن اجر ڏنو ويندو، ۽ جيڪي دنيا کي برباد ڪن ٿا، تن کي برباد ڪيو ويندو.“ 19 خدا جو ھيڪل جيڪو آسمان ۾ آھي، سو کوليو ويو ۽ ھيڪل ۾ عھد جي صندوق نظر آئي ۽ پوءِ کنوڻيون، آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون، زلزلو آيو ۽ وڏا ڳڙا پيا.

مڪاشفو 12

عورت ۽ ازدھا

1پوءِ آسمان ۾ ھڪڙو وڏو عجيب نشان ڏسڻ ۾ آيو، يعني ھڪ عورت نظر آئي، جيڪا سج سان ڍڪيل ھئي ۽ چنڊ انھيءَ جي پيرن ھيٺان ھو، ٻارھن تارن جو تاج سندس مٿي تي رکيل ھو. 2اُھا پيٽ ڀرئي سان ھئي ۽ ويم جي سورن جي ڪري رڙيون پئي ڪيائين، ڇالاءِ⁠جو ٻار ڄڻڻ تي ھئي. 3 ان سان گڏ آسمان ۾ ھڪڙو ٻيو بہ نشان نظر آيو، يعني ھڪڙو وڏو ڳاڙھو ازدھا، جنھن کي ست مٿا ۽ ڏھہ سڱ ھئا، سندس مٿن تي ست تاج ھئا. 4 انھيءَ جي پڇ آسمان جي تارن جو ٽيون حصو ڇڪي زمين تي ڪيرائي وڌو. ازدھا انھيءَ عورت جي اڳيان وڃي بيھي رھيو، جيڪا ٻار ڄڻڻ تي ھئي تہ جنھن مھل ھوءَ ٻار ڄڻي تہ سندس ٻار کي ڳڙڪائي ڇڏي. 5 عورت کي پٽ ڄائو، يعني اھو ٻار جيڪو سڀني قومن تي لوھہ جي لٺ سان حڪم ھلائيندو. اھو ٻار ھڪدم خدا ۽ سندس تخت ڏانھن کڄي ويو. 6عورت بيابان ڏانھن ڊوڙي ويئي، جتي خدا ھن جي لاءِ ھڪ جاءِ تيار ڪري ڇڏي ھئي، تہ جيئن اُتي ھڪ ھزار ٻہ ⁠سؤ سٺ ڏينھن تائين سندس سار سنڀال ٿي سگھي. 7 ان کان پوءِ آسمان ۾ جنگ لڳي، ميڪائيل ۽ سندس ملائڪ انھيءَ ازدھا سان وڙھڻ لاءِ نڪتا. ازدھا ۽ سندس ملائڪ بہ انھن سان وڙھيا، 8پر کين شڪست آئي. تنھنڪري آسمان ۾ انھن جي ڪابہ جاءِ نہ رھي. 9 اھو وڏو ازدھا يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس ۽ شيطان بہ سڏبو آھي ۽ جيڪو ساري جھان کي گمراھہ ٿو ڪري، سو زمين تي اڇلايو ويو ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ ھيٺ اڇلايا ويا. 10 پوءِ مون آسمان مان ھڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جنھن چيو تہ ”ھاڻي اسان جي خدا جو ڇوٽڪارو، قدرت ۽ بادشاھت ۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آھي. ڇالاءِ⁠جو اسان جي ڀائرن ۽ ڀينرن تي الزام ھڻڻ وارو، جيڪو رات ڏينھن اسان جي خدا جي آڏو مٿن الزام ھڻي رھيو ھو، سو ھيٺ اڇلايو ويو آھي. 11پر اسان جا ڀائر ۽ ڀيڻون گھيٽي جي رت جي وسيلي ۽ پنھنجي شاھديءَ جي ڪري مٿس غالب پيا، ڇالاءِ⁠جو ھنن موت تائين بہ پنھنجو ساھہ پيارو نہ ڪيو. 12تنھنڪري اي آسمانو ۽ آسمانن جا رھاڪو! اوھين خوشيون ڪريو. پر اي زمين ۽ سمنڊ! اوھان لاءِ افسوس آھي، ڇالاءِ⁠جو ابليس ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان اوھان ڏانھن لھي آيو آھي، انھيءَ ڪري جو خبر اٿس تہ سندس وقت باقي ٿورو وڃي بچيو آھي.“ 13جڏھن انھيءَ ازدھا ڏٺو تہ کيس زمين تي ڪيرايو ويو آھي، تڏھن ھو انھيءَ عورت کي ستائڻ لڳو جنھن کي پٽ ڄائو ھو. 14 پر عورت کي وڏي عقاب جا ٻہ پر ڏنا ويا، تہ جيئن ھوءَ بيابان ۾ پنھنجيءَ جاءِ تي پھچي وڃي ۽ نانگ کان محفوظ رھي، جتي ساڍن ٽن سالن تائين سندس پرورش ٿيڻي ھئي. 15پوءِ نانگ انھيءَ عورت جي پٺيان پنھنجي وات مان درياءَ وانگر پاڻي وھايو تہ جيئن کيس وھڪري ۾ وھائي ڇڏي. 16پر زمين انھيءَ عورت جي مدد ڪئي ۽ پنھنجو وات کولي انھيءَ درياءَ جي پاڻيءَ کي پي ويئي، جيڪو ازدھا پنھنجي وات مان وھايو ھو. 17ازدھا کي عورت تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. تنھنڪري ھو عورت جي باقي اولاد سان جنگ ڪرڻ لاءِ ھليو ويو، يعني انھن سان جيڪي خدا جي حڪمن تي ٿي ھليا ۽ عيسيٰ جي شاھدي ٿي ڏنائون. 18پوءِ اھو ازدھا سمنڊ جي واريءَ تي وڃي ويٺو.

مڪاشفو 13

ٻہ حيوان

1 پوءِ مون ھڪڙي حيوان کي سمنڊ مان نڪرندي ڏٺو، جنھن کي ڏھہ سڱ ۽ ست مٿا ھئا. سندس سڱن تي ڏھہ تاج ھئا ۽ سندس مٿن تي ڪفر جا نالا لکيل ھئا. 2 مون جيڪو حيوان ڏٺو سو چيتي جھڙو ھو، پر سندس پير رڇ جھڙا ھئا ۽ وات شينھن جي وات جھڙو ھوس. ازدھا اُن حيوان کي پنھنجي طاقت، تخت ۽ وڏو اختيار ڏنو. 3مون ڏٺو تہ ھن جي ھڪڙي مٿي تي موتمار ڌڪ لڳل ھو، پر اھو موتمار زخم ڇٽي ويو ھو. سڄي دنيا حيران ٿي انھيءَ حيوان جي پٺيان اچڻ لڳي. 4ماڻھن ازدھا جي پوڄا ڪئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن انھيءَ حيوان کي اختيار ڏنو ھو. ھنن حيوان جي بہ پوڄا ڪئي ۽ چيائون تہ ”ھن حيوان جھڙو ڪير آھي ۽ ڪير ھن سان وڙھي ٿو سگھي؟“ 5 انھيءَ حيوان کي ھڪڙو وات ڏنو ويو، جنھن سان ھن وڏيون ڳالھيون پئي ڪيون ۽ ڪفر بڪي رھيو ھو. ھن کي اھو اختيار ڏنو ويو تہ ٻائيتاليھن مھينن تائين پنھنجو ڪم جاري رکي. 6ھن پنھنجو وات کوليو ۽ خدا ۽ سندس نالي ۽ سندس عرش عظيم جي خلاف ۽ اتي رھڻ وارن جي خلاف ڪفر بڪڻ لڳو. 7 انھيءَ کي اھو اختيار ڏنو ويو تہ ھو خدا جي قوم سان جنگ ڪري کيس شڪست ڏئي. ھن کي سڀني قبيلن، اُمتن، ٻولين ۽ قومن تي بہ اختيار ڏنو ويو. 8 زمين جا سڀيئي رھاڪو سندس پوڄا ڪندا، سواءِ انھن جي جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آھن، جيڪو ڪُٺل گھيٽي جو آھي. 9جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي. 10 جيڪڏھن ڪو قيد ٿيڻو آھي تہ اھو قيد ۾ ويندو ۽ جيڪڏھن ڪو تلوار سان قتل ٿيڻو آھي تہ اھو تلوار سان قتل ڪيو ويندو. اھو آھي خدا جي قوم جو صبر ۽ ايمان. 11پوءِ مون ھڪڙي ٻئي حيوان کي زمين مان نڪرندي ڏٺو، جنھن کي گھيٽي وانگر ٻہ سڱ ھئا، پر ھن ازدھا وانگر ٿي ڳالھايو. 12انھيءَ حيوان پھرين حيوان جي روبرو ان جو سڄو اختيار ٿي ھلايو. ھن زمين ۽ ان جي رھاڪن کان انھيءَ پھرين حيوان جي پوڄا ٿي ڪرائي، جنھن جو موتمار زخم ڇٽي ويو ھو. 13ھُن وڏا معجزا ٿي ڏيکاريا، ايتري تائين جو ماڻھن جي سامھون آسمان مان زمين تي باھہ ٿي وسايائين. 14اُن حيوان کي اھو اختيار ڏنو ويو تہ پھرين حيوان جي روبرو معجزا ڏيکاري. انھن معجزن جي ڪري زمين جا رھاڪو گمراھہ ٿي رھيا ھئا. ھُن انھن کي چيو تہ انھيءَ حيوان جو بت بڻايو جنھن کي تلوار سان سخت زخمي ڪيو ويو ھو، پر پوءِ اھو جيئرو ٿي پيو. 15انھيءَ ٻئي حيوان کي اھو اختيار ڏنو ويو تہ پھرين حيوان جي بوتي ۾ روح ڦوڪي وجھي، تہ جيئن اھو بت ڳالھائي ۽ جيڪي ماڻھو انھيءَ بت جي پوڄا نہ ڪن تن کي مارائي ڇڏي. 16ھن سڀني ننڍن ۽ وڏن، دولتمندن ۽ غريبن، آزادن ۽ غلامن کي سندن ساڄي ھٿ يا پيشانيءَ تي ھڪڙو نشان ھڻائي ڇڏيو. 17ڪوبہ شخص نہ ڪا شيءِ خريد ڪري ٿي سگھيو ۽ نہ وڪڻي ٿي سگھيو، جيستائين ان تي اھو نشان نہ ھجي، يعني انھيءَ حيوان جو نالو يا سندس نالي جو عدد. 18انھيءَ ڳالھہ کي سمجھڻ لاءِ وڏي سياڻپ جي ضرورت آھي، جنھن کي سمجھہ آھي، سو انھيءَ حيوان جي نالي جو عدد ڳڻي، ڇاڪاڻ⁠تہ اھو ڪنھن ماڻھوءَ جو عدد آھي ۽ اھو عدد ڇھہ ⁠سؤ ڇاھٺ آھي.

مڪاشفو 14

گھيٽي جا ساٿي

1 پوءِ مون ڏٺو تہ گھيٽو صيئون جبل تي بيٺو آھي ۽ ساڻس گڏ ھڪ لک چوئيتاليھہ ھزار ماڻھو آھن، جن جي پيشانين تي ھن جو ۽ سندس پيءُ جو نالو لکيل آھي. 2مون آسمان مان ھڪڙو آواز ٻڌو، جيڪو زور سان وھندڙ پاڻيءَ ۽ گجگوڙ جي آواز جھڙو ھو. اھو آواز تنبورن وارن جو ھو، جن ڄڻ تہ تنبورا پئي وڄايا. 3اُھي چئني ساھوارن، بزرگن ۽ تخت جي اڳيان ھڪ نئون گيت ڳائي رھيا ھئا ۽ رڳو اُھي ھڪ لک چوئيتاليھہ ھزار ماڻھو ئي اھو گيت سکي سگھيا، جيڪي دنيا مان خريد ڪيا ويا ھئا. 4ھي اُھي ماڻھو آھن جن عورتن کي ھٿ بہ نہ لاتو، بلڪ ڪنوارا آھن ۽ گھيٽي جي پٺيان ھلن پيا. جيڏانھن ھو وڃي ٿو، اوڏانھن وڃن ٿا. اُھي انسانن مان خريد ڪيا ويا آھن، تہ جيئن خدا ۽ گھيٽي جو پھريون ڦل ٿين. 5 انھن جي وات مان ڪڏھن بہ ڪوڙ نہ نڪتو. اھي بي⁠عيب آھن.

ٽن ملائڪن جا پيغام

6تنھن کان پوءِ مون ھڪڙو ملائڪ آسمان ۾ اڏامندي ڏٺو، جنھن وٽ زمين جي رھاڪن يعني سڀني قومن، قبيلن، ٻولين ۽ اُمتن کي ٻڌائڻ لاءِ ھميشہ جي خوشخبري ھئي. 7ھُن وڏي آواز سان چيو تہ ”خدا کان ڊڄو ۽ سندس تعريف ڪريو، ڇالاءِ⁠جو عدالت جو وقت اچي پھتو آھي. انھيءَ جي عبادت ڪريو، جنھن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ پاڻيءَ جا چشما پيدا ڪيا آھن.“ 8 ھن جي پٺيان ھڪڙو ٻيو ملائڪ آيو ۽ چيائين تہ ”ڪري پيو، اھو وڏو شھر بابل ڪري پيو، جنھن سڀني قومن کي پنھنجي زناڪاريءَ جي مئي پيئاري، جنھن جي ڪري خدا جو عذاب ايندو.“ 9انھن جي پٺيان ھڪڙو ٽيون ملائڪ آيو ۽ وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”جيڪڏھن ڪو ماڻھو انھيءَ حيوان يا سندس بت جي پوڄا ڪندو ۽ پنھنجي پيشانيءَ يا ھٿ تي سندس نشان ھڻائيندو، 10 تہ انھيءَ کي خدا جي غضب جي مئي مان پيئڻو پوندو، يعني اھا خالص مئي جيڪا سندس غضب جي پيالي ۾ وڌي وئي آھي. انھيءَ شخص کي پاڪ ملائڪن ۽ گھيٽي جي اڳيان باھہ ۽ گندرف جو عذاب ڏنو ويندو. 11 انھن جي عذاب جو دونھون سدائين پيو نڪرندو رھندو ۽ جيڪي ماڻھو انھيءَ حيوان ۽ سندس بت جي پوڄا ڪن ٿا ۽ سندس نالي جو نشان ھڻائين ٿا، تن کي رات ڏينھن آرام ڪونہ ملندو. 12اھو آھي خدا جي انھيءَ قوم وارن جو صبر، جيڪي خدا جي حڪمن تي ٿا ھلن ۽ عيسيٰ تي ايمان ٿا آڻين.“ 13پوءِ مون آسمان مان ھڪڙو آواز ٻڌو جنھن چيو تہ ”لک، سڀاڳا آھن اُھي، جيڪي اڄ کان وٺي مسيح جا ٿي ٿا مرن. پاڪ روح چوي ٿو تہ ھائو، اھو سچ آھي تہ اُھي پنھنجي پورھين کان واندا ٿي آرام ڪندا، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي پنھنجي ڪمن جو نتيجو پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.“

زمين جو لابارو

14 پوءِ مون نھاريو تہ مون کي ھڪ تجليدار ڪڪر نظر آيو ۽ انھيءَ ڪڪر تي ابن⁠آدم جھڙو ھڪڙو شخص ويٺل ھو، جنھن جي مٿي تي سونو تاج ھو ۽ ھٿ ۾ ھڪڙو تکو ڏاٽو ھوس. 15 ايتري ۾ ھڪڙو ملائڪ ھيڪل مان نڪري آيو ۽ جيڪو شخص ڪڪر تي ويٺو ھو، تنھن کي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”پنھنجو ڏاٽو ھلائي لابارو ڪر، ڇاڪاڻ⁠تہ زمين جو فصل پچي راس ٿي ويو آھي ۽ لاباري جو وقت اچي ويو آھي.“ 16انھيءَ شخص جيڪو ڪڪر تي ويٺو ھو، تنھن پنھنجو ڏاٽو زمين تي کڻي اڇلايو تہ زمين لڻجي ويئي. 17ان کان پوءِ ھڪڙو ٻيو ملائڪ آسماني ھيڪل مان نڪتو، جنھن جي ھٿ ۾ بہ تکو ڏاٽو ھو. 18پوءِ ھڪڙو ٻيو بہ ملائڪ قربان⁠گاھہ مان نڪتو، جنھن کي باھہ تي اختيار ھو. ھن تکي ڏاٽي واري ملائڪ کي وڏي آواز سان چيو تہ ”پنھنجو تکو ڏاٽو ھلاءِ ۽ زمين جي ڊاک جا ڇڳا گڏ ڪر، ڇالاءِ⁠جو ڊاک بلڪل پچي راس ٿي ويئي آھي.“ 19انھيءَ ملائڪ زمين تي پنھنجو ڏاٽو ھلايو ۽ زمين جي ڊاک جا ڇڳا گڏ ڪري رس ڪڍڻ واري انھيءَ وڏي حوض ۾ وڌا، جنھن جو نالو آھي خدا جو غضب. 20 شھر کان ٻاھر انھيءَ حوض ۾ ڊاک پيڙي ويئي ۽ انھيءَ مان ايترو تہ رت نڪتو جو گھوڙن جي لغامن تائين اچي پھتو ۽ ٽي ⁠سؤ ڪلوميٽرن تائين وھي ھليو.

مڪاشفو 15

آخري آفتن وارا ملائڪ

1پوءِ مون آسمان ۾ ھڪڙو ٻيو وڏو عجيب نشان ڏٺو، يعني ست ملائڪ جن وٽ ست آفتون ھيون. اھي آفتون آخري آھن، ڇالاءِ⁠جو انھن تي خدا جو غضب پورو ٿئي ٿو. 2مون ھڪڙو شيشي جھڙو سمنڊ ڏٺو، جنھن ۾ باھہ گڏيل ھئي ۽ جيڪي انھيءَ حيوان، سندس بت ۽ سندس نالي جي عدد تي غالب پيا ھئا سي خدا جا ڏنل تنبورا کنيو انھيءَ شيشي جي سمنڊ وٽ بيٺا ھئا. 3 اُھي خدا جي ٻانھي موسيٰ جو راڳ ۽ گھيٽي جو راڳ ڳائي رھيا ھئا ۽ چون پيا تہ ”اي خداوند خدا، قادرِمطلق! تنھنجا ڪم وڏا ۽ عجيب آھن. اي قومن جا بادشاھہ! تنھنجون واٽون سڌيون ۽ سچيون آھن. 4 اي خداوند! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟ تنھنجي نالي جي واکاڻ ڪير نہ ڪندو؟ ڇالاءِ⁠جو رڳو تون ئي پاڪ آھين. سڀيئي قومون اچي تنھنجي اڳيان سجدو ڪنديون، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي انصاف جا ڪم ظاھر ٿيا آھن.“ 5 انھن ڳالھين کان پوءِ مون آسمان ڏانھن ڏٺو، جنھن ۾ مقدس خيمي جي مقدس ترين جاءِ کليل نظر آئي. 6انھيءَ مان اُھي ست ملائڪ نڪتا، جن وٽ ست آفتون ھيون. اُھي صاف ۽ اڇيون چمڪندڙ پوشاڪون پھريل ھئا ۽ سندن ڇاتين تي سونا سينابند ٻڌل ھئا. 7پوءِ انھن چئن ساھوارن مان ھڪڙي انھن ستن ملائڪن کي ست سونا پيالا ڏنا، جيڪي سدائين زندہ خدا جي غضب سان ڀريل ھئا. 8 اھو ھيڪل خدا جي جلال ۽ سندس قدرت جي دونھين سان ڀرجي ويو ۽ جيستائين انھن ستن ملائڪن جون ست آفتون پوريون نہ ٿيون، تيستائين ڪوبہ انھيءَ ھيڪل ۾ گھڙي نہ ٿي سگھيو.

مڪاشفو 16

خدا جي غضب جا پيالا

1پوءِ مون ھيڪل مان ھڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جيڪو انھن ستن ملائڪن کي چئي رھيو ھو تہ ”وڃو ۽ خدا جي غضب جا ست ئي پيالا زمين تي ھاريو.“ 2 پھرين ملائڪ وڃي پنھنجو پيالو زمين جي مٿان ھاريو تہ جن ماڻھن تي انھيءَ حيوان جو نشان ھو ۽ جيڪي سندس بت جي پوڄا ڪندا ھئا، تن کي گندا ۽ ناسوري ڦٽ ٿي پيا. 3پوءِ ٻئي ملائڪ پنھنجو پيالو سمنڊ جي مٿان ھاريو تہ انھيءَ جو پاڻي مئل ماڻھوءَ جي رت جھڙو ٿي پيو ۽ سمنڊ جا سڀيئي ساھوارا مري ويا. 4 جڏھن ٽئين ملائڪ پنھنجو پيالو دريائن ۽ پاڻيءَ جي چشمن جي مٿان ھاريو تہ انھن جو پاڻي رت ٿي پيو. 5مون پاڻيءَ واري ملائڪ کي ھي چوندي ٻڌو تہ ”اي قدوس! تون جو آھين ۽ جو ھئين، تون عادل آھين ۽ تو ئي اھڙو انصاف ڪيو. 6ڇاڪاڻ⁠تہ ھنن خدا جي قوم وارن ۽ نبين جو رت وھايو، ۽ تو کين رت پيئڻ لاءِ ڏنو. اُھي انھيءَ جي ئي لائق آھن.“ 7ايتري ۾ مون قربان⁠گاھہ مان ھي آواز ٻڌو تہ ”ھائو، اي خداوند خدا قادرِمطلق! بيشڪ تنھنجا فيصلا سچا ۽ انصاف وارا آھن.“ 8چوٿين ملائڪ پنھنجو پيالو سج جي مٿان ھاريو تہ سج کي اختيار ڏنو ويو تہ ماڻھن کي باھہ سان ساڙي ڇڏي. 9اھي سخت تپش جي ڪري ڏاڍا سڙي پيا ۽ خدا جي نالي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، جيڪو انھن آفتن تي اختيار رکي ٿو. پوءِ بہ انھن توبھہ نہ ڪئي ۽ نہ ئي سندس واکاڻ ڪيائون. 10 ان کان پوءِ پنجين ملائڪ پنھنجو پيالو انھيءَ حيوان جي تخت جي مٿان ھاريو تہ انھيءَ جي بادشاھيءَ ۾ اوندھہ ٿي ويئي ۽ ماڻھو سور سببان پنھنجون زبانون چٻاڙڻ لڳا. 11اھي پنھنجي سورن ۽ ڦٽن جي ڪري عرش عظيم جي خدا جي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، پر پنھنجي ڪمن کان توبھہ نہ ڪيائون. 12 جڏھن ڇھين ملائڪ پنھنجو پيالو وڏي درياءَ فرات جي مٿان ھاريو تہ ان جو پاڻي سڪي ويو، تہ جيئن اڀرندي کان اچڻ وارن بادشاھن لاءِ رستو تيار ٿي وڃي. 13پوءِ مون انھيءَ ازدھا جي وات مان، انھيءَ پھرين حيوان جي وات مان ۽ انھيءَ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ ٻئي حيوان جي وات مان ٽي ناپاڪ روح ڏيڏرن جي شڪل ۾ نڪرندي ڏٺا. 14اُھي ڀوتن جا روح آھن، جيڪي معجزا ڏيکارن ٿا ۽ سڄيءَ دنيا جي بادشاھن وٽ وڃن ٿا، تہ جيئن قادرِمطلق خدا جي وڏي ڏينھن تي جنگ لاءِ کين گڏ ڪن. 15 ڏسو، آءٌ ائين پيو اچان، جيئن چور ايندو آھي. سڀاڳو آھي اھو جيڪو سجاڳ ٿو رھي ۽ پنھنجي پوشاڪ جي سنڀال ٿو ڪري، تہ جيئن اگھاڙو نہ ٿئي ۽ ماڻھو سندس اوگھڙ نہ ڏسن. 16 پوءِ انھن روحن بادشاھن کي انھيءَ ھنڌ آڻي گڏ ڪيو، جنھن کي عبراني ٻوليءَ ۾ ھرمگدون ٿا چون. 17جڏھن ستين ملائڪ پنھنجو پيالو ھوا ۾ ھاريو تہ ھيڪل مان تخت واري پاسي کان ھڪڙو وڏو آواز آيو، جنھن چيو تہ ”پورو ٿيو.“ 18 انھيءَ تي کنوڻيون، آواز ۽ گجگوڙون ٿيون ۽ وڏو زلزلو آيو. جڏھن کان ماڻھو زمين تي پيدا ٿيا آھن تہ اھڙو وڏو زلزلو ڪڏھن ڪونہ آيو ھو. 19 اھو وڏو شھر ٽي ٽڪرا ٿي پيو ۽ دنيا جا شھر بہ ڪري پيا. اُن وڏي شھر بابل جو خدا کي خيال ٿيو تہ کيس پنھنجي وڏي غضب جي مئي جو پيالو پياري. 20 سڀيئي ٻيٽ غائب ٿي ويا ۽ جبلن جو نالو نشان بہ ڪونہ رھيو. 21 ماڻھن تي آسمان مان وڏا ڳڙا وسڻ لڳا، جن مان ھر ھڪ جو وزن اٽڪل چاليھہ ڪلوگرام ھو. انھن ڳڙن جي آفت جي ڪري ماڻھو خدا جي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، ڇالاءِ⁠جو اھا آفت ڏاڍي سخت ھئي.

مڪاشفو 17

ھڪ مشھور ڪسبياڻي

1 پوءِ انھن ستن ملائڪن مان جن وٽ ست پيالا ھئا، ھڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”ھيڏانھن اچ تہ تو کي ڏيکاريان تہ انھيءَ مشھور ڪسبياڻيءَ کي ڪھڙي سزا ڏني ويندي، يعني انھيءَ وڏي شھر کي جيڪو گھڻن دريائن جي ڀرسان اڏيل آھي. 2 انھيءَ سان دنيا جي بادشاھن زناڪاري ڪئي ۽ زمين جا رھاڪو ھن جي زناڪاريءَ جي مئي مان پي ڪري نشئي ٿي پيا ھئا.“ 3 اھو ملائڪ مون کي رويا جي حالت ۾ بيابان ڏانھن وٺي ويو. اُتي مون ھڪڙي عورت ڏٺي، جيڪا ڳاڙھي رنگ جي حيوان تي ويٺي ھئي. انھيءَ حيوان کي ست مٿا ۽ ڏھہ سڱ ھئا ۽ سڄو ڪفر جي نالن سان ڀريو پيو ھو. 4 انھيءَ عورت کي واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي پوشاڪ پھريل ھئي ۽ اھا عورت سون، ھيرن جواھرن ۽ موتين سان سينگاريل ھئي. انھيءَ کي ھٿ ۾ ھڪڙو سونو پيالو ھو، جيڪو سندس گندگي ۽ زناڪاريءَ جي ناپاڪ شين سان ڀريل ھو. 5انھيءَ عورت جي پيشانيءَ تي ھڪڙو نالو لکيل ھو جيڪو ھڪ راز آھي يعني ”وڏو شھر بابل، ڪسبياڻين ۽ زمين جي براين جي ماءُ.“ 6مون انھيءَ عورت کي خدا جي قوم وارن جي رت ۽ عيسيٰ جي شھيدن جو رت پيئڻ سان الوٽ ڏٺو. آءٌ انھيءَ عورت کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿي ويس. 7تنھن تي انھيءَ ملائڪ مون کي چيو تہ ”تون حيران ڇو ٿيو آھين؟ آءٌ تو کي انھيءَ عورت ۽ انھيءَ ستن مٿن ۽ ڏھن سڱن واري حيوان جنھن تي ھوءَ سوار آھي، تن ٻنھي جو راز بيان ڪري ٻڌائيندس. 8 اھو حيوان جيڪو تو ڏٺو، سو اڳي ھو ۽ ھاڻي ڪونھي. پر اوڙاھہ مان نڪري اچڻ تي آھي ۽ پوءِ برباد ٿي ويندو. زمين جا رھاڪو ۽ جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آھن، سي انھيءَ حيوان جو حال ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا، ڇاڪاڻ⁠تہ اھو حيوان اڳي ھو ۽ ھاڻي ڪونھي پر ھن کان پوءِ ايندو. 9انھيءَ کي سمجھڻ لاءِ سياڻپ گھرجي. اھي ست مٿا ست جبل آھن، جن تي اھا عورت ويٺي آھي. اھي ست بادشاھہ بہ آھن. 10انھن مان پنج ڪري پيا آھن، ھڪڙو موجود آھي ۽ ٻيو اڃا آيو ئي ڪونھي ۽ جڏھن اھو ايندو تہ ضرور ٿوري وقت تائين رھندو. 11جيڪو حيوان اڳي ھو ۽ ھاڻي ڪونھي، سو پاڻ اٺون بادشاھہ آھي ۽ انھن ستن مان ئي پيدا ٿيو آھي. اھو پاڻ ئي برباد ٿي ويندو. 12 جيڪي ڏھہ سڱ تو ڏٺا سي اُھي ڏھہ بادشاھہ آھن، جن کي اڃا تائين بادشاھي ڪانہ ملي آھي. پر انھيءَ حيوان سان گڏ کين ھڪڙي ڪلاڪ تائين بادشاھن جھڙو اختيار ملندو. 13انھن ڏھن ئي جي ھڪڙي راءِ ھوندي ۽ اھي پنھنجي طاقت ۽ اختيار انھيءَ حيوان کي ڏيئي ڇڏيندا. 14اُھي گھيٽي سان جنگ ڪندا، پر گھيٽو مٿن غالب پوندو، ڇالاءِ⁠جو ھو خداوندن جو خداوند ۽ بادشاھن جو بادشاھہ آھي ۽ جيڪي ھن جا سڏيل، چونڊيل ۽ وفادار آھن سي بہ مٿن غالب پوندا.“ 15پوءِ ملائڪ چيو تہ ”جيڪي درياءَ تو ڏٺا، جن جي ڀرسان اھا ڪسبياڻي ويٺي آھي، سي اُمتون، ميڙ، قومون ۽ ٻوليون آھن. 16جيڪو حيوان ۽ سندس ڏھہ سڱ تو ڏٺا، سي انھيءَ ڪسبياڻيءَ کان نفرت ڪندا ۽ کيس برباد ۽ اگھاڙو ڪري ڇڏيندا، سندس گوشت کائي ويندا ۽ کيس باھہ ۾ ساڙي ڇڏيندا. 17انھيءَ جو سبب اھو آھي جو خدا انھن جي دلين ۾ اھا ڳالھہ وجھندو تہ اھي سندس مقصد پورو ڪن ۽ ھڪڙي ئي راءِ تي اچي بيھن تہ اھي پنھنجي پنھنجي بادشاھي انھيءَ حيوان کي ڏين، جيستائين خدا جون ڳالھيون پوريون ٿين. 18اھا عورت جيڪا تو ڏٺي سا اھو وڏو شھر آھي، جيڪو دنيا جي بادشاھن تي حڪومت ٿو ڪري.“

مڪاشفو 18

بابل جي تباھي

1ان کان پوءِ مون ھڪڙو ٻيو ملائڪ آسمان مان لھندي ڏٺو، جنھن کي وڏو اختيار مليل ھو ۽ سندس جلوي جي ڪري زمين روشن ٿي ويئي. 2 ھن وڏي آواز سان چيو تہ ”ڪري پيو، وڏو شھر بابل ڪري پيو. اھو بدروحن جو گھر بڻجي ويو. ھائو، اھو ھر ڪنھن ناپاڪ روح جو اڏو، بلڪ ھر ڪنھن ناپاڪ ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو. 3 ڇالاءِ⁠جو ھن جي زناڪاريءَ جي مئي پيئڻ ڪري سڀيئي قومون الوٽ ٿي پيون آھن، ۽ دنيا جي بادشاھن انھيءَ سان زناڪاري ڪئي آھي. دنيا جا سوداگر انھيءَ جي عيش عشرت جي گھڻائيءَ جي ڪري دولتمند ٿي پيا.“ 4 پوءِ مون آسمان مان ھڪڙو ٻيو آواز ٻڌو جنھن چيو تہ ”اي منھنجي قوم وارؤ! بابل مان نڪري اچو، تہ جيئن انھيءَ جي گناھن ۾ شريڪ نہ ٿيو. متان ھن جي آفتن مان ڪا اوھان تي اچي نہ پوي. 5 ڇالاءِ⁠جو انھيءَ جا گناھہ آسمان تائين وڃي پھتا آھن، ۽ خدا کي ھن جون بدڪاريون ياد آھن. 6 جيئن بابل ڪيو، تيئن اوھين بہ ھن سان ڪريو ۽ سندس ڪمن جو ٻيڻو بدلو ڏيوس. جيڪو پيالو ھن ڀريو، تنھن کي اوھين ٻيڻو ڀريو. 7 جيتري قدر انھيءَ پاڻ کي شاندار ڪيو ۽ عيش عشرت ڪيائين، اوتري قدر اوھين کيس ڏک ۽ عذاب ڏيو. ڇالاءِ⁠جو بابل جي وسندي پنھنجيءَ دل ۾ چوي ٿي تہ ’آءٌ راڻي ٿي ويئي آھيان. آءٌ رن⁠زال نہ آھيان، ۽ ڪڏھن بہ ڏک نہ ڏسنديس.‘ 8انھيءَ ڪري مٿس ھڪڙي ئي ڏينھن ۾ آفتون اينديون، يعني موت، ماتم ۽ ڏڪار. اھا باھہ ۾ ساڙي ناس ڪئي ويندي، ڇالاءِ⁠جو خداوند خدا، جيڪو ھن جو انصاف ڪندو سو قادر آھي.“ 9 دنيا جي جن بادشاھن ساڻس زناڪاري ڪئي آھي ۽ عيش عشرت ڪندا ھئا، سي جڏھن ھن جي سڙڻ جو دونھون ڏسندا تہ ھن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا. 10اُھي انھيءَ جي عذاب جي ڊپ کان پري بيھي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اي بابل، وڏا ۽ مضبوط شھر! تو کي رڳو ھڪڙي ڪلاڪ ۾ سزا ڏني ويئي آھي.“ 11 دنيا جا سوداگر ھن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا، ڇالاءِ⁠جو سندن مال وري ڪوبہ خريد نہ ڪندو. 12 يعني سندن سون، چاندي، ھيرا جواھرات، موتي، عمدو ڪپڙو، واڱڻائي، ريشمي ۽ قرمزي ڪپڙو، سڀ سرھيون ڪاٺيون، عاج، تمام قيمتي ڪاٺ، پتل، لوھہ ۽ سنگمرمر مان ٺھيل ھر قسم جون شيون، 13دالچيني، مصالحا، خوشبوءِ، عطر، لوبان، مئي، تيل، ميدو، ڪڻڪ، ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون، گھوڙا، گاڏيون، غلام ۽ انسانن جون جانيون ۽ ساھہ. 14اھي چوندا تہ ”تنھنجا دل پسند ميوا تو وٽان ھليا ويا ۽ جيڪي لذيذ ۽ عمديون شيون تو وٽ ھيون، سي بہ تو وٽان گم ٿي ويون ۽ وري ڪڏھن بہ ھٿ ڪين اينديون.“ 15 انھن شين جا سوداگر جيڪي انھيءَ واپار جي ڪري دولتمند ٿي ويا ھئا، سي ھن جي عذاب جي ڊپ کان پري بيھي روئندا ۽ پٽيندا، 16۽ چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اھو وڏو شھر جيڪو عمدو ڪپڙو، واڱڻائي ۽ قرمزي پوشاڪ پھريندو ھو ۽ سون، ھيرا جواھرات ۽ موتين سان سينگاريل ھو، 17 تنھن جي ھڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ سڄي دولت برباد ٿي ويئي.“ سڀيئي ميربحر ۽ جھاز جا سڀيئي مسافر ۽ ملاح ۽ ٻيا جيڪي سمنڊ تي گذران ٿا ڪن، سي پري بيھي رھندا. 18 اُھي ھن شھر جي سڙڻ جو دونھون ڏسي رڙيون ڪري چوندا تہ ”ھن وڏي شھر جھڙو ٻيو ڪو وڏو شھر ڪونھي.“ 19 اھي پنھنجي مٿي ۾ خاڪ وجھي رڙيون ڪري روئي پٽي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اھو وڏو شھر، جنھن جي دولت جي ڪري سمنڊ جا سڀيئي جھازن وارا دولتمند ٿي پيا، سو ھڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ برباد ٿي ويو. 20 اي آسمان! اي خدا جي سڄي قوم! اي رسول ۽ نبيو! اوھين انھيءَ شھر تي خوشيون ڪريو، ڇالاءِ⁠جو خدا انصاف ڪري ھن کان اوھان جو بدلو ورتو آھي.“ 21 پوءِ ھڪڙي زورآوار ملائڪ جنڊ جي چاپڙ جيڏو ھڪڙو وڏو پٿر کڻي سمنڊ ۾ اڇلائي چيو تہ ”وڏو شھر بابل بہ اھڙيءَ طرح زور سان ڪيرايو ويندو ۽ وري سندس پتو ئي ڪونہ پوندو. 22 جيڪي تنبورا ۽ بانسري وڄائيندا ۽ ڳائيندا ھئا، ۽ جيڪي توتارا وڄائيندا ھئا، تن جو وري تو ۾ آواز بہ ڪونہ ٻڌبو. ڪوبہ ڪاريگر، ڪھڙي بہ ڌنڌي وارو، وري تو ۾ ڪونہ لڀندو، ۽ نہ وري ڪڏھن تو ۾ ڪنھن اٽي جي چڪيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. 23تو ۾ وري ڪڏھن ڏيئي جو بہ سوجھرو ڪونہ ٿيندو، ۽ نہ وري ڪڏھن تو ۾ گھوٽ ڪنوار جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. تنھنجا سوداگر دنيا جا امير ھئا ۽ سڀ قومون تنھنجي جادوگريءَ سا ٺڳجي ويون ھيون. 24 انھيءَ شھر مان نبين، خدا جي قوم وارن، ۽ زمين تي جيڪي قتل ڪيا ويا آھن، تن سڀني جو رت لڌو ويو ھو.“

مڪاشفو 19

خداوند خدا جي تعريف

1انھن ڳالھين کان پوءِ مون آسمان ۾ ھڪ وڏي ميڙ جھڙو وڏو آواز ٻڌو، جنھن چيو تہ ”خداوند خدا جي تعريف. ڇوٽڪارو، جلال ۽ قدرت اسان جي خدا جي آھي. 2 ڇالاءِ⁠جو ھن جا فيصلا سچا ۽ صحيح آھن. ھُن انھيءَ مشھور ڪسبياڻيءَ جو انصاف ڪيو، جنھن پنھنجي زناڪاريءَ سان دنيا کي خراب ڪري ڇڏيو ھو. خدا ھن کان پنھنجي ٻانَھن جي خون جو بدلو ورتو.“ 3 ھنن وري ٻيو دفعو پڪاري چيو تہ ”خداوند خدا جي تعريف. انھيءَ وڏي شھر جو دونھون ھميشہ ھميشہ تائين پيو اٿندو رھندو.“ 4پوءِ انھن چوويھن بزرگن ۽ چئني ساھوارن منھن ڀر ڪري خدا کي سجدو ڪيو، جيڪو تخت تي ويٺو ھو ۽ چوڻ لڳا تہ ”آمين، خداوند خدا جي تعريف.“ 5 پوءِ تخت مان ھڪڙو آواز آيو تہ ”اي خدا جا ٻانھؤ! ننڍا توڙي وڏا، جيڪي کانئس ڊڄو ٿا، سي سڀ خدا جي تعريف ڪريو.“ 6 پوءِ مون ھڪڙي وڏي ميڙ جھڙو آواز ٻڌو، جيڪو زور سان وھندڙ پاڻيءَ جي آواز ۽ گجگوڙن جي آواز جھڙو ھو، جنھن چيو تہ ”خداوند خدا جي تعريف، ڇالاءِ⁠جو خداوند اسان جو خدا جيڪو قادرِمطلق آھي، سو بادشاھي ٿو ڪري. 7اچو تہ اسين خوش ٿيون، ۽ خوشيون ملھايون ۽ سندس واکاڻ ڪريون، ڇالاءِ⁠جو گھيٽي جي شاديءَ جو ڏينھن اچي پھتو آھي ۽ سندس ڪنوار بہ پاڻ کي تيار ڪيو آھي. 8انھيءَ کي صاف، چمڪندڙ ۽ عمدا ڪپڙا پائڻ لاءِ ڏنا ويا آھن. ڇاڪاڻ⁠تہ عمدن ڪپڙن مان مراد خدا جي قوم جي سچائيءَ جا ڪم آھن.“ 9 ان کان پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”لک، سڀاڳا آھن اُھي، جن کي گھيٽي جي شاديءَ جي دعوت ملي آھي.“ ھن ھي بہ چيو تہ ”ھي خدا جون سچيون ڳالھيون آھن.“ 10آءٌ کيس سجدو ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر ھُن مون کي چيو تہ ”ڏس، متان ائين ڪرين، آءٌ تہ تو سان ۽ تنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آھيان ۽ اسين سڀ عيسيٰ جي شاھديءَ تي قائم آھيون. رڳو خدا کي ئي سجدو ڪر، ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ جي شاھدي ئي نبوت جو روح آھي.“

اڇي گھوڙي وارو سوار

11 پوءِ مون کي آسمان کليل نظر آيو، جنھن ۾ مون ھڪ اڇو گھوڙو ڏٺو ۽ انھيءَ تي جيڪو سوار ھو سو وفادار ۽ سچار سڏيو ويندو آھي. ھو سچائيءَ سان انصاف ۽ جنگ ڪري ٿو. 12 ھن جون اکيون ڄڻ تہ باھہ جا شعلا آھن ۽ سندس مٿي تي ڪيترائي تاج آھن. ھن تي ھڪڙو نالو لکيل آھي، جيڪو انھيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي. 13ھن جي پوشاڪ رت سان ڀريل آھي ۽ سندس نالو خدا جو ڪلام آھي. 14آسمان جون فوجون اڇن گھوڙن تي سوار، اڇيون، پاڪ صاف ۽ عمديون پوشاڪون پھري، سندس پٺيان پئي آيون. 15 ھن جي وات مان ھڪڙي تکي تلوار ٿي نڪتي، تہ جيئن ھو قومن کي ماري. ھو مٿن لوھہ جي لٺ سان حڪومت ڪندو ۽ قادرِمطلق خدا جي خوفناڪ غضب واري حوض ۾ ڊاک کي لتاڙيندو. 16ھن جي پوشاڪ تي ۽ سندس ران تي ھي نالو لکيل آھي تہ ”بادشاھن جو بادشاھہ ۽ خداوندن جو خداوند.“ 17 ان کان پوءِ مون ھڪڙو ملائڪ سج تي بيٺل ڏٺو، جنھن وڏي آواز سان آسمان ۾ سڀني اڏامندڙ پکين کي سڏ ڪري چيو تہ ”اچو ۽ خدا جي وڏي دعوت ۾ شامل ٿيو، 18تہ جيئن اوھين بادشاھن، سپھہ⁠سالارن، سپاھين، گھوڙن ۽ انھن جي سوارن ۽ سڀني ماڻھن، آزادن توڙي غلامن، ننڍن توڙي وڏن جو گوشت کائو.“ 19پوءِ مون انھيءَ حيوان، دنيا جي بادشاھن ۽ سندن لشڪرن کي ڏٺو، جيڪي انھيءَ گھوڙي سوار ۽ سندس لشڪر سان جنگ ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا ھئا. 20 انھيءَ پھرين حيوان ۽ ساڻس گڏ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ انھيءَ ٻئي حيوان کي بہ پڪڙيو ويو، جنھن حيوان جي سامھون معجزا ڏيکاريا ھئا. انھن معجزن سان ھن حيوان جو نشان ھڻائڻ وارن ۽ سندس بت جي پوڄا ڪرڻ وارن کي گمراھہ ڪيو ھو. اُھي ٻئي گندرف سان ٻرندڙ باھہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا اڇلايا ويا. 21باقي ٻيا انھيءَ گھوڙي سوار جي تلوار، جيڪا سندس وات مان ٿي نڪتي تنھن سان ماريا ويا ۽ سڀني پکين انھن جو گوشت کائي ڍءُ ڪيو.

مڪاشفو 20

ھزار سالن جو زمانو

1اُن کان پوءِ مون ھڪڙي ملائڪ کي آسمان مان ھيٺ لھندي ڏٺو، جنھن جي ھٿ ۾ اوڙاھہ جي ڪنجي ۽ ھڪڙو وڏو زنجير ھو. 2 ھُن انھيءَ ازدھا، يعني قديمي نانگ جنھن جا نالا شيطان ۽ ابليس آھن، تنھن کي پڪڙي ھزار سالن لاءِ ٻڌي ڇڏيو. 3ھُن کيس انھيءَ اوڙاھہ ۾ اڇلائي اُتي بند ڪري ڇڏيو ۽ مٿس مُھر ھڻي ڇڏيائين، تہ جيئن ھزار سالن جي پوري ٿيڻ تائين قومن کي وري گمراھہ نہ ڪري. انھيءَ کان پوءِ ضروري آھي تہ کيس ٿوري وقت لاءِ ڇوڙيو وڃي. 4 پوءِ مون تخت ڏٺا ۽ جيڪي انھن تي ويٺا ھئا، تن کي انصاف ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. مون انھن جي روحن کي بہ ڏٺو، جن جون سسيون عيسيٰ جي شاھدي ڏيڻ ۽ خدا جي ڪلام ٻڌائڻ جي ڪري لاٿيون ويون ھيون. ھنن نہ انھيءَ حيوان ۽ سندس بت جي پوڄا ڪئي ۽ نڪي ان جو نشان پنھنجي پيشانيءَ ۽ ھٿ تي ھڻايو. اھي وري جيئرا ٿيا ۽ مسيح سان گڏ ھزار سالن تائين بادشاھي ڪندا رھيا. 5جيستائين ھزار سال پورا نہ ٿيا، تيستائين ٻيا مُڙدا جيئرا نہ ٿيا. اھو پھريون جيئرو ٿي اٿڻ آھي. 6سڀاڳو ۽ پاڪ آھي اُھو، جيڪو انھيءَ پھرين جيئري ٿي اٿڻ ۾ شريڪ ٿو ٿئي. اھڙن ماڻھن تي ٻئي موت جو ڪوبہ اختيار نہ ٿو ھلي. اُھي خدا ۽ مسيح جا ڪاھن ٿيندا ۽ ساڻس گڏ ھزار سالن تائين بادشاھي ڪندا.

شيطان کي شڪست

7جڏھن ھزار سال پورا ٿيندا تہ شيطان کي قيد مان ڇڏايو ويندو. 8 ھو ٻاھر وڃي زمين جي چئني ڪنڊن جي قومن، يعني ياجوج ۽ ماجوج کي ٺڳيندو ۽ کين جنگ جي لاءِ گڏ ڪندو. انھن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جيترو آھي. 9ھو زمين جي مٿان چوڌاري پکڙجي ويندا ۽ خدا جي قوم جي لشڪرگاھہ ۽ پياري شھر کي وڪوڙي ويندا. پر آسمان مان باھہ نڪرندي ۽ انھن کي تباھہ ڪري ڇڏيندي. 10پوءِ شيطان جنھن کين گمراھہ ڪيو ھو، سو باھہ ۽ گندرف جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويندو، جتي اھي ٻيئي حيوان اڇلايا ويا ھئا. اُھي رات ڏينھن اُتي ھميشہ ھميشہ تائين عذاب پيا سھندا.

آخري عدالت

11 پوءِ مون ھڪڙو وڏو تجليدار تخت ۽ انھيءَ تي ويٺل کي ڏٺو. انھيءَ جي اڳيان زمين ۽ آسمان گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا. 12مون سڀني مئلن، ننڍن توڙي وڏن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو. ڪتاب کوليا ويا ۽ اُن سان گڏ ھڪ ٻيو ڪتاب، يعني زندگيءَ جو ڪتاب بہ کوليو ويو ۽ جھڙيءَ طرح انھن ڪتابن ۾ لکيل ھو، تھڙيءَ طرح انھن جي ڪمن مطابق مئلن جو انصاف ڪيو ويو. 13جيڪي بہ مُڙدا سمنڊ، موت ۽ عالم ارواح ۾ ھئا سي سڀ حاضر ڪيا ويا ۽ ھر ھڪ جو انصاف انھيءَ جي عملن مطابق ڪيو ويو. 14ان کان پوءِ موت ۽ عالم ارواح باھہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايا ويا. اھا باھہ جي ڍنڍ ٻيو موت آھي. 15جنھن جو بہ نالو زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ ڏٺو ويو، تنھن کي انھيءَ باھہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو.

مڪاشفو 21

نئون يروشلم

1 پوءِ مون ھڪڙو نئون آسمان ۽ ھڪڙي نئين زمين ڏٺي، ڇالاءِ⁠جو پھريون آسمان ۽ پھرين زمين ڪانہ رھي ۽ نہ وري ڪو سمنڊ ھو. 2 مون پاڪ شھر، يعني نئون يروشلم خدا وٽان آسمان مان ھيٺ لھندي ڏٺو. اھو انھيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو ھو، جيڪا پنھنجي گھوٽ لاءِ سينگاري ويندي آھي. 3 مون تخت مان ڪنھن جو وڏو آواز ٻڌو جنھن چيو تہ ”ڏس، خدا ماڻھن منجھہ رھندو، ھو انھن سان گڏ رھندو ۽ اھي سندس قوم ٿيندا. خدا پاڻ انھن سان گڏ رھندو ۽ سندن خدا ٿيندو. 4 ھو انھن جي اکين جا سڀ ڳوڙھا اُگھي ڇڏيندو. ان کان پوءِ نہ موت رھندو، نڪو ماتم، نڪو روئڻ ۽ نہ وري ڪو سور رھندو، ڇالاءِ⁠جو اڳيون حالتون گذري ويون آھن.“ 5جيڪو تخت تي ويٺو ھو، تنھن چيو تہ ”ڏس، آءٌ سڀني شين کي نئون ٿو ڪريان.“ ھن چيو تہ ”لک، ڇالاءِ⁠جو اھي ڳالھيون سچيون ۽ اعتبار جوڳيون آھن.“ 6 ھن مون کي چيو تہ ”اھي ڳالھيون پوريون ٿي چڪيون آھن. آءٌ اول ۽ آخر، ازلي ۽ ابدي آھيان. جيڪو اڃايل آھي تنھن کي آبِ⁠حيات جي چشمي مان مفت پياريندس. 7 جيڪو غالب پوندو سو ھنن شين جو حقدار ٿيندو. آءٌ انھيءَ جو خدا ٿيندس ۽ ھو منھنجو ٻار ٿيندو. 8پر جيڪي ڊڄڻا، بي⁠ايمان، ناپاڪ، قاتل، زناڪار، جادوگر، بت⁠پرست ۽ ڪوڙا آھن، تن سڀني جي جاءِ انھيءَ ڍنڍ ۾ ٿيندي، جيڪا باھہ ۽ گندرف سان پيئي ٻري. اھو ئي ٻيو موت آھي.“ 9پوءِ اُھي ست ملائڪ جن وٽ ست پيالا ھئا ۽ پوئين ستن آفتن سان ڀريل ھئا، تن مان ھڪڙي اچي مون سان ڳالھايو ۽ چيائين تہ ”ھيڏانھن اچ تہ آءٌ تو کي ڪنوار ڏيکاريان، يعني گھيٽي جي زال.“ 10 ھو مون کي رويا جي حالت ۾ ھڪڙي وڏي ۽ مٿاھين جبل تي وٺي ويو ۽ پاڪ شھر يروشلم خدا وٽان آسمان مان لھندو ڏيکاريائين. 11اُن ۾ خدا جو جلوو ھو ۽ تمام قيمتي ھيري جواھر وانگر چمڪي رھيو ھو، ڄڻ تہ زبرجد ۽ اھڙو صاف جھڙو بلور. 12 اُن جي ڀت وڏي ۽ مٿاھين ھئي، کيس ٻارھن دروازا ھئا، جن تي ٻارھن ملائڪ بيٺا ھئا. دروازن تي بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن جا نالا لکيل ھئا. 13ٽي دروازا اڀرندي ڏانھن ھئا، ٽي دروازا اتر ڏانھن، ٽي دروازا ڏکڻ ڏانھن ۽ ٽي دروازا الھندي ڏانھن ھئا. 14انھيءَ شھر جي ڀت جا ٻارھن بنياد ھئا، جن تي گھيٽي جي ٻارھن رسولن جا نالا لکيل ھئا. 15 جنھن ملائڪ مون سان ڳالھايو ٿي، تنھن وٽ ماپ ڪرڻ لاءِ ھڪڙي سوني لٺ ھئي، جنھن سان ھو شھر کي، اُن جي دروازن کي ۽ ڀت کي ماپي سگھي. 16اھو شھر چوڪنڊو ھو ۽ ان جي ڊيگھہ ۽ ويڪر ھڪ جيتري ھئي. ھُن انھيءَ لٺ سان شھر جي ماپ ڪئي تہ اھو ٻارھن ھزار فرلانگ ٿيو. اُن جي ڊيگھہ، ويڪر ۽ اوچائي ھڪ جيتري ھئي. 17ملائڪ شھر جي ڀت جي ماپ ڪئي تہ اُھا ھڪ ⁠سؤ چوئيتاليھہ ھٿ ٿي، اھا ماپ انساني ھٿ جي مطابق آھي. 18 شھر جي ڀت زبرجد جي ٺھيل ھئي ۽ شھر خالص سون جو ٺھيل ھو ۽ شيشي جھڙو صاف ۽ شفاف ھو. 19شھر جي ڀت جا بنياد ھر قسم جي ھيرن جواھرن سان سينگاريل ھئا. پھريون بنياد زبرجد جو ھو، ٻيو نيلم جو، ٽيون شب چراغ جو، چوٿون زمرد جو، 20پنجون عقيق جو، ڇھون لعل جو، ستون سونھري پٿر جو، اٺون فيروزي جو، نائون پکراج جو، ڏھون لاجورد جو، يارھون سنبلي پٿر جو ۽ ٻارھون ياقوت جو ھو. 21شھر جا ٻارھن ئي دروازا موتين جا ھئا ۽ ھر ھڪ دروازو ھڪ ھڪ موتيءَ جو ھو. شھر جي سڙڪ خالص سون جي ھئي ۽ شيشي جھڙي صاف ھئي. 22مون شھر ۾ ڪوبہ ھيڪل ڪونہ ڏٺو، ڇالاءِ⁠جو خداوند خدا قادرِمطلق ۽ گھيٽو ئي سندس ھيڪل آھي. 23 انھيءَ شھر کي روشنيءَ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ڪانہ ھئي، ڇالاءِ⁠جو خدا جو جلوو کيس روشن ٿو ڪري ۽ گھيٽو سندس چراغ آھي. 24 انھيءَ جي روشنيءَ ۾ قومون گھمنديون ڦرنديون ۽ دنيا جا بادشاھہ منجھس پنھنجو شان وَ شوڪت آڻيندا. 25 شھر جا دروازا ڏينھن جو ڪڏھن بہ بند نہ ٿيندا ۽ رات تہ اُتي ٿيندي ئي ڪانہ. 26ماڻھو انھيءَ ۾ قومن جو شان وَ شوڪت ۽ عزت آڻيندا. 27 پر انھيءَ شھر ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جھڙو ڪم ڪندڙ ھرگز داخل ٿي نہ سگھندو ۽ رڳو اھي داخل ٿيندا، جن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آھن، جيڪو گھيٽي جو آھي.

مڪاشفو 22

آبِ⁠حيات

1 پوءِ انھيءَ ملائڪ مون کي آبِ⁠حيات جو ھڪڙو درياءُ ڏيکاريو، جيڪو بلور وانگر پئي چمڪيو ۽ خدا ۽ گھيٽي جي تخت مان نڪري، 2 انھيءَ شھر جي سڙڪ جي وچ مان وھي رھيو ھو. درياءَ جي ٻنھي ڪنارن تي زندگيءَ جو وڻ ھو، جنھن سال ۾ ٻارھن قسمن جا ميوا ٿي ڏنا ۽ ھر مھيني منجھس نوان ميوا ٿي لڳا. انھيءَ وڻ جي پنن مان قومن کي شفا ٿي ملي. 3 اڳتي وري ڪابہ لعنت ڪانہ ھوندي. انھيءَ شھر ۾ خدا ۽ گھيٽي جو تخت ھوندو ۽ سندس ٻانھا ھن جي عبادت ڪندا. 4اُھي ھن جو منھن ڏسندا ۽ سندس نالو ھنن جي پيشانيءَ تي لکيل ھوندو. 5 اڳتي وري ڪڏھن بہ رات نہ ٿيندي ۽ نہ وري انھن کي ڏيئي يا سج جي روشنائيءَ جي ضرورت پوندي، ڇالاءِ⁠جو خداوند خدا انھن کي روشنائي ڏيندو ۽ اھي ھميشہ ھميشہ تائين بادشاھي ڪندا.

خداوند عيسيٰ جو ٻيھر اچڻ

6پوءِ انھيءَ ملائڪ مون کي چيو تہ ”ھي ڳالھيون اعتبار جوڳيون ۽ سچيون آھن.“ خداوند، نبين جي روحن جي خدا، پنھنجو ملائڪ انھيءَ لاءِ موڪليو تہ پنھنجي ٻانھن کي اھي ڳالھيون ڏيکاري جن جو جلد ٿيڻ ضروري آھي. 7جيئن عيسيٰ چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آھيان.“ سڀاڳو آھي اھو جيڪو ھن ڪتاب جي پيشنگوئين کي مڃي ٿو. 8آءٌ يوحنا، اھو آھيان جنھن اھي ڳالھيون ٻڌيون ۽ ڏٺيون. سو جڏھن مون ٻڌو ۽ ڏٺو تڏھن انھيءَ ملائڪ جي پيرن تي ڪري سجدو ڪرڻ لڳس، جنھن مون کي اھي ڳالھيون ڏيکاريون. 9پر ھن چيو تہ ”ڏس، متان ائين ڪرين. آءٌ تو سان، ٻين نبين سان ۽ ھن ڪتاب جي ڳالھين تي عمل ڪرڻ وارن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آھيان. رڳو خدا کي سجدو ڪر.“ 10پوءِ ھن مون کي چيو تہ ”ھن ڪتاب جي پيشنگوئين جي ڳالھين کي راز ۾ نہ رک، ڇالاءِ⁠جو وقت ويجھو آھي. 11 جيڪو برائي ڪري ٿو سو ڀلي برائي پيو ڪري، جيڪو ناپاڪ آھي سو ڀلي ناپاڪ پيو رھي، جيڪو نيڪ آھي سو ڀلي نيڪي پيو ڪري ۽ جيڪو پاڪ آھي سو ڀلي پاڪ ٿيندو رھي.“ 12 جيئن عيسيٰ چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آھيان ۽ منھنجو اجر مون سان ساڻ آھي، تہ جيئن ھر ڪنھن کي سندس ڪم مطابق بدلو ڏيان. 13 اول ۽ آخر، پھريون ۽ پويون ۽ ازلي ۽ ابدي آءٌ آھيان.“ 14 سڀاڳا آھن اُھي جيڪي پنھنجا پھراڻ ڌوئي صاف ٿا ڪن. اُھي زندگيءَ جي وڻ جي ميوي جا حقدار ھوندا ۽ انھيءَ شھر جي دروازن مان داخل ٿيندا. 15پر ڪتا، جادوگر، زناڪار، قاتل، بت⁠پرست، ڪوڙ کي پسند ڪندڙ ۽ ڪوڙ ڳالھائيندڙ شھر کان ٻاھر ھوندا. 16 عيسيٰ چيو تہ ”مون عيسيٰ، پنھنجو ملائڪ انھيءَ لاءِ موڪليو آھي تہ ڪليسيائن کي انھن ڳالھين جي شاھدي ڏئي. آءٌ دائود جي نسل ۽ خاندان مان آھيان ۽ صبح جو چمڪندڙ تارو آھيان.“ 17 پاڪ روح ۽ ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ ”اچ“ ۽ ھر ٻڌڻ وارو بہ ڀلي چوي تہ ”اچ.“ جيڪو اڃايل آھي سو ڀلي اچي ۽ جنھن جي مرضي ھجي سو آبِ⁠حيات مفت پيئي. 18 آءٌ يوحنا، ھر ڪنھن کي جيڪو ھن ڪتاب جون پيشنگوئيون ٻڌي ٿو، آگاھہ ٿو ڪريان تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو ھنن ۾ ڪو واڌارو ڪندو تہ خدا ھن ڪتاب ۾ لکيل آفتون مٿس آڻيندو. 19جيڪڏھن ڪو ھن ڪتاب جي پيشنگوئين مان ڪي ڳالھيون گھٽائيندو تہ خدا زندگيءَ جي وڻ ۽ پاڪ شھر مان، جن جو ذڪر ھن ڪتاب ۾ ڪيل آھي، انھيءَ شخص جو حصو ڪڍي ڇڏيندو. 20جيڪو ھنن ڳالھين جي شاھدي ٿو ڏئي، سو چوي ٿو تہ ”بيشڪ آءٌ جلد اچڻ وارو آھيان.“ آمين. اي خداوند عيسيٰ! اچ. 21شل خداوند عيسيٰ جو فضل سڀني تي ٿيندو رھي. آمين.